راڻا جي
رجپوت
هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي منهن تان وارن کي مٿي ڪيو ۽
ڦيري پاتي، سندس وڏا ۽ ٻٽون وار ڦرندا لهرو هڻندا
اچي هڪ هنڌ بيٺا، سندس پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن آواز
ڪيو، باجي واري سر ملايو ۽ شروع ڪيائين؛
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس،
نه ڪا عام نه خاص جي ويا سي وڍيا
محفل ۾ جيڪو چوٻول هو، تنهن دنگ ڪيو ۽ ماٺ جي راڄ
۾ هو اڃان به اڳتي وڌيون:
مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور،
هڻي حاڪمين کي پَٽِ نهاري پورُ،
گهوٽ پهري گهور، ويا سي وڍيا
سندس ٻوانجهڙين اکين ۾ خمار هو، سندس نازڪ هٿ،
سندس سنهڙي چيلهه سان وٽ وراڻيون ڏيندا وڌي ٿي آيا
۽ جيئن جيئن هو ساز سان هم آهنگ ٿي سر سان سنگ ڪري
محفل کي اوج تي پهچائيندو پي هليو، ٽئين سندس ڳلن
جي ڳاڙهاڻ، اکين جي مئي، هٿن ۽ پيرن جو وڄ وراڪو ۽
ڇير جي ڇمڪار جو جادو، هر ماڻهو کي جادونگري ڏانهن
پي نيو. هاڻ ته وائي وات هجي:
راڻا جي رجپوت مومل سي ئي پسندا،
پڙهئا پڻت، پير، توڻي مير، همير، مرندا،
مومل سي ئي پسندا.
ائين پي لڳو ڄڻ هو مومل آهي سندس چوڌاري ڪاڪ آهي،
جنهن جا رنگ
به پنهنجا، ڦند ۽ ڦير به ساڳيا. جڏهن هن موج کي
مستي سان ڪناري تي لڳايو ۽
سندس اکين جي الماس ۽ انبورن ڪئين گهائي وڌا ته
سڀني کي هوش آيو.
”واهه گلاب واهه !“
”واهه سهڻا واهه!“
”اڙي شال جيئين، ڪوسو واءُ نه لڳئي، سونهن سلامت
هجئي، اصل وڻ وڄائي ڇڏيئي.“
ائين مٿس نوٽن جو وسڪارو ٿي ويو. چوڌاري واهه واهه
هجي. رئيس جانب علي جيڪو اڃان تائين اُنهيءَ
جادونگري جي طلسم ۾ ڦاٿو پيو هو، اوچتو ٽپ ڏئي
اُٿيو ۽ چيائين:
”گل، جيڪي گهرڻو هجيئي سو گهر!“
گلاب ڳچي مان ڳاڙهو رومال کولي، ڳارو ڪري نئڙيو ۽
چيائين، ”رئيس مان خادم، مان گولو، مان ته سائين
گولا جي گولن جا، تن جو به غلام.“
رئيس اصل مست ٿي وريو، ٿڙندو اڳتي وڌيو ۽ ڀاڪر
پاتائينس، ”اڙي دل خوش ڪئيه من موج ڪيئه، اڃان به
نه گهرندين. اچي هيءُ وٺ“
رئيس سڀ کيسا کڻي خالي ڪيا، نوٽ مٿس وسائيندو ويو
۽ پوءِ وٺي اچي پاڻ سان وهاريائينس. اتي سندس
ڪمدار ڪن ۾ اچي سرٻاٽ ڪيس، پوءِ ته اهو اٿي درگاهه
جي موالين واري وڏي ڪوٺي جيڪا پر ڀرو هئي اتي وڃي
ويٺا. ائين وري محفل ۾ کنگهه کڙڪو ٿيو، باجي واري
رينگٽ ڪيو، ڌڪڙ جي هڪ ٻيو نينگر سُر سان سُر، تال
سان تال، انگ سان انگ ملائي رهيو هو. هن کنيس به
اتان جت گلاب ڇڏيو هو:
هلو، هلو ڪاڪ تڙين جي نيھ اُڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي
اُهو ئي راڻو، اها ئي مومل، اها ئي ڪاڪ، پر گلاب
ڪون سڏائي. اکين ۾ اهو ئي ڪجل هو پر اها مستي ڪٿي،
سندس سر ۾ اها ئي مٺاڻ هئي، پر اُهي مرڪون ڪٿي،
سندس ڳل ڳاڙها هيا پر اها شبابي سرخي ڪٿي، جنهن
ماڻهن کي مست ڪيو هو. هوئين درگاهه تي ٿيندڙ هن
محفلن ۾ گلاب نه اچي ته ماڻهو ڪونه مڙن. اڄ نه عرس
هو، خلق سٿي پئي هئي. مومل جي مجاز جا ماريل
انهيءَ ڪوٺي ڏانهن نهارين پيا جتي رئيس جانب علي
گلاب سان رهاڻ پيڪئي. سڀني ائين پي سمجهيو ته ڪو
وڇوڙي جا وڍ وجهي پرينءَ کي پاسيرو ڪري ويو آهي،
ڪو رقيب روسياهه سندن پرين سندن گلاب جو گل کانئن
ڦري ويو آهي.
گلاب سال ٻن اندر مکڙي مان گل ٿيو هو، سندس سر
ويندي وريو هو. اڳ به ڳائيندو هو پر استاد نبن جو
اهڙو هٿ لڳس جو ڪٿي به ميڙو هجي ته گلاب جي نه نچي
۽ راڻو نه ڳائي ته پوءِ بس ٿي.
سهڻو ته هو پر هاڻ جيئن وڏو ٿيو هو سندس انگ انگ ۾
جيڪا مستي ڀرجي آئي هئي تنهن بنهه ماڻهو مارايا،
ڪٺل وَرُ وَرُ ڪهايا، جيئرا جيئندي به نه ٿي جيا.
هاڻ محفل ڦٽندي پئي وئي، استاد نبن ڦٿڪيو پي
ڦٿڪيو. سو سٽ ڏئي اٿيو ۽ سڌو درگاهه جي ڇيڙي تي
ٺهيل موالين واري ڪوٺيءَ تائين ڊوڙندو پهتو. در
ٻيڪڙيل هو پر ڪمدار سنهڙو خان دڳ جهليو بيٺو هو.
”سنهڙا خان، گلاب کي ٻاهر ڪڍ، ماڻهون وڃن ٿا پيا،
ڪجهه اسان جو به خيال ڪريو.“
پوءِ الائجي استاد نبن کي پيسي جو سور هو يا
پنهنجي پيٽ جو سور. پر سچ اهو به هو ته گلاب جو
سچو عاشق هيو ۽ انهيءَ ئي عشق ۾ سرشار ٿي، گلاب کي
گلاب بڻايو هئائين. جنهن جي خوشبو ۽ واس پاڻ به
ورتائين ٿي پر هاڻي ڏوران ڏور اها خوشبو اندر جهير
ڪندي، من وسائيندي، هر ماڻهو ۾ پيهبي پي وئي. سندس
هڳاءُ اهڙو هو جو اڄ رئيس جانب علي جيڪو نه ميڙن
تي اچڻو نه وڃڻو سو به ٻڌسڻ تي آيو ۽ قتلام ٿي
ويو، کيس پهرين گهور ئي وڍي وڌو هو. پر هاڻ ته نبن
جو سر پي ويو.
”او سنهڙا خان، گلاب ڪڍي ڏي، ائين نه ڪر.“
سنهڙو خان ڏند شيڪندو در جهليو بيٺو هو، تنهن نيٺ
استاد نبن کي ويجهو ڪري ڪن ۾ چيو.
”استاد هاڻي گلاب جو خيال لاهي ڇڏ. هو جو نئون
ڀورل، رتن اٿئي انهيءَ سان نينهن اڙاءِ، ان کي رتن
جوت بڻاءِ.“
نبن وسامندو پي ويو، سندس ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيو
هجن، اندر جي آنڌ مانڌ کيس بيهڻ نه ڏنو سو بس ائين
ڦيري پائي سنهڙي خان کي ڌڪيندو، اندر ڪاهي پيو.
دَرُ يا ته ٻيڪڙيل هو يا پورو ڪڙو نه هيس، ٻئي وڃي
اندر پيا. رئيس جو گلاب جي سونهن ۾ مست هجي اصل
باهه ٿي ويو.
”اڙي نڪرو هتان ۽ جي وري آيا آهيو ته هيءُ ڏسو
ٿا.“
رئيس اصل پستول کڻي ڪڍيو.
