سڪايل روح
غياث جوڻيجو
”آيو اَٿوَ لاڏلو خير سان رلي
پني! چئين بجي شام جو نڪتو آهي، ۽ مٿان اچي رات جا
ست لڳا آهن!....“
ويچاري اڃا گهر اندر پير پاتو ئي
مس، ته ماڻس جا تيز لفظ تير جيان سندس دل ۾ چڀي
ويا، جن کيس ايندڙ آپدا جو اڳواٽ اشارو ڏيئي ڇڏيو.
هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي، ۽ بدن مان ست ڇڏائجي ويس.
”آهي ڪٿي؟..... اڙي ڪيڏانهن ويو
هئين؟ ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿمانءِ ته رات جو دير
تائين ٻاهر ڌڪا نه کائيندو ڪر، پر تون مڙين ئي ڪو
نه ٿو!..... لوفر...... بدمعاش!“
”ٽڙهه!“ ...... ڪنڌ ساڄي ڪلهي
ڏانهن مڙي ويس. هيسيل هرڻيءَ جيان، سمهيل نگاهن
سان هو پيءُ ڏانهن ڏسڻ لڳو. پڻس، اوڏيءَ ئي مهل،
وڏيون ٻرانگهون ڀريندو، ڪيڏانهن نڪري هليو ويو. هو
اتي ئي بيٺو سڏڪا ڀريندو رهيو. پهريائين ته هٿن جي
پٺين سان اکيون مهٽڻ شروع ڪيائين، ۽ پوءِ قميص جي
پلاند سان پنهنجا آلا نيڻ اگهڻ لڳو. ڀنل پنبڻيون
کڻي، ”ماءُ“ ڏي نهاريائين. هوءَ کانئس بي پرواهه،
ننڍڙي طارق کي ننڊ ڪرائڻ ۾ مشغول هئي. ڪجهه ويرم
کان پوءِ جڏهن ڪڪو ننڊ پئجي ويو، ته هوءَ کٽ تان
آهستي آهستي اٿي، ۽ ڪڪي مٿان رَئو وجهندي چوڻ لڳي:
”ڪير ٿو چويئي ته رات جو دير
تائين پنندو وت! ماڻهو سويل گهر موٽي آيو.....!
ٻيا ٻار ڏس. ڪير ٿو هن وقت گهمي؟ اسان کان آڌيءَ
رات تائين ٺڪر سنڀاليا نه ٿا ٿين. پڻهين کي چئه ته
ڪا نوڪرياڻي رکي ڏئيئي، پوءِ پيو رانگا ٽينگا ڪر!“
هو سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو
–
خاموش، بلڪل چپ، ڳالهائي به ڪين؟.... شڪايت ڪري به
ته ڪنهن سان؟ دانهن ڏي به ته ڪنهن کي ؟ گهر ۾ سندس
غمگسار هو به ڪير، جنهن سان پنهنجو ڏک سک اوري؟
ماٺ ميٺ ۾ چار ڳوڙها ڳاڙي، خاموش ٿي ويندو هو.
انور، ڇهن ستن سالن جو معصوم،
ڏاڍو وڻندڙ ۽ پيارو ٻار هو. اڃا ڄائي چار سال ئي
مس گذريا هئس ته ماءُ کيس پيءُ جي حوالي ڇڏي،
هميشه لاءِ کائنس جدا ٿي وئي - ۽ هو هميشه لاءِ
مادري محبت کان سڪايل رهجي ويو. پڻس جو ان وقت مٿس
ايترو ته چاهه هو جو اصل ٻيءَ شاديءَ جو خيال ئي
کڻي ڇڏيو هئائين. تمام مشڪل سان، مٽن ۽ مائٽن ۽
يارن دوستن جي اصرار تي، نيٺ هن ٻي شادي ڪئي. گهڻي
وقت تائين انور پنهنجي نئين ماءُ لاءِ وندر بڻيو
رهيو. پڻس به سندس پرورش تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو.
پر جڏهن کان طارق جو گهر جي ڀاتين ۾ اضافو ٿيو هو،
انور جي ماٽيجي ماءُ آهستي آهستي منجهائنس چاهه
گهٽائيندي رهي–
هن کي دل وندرائڻ لاءِ هاڻي پنهنجو ٻار هو. ننڍڙي
ٻار کي هونئن به گهر جا ڀاتي وڌيڪ ڀائيندا آهن.
انور جي چنچلتا ۾ هاڻي ماءُ توڙي پيءُ لاءِ اها
ڪشش نه رهي هئي. طارق ٻنهي جي توجهه جو مرڪز بڻيل
هو. انور جون رواجي شرارتون به هاڻي هنن کي بيزار
ڪرڻ لڳيون هيون. خسيس خسيس ڳالهين تي جڏهن پڻس کيس
ڇڙٻون ڏئي ڪڍندو هو، ته انور جي اکين مان لڙڪن جي
قطار وهي هلندي هئي، ۽ سندس نازڪ دل تي مايوسيءَ
جو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويندو هو. اڄ به معمولي
غلطيءَ تي کيس ڇڙٻيو ويو هو، جنهن ڪري سندس دل
ڀرجي آئي هئي.
”اُٿي،..... اندر ماني پيئي اٿئي،
ڪڍي وڃي کاءُ!“ ”ماڻس“ جا اکر سندس ڪن تي پيا. هن
جا قدم خودبخود بورچيخاني طرف وڌڻ لڳا. ٿالهه
هيٺان ڍڪي ماني ڪڍي، کائڻ ويٺو،. هيترن دڙڪن کائڻ
کانپوءِ مانيءَ لاءِ ڪا اشتها ڪانه رهي هيس. زور
ڪري هڪ
–
ٻه گرهه ڀريائين، پر ائين پئي ڀاسيس ته گرهه نڙيءَ
کان هيٺ لٿو ئي نه ٿي. ماني وري به ٿالهه هيٺ ڍڪي،
چپ چاپ ٻاهر نڪري آيو، ۽ اڱڻ جي ڪنڊ ۾ پيل کٽولي
تي اچي ليٽي پيو. ننڊ سندس نيڻن مان نڪري چڪي هئي.
ڪمزور دماغ ۾ طرح طرح جا خيال جنم وٺي رهيا هئا.
”آخر اما ۽ بابا مون کي دڙڪا ڇو ٿا ڏين؟... مون کي
مارين ڇو ٿا؟ .... پاڻ ماني کائي، مون لاءِ کڻي
رکي ڇڏين- وڻي تڏهن اچان!.... اما کي ته منهنجي ڪا
ڳالهه ڪا نه ٿي وڻي.... پر بابا ڇو ٿو ائين
ڪري؟.... اهو به طارق کي ته گهڻو ٿو ڀانئي!......“
اها ته خبر هيس ته هيءَ سندس سڳي ماءُ ڪا نه هئي.
کيس چٽيءَ طرح ياد هو ته هڪ دفعي پڻس کيس ٻڌايو هو
ته سندس وڏي ماءُ ويئي آهي الله سائين وٽ. هن جي
معصوم ذهن سوچيو: ”اما مون کي به ڇو ڪين الله
سائين وٽ وٺي ويئي؟ مون کي ڇڏي ڇو ويئي؟ مائون ته
پنهنجن پٽن کي ڪيڏانهن به گڏ وٺي وينديون
آهن!......“ اهڙو خيال ايندي سندس اکيون آليون ٿي
ويون. وري خيال آيس ”شايد اما سوچيو هوندو ته آءٌ
اتي ڪا شرارت نه ڪريان.... پر آءٌ ته ڪا به کيچل
ڪانه ڪندو آهيان. اسڪول ۾ به ماٺ ڪري ويهندو
آهيان. مون کان زياده مستي ته اڪبر ڪندو آهي.
