۽ مکڙي مرجهائجي
وئي
شيخ حفيظ
ها! فرزانا مري وئي هئي.... هن جي
ڀاڻيجي مري وئي هئي. سڄو ڏينهن اسڪول ۾ ٻارن سان
مٿا ڪٽ، ڪري هو منجهند جو گهر وريو هو، ته ڪتاب
کڻي ٻئي ڏينهن لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون
هئائين. ٻانگي سانِجهي جي نماز لاءِ ٻانگ ڏني، ته
هن ويچاريو ته جهٽ پلڪ وڌيڪ ڪم ڪري، هو سمهي
رهندو. اڳين رات به، هو گهڻيءَ دير تائين جاڳيو
هو ۽ ائين ڪندي ماڻهوءَ اچي کيس ٻڌايو ته سندس
ڀيڻ جي جهولي خالي ٿي پئي آهي. هو اٿيو، ۽ پنهنجي
ڀيڻ جي گهر وڃي ماتم ۾ شريڪ ٿي ويو. پاڻ وهيڻي
مشين جيان، هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو. هُن جي شُري تي نه
ڏک، نه خوشي رنج نه مُسرت
–
هڪ پٿر جي مورتيءَ جيان هو اچي ٻين سئون ويهي
رهيو. ننڊ سندس اکين ۾ ڀري پئي هئي، ۽ هن کي ائين
پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن ازلي ننڊ مان ڪنهن ڀوت يا
ڪنهن ڀٽڪيل روح کيس ور ور ڪري ڌونڌاڙي اٿاري ٿي
ڇڏيو. اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ جي انهيءَ ڪيفيت ۾، هن جي
دماغ ۾ عجيب خيال اسرندا رهيا ۽ هو سوچيندو رهيو.
هن کي ياد آيو- فرزانا جڏهن پيدا
ٿي هئي، ته هن پنهنجي ڀيڻ کي مبارڪون ڪين ڏنيون
هيون. الٽو کيس چيو هئائين، ”هي ڇا ڪيئي“ ادي!“ ۽
هن جي ڀيڻ کلندي وراڻيو هو، ”اهو ته زندگيءَ جو
مرڪ آهي“ ۽ پوءِ هن هڪ ڦڪي مرڪ مرڪي چيو هو. ”ادي!
گل کنڊائڻ ته بيشڪ باغبانن جو ڪم آهي، پر انهيءَ
جو ڪهڙو علاج ڪجي، جو گلستان ۾ سرءُ جون چوماسي
هوائون ويل وهايو ويٺيون آهن!“ هن جي ڀيڻ ڪجهه به
ڪين سمجهيو. هن کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن چيو ”جک
ماريا اٿيئي“. پر ڀيڻس اڃا به مرڪندي رهي ۽ پنهنجي
لاڏلي سڪيلڌي پهريتيءَ فرزانا کي لوڏيندي رهي. هن
هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو. انهيءَ
ڳالهه کي گهڻا ڏينهن گذري ويا هئا، ۽ اڄ فرزانا جي
مرڻ تي هن کي اها ياد اچي وئي هئي.
