سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:14

شيخ اياز ۽ روح رهاڻ

ڳچيءَ ڳانا لوھه جا زيريون ۽ زنجير،

پيڪڙا پيرن ۾ ڪوٺين اندر ڪِيرَ،

چاري چـؤگانن ۾، واھيت ڪن وزير،

ڇن نه ڇڄي آھيان، اھڙيءَ سَٽ سرير،

مارو ڄام ملير! پڇج ڪِي پنھوار کي.

 

يادگيرين جا ورق اُٿلائيندي، شاھه سائينءَ جو ھيءُ شعر ھنيانءُ تي تري آيو اٿم . لڳيم ائين ٿو ته اڳ به ائين ھو، اڄ به ائين آھي، سُڀان به اِئين رھي، جو مَنُ اندر جيڪا پيڙا آھي، ڀوَ ۽ انديشا آھن، اِئين جو اِئين رھيا.پُل ھيٺان پاڻي وھندو پئي رھيو آھي، اڄ به وھندو رھي ٿو. من ۾ اِئين ئي يادگيريون وھڪرا ٺاھي ڪٿي ڍنڍون، ڪٿي ڍورا، ڪٿي دُٻا ته ڪٿ وري بنھه خشڪ پوٺا ...! يادگيرين جي وھڪري سان ھلڻ ۾ جياپو آھي ۽ اُن جيئڻ ۾ ڪنھن ويل مري به وڃجي ٿو، ته اُھي صدين جا پل وري پل ۾ گذري وڃن ٿا.

گهڻن ڏينھن کان پوءِ مَن ۾ اٿل ڦٿل ھئي. ڪيئي ھمسفر، ھمرڪاب، ھمدم، ھمغم ٻڌائڻ موڪلائڻ بنا ائين وقت جي وھڪرن ۾ لُڙھي ويا، جو پتو ئي نه پيو. اشفاق لاءِ لکيل يادگيرين جي سفر مان ھڪ ٻه ورق اُٿلايا ئي مس ھيا ته ڪَئين ورق وري ويا. اياز قادري ويو ته وريو ڪونه. پراڻي ھمسفر ھئڻ ناتي ٻه اکر لکڻ لاءِ سوچيم پئي ته ڊاڪٽر دُرشھوار الله توھار ڪئي! سائين جي. ايم .سيد سان پراڻو ناتو _ سائين امير حيدر شاھه ۽ سائين امداد محمد شاھه ھميشـﮣ ڄڻ اندر ۾ ويٺا ھجن. اصل ٻاڻ لڳي ويو! ڪير اُھي ورق ورائي؟ جيئري ھيءُ جھان ڇڏي في الحال موڪلائي وڃجي، پوءِ جڏھن ڪو ڪنھن پَل کي قياس پوي، جو جيئرو موٽائي وٺي اچي.

Text Box:  

 

ڪاتي تان نه ڪنھين، مَن وِجھلڻ وڍَيو

ماريس سو تَنھين، جو نَه جِئاري جَيڏيون!

 

جڏھن جو خبر پيم ته شيخ اياز به ھلڻ ھاري ڪئي آھي ۽ سفر اُسھيو آھي ته ڀانيم ته وقت بيھي ويو آھي!

اُٺي جئن مورَن، اوڀر ولھارن جئن،

سا پر گوندر ڪن، جُـﮣ ڦوڙائو سڄڻين.

شيخ اياز سان ڪي ورھين جا ورھيه گهاريل ھئا. ساڻس سنگ سفر سندس شعر ۽ لکڻين وسيلي ھو. فتاح، رشيد ڀٽي، علي بخش، تنوير وارن ته ساڻس گهڻو گڏ گذاريو ھو. سندن ڳالھيون ٻڌي ٻڌي مان به ائين سمجھندو ھيس ته ڄڻ سندس ميخاني مان مڌ جا پيالا پي ھاڻ وريو آھيان. اياز سان دوستيءَ جي ھام آئون نٿو ھڻي سگهان، جو آئون سندس ھمعصر به نه ھيس. بقول رشيد ڀٽي ته ”حميد چاڪ چڱو ڀلو ھو. کيس اِھا لوڻي واري لپاٽ ڪيئن لڳي؟ خبر ڪانه ٿي پئي.“

مرحوم رشيد ڀٽيءَ کي شايد ٻڌائڻ وسري ويو ھجيم ته اِھي چوڪڙيون، پنجڪڙيون ٺاھي، ادبي ڪاڪ محل سجائي، موملن جا ھوڪا ڏئي، اسان جھڙن ڪيترن ئي راڻن کي ريجھائي، ڏاچيءَ چاڙھي، اھڙي طلسم ۾ ڦاسايو ھيو جو اڄ تائين اُن طلسم جي اثر ھيٺ آھيون ۽ زماني ۾ سرگردان آھيون. سچ ۽ حق کي طاقت سمجھي پنھنجي ڪچڙن ذھنن سان باطل قوتن سان به ٽڪرائجي وياسين. اُن وقت صورتحال ائين ئي ھئي:

سگهه ڏي اھڙي سچ، منھنجي جڪڙيل جي ءَ کي،

ڳچي ٿئي ڳچ، ته به چوان جو چوڻو ھجي.

