سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :27  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

بتي اُجهامي ويئي.....

هريڪانت

 

                ”هل، جوان!“

                ٽانگي واري، پنهنجي ٿڪل گهوڙي جي پٺي ٺپيندي، لغام ڇڪيو، اشارو پائيندي ئي سمجهو جانور منزل ڏانهن رخ رکيو. رات جي آخرين گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، ڏهه اچي وڳا هئا. جيوڻ کي ڪا سواري ڪين ملي هئي، ۽ هو نراش دل کڻي گهر موٽي رهيو هو. سڄي ڏينهن جي هڻ هڻ بعد ويچارو سوا رپيو مس ڪمائي سگهيو هو. ان سوا رپئي مان ئي هن کي پنهنجي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين ۽ گگدام جانور جو پيٽ ڀرڻو هو.

                صبح کان سانجهيءَ تائين، جيوڻ شهر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڀٽڪي سواريءَ لاءِ ٻاڏائيندو هو، ليڪن مشڪل سان ئي کيس ڪا سواري نصيب ٿيندي هئي. آخر ڇو؟ ڪارڻ سوچيندي ئي، جيوڻ حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجي پراڻي ٽانگي ڏانهن نهاريندو هو. ڦاٽل ميرا، گديلا، ڏٻرو ڪمزور گهوڙو ۽ ڍلي بي ڍنگي رفتار ئي شايد ڪم نصيبيءَ جو ڪارڻ هئا. هن ڪيترائي دفعا پنهنجي ٽانگي جي مرمت ڪرائڻ جو ويچار ڪيو هو، ليڪن اهو ويچار، صرف ويچار ئي پئي رهيو.

                شهر جون اوچيون اوچيون عمارتون، ڳتيل بازارون ۽ ٻهڪندڙ سڙڪون پار ڪري، جيوڻ بستيءَ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي ڏي لغام ڦيرايو. ٿڪ گگدام ڪيترو نه سمجهو هو، شايد هن ڀليءَ ريت ڄاتو ٿي ته سندس غريب مالڪ کي گذريل رات کان روٽي نصيب ڪين ٿي هئي. پنهنجي رحمدل مالڪ جي پيٽ ۾ جلندڙ بک جي آگ اجهائڻ لاءِ نهايت تيز رفتار سان ڊوڙي، هو کيس منزل تي پهچائڻ جو پتن ڪري رهيو هو.

                اوچتو، ٽانگي ۾ لڳل ننڍڙي بتي ڦڙڦڙائڻ لڳي. جيوڻ ڇرڪ ڀري وسامندڙ بتيءَ ڏانهن نهاريو. الائي ڇو، سندس دل ڌڙڪي اٿي. جوت جي ٽمٽائڻ ۾ کيس ڪنهن مصيبت جا آثار نظر آيا ڏسندي ڏسندي، هوا جي  هڪ تيز جهونڪي سان بتي اجهامي ويئي، ۽ ..... ۽ پوليس جي ڊيڄاريندڙ سيٽيءَ جو هڪ سڃاتل آواز ٻڌي، جيوڻ جار وار کڙا ٿي ويا، سندس ڏڪندڙ هٿ الائي ڇو وَر ۾ ٻڌل سَوا روپئي ڏانهن کڄي ويا.  هن جون سنهڙيون ۽ ڪمزور آڱريون پتل ۽ ٽامي جي انهن ٿڇ سڪن کي ائين چهٽي پيئون، گويا اهي سڪا هميشه هميشه لاءِ کانئس کسجي رهيا هئا. ڊپ ڀريل نگاهن سان هن پٺيان نهاريو. فانوس جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ بٽڻن واري  رعبدار وردي پهريل هڪ سپاهي، لنبا قدم کڻندو، ڏانهس وڌي رهيو هو. سندس پير ۾پيل لنبي مضبوط بوٽ جي ٺڪ ٺڪ جيوڻ جي ڪمزور دل ۾ خوف جو پڙاڏو ٿي گونجايو.  هن جي هٿن مان لغام ازخود ڍرو ٿي ويو، ۽ سڙڪ جي هڪ ڪناري ٽانگو بيهي رهيو.

                ”سلام، سرڪار!“ سپاهيءَ جي ويجهو ايندي ئي، جيوڻ نماڻائيءَ سان خوشامد ڪئي: ”ڪيڏانهن هلندا، سرڪار؟“

                ”ڪيڏانهن هلندس؟ بي ايمان پڇين ٿو ڪيڏانهن هلندس!..... ٿاڻي تي هلڻو آهي، ٿاڻي تي! بتي ڇو نه ٻاري اٿيئي؟“ سپاهيءَ رعب ڄمائيندي چيو.