هن جي خيالن جو سلسلو اتان ٿڙي،
وڃي ان ڏينهن جي نظاري سان اٽڪيو، جنهن ڏينهن
ننڍڙي فرزانا کي ڊاڪٽر ”لاعلاج“ چئي موٽائي
موڪليو هو ۽ سندس ڀيڻ جي گهر ۾ سانت ديرو ڄمائي
ويٺي هئي. انهيءَ ڏينهن به هو سڄي رات ڪم ڪندو
رهيو هو ۽ صبح جو جڏهن هو اسڪول وڃڻ لاءِ سنڀري
رهيو هو ته کيس ڀيڻس سڏرايو هو ۽ اتي وڃي هن ڏٺو
هو ته ننڍڙي فرزانا پوين پساهن ۾ پئي هئي. پاسي ۾
سندس ڀيڻ ويٺي هئي. ڀيڻس هڪ دفعو اکيون کڻي هن
ڏانهن نهاريو ۽ وري پنهنجي ڌيءَ ڏانهن نهارڻ لڳي
وئي. انهيءَ هڪڙي نگاهه مان هن ائين محسوس ڪيو، ڄڻ
هن جي ڀيڻ دفتر داستانن جا ٻڌائي ڪڍيا هئا. هن
محسوس ڪيو ته هن جي ڀيڻ چئي رهي آهي: ”ڏس! منهنجي
ننڍڙي معصوم ڌيءَ پوين پساهن ۾ پئي آهي. تنهنجي
لاپرواهيءَ ڪري هن جي اها حالت ٿي آهي. ڪهڙو نه
چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن تون انهيءَ کٽل کاتي ۾ هٿ نه
وجهي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڳنڍيو اچين ها: پوءِ هوند
توکي ايتري فرصت هجي ها، جو تون معصوم جي علاج
لاءِ به ڪجهه وقت ڪڍي سگهين ٿا
–
شايد هفتو موڪل وٺي، باقاعدي هن جو علاج ڪرائي
وٺين ها.“!
هن سوچيو–
هن جي ڀيڻ ائين ئي سوچيندي هوندي: ويچاريءَ کي
سرڪاري نوڪريءَ ۽ سندس موجوده ڪرت جي فرق جي ڄاڻ
ڪو نه آهي! کيس اها ڄاڻ آهي ته لک پابنديون هوندي
به، هو جنهن اسڪول ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، تنهن ۾ هو
روزانو ڪوڙئين ٻارن جي ذهني تربيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو آهي. ويچاري ڀيڻس کي ڪهڙي خبر ته جيڪڏهن هو
۽ هن جهڙا ٻيا سر ڦريا، پنهنجي رت ست جي قرباني
ڏئي، اسڪولن ۾ هٿ نه اٽڪائن ته ڪائنات تي انڌوڪار
ڇائنجي وڃي
–
هزار هٽلر ۽ مسوليني پيدا ٿي وڃن ۽ ڌرتيءَ کي دوزخ
بڻائي ڇڏين. هن کي پنهنجي ڀيڻ جي سادگيءَ تي رحم
اچي ويو، ۽ سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو.
سامهون سندس ڀيڻويو ويٺو هو. هن
پنهنجي ڀيڻويي جي اداس چهري ڏانهن نظر ڪئي. هن کي
ياد آيو ته هن پنهنجي ڀيڻويي سان به ٻارن پيدا ڪرڻ
جي مسئلي تي بحث ڪيو هو. ايترو ڇو، هن ته پنهنجي
ڀيڻويي سان دنيا جي انيڪ مسئلن تي بحث ڪيو هو.
ڪائنات ۽ ڪائنات کان ٻاهر وارين شين کي به ته ڪين
ڇڏيو هئائين، ۽ نتيجو.......! هن جي خيالن جو
سلسلو ٿوريءَ دير لاءِ اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويو،
نتيجو ڪجهه به ته نه نڪتو هو. ٻه
–
چار دفعا انهيءَ اصولي بحث تي هن جو ڀيڻويو هن سان
وڙهي چڪو هو، ۽ وري ڪجهه وقت کانپوءِ ساڳيا لاٽون
چگهه - ۽ پوءِ فرزانا جي پيدا ٿيڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو
هو. سندس ڀيڻ به خوش ٿي هئي ۽ هن کي ياد آيو ته هن
جي ڀيڻ هڪ ڏينهن چيو هو: ”هاڻي آءٌ به پنهنجي
ساهرن وٽ ڳاٽ کڻي سگهنديس. هو روز روز، منهنجي مڙس
کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح پيا ڏيندا هئا.“ هن سوچيو
شايد هن جي ڀيڻويي کي به اهڙي ئي قسم جو خيال دماغ
۾ هوندو - ۽ پوءِ فرزانا پيدا ٿي ته يارهن مهينن
جي اندر اندر، هن پنهنجي پيءُ کان سلهه جا ڪجهه
جيوڙا اُڌارا ورتا
–
کيس به سلهه ٿي پئي ۽ ڏينهن ٻن ۾ اهو بخار فرزانا
جي دماغ تي چڙهي ويو ۽ کيس سرسام ٿي پيو. ڪراچيءَ
جي بهترين اسپتال ۾ فرزانا کي داخل ڪيو ويو، پر
پنجن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جواب ڏئي، اڌ مئل فرزانا کي
گهر موٽائي موڪليو.