محمد ابراھيم جويي، اياز قادري، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، سوڀي گيانچنداڻي، غلام رباني آگري، عبدالغفور. انصاري، نورالدين سرڪي، حفيظ شيخ جو سڄي سنڌ ۾ غوغاءُ ھجي! ترقي پسند ادب جو جھنڊو کڻي جھولايو ھئائون. ادبي سنگت نڪري نروار ٿي ھئي. ٽماھي”مھراڻ“ جاري ٿي چڪو ھو. مون اڃان مئٽرڪ به پاس ڪانه ڪئي ھئي. بس اھا لوڻي واري لپاٽ لڳي وئي. سنڌ اندر ادب ۽ ٻوليءَ جو چؤٻول زور وٺندو ويو. ون يونٽ جي قھري قانونن اسان جي ذھنن ۾ اُھي ڀَو ڀولا آڻي ڇڏيا ھئا، جو اسان جي چوياري جن دوستن سان حيدرآباد ۾ ھئي، تن بنھه ڀَنڊي ٻاري ڇڏي. سنڌي شاگرد الڳ تحرڪ ۾ ھئا. ڏينھن رات سنڌ جي سورن، سنڌي ٻولي تي بندشن جو ذڪر، ادبي انقلاب جي ايندڙ طوفان جا سعيا، سڀ ڪنن پئي سُڻيا. نوشھري جي سيٺين ميمڻن جي خاندان جو لاڏڪوڏ سان پاليل چشم و چراغ! والد صاحب وڏي سرڪاري عھدي تي ھيو، پر اسان به کڻي الفي پاتي! عزيزن قريبن کي ڏندين آڱريون ھيون. والد صاحب کي چيائون ته ھن چرئي کي روڪيو، ھيءَ ته ڪو رڻ جو راھي ٿو ڏسجي؛ ڪٿي ڪو پنھنجي لاءِ ممڻ نه ٻاري ڇڏي. والد صاحب (مرحوم سيٺ اسماعيل) سياڻو ماڻهو ھو. ھُن زماني ۾ ڪئين جنوني ڏٺا ھيا، Text Box:  

ڪنھن به ھنڌ رستو نه روڪيائين. اُن وقت اديبن جو لڏو ويچارن ۽ واندن جو لڏو ھو. وڏن اديبن جو نالو وڏو ھيو، پر ڇوڪراٽ، جھڙا لوفر لَڙا ليکبا ھيا. گهڻو تڻو رومانٽڪ خيال، پر ھيل ھنن ڇوڪراٽن سنڌ سان به کڻي رومانس وڌو. ڄڻ ڪنھن من موھڻي اپسرا من ۾ موھه وجھي پئي ڇڪيو. اسان کي اِھا خبر نه ھئي ته وطن ۽ مٽيءَ سان رومانس ۽ عشق ڪرڻ وارا سوريءَ سزاوار ٿيندا آھن. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ڄڻ باھه تي گاسليٽ وڌو. وڏڙن اديبن ۽ دانشورن حيدر بخش جتوئي، غلام محمد گرامي، محمد ابراھيم جويي، جمال ابڙي، محمد عثمان ڏيپلائي، حفيظ قريشي سان ملو ته ائين پئي لڳو ته وس پڄين ته ڪتاب پڙھائڻ ۽ پرائڻ بھاني گهاڻي ۾ ڏاند وانگيان جوٽي ڇڏين. ٻيا اسان ڇوڪراٽن کان ڪجھه وڏڙا اديب غلام رباني،

رشيد ڀٽي، جمال رند، منصور، شمشير، ناصر مورائي، خواجه سليم پارا ملن ته چقمق جيان ڇڪين ۽ وٺيو ادبي وعظ ٻُڌرائين . ھاڻ ڪھاڻيون پيا لکون.

’سيمي‘ ڇپيو ته ڄڻ پير ڌرتي تي نه ھيا. ائين کڻي ”زندگي پبليڪيشن“ ٺاھي سين. ڪڏھن جمال ابڙي، غلام رباني ۽ ناصرمورائيءَ جا ڪتاب پيا ڇپجن، ته ڪڏھن ادبي تحريڪن ۾ ورڪر ٿي پيا ھلون. پئفليٽ پيا ورهايون. تقريرون پيا ٻڌون ته ڪڏھن ڳالھائڻ جو وارو مليو وڃي ته اُڀ ڏري پئي ويو. جيجي بيگم زينت چنا جو ادبي حيثيت سان وڏو نانءُ ھو. ماھوار ”مارئي“ پئي ڪڍيائين. معاون ٿي اڌ ايڊيٽري سکيم. سنڌ يونيورسٽيءَ جو نوجوان شاگرد پڙھڻ ۾ ھوشيار، پر دل ئي نه لڳي. ائين ”روح رھاڻ“ رسالو نڪتو. ڪيئن ھٿ وڌم ۽ ڪيئن وک وڌايم، اڄ معجزو پيو ڀانيان! خالي ھٿ، بنا پائي پيسي، ھھڙو ڪم ڪيئن ٿيو؟ اڃان به ويچار اِھي اٿم ته ”مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾ !“ يارن جو زور ۽ بيگم زينت چنا ۽ محترم عبدالله چنا جي رھبري. پھريون پرچو، اپريل 1960ع ۾ نڪتو. اِجھو سامھون سامھون شروعات ۾ شيخ اياز جا بيت آھن، اڃا به لوڻي واري لپاٽ نه لڳندي؟

سدا آھي ساھه کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍؤ بنا ڍولا ناھي ساڃھه سونھن کي.

رتي ناھي رت، ڄؤرون مڙيون جندڙي،

ساٿي اُٿ سُتت، ساڙيون ھن سماج کي.

اُن وقت به سماج جي ھيٺ مٿانھينءَ ۽ زماني جي گرمين ۽ سردين جي مزاج کان اڻڄاڻ ھيءُ مسافر تک تيز ۾ ھليو پئي.

اياز جو گيت جون واري پرچي ۾ ڇپيو ته من ۾ ھورا کورا وڌي ويئي.

پري پرينءَ جي لوءِ،

الا، او لوءِ ووءِ ڙي ووءِ!

سُري پتڻ تي آئي سانجھي پڳھه نه آيا پار

ايندا نيٺ ته منھنجي من جا مانجھي اي منجھدار

آياجي نه ته پوءِ، الا، او پوءِ، ووءِ ڙي ووءِ!

شيخ اياز جو ھيءُ گيت مون لاءِ شايد اشارو ھو ته واقعي پرينءَ جي لوءِ پري آھي! پر اُنھيءَ ئي پرچي ۾ شمشير جو غزل ھو ته

اسين حال ھيڻا، اوھان جي خُدائي _ وڏي ڳالھه آھي!

ھلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي _ وڏي ڳالھه آھي!

انڌيرن ۾ پَلجي پئي روشنائي _ وڏي ڳالھه آھي!

اڃان وقت کي پيئي ڳولي سچائي _ وڏي ڳالھه آھي!

ان سچائيءَ کي ڳولڻ لاءِ ڪجھه سر ڦريا نوجوان، سنڌ جي پراڻن مسئلن، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري کي سچائيءَ ڏانھن ھڪ رستو ۽ وسيلو سمجھي گهر گهاٽ ڇڏي اڳتي نڪري آيا ھيا.