نبن اصل پيرن تي ڪري پيس، ”او سائين، او رئيس ائين
نه ڪر گلاب لاءِ ٻاهر ميڙ. ويٺا آهن هيءَ پڙ کڻون
پوءِ کڻي گلاب کڻي وڃجانءِ.“
”ڇا جو پڙ، ڇا جو گلاب، هاڻ گلاب ماڻهن جو نه آهي،
منهنجو آهي، سمجهيئه گلاب منهنجي اوطاق وسائيندو.
ڏسان ته ڪير ٿو کيس مون وٽان ورائي.“
استاد نبن جون ٻه به ويون ڇهه به ويون، هن هاڻ
ليلڙاٽيون پائڻ شروع ڪيون.
”اُٿي ته لڳيئي نه لت حرامزادا، اڙي سنهڙا ڪڍ هن
کي ٻاهر ۽ بگهي تيار ڪراءِ اسين ڳوٺ هاڻي ئي
هلنداسين.“
سنهڙو هن کي گهلڻ تي ۽ هو رڙيون ڪرڻ تي. جڏهن هو
گهلجي در تائين پهتو ته پاڻ ڇڏائي گلاب کي سڏ ڪرڻ
لڳو.
”گلاب!، تون به ماٺ آهين، اڙي سهڻا سڀ ڳالهيون پل
۾ وساريئه. اڙي بي وفا! ڪجهه ته چئُه، ڪجهه ته ڪر،
تنهنجو عاشق در تي حيران پريشان آهي.“
گلاب جنهن جي لبن جي لالي ڦٽل هئي. ڳلن جي ڳاڙهاڻ
رنگ ڇڏي ڏنو. هو ، سندس اکين جو ڪجل لهي هيٺ آيو
هو، ڏاڍي ناز ۽ ادا سان اٿي بيٺو. ويجهو وڃي نبن
کي ڳراٽڙي پاتائيس، ”نبن هاڻ تون مونکي ڇڏ، هيءَ
حياتي ائين آهي، ڪٿي ميڙا ته ڪٿي جدايون. رئيسن
سان ڪهڙا ضد، پنهنجن سان ڪهڙيون جدايون. بس، ائين
سمجهه ته ڪي ويجها ئي ڏور ته ڪي ڏور به اوڏا
سپرين.“
نبن جي ڳلن تان هاڻ ڳڙها بس ئي نه ڪن، هو ٿڙندو
ٿاٻڙندو وريو، سندس آواز ڳرو ۽ اکين ۾ پاڻي هيس.
پوءِ هنَ لوهه پاتي ۽ اڳتي وڄي ميڙ ۾ گم ٿي ويو،
جت رتن رڙيو پي.
”هُنَ تاري هُنَ هنڌ، هُتِ منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ مُنڌِ ڪوڙا ٿين ته ڪڏهين.“
ميڙي ڦٿڻ کان اڳ ۾ ئي رئيس، گلاب کي کنڀي اڏائي
کڻي ويو.
گلاب ناچو ئي سهين پر ننڍي عمر ۾ جيڪي ڌڪا کاڌا
هئائين، عشق حقيقي ۽ عشق مجازي جي مام پروڙي
هئائين تنهن هن کي گهڻو ڪجهه سيکاريو هيو. هُنَ کي
اها خبر نه هئي ته هو پاڻ ڪير آ، نه ابو ڏٺائين نه
امان، جڏهن ماڻهو سڃاڻڻ جهڙو ٿيو ته پاڻ کي فقير
غلام عليءَ وٽ ڏٺائين جيڪو ميڙن تي ڳائيندو
وڄائيندو هئو. ائين هن کي سر تال جي خبر پئي ۽ هو
هڪ ناچن جي ٽولي سان ڳنڍجي پيو ۽ وڃي لاڙ نڪتو.
ڪيتريون درگاهون اوطاقون ٽپندو، ڳائيندو وڄائيندو
تر جي رئيس رحيم بخش وٽ وڃي نڪتو، جيڪو پاڻ وڏو
راڳ جو ڄاڻو ۽ نچڻ جو ماهر هو. هُنَ کيس اهڙا داوَ
پيچ سيکاريا جو هو جڏهن رچي راس ٿيڻ تي هو ته اتي
ئي استاد نبن سان هن جو پيچ اڙيو. استاد نبن، رئيس
رحيم بخش کان گهري ورتو ۽ جڏهن موڪل مليس ته هو
گلاب کي کڻي اڏاڻو ۽ اچي اتر وسايائين، پوءِ ته
ساهتي جو ساهت رنگ ڏسي اچي ساهتيءَ کي ويجهو ٿيو.
هاڻ ته اڃا گلاب جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور ئي نه ٿي
هئي جو هو استاد نبن کان کسجي رئيس جانب علي جي
حوالي ٿيو هو.
رئيس جانب علي هن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. اوطاق ۾
هُنَ لاءِ خاص ڪمرو هو. جت غلم غاليچا، هنڌ
پٿراڻيون، ڪوچ ڪرسيون، مال پاڻي سڀ ڪي هو. جانب
علي جيئن واندو ٿيندو هو ته گلاب سان رهاڻيون ات
ٿينديون هيون. راڳ جي محفل ڄمندي هئي ته به اتي،
دل جون ڳالهيون به اتي ته روساما پرچاءُ به اتي.
جڏهن وري جام تي جام هلندو هو ته سڄي رات وهامي
ويندي هئي.
رات جو جيسين رئيس ساڻس رهاڻ نه ڪري ۽ زور نه
ڏياري تيستائين ڪيئن سمهي. رئيس اونهاري ۾ ڪوٺي تي
سمهندو هو. سندس واطاق تي ٺهيل ڪوٺو به اهڙو ئي
خوبصورت هو. چيڪي مٽي سان راڳو ڏنل تنهن تي ڇڻڪار
سان جيڪو هڳاءُ ٿيندو هو تنهن ۾ رابيل، موتيي ۽
رات جي راڻي جا ٻوٽا پنهنجي حصي جي خوشبو رچائيندا
هئا.
اتي ٺهيل ماڙي به ايتري ئي رڱيل ۽ رتل هئي جيترو
ٻاهر وڻندڙ ماحول هو. ماڙيءَ مان ئي هڪ ڏاڪڻ هئي
جيڪا هيٺ ڪوٽ ڏانهن ويندڙ هئي. جنهن تي هر وقت
ڪُلف هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رئيس رات جو اتان لهي
هيٺ ويندو هو ۽ در ورايو ڪُلف ڏيئي ويندو هو.
گلاب اڪيلو انهن ٻوٽن وارين ڪونڊين جي آبياري ڪندو
هو يا بيهي تارا ڳڻيندو هو. جت ڪڏهن کيس تارا
تروڪڻيون ڪڏهن ٽيڙو اُڀا ٽيئي، ڪڏهن نکٽ نيئي وڃڻ
جو احساس ٿيندو هو ۽ ائين ڪو تارو کڙندو هو ته هو
انهي پاسي ڪا ويل تڪيندو رهندو هو جت اهو گم ٿيندو
هو. ان ويل کيس اهي پي پيا پوندا هيا ته اڄ ته هو
رئيس جي اکين جو تارو آهي سڀان جي هو کڙندو ته ڪٿ
گم ٿيندو، اها کيس خبر نه هئي. ان ويل کيس استاد
نبن ياد ايندو هو. جنهن وٽ گهٽ ۾ گهٽ کيس وڃائجي
وڃڻ يا گم ٿيڻ جو مسئلو نه هو. جيئن جيئن وقت
گذرندو ويو،م هو آهستي آهستي پاڻ کي اجهاميل ۽
وساميل محسوس ڪرڻ لڳو.
کيس اُهي محفلون، اُهي مجلسون، اُهي ميڙ ياد اچڻ
لڳا جنهن ۾ سندس
هڪ نگاهه کي گهائي وجهندي هئي، سندس سريلو آواز
ائين ڪائنات ۾ ڦهلجي ويندو هو ڄڻ ته کير ۾ کنڊ
گڏجي. مٺاڻ جو احساس ٿيندو هو. هاڻ هو ڳائي به گهٽ
پيو، واهه واهه ۾ به رڳو رئيس شامل. سندس روح خالي
هو ۽ کيس ائين لڳندو هو ڄڻ هو ڪنهن قيد ۾ بند آهي
کيس نه اهي سهڻا ڪوٺا، آهي هنڌ پٿراڻيون، نه اُهي
هڳاءُ وڻڻ لڳا، بس بس چين ٿي ڦٿڪندو رهندو هو.
هڪ ڏينهن جيئن جام تي جام پي ٻريو. رات ڏاڍي
خماريل هئي. چوڌاري هڳاءُ، رنگ جي مستي ڇانيل هئي
ته رئيس سندس سهڻي منهن کي ڏسندي چيو، ”گلاب اڄ ٿي
وڃي.“ ۽ گلاب به دير ئي نه ڪئي، بي اختيار کانئس
نڪتو:
جر ۾ سپون جيئن، آهين ابر آسري
جيئن ڪونجون سارن روهه کي، مون تن اندر تيئنءَ
هت وعدا وڃڻ جا هُتِ نه ڀانيم هينءَ
ڪوٺين ويهان ڪيئن، جي نظر بندياڻي نه هئان.