ها، فرزانا جو سرد جسم هن جي آڏو
پيو هو ۽ تنهنجي پاسي ۾ گلن جي اها چادر پيل هئي،
جيڪا ڪريا ڪرم ڪرڻ وارن، فرزانا جي قبر تي وجهڻ
لاءِ آندي هئي. گل اڌو گابرا مرجهايل هئا - ۽ هن
ويچاريو: فرزانا به هڪ گل هئي، پر مرجهائجي وئي
–
شايد، موسم کان اڳ سندس ماحول ۾، گل ٽڙڻ کان اڳ
ئي مرجهائجي ٿا وڃن. هن جي خيالن جو سلسلو گلن
تان، گلستانن تان ٿيندو، انهن جا راڳ آلاپيندڙ
شاعرن جي گيتن ۾ وڃي اٽڪيو ۽ هڪڙو گيت هن جي ذهن
تي تري آيو:
”گل ٽڙڻ ٿا چنڊ ٿو چهڪي،
ڇا سندءِ بات بات آ پيارا!“
هن سوچي
–
هي شاعر ڪهڙو نه مورک آهي، هن گلن جي ٽڙڻ کنڊرڻ جي
رخ کي ئي ڏٺو آهي، تصوير جو ٻيو رخ هن کان بلڪل ئي
لڪل رهيو آهي. گل ٽڙن ٿا...... ها ها ...... گل
ٽڙن ٿا، پر مرجهائجي ٿا وڃن
–
مفت، بيڪار، اجايو! ۽ هن شاعر کي انهيءَ جو احساس
ئي ڪين آهي.
هن سوچيو
–
هي جهان به ته هڪ گلستان آهي.... ۽ گل؟ ..... ها،
هن کي ياد آيو، دوستن سان بحث ڪندي، هن هڪ لڱا
چيو هو ته ”جهان جا فنڪار، اديب ۽ شاعر هن گلستان
۾ اهڙا گل آهن، جن ۾ سڳن به آهي ۽ سونهن به“ هن
جي نظر وري وڃي فرزانا جي سرد پيلي چهري تي پيئي
۽ هن سوچيو ته هي سڀ شاعر به ته فرزانا جيان موت
جي گود ۾ پئجي رهندا. ”هي محبت جا گيت“، هن سوچيو،
”پوءِ به جڙندا هلندا، جڳ ڳائيندو هلندو، چريا
چاهه ڪندا رهندا
–
چند ڏينهن لاءِ ۽ وري موت جو سرد هٿ.....“
هو موت ۽ حيات جي انهيءَ ويهچار
وگيان ۾ کوئجي ويو. اڪيچار ويچار هن جي ذهن ۾
اسرندا رهيا. جيڪڏهن ڪائنات ۾ وڌيڪ گل اسرڻ ئي بند
ٿي وڃن ته سنسار جي سونهن جو ڇا ٿيندو؟، هن سوچيو.
”جڳ ۾ جوت قائم رکڻ لاءِ ڪي ڏيئا ته جرڪندا ئي
رهندا...... پر،“ هن کي خيال آيو: گهٽ ۾ گهٽ ڏيئن
لاءِ ماحول ته اهڙو هجي، جتي هو طوفانن جي لپيٽ ۾
اچي نه سگهن- جتي انهن جي اجهامڻ کي ازلي قانون به
سمجهي سگهجي.“ ۽ ڏيئن، شمعن، شاعرن تان ٽپندو، هن
جي خيالن جو سلسلو وري وڃي گلستانن ۽ گلن تي بيٺو.