”روح رھاڻ“ مالي مسئلن جو شڪار ٿيو ته ڳوٺ سڌار کاتي ۾ نوڪري ڪرڻي پئي. ڪجھه وقت قصو ھليو، پر والد صاحب جي حڪم تي نوڪري ڇڏيم جو پڙھڻو به ھيو. صفا گهر به نه ڇڏڻو ھيو. سيکڙاٽ پکي کي اباڻي گهر شام جو ته وڃڻو ئي وڃڻو ھيو. ڪو پنھنجو آکيرو ته ھو ئي ڪونه. نوڪريءَ ۾ ھجڻ ڪري دوست جمال رند کي ”روح رھاڻ“ حوالي ڪيم. اُن وقت ”روح رھاڻ“ جو رُخ پرکي نه پيو سگهجي . اُن ۾ ڪڏھن عورتن جو حصو ته ڪڏھن ٻارن جو حصو، ڪڏھن وري فلمي تصويرون ڏيڻيون پيون. جمال رند اُن ۾ تبديلي آڻي، سائيز گهٽائي، ڪجھه نوان موضوع _ شڪاريات، سياحت، وغيره وڌا، جن جو ماھوار رسالن ۾ ھجڻ ضروري ته سمجھيو ويندو ھو. پر پرچي جو منهن مهانڊو بنهه ڦري ويو، نيٺ نوڪري ڇڏي پھتس ۽ ڪتابي سائيز ۾ ”افسانا نمبر“ ڪڍيم، جنھن چوڌاري چوٻول پيدا ڪيو. ائين پريس جا نوان قانون آيا ۽ سڀني جا ڊڪليئريشن رد ڪيا ويا: ”روح رھاڻ“ ، ”مارئي“، ”انسان “ ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا. ان سڄي عرصي ۾ ادبي لڏا چرپر ۾ رھيا. پڙھائيءَ جو جيڪو سال ھليو ويو ھو اُھو بچائڻ لاءِ ايل .ايل .بي .به پئي ڪيم. 1963ع جو اِھوئي مارچ جو مھينو ھو جو مرحوم رمضان، جيڪو ڊي .سي. جي آفيس ۾ ڪلارڪ ھو، ”روح رھاڻ“ جو نئون ڊڪليئريشن آڻي ڏنو. 1960ع کان 1963ع تائين اسان جي ڪچڙن ذھنن ۾ گهڻي پُختائي اچي ويئي ھئي. سنڌ ۾ ”ائنٽي ون يونٽ موومينٽ“، ٻولي ۽ ادب لاءِ هلايل تحريڪن ۾ ڏينهن رات دوست گڏ هيا. اصل ۾ سنڌ ۽ اُن جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ جو مسئلو هو. هنن کي خود آگاهي جو عادي بڻائڻو هو. شهرن کان ٻهراڙين تائين جڏهن ويندا هياسين ۽ جلسا ڪندا هئاسين ته محسوس ٿيندو هو ته خلق خدا جي پريشان ته آهي، پر اسان جون ڳالهيون ٻُڌي حيران ٿي ويندي هئي. ”روح رهاڻ“ انهيءَ ڏس ۾ پهرين ۽ فيصلي جي قوت بخشيندڙ کنيل وک هئي.

شيخ اياز اُن معاملي کي هيئن پرکي ورتو. سندس نظم جو عنوان هو ”نئون انسان“:

هيءَ ميرانجهي سانجهي آيا ڌوڙ- ڌَئي جي جهول،

ڄاڻ ستارا ان مان نڪتا جرڪي سون سمان؛

تيسين پنهنجيءَ مشعل ۾ جا آهي لاٽ اڏول،

تنهن تي واٽ سڃاڻي ويندا واٽهڙو انسان!

ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان ۾ ناهه ڪئي گجگوڙ،

هيءَ به غنيمت آ ته ڪٿي ڪو اونائي ٿو ڪوڪ:

نيٺ ته بادل وسندا، پوندا مينهن به ماڻهوءَ ٻوڙ،

نيٺ ته وڄندي، گجندي، اُٿندي، آنڌي جيئن مخلوق.

سندس هيءُ نظم آگسٽ1963ع واري پرچي ۾ ڇپيو. ڳالهه ڳري، پر

اسان لاءِ ڄڻ ته سؤلي.اِجهو ٿا اياز چواڻي سوڀ حاصل ڪريون:

مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، ڄر آ منهنجي ڄاڻ،

ڀڙڪي ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿيندي، جلندو هيءُ جهان،

آخر منهنجي سوڀ سنواريا، آخر تنهنجي آڻ،

تون رک هوندين، ڄڀيون ڄڻينديون ڪوئي نئون انسان.

”روح رهاڻ“ جي نئين دور شروع ٿيڻ تائين اسان جي شاعرن (ٻين صنفن جي ليکڪن جو ذڪر ٻئي موقعي تي) جي دنيا وسيع ٿي ويئي هئي. آبادي ته وڌندڙ هئي پر نئون فڪر، نيون صنفون، نوان چهرا ڄڻ ته پاڻهي پيا گهڙجن.سنڌ جي ڌرتيءَ پاسو ورايو هيو. سنڌ جو هر ماڻهو ڏاڍ ڏمر کي محسوس ڪري رهيو هو. نوجوان ٽهي هونئن به حساس ٿيندي آهي. شاعرن کڻي نئون علامتي وڳو پاتو. سنڌي شاعريءَ ۾ نيون صنفون نوان خيال ۽ نوان موڙ اچي ويا.

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،

مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ الا،

تنهنجي دنيا سج جا پاڇا،

منهنجي دنيا چنڊ جان گهايل؛

مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ الا

(نياز همايوني) سيپٽمبر 1963ع

يا وري سندس ’ورلاپ“ (آڪٽوبر 1963ع)

اوٺيئڙا ڙي اوٺيئڙا منهنجي وندر وئي وڻڪارن ۾،

جهل واڳ ته ڪي واڪا ڪريان، من ڪهل پوي بر وارن ۾.

----

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هرڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ!