گلاب اڃا به اڳتي هليو.
”پهري رات پسي، مون ماڙي مَنُ ڦڪو ڪيو،
موهڙ ماروئڙن کي، واحد اڏيج وسي!
آهر جنهن اسين، سو ملندو شال ملير ۾!“
بيت ڏيندي هن جو وائي کنئي ته رئيس اڀو ٿي ويٺو
فضا سڄي سنگيت ٿي ويئي. سندس آواز ۾ سر به هو ته
درد به نرمل ڪومل وهندڙ ندي هئي جا پي وهي ۽ مٺڙا
سُر ٻوليندي پي اڳتي هلي:
”روندي رات وهاءِ مون کي رويو رات وهاءِ
عمر ميان سومرا!
آئون بندياڻي بند ۾ ڪه ڪي بند ٻيئا
عمر ميان سومرا“
وائي پوري ڪرڻ سان ڄڻ ته سڄو مانڊاڻ ستجي اچي پٽ
پيو. رئيس ٿڌو ساهه ڀري، گلاب کي سيني کڻي لاٿو،
گلاب جي ڳلن تان ڳوڙها بس ئي نه ڪن، رئيس سندس
ڳوڙها اگهندي پڇيس، ”ڇو سهڻا هاڻي هتي تنگ ٿيو
آهين. اسان ته ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. سڀ ڪي تنهنجو آهي
مٺا! پوءِ ڇو ملول ٿيو آهين.“
”نه سائين مان خوش آهيان بس انسان آ دل ڀرجي آئي.“
پوءِ به ڪا ڳالهه هجي ته ڪر. اڄ تون راڻو ڇڏي،
مارئي پيو ڳائين، ڪا ته ڳالهه آهي...“
گلاب جي منَ ۾ آيو ته سڀ ڪجهه چئي ڏئي. کيس ٻڌائي
ته هو جنهن پاڻي جي مڇي آهي اهو پاڻي ڪونهي، هو
جنهن هوا ۾ ساهه کڻندو هو اها هوا ڪانهي، هو جنهن
مٽي جو جڙيل آهي اها مٽي به ته ڪانهي. ڳالهه اڌ ۾
رهجي ويئي هو سو کڙڪيو. رئيس ٽپ ڏئي اٿيو ڪنجيون
کڻي دروازو کولي ڪنهن سان ڳالهايائين ۽ پوءِ هيٺ
لهي ويو. گلاب ان ماڙي ۾ ٻرندڙ لالٽين کي گهوريندو
رهيو، ائين اندريون دروازو وري کليو.
رئيس ماڙي ۾ آيو ۽ پويان ڪير گڏ هيس. گلاب کي ائين
محسوس ٿيو ته ماڙيءَ ۾ ڪي گولا ٻري ويا آهن ۽ ڪيئي
شيعون جرڪنديون اڳتي وڌيون آهن ۽ اکين ۾ نرورا
پيدا ڪنديون، کيس گهري پل لاءِ پي نور ڪري ويو
آهن، ائين رئيس ان جرڪندڙ پهڪندڙ بت کي کٽ تي
وهاريو ۽ هٿ وڌائي پتيءَ جي وٽ کي جهڪو ڪيو، تيئن
گلاب کي لڳو ته روشني جا انبار ڦهلجي ويا آهن.
رئيس ٻاهر اچي، ڪا گهڙي گلاب کي تڪيندو رهيو ۽
پوءِ پٺ ورائي ماڙي ۾ ڏٺائين. هاڻ گلاب جو ڪنڌ هيٺ
هو. هن کي ائين لڳو رئيس ڄڻ ڪا ڀيٽ ڪندو هجي. گلاب
کي پُڌسُڻ تي اها خبر هئي ته پئي جهٽيل هئا. اها
راڻي به رئيس هڪ ميڙي تان جهٽي هئي، هوءَ به ڪا
ڳائڻي هئي ۽ اڃا چوٽ تي ئي نه پهتي ته رئيس جي
چنبي ۾ اچي وئي.
رئيس مڻ مايا جا اڇلي من جي موهه کي پرچايو هو. ٻه
ٽي سال ئي مس گذريا ته گلاب به جهڙپجي آيو. گلاب
گهڻو ٻڌو هو پر ڏٺو نه هو.
اڄ جو سونهن جي سرسي ڏٺائين ته کيس محسوس ٿيو ته
عورت ذات جي سونهن مڙيو مانءِ لهي. گلاب پاڻ کي
بلڪل نئيون ڄايل سمجهيو. کيس هوا جو رخ ئي ٻيو لڳو
ڄڻ ته ماحول پاسو بدلايو آهي، ڄڻ ته ڪي رمزون جيڪي
هن اڳ نه پروڙيون هيون کيس اڄ سمجهه ۾ اچڻ لڳيون
آهن. هو اڃان سوچ ۾ غرق هو ته رئيس اچي پاس ۾
بيٺس.
”گُلَ ! تو به اسان جو من موهيو آهي پر يار اسان
جو هڪ سر جو سائين به آهي، کيس اهي محفلون ڇڏي
ڏينهن ٿيا. سندس سر ۾ به ڪئين مستيون آهن، پر اڄ
تنهنجي ملي آواز کيس بي چين ڪري وڌو آهي. اڄ
منهنجي سائين جو حڪم آهي، بس، ڪو الله جي ڏني مان
ٿي وڃي.“
گلاب ڄڻ ڪو خواب مان جاڳيو هجي. رات ٺري هئي ۽
مومل راڻي کي نه موهي. بس هن اتان ئي شروع ڪيو.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس،
نه عام نه ڪا خاص، جي ويا سي وڍيا.
هو انهن اکين ۾ تکي تاءُ کي سهندو به وڃي ۽ بيت
ڏيندو وڃي.
گجر کي گجميل جيون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏيهن جيون
هن لاءِ روشني جهڪي نه هئي هو اڳتي وڌيو.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور،
هڻي حاڪمن کي پٽ نهاري پور،
گهوٽ پهري گهور، جي ويا سي وڍيا.
۽ جڏهن هن وائي کنئي ته ائين لڳو ڄڻ سڄي ڪائنات
ڳائي پئي.
”راڻا جي رجپوت مومل سي ئي پسندا.“
بيت به اهي هئا ته وائي به اها ئي هئي، جنهن ميڙ
موهيا هئا، پر اڄ سندس من موهيل هو.
هن کي اهو به احساس هو ته سندس سامهون انهيءَ
ڏانوَ جو ماڻهو ويٺل آهي. سندس ئي ٽولي جو ڪو ڀاتي
ويٺو آهي. سو جيڪي مولا کيس ڏنو هو، سو هن پيش
ڪيو. سندس آواز ۾ جيڪا مٺاڻ هئي، سر جو جيڪو سنگيت
هو، گلي جي مرڪين ۾ جيڪا مرڪ هئي، هن مستانو ٿي
ڳايو. ڇاڪاڻ ته هن جي اکين جي ڏٺو هو سو اڳ نه
پسيو هيائون. هن مومل جون اکيون نرمل نهاريون
هيون.
هن چوٽا جي چنبيل جا سي سڳنڌ واسيل پسيا هئا. هن
واڄٽ ڪندڙ ٻانهون، اڇا اجرا، کير جهڙا هٿڙا، پدمڙا
پير جي سُڻيا سي ڏٺا چوڌاري هڪ اهڙو ماحول بڻيل هو
جو بلڪل نه بيٺو ائين هلندو هليو جيئن ڪا ندي مستي
۾ مگن هلندي هلي، جُرَ ٿر ٻوڙيندي، تنهن ۾ ڪي فنا
ٿين ته ڪي نهاريو نهارين.
هن کي راڻي مان جيڪي ياد هو، رئيس رحيم بخش جو ياد
ڪرايل يا استاد نبن جو سکاريل، هو بيت ڏيندو وايون
ورائيندو هليو. هن اڄ سر مومل راڻي کي رڳو ڳايو نه
پر سمجهيو پي ۽ اکين سان اهو سڀ ڪي پسيو پي جيڪي
هن اڳ نه پسيو هو.
هن هاڻي هوءَ وائي ٿي چئي:
نيئي نيئي ڏيج اي ادا! ادا!
ساٿي! پرينءَ سنيهو.
پيرين وجهي هٿڙا زاريون زور ڪريج
ساٿي! پرينءَ سنيهو.