هن سوچيو - ڇا اهڙو ماحول پيدا نه ٿو ڪري سگهجي،
جتي کڻي ڪيتري به ٿوري تعداد ۾ گل پوکجن، جو موسم
جي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ۽ بهار ماڻڻ کان اڳ
نه ڪومائجي سگهن؟ اهو سوال هن جي دماغ ۾ ڪيتري دير
وڄندو رهيو ۽ هن جي دل چيو: ”جيڪر جڳ کي جاڳ ڏئي،
انهيءَ سوال جو جواب پڇي ڪڍي.“ هن کي خيال آيو
–
جهنگ ۽ گلستانن ۾، انيڪ گل ٽڙن ٿا، ڪنهن کي ڪل به
ڪا نه پوي ۽ هو مرجهائجو وڃن. ”شايد“ هن سوچيو،
”انسان اڃا تائين اوجهڙ ۾ اٽڪيو پيو آهي ۽ گلستانن
لاءِ زرخيز زمين هموار نه ٿي سگهيو آهي. ڪيستائين
ائين بيراهه زندگي هلندي رهندي؟ ڪيسين گل ٽڙڻ کان
اڳ مرجهائجي ويندا؟
هن جي خيال جو سلسلو وري پنهنجي
وطن جي شاعرن جي گيتن ڏانهن لڙي ويو. هن جي خشڪ
چپن تي هڪ ڪڙي مُرڪ تري آئي، ۽ هن جي دل چيو ته
جيڪر سڀني شاعرن کي گڏ ڪري چوي، ”ڳايو ڳايو، ”گل
ٽڙن ٿا، چنڊ ٿو چهڪي“
–
ها، چنڊ ٿو چهڪي، گل ٽڙن ٿا!“ ۽ پوءِ هن جي دل
چيو ته جيڪر جهنگ مان وڃي، سڀ ڇڻيل گل پن، جيڪي پٽ
تي پئي، سڙي ڀاڻ ٿي ويا آهن، ميڙي انهن شاعرن جي
مٿان وسڪارا ڪري اڇلي، ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي
چوي: ڳايو! گل ٽڙن ٿا..... گل ٽڙن ٿا....“
گهر جي ٻاهران، جماعت خاني جي
مردا ڍوئيندڙ بس اچي بيٺي هئي. ڊرائيور اسويئڙو
ڪري تنگ ٿي پيو هو ۽ ٻه
–
چار دفعا موٽر جو هارن وڄائي ڪڍيو هئائين - ۽
هارن جي ”پون پون“ جي آواز تي هن جي ذهن ۾ پنهنجي
ڳوٺ وارو موٽر اسٽان تري آيو هو، جتي ڊرائيور گهڙي
گهڙيءَ، هارن وڄائي هوڪو ڏيندا آهن: ”اي هل! هڪڙو
”ڪوٽ“ جو .... آهي ڪو..... هڪڙو (ڪوٽ“ جو
–
پون ..... پون ..... پپئون پون ..... هڪڙو ”ڪوٽ“
جو ......“ ۽ هن سوچيو
–
شايد، جماعت خاني جي مردا ڍوئيندڙ بس جو ڊرائيور
به جهٽ پلڪ کان پوءِ اهڙو هوڪو ڏيندو ۽ چوندو: ”اي
هل! هڪڙو قبرستان جو ...... تڪڙو .... آهي ڪو ....
هڪڙو قبرستان جو ...... پون...... پون. .........