(تنوير عباسي)”روح رهاڻ“ آڪٽوبر 1963ع

نارائڻ شيام جا دوها ۽ سورٺا نومبر1963ع ۾ ڇپيا:

کيڏان اُسڙي _ ڇانوڙي، ڪير پيهيندو جنڊ،

ڪير ٿڦيندو روٽلا، هيءَ تارا يا ڇنڊ.

روشن آئيندو گهرين، ڀڃ مانڊيءَ جو منڊ،

وٺجي ويندو چنڊ نه ته وٺجي ويندو چنڊ.

اُنهيءَ ساڳئي پرچي ۾ اياز جو هڪ ننڍڙو نظم چپيو:

لڙي ٻپهري، لانڍي، ٿانوَ

پنڊيءَ ۾ پارٿو ڍوڍو

اڏريا هيٺ ڪنڊيءَ تان ڪانوَ

جن سان گڏجي ڪو نينگــرڙو

کائي ويٺو

ڳٽيءَ ڳٽيءَ سان ڳائـــي ويٺو.

1963ع وارن پرچن ۾ امداد حسيني جا نظم نئين سماجي فڪر کي کنيو بيٺا هيا. اُن سان گڏ شمشير الحيدري، اُستاد بخاري، محسن ڪڪڙائي ۽ ٻيا هڪ نئين سوچ جا اڳواڻ هيا.

هيءُ هڪڙو جديد فڪر هو، جنهن ڳالهه کي سڀني سمجهيو پئي، جديد ۽ قديم جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي. اياز جو پهريون مضمون ”روح رهاڻ“ سيپٽمبر1963ع ۾ ”جديد ادب جي اهميت“ چپيو.

”مون سان گڏ سنڌ جي نئين اُمنگ، نئين فڪر ۽ اُن جي حامين جي ڪافي مخالفت ڪئي ويئي آهي ۽ اڃان ڪئي وڃي ٿي. قديم ڇا آهي ۽ جديد ڇا آهي؛ قديم ڇو آهي ۽ جديد ڇو آهي، ان جو صحيح شعور ۽ شناس وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر سان ملي ٿي. قدامت ۽ جدت ۾ قابل قبول ڇا آهي ۽ انڪار جي قابل ڇا آهي، ان جي پرک جنهن نظر جي گهرائيءَ ۽ دل جي وسعت جي گهرج آهي، اُها هر ڪنهن جو نصيب نه آهي. ادب ۾ جديد ۽ قديم جو قصو، ڪم نظريءَ جو دليل به آهي ۽ بالغ نظريءَ جو به. ڪم نظريءَ جو دليل ان سبب ڪري آهي، جو جديد کان جديد ترين شاعر ۽ اديب به پنهنجي ماضيءَ کان بلڪل منحرف نٿو ٿي سگهي. بالغ نظريءَ جو دليل ان سبب ڪري آهي، جو هر سچو فنڪار ڪنهن جي به نقش قدم تي هلڻ کان پاسو ڪندوآهي ۽ پنهنجي منزل، پنهنجي راهه پاڻ متعين ڪندوآهي. ازرا پائونڊ جو هي عجيب غريب نظم، جو هن آمريڪا جي بهترين شاعر والٽ وٽمئن متعلق لکيو آهي، هڪ منفرد شاعر جي نفسيات جو صحيح جائزو آهي :

I make a Pact with You، Walt Whitman!

I have detested you long enough،

I come to you as a grown child،

Who has had a Pig- headed father

I am old enough now to make friends،

It was you that broke the new wood،

Now it is a time for carving:

We have one sap and one root،

Let there be commerce between us.

[مان توسان معاهدو ٿو ڪريان، والٽ وٽمئن!

مون توسان ڪافي وقت نفرت ڪئي آهي،

مان تو ڏانهن ائين ٿو اچان، جيئن بلوغت تي پهچي،

اولاد، ڪم فهم پيءُ ڏانهن موٽي ايندو آهي.

هاڻي منهنجي بالغ نظري ايتري آهي، جو تون مان دوست ٿي سگهون،

تون نئون ڪاٺ ڪپيو هو، اڄ ان تي نقش طرازيءَ جو وقت آهي:

اسان جي جڙ ۽ گونچ ساڳيا آهن،

بهتر آهي ته تنهنجو ۽ منهنجو سمجهو تو ٿئي.]

هيءُ ”روح رهاڻ“ جو نئون پر ابتدائي دور آهي. 1964ع ۾ شيخ اياز جون لاءِ 1964ع کان وري نظر اچي ٿو. سندس بيتن جو عنوان ئي هو: ”سنڌڙي تنهنجي سينڌ ڏسي، رات ڀٽائي گهوٽ رُنو.“

توکي ساري سنڌڙي، ساري ڀٽ ڏڻي،

مورنه ٿيندي مارئي، ٻي ڪا ماءُ ڄڻي،

تنهنجي پير پڻي، ڏات سموري ڏيهه جي،

روئي پيئي رت، سڏڪا ڀري سنڌڙي،

وهه تي لڳو وات ۾ ڀينر مون کي ڀت،

هيءَ پورو پربت، آخر ڪيئن پٿون ٿئي؟

هيءُ بيت سندس جوش ۽ جذبي جو اظهار هيا، ڇاڪاڻ ته اهو ئي 1964ع آهي جڏهن شيخ اياز جي مجموعي ”ڀونر ڀري آڪاس“ تي سرڪار بندش وڌي هئي.

