سيڪشن؛    ڪهاڻيون

ڪتاب:مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 12  

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

 

ٽِڪري

”بشير“ مورياڻي

 

                ڏتي ڪپڙي  جو سينهو ٺاهي مٿي رکيو، ۽ ان تي ڇَٻو رکي، تاجوءَ جي جئا واريءَ ٽِڪريءَ ڏانهن هلڻ لڳو.

                ٽِڪريءَ جو اڌ حصو کليل ميدان هو. ڪٿي ڪٿي پڪين سرن جا گُندڙا ٺهيل هئا، جن  ۾ نم جون چڪيون لڳايون پيون هيون هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ هو ۽ ٻيو گدامڙي جو، جن هيٺان کٽون پيون ئي رهنديون هيون.

                ٻئي اڌ حصي ۾ هڪ ته وڏي در واري ڪوٺي هئي، جتي سياري جي راتين ۾ جوئا ٿيندي هئي. انهيءَ ڪوٺيءَ سان لڳ ٻي ننڍڙي ڪوٺي به هئي، جتي پاڻيءَ جو نل لڳل هو. هڪ ننڍو باغ به هو. هڪ ٻه کجيءَ جا ننڍا وڻ، هڪڙي نئين ٻير، ڪجهه وليون ۽ ٿوري ڇبر ڏينهن جو اتي جي ڇانوري ۾ جوئا لڳندي هئي. چوڌاري گنب جو لوڙهو ڏنل هو، جنهن جي مٿان ڪنڊا ۽ ٻوڙا ڄمائي رکيا ويا هئا. لوڙهي جي دڳ وارين ٻن ڪنڊن تي سدائين ٻه پهريدار بيٺا هوندا هئا.

                ڏتو ڇٻو کڻي ٽڪريءَ ۾ پهتو. ان وقت سج لهڻ جا سانباها ڪري رهيو هو، ۽ زرد نٻل اس شهر جي اوڀر واري حصي جي گهرن تي پويان پساهه کڻي رهي هئي. ڏتي ڇٻو موڙي تي رکيو ۽ پنهنجي ويهڻ لاءِ سروٽا ڳولڻ لڳو.

                ”پر، هي سراٽا روز الائي ڪهڙو....... ٿو کڻي وڃي. روز ٿو ٻاهريون کڻي اچان، ٻئي ڏينهن ڏس ته ٺهن ئي نه!“ هو ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. نيٺ ٻاهران هڪ پڪي سر کڻي آيو ۽ ان تي ويهي ”آ گل ڇڪا“ ۽ ”تري“ جا آواز ٻڌڻ لڳو. هو ڪن خيالن ۾ محو ويٺو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جوئاريءَ وڏو داءُ پئي کٽيو، ته واڪو پئي ڪيائين. ڏتي جو ڇرڪ نڪري ٿي ويو. هر داءُ کٽندڙ هن کي وڏي واڪي پئي سڏيو:

                ”چاچا ڏتا! آني جا ڇولا ته کڻي آءٌ“

                ”چاچا ڏتا، ٻين آني کن جا ڇولا ۽ ٻه ڍٻلان، رس مڙئي سرس آڻجانءِ!“

                سج لهندي لهندي ڏتي جو مال کپي ويو. هن خالي ڇٻو اندرئين ڪوٺيءَ  رکيو، ۽  سانجهيءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀرواريءَ مسجد  ڏانهن هليو ويو. ڏتو  روزانو نيراني بازار مان ڍٻلون، چڻا ۽ مند آهر پٽاٽا ۽ ڪچالو وٺي ايندو هو. اڌ ڏينهن تائين مال تيار ڪري، منجهند ٿيندي ئي ڇٻو کڻي نڪرندو هو. پهريائين هو ڪن گهٽين ۾ ويندو هو. يا غريب پاڙن ڏانهن. ٻارن ۽ زالن کي چهريون چيزون گهڻو ڪري وڻنديون آهن، تنهن ڪري هو گهر گهر اڳيان هوڪو ڏيندو ويندو هو:

                ”ڇولا ڍٻل...... گرم ڇولا ڍٻل!“

                ٻار ”ڀائي! ڀائي!“ پڪاريندا، پئسا هٿڙن ۾ جهلي، گهرن مان نڪرندا ايندا هئا. ڪن گهرن جي درن کي ڏنل ٽپڙيون لڏڻ لڳنديون هيون ۽ انهن پٺيان چرپر پيدا ٿيندي هئي. ڪانچ جي ڪنگڻين سان جهنجهيل ڪرايون ۽ اڇا هٿ ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ڇولا ڍٻل وٺي جهت اندر ٿي ويندا هئا.

                پوياڙيءَ مهل ڏتو تاجوءَ جي ٽِڪريءَ ڏانهن رخ رکندو هو. رهيل کهيل مال اتي نيڪال ڪري، سانجهيءَ جي نماز ڀرواريءَ مسجد ۾ پڙهي گهر ورندو هو. اهو ڏتي جي روزاني زندگيءَ جو معمول هو.

                سرءُ جي مند هئي. شام اداس هئي.  ڏتو مايوس پئي ڏٺو. ڇٻو ٿورو پريان رکيو هوس ۽ سندس ساڄي پاسي جوئاگرن جو ٽولو خاموش ويٺو هو. جوئا بند هئي. ٻڌڻ ۾ آيس ته اهو سٽي پوليس انسپيڪٽر جنهن کي ٽڪريءَ طرفان مهيني سر ٻڌي رقم روڪڙ ملندي هئي، بدلي ٿي ويو هو، ۽ جيڪو نئون ماڻهو ان جي جاءِ تي آيو هو. سو سخت هو.

                تاجو، ٽڪريءَ جو مالڪ رکي رکي هٿ مهٽي رهيو هو. اڄ نال جو نه مليو هوس!

                هڪڙو جوئاري چوڻ لڳس، ”چاچا تاجل! ڀلا ڇو نه انهيءَ نئين آفيسر سان ملي ڏسجي.“

                ”سڀ اڦيسر هڪجهڙا ٿورو ئي هوندا آهن! ڏاڍو سخت ٿو ٻڌجي.“

                ”جهڪي ويهه! پئسي اڳيان هر ڪو پاڻي ٿيو پوي. اڄ رات ئي دستي کڻي. الاهي توهار ڪر. ڏس ته منٽن ۾ ڪم ٿو راس ٿئي نه!“

                ٻئي جوئاريءَ، ٻيانيءَ سان زمين ۾ سوراخ ڪندي، ڪنڌ لوڏ ڪري هن جي تائيد ڪئي.

                ”هيئن ڪاروبار بند رهي به ڪيستائين رهندو؟“

                ”اها ئي ته ڳالهه آهي،“ تاجوءَ چيو ”چڱو رکو مولا تي، رات وٽس وڃبو.“

                ان بعد سڀني تيار ٿيل ”ڦل“ مان سوٽا هڻڻ شروع ڪيا.

                ڏتو ته ڪنهن دنيا ئي ٻيءَ ۾ هو. سوچي رهيو هو، ”ورندي سرءُ اچي سهڙي، پر ڀاڻم جو ناسور نه لٿو!“

                هن جو نوجوان ڀاءُ رمضو استگيري جو ڪم ڪندو هو. گذريل سال هڪ ماڙي ٺاهيندي گوءِ اچي هيٺ پئي. هڪ مزور اڦٽ مري ويو. ڪن استن کي ڌڪ لڳا. رمضو به انهن مان هڪڙو هو. هن کي سڄي پير ۾ پڪيءَ سر  جي هڪ چٿري چڀي وئي. زخم ٿيو، جنهن پوءِ ناسور جي صورت ورتي. علاج ٿيا، شاديءَ لاءِ جيڪي پئسا ڪٺا ڪيا هئائين، خرچ ٿي ويا. ڏتي جي گهر واريءَ جا زيور ۽ نقدي ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ جراحن جي کيسن ۾ هلي وئي، پر رمضو کٽ داخل ئي رهيو. ڏتو پنهنجي مٿي تي ڇٻيءَ سان گڏ ڀاءُ  جي بيماريءَ جو غم به کڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ گهمندو رهيو.

                ڏتو ائين ويچارن جي وهڪري ۾ وهي رهيو هو، ته هن کي ڪجهه بيزاريءَ جو احساس ٿيو. آخر هو لاچار، ڀاءُ لاءِ ڪري به ته ڪري ڇا! دوائون دعائون سڀ بيڪار ثابت ٿيون هيون. هر هر نماز کان پوءِ ڀاءُ جي صحت لاءِ ٻاڏائي دعائون پنندو هو، پر انهن ڪو اثر نه ڏيکاريو. ڀاءُ کي پڻ تلقين ڪندو هو ته  ڌڻيءَ در ٻاڏائي. ڀاڻس پهرين ته هن جو چوڻ ورتو هو، پر جڏهن سچيءَ دل سان گهريل دعائن جو ڪو اثر نه نڪتو، ته هو مايوس ٿي پيو ۽ ائين ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. هي ان تي ٽوڪيندو هوس، ته تنگ ٿي چوندو هو: ”انهن دعائن مان نه ڪجهه وريو آهي، نه ورندو. بس هن ايذائن ۽ عذابن ڀريءَ حياتيءَ کان هاڻي جند ڇٽي ته چڱو!“

                ”ائين ته نه چئه ......“ ڏتو هن جي ڪاراٽجي ويل چپن تي هٿ رکندو هو. اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها اچي ويندا هئس. ڏتو رڳو انهيءَ ڪري غمگين ٿيو نه ويٺو هو، جو ڀاءُ جي درد جو احساس ٿي رهيو هوس، بلڪه ان کان به وڌيڪ هڪ اهم ڳالهه هن کي جهوري رهي هئي.

                صبح پاڙي مان ڏس مليو هوس ته هڪڙو نئون ڊاڪٽر شهر ۾ آيو هو. ٻڌڻ ۾ آيس ته  ڦٽن ڦرڙين جي علاج ۾ ماهر هو. سندس هٿ شفا جو هل به هو. ويچارو نيراني ئي وٽس ويو هو ۽ بگي ڀاڙي ڪرائي، ڊاڪٽر کي گهر وٺي ايو. ڊاڪٽر کي تپاسيندو ڏسي، ڏتي جي گهرواريءَ مڙس جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو:

                ”ڏاهو ٿو ڏسجي، منهنجي ته دل ٿي ٻولي ته ڀاڻهين کي اهو ڇٽائيندو!“

                ڏتي هوريان ڪنڌ لوڏ ڪئي. ڊاڪٽر، رمضوءَ جو ڦٽ چڪاسيو ۽ ان تان لاٿل شيهي جو ٽڪر پري ڦٽو ڪيائين ۽ پنهنجي بيگ مان ڪپهه ۽ پٽيون ڪڍي ڦٽ تي ٻڌي ڇڏيائين، ۽ هدايت ڪيائين:

                ”ڦٽ سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي.“    

                ڊاڪٽر اٿيو، ته ڏتو بگيءَ تائين ساڻ ويس.

                ”سائين منهنجا .....“

                ”بابا، ڳالهه ٻڌ.“ ڊاڪٽر وچ ۾ ڳالهه ڪٽي چيس، ”ڦٽ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.“

                ”شل ٻچا جيئنو!“

                ”ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهندين؟“

                ”سائين، غريب آهيان. پئسو پنجڙ گهر ۾ رکيل ناهي. ڇٻو کڻندو آهيان. مشڪل سان گذر پيو ٿئي.“

                چڱو، تو کان ايترا پئسا ڪو نه وٺبا: پر  گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو رپين جو بندوبست ڪندين، تڏهن ئي اطمينان سان علاج ٿي سگهندو. ڦٽ ڏاڍو خراب ٿي چڪو آهي. ڄنگهه جي مٿئين حصي تائين پونءِ آهي. پئسن جو انتظام ڪري، ڏينهن ٻن اندر جواب ڏجانءِ.“

                بگي هلي وئي، ۽ ڏتو جتي جو تتي بيٺو رهيو ۽ غم ۾ غوطا کائيندو رهيو هڪ سئو رپيا ته هن کي ٻارهين مهيني به نه بچڻا هئا، سي  ڏينهن ٻن ۾ ڪٿان ٿي آڻي سگهيو! هوڏانهن نوجوان ڀاءُ هئس، جيڪو ڏينهون پوءِ ويو ٿي کاڄندو. ذري گهٽ قبر ڪنڌيءَ تي هو. پيءُ جي مئي پڄاڻا هن کيس  پُٽڙو ڪري پاليو هو. اولاد به ڪو نه هئس، تنهن ڪري هيڪاري سڄو پيار ڀاءُ تي پٽجي پيو هوس. هن جي جوانيءَ جي موت جي خيال کيس ڪنبائي ٿي ڇڏيو. هو ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو.

                هو انهن ئي ويچارن ۾ تاجوءَ واري ٽڪريءَ ۾ ويٺو هو، ته سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ جو آواز ڪن تي پيس. اڄ پهريون ڀيرو هن محسوس ڪيو ته ڄڻ اهو آواز هن کي سڏي ئي نه رهيو هو. پر عادت کان مجبور، زبردستيءَ اٿي مسجد ڏانهن ويو. نماز ۾ به هو بيمار ڀاءُ بابت سوچيندو رهيو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن نماز پڙهڻ کان پوءِ دعا نه گهري، ٽڪريءَ مان ڇٻو کڻي گهر جو رخ ڪيائين. در ۾ پير پائيندو ويو، ته رمضوءَ جي چيچلائڻ جو آواز ڪن پيس. جوڻس ڏير کي ويٺي پکو لوڏيو.

                ”ڇو......؟“ سوال هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، ڇٻو هڪ ڪنڊ ۾ رکيائين ۽ زال ڏانهن وڌيو.

                ”ڇو........؟“

                انهيءَ مختصر سوال ۾ هن جي دل جو سمورو درد ۽ اضطراب سميٽجي آيو هو. جوڻس پوتيءَ جي پلوءَ  سان اکيون اگهيون، ته ڏتي پنهنجي سيني مان دل ٻاهر نڪرندي محسوس ڪئي. ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ بنا هو رمضوءَ ڏانهن وڌيو. هن جون اکيون بند هيون، پر سڄي بدن ۾ڏڪڻي هيس. لڱ لڱ ڦڙڪي رهيو هوس.

                هن سندس پيشانيءَ تي هٿ رکيو، ته رمضوءَ پنهنجي ڏڪندڙ هٿ سان ان کي سوگهو جهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

                ”ائين وهلور ڇو ٿو وڃين؟“

                ڪو جواب نه آيو.

                ”اڳيئي تڪليف اٿس، تون ڳالهرائينس ته نه!“

                زال جي اها صلاح هن کي آئڙي. پوءِ چوڻ لڳو:

                ”سڀاڻي کان ڊاڪٽر تنهنجو علاج شروع ڪندو، اد!“

                جوڻس ڏتي جي اکين ۾ ارادي جي چمڪ ڏٺي. سڄي رات هو سوچيندو رهيو.

                اهو صبح هن جي زندگيءَ جو نئون موڙ هو. هو هڪ اهڙو فيصلو ڪري بستري تان اٿيو، جنهن جو ڪڏهن خواب به نه لڌو هئائين.

                ”زندگيءَ جي ٽِڪريءَ ۾ منهنجو ڀاءُ جان جي بازي لڳائي چڪو آهي، مان به وڃي جوئا جي ٽِڪريءَ ۾ ٿو بخت آزمائي ڪريان!“

                هن نهن صاف ڪيو، هڙ ۾ گذريل ڏينهن جي ڪمائي ٻڌي، ۽  هلڻ لڳو.

                ”اڄ بازار نه ٿو وڃين ڇا؟“ جوڻس پڇيس.

                هن تيز نظرن سان کيس ڏٺو. هوءَ اڳيئي حيران هئي، جو صبح جو نماز پڙهڻ لاءِ پئي اٿاريائينس ته پاسو ورائي سمهي رهيو هو. هن جي روزاني زندگيءَ جي معمول ۾ ايڏو فرق ڏسي، مائيءَ کڻي ڏندين آڱريون ڏنيون، ماٺ کڻي ڪيائين.

                ڏتي پهريائين ته هاٿيدر جي هڪ سستي هوٽل تان چانهه جو ڪوپ پيتو، ۽ پوءِ ٽِڪريءَ طرف هليو جوئارين هن کي ڇٻي کان سواءِ ۽ ڪمهلو ڏسي، جهٽ لاءِ ته حيراني ظاهر ڪئي، پر پوءِ پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا.

                تاجو کٽ تي ويٺو هڪڙي سنگيءَ کي ٻڌائي رهيو هو ته  ڪيئن ”اڳينءَ رات نئين صاحب کي خوش ڪري آيو هو. اهو به پئي ٻڌايائينس ته انهيءَ کان ”نال“ رپئي تي آني بدران ڇهه پئسا ڪيو ويو هو، ڇو ته نئين صاحب کي ڳچ پئسا ڏيڻا پيا اٿس.

                ڏتو هٻڪندي هٻڪندي وڃي جوئاگرن سان ويٺو راند ۾ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو. هن ڏڪندي ڏڪندي راند ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت گهري. نازوءَ کلي هڪڙي حريف کي چيو:

                ”اڙي ڇڏينس ته ڀل هڪ اڌ داءُ لڳائي ڏسي. اڄ يا ته هڙ ڪوسي اٿس يا کُٽيءَ کنيو اٿس، تڏهن ڇولن ڍٻلن وڪڻڻ بدران جوئاڪرن آيو آهي!“

                ٻئي چيو: ”اسان جو ڇا ٿو وڃي ڀل داءُ رکي.“

                ڏتي پهريان ڪجهه داوَ هارايا،  پر پوءِ ته سانده کٽندو رهيو. چوندا ڪين آهن ته ”شل نه ڪنهن اناڙيءَ کي ڀاڳ لڳي!“ ڏتي جو بخت به اچي کليو تاجوءَ وڏي نال ملڻ جي اميد تي هن جي پٺي اچي ٺپري. ڏتو جيتي رهيو هو. پنهنجي آسپاس جي سڌ به نه هئس. هو پنهنجي نوجوانءَ ڀاءُ کي موت جي منهن مان بچائڻ لاءِ جيتي رهيو هو..... ۽ هڪڙو پاڙي وارو هن لاءِ اها خبر کڻي ٽِڪريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو ته رمضو زندگيءَ جي بازي هارائي چڪو هو!

(مهراڻ: 3 1956ع)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com