پپئون پون ..... هڪڙو قبرستان جو!“
هن انهيءَ جماعت خاني جي تنظيم
بابت ويچارڻ شروع ڪري ڏنو
–
جماعت خانو، جنهن وٽ هڪ بس آهي. جيڪا قبرستان
ڏانهن مري ويل ماڻهن جا لاش پهچائيندي آهي، شايد
انهيءَ جماعت خاني وٽ شادين مُرادين جو سامان به
هوندو. شادي ڪيو، ٻار پيدا ڪيو، ۽ پوءِ يا پاڻ مري
وڃو، يا توهان جا ٻار مري وڃن. بس، جماعت خانو
هلندو رهي. شادي ڪيو، جماعت خاني کان شاميانا
گهرايو، باسڻ ۽ ڪرسيون گهرايو، ٻار ڄڻيو، ۽
دعوتون ملهايو، ۽ پوءِ
–
”پون، پون، پپئون پون - اي هل! هڪڙو قبرستان جو!“
”زندگي جو سمورو مقصد شايد انهي
”جماعت خاني“ کي هلائڻ ئي آهي“، هُن سوچيو ۽ هن
جي ڪن تي سامهون واري گهر ۾ وڄندڙ رڪارڊن جو آواز
اچي پيو. شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون. نون
گُلن
–
کنڊائڻ جو اُدم ٿي رهيو هو ۽ پوءِ......
هن جي نظر ڀٽڪي، وري وڃي فرزانا
جي پيلي ٿيل چهري تي پئي. هن سوچيو: هيءَ فرزانا
آهي
–
انهيءَ نالي جو مقصد؟ ۽ هن کي ياد اچي ويو ته
فرزانا لفظ جي معنيٰ ”هوش وارو، عقل وارو، سياڻو“
آهي. ۽ هن سوچيو ته معصوم ننڍڙي فرزانا جو موت،
ديس جي فرزانائن جي ذهن لاءِ هڪ چرڪو هئڻ گهرجي.
هُن چاهيو ته س جيڪر وڏي واڪي پنهنجي ديس جي
فرزانائن کي سڏي چوي، ”اڙي مستو، خيال ڪيو، موت
اوهان جي ماحول ۾ بي واڳو، بي لغامو پيو گهمي، ۽
خزان جون تيز هوائون گلن جي تاڙ ۾ آهن. اچو ته هن
ماحول کي مَٽي رکون، نه ته هي چمن گلن کان خالي ٿي
ويندو
–
حيوان جڳ تي ڇانئجي ويندو!“ ۽ پوءِ هن کي خيال آيو
ته هن کي ائين نه چوڻ گهرجي. هن کي ائين نه چوڻ
گهرجي، ڇو ته ائين چوڻ سان قبرستان ڏانهن مردا
ڍوئيندڙ ”جماعت خاني“ جي نظام ۾ خلل پئجي ويندو.
انهيءَ بس جي انجڻ تي ڪٽ چڙهي ويندو، ۽ پوءِ جماعت
خاني جا باني ٻيو نه ته هن کي ئي گهوگهو ڏيئي،
قبرستان کڻي ويندا، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي هيراڪن
واري هير ئي پوري ڪندا.
هن سوچيو
–
ڪاش! هي جماعت خاني وارا کيس تڏهن گهوگهو ڏين،
جڏهن هو فرزانائن کي سجاڳ ڪري چڪو هجي! پر هن جي
ذهن ۾ خيال اسري يقين ۾ بدلجي ويو،“ ۽ هن سمجهيو
ته جماعت خاني وارا ائين ڪين ٿيڻ ڏيندا، ۽
فرزانائون سجاڳ ٿين ئي ٿين، تنهن کان اڳ کيس
گهوگهو ڏنو ويندو ۽ ائين محسوس ڪيو، ڄڻ سچ پچ
جماعت خاني جي بانين جا هٿ، هن جي گلي جي چوڌاري
پيل آهن، ۽ هوريان هوريان ڀيڪٽ سوڙو پيو ٿيندو
وڃي. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو، ۽ اکيون ٻوٽجي
ويون........ شايد ننڊ اچي وئي هيس!
(مهراڻ: 2
–
1956ع)
|