اسڪول ۾ ڇوڪرن سان وڙهندو آهي. سائين جا چاڪ
چورائيندو آهي، سڀني کي گاريون ڏيندو آهي.... تڏهن
به اڪبر جي مَمي ان کي ته ڪيترو نه ڀانئيندي آهي!
اسان جي گهر ايندي آهي، ته به اڪبر کي گڏ وٺي
ايندي آهي....“
اهي پور پچائيندي، الائي ڪيڏي
مهل هن جي اک لڳي وئي.-
***
ٻئي ڏينهن اهو واقعو خوب سمان هو،
جنهن جا ڪجهه مٽيل نشان انور جي دماغ ۾ اڃا موجود
هئا. جلدي جلدي تيار ٿي، هو اسڪول روانو ٿيو.
اسڪول ۾ ڪو دل گهريو دوست هوس ته اهو ئي اڪبر. پاڻ
۾ پڪي سنگت هوندي هين. ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا.
ويهندا به هڪڙيءَ ئي بينچ تي هئا. رسيس ۾ ته
جيستائين گڏجي شيءَ نه کائيندا هئا، تيستائين ڄڻ
مزو ئي ڪين ايندو هون. اڄ انور اسڪول آيو، ته خلاف
دستور اڪبر نظر نه چڙهيس. ڳوليائين، پڇا ڪيائين،
پر اڪبر اڃا اسڪول آيو ئي ڪو نه هو. سمجهيائين ته
متان دير سان اچي، پر گهنڊيءَ لڳڻ بعد به انور
بينچ تي اڪيلو هو. اڪبر اڄ غيرحاضر رهيو. اڪبر بنا
انور کي ڪلاس ۾ سک ئي نه پئي آيو. پڙهائيءَ ڏانهن
سندس ڌيان ئي نه ٿي ويو. هن جي دل اداس هئي، ملول
۽ موڳو ٿيو ويٺو هو
–
ڄڻ ته ڪنهن به ڳالهه سان سندس واسطو ڪو نه هو.
”انور، تون ڇا پيو ڪرين!“ استاد
دڙڪي سان پڇيو.
سڀئي ڇوڪرا انور ڏانهن نهارڻ لڳا.
”جي، سائين......“ انور سڌو ٿي
ويٺو.
”سبق ياد اٿئي؟ بيت ٻڌاءِ!“
انور بيت پڙهڻ شروع ڪيو. هٻڪندي
هٻڪندي بيت ته پورو ڪيائين، پر استاد لڪڻ کڻي اچي
مٿان بيٺس.
”تون ڏينهون ڏينهن وڃين ٿو شيطان
ٿيندو. سبق به ياد نه اٿئي. گهر محنت ڇو نه ٿو
ڪرين؟..... هت ٻاهر ڪڍ!“
انور جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
ترسي ترسي، هن هٿ اڳتي وڌايو
–
ننڍڙو، نازڪ هٿ. ٻه دفعا بيد جو شپڪو ٿيو. هن
دانهن به ڪانه ڪئي. پنبڻين ۾ اٽڪيل ڳوڙها ٻاهر
نڪتا، ۽ ڳلن تان ترڪندا اچي پيل ڊيسڪ تي ڪريا. هو
پنهنجي ڳاڙهي ٿيل هٿ کي ڏسندو رهيو. ڪلاس سڄو
خاموش ٿي ويو. ڇوڪرن پنهنجا ڪتاب کولي سبق ياد ڪرڻ
شروع ڪيا.
”سائينءَ“ جو غصو اڃا پورو نه لٿو
هو: ”تون هاڻي بلڪل سست ٿي پيو آهين. آءٌ اڄ پڻهين
سان ملندس، ۽ کيس ٻڌائيندس ته تون ڪلاس ۾ چڱيءَ
طرح ڪم نه ٿو ڪرين!“ پيءُ سان شڪايت جو ٻڌي، انور
جي اکين اڳيان انڌاري اچي وئي.
لڱ ڪانڊارجي ويس
–
ڄڻ ته ملڪ الموت کي سندس روح قبض ڪرڻ جو حڪم ڪيو
ويو هو. چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪري، بينچ تي ويهي رهيو.
اڄ هو تمام گهڻو غمگين هو. دل
ڪلاس کان کٽي ٿي پئي هيس. رڳو انهيءَ انتظار ۾ هو
ته موڪل ملي ته هن مصيبت مان جند ڇٽي. رکي رکي
ماستر تي ڏاڍا خار اچڻ لڳس
–
”سائين تمام خراب ماڻهو آهي! بيت ته مون کي پڪو
هو. چوي ته وري يڪساهيءَ ياد ٻڌايانس! رڳو هڪڙي سٽ
ڀلجي ويس.... پر هڪڙو ته ماريائين، ٻيو وري هاڻي
بابا کي دانهن ٿو ڏئي!......ڀلي دانهن ڏي، بابا
مون کي ڇا ڪندو..... بابا؟ ...... هو تمام
ڪاوڙبو!...... ڏاڍي مار ڏيندو!.... هو طارق کي
ڀانئي ٿو.....“ اوچتو گهنڊ جي آواز سندس خيالن جي
سلسلي کي ٽوڙي ڇڏيو. هو ٽپ ڏيئي، ٿيلهو ڳچيءَ ۾
وجهي، ٻاهر نڪتو.
اسڪول جي عمارت اُڪري جڏهن رستي
تي پهتو، ته ويچار آيس ته ”ڇونه اڪبر وٽان ٿيندو
وڃان!“
–
”خودبخود سندس رخ اڪبر جي گهر ڏانهن ٿي ويو.
***
اڪبر جي گهر پهچي، اڱڻ لنگهي،
اندر داخل ٿيو. گهر جا سڀ ڀاتي وچئين ڪمري ۾ ويٺا
هئا. هڪ پاسي پلنگ تي اڪبر ليٽيل هو. سيرانديءَ
کان ماڻس ويٺي هوا ڪئي. انور هوريان هوريان هلندو
اچي پلنگ وٽ بيٺو. کيس ڏسي، اڪبر پنهنجون ٻوٽيل
اکيون بند ڪري ڇڏيون.
”ماسي، ڇا ٿيو آهي اڪبر کي؟“ هن
اڪبر جي ماءُ کان پڇيو،
”ابا، جهولو لڳو اٿس. ڪالهه
منجهند جو ڪو ويو هو بازار مان برف وٺڻ.
ويجهڙائيءَ ۾ مليس ڪا نه. رلي رلي برف ته هٿ
ڪيائين، پر اچڻ سان ڪري پيو. ڏاڍو بخار آهي ٻچڙي
کي!“ ماڻس پيار وچان اڪبر جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ
لڳي. ڏاڏيس سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳي.
”امي، پاڻي-“ ڀيڻس يڪدم هڪ
موسميءَ جو رس ڪڍي آڻي ڏنس. پيار محبت جي اها
روئداد ڏسي، هڪ دفعو وري انور جي اندر کي جهٻي
آئي. دل ڀرجي آيس. اکين ۾ پاڻي تري آيس. ان گهڙيءَ
هن پاڻ کي سڄيءَ دنيا ۾ اڪيلو تصور ڪيو، جنهن جو
ڪو به عزيز قريب، ڪو به همدرد ۽ غمگسار نه هجي. هو
قرب ۽ محبت جو بکيو هو
–
پيار جي ساگر جي هڪ قطري جو پياسي. معصوم دل ۾ اها
تمنا ڀڙڪي اٿي ته ڪير هن کي به پنهنجو سمجهي، هن
جو به ڪو همدرد هجي، ڪو هن کي به پنهنجو پٽ سمجهي
پيار ڪري!
اڪبر ڏاڏي چئي رهي هئي: ”ڏاڍا
خراب ڏينهن آهن. ٻاهر جهولو پيو لڳي. اڪبر کي به
بک لڳي آهي. الله پاڪ پنهنجو رحم ڪري، باقي هن هوا
۾ ته گهڻو هلجي به نه....!“ اهو ٻڌي، اڪبر کان
موڪلائڻ بڻائي، انور هڪدم ڊڪ پائي ٻاهر نڪري آيو.
***
جولاءِ جو مهينو، آرهڙ جا سخت
ڏينهن، ٽاڪ منجهند،نٽهڻ اس ڪانوَ جي اک پئي
نڪتي...... انور ائين ئي گهٽين ۾ فضول هلندو رهيو.
مٿو اگهاڙو، هلندي هلندي ڪلاڪ
–
سوا گذري ويس. چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويس. اس جي تيز تپت
۾، ڏاڍي اڃ محسوس ٿيس. هوٽل ۾ لنگهي ويو. يڪا ٻه
گلاس پاڻيءَ جا پي ويو. وري اٿي پنڌ ويو.....
هوريان هوريان مٿو گرم ٿيڻ لڳس. اکيون ڳاڙهيون ٿي
ويس. بدن وسامندو معلوم ٿيس. ٿڪ سبب بت سڄو ساڻو
ٿي پيس ٽنگن ۾ ٽوٽ ۽ ڳوراڻ محسوس ڪرڻ لڳو. گهر جي
در وٽ پهچي، مٿي ۾ چڪر اچي ويس. دل تي بار معلوم
ٿيس، ۽ اتي ئي در کي ٽيڪ ڏيئي الٽي ڪرڻ ويهي رهيو.
ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي مان لڙڪي اچي پَٽَ تي ڪريو.
ڪا ساعت هو اتي ئي مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو رهيو.
نوڪرياڻي ٻاهرنڪتي، ته انور جي حالت تي بي اختيار
سندس واتان رڙ نڪر ويئي. پڻس ڊوڙي آيو. هڪدم اچي
ڀاڪر ۾ کنيائينس. تکو تکو اندر اچي پلنگ تي
ليٽايائينس، ”ڇا ٿيو؟.... ڇا ٿيو؟“
–
ماڻس به ڀڄندي آئي. سيراندي کان ويهي، مٿي تي هٿ
لاٿائينس- ڪوسو جهڙو باهه. اکيون لال، جهڙا ٽانڊا
بت سڄو ٿڙڪي رهيو هوس. پڻس تمام پريشان ٿي رهيو
هو. هٿ وڌائي ڀت ۾ لڳل پنکي کي وڌيڪ تيز ڪيائين.
انور آهستي آهستي ڪجهه وڦلي رهيو هو: ”..... اما
مون کي ڇو نه وٺي وئي..... هتي مون کي سڀ مارين
ٿا.... مون کي سڄو بيت ياد آهي...... منهنجا هٿ
ڏکن ٿا .... بابا مون کي ماري ڇڏيندو..... اما!
اما! ..... اڪبر جي ممي ڏاڍي سٺي آهي.... منهنجي
ممي ڏاڍي خراب آهي... مون کي پيار به نه ٿي
ڪري!....“
پڻس پنهنجي زال ڏانهن نهاريو.
عورت جي دل هئي. ڇا ٿيو جي انور سندس پيٽ
–
ڄائو نه هو، پاليو ته پاڻ هئائين. سندس خاوند جي
ته اکين جو نور هو. پاڻ به هڪ ٻار جي ماءُ هئي.
مامتا جو پرخلوص جذبو سندس سيني ۾ ڪَرَ موڙي اٿيو.
چپن تي پيار ڀري مرڪ آڻي، انور جو مٿو کڻي پنهنجن
گوڏن تي رکيائين: ”صدقي وڃان پنهنجي ٻچڙي تان!“
–
ائين چئي، سندس پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، آهستي آهستي
پنهنجون آڱريون هن جي وارن ۾ ڦيرائڻ لڳي.
(مهراڻ: 1 ، 2- 1960ع)
|