مون اُن پرچي ۾ پنهنجي ”رهاڻ“ (ايڊيٽوريل) ۾ لکيو هو:

”شيخ اياز جو فن زندگيءَ جو علمبردار آهي. سندس قول ۽ سندس مجموعهء ڪلام موجب: هيءُ نه برگ سبز آهي نه تحفهء درويش‘. هيءَ ڪويل جي ڪوڪ آهي. ڏسجي ته اها رات جي انڌاري ۾ گُم ٿي وڃي ٿي يا وقت جي هانَو ۾ بڙڇي ٿي لڳي ٿي.“

”اسان کي يقين آهي ته سندس آواز رات جي انڌاري ۾ گم ٿي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته اسان صبح جا روشن سپاهي آهيون. رات جي انڌيرن جي هانوَ ۾ اسان پنهنجي تخليق جون سنگينون هڻي، ڪوڙ جا سڀ ڪوٽ ڪيرائي، ’سچ‘ جي روشني ساڻ کڻي صبح کي جنم ڏيندڙ آهيون...“

”حڪومت هڪ طرفو فيصلو ڏيئي، اياز جي مجموعهء ڪلام ’ڀونر ڀري آڪاس‘ تي بندش وجهي، سنڌي ادب جي حق تلفي ڪئي. حڪومت جي ان قدم کي سنڌ توڙي پاڪستان جو ڪوبه صالح ۽ باشعور فرد سٺي نگاهه سان نٿو ڏسي، ان مسئلي کي ڪن مفاد پرست شخصن اشتعال انگيزيءَ سان هوا ڏني آهي، جنهن ڪري حڪومت ۽ باشعور فردن جي تعلقات تي غلط اثر پوڻ جو انديشو آهي. اسان جي حڪومت کي پرزور اپيل آهي ته اياز جي مجموعهء ڪلام ’ڀونر ڀري آڪاس‘ تان بندش هڪدم هٽائي وڃي.“ (ح_س)

شيخ اياز جي ڪلام ۾ هيءَ سونهن پرکيو ۽ ڏسو:

ڌرتي چمڪي، واري اُڏري، رائو، ڏينهن تتو،

هرڻي هونءَ به مرڻي، پر جي ماري رڃ رڳو.

جُڳ جُڳ جو جادو آ تنهنجي سانجهي جيسلمير،

تل ترائي تي اڏري جي ڪونج وجهي پاڇو.

پٽ پٽيهر پير اسان جا سامهون ساري ريت

ڪيچ اسان سان پيچ نه پائي، آ ڀنڀور ڀلو.

(”روح رهاڻ“ آڪٽوبر 1964ع)

شيخ اياز نومبر1964ع واري ”روح رهاڻ“ ۾ هيئن به لکيو هو:

تون ياد ڪجانءِ !

 سنڌ ۾،

منهنجي موت کان پوءِ،

جيڪڏهن،

ٻئي ڪنهن جو شعر،

زندهه رهندو؛

ته اهوائين اُسرندو،

جيئن ڪمند جي،

هڪ فصل ڪپڻ کان پوءِ،

ٻيو فصل

ان جي جڙمان

خود نسِري ايندو آهي.

پر ٿيو ائين ته سندس جيئري گيتن ۽ نظمن جا ٻج ائين چوڌاري ڇٽجي ويا جو هم فڪر ۽ هم خيال شاعرن جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي ويئي. شمشير الحيدري، امداد حسيني، تنوير عباسي، قمر شهباز، استاد بخاري، تاج بلوچ، فتاح ملڪ، سرويچ سجاولي، نعيم دريشاڻي، پروانو ڀٽي، عبدالڪريم پلي، گدائي، واسديو نرمل، گوورڌن ڀارتي، ارجن حاسد، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا ڪيترا جن سنڌ جي شاعريءَ کي نه رڳو سنواريو ۽ سينگاريو ، پر هڪ فڪر کي عام ڪيو. اِهو سال 1965ع ئي هيو جڏهن دوستن ۽ ساٿين فيصلو ڪيوته هن سال ”جشن روح رهاڻ “ ملهائجي، مبهم خيال، اشفاق قاضيءَ ڏنو. اُن ۾ رنگ ڀريندڙ خواجه سليم، امداد حسيني، شمشيرالحيدري، غياث جوڻيجو ۽ ٻيا ساٿي هئا، پر جن پل پل پئي خبر لڌي، اُهي هيا جيجي بيگم زينت چنا ۽ محترم عبدالله چنا.

جشن روح رهاڻ 4 اپريل 1965ع جي موقعي تي اسان ”سالنامو“ ڪڍيو،

ڪئلينڊر ڪڍيو ۽ سووينيئر تيار ڪرايا. سڄي سنڌ جا اديب شاعر ۽ سڄاڻ سنڌي اچي گڏ ٿيا.

مئي 1965ع ۾ ”جشن نمبر“ ڪڍيو سين، اُن جي ايڊيٽوريل نوٽ ۾ مون لکيو هو:

”... مشاعرو شروع ٿيو. شيخ اياز جنهن لاءِ ڪنهن بزرگ چئي ڏنو ته ڀٽائيءَ جي چاڙهيل ڪُني، سچل جنهن جو ڍڪڻ لاٿو؛ اياز انهيءَ ڪني کي کڻي پاٽ ۾ پيٽيو آهي ۽ مون به چئي ڏنو، ’شيخ اياز اڄ جو سچ ۽ سڀان جي تاريخ آهي،‘ اياز اڄ جي جذبن ۽ قدرن جو علمبردار آهي،‘

شيخ اياز جي صدارتي تقرير حقيقتن ۽ سچ جي اها تکي تلوار هئي، جنهن هڻي انهيءَ ياد ڀريل اَڍَ کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. چوڌاري هڪ مٺڙي روشني ڦهلجي وئي؛ هڪ هڪ چهرو ٻهڪي رهيو هو، هُو هر پڪار ۽ سڏ جو جواب ڏئي رهيا هئا. اياز اسان کي جا ڳائي رهيو هو. اياز وقت کي آواز ڏئي رهيو هو، اياز زندگي کي زنده ڪري رهيو هو:

”هيءَ سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪوئي آيوآ پيارا.“

اياز کُلي پيو. سندس هر اکر، اکر کي ٿي پيٽيو ؛ هو اڄ اهو مهراڻ جنهن جو نه پَهي، نه هو پتو. هن جَرَ جي جهاڳ مٿان ديپ جلايو هو. هو ڇونه چوي؟

هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجهه ڏات ڏسو، پوبات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.

