ڌُٻڻ
علي بابا
غروب آفتاب جو وقت هو. مان شهر جي
گوڙ گهمسان کان پري، مهراڻ جي ڪناري تي بيٺو قدرت
جي حسين مناظرن کان لطف اندوز ٿي رهيو هئس. ٿڌي
هوا لڳڻ ڪري مهراڻ جو صاف شفاف پاڻي، لهرون کائي
رهيو هو
–
هر لهر هڪ عجيب چنچلتا سان وٽ کائيندي، اچي ڪناري
جي ڀڪن سان ٽڪرائجي، هڪ عجيب ترنگ جاڳائي ٿي وئي
–
پري وچ سير مٿان هڪ تاڙو ٽي ..... ٽي جا مڌر سر
الاپي رهيو هو. وري اچانڪ ڪا چنچل مڇي تڙٻي ڏئي،
هڪ عجيب ساز ڇيڙيو ٿي وئي، سڄي ماحول ۾ هڪ عجيب
موسيقي ڀريل هئي. ڪناري تي پري پري تائين پکڙيل
ساوڪ
–
جوار جون پوکون
–
نم
–
بڙ ۽ سرهه جا ڊگها ڊگها وڻ، جهومي جهومي قدرت جو
ازلي ناچ نچي رهيا هئا. هتي اچي قدرت ڪيترو نه
حسين ٿي ڏسڻ ۾ آئي! مون تي هڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي
وئي هئي. مون نظرون ڦيرائي الهندي طرف افق ڏانهن
نهاريو. پري تمام پري، جتي آسمان زمين جي مٿان
جهڪيل هو، جتي ٽامي جهڙو تتل گول سج، هيٺ زمين
ڏانهن گهوتو هڻي رهيو هو، جتان افق جا ڪرڻا ڦٽي
رهيا هئا، آهستي آهستي
–
سج گهراين جا پاتال ۾ لهندو ٿي ويو ۽ افق جي رنگ
ويتر گهرا ٿيندا ٿي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي. هڪ عجيب
سمو ٻڌجي ويو. مان گم سم ٿي، چوڌاري نهاري رهيو
هوس.
انهي مهل پري کان هڪ نوجوان جوڙي
کي ڪناري ڏانهن ايندو ڏسي، نه ڄاڻي ڇو منهنجي دل
اداس ٿي وئي هئي. مون ڏاڍيءَ رشڪ ڀريل نظرن سان
انهي جوڙي ڏانهن نهاريو. منهنجي دل ۾ هڪ عجيب هلچل
مچي وئي هئي.
هي مهراڻ جو ڪنارو
–
هيءَ شام، هيءُ سمو ۽ مان اڪيلو. ڪاش! ناز مون سان
گڏ هجي ها
–
پر هوءَ برقعي کان سواءِ هڪ قدم به گهر کان ٻاهر
نه ٿي ڪڍي سگهي - ۽ مون کي ساڻس جيتري محبت هئي
انهيءَ کان وڌيڪ سندس پردي کان نفرت
–
عورت چاهي ڪيتري به سهڻي ڇو نه هجي، برقعي پائڻ
کان پوءِ هوءَمون کي ڪپڙن جي ڳوٿري ڏسڻ ۾ ايندي
آهي- مان عورتن جي برقعي جي سخت خلاف آهيان.
منهنجي دل چاهيندي آهي ته منهنجي زال مون سان گڏ
آزاديءَ سان گهمي ڦري، مون هن جي برقعي ڇڏائڻ
لاءِ، گهڻائي جتن ڪيا. ڪيترو کيس سمجهايو، رڍن
اڳيان رباب وڄائڻ مثل آهي. هڪ ڏينهن ته مون ڪاوڙ
۾ اچي سٽن ئي ٽن سان، سندس برقعو ڇينهون ڇينهون
ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ سان به ڪجهه نه ٿيو
–
خوامخواهه ڏيڍ سئو رپين جي چٽي پئجي وئي ۽ دل جي
حسرت به پوري نه ٿي.
انهيءَ ڳالهه تان اڪثر اسان جو
جهيڙو ٿي پوندو آهي. مان اڪثر کيس ڇڙٻيون ڏيندو
آهيان ۽ ڪئين ڪئين ڏينهن، هن سان ڳالهائڻ بند ڪري
ڇڏيندو آهيان ۽ اڪثر گهمڻ ڦرڻ به اڪيلو نڪري ويندو
آهيان ته من شايد گهر ۾ اڪيلي ويٺي هنئون منجهيس ۽
برقعي جي پچر ڇڏي - ۽ منهنجي انهيءَ تبديليءَ تي
هو تي هوءَ به مون کان ناراض آهي ۽ اداس اداس به.
اها ڳالهه نه آهي ته منهنجي زال
ڪا اڻپڙهيل يا پراڻن خيالن جي ڪا دقيانوسي عورت
آهي: نه هن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن سان پاس ڪئي هئي ۽
هينئر گلز هاءِ اسڪول ۾ چوٿون انگريزي پڙهائيندي
آهي. سندس انهيءَ پڙهائي تي، اسان جي مائٽن کي ڪو
به اعتراض ڪونهي، انهيءَ لاءِ ته قوم جي خدمت جو
سوال آهي. مان سمجهندو هئس ته شايد طبقو اعليٰ
تعليم يافته هئڻ جي باوجود اڄ به پردي جو پورو
پابند آهي
–
سو سمجهايومانس ته ”ڏس ناز! پاڻ پنهنجي شهر کان
پورا ٽي سئو ميل پري آهيون، هتي حيدرآباد ۾ پنهنجو
ڪو واقفڪار به ڪونهي، جنهن کان ڊپ ڪجي“. پر هوءَ
اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ٿي ٻڌي، چئي، ”مشرقي عورت جي
سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي سٺو زيور آهي.“
مون، هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ،
هزارين حيلا هلايا آهن، پر اڄ به، هوءَ پنهنجي
جڳهه تي اٽل آهي ۽ منهنجي دل جي حسرت، حسرت ئي
رهجي وئي آهي.
جڏهن اهو نوجوان جوڙو، منهنجي
ويجهو آيو ته، ڏٺم ته اهو نوجوان منهنجو گهرو دوست
ياسين هو
–
هو پنهنجي سهڻي ساٿڻ سان، ڪيترو نه مست مڱن ٿي
جهومي جهومي هلي رهيو هو، ڄڻ سڄي دنيا سندس ڀاڪر ۾
هئي! مون کي هن جي قسمت تي رشڪ اچي رهيو هو.
هن مون کي ڏسي، مئل دل سان هٿ جو
سلوٽ ڪيو. ڄڻ منهنجو اتي هجڻ کيس ناگوار گذريو
هو. مون کي سندس ائين پري کان هٿ هلائڻ تي ڏاڍي
ڪاوڙ آئي
–
مان ته سمجهيو هو ته منهنجو گهرو دوست جو ڪيترن
ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايو آهي، مون سان هميشه
وانگي ڊوڙي اچي ڀاڪر پائي ملندو ۽ پنهنجي سهڻي
ساٿڻ جو تعارف ڪرائيندو، جا شايد سندس زال زرينا
هجي: جنهن جي ڪيترا دفعا هو منهنجي اڳيان ساراهه
ڪري چڪو آهي
–
پر هو ته مون کي ڏسي، ائين نظرانداز ڪري وڃي رهيو
هو، ڄڻ مان و غير هئس. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ اچي
رهي هئي، ته جيڪڏهن مون سان اچي ملي ها، ته ڇا مان
سندس سهڻي زال کي چڪ هڻي ڪڍان ها! مان ڪيتري دير
تائين، هنن ٻنهي کي پٺيرو ويندو ڏسندو رهيس.
منهنجي لاءِ، شام ۾ڪا به رنگيني
باقي نه رهي هئي. سڄو سنگيت نه ڄاڻي ڪيڏانهن ٻڏي
ويو هو
–
ساري رنگيني ته ڄاڻي ڪٿي لڪي ويئي هئي
–
هوريان هوريان، ڌنڌ وڌي رهي هئي
–
ڪناري جا مبهوت مبهوت وڻ، ڄڻ وقادن کان ڪنهن جي
انتظار ۾ بيٺا، ٿڌيون آهون ڀري رهيا هئا
–
مون گهٻرائجي مهراڻ جي اڇ ڏانهن نهاريو. اچانڪ،
پاڻيءَ ۾ ڪا شرير مڇي تڙٻي کائي، مون کي چٻرا ڏيئي
وئي. پري لهرن مٿان پرواز ڪندڙ تاڙو منهنجي نظرن
کان پري ٿي ويو، هن جي ٽي ...... ٽي جو پر درد
آواز، اڃا به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. مان،
ڇا اداس ٿي ويو هئس، ساري ڪائنات اداس ٿي وئي هئي.
شام جي رنگيني ڦڪي پئجي وئي هئي، تنهن ڪري منهنجا
قدم گهر ڏانهن کڄڻ لڳا!
رات جو جڏهن يارن دوستن وٽان
ٿيندو، ڏهين بجي گهر پهتس ته پنهنجي زال جو
ڪوماڻيل ۽ اداس چهرو ڏسي، دل کي لوڏو اچي ويم
–
ڪجهه به ٿي پوي، اها حقيقت هئي ته، مون کي هن سان
بي انتها پيار هو
–
هن جون ٻئي وڏيون وڏيون خمار ڀريل اکيون، سڄيل
سجيل ۽ ڳاڙهيون هيون، ڄڻ هوءَ ڪيتري دير کان
روئندي رهي هجي، مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪئي
ته، مان به ڪيترو نه ردي ماڻهو آهيان، جو نڪا
ڳالهه نه مهاڙ، اجايو ٿو سندس دل کي رنجايان
–
ڀلا هوءَ پنهنجي دل ۾ ڇا سوچيندي هوندي، مون کي
پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ هئي. هوءَ مون کي ڏسي اٿي.
”تون ماني ڇو نه ٿو کائين
–
توکي ڇا ٿي ويو آهي
–
توکي منهنجي صورت نه ٿي وڻي؟“ هن جي آواز ۾ درد
هو.
شڪوه شڪايت هئي. هن جي ڍنڍ جهڙين
گهرين اکين ۾، پاڻي چمڪي رهيو هو. ”تون ايترو ڪٺور
ڇو ٿي ويو آهين
–
ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون کان ڪو به جواب
ٺهي نه سگهيو
–
مان هڪ مجرم وانگر خاموش بيٺو هئس، بلڪل پٿر
وانگر، پوءِ هن پيار سان پنهنجون ٻئي ٻانهون
منهنجي گلي ۾ حائل ڪري ڇڏيون. ”مان ڄاڻان ٿي ته
تون ڇو ڪاوڙيو آهين
–
انهيءَ لاءِ نه، ته مان برقعي کان سواءِ توسان
ٻاهر نه ٿي نڪران؟ اڄ کان پوءِ، ته مان ڪڏهن برقعو
نه پائينديس
–
تون به ڇا سمجهندو هوندين، ته مان تنهنجي لاءِ
ايترو به نه ٿي ڪري سگهان.“
مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو،
ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو هجان. منهنجي زال منهنجي
لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، پر برقعو نه ٿي ڇڏي
سگهي! ڪن کي اعتبار نه ٿي آيو ته اهي منهنجي زال
جا الفاظ ٿي سگهن ٿا. مون سندس اک جهلي، پاڻ کي
زور سان چهنڊي لڳائي، ته ڪٿي مان خواب ته ڪو نه
ڏسي رهيو آهيان، پر اها حقيقت هئي. مان خوشيءَ کان
پاڳل ٿي، کيس زور زور سان ڦيرائڻ لڳس. هوءَ ڇڏائڻ
جي ڪوشش ۾ منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪي ٽهڪ ڏيڻ لڳي.
”هاڻ هلي ماني کاءُ
–
ڏس ته مون تنهنجي لاءِ ڇا ڇا پچايو آهي.“ خوشيءَ
کان ته منهنجي بک ئي مري ويئي هئي، پر هوءَ
زوريءَ مون کي کاڌي جي ڪمري ۾ وٺي آئي.
انهيءَ رات ساري رات مون کي ننڊ
نه آئي. ايندڙ صبح جو منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان
وڏي حسرت پوري ٿيڻ جو ڏينهن هو. مان سڄي رات،
ڏينهن جا خواب ڏسندو رهيس.
صبح جو پنهنجي زال کي سنبرندو
ڏسي، منهنجي دل پئي بهار ٿي، خوشقسمتيءَ سان، اڄ
آچر هو. اسان پروگرام ٺاهيو هو ته اڄ سڄو ڏينهن
سير تفريح ۾ گذارينداسين. اڄ هن ڪپڙا به منهنجي
پسند جا پهريا هئا. هلڪي سائي جمپر ۽ سلوار ۽
ڳاڙهي سينڊل ۾ هوءَ ڏاڍي مٺڙي لڳي رهي هئي. دل ۾
آيو ته چوانس ته لپس
–
اسٽڪ به لڳائي، پر ڊنس ته ڪٿي سڄو پروگرام نه ڳڙٻڙ
ٿي وڃي.
جڏهن پاسي واري فليٽ وارن اسان کي
گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته، ڏسندا ئي رهجي ويا.
انهن پهرين ڪڏهن به منهنجي زال کي برقعي کان سواءِ
نه ڏٺو هو. ۽ هوءَ سامهون فليٽ واري ٽيڊي ڇوڪري،
جا مون کي لفٽ ئي نه ڏيندي هئي، سا به اکيون ٺپي
ٺپي مون ڏانهن نهاري رهي هئي. مون کيس نظر انداز
ڪري پنهنجي سهڻيءَ زال ڏانهن نهاريو. هوءَ برقعي
کان سواءِ ڪنهن به قسم جو شرم يا جهجهڪ محسوس نه
ڪري رهي هئي، ڄڻ برقعي سان ڪڏهن سندس واسطو ئي نه
رهيو هو. مون کي سندس انهيءَ تبديليءَ تي خوشيءَ
سان گڏوگڏ، حيرت به ٿي رهي هئي. سچ انهيءَ مهل هن
کان مون کي هڪ عجيب اجنبيت محسوس ٿي رهي هئي.
اسان ٻئي جڏهن پنهنجي خوبصورت
فورڊ ۾ اچي ويٺاسين، ته هڪٻئي کي ڏسي، بار بار
اسان جي چهرن تي مرڪ ڊوڙي ٿي وئي! مون هن ڏانهن
نهاري، مسڪرائي سيلف دٻايو
–
ڪار هڪ فراٽي سان اسٽارٽ ٿي وئي.
ساڳيو شهر
–
ساڳيون گهٽيون
–
انهيءَ کان پيشتر به مان ڪار ۾، ناز سان سوين دفعا
انهن سڙڪن تان گذريو هئس، پر اڄ هر چيز پهرين کان
مختلف نظر اچي رهي هئي. اڄ پهريون ڀيرو مون کي
احساس ٿيو ته، حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي جهڙو سهڻو،
ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ روڊ به ڪونهي. مون مسڪرائي
پنهنجي زال ڏانهن نهاريو. هوءَ هڪ عجيب دلرباني
انداز سان ڪار جي دريءَ تي ٺونٺ ٽيڪيو ويٺي هئي
–
دل چاهيو ته بس ڏسندو ئي رهان، انهيءَ کان پهرين
برقعي ۾ هوءَ ڪيتري نه بور لڳندي هئي. خوامخواهه
موڊ آف ٿي ويندو هو. اڄ هن برقعو ڇا لاٿو هو، هر
شيءِ جو حسن بي نقاب ٿي ويو هو.
”ڀئي، مون ڏانهن ڇا ٿو نهارين
–
ٽرئفڪ تي ڌيان رک. ڪٿي ايڪسينڊينٽ نه ٿي پوي“، هن
جملو ڪسيو ۽ اسان ٻئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳاسين.
ٿورو ئي اڳتي اچي مون اسٽرنگ
ڪاٽيو ۽ اسان جي ڪار ٺنڊي سڙڪ تي، ڪشتي وانگر ترڻ
لڳي. انهيءَ مهل دل چاهيو ته اسان جي ڪار ائين
وهندي وڃي
–
اهو سلسلو ڪڏهن نه ٽٽي. اسان ٻئي گم سم هڪ ٻئي کي
ڏسي رهيا هئاسين.
”اڄ موسم ڪيتري نه خوشگوار آهي!
راڻي باغ جو چڪر هڻجي؟“ ها...... ها...... ڇو نه
–
ٻئي هتي تفريح گاهه ئي ڪهڙي.“ ناز وراڻيو، راڻي
باغ پهچي، مون ڪار وڃي وڻن جي جهنڊ ۾ بهاري ۽ لهي
هن لاءِ در کولي، کيس هٿ جو سهارو ڏنم ته انهيءَ
مهل من کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هوءَ مون کي
پهرين وار ملي هجي. هوءَ پهرين کان ڪيترو نه مختلف
نظر اچي رهي هئي
–
اڄ هن جي چال ۾ ڪيتري نه لچڪ، ڪيتري نه تمڪنت
هئي. ڄڻ ڊيل ٽلي رهي هجي! منهنجي دل خوشيءَ کان
اڇلون کائي رهي هئي، انهيءَ البيلي نوجوان وانگي،
جنهن کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ يار جو ديدار
نصيب ٿيو هجي. هن سان گڏ راني باغ جي خوبصورت
ڦلواڙن جي ٻارن مان هلندي، مون کي ائين محسوس ٿي
رهيو هو، ڄڻ منهنجي ٻوٽن جي تري ۾ اسپرنگ لڳل هجن.
مان انتهائي جهومي جهومي هلي رهيو هئس.
جهڙالو هئڻ ڪري، راڻي باغ ۾ ڪافي
هجوم هو
–
ڪئين نوجوان برقع پوش عورتون، ٽيڊي ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون، پوڙها ٽهلجي رهيا هئا. هڪ نوجوان، جنهن
سان گڏ هڪ برقع پوش ساٿي هئي، گهڙيءَ گهڙيءَ
گوراکون وجهي فلم ايڪٽرن وانگي، ايڪشن ڏئي، ناز
ڏانهن نهاري رهيو هو. مون کي مٿس ايتري ڪاوڙ آئي،
جو وس پڄيم ته ٻئي آڱريون تير ڪري دوڏا ڪڍي
ڇڏيانس. گڏهه جو پٽ، پرايون زالون ٿو تڪي بيوقوف
کي ڪپڙن جي ڳوٿري کڻي گهمڻ ۾ ڇا خاڪ مزو ايندو
هوندو. ايڊيٽ
–
سوئر
–
پاجي .... مان دل ئي دل ۾ مٿس ڦٽڪار ڪئي.
ڪافي دير تائين راڻي باغ ۾ ٽهلجڻ
کان پوءِ، اسان وري اچي پنهنجي ڪار ۾ ويٺاسين.
اسان جي ڪار وري، راڻي باغ جي وڏي ويڪري سڙڪ تان
ڊوڙڻ لڳي.
”هون..... آه“ ناز، هڪ وڏو ساهه
کنيو. ”ڪهڙي نه ڀنل ڀنل خوشبوءِ آهي سرهه جي وڻن
جي
–
ڇا ڄامشوري هلي رهيوآهين؟“
”نه پياري! ڄامشوري ۾ ته شام جو
رونق لڳندي آهي، جڏهن پل جا رنگين قمقما، ستارن
وانگي ٽم ٽم ڪري جهرڪڻ لڳندا آهن.“
”اڄ ته مون کي تنهنجين ڳالهين مان
شاعريءَ جو واس ٿو اچي.“ ”تنهنجي نوازش آهي.“ اسان
ٻئي کلڻ لڳاسين.
ٿوريءَ ئي دير ۾، اسان جي ڪار
ڪوٽڙيءَ جي پل مان گذري رهي هئي، اسان جي پٺيان ٻي
ڪا به گاڏي نه هئي، تنهن ڪري مون ٿوريءَ دير لاءِ
ڪار پل ۾ بيهاري ڇڏي.
”هو ڏس ناز! ڪيترو نه سهڻو منظر
آهي.“
”اوهه! ڪيترو نه عجيب منظر آهي
–
درياءَ جي گولائي ته ڏس، جهڙو ٻن ٻن سڱن وارو چنڊ.
هل نه: ٿورو مهراڻ جي ڪناري ٽهلجنداسين.“ ناز
للچائجي وئي. ايتري ۾ مون محسوس ڪيو ته پٺيان ٽرڪ
وارو، هارن جي ڌم مچايو بيٺو آهي. مون جلدي ڪار
اسٽارٽ ڪئي، ۽ پل جو پورو چڪر ڪاٽي، هيٺ ڪناري جي
حفاظتي بند تي بيهاري. مون تصويرون ڇڪڻ لاءِ
ڪئميرا به کنئي هئي. ڪئميرا ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، اسين
ٻئي، هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳاسين.
”اوه! ڪيتري نه همگوار گولائي
آهي درياءَ جي
–
وري هي واريءَ جا دڙا ته ڏس، ڪهڙو نه سهڻو منظر
آهي
–
جهڙو ڪوهه مريءَ جي سبز شاداب پهاڙين تي وڇايل نرم
نرم برف.“
”ها ناز! واقعي اهي واريءَ جا دڙا
ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن
–
پر هڪ انجنيئر جي حيثيت سان. مون کي اهي دڙا بلڪل
نه ٿا وڻن، مان ڪي قدر سنجيده ٿي ويو هئس ۽ ناز
حيرت سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي!
”ڇا مطلب،“ مون چيو:
”ڏس ناز! تون آسانيءَ سان سمجهين
سگهين ٿي ته جڏهن درياءَ موج ۾ اچي ٿو ته انهن دڙن
سان وڃيو ڌڪ هڻي ۽ انهن دڙن جي سڄي واري پاڻ ڏانهن
ڇڪيو اچي
–
ڏس ته ائين هوريان هوريان هي ڪنڌ ڪيتري نه مٿاهين
تي ٿي وئي آهي ۽ انهيءَ جي مد مقابل ڪوٽڙيءَ جو
شهر ڪيترو نه هيٺاهينءَ تي زور ڀريندوآهي
–
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آخر هيءُ ويچارو معمولي بند،
ڪيستائين درياءَ جو منهن موڙيندو رهندو.“
”اوه ....... سمجهي ويس
–
پوءِ توهان ڪجهه ڪيو ڇو نه ٿا؟“
مون هڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”ناز!
منهنجو تعلق روڊ سب ڊويزن سان آهي
–
دريائن ۽ واهن سان منهنجو ڪو تعلق ڪونهي.“
”پر انساني زندگين سان ته توهان
جو تعلق آهي.“
مون کلي چيو: ”تون ته ايترو ڊڄي
وئي آهين، ڄڻ تنهنجو گهر به ڪوٽڙيءَ ۾ هجي.“
”ڇو نه! ڪوٽڙيءَ ۾ ته مون جهڙا
هزارين جيو رهن ٿا.“ مون کان ٽهڪ نڪري ويو. ناز
ڪاوڙجي ويو:
”انهيءَ ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه
آهي!“ مون بمشڪل پنهنجيءَ کل تي قابو پاتو ۽
چيومانس: ”ٽڪي باسيئي؟“
ناز به شايد منهنجي شرارت سمجهي
وئي هئي، چيائين:
”ها! ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟،
مون چيو: ”ڏس ناز! درياءَ جڏهن
چڙهندو آهي نه ته انهن دڙن جي واري، پاڻ ڏانهن ڇڪي
ايندوآهي ۽ وري جڏهن درياءَ لهندوآهي، ته هوا، وري
انهيءَ کي اڏائي، انهن دڙن تي اڇلائيندي آهي
–
هي دڙا اتي وقادن کان قائم آهن.“
”اوه!..... تون ته ڏاڍو هوشيار
آهين.“ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.
”چڱو هاڻي اچ ته تصوير ڪڍانءِ“
مان پنهنجي ڪئميرا، ڳچيءَ مان لاهي، تصوير ڪڍڻ
لاءِ، سهڻو منظر جاچڻ لڳس
–
مون ٻه ٽي دفعا ڪئميرا کي اک تي لڳائي ڏٺو ۽ پوءِ
ناز کي هڪ هنڌ بيهاري چيم:
”ٺيڪ، اتان ڏاڍي سٺي تصوير ايندي
–
کاٻي ٻانهن ٿورو مٿي ڪر ۽ اسٽائيل ۾ هن جو انداز
رک، ٺيڪ!“ انهيءَ مهل مون کي ڪئميرا جي فوڪس مان،
هڪ ٻيو سايو به پاڻ ڏانهن ايندو نظر آيو پر تنهن
هوندي به مون تصوير ڇڪي ورتي، ۽ جڏهن ڪئميرا اک
تان لاٿم ته، هلڻ جي لوڏ مان سڃاتم ته منهنجو گهرو
بي تڪلف دوست، گوهر اچي رهيو هو
–
نه ڄاڻي ڇو، انهيءَ مهل هن جو اتي هئڻ، مون کي
ناگوار گذريو. هن پري کان ئي مون کي ڏسي، رڙ ڪئي.
”هلو انجنيئر“ ”هلو شاعر“، مون مسڪرائي، ساڻس هٿ
ملايو ۽ سندس تعارف ناز سان ڪرايو.
”ناز! هيءُ آهي منهنجو گهرو دوست
۽ سنڌ جو مايه ناز شاعر مسٽر علي گوهر ۽ هيءُ آهي
توهان جي ڀاڄائي ناز.“
”واه، توهان سان ملي مون کي ڏاڍي
خوي ٿي آهي گوهر صاحب.“ ناز، ڏاڍي گرم جوشيءَ سان
منهنجي شاعر دوست سان هٿ ملايو
–
وري مون ڏانهن نهاري چيائين. ”توهان مون کي پهرين
ڇو نه ٻڌايو ته، گوهر صاحب توهان جو دوست آهي، نه
ته هوند مون کي ساڻن ملاقات جو شرف پهرين ئي حاصل
ٿي چڪو هجي ها؟“
”سچ پچ توهان سان ملي مان فخر
محسوس ڪري رهي آهيان.“ منهنجي زال جي واتان،
پنهنجي ساراهه ٻڌي، منهنجي شاعر دوست جو ڪنڌ فخر
کان آڪڙجي ويو هو ۽ مون کي پنهنجي زال تي حيرت لڳي
رهي هئي
–
هن جو هٿ اڃا تائين شاعر جي هٿ ۾ هو
–
حالانڪه مان آزاد خيالن جو ماڻهو آهيان، پر تنهن
هوندي به منهنجي حالت ئي عجيب ٿي رهي هئي.
منهنجي زال، جا بنهه ٿورو ڳالهائڪ
۽ سنجيده قسم جي هئي، وري چهچها ڪرڻ لڳي:
توهان جا گيت، جنهن به رسالي ۾
ڏسندي آهيان
–
مان اهو ضرور خريد ڪندي آهيان. توهان جا اشعار
پڙهي، دل چاهيندي آهي ته ڪاش مان به ڪا شاعره هجان
ها
–
مهراڻ جي موجن تي ڪو مڌر گيت ڇيڙيان ها ۽ سدائين
قدرت جي حسين مناظرن سان هم ڪلام رهان ها!“
منهنجو دوست، جنهن جا هينئر ٻئي
هٿ پينٽ جي کيسن ۾ هئا، چوڻ لڳو:
”توهان جهڙِ باذوق خاتون لاءِ
شاعري ڪرڻ ته ڪا مشڪل ڳالهه ته نه آهي. توهان کي
رڳو فعولن فعولن فعولن جي جدول ياد ڪرڻي پوندي.
انهيءَ مهل مون کي پنهنجي دوست
تي، ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي. منهنجي زال کي ٿو
شاعري ڪرڻ سيکارين.
وڏوآيوآهي شاعر جو پٽ
–
فعولن فعولن جي جدول
–
عورتن سان ڳالهائڻ جي تميز به ڪانهيس
–
ڇا! هڪ دوست جي زال سان ائين اکيون اکين ۾ وجهي هٿ
هٿ ۾ملائي ڳالهائبو آهي
–
گڏهه ڪٿي جو، شاعري ڪرڻ هليو آ پٽ
–
وري مون کي ڪاوڙ ته پنهنجي زال تي اچي رهي هئي، جا
خواهخمواه سندس مٿان ساراهه جون پليون ٻڌي رهي
هئي. هن جي شاعري هئي ڇا، ڪاغذن تي ٻوڙ هاريندو
هو.
”ڊارلنگ! گوهر صاحب جي پهرين
ملاقات جي يادگار لاءِ مان ساڻن فوٽو ضرور
ڇڪائينديس!“ ”ڇو نه، ها ها“ منهنجو ته اندر ئي سڙي
ويو هو. پر نيٺ اخلاق به ته ڪا شيءَ آهي. مان فوٽو
ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جڏهن تصوير ڇڪڻ لاءِ مون
ڪئميرا جي اک مان ڏٺو ته، دل ۾ آيم ته ڪئميرا کڻي
درياءَ ۾ اڇلايان، منهنجو ته دماغ چڪر کائي ويو!
اف..... منهنجي زال جي بيهڻ جي اسٽائيل ته
پاڪستاني ايڪسٽريس کي به مات ڪري ڇڏيو هو. ڪير
چوندو ته هيءَ ڪا اهائي ساڳي ناز هئي، جا برقعي
کان سواءِ هڪ قدم به گهر کان ٻاهر نه ٿي ڪڍي سگهي!
دل ۾ آيو ته سٽ ڏئي، سندس هوا ۾ لهرائيندڙ آواره
وار پٽي کيس گهريندو وڃان
–
پر اهو فقط مان سوچي سگهيس ٿي
–
مون کي تصوير ڪڍڻي ئي پئي.
جڏهن مون ڪئميرا اک تان لاٿي ته
منهنجي زال مون ڏانهن نهاري چيو:
”ڇو پيارا! توهان جي طبيعت ته ٺيڪ
آهي نه
–
ههڙي ٿڌي هوا ۾ به توهان کي پگهر اچي رهيو آهي!“
مون گهٻرائجي چيو ته ”نه، مان
بلڪل ٺيڪ آهيان.“
۽ جڏهن پيشاني تان هٿ ڦيرايم ته
پگهر جا ڪئين سنهڙا سنهڙا قطره، منهنجي آڱرين تان
ترڪندا، ڪناري جي چمڪيلي واريءَ ۾ چوهجي ويا.