ڪال ڪوماڻا گلڙا سڪا مٿي سيج
ساٿي! پرينءَ سنيهو
هو اڃا اتي مس پهتو،
نماڻي جي نجهري پيهي تون پڄيج
نه هن روئڻ جو آواز ٻڌو، اوڇنگار هئي ۽ هن کڻي ماٺ
ڪئي ۽ ماٺ ۾ رئڻ جو آواز ائين آيو ڄڻ ڪنهن جا چاڪ
چڪي پيا هجن، پڙي چڙهيل ڦٽ، پڙي اکوڙي کلي پيا
هجن. رئيس جو پاڻ گم هو، تنهن جو ماٺ ڏٺي ۽
اوڇنگارون ٻڌائين يڪدم اندر ڀڳو. ويل ٽري وئي ۽
هاڻ ات ڪوبه نه هو، رئيس پنهنجي راڻي کني هيٺ هليو
ويو.
گلاب آسمان ڏانهن نهاريو جت نکٽ سڀ نيئي ويا هيا،
هاڻ سچ پچ ويل ٽري وئي هئي. گلاب ڪوماڻل گل وانگر
ڪومائجي پئجي رهيو، اڄوڪي رات کيس گهڻو ڪجهه ڏنو
هو ته گهڻو ڪجهه پاڻ سان کنيو وئي هئي.
ائين وري جڏهن اهڙي محفل مچندي هئي ته گلاب نئون
سنئون ٿي ويندو هو. هاڻ ته فرمائشون به ٿينديون
هيون ۽ هو جڏهن اهي پوريون ڪندو هو ته کيس جهيڻي
روشنيءَ تي ڏسڻ ايندو هو ته راڻيءَ جو منهن جرڪي
اٿيو آهي. کيس صاف سمجهڻ ۾ آيو ته راڻي به اهو ئي
پاڻي اها ئي هوا گهري ٿي، جنهن جو هو طالبو پي
رهيو آهي.
هڪ ڏينهن رئيس کي ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر وڃڻو پيو. ان
رات گلاب محسوس ڪيو ته هن اونداهه ۾ جيڪي اميد جا
ڪرڻا هيا سي به ڄڻ گم ٿي ويا آهن، هو ٿڌا ساهه
ڀريندو پاڻ کي اڪيلو سمجهي آسمان ۾ تڪيندو رهيو جت
تارا به گم نظر آيس، هو نيٺ اوطاق جي اڱڻ ۾ پيل کٽ
تي پئجي رهيو. هو هر هر ان ڏاڪڻ ڏانهن نهاري رهيو
هو هن جو ت پسي هئي. کيس هم خيال، همراز هٿ آيو
هو. وڏي ڳالهه ته هو اُت هڪ عجيب سونهن سان سونهو
ٿيو هو، جنهن اندر جو جوڳي جاڳائي وڌو هو. اهڙي ته
من اندر جي مونجهه پرائي هئائين جو ڪنهن مه ته
ڀريءَ ۾ سمجهيائين پي ۽ ڪنهن مهل ڀاڪر ۾. رات ٺري
هئي، هير گهلي هئي ۽ هو خيالن ۾ غرق هو، وري به
سندس اندر جي فنڪار کيس ماٺ وهڻ نه ڏنو ۽ بي
اختيار هن جا چپ چريا.
”نيئي نيئي ڏيج ادا! ادا!
ساٿي پرين سنهيو.“
هن مستيءَ پي ڳايو ءٌ هن دفعي هن وائي جي پڇاڙي به
ڪئي.
اوکيءَ، عبداللطيف چئي اچي ڏيج آڌر
ساٿي پرين سنهيو.“
هو مستيءَ ۾ مگن هو، هن کي خبر نه رهي ته ڪي ڪڙاڪي
پيڪڙا سڀ ٽٽ پيا آهن. هڪ هڳاءُ هو جو مٿس مري آيو
۽ چمڪي جي آواز تي هو ڄڻ ته سجاڳ ٿي ويو.
هن اونده ۾ روشني جا ترورا پسيا. هو ماٺ ۾ اچي
ويو. سندس سامهون اهي ئي وڄ وراڪا هيا، اهي ئي
چرڪندڙ ٻانهون، کير جهڙا هٿڙا، پدمڙا پير جن ۾
پازيب چلڪيا پي، کيس لڳو ته انهن مان جيڪي مٺڙا
سُرَ پي نڪتا تن سندس سرن کي مات ڪري ڇڏيو آهي.
سندس سامهون اهائي راڻي هئي جنهن کيس جوت پسائي
هئي، انهي ئي سونهن سان سونهون ڪيو هو ۽ کيس اهو
ساٿ بخشيو هو، جنهن جو هو ڳولائو هو. ڪيتريون
گهڙيون گذري ويون کيس سمڪ نه رهي، هن کي هوش تڏهن
آيو جڏهن پازيب پيرن ڀر چريا، پدمڙن پيرن ۾ ساهه
پيو ۽ هوءَ پوئتي موٽي آهستي آهستي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي.
ائين چوڌاري اوندهه ٿي وئي، روشني ائين گم ٿي وئي
ڄڻ هئي ڪانه، سندس اکين آڏو اوندهه اچي وئي هئي.
هو آهستي آهستي چريو ۽ هٿوراڙيون ڏيندو بي اختيار
اُن ڏاڪڻ تي چڙهي ويو جيڪا کيس ويندي به سڃاڻيندي
هئي ۽ ايندي به کيس رستو ڏيندي هئي جو سندس وک
اوپري نه هوندي هئي. پر اڄ هو ائين چڙهيو پي ڄڻ هن
ڪڏهن هن ڏاڪڻ تي پير نه رکيو هو. سندس هٿ ڀتين کي
محسوس ڪندا، پير ڏاڪڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندا اڳتي
وڌيا ٿي.
کيس مٿي پهچي محسوس ٿيو ته ڏاڪڻ جو مٿيون دروازو
جيڪو اندران بند هوندو هو ۽ جنهن کي رئيس اچي کولي
کيس سڏ ڪندو هو. اڄ ائين کليل هو ڄڻ ڪڏهن بند نه
ٿيو هجي. هو جيئن اڳتي وڌيو ته کيس سڄو ماحول
اوپرو لڳو، ماڙي ۾ روشني نه هئي، تارن جي روشنيءَ
کيس پسايو ته ماڙيءَ ٻاهران، هيٺ هڪ خوبصورت
غاليچو وڇايل آهي، جنهن جي چوڌاري ٻه ٽي کٽون پيل
آهن جن تي هنڌ وڃايل آهن ۽ اهو هڳاءُ آهي جنهن هن
کي مست ڪيو هو.
هو آهستي آهستي وڌيو، سندس سڄو جسم پگهريل هو. کيس
ان وقت هوش آيو جڏهن اها مومل مثال موهڻي سندس ڀر
۾ اچي بيٺي ۽ کيس وٺي اچي کٽ تي وهاريائين. گلاب
هن جي ڇهاءُ تي سڄو ڏڪڻ لڳو ۽ سندس ٽنگون ٿڙڪڻ
لڳيون.
انهيءَ حسن ازل جي انهيءَ انداز تي اصل قتلام ٿي
ويو. جڏهن هن آهستي آهستي پازيب ڇمڪايا ۽ سندس
انداز ائين هو ڄڻ هوءَ انهن پازيبن جي ڇمڪي تي نچي
پي. گلاب انهيءَ مجسمي کي ڏسندو رهيو، جنهن ۾ ساهه
پئجي ويو هو. آهستي آهستي سندس پگهر خشڪ ٿيڻ لڳو،
هُنَ هوش سنڀاليو ته مومل کي پيرن ۾ ويٺل ڏٺائين
ڏاڍي هلڪي ۽ سريلي آواز ۾ پي چيائين:
راڻا جي رجپوت مومل سي ئي پسندا.
گلاب اٿي بيٺو ۽ پوءِ يڪدم سندس پيرن تي ڪري چيو
هُن. سندس ڪنڌ مٿي کڻي هنج ۾ آندو ۽ سندس وڏڙن
وارن ۾ آڱريون وجهي سيرون ڪڍڻ لڳي ۽ پوءِ هلڪن سرن
۾ جهونگارڻ لڳي.
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نه رڳو.
گلاب سندس چرندڙ چپن ۽ ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن کي
ڏسندو رهيو.
گلاب محسوس ڪيو ته هوءَ به ولر کان وڇڙيل پکي آهي
جيڪو هن وانگر آهي ۽ هن وانگيان ئي سوچي ٿو. سندس
سر به ساڳيا آهن ته گيت به ساڳيا، هوءَ کانئس ڌار
نه آهي. ان سان سر سنگيت، سونهن ۽ سوڀيا جو ميلاپ
جيڪي هن پسيو آهي تنهن بنهه کيس ڪُهي ڇڏيو آهي.
هن ڪيئي جلوا ڏٺا، خلوتن جا مزا ماڻيا، ڏيهه پر
ڏيهه گهميو، کيس خبر نه هئي ته زندگي ايڏي وشال
آهي، اڏي ڪشادي ۽ شادو آباد آهي جو هن جهڙا ڪيئي
گلاب آيا جوڀن ماڻي، منزل ماڻڻ بنا هليا ويا پر هو
ته ڪنهن ڪناري لڳو هو، کيس منزل ملي وئي ڪو اهڙو
ساٿي جنهن جي سورن ۽ سندس سورن ۾ ڪوبه فرق ڪونه
هو. هنن لاءِ اها رات ڪافي نه هئي، ڳالهيون به ته
هيون. ٻيون راتيون به آيون، هنن هڪ ٻئي کي پروڙيو،
گلاب کي راڻيءَ جي ڪهاڻي مختلف نه لڳي. هوءَ
ڀٽياڻي هئي، سندس ڀيڻ به ڳائيندي هئي، هن به ڳائڻ
شروع ڪيو. سندس ڀيڻ جو به ڪنهن سان پيچ اڙيو ۽
پيءُ ماءُ کي ڇڏي وئي. سندس پيءُ ماءُ وري کيس
سهارو هو ۽ سندن گذر سفر ٿيندو هو. پوءِ ميڙن تي
نڪتي اڃا اوج ئي نه ماٿين ته کنڀجي وئي، ٽن سالن
کان ڪوٽ ۾ قابو هئي. سندس مونجهه اهائي هئي جنهن
گلاب کي مونجهو ڪيو هو.
پاڻيءَ جا رهاڪو پاڻي گهرن، مٽي جا ماڻهو مٽيءَ ۾
گهر ڪن. گلاب به موڙهو هو ۽ راڻي به. ٻنهي کسي
اُهي محفلون، اُهي مارو، اُهي ماڻهو ياد ايندا هيا
جن جي خلوص کين ڪهي ڇڏيو هو.
رئيس وچ ۾ ٻئي ڌريون راضي ڪندو رهيو، جيڪي اڳ ۾ ئي
پاڻ ۾ راضي هيون، کيس اها خبر نه هئي ته جڏهن هو
نه هوندو آهي ته مومل، راڻو ماڻيندي آهي ۽ راڻو
لڊاڻو جهاڳي ڪاڪ ڪنڌيءَ پهچي مومل سان رهاڻيون
ڪندو آهي. هو مام ۾ ڳايل مارئي، عشق ۾ رتل جا سُرَ
ٻڌندو رهيو ۽ جام ۾ غرق رهيو. کيس خبر تڏهن پئي
جڏهن هو هڪ ڏينهن شهر کان موٽيو تهڪاريءَ وارا ڪک
ڏٺائين سندس راڻي، گلاب جي مومل ائين ڏهاڳ ڏئي وئي
هيس جو هو ڪي سال جهر جهنگ جهاڳندو رهيو پر کيس
راڻي نه ملي. رئيس جا شوق پاڻي ٿي ويا هئا، سندس
اکين ۾ پهريائين رت پوءِ پاڻي آيو. پاڻي خشڪ ٿيو
ته ڪي ورهه لنگهي ويا. جيتوڻيڪ وٽس رائين جي ڪمي
ڪانه هئي پر کيس وڏو سور اهو هو جو راڻي پاڻ سان
اُهو ٻار به کڻي وئي هئي. جيڪو رئيس مان هيس ۽
رئيس جو ان ۾ ساهه هو.
رئيس جانب علي حيران هيو ته گلاب ۽ راڻي کي زمين
ڳهي ڳئي يا آسمان. تر ۾ ته ڪو سام جهلڻ وارو ڪونه
هو، ايتري ۾ هيءُ اهو تر ڇڏي ٻئي تر تائين پهتا
ڪيئن.
کيس اهو خبر پئجي نه سگهي ته گلاب عشق ۾ رتل، فراق
۽ وڇوڙي جون وايون ڳائيندڙ، استاد نبن کي نياپو
ڪيو هو ۽ هو وٽس واچ مينهن ڪري پهتو. گلاب هن کي
نه وساريو هو ۽ نبن هن کا سواءِ بي قرار ۽ بي چين
هو. وٽس هاڻ ته اهو ئي سڄڻ پهتو هو جنهن کي هو
سائين نبن ڪري پڪاريندو هو، جنهن کي ڪنهن ڏينهن
’ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهين جي هيڪڙي‘ جي مام سمجهائڻ
جي ڪئي هئائين. استاد نبن به نڀايو ۽ انهيءَ قول
تي پورو رهيو ته ’ڪم پوي ٿي ڪل پوي‘ هو جيپ کنيو
آيو ۽ پڪي تي بهاريائين جو ڦيٿن جو نشان به نه
ملين. ائين اڏائي کڻي وين جو وڃي لاءَ ۾ رئيس رحيم
بخش جي ڳوٺ ۾ دنگ ڪيائين.
رئيس رحيم بخش جيڪو پاڻ سنگيت جو ڄاڻو، نچڻ ۾ ماهر
سو ڀلا اهڙن دلبرن کي ڪيئن ڇڏي. گلاب، راڻيءَ ۽
ننڍڙيءَ نينگر کي ائين گم ڪيائين جو ڪي ورهيه ته
ڪنهن کي پتو نه پيو. جي محفلون لڳنديون به هيون ته
رئيس رحيم بخش جي اندر هڙين ۾ ٺهيل بنگلي تي جت
نانگ سڄن نيلا ۽ جت هاجت نه هئي هوتن جي. هيو ته
اڙانگي پنڌ تي ٺهيل بنگلو پر منجهه سڀ ڪي هو.
هونئن به ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. کاڌو پيتو،
خرچ پکو رئيس رحيم بخش تي هو. پاڻ هنرمند هو ته
وڏو پار کو به. هُنَ کي خبر هئي ته هيءُ پکيئڙا
پرَ پکيڙي وڏي پرواز ڪندي اچي هيٺ سٽيا آهنب، کيس
ساهي ملي ۽ پوءِ اُنهيءَ پنڌ انهيءَ اڏام کان واقف
ڪجي جيتري منجهن سهپ هجي.
رئيس رحيم بخش گلاب جي فن ۽ هنر جو ته عاشق هو وري
جو راڻي کي ڳائيندي ٻڌائين ته پڪ سمجهيائين ته هن
وڃايو ناهي ۽ سندس نورتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هُن جا
بنگلا اهڙن ڳائڻن، سُر سنگيت ۾ ٻڏل فقيرن ۽ انهيءَ
پنڌ جي پانڌيئڙن سان پر هيا. هو خوش هو ۽ راڻي به
خوش هئي، هنن آهستي آهستي منڊليون مچائڻ شروع
ڪيون، راڳ ۽ وڄت جي ميدان ۾ ائين وڌندا هليا ڄڻ
اها شهسواري سندن مرڪ آهي ۽ ائين ڪي ورهيه گذري
ويا.
هوڏانهن وري رئيس جانب علي به ڪجهه پر ساهيا، ڪجهه
فڪر کان اجو
ٿيو، ڪجهه غم وسارڻ جي ڪيائين، ڪجهه محفلن کي
پنهنجو ڪيو. هاڻ ته وٽس هڪ نئين پکيءَ واسو ڪيو.
جنان ڳائڻي ته هئي پر انهيءَ ڏانو جي نه. هوءَ
لوٽي تي ڳائيندي ۽ پنندي رئيس جانب عليءَ وٽ پهتي،
رئيس جانب علي کيس پان وٽ وهاريو پر حويليءَ ۾ نه.
هن ان لاءِ استاد رکيو پر جهونو. هو پراڻو گهاگ ته
هو جيتوڻيڪ هن ڌڪ هڻي کيس ساڙي وڌو هو سو هاڻ گرهه
گرهه به ڦوڪي ڦوڪي ٿي کاڌائين. جيتوڻيڪ سندس
نگاهون هاڻي اُهي چهرا ڳولي ٿڪيون هيون جن کي هو
ڪهي نه سگهيو پر هو کيس ڪُهي ويا هيا.
آهستي آهستي کيس گلاب جي جاءِ تي رتن مليو جيڪو
استاد نبن جي گم ٿي وڃڻ کان پوءِ اڪيلو ٿي پيو هو.
سندس مستين ۾ ڪمي ڪانه آئي، ائين ڪي ورهيه ٻيا به
گذري ويا. هاڻ ته رئيس جانب علي ڪجهه سور وساريو
ڪجهه سهسايو محفلون ماڻيندو گهمندو ڦرندو، ميلا
ملاکڙا ڏسندو وتندو هو. ائين هڪ دفعي محمد خان
مختيارڪار جي دعوت تي وڃي لاءَ نڪتو. محمد خان وٽ
پهتو ته محفلون ٿيڻ لڳيون. هڪ ڏينهن شام جو جيئن
محفل متل هئي ۽ تر جي ڀلي ڳائڻي دلبر، ڳائي دنگ
ڪيو ته محمد خان اشارو ڪيو ۽ ميدان ۾ ٻه نينگر،
ٻٽوڻان وار گل گلاب جهڙا، جرڪندا، ٻهڪندا، ڇم ڇم
ڪندا لٿا ۽ اصل وڄ وراڪي وانگي وري ويا.