هن پنهنجي سچ جي ڄار ۾ اسان زندگي ۾ پيٺل ڪوڙ جي سُري جي جيتن کي جڪڙي ڇڏيو؛ اسان کي غذا ئي ٻي ٿي ملي. پيام ئي نئون مليو ؛ اسان لاءِ اميد جزيرو بڻجي پئي. ’آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا.‘

چوڌاري ايامن کان ستلن جو ميڙ هو. هو اڄ جاڳي پيا هئا. هو هر انهيءَ غيرت جي تير تي ڦٿڪي ٿي اٿيا، جو ڪنهن مسڪين شاعر کان زبان جي ونگ مان نڪري ٿي ويو. ڪير هو جو سچ کي روڪي .ڪير هو جو روايت کي روڪي. ڪير هو جو تاريخ کي روڪي. ڪير هو جو هن اٿاهه ساگر کي روڪي.

اسين مڙڻ جا ڪينڪي آهيون ڀلي ڪريو سو ڦند کڻي.

اسين ڀٽڪي ڀٽڪي اڄ ماڳ پهتاسين. اسان اڄ منزل پاتي هئي، اسان کي سڀ ڪجهه ملي ويو هو. اياز ته ائين به چئي ڏنو:

هيءُ ڀريو ڀنڀور ڇا ڪافي نه آهي!

اي چري، ڪنهن ڏي وڃين ٿي، ڪيچ ڪاهي؟

هرشاعر پنهنجي جذبي ۾ سرشار آيو ٿي ۽ ائين ٿي لٿو، ڄڻ هن زندگيءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو، ڄڻ هن سچ چئي ڏنو. هاڻ ڀلي ڪير سقراط وارو پيالو سندس لبن تي رکي، هو پي ويندو. مان اياز سان اسٽيج تي ويهي چوڌاري ڦهليل اڌمن جي راند ڏسي رهيو هوس.

اياز جيڪا تقرير ”جهول ۾ گُل ۽ هٿ ۾ مشعل“ ڪئي هئي، انهيءَ مان ڪجهه ٽُڪرا پيش ڪجن ٿا:

”ڪيتريءَ مدت کان سنڌ ۾ منهنجي فن ۽ فڪر لاءِ محبت جو اظهار به ڪيو ويو آهي ۽ نفرت جو به.مون پنهنجيءَ مخالفت کي اهميت نه ڏني آهي ۽ جنهن لاءِ نه مون کي رغبت آهي ۽ نه فرصت، پر متان خاموشي نيم رضا يا اعتراف سمجهي وڃي ان ڪري اڄ مان اوهان جي اڳيان سنڌ جي جديد فن ۽ فڪر سان گڏ ان جي ڪيل مخالفت جي باري ۾ به ويچار پيش ڪيان ٿو...

...ادب جو دليل منطقي نه آهي، پرپوءِ به منطق کان وڌيڪ مڃائيندڙ آهي. ادب انساني روح کي يڪدم گرفت ۾ آڻي، اُن تي هڪ پائدار تاثر ڇڏي ٿو ۽ انهيءَ تاثر جو عملي زندگيءَ جي تشڪيل ۾ وڏو هٿ آهي. شاعر جي قول ۽ فعل ۾ جيڪڏهن ڪوئي تضاد نه آهي، جنهن لاءِ هر فڪر هڪ عمل جو پيش خيمو آهي، ته هن جي شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ملي ٿو؛ پر منهنجيءَ نظر ۾ هن جو هر قول هڪ فعل آهي۽ ان جو نتيجو، جي هن لاءِ نه، ته هن جي قوم لاءِ يا پوريءَ انسانذات لاءِ لازمي طرح عمل آهي. مان ادب جي آدرش تي سوچي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته ادب اديب جي روح جو اظهار آهي، ۽ اهو اظهار بنا مقصد جي نه آهي، ۽ ادب جي زبان، جا ان جي اظهار جو ذريعو آهي، ۽ پوري قوم، جنهن تائين ادب جي رسائيءَ لاءِ انهيءَ اظهار جو سهارو ورتو وڃي ٿو، جڏهن انهن سڀني جو وجود، ڪنهن ٻاهرئين يا اندرئين خطري سبب، خاتمي جي قريب نظر اچي ٿو، تڏهن ادب جو پنهنجيءَ حفاظت کان وڌيڪ ۽ ان ڪري لازمي طرح پنهنجيءَ زبان ۽ قوم جي حفاظت کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو! اهو لازمي نه آهي ته هر وقت ادب جو مقصد سياسي يا سماجي هجي، پر مٿينءَ حالت ۾ ، ٻئي ڪنهن مقصد جي گنجائش گهٽ آهي. ادب ۾ سياسي

سماجي مقصد جو اظهار ادب جي اهميت کي نٿو گهٽائي. ائين صحيح آهي ته ادب جي پرک اول ادبي آهي ۽ پوءِ سياسي ۽ سماجي؛ ائين به صحيح آهي ته ادبي تخليق نه اخباري مراسلو آهي نه اشتهار ، پرپوءِ به ادبي تخليق جي سياسي ۽ سماجي افاديت تي مون کي ڪوئي اعتراض نه ٿو نظر اچي.جي ادب هر لطيف فن وانگر حسن جي تلاش آهي ته ان تلاش جي دائري کان سماج ۽ سياست کي ڇو ٻاهر رکيو وڃي ؟ آخر هر عظيم سياسي ۽ سماجي ادب ۾ سياست ۽ سماج جو هڪ تصور آهي، جو ان جي خالق جي نظر ۾ تاج محل تي تروري وانگر بکندو آهي. هو ان تصور کي ڪنهن به فطري منظر کان زياده دلڪش ڪري پيش ڪري سگهي ٿو، ۽ پنهنجي جذبي کي ٻيءَ ڪنهن به محبت جي جذبي کان وڌيڪ ٻهڪائي ۽ مهڪائي سگهي ٿو. ڪنهن وقت هن جي ٻوليءَ جي ڪوڙاڻ هن امرت کي مات ڏيئي سگهي ٿي ۽ هن جي لکڻيءَ جي واگهه نک پاٽوليءَ جي هٿ کان وڌيڪ پياري لڳي ٿي. زندگي پٽ جي ڳنڍ به آهي، وهه جو ڳنڍو به آهي. ڪهڙو با شعور اديب هوندو، جو انهيءَ وهه جي ڳنڍي کان منهن موڙي ويندو !گيت نه واريءَ ۾ گُت آهي ۽ نه فقط ڪَتيءَ جي ڪانڌ. چڪور جو چڪوريءَ کان اهو سوال به آهي ته ’ اهو ديس ڪٿي آهي، جتي رات نه آهي !...‘

