بيوس
بهاءُ الدين سرهندي
زندگيءَ جي لهر هن کي زندگيءَ کان
ايترو پري کڻي ويندي، اهو هن جي خواب خيال ۾ به نه
هو. وطن جا وڻ ڇڏي هن کي ٻن سالن کان به ڳپل وقت
ٿي چڪو هو. انهيءَ وچ ۾ هو ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ
ڪنڊ ڏانهن ڊوڙيو، سنڌ ۽ پنجاب جي وادين ۽ ريگزارن
کي چيريندو، هو قداور جبلن جي ديس ۾ پهتو. جبل
جهاڳي جڏهن بس ڪيائين، تڏهن وٺي فضا ۾ اڏاڻو ۽
اچي دريائن جي ديس ۾ ساهه پٽيائين. اهي ويڪرا
درياءَ، جن جي ڪنارن تي سانورين دوشيزائن ڪارن ڪڪن
وارن جا ڄار پکيڙي ڇڏيا آهن ته ڀل ڪو سڪايل اچي دل
لٽائي. جتي جا مانجهي، چپن جي لَي تي دلين جا
دونهان ٿا ڪڍن. وڏن ويڪرن دريائن کي پار ڪندو، هو
ننڍڙين ندين وٽ پهتو، جن جي ٻنهي ڪپن تي بيٺل ڊگها
ڊگها گرجن جا وڻ آڪاش جو سينو چيريندا ڏسبا آهن.
انهن وڻن جي وچ ۾ هن ”چڪما“ قبائلين جا جهوپڙا
ڏٺا، جتي زندگي اڃا ”تهذيب“ جي گندي لفظ کان واقف
نه ٿي آهي، جتي جي زندگي ڪچي گوشت وانگر آهي
–
دل گهري ته کائو، نه گهري ته نه کائو.
هو زندگيءَ جي تلاش ۾ هو. هن
چاهيو ٿي ته زندگيءَ جي جام کي ايترو ڀري، ايترو
ڀري، جو اهو ريلا ڪري وهي، ۽ پوءِ هو ان کي هڪ ئي
ڳت ۾ پي وڃي. هن جا خواب ڏاڍا سنهري هئا، ۽
زندگيءَ جي جام هٿ ڪرڻ لاءِ هن وطن جا وڻ ڇڏيا.
هن زندگيءَ کي مرڪيندي به ڏٺو، ۽
روئندي به، ”ڪشمير پوائنٽ“ کان ٿيندي، هو مال روڊ
جي ”سام“ ۾ ”زندگي ڪيتري نه حسين آهي!“ سارن جي ڌن
تي هن جا قدم خودبخود کڄي رهيا هئا. هن ڏٺو ته رزق
برق لباسن ۾ هنسن جا جوڙا اڄ وڌيڪ چمڪي رهيا هئا.
گلاس ٽڪرائجي رهيا هئا. لپ اسٽڪ جو رنگ آهستي
آهستي گهٽجي رهيو هو. ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ هن
جي دل کي چيڙڻ لڳا. هن ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو
سندس دل کي نپوڙي رهيو هو. هن ڪنڌ کڻي ٻئي طرف،
رستي ڏانهن ڪيو، پر...... زندگي اتي به پنهنجي
جوڀن تي هئي، ۽ هو..... هو اڪيلو هو، هن سوچيو، هن
به ته ڪنهن سان پيار ڪيو هو
–
اهو پيار، جيڪو اڃا صرف نظرن تائين محدود هو. ۽
هن کي به ڪاريون ڪاريون، وڏيون وڏيون اکڙيون ياد
آيون،جيڪي هينئر به کيس گهوري رهيون هيون. اهي
نيڻ، جن ۾ پيار سان گڏوگڏ شرارت به هر وقت جهلڪندي
هئي، پر هن پيار جو قدر نه ڪيو. هن زندگيءَ جي جام
کي اڃا ڀرڻ ٿي چاهيو. پر اوچتو جام سندس هٿن مان
ڇڏائجي ويو، ۽ هو ڀڳل ٽڪرن کي ڏسندو ئي رهجي ويو.
باقي بچيل سگريٽ کي ائش
–
ٽري ۾ دٻائيندي، آهستي آهستي وکون کڻندو، هو ڪافي
هائوس مان نڪري ويو.
***
زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ هو
هميشه هڪ حسين دنيا بابت سوچيندو هو. اها خيالي
دنيا، جنهن ۾ حسن هو، جتي وهندڙ آبشارن جي موسيقي
هئي، جتي محبت ۽ خلوص جا گيت هئا، ۽ اڄ هو واقعي
هڪ حسين دنيا ۾ هو. ڪاغان جي وادين مان مٿي
چڙهندي، ديال ۽ ڪائل جي ڊگهن وڻن سان ڍڪيل پيچرن
تان لنگهندي، هن آبشارن جي موسيقي ٻڌي، پري،
اتانهن جبلن جي چوٽين تي پيل برف جي سفيدي ڏٺي. هن
سوچيو، قدرت هڪ عظيم مصور آهي، جيڪو پنهنجي ڪينوس
تي چٽيل تصوير ۾ نون نون، شوخ شوخ رنگن ڀرڻ ۾ فياض
آهي.
پر هن جا ڪن پيار ۽ خوشيءَ جي
گيتن ٻڌڻ لاءِ سڪندا رهيا. هن ڏٺو ته قدرت حسن ته
ڏنو، پر خوشي نه ڏني. هر طرف بک، هر طرف غربت!
مکڙيون ٽڙڻ کان اڳ ئي ڪومائجي رهيون هيون. زندگيءَ
جو سج، باکون ڪڍڻ کان اڳ ئي غروب ٿي رهيو هو. هن
سوچيو، قدرت ڪيڏي نه سنگدل آهي. انسان ڪيترو نه
بيوس آهي. هڪ گڏيءَ وانگر
–
وڻي ته ٻه اکيون رکجنس، وڻي ته هڪڙي به نه.
هو به ته بيوس هو! زندگي جي لهر
کيس ٻئي ڪپ تي اچي سٽيو هو. واپس ڪيئن وري، سو هو
سوچي به نه ٿي سگهيو. پڃري ۾ پيل پکيءَ جيان پرڙا
هڻي، واهه نه ڏسي، کڻي ماٺ ڪيائين.
***
اڄ چوڏهينءَ جو چنڊ هو، ۽ هو
دريائن جي ديس ۾ هو. ٻنهي طرفن سندر بن جا گهاٽا
جهنگ هئا. بيوس انسان کي جڏهن وڏن شهرن پناهه نه
ڏني، تڏهن هڪ دفعو وري هن جهنگلن ۾ سهارو ڳوليو.
ننڍيون ننڍيون ”شمپان“ ٻيڙيون، هلڪا هلڪا لوڏا
کائينديون، اڳتي وڌي رهيون هيون. مانجهي رکي رکي
ڪو گيت ڳائي رهيا هئا. چپن جو آواز، چانڊوڪي ۽ گيت
–
ٽيئي ملي، هڪ عجيب سوز پيدا ڪري رهيا هئا. حسرت ۽
ياد هن جي روح جي گهرائين ۾ پيهي ويئي. هن سوچيو،
هو اڪيلو آهي، بيوس آهي: ”پر هي مانجهي، هي سڀ
انسان به ته بيوس آهن! هي چانڊوڪي، هي گيت، هي
درياءَ جون ننڍيون ننڍيون لهرون به ته بيوس
آهن...... ۽ شايد هيءَ عظيم قدرت به ته بيوس آهي!
هن هي گڏو ته ٺاهيو، پر ان کي ٻئي اکيون ڏئي يا
هڪڙي به نه
–
شايد اهو سوچڻ کان قدرت به معذور آهي.“
آهستي آهستي بوندون پوڻ لڳيون
–
چانڊوڪيءَ جي جاءِ اونداهيءَ والاري
–
شايد قدرت به روئي رهي هئي.
هن سوچڻ ٿي چاهيو، پر هو سوچي نه
سگهيو، هو سمجهي نه سگهيو.
(مهراڻ، 1- 1963ع)
|