                ”بتي......“ جيوڻ نراش نگاهن سان بتيءَ ڏانهن ڏٺو. ”اجهامي ويئي، سرڪار..... بتي اجهامي ويئي.....“

                ”ڇو......؟“ سپاهي زمين جي لت  هڻندي، زور سان ڪڙڪو ڪيو.

                ”ڇو؟“ جيوڻ جي خالي دماغ ۾ زور زور سان گونجي اٿيو: ”ڇو...... ڇو. ........ ڇو......؟“ کن پڪ جي خاموشيءَ بعد، هن ڳنڀير آواز ۾ جواب ڏنو: ”تيل کپي ويو، حضور .... بتيءَ جو تيل کپي ويو .....!“

                ”تيل کپي ويو؟“ جمعدار گرم ٿيندي چيو: ”اهو به ڪو جواب آهي، بيوقوف! بتيءَ جو خيال ڇو نٿا رکو؟“

                جيوڻ جي هرديه آڪاش ۾ جذبات  جو هڪ طوفان مچلجي اٿيو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي به ڏڪندي چئي ويٺو:

                ”- زندگيءَ جي جوت قائم رکڻ ڪاڻ...... اسان کي پنهنجو خون پسينو جلائڻو ٿو پوي، سرڪار! اسان جي قسمت جي ديپ ئي ڦڙ ڦڙائي رهيو آهي. ٽانگي جي بتيءَ جو ڪيترو خيال رکون، سرڪار!“

                سپاهي خاموش رهيو.

                جيوڻ، آلين اکين سان ڏانهس نهاريندي، التجا ڀري نوع ۾ چيو: ”منهنجا معصوم ٻچا بک کان ٻاڏائي رهيا هوندا، سرڪار! ڪالهه رات کان کين روٽي ڪين ملي آهي. منهنجو ننڍڙو رامو.... کير چڪيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيو هوندو، سرڪار.... مون تي رحم ڪريو!“

                ٻڌڙي جيوڻ جي ڀريل گلي مان غربت ۽ غريبيءَ جو دل ڀڄايندڙ داستان سُڻي، سپاهيءَ  جي دل ويچار ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳي. جيوڻ جي مجبوريءَ ۾ کيس پنهنجي غريبيءَ جي ڌنڌلي تصوير نر آئي. سندس ڪٺو ر دل به هڪوار ڀڄي پيئي. آخر هو به ته غريب هو! ستر رپين ماهوار منجهان کيس به ڇهن ڀاتين جو پيٽ پالڻو پوندو هو.  پنهنجن معصوم ڪمزور ٻارن کي اڻپورو کاڌو ملندو ڏسي، سندس دل سسڪيون ڀريندي هئي. پنهنجي ننڍڙي ڌيءُ اما جي گل جهڙي مکڙي کي خزان جي ڦول جيان ڏينهون ڏينهن زرد ٿيندو ڏسي، هن جي دل کي هڪ گهري چوٽ رسندي هئي.  اڄ صح کان اما کي سخت بخار هو، ليڪن غريبيءَ ۽ مجبوريءَ جي ڪٺور زنجيرن ۾ جڪڙيل بهاري سندس علاج ڪرائڻ کان عاجز هو. ”اف، زندگي ڪيتري نه ڀاري آهي هڪ غريبجي زندگي!“ اهي ئي ڳڻتيون ڪندو، بهاري، سڄي ڏينهن جي ٿڪيندڙ ڊيوٽيءَ بعد، هٿين خالي ۽ غم ڀريل دل کڻي، گهر موٽي رهيو هو. اوچتو رستي ۾ هن ڏٺو، جيوڻ جي ٽانگي جي بتي اجهامي ويئي. جيوڻ جي بتي وسامي وڃڻ تي هن جي دماغ ۾ آشا جي هڪ ڌنڌلي تصوير چمڪي اٿي. بنا بتيءَ ٽانگي هلائڻ جي ڏوهه جو هن پورو پورو فائدو وٺڻ ٿي چاهيو. هن کي پنهنجي ڌيءُ جي علاج لاءِ پئسا گهربا هئا ڪهڙيءَ به ريت، ڪهڙي به طريقي، پئسن جو ڌيان ايندي ئي، هو گويا گهريءَ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. پاڻ سنڀاليندي ۽ پيشانيءَ جو پگهر اگهندي، هو چلائي اٿيو:

                ”اوهان ماڻهن جو دماغ اصل ٺڪاڻي ڪين آهي: بنا بتيءَ ٽانگو هلائي، قانون جو النگهن ڪرڻ جا اصل عادتي ٿي پيا آهيو!....“