....اسان تي الزام ڌريو ويو آهي ته اسين ماده پرست آهيون. اسان جو نثر ۽ نظم گواهه آهي ته اسان ماديت جي فلسفي کي ڪڏهن به آخرين حقيقت نه سمجهيو آهي، جيتوڻيڪ اسان کي مادي زندگيءَ جي بي انتها اهميت ۽ افضليت جو اقرار آهي. ڪوڙهئي سماج جو روح به ڪوڙهيو هوندو آهي؛ جو اديب زندگيءَ جي ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏک کان منهن موڙي، اهو ڪانئر ۽ ڪميڻو آهي؛ هو پنهنجي فرار جي باوجود ادب تخليق ڪري سگهي ٿو. پر هو فقط ڪوڙي ڪيمياگر وانگر ڏنگيءَ جي ڏِکَ پيدا ڪري سگهي ٿو، باقي هن وٽ آهي رڳو ٽڪي جو ٽامون. سرجڻهار جوٺي جنسار سان دل نه بهلائيندو آهي. فراري ادب زندگيءَ جي کاري کوهه ۾ ڪوڙ جي ڪنگري آهي، جنهن ۾ وسوڙا آب حيات تلاش ڪن ٿا. اهڙو ڪو به اديب نه آهي، جو دلي طرح مادي زندگيءَ کي اهميت نه ڏيندو هجي، پر مادي زندگيءَ ۾ انقلاب لاءِ ڪوشش ’ ڳڀروءَ جي راند‘ ۽ ’سسي نيزي پاند اڇلڻ‘ هر ڪنهن جي وِتَ ۾ نه آهي.

Text Box: 870

مون هميشه انفراديت پرستيءَ ۾ فرق ڪيو آهي. انساني زندگي اجتماعي آهي ۽ انفراديت پرستي ان لاءِ مُهلڪ آهي. باقي انفراديت هر عظيم فنڪار لاءِ ايترو ضروري آهي، جيتري گل لاءِ خوشبو. هر عظيم فنڪار هڪ جوڙڻهار آهي ۽ پنهنجيءَ ڪائنات جو جوڙيندڙ آهي. فن زندگيءَ لاءِ هوندي به، ان کان مٿڀرو آهي. فن جي ڪمال ۾ زندگيءَ جي روحانيت جي تڪميل آهي. هر عظيم شاعر جي سٽ ڏسي يڪدم انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته اها خوشبوءِ فقط هن جي روح جي ٿي سگهي ٿي. مون ڪڏهن به عظيم فن کي ڏسيل راهه يا پيري جو محتاج نه ڏٺو آهي. فن هميشه اڻانگي واٽ ورتي آهي، جنهن تي اڳ ڪنهن به پکيءَ جو پاڇو نه پيو آهي. عظيم فن جي منزل ان جي پهرئين قدم تي به شروع ٿئي ٿي ۽ ان جي پوئين قدم تي به رسائيءَ کان دور نظر اچي ٿي. عظيم فن ازل کان ابد تائين ٻرندڙ شعلو آهي، جنهن تي مشل سڏ پنڌ کان پوءِ بدلجندي رهندي آهي. ان کان سوا اها جوت جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي...

....وقت جي ڪميءَ سبب مان جديد فن ۽ فڪر تي مفصل بحث نٿو ڪيان ۽ آخر ۾ ان ساريءَ سنگت جو احسان مڃان ٿو. جنهن مون کي هن مشاعري جي صدارت جو شرف بخشيو آهي ۽ سنڌ جي نئين فڪر ۽ فن جي جرات سان حوصله افزائي ڪئي آهي. روح رهاڻ رسالو جديد ادب جي اشاعت ۾ اڳرو رهيو آهي ۽ ان جي ارادي، هر مشڪل جي باوجود، جدت پسنديءَ جي حمايت ڪئي آهي، جنهن لاءِ جناب حميد سنڌي ۽ هن جا سنگتي مبارڪباد جا مستحق آهن.“

انهيءَ جشن کان پوءِ ڏينهن ئي ٻه لڳا، جو انهيءَ مهيني مئي 1965ع ۾ شيخ اياز کي حيدرآباد مان شهر بدر ڪيو ويو، جو پاڻ ڪنهن جلسي ۾ صدارت لاءِ سڏيل هو. حيدرآباد لا ڪاليج ۾ فنڪشن رکيل هو، جنهن کان روڪڻ لاءِ منجهند جو ئي ڪوٽڙيءَ مان ريل رستي پوليس جي پهري ۾ کيس سکر روانو ڪيو ويو. اصل ۾ ”جشن روح رهاڻ“ جي اجتماعي اثر ۽ انقلابي رُخ قدامت پسندن کي پنهنجي هَٽ نه چمڪڻ سبب مٿس ڪئين الزام هڻي، شهر بدر ڪيو ويو.

جون 1965ع ۾ پرچو ڪڍيو سين ته اُن جي ٽائيٽل تي سندس تصوير هئي ۽ رت جي ڇنڊن سان لکيو ويو هو :

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجهه ڏات ڏسو پو بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.

اياز اُنهيءَ پرچي ۾ هڪ بيت وسيلي ڄڻ پڇيو پئي:

ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو،

پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏي ڪو سنڌ ۾؟

اُن موقعي تي مون پنهنجي ايڊيٽوريل نوٽ ۾ هيئن لکيو هو:

ڪنهن به انقلاب کي تيستائين سچو انقلاب نٿو چئي سگهجي، جيستائين اهو انقلاب انسان کي ذهني غلاميءَ کان ذهني آزادي ڏانهن نه وٺي وڃي. ماضيءَ جو هر دور، حال جو هر وهڪرو، مستقبل جي هر اميد، ذهني انقلاب جي تاريخ ۽ ان جو پورو دستاويز آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ انسان جي ذهن جو ڏيوالو آهي. قدرت جو هيءُ نظام ارتقا جي هر صورت ۾ تشڪيل تي ٻڌل آهي. ارتقا، انسان جي هر عمل جو بدلجندڙ ۽ سُلجهيل روپ آهي، جو انسان جي ذهني شڪل آهي.