ٿوري ئي دير ۾ منهنجو شاعر دوست،
اسان کان موڪلائي وڃڻ لڳو. ناز به مون کان ڪئميرا
وٺي، هٿ سان لوڏيندي ڪار ڏانهن وڃڻ لڳي.
مون کي نه ڄاڻي ڇا ٿي ويو هو. مان
ڪجهه دير ڪناري تي بيٺو هو، هڪ ٽڪ نظرن ان لهرن ۾
نهاري رهيو هئس. هر لهر ڇلڪندي وٽ کائيندي، ڪناري
جي ڀڪ سان ٽڪرائجي، منهنجو منهن چيڙائي ٿي وئي
–
مون ڪاوڙ ۾ اچي، ڪناري تان گپ کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلائي
–
هڪ آواز سان گڏ پاڻي ۾ گول دائرو پيدا ٿي ويو.
انهيءَ کان پهرين ته اهو گول دائرو تحليل ٿي وڃي
مان ڪار ڏانهن موٽڻ لڳس.
مان جڏهن ڪار جي در وٽ پهتس ته،
منهنجون اکيون حيرت کان کلي ويون. منهنجي زال ڪار
۾ برقعو پائي، بٽڻ بند ڪري رهي هئي. هن مون کي
ڏسي، هڪ ادا اسان برقعي جي پلئو مٿي ڪري، مون
ڏانهن نهاريو
–
هن جي شرير نظر مان، مان سڀ ڪجهه سمجهي ويو هئس.
”اوه! شرير ڪٿي جي
–
تو ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا!“
”هي ....... هي....... هي.....“
هوءَ کلڻ لڳي. پوءِ ته اسان ٻئي اچي کلڻ ۾
ڇٽاسين، ايستائين جو منهنجو دم گهٽجڻ لڳو هو ۽ ناز
به، اونڌي سڌي ٿي رهي هئي.
”ٽڪي باسيئي؟“
”ها“ مون هاڪار ڪئي - ۽ ناز
سنجيده ٿي چوڻ لڳي: ”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ،
برقعو سڀ کان قيمتي زيور آهي، هي مارئيءَ جو ديس
آهي، ۽ هن جي سونهن لوئيءَ ۾ ئي ساراهي ويئي آهي،
جيڪڏهن هن جي ڪهاڻي مان لوئي ڪڍي ڇڏجي ته باقي
سندس ڪهاڻيءَ ۾ ڇا رهندو.“
مان نٿو چئي سگهان ته انهيءَ مهل
پنهنجي زال جي اڳيان، منهنجيون نظرون عقيدت سان
جهڪي ويون هيون يا شرم کان منهنجي زال وري چيو:
”ٽڪي باسيئي؟“ ۽ مون ڪنڌ ڌوڻي، ها
ڪئي ۽ اسان ٻئي پاڻ ۾ نهاري وري کلڻ لڳاسين.
ٻئي ڏينهن دفتر مان واپسيءَ مهل
جڏهن مان گهر پهتس ته منهنجي هٿ ۾ ڏهه وال 16000
لٽي جا هئا. هاڻي منهنجي زال گول اڇو برقعو
پائيندي آهي - ۽ هوءَ انهيءَ برقعي ۾ مون کي ڏاڍي
پياري لڳندي آهي.
هاڻي ڪنهن به آزاد جوڙي کي ڏسي،
منهنجي دل ۾ رشڪ نه پيدا ٿيندو آهي. هاڻي جڏهن به
ڪو نوجوان جوڙو منهنجي نظرن اڳيان گذرندو آهي ته،
مان دل ئي دل ۾ چوندوآهيان.
”اي منهنجي جيجل مهراڻ جا ٿڃ شريڪ
ڀاءُ
–
تون زماني جي وهڪري تي چاهي، منهنجي پراڻي تهذيب ۾
ڪيتري ڦير گهير ڇو نه آڻين! چاهي تون منهنجي
مارئيءَ ڀيڻ کان سندس لوئي ڇو نه ڇڏائي ڇڏين! پر
ياد رک، منهنجي پراڻي تهذيب هر دم تنهنجو گلو
دٻائيندي رهندي. تون هر جاءِ هر هنڌ ڌٻڻ محسوس
ڪندين!“
(مهراڻ، 3
–
1962ع)
|