سندن اکين جي مستي، آواز جي جادو سڀني کي حيران
ڪري ڇڏيو. جوڙي به جوڙي هئي، ڪنهن ويهي هٿن سان
کيس ٺاهيو هيو. ڳل رتل، چپ لال ٻانهن ۾ گجرا، ڳچي
۾ ڳاڙها رومال جڏهن گڏجي مفتون جي ڪلام کي کنيو.
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نه رڳو.
رئيس کي ته ماٺ وڍي وئي. رئيس جانب علي جيڪو اڳيئي
نشي ۾ ٽٻ هو، سو ويتر ٻڏي ويو. سندس اکيون وڏي
نينگر ۾ کتل هيون جيڪو قد بت ۾ به ٺاهو ڪو هو. اڃا
اهو ڪلام پورو ٿيو ته هن مهل موقعو ڏسي راڻي کي
کنيو. ننڍي نينگر بيت ڏنو.
جوڳي تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪورئو.
وڏي نينگر اکين ۾ مستي ڀري کيس نهاريو ۽ بيت
ڏنائينس.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس
نه ڪا عام نه خاص جي ويا سي وڍيا.
ننڍو وڃ وانگر ڦرندو ڦري آيس.
آءُ لنگو ٽيا لال! ڪھِ پرَ ڏٺيءَ گجريون؟
آب ارتو اکين، لڙڪ وهائين لالَ
ڏِٺَءِ جي جمال، سامي! ڪھُ نه سلائين.
وڏو ڪنڌ ڌوڻيندو اڳتي وڌيو، سندس هن بيت سڀني کي
لوڏي وڌو.
گجر کي گجميل جيون تارون ۾ تبرون،
هڻي حاڪمين کي زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏينهين جون.
ننڍي وري ورائي ڏنس.
گجر گاروڙين اچو اڏي اڀيي
مٿان پيئي تن، ٻڌا پاڻ هٿن جي.
وڏو به تيار هو، مومل کيس بنهه نهوڙي وڏو هو.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور،
هڻي حاڪمين کي پٽ نهاري پورَ،
گهوٽ پهرين گهورَ جي ويا سي وڍيا
ماڻهن م واهه واهه هجي، هڪ ته پاڻ حسين وري جو
حيران ڪندڙ حسن کي بيان ڪرڻ بيٺا ته محفل مست ٿي
وئي. بيت هجي.
مومل ماري مير، آهيڙين کي اُڪري
سوڍي گهڻا سڪائيا، پڙهيا پڻت پير
هڻي تن کي تير، مڻيو جن مٿن ۾.
وڏي به وڏو تڪ هنيو.
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيلئا ها ها ! هو هميشه
پسئو سونهه سيد چئي، نينهن اچن نيش
لالڻ جي لبيس آتڻ اکر نه اڄهي.
هاڻ محفل متل هئي ۽ هنن وائي کنئي:
راڻا جي رجپوت، مومل سي ئي پسندا.
وائي اوج تي هجي جو رئيس جانب علي بنهه اڀو ٿي
بيٺو. هڪ نسو، ٻيو ڏٺئين سهڻا ماڻهو، مٿان مستو
مست مدام ڪلام بنهه هوش کان نڪري ويو. سڌو وڃي وڏي
نينگر ۾ هٿ وڌائين ۽ ڀاڪر ۾ ڀري کيس ڇڪڳيندو اندر
بنگلي ۾ کنيو ويس، راڳ بند نه ٿيو ٻيو نينگر اڃا
پڙ تي هو.
متان ڇڏيين مڱڻو، مهدا مرشدا!
مومل سي ئي پسندا.
وائي تي وڄت به وڻ وڄائي ڇڏيا هيا.
رئيس جانب علي هاڻ لوڻو به نه هنيو سڌو وڃي ڪمري ۾
دنگ ڪيائين. اتي پهچي ڪا گهڙي سندس سونهن ڏسندو
رهيو. پوءِ هنج ۾ وهاريندي پڇيائينس.
”پاڻ ڪير آن سهڻا؟“
نينگر اتي بيهي رهيو ڳاڙهو رومال کولي ڳارو ڪري
نئڙي چيائينس:
”سائين مان خادم، مان گولو، مان ته سائين گولا جي
گولن جا تن جو به غلام.“
رئيس جانب علي ڪا گهڙي وائڙو کيس تڪيندو توريندو
رهيو ۽ پوءِ پاڻ ڏي ڇڪيندي چيائينس، ”سهڻا ڪجهه
گُهر ته سهين. دل خوش ڪيئه، من موج ڪيئه، ڪجهه ته
چئه.“
ائين چئي کيسا کڻي خالي ڪيائين. مٿس نوٽ وسائيندو
هليو ۽ ڀاڪر ۾ ڀري ڏاڍيون مٺيون ڏيڻ لڳس. اوچتو
نينگر ڇرڪ ڀري در ڏانهن ڏٺو. رئيس به اوڏانهن ڏٺو.
در کليل هو پر ڪو ماڻهو در ٻاهران جهڪي روشني ۾
نظر پي آيو. رئيس دانهن ڪئي. ”اڙي ڪهڙو آهين، نڪر
هتان!“ جواب نه آيو. هاڻ رئيس ڳاڙو ٿي ويو پستول
کڻي ڪڍيائين.
”اڙي نڪر هتان نه ته اچيئي ٿو.“
هاڻ اهو ماڻهو به يڪدم روشني ۾ اچي ويجهو هليو
آيس. رئيس جانب علي جيئن کيس ڏٺو ته سندس پٺيءَ
کان ٺڪاءَ نڪتو جيڪو سڄي بت ۾ ڦهلجي ويس. لوندڙيون
ٺهڪڻ لڳس، سڄو بت ڏڪڻ لڳس.
”رئيس! ڇو ٿو قيام ڪاري ڪرين. اڃا شوق نه ٿو ڇڏين.
ڏس سڃاڻ تنهنجي هنج ۾ ڪير آهي.“
رئيس ڇوڪري کي ائين هيٺ ڦٽو ڪيو ڄڻ ڪو وڇون هجي،
هو سڄو پگهرجي ويو ۽ زبان آلي ڪرڻ جي ڪيائين، پر
نه زبان ساٿ ڏنس نه دل. هو اتي پئجي رهيو،
جيستائين گلاب وڌي: کيس نه ڏٺو. رئيس جي نبض خاموش
هئي.
گلاب انهيءَ نينگر کي پَٽَ تان کڻي ڀاڪر پاتو ۽
چيائينس:
”پٽ! تون وڃي ماءُ کي ٻڌاءِ ته هاڻ ڀلي چوڙيون ڀڃي
ڇڏي رئيس جانب گذاري ويو آهي.“
ٻاهر اڱڻ ۾ اڃا مستي هئي ۽ ٻئي نينگر جيڪو ننڍڙي
گلاب کان سواءِ ٻيو نه هو تنهن ڳايو پي.
راڻا جي رجپوت مومل سي ئي پسندا،
اصل لکندو آنگ ۾ ٿيندو تان پي ادا،
مومل سي ئي پسندا.
ويريون
[نوٽ:
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، هجري 1401 ۾ قومي ۽
صوبائي زبانن ۾ ڇپيل بهترين ادبي ڪتابن تي انعام
ڏنا آهن. سنڌي ڪتابن لاءِ منظور ڪيل ”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي انعام“ ممتاز سنڌي افسانه نگار
حميد سنڌيءَ کي ”ويريون“ نالي سندس افسانن جي
مجموعي تي مليو آهي. هت انهيءَ
ڪتاب جي مکيه ڪهاڻي ”ويريون“،
مهراڻ جي پڙهندرن لاءِ پيش ڪجي ٿي.
ــ ادارو[
نورپور ڪنهن وقت ۾ ته ڳوٺڙو هو، پر جيئن جيئن
رئيسن جي رئيسي اوج تي پهچندي ويئي، نورپور به اوج
تي پهچندي ويئي. چڱا سکر مڙس اچي وسيا، وڻج واپار
ته هونئن ئي رئيسن جي دم سان هو. سندن ٻنيون ٻارا
ايترا ته جهجها هئا جو شهر جي چڱي ڀلي ڀلاوڻي
نيئومل جي وس جي ڳالهه نه هئي، جو سمورو مال سودي
وڃي. نيٺ رئيسن جي ڪڙم مان جوان نڪتا جن پاڻ سيٺڪي
ڪئي ۽ سيٺين وانگر تر ۾ پنهنجو مال سودڻ لڳا.
ماڻهو سا کائتا هئا، سندن وک وک مان ڏاهپ پئي بکي.
ترت ئي چڱا وڏا سيٺيون بنجي ويا. سندن وڻج واپار
بمبئي جي ڪوٺين تائين وڃي لڳو، پر سندن خانداني
لقب رئيس نه هيٺ ٿيو نه مٿي ٿيو. رئيسپائي مان
نڪري سيٺپائي تي پهتا هئا، پر ته به نه سندن ڪڙم
جا نالو مٽيو نه وري سندن ڪي رک رکاءُ ۽ اٿي ويٺي
۾ فرق آيو. چڱو کائيندا چڱو پهريندا هئا، سندن ڪڙم
جو واڌارو ڏسي سندس وڏي رئيس گل محمد هڪ چڱي چوکي
حويلي ٺهرائي. ڀرسان اوطاقون ۽ مال جون جايون
ٺهرايون. سندس نگاهه ڊگهي هئي، سندس هٿ وڏا هئا،
ڀر ۾ چڱا پَٽ وٺي ڇڏيائين. رئيس گل محمد ڏاڍي
تجربي وارو ۽ هوشيار ماڻهو هو. ساڻس عمر وفا ڪانه
ڪئي ۽ سگهو وڃي بر وسايائين. سندن پونيَر چڱا
سمجھو هئا پر جيئن نه ڪو رئيس گل محمد ڀاڳ جي
علامت هجي، سندس موڪلائڻ سان رئيسن جي راڄ جي به
پڄاڻي ٿي. رئيس گل محمد جي نه رڳو واپار تي پر
زمينداري ۽ راڄ تي به نظر هئي. سندس پونيَرن جي
وري نظر واپار تي وڌيل هئي. سڀڪجھ وڪڻي به داءُ
واپار تي لڳايائون. ڪرڻي منهنجي مالڪ جي اهڙيءَ ٿي
جو وڏيءَ جنگ ۾ ڪروڙپتين ڪر ئي نه کنيو ۽ وڃي پٽ
پيا، اُتي هي لکن ۾ مس هئا، سندن واپار ۾ هڙ
جهڳوئي ناس ٿي ويو. اوسي پاسي جيڪي زمينو پٽ هئن
سي وڪڻي وڃي جان ڇڏايائون. پر هو جو چوندا آهن ته
نڪي نڪ کي مر لائبي ابي جي پَر وڃائبي، ڪهڙي به
حال ۾ هئا پر پنهنجي پر نه وڃايائون. اٿي ويٺي
مهمان ٽاڻي کي کارائڻ پيئارڻ، اُهيئي اوطاقن جا
ميڙا قائم رهيا.
پر آخر ڪيستائين. آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن
وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اتيئي ڌنڌي کي ورتو، پر
اها اوج وري نصيب نه ٿين. هونئن به نيٺ ڪمال کي
زوال آ. نورپور جي اوج به ڪا رئيسن جي دم سان هئي.
آهستي آهستي، اهي ئي ڀٽون ڀاڻا، اهي ئي ڇن ۽ وٿاڻ.
جهڙيءَ طرح وقت سان گڏ ماڻهن جي طبيعتن ۾ به هيٺ
مٿاهيون اچيو وڃن، اهڙيءَ طرح رئيسن جي حالت ۽
گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري
ويون. اڄ به نورپور جي شهر ۾ گهڙبو ته منهن ۾ وڏي
بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي،
جنهن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي به ڪينهي. اهي ئي
دڪان لتاڙي صابوگرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي
مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو ته چڱي مٿانهين تي هڪ
ڪوٽ نظر ايندو، جنهن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين
ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙون کٿل ۽ کاڌل. اها
آهي رئيس گل محمد جي ٺهرايل حويلي، جا اڄ به رئيسن
جي حويليءَ جي نانءُ سان مشهور آهي.
جيئن ئي حويليءَ ڏانهن وڃبو ته هڪ چڱي چاڙهي چڙهي
حويليءَ جي لنگهه وٽ پهچبو. چاڙهيءَ جي هيٺان
رئيسن جي پونيَرن جون مَنهين واريون اوطاقون نظر
چڙهنديون. انهن اوطاقن جي اوج اجڙيل آهي. سندس
پونيَرن مان ڪنهن به اهڙي اوج ڪانه ڪئي. جي ڪن ڪئي
به آهي ته اهي ٻين شهرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي
آهن.
حويليءَ کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ ڏيڍي آهي جا اندر
وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگھه شايد ان ڪري
مختلف نه آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل
آهن.
ڪنهن وقت ۾ ته طرفن ۽ پاسن کي ڪنهن کنگهيو به نه
ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساهه به هڪ ئي نڪئون کڄندو
هو. گهرن ۾ نه ويڇا نه ويريون، نه دوريون نه
جدايون، بس پنهنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل
محمد ڪي ناتا اهڙا اُڻيا هئا جو ڪي ورهيه ته
ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر، وڌ ۾ وڌ ڏاڏان
جي نالي تي ڪمرا وراهيل، پر نه ڪو ڪي ڌار ڀتيون نه
ڪي ويريون.
گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويهڻ، لنگھ هڪڙو، ڪهڙي ڀاءُ
کي ڪهڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي ته بابا
رئيس گل محمد جو ڪڙم. رنگيءَ جا رنگ آهن، ڪڙم جو
ته وڃي هن دؤر ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهي. هاڻي هر
هنڌ ڪڙم جي نانءُ کان اڳ هر ڪنهن جي پنهنجي حيثيت،
ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه،
پوءِ ٿي رئيسن جي آڪھ. پوءِ ڇا، ڇي هي محمد
ابراهيم جو ويڙهو، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي
محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو. هيءُ سڀ
هئا رئيس گل محمد
جا ڀائر. اڃان به اڳتي هلو ته شمن جو گهر، رسول
بخش جو گهر، مٺڻ جو گهر، مولا بخش جو گهر، ۽ اڄ بس
گهر ۾ گهر. ڪنهن جو نانءُ وٺجي. اندر ويريون پئجي
ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي، هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي
ويون، آڪهه وڌندي ويئي، ڪٽنب ڇڄندا ويا. حويليءَ ۾
ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي ويو پر جي نه ڇڄي ها ته
ڏيڍي نه ڇڄي، جتان حويليءَ ۾ اندر داخل ٿيو هو ۽
اها پنهنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ سان قائم دائم
لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ کي پنهنجا ٻه در
هئا، هڪ منهن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي ٻن درن کي بند
ڪري ته ڄڻ ته صفحو ٿي ٿي پيو. رئيس گل محمد جي
آڪهه جو چڱو مڙس محمد ابراهيم پراڻي کهي جو ماڻهو،
پراڻن قدرن ۾ ايمان، پر ليکي چوکي ۾ ڏاڍو سخت ۽
ڏکئي طبيعت جو ماڻهو هو. سندس شمس الدين وارن سان
اصل ڪانه پوندي هئي، جو رئيسن جي ڏاڏنگ ۾ ڪونه هو.
هونءَ به ناناڻي پر زالون ۽ ٻار پاڙيندا آهن، باقي
مڙداڻي پر اها آهي جو هميشه ڏاڏنگ پيا ساراهيندا.
شمس الدين جو گهر ڏيڍيءَ سان گڏ هو. شمس الدين
پورهيت ماڻهو هو، پر سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان
ڪو مليريا جو صاحب هو ته ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو.
نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر ۾ پيرسن شمس الدين ڏيڍيءَ
جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، آرسين لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا
جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي وقت گذاريندو هو. سندس
گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا
ڏينهن ڇڏي ڏنو هو.
هڪ ڏينهن، جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو
ويٺو هو ۽ ڏسي رهيو هو ته ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي
دڙڪا پيو ڏي، ايميلي ڪارٽر کي سمجھاڻي پيو ڏي،
سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو. هن جو هٿ بي اختيار
هٿوراڙيون ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت
کي ٽوريندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ
ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو ته ڀت چڱي کاڌ
ڪري ويئي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي به پئي آهي.
پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجھي ويو. صبح جو اٿڻ
سان هڪڙو رازو جو سندس يار به هو، ٻه مزور وٺي اچي
ڏيڍيءَ ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي
هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو ته اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت
جي مرمت ٿئي نه ته سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي
پئي. شمس الدين ۽ سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي
ٽوڙي رهيا هئا ته ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو
ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن وارين عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري
شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي
چيائين: ”اڙي ماما! ڇا کي لڳو آهين، ڀت ٿو ڊاهين
ڇا!“ اڃان شمس الدين وراڻي ئي ورائي ته مٿان
ڦهڪايائينس، ”ڏسجانءِ ماما ڀاڙين مٿان هڻي ڀت
ڪانون ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نه ڀت
ڪيرائينئي.“ شمس الدين کي خبر هئي ته محمد ابراهيم
ڏکي طبيعت جو ماڻهو آهي، تنهنڪري سور پي چيائينس،
”ڀائو، ڏيڍيءَ جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي
ته نه رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي به کنيو
ويندي. تنهنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان ته ڪا صلاح
بيهاريون ته ڪيئن ڏيڍيءَ کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد
ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس
”اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي سڄي ڏيڍيءَ وچ
جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪابه حرڪت ڪئي آهي ته
سڀني کي سڏائي انهيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندوسانءِ،
سمجھيئه!“
“پر به ڀائو، جي ڀت ڪري پئي ته مان ڪاڏي ويندس.
چڱو ڀلا ايترو حق اٿم ته اندران پنهنجي ڀت کڻايان،
پوءِ ڀلي هيءُ ڪريَو ته ڪريَو توهان جي مرضي.“
محمد ابراهيم جي ڪنن جون پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون.
لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين، ”شما، مان سڀ سمجھان
ٿو، انهيءَ بهاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين ته
جيئن مان ڏيڍيءَ تي قبضو ڪيان. تون نه نئين ڀت
ٺهرائي سگهين نه هن کي هٿ لائيندين. نه ته--بس
سمجھين ٿو.“
محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو.
شمس الدين حويليءَ جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ
ويهي رهيو. سندس نظرون پاتال ڏي کتل هيون، سندس
نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو ته هن کي ڪيڏو نه گهٽ
۽ ذليل سمجھيو پيو وڃي. هن انهيءَ ذلت کي انهيءَ
نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويهاري ڇڏيائين، پر
رئيسن ۾ نه ڏنيون هئائين. رئيسن جي آڪهه ۾ پنهنجي
پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين جڏهن رئيس گل محمد
حيات هو.
پر جيئن هو الله ڏي هليو ته سندس ساڻ اها ڪار
ڪيائون جو پهريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ
وارو سندس پيءُ هو. لنگهه به ايڏو ڏيڍيءَ جي ويجهو
رکيو هئائين، جو شمس الدين يا ٻيا گهڻو حويلي
ڏانهن ويندا نه هئا.
شمس الدين کي خبر هئي ته حويليءَ ۾ اڄ ڪنهن به گهر
۾ قرب جو نانءُ نشان ڪونهي. سڀ انهن ويرين جا قيدي
هئا، جيڪي هنن پنهنجي اَنا جي تسڪين ۽ ڪوڙي ڀرم
خاطر ٺهرايون هيون. انهن ويرين جا بنياد به اونها
ڪرايا هئائون، جيئن ڪو به نسل انهن کي ڊهرائي نه
سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد به اونها ئي
هوندا آهن، پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا
ته وڌيڪ اونها کڻائبا، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت ۽ پيار
جي بنياد کي لٽرائي نفرت جي ويري اونهي گهري
کڻائبي آهي، صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي قرب ۽ پيار جي
لٽيل ديوار جا بنياد هنن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي
نه وجهن. شمس الدين سوچيندو ويو، هو نيٺ ڏيڍي ٽپي
اندر حولييءَ ۾ آيو، اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونهيون
ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون.
هو سوچڻ لڳو ته آخر انهن نفرتن کيس ڏنو ڇا آهي. هو
هڪ هڪ ويري ويجهو وڃي اندر نهارڻ لڳو. گهر گهر
انهيءَ ڪوٽ جي ديوار اندر نڪتل ديوار اندر ديوار
هيٺان ڪيئن نه ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين
کي ائين لڳو ته هيءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ جيون
گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانهن هلندو
ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيهي رهيون. سندس مائٽن مان
ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان
هيٺ اندر نهاريو. هن کي ڄاڻ هئي ته هوءَ ٽي- بي جي
مريض هئي. پاسي ۾ سندس پوٽو ملي ۾ ورتو پيو هو. هو
وڌيڪ سوچي نه سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ سامهون سندس
گهر هو. هو ويري جي لنگهه وٽ وڃي بيٺو. هن پنهنجي
گهر اندر ڏٺو. اَڻپوري روشني، گهر ۾ گهر، حويلي ۾
ايڏي سوڙهه، هن جو هنياءُ منجهڻ لڳو. هنن ڀتين به
ته جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو، هنن ويرين سوڙھ
ڇو ڪئي آهي؟ هو اندر پهچندڙ جهڪي روشني ۾، پنهنجي
وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو ٿي، جنهن جون
ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيون هيون. سندس ٻه
نياڻيون جن جا مٿا به ڇا ٿيڻ لڳا هئا، هاڻي ڇڙيل
ڇتن سان درون ۾ مبتلا هيون. هن حويليءَ جون
ديوارون ايڏيون ته ڊگهيون هيون جو ڌاريا سنڱ به
اندر اچي نه ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون
ايڏيون ته گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنهنجا سنڱ هڪ
ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نه ٿي سگهيا. هن ڄاتو ٿي ته
اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪ نه هيون،
پر اهي دلين جون ويريون هيون، جنهن هڪ ٻئي کي ڌار
رکيو هو. هن کي اها به خبر هئي، ته رئيسن جي کانئس
انهيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن، پر جيڪي
هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انهن ۾ وري ڪهڙي محبت هئي.
هو ائين سوچ جي انبهوهه مان سٽ ڏئي نڪتو، ۽ ٻاهر
ڀڳو. کٽ کان گلو رازي جي تيشي کنيائين. ڊوڙندو
اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍيءَ تائين ڀڳس، پر هو
کيس وٺي نه سگهيو، ۽ ڪجھ سوچي هيٺ اوطاق ڏانهن
ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو اچي پنهنجي گهر
واري ويريءَ وٽ بيٺو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا.
سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن سان هن ڀت
جا ٻرگهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هر
هر پنهنجي منهن ڳالهائي به رهيو هو. ”هي ويريون
اسان جون دشمن آهن. ابراهيم! هي تنهنجون به دشمن
آهن. تو پنهنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنهنجي زال ۽
نياڻين کي به هيءُ ويريون کائي ويون آهن. هيءُ
ويريون دلين جون ويريون آهن. ابراهيم. هيءُ اڄ ڊهڻ
کپن!“
ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ
ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ
آيو.
”رئيس محمد ابراهيم! اچي هيءُ تيشي وٺ، اهي سڀ
ويريون ٽوڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري ته ڊاهه.
اڙي سڀ گهٽجي مري ويندؤ. اڙي ٻوساٽجي ويندو اڙي
ڌٻجي مري ويندو. اڙي ويريون ڊاهيو ته دليون صاف
ٿين. دليون ڌوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي
ٻوساٽي ماريو، اڙي!“
هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ
لڳو هو. هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نه
هو. هن ڀر ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ پاڻ
ٿڙڪندو جهڪي ويهي رهيو ۽ شمس الدين رئندو، ڊوڙندو
پنهنجي ڪوٺي ڏانهن هليو ويو، جنهن جو در هن هڪدم
بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويليءَ جي اداس ۽ تاريڪ
رات هئي. انهيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽ شمس
الدين انهيءَ ڀت ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ جي ڇت هيٺان دٻجي
ويو. جڏهن شمس الدين کي مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍيو
ويو، ته تيشي سندس هٿ ۾ هئي. جڏهن هن کي مٽيءَ جي
ڍير مان ڪڍي ٻيءَ مٽي جي ڍير ڏانهن نيو ٿي ويو
تڏهن چوڻ وارن چيو ته سڄي رات شمس الدين ڪوٺيءَ ۾
بند انهيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان کوٽيندو رهيو
هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍيءَ جي ڀت حويليءَ جي
ڀت هئي، جنهن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي حويليءَ جو
بنياد ڊهي پئي ها، پر حويلي اڄ به قائم آهي. سندس
ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن، اندر ويريون ۽
دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ گهٽيءَ ۾ تبديل
ٿي چڪي آهي. وچ جو مال آهي. ڪير ٺهرائي. شمس الدين
جي ڪوٺي انهيءَ ئي ڀڳل حالت ۾ آهي، ۽ انهيءَ ڀڳل
حصي ۾ شمس الدين جا ٻار ٻڪريون ٻڌندا آهن، باقي
ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور يا اوسي پاسي
هاڻي حويليون ڪونه ٺهنديون آهن، جي ٺهنديون به آهن
ته انهن ۾ ڏيڍيون ۽ ويريون نه هونديون آهن. |