                ”حضور“ ..... جيوڻ ٻاڏايو

                ”آءُ تو کي اصل ڪين ڇڏيندس. اجهو ٿو ٿاڻي تي رجوع ڪري، ڏهه رپيا ڏنڊ ڀرايانءِ، بي ايمان!ٰ هل هل ٿاڻي تي......!“

                ڏنڊ جو نالو ٻڌندي ئي، جيوڻ جي جان ڏڪي اٿي. پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي کڻي بهاريءَ جي پيرن تي رکيائين، ۽ ڏڪندي چيائين: ”سرڪار، آءٌ بيحد مسڪين آهيان، سرڪار! مون کي معاف ڪريو.....“

                بهاريءَ جي دل ٻڏڻ لڳي. ٻڍڙي تي سچ ته کيس رحم ڪهل اچي رهي هئي، ليڪن هن کي به ته پنهنجيءَ ڌيءُ جي علاج لاءِ پئسا کپندا هئا، ۽ اهي پئسا هو سختي ۽ رعب ڄمائي جيوڻ مان ئي حاصل ڪري سگهيو ٿي. جيوڻ جي ڳالهين مان خفي ٿيندي، بيزاريءَ مان چيائين: ”آءٌ اها بڪواس ٻڌڻ تي هريل ڪين آهيان. چيم مون کي صرف تنهنجي ڏوهه سان مطلب آهي. اوهان ماڻهو بلڪل بي پرواهه آهيو. قاعدي قانون جي پرواهه ئي نه ٿا ڪريو! اڄ ته تو کي ضرور چالان ڪرائيندس.“

                جيوڻ کيس ليلايو، ٻاڏايو..... ليڪن بهاريءَ جي دل ڌيءُ جي موهه ۾ جڪڙجي ڪٺور بڻجي چڪي هئي. لاچار، ڏڪندڙ هٿن سان جيوڻ ور ۾ ٻڌل پئسا ڪڍيا. آنسن ڀريل نگاهن سان هڪوار انهن پئسن ڏانهن ڏسندي، هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ سپاهيءَ ڏانهن وڌايو، ۽ ڀريل گلي سان چيو : ”سڄي ڏينهن جي ڪمائي.....“!

                سپاهي ٿورو هٻڪيو. هڪوار جيوڻ جي آنسن ڀريل اکڙين ڏانهن ڏٺائين، ۽ پوءِ هڪدم دل ڏاڍي ڪري، آسپاس نظر ورائي، پئسن کڻي ورتائين، ۽ آخرين دفعو رعب ڏيکاريندي چيائين: ”هي دفعو معاف ٿو ڪريانءِ، ليڪن آئندي خبردار رهج..... وڃ!“

                جيوڻ، هڪ لٽيل مسافر جيان، نراس ۽ پريشان، پنهنجي ٽانگي ڏانهن وڌيو، ۽ سندس گهوڙي آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو.

                سامهون، دور دور، سڙڪ تي ڦهليل انڌڪار سان گڏ، جيوڻ کي پنهنجو جيون به انڌيارو نظر اچي رهيو هو. گهر پهچي هو پنهنجن معصوم بکايل ٻارن کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ دروازي تي اکيون پائي ويٺل زال جي آشا ڀريل نگاهن کي ڪهڙو آٿت ڏيندو. اهي ئي ڳالهيون سوچيندي، پنهنجي غريبي، مجبوري ۽ بيڪسيءَ تي آنسو وهائيندي، هو پنهنجي گهر کي آڏو پوندو ٿي ويو.

                هٿ ۾ جهليل سوا روپئي جي چمڪندڙ سڪن ڏانهن ڏسندي، سپاهيءَ کي پنهنجي جيت تي خوشيءَ جو احساس ٿيو. ليڪن ٻئي کن ۾ سامهون انڌياري  ۾ ويندڙ ٽانگي جي کٽ کٽ جي گهري آواز سندس جان ۾ سياٽو آڻي ڇڏيو. ٽانگي جي ڦيٿن مان نڪرندڙ گنڀير چيڪاٽ، گويا، سپاهيءَ جي ظلم جي شڪايت ڪندي، جيوڻ جي مجبوريءَ ۽ بيڪسيءَ جو ڏک ڀريو گيت ٿي ڳايو. بهاريءَ جي دل کيس ڦٽڪارڻ لڳي. لاشڪ اڄ هن بيرحميءَ جو ڪم ڪيو هو. ليڪن..... هو به ته مجبور هو: سندس مٺڙي ڌيءُ جو بيمار هئي! بيمار ڌيءَ جي مرجهايل چهري جو تصور ٿيندي ئي هن جا قدم تڪڙو تڪڙو گهر طرف کڄي ويا.

                گهر جي نزديڪ پهچندي ئي بهاريءَ جون ٽنگون ڌڏڻ لڳيون، هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ دل ڌڙڪي اٿي. سندس  من ۾ سهسين شنڪائن جو هڪ طوفان اڏامڻ لڳو. آهستي آهستي هن چائنٺ اندر پير ڌريو. تڪڙا ۽ اٻهرا قدم کڻندو، هو سامهون صندل تي سمهيل ڌيءَ ڏانهن وڌيو. سندس پگهريل پيشانيءَ تي هٿ رکندي ئي  هن جي من ۾ اٿندڙ شنڪائن جو طوفان شانت ٿي ويو. سندس پتنيءَ کيس ٻڌايو ته اما جو بخار لهي چڪو هو، پاڙي ۾ رهندڙ راڌيءَ ڏانهن رهيل سلائيءَ جي پئسن مان هن اما جي دوا پڻ ورتي هئي.

                بهاريءَ سامت جو هڪ لنبو ساهه کنيو، ۽ خاڪي بش شرٽ جي کيسي مان سوا رپيو ڪڍي ڀرسان رکي ڇڏيو. لالٽين جي جهڪي پرڪاش ۾ اهي سڪا چمڪڻ لڳا. بهاري يڪ  - ٽڪ انهن ڏانهن گهورڻ لڳو. آهستي آهستي هن ائين محسوس ڪيو، گويا اهي سڪا تمام زور سان چمڪڻ لڳا هئا. انهن جو تجلو ايترو ته وڌي ويو جو بهاري انهن ڏانهن نهاري سگهڻ جي همت به ساري نه ٿي سگهيو.  سندس اکيون ازخود بند ٿي ويون ۽  وويڪ ڀڙڪي اٿيو. ”پنهنجي مطلب سڌ ڪرڻ لاءِ هن اڄ معصوم ٻالڪن جي وات مان روٽي کسي هئي، غريبن جي پيٽ تي لت هنئي هئي..... ڪيتري نه گراوٽ!“

                بهاريءَ جي اکين اڳيان جيوڻ جو اوداس چهرو کڙو ٿي ويو، جو آنسن ٻڏل اکڙين ۽  ڀريل گلي سان چئي رهيو هو: ”بتي اجهامي ويئي...... تيل کپي وي....“، ”زندگيءَ جي جوت“...... ”خون پسينو“ ..... ”ديپ ڦڙ ڦرائي رهيو آهي“..... ”مونکي معاف ڪريو، سرڪار! ..... مون تي رحم ڪريو....!“

                بهاريءَ جون رڳون سيٽجي ويون ۽ ساهه جو دورو تيز ٿي ويو. جيوڻ جي بتي اجهامڻ تي هن پنهنجي جيوڻ ۾ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي هئي: جيوڻ جي  جيون کي انڌيري ۾ ڌڪيلي، هن پاڻ کي روشنيءَ جو درشن ڪرائڻ ٿي چاهيو!“ ....... ”نه، نه!“ هن ڀيڪوڙيل ڏندن ۾ ڪجهه زور سان ڀڻڪيو، ۽ پوءِ اٻهرائيءَ مان اٿي، پئسا کڻي، تڪڙو ٽڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

                مزور- بستيءَ ۾ پهچڻ بعد هن کي جيوڻ جو گهر ڳولڻ ۾ ڪا خاص دير ڪين لڳي.

                هڪ ڪچي مڪان جي دراوزي وٽ، منهن گوڏن ۾ ڇپائي، ڪو غريب پنهنجي مجبوريءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. اندران ڪنهن ٻالڪ جي روئڻ جي آواز پئي آيو. بهاريءَ جهٽ سهي ڪيو اهو ئي جيوڻ جو گهر هو.

                بهاري، هڪ ڏوهاريءَ جيان، هلڪا قدم کڻندو، سندس ويجهو پهتو. کيسي مان پئسا ڪڍي، هن جيوڻ جي پيرن وٽ رکي ڇڏيا. کڙڪو ٻڌندي ئي جيوڻ جيئن ڪنڌ مٿي کنيو، سندس وار کڙا ٿي ويا. ڏڪندي ڏڪندي هو اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڀريل دل سان چيائين:

                ”سلام سرڪار!“

                بهاري ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو. صرف سندس اکين مان همدرديءَ جي گهري راز ڀريا ٻه گرم آنسو نڪري جيوڻ جي پيرن لڳ ڪري پيا، جن ۾ سمايل هو ”هڪ غريب جو، غريب لاءِ پيار“.

(مهراڻ، 1 -2/ 1958ع)

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com