اسلام جو خود هڪ بنيادي نظريو اهو آهي ته خلقڻهار انسان کي آزاد

خلقيو آهي، پر هن پاڻ کي زنجير وجهي ڇڏيا آهن. انسان جو ڇوٽڪارو انهن ذهني انقلابن ۾ آهي جي وقت بوقت پئي ٿيا آهن ۽ هر انهيءَ سچ، جذبن ۽ قدرن جي علمبردار وقت، وقت مطابق انهن لاڙن جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي، جن ڪوڙ کي ڪوڙ، ۽ ڌوڙ کي ڌوڙ ۽ جنمن جي سڙيل رک کي رک پئي ثابت ڪيو آهي. انهن علمبردارن هر دور ۾ پراڻن ذهني بخين کي پئي اُڊوڙيو آهي. سندن هر تبديلي ۽ ذهني انقلاب جو پيام، پراڻن مڙهين جي مڙدن لاءِ قاتل بڻجندو رهيو آهي ۽ پوءِ هو هميشـه انهيءَ زهر کان بچڻ لاءِ هر ترياق ڪم آڻيندا آهن ۽ آخر ۾ اچي مذهب جو هٿيار کڻندا آهن.

اڄ ذهني انقلاب اچي چڪو آهي. نوان لاڙا، نئين رڃ، نئين اُڃ، هر دور تي

حاوي آهي. هر اهو ذهن، جو نئين ڳالهه کنيو ٿو اچي، اڄ جي سچ جو علمبردار آهي ۽ سڀان جي هو تاريخ آهي. هن جديد ادب ۽ نون لاڙن جي تحريڪ جو هر فرد پاڻ انقلاب آهي. اڄ جي پراڻين مڙهين جي رکوالن مذهبن جي آڙ ورتي آهي يا شيخ اياز تي حيدرآباد ۾ پابندي وجهرائي آهي ته انهيءَ سان تحريڪ ختم ڪانه ٿيندي. هر نوجوان نئون ذهن کنيو پيو اچي. هو لڪير جو فقير نه آهي. زندگيءَ جي هر حقيقت کي پروڙي کوري مان پچي نڪري ٿو، ان تي جيڪا به پابندي وجهبي، هو تيئن ڀڙڪندڙ لاٽ بڻجي پراڻيون مڙهيون ساڙيندو ۽ وڌندو هلندو.

Text Box: 874

شيخ اياز تي پابندي ڪا سندس خيالن تي پابندي نه آهي. ثابت ٿي چڪو آهي ته شيخ اياز تي ڪي سياسي ۽ اليڪشن جا ڪوڙا الزام لڳائي؛ حڪام اڳيان غلط ڳالهيون پيش ڪري، هڪ طرفو فيصلو ورتو ويو آهي. انهيءَ لاءِ انصاف جو مطالبو ڪجي ٿو ۽ اسان کي خبر آهي ۽ هر روشن خيال فرد ڄاڻي ٿو ته هن دور ۾ ڪير به ڪنهن جي ذهن ۽ زبان تي بندش وجهي نٿو سگهي. انصاف حق ۽ سچائي انسان جي فطرت آهن. هو جان لڙائي به ڪوڙ ثابت ڪندو ۽ جڏهن وقت سندس، ساٿ ڏيندو، روشن لاٽ سان هيءَ واٽ روشن ٿي ويندي. ذهني تبديلي اچي رهندي، تحريڪون هلنديون رهنديون، نوان ساٿي ساٿ ڏيندا رهندا. هر اياز جي شهيد ٿيڻ تي ڪئين نوان اياز پيدا ٿي پوندا. مڙهين جا مڙدا ڪنهن تي بندش وجهرائي ڪنهن تي وجهرائيندا. جب لهو پکاري گا آستين کان.

 

اياز تي پيل بندش کي هر باشعور طبقي ڏاڍي ناپسندگي سان ڏٺو آهي ۽ ڀانئجي ٿو ته اهو قدم ڪنهن غلط فهميءَ جو نتيجو هو ۽ انهي ۾ گهڻن شرپسند فردن جو هٿ هو .اسان جو اختياري وارن کي عرض آهي ته انهيءَ معاملي جي تحقيقات ڪرائين ۽ جن فردن انهيءَ ۾ حصو ورتو آهي، انهن کي ڪهڙي سزا ڏين، جن وڪالت جي پيشي ۽ شاگردن جي نالي کي استعمال ڪري ان تي هميشه جي لاءِ ڪارا داغ لڳائي ڇڏيا آهن. حڪام کي اها ڳالهه پڻ واضح ڪرڻ گهرجي ته بندش جو وڏو سبب ڪهڙو هو ؟ جنهن مقامي اخبار غلط سبب ڄاڻائي اياز تي ملحد ۽ ڪافرپڻي جو سرڪاري الزام ڄاڻايو آهي، انهيءَ کي پريس ائڪٽ تحت عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جيئن ان جي هميشـه واري روش ختم ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته امن ۾ وڳوڙ وجهڻ ۽ ٻن طبقن درميان منافرت ڦهلائڻ جي پاڙ ئي اها اخبار آهي.

مان آخر ۾ شيخ اياز کان حيدرآباد جي باشعور سنڌي حلقي طرفان معذرت خواه آهيان، جو اسان هڪ عظيم شاعر جو پورو قدر نه ڪري مهمان نوازي جي روشن روايت کي تاريڪين سان تاراج ڪري ڇڏيو. انشاء الله اسان کيس وري جلد ڪوٺائينداسين ۽ سندس شايان شان استقبال ڪري اکين ۾ جاءِ ڏينداسين ۽ هو ائين چئي اسان جي وچ ۾ وهندو:

مان ايندس ؛ مان ايندس، تو وٽ سپني سان ساڻ‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎،

آڳ اکين ۾، راڳ چپن تي، آهه منهنجو اهڃاڻ.

 (حميد)

هيءُ احوال اڻپورو آهي ۽ 1965ع تائين ياد گيرين جي حوالي سان آهي. حياتي رهي ته ”اياز“ جي انقلابي شعر ۽ وک وک تي هن سجاڳ شخصيت جو احوال ”روح رهاