سج اڀرڻ کان اڳ
امر جليل
مون کي ڏسي، سدائين ڀڄي ويندو هو.
ان ڏينهن به مون تي نظر پيس ته وٺي ڀڳو. وک ته اڳ
وانگر تکي وڌايائين، پر مون به وڃي سوگهو ڪيومانس.
چيومانس، ”ڪيئن، سڃاڻين ٿو؟“
چيائين، ”نه.“
”واهه، مون کي ڪو نه سڃاڻين؟ مون
کيس گهوريندي چيو.
”نه،“ بلڪل سادو جواب ڏنائين.
”ٻالو ڀولو نه ٿيءُ!“ مون پنهنجي
آواز ۾ سختي پيدا ڪندي چيو.
”يقين ڪر ته مان توکي سڃاڻان ئي
نه ٿو.“ هن سرد لهجي ۾ وراڻيو.
”اڳ به مڪار هئين ۽ اڄ به آهين.“
مون نفرت وچان چيو.
هن جواب نه ڏنو، فقط پنهنجين
جادوگر نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺائين. اکين ۾ اهڙي
ته ڪشش هوندي اٿس جو هڪ ئي نگاهه سان اڳلي کي
خاموش ڪري ڇڏيندو آهي. پر ان ڏينهن مان بيحد ڪاوڙ
۾ هوس. مون ڀڻڪيو:
”تون دوکيباز ۽ فريبي آهين.“
آهستي جواب ڏنائين، ”ان ڪري ته
پنهنجي دوستي ختم ٿي ويئي!“
”ڏس ته اچي وئين نه راهه تي!“ مون
طنز ڀري مرڪ سان چيو، ”ڏاڍو ڀورڙو پئي ٿئين، ”مان
توکي سڃاڻان ئي نه ٿو“!“
”جيڪي هئين، تنهن کي سڃاڻندو
هوس،“ پنهنجين نگاهن ۾ ساگر جي گهرائي ڀريندي
ڳالهائين، ”۽ هينئر جيڪي ڪجهه آهين، تنهن کي ڪو نه
سڃاڻان.“
”ڏاڍو چالاڪ آهين!“ سندس نگاهن
کان پنهنجون نظرون بچائيندي، مون چيو، ساڳئي مطلب
جا ٻه مختلف موضوع پيدا ڪيا اٿئي.“
”موضوع ساڳيو آهي، پر تنهنجيءَ
سمجهه ۾ فرق اچي ويو آهي.“ هن اعتماد سان چيو.
”واه
–
”سڃاڻان“، ”۽ ”نه سڃاڻان“!“ مون ٽهڪ ڏنو. ”سمجهه
ته تنهنجي ڦري وئي آهي.“
هڪدم وراڻيائين، ”جڏهن رتن تلاءَ
اسڪول جي پٺيان هڪ جهڳيءَ ۾ رهندو هئين، تڏهن مان
تنهنجو دوست هوس ”۽ اڄ نه؟“
”اڄ تون اهو رهيو ئي ناهين، اسان
جي دوستي ڀلا ڪيئن رهندي.“ هن جواب ڏنو.
”مون ته توکي اڳ ئي ٻڌايو هو ته
مان فقط انهن جو دوست آهيان جن وٽ
–“.
”بند ڪر بڪواس!“ مون کيس گريبان
کان ورتو. ”سڄيءَ دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي!“ هو
خاموش رهيو.
”انهن منجهيل ڳالهين ۾ دنيا کي
الجهايو اٿئي!“ مون کيس جهنجهوڙيو. جواب ڏنائين:
”جڏهن بغاوت ۽ ظلم جا پڙدا انسان جي عقل تي پئجي
ويندا آهن، تڏهن هو انسانيت کي وساري ويهندو آهي،
بلڪل تو وانگر.“
”فريبي، انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ
رچايو اٿئي!“ مون کيس ڀت جي پاڇي ۾ڌڪي ڇڏيو.
”انهن ڳالهين سان دنيا کي ٺڳيو اٿئي!“
بنا چرپر جي جواب ڏنائين: ”منهنجي
ڳالهين کان بيزار آهين، ان ڪري تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو
اٿم.“
”مون کي به تنهنجي دوستيءَ جي
ضرورت ناهي.“ مون سندس گريبان تي گرفت مضبوط ڪندي
چيو.
”ته پوءِ روڪيو ڇو اٿئي؟“ هن
آهستي چيو.
”اهو ٻڌائڻ لاءِ ته مون تنهنجي
تلقين ٺهرائي ڇڏي آهي.“ مون جواب ڏنو.
”ڄاڻان ٿو.“ جهيڻي آواز ۾ چيائين.
”۽ وڌيڪ ٻڌ: اڳ تنهنجي دوستي ۾
مان گريجوئيٽ، بيروزگار هوس.“ مون ساڳئي انداز ۾
ڳالهايو. ”هينئر مون ڊگري ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏي آهي:
اڄڪلهه اسان وٽ بک ناهي، سکيا ۽ آسودا آهيون.“
”ان ڪري مون اوهان وٽ اچڻ ڇڏي
ڏنوآهي.“ هن وراڻيو.
”ائين چئه ته فقط بکين ۽
بيروزگارن جي در تي ڌڪا کائيندو آهين.“
منهنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو.
اکيون چمڪڻ لڳيس، چيائين، ”جيئن سمجهين، پر چور
سان پلئه نه اٽڪائيندس.“
پنهنجين تکين نگاهن سان منهنجو
اندر ڦٽي وڌائين، ۽ سندس جملو ڀالي وانگر منهنجي
من ۾ ڇپي ويو. مون کيس ڇڏي ڏنو. هو پنهنجي جبي جي
ڪالر کي درست ڪري، پاسي واري گهٽيءَ ۾ هليو ويو.
مان حيران هوس ته کيس ڪيئن خبر
پيئي ته مار چور هوس! جنهن راز کان پوليس بيخبر
هئي. تنهن راز کي هن ڪيئن پروڙيو؟ دنيا فقط هو ئي
منهنجي جرم کان واقف هو، يا مان خود هوس. مون کيس
ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شاهد جو زندهه رهڻ منهنجي
لاءِ موت برابر هو. مان کيس ڪنهن به صورت ۾ جيئرو
جاڳندو ڇڏي نه ٿي سگهيس. کيس ختم ڪرڻ ئي بهتر هو.
مون رومال ڪڍي هٿ تي ويڙهيو، ۽
پوءِ چاقو کولي، هٿ اوور ڪوٽ جي اونهي کيسي ۾ وجهي
ڇڏيم. رات جو اڃا پويون پهر هو. مون سندس پيڇو
ڪيو. وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو،
مان هن جي پٺيان هلندو رهيس. مون کيس سج اڀرڻ کان
اڳ قتل ڪرڻ ٿي چاهيو.
چاقوءَ تي منهنجي گرفت مضبوط
ٿيندي ويئي، ۽ مان ڪنهن اهڙي هنڌ لاءِ واجهائڻ
لڳس، جتي هن جي آخري هڏڪي ويرانين ۾ ئي دفن ٿي
سگهي. هو بيخبر هلندو رهيو، ۽ مان پاڇي وانگر سندس
پيڇو ڪندو رهيس. افسوس به پئي ٿيم ته اجايو سندس
موت منهنجي هٿيان ٿيندو. بس، ٻه
–
ٽي وکون وڌائي، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻي هيم.
افسوس ان ڪري پئي ٿيم جو هڪ دفعي مون کي خودڪشيءَ
کان روڪي، منهنجي جان بچائي هئائين. انهن ڏينهن ۾
مان بيحد مشڪلاتن ۾ مبتلا هوس. ڊگري کڻي ڌڪا
کائيندو رهيس، رلندو رهيس، ڀٽڪندو رهيس، نيٺ
بيروزگاريءَ ۽ بک اسان کان سڀ ڪجهه ڦري ورتو.
ڏونگر جهڙا اهي ڏينهن مون کي
سدائين ياد رهندا، ۽ مان اهو منحوس ڏينهن به ڪڏهن
وساري نه سگهندس، جڏهن ٻن ڏينهن جي بک اسان کي نيم
پاڳل ڪري ڇڏيو هو. بک جي عذاب سڀ ڪجهه وساري ويٺس
–
سڀ ڪجهه.
جڏهن اما هيڻي آواز ۾ پڇيو هو،
”ابا، هاڻي ڇا ٿيندو؟“ انتهائي مايوسيءَ ۽
بيزاريءَ وچان، کيس تڙي ڏيندي چيم، ”ڇا وري ڇا
..... تون زرينا کي هار سينگار ڪري ويهار، مان
گراهڪ وٺي ٿو اچان!“
”بيحيا!“ امڙ ڪمزور آواز ۾ رڙ ڪئي
هئي.
”ها، اما!“ مون زهر اوتيو، ”جوان
عورت ڌنڌو ڪري پيٽ پالي سگهي ٿي، مرد ڪيڏانهن وڃي؟
ٻڌاءِ مرد ڪيڏانهن وڃي؟،
زرينا ۽ اما، حيرت مان مون ڏانهن
تڪي رهيون هيون. سندس خالي دماغ ۽ پريشان ذهن لاءِ
منهنجو جملو ناقابل برداشت هو. زرينا ته منهنجين
اکين مان پنهنجون اکيون ئي نه ٿي ڪڍيون- ڄڻ ته
نگاهن سان منهنجي روح جو دامن چاڪ ڪري رهي هئي.
مون کي اچي ٻانهن کان ورتائين.
مون کيس گهائل ڪندي چيو هو،
”توکي طوائف ٿيڻو پوندو. زرينا!“
”شرم نه ٿو اچيئي بيغيرت!“ اهو
درد ۾ ٻڏل دڙڪو اما جو هو.
”بک جي ڀوت اڳيان غيرت به مري
ويئي. اما!“ مون وراڻيو.
”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي!“
اما اجائيءَ همت سان چيو.
”ٻڌو نه اٿئي، اما،“ مون روئندي
چيو هو، ”- بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري!“
اما ۽ منهنجي اکين مان به نير وهي
نڪتا. الائي ڪيئن، اسان جي اکين ۾ ايترو آب اچي گڏ
ٿيو هو. زرينا خالي نگاهن سان مون کي تڪيندي رهي.
اوچتو، ڪراهت مان منهنجي منهن تي ٿڪ اڇلايائين، ۽
پوءِ منهنجي سڄي قميص ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيائين،
پنهنجي ڪمزور آڱرين سان منهنجي منهن تي رهنڊون
هنيائين، ۽ پوءِ منهنجن وارن ۾ مُٺيون وجهي، سڏڪا
ڀري روئڻ لڳي. هيءَ ساڳي زرينا هئي، منهنجي ڀيڻ،
جنهن کي مان ڪلهي تي ويهاري گهمائيندو هوس، جنهن
کي پنهنجي خرچيءَ مان به ڀورينڊا وٺي ڏيندو هوس،
جنهن جي هڪ هڪ لڙڪ تي پاڻ به بيچين ٿيندو هوس. ان
ڏينهن ساڳيءَ زرينا جا هٿ منهنجن وارن ۾ هئا ۽
هوءَ هنجون هاري رهي هئي. مون کيس پاڻ کان جدا
ڪيو، هوءَ اما جي هنج ۾ وڃي ڪري. مان اسڪائوٽ جي
ڏينهن وارو چاقو کڻي ٻاهر هليو آيس.
مون کي اونداهه جي تلاش هئي، مون
کي ويرانين جي ڳولا هئي، جتي آسانيءَ سان پنهنجي
سيني ۾ چاقوءَ جي تيز نوڪ وهائي سگهان. زرينا جا
سڏڪا ۽ اما جون آهون، منهنجو پيڇو ڪنديون، پري پري
تائين منهنجي روح ۽ منهنجي وجود کي جلائيندو آيون.
هڪ هنڌ ويراني به هئي، ۽ اونداهه
به. مون چاقو ڪڍي سيني تي رکيو. چاقوءَ جي هٿيءَ
کي زور ڏيڻ تي هوس ته هو به اچي اتي نڪتو. ساڳيو
جبو پاتل هوس. منهنجي ويڻي وٺندي چيائين:
”هن چاقوءَ جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻين
ٿو؟“
”ها،“ مون وراڻيو، ”تمام تکو آهي،
۽ جلد موت آڻيندو.“
”پر جنهن ڪاريگر هيءُ چاقو ٺاهيو
هو.“ هن اکين ۾ نُور آڻيندي چيو، ”تنهنجي تصور ۾
موت، نه، بلڪه زندگي هئي.“
مان حيرت وچان هن جون ساگر
جهڙيون گهريون نگاهون ڏسڻ لڳس.
چيائين، ”نوجوان آهين، محنت
مزدوري ڇو نه ٿو ڪرين!“
”مان گريجوئيٽ آهيان!“ مون فخر
سان کيس وراڻيو هو.
”تعليم کي پيٽ پالڻ جو هٿيار ٿو
سمجهين؟ پيٽ ته ڪتا به ٿا پالين.“
هو باوقار لهجي ۾ڳالهائيندو رهيو،
”علم، اٿيئي روشني، ۽ محنت دنيا جو عظيم ڌنڌو.“
مان سندس صداقت ڀرپور آواز ٻڌي
رهيو هوس، جنهن کان ڄڻ هيءَ سڄي ڪائنات ڪنبي رهي
هئي
مون کي خاموش ڏسي چيائين: ”اها
زندگي ئي ڪهڙي، جنهن ۾ ڪشمڪش نه هجي! ڪشمڪش ته
زندهه رهڻ جي ڪسوٽي آهي. حقيقت ۾ فقط اهي انسان
زندهه آهن، جن ڪڏهن ڪشمڪش ڪئي هئي.“
مون وٽ سندس ڳالهين جو جواب نه
هو.
چيائين، ”ڪهڙا نه مضبوط ڏورا ۽
ڪشادو سينو اٿئي، انهن کان ڪم وٺي منهنجا دوست!“
هو مون کي حيران پريشان ڏسي
هليوويو.
چاقو منهنجي هٿ ۾ رهجي ويو. موت
جي تمنا هن جي ڳالهين سان تڙجي ويئي هئي، پر بک جي
باهه ڀڙڪندي رهي. هن جو آخري جملو مون کي بيدار
ڪندو رهيو.
”ڪهڙا نه مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو
اٿئي: انهن کان ڪم وٺ، منهنجا دوست!“
زندهه رهڻ جي تمنا سيني ۾ سانڍي،
مون ويرانين کان منهن موڙي شهر جور خ ڪيو. بغاوت ۽
بک جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. سامهون، هڪڙي دڪان جي
در وٽ سائيڪل رکي هئي. هن چيو
–
ڪهڙا نه مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي!...... انهن
کان ڪم وٺ، منهنجا دوست! .... دنيا جو عظيم ڌنڌو
اٿئي محنت!“
مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ۽
پوءِ هڪدم سائيڪل جي پيڊل تي پير رکي، تيزيءَ سان
رفوچڪر ٿي ويس. ڪنهن به مون کي ڪو نه ڏٺو. اها
منهنجي زندگيءَ جي پهرين چوري هئي. سائيڪل هڪ
ڪٻاڙيءَ کي پنجويهن رپين ۾وڪڻي ڇڏيم. ۽ پوءِ، هڪ
هوٽل تان نان- ڪباب ڪورما ۽ برياني وٺي، سڌو گهر
آيس.
ڏيڍيءَ جي در ٻاهران ”هو“ منهنجو
انتظار ڪري رهيو هو. ڪجهه دير اڳ مون کي زندگيءَ
جي سبق ڏيندي جا جوت سندس نيڻن۾ جلي اٿي هئي،
هينئر اها اجهاڻيل هئي. مون کي ڏسي هڪدم چيو،
”تنهنجي چوڻ مطابق، مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان
ڪم ورتو اٿم!“
”مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو، دوست!“ هن
آهستي چيو، ۽ اکين ۾ رنجش بکڻ لڳيس. هوريان هوريان
ڪنڌ جهڪائي هليو ويو.
مان هڪدم گهر اندر داخل ٿيس. ڏيئي
جو تيل بس ختم ٿيڻ تي هو. مون نان
–
ڪباب جا پُڙا اچي کٽ تي رکيا. اما ۽ زرينا، وائڙن
وانگر، ڪڏهن مون کي ۽ ڪڏهن پُڙن کي پئي تڪيو. پُڙا
سڻڀا هئا، ۽ ڪبابن جي خوشبوءِ پنهنجن ڪمزور هٿن
سان منهنجي منهن تي چماٽ هنيائين:
”بيحيا، پنهنجيءَ ڀيڻ جي جسم جو
سودو ڪري، هيءُ حرام آندو اٿئي!“
”نه نه “ مون احتجاج ڪيو، ”مان ته
مرڻ ويو هوس، پر رستي ۾ نوڪري ملي ويئي“
”نوڪري!“ اما ۽ زرينا حيرت مان
چيو.
”ها، امڙ، نوڪري!“ مون کين پڪ
ڏياري.
پوءِ اسين پُڙن تي جهڪي پياسين.
کائڻ جي دوران اما نوڪريءَ جي باري ۾ پڇيو.
مون کيس جواب ڏنو، ”هڪ اخبار جي
سچين خبرن جو نمائندو ٿيو آهيان.“
”سچيون خبرون؟“
”ها، بلڪل سچيون خبرون!“ مون گرهه
کڻندي چيو، ”پر اهي ڳالهيون تنهنجي سمجهه کان مٿي
آهن، اما! تون ماٺ ڪري ماني کاءُ.“
ان کان پوءِ مون ٻيون به سائيڪون
چورايون. جيئن جيئن منهنجو ڌنڌو وڌندو رهيو، تيئن
تيئن ”هو“ مون کان ڀڄڻ لڳو. اڳ مون سان اک ته
ملائيندو هو، پر هينئر بلڪل اجنبي ٿي پيو. مون کي
سندس رويو پسند نه آيو. مان شهر جي چورايل سائيڪلن
جو سڀ کان وڏو ڊيلر هوس. ان ڏينهن مون تي نظر
پئيس، ته وٺي ڀڳو، جڏهن کيس ڪنڌ کان جهليم، ته چئي
ويو: ”چور سان پلئه نه اٽڪائيندس!“
***
مون کيس قتل ڪرڻ جي ارادي سان
پيڇو ڪيو. رات جو پهر ختم ٿيڻ تي هو، منهنجي
بيچيني وڌي رهي هئي، مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ ختم
ڪرڻ ٿي چاهيو. پر هن ته بيهڻ جو نالو ئي نه ٿي
ورتو، هلندو رهيو.
نيٺ هڪ غليظ گهٽيءَ ڏانهن ڦري
ويو. مون موقعو غنيمت سمجهيو. ڪجهه قدم اڳي هلي،
هڪ ڪچي گهر ٻاهران بيهي، دڙ کڙڪايائين. مان وڻ جي
اوٽ ۾ ٿي بيٺس. سوچيم ته جڏهن موٽندو، تڏهن کيس
پٺيءَ ۾ چاقو هڻندس. مان خوامخواهه در ڏانهن ڏسڻ
لڳس. پڪ هيم ته ضرور ڪنهن مفلس جو گهر هوندو، ڇو
جو هو فقط مصيبت زده انسانن جي درن تي ويندو آهي.
در کليو هڪ نوجوان ٻاهر آيو. ڪپڙا ساده، پر اجرا
اوڍيل هئس. حيرت فقط اهو ڏسي ٿيم جو نوجوان جي هٿ
۾ لڪڻ هو. در بند ڪرڻ لاءِ هڪ عورت آئي ۽ چيائينس
”پٽ، ڀاءُ ڪتاب ۽ ٽيبل بتي به آڻجانءِ.“
”ها، اما، نوجوان جو آواز، هن جي
آواز جهڙو مٺو ۽ خوداعتماديءَ وارو هو. مون سوچيو،
”اڄ ته ڪمبخت وڏي آسامي هٿ ڪئي آهي.“
مان حملي لاءِ تيار ٿي بٺس. جڏهن
منهنجي ويجهو پهتا. تڏهن غور سان ڏٺم ته نوجوان
انڌو هو. هو چئي رهي هوس: ”دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي
محنت!“
عجب پئي ٿيم ته انڌو ته خيرات
پنندو آهي، هيءُ ڌنڌو وري ڪهڙو ڪندو! نوجوان ۾
دلچسپي وڌي وئي. مان هن کي بروقت قتل ڪرڻ جو ارادو
لاهي، سندس پيڇو ڪرڻ لڳس.
رات جو پهريون پهر به گذري ويو،
اوڀر کان روشنيءَ جا ترورا اڀرندا آيا ۽ اونداهه
گهٽ ٿيندي ويئي. هو ٻئي هڪ فرنيچر جي دڪان ٻاهران
اچي بيٺا. هن انڌي نوجوان کي ڪجهه چيو، ۽ ٻنهي جي
منهن تي عجيب مرڪ اچي ويئي. پوءِ نوجوان دڪان ۾
هليو ويو. ان وقت سندس پيشانيءَ مان نور جا ترورا
نڪري ويا هئا. سوچيم، ”ضرور هي شخص جادوگر آهي.“
مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل هوس. منهنجي
پاسي مان گذري چيائين: ”جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو
اٿئي، سو لوهار خون خرابيءَ لاءِ نه ٺاهيو هو!“
مان سچ پچ ته ڪنبي ويس.
منهنجي سامهون ايندي چيائين: ”هو
نوجوان انڌو آهي، پر تڏهن به ڪرسيون واڻي، پنهنجو
۽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جو عزت سان پيٽ پالي ٿو!“
مان خاموش لاجواب بيٺو رهيس.
چيائين: ”محنت دنيا جو عظيم ڌنڌو
اٿئي!“
”مان به محنت ڪندو آهيان!“ ائين
ئي، بيشرمائيءَ سان چئي ويٺس. ”تو ئي ته چيو هو،
مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم وٺان!“
”اهو ڌنڌو ئي ذليل آهي، جنهن ۾
خوف، ڊپ ۽ حراس پلئه پوي.“
هن جون ساگر جهڙيون نيريون نگاهون
منهنجي اندر ۾ لهي ويون.
چيائين: ”اکيون ڪينهنس، پر اندر ۾
اجالو اٿس. عزت ان ڪمائي ٿو، ۽ فخر جي زندگي بسر
ٿو ڪري! اڄ پنهنجي ڀاءُ لاءِ علم ۽ روشني وٺي
ويندو.“
منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو. سامهون،
اهو انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رهيو هو.
”مان هن جو دوست آهيان!“ هن چيو،
۽ پوءِ تکو تکو روشنيءَ ڏانهن هليو ويو. ٿوريءَ
دير کان پوءِ سج اڀريو.
ان ڏينهن کانپوءِ، مون خوف ۽
حراس، جرم ۽ پاپ جي زندگيءَ کان منهن موڙي ڇڏيو ۽
شهر جي مشهور سائيڪلن جي ڪارخاني ۾ فٽر ٿي ڪمائڻ
لڳس.
پهرين ڏينهن جڏهن گريس سان ٿڦيل
ڪپڙن ۽ ٿڪ کان چور ٿيل جسم سان ڪارخاني مان ڪم
پورو ڪري ٻاهر نڪتس ته هو مون کي در وٽ مليو. بيحد
خوش پئي نظر آيو. اکين ۾ اجالو ۽ نرڙ تي نور هوس.
مون کي ڳڙاٽڙي پائيندي چيائين:
”مان تنهنجو دوست آهيان!“
پڇيومانس، ”پر پنهنجو نالو ته ڪو
نه ٻڌايو اٿئي؟“
جواب ڏنائين ”ضمير“ آهيان!“
-
۽ پوءِ مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ سڄيءَ ڪائنات جي
اونداهه هن جي وجود اڳيان ٽڙي پکڙي ويئي.
(مهراڻ: 1
–
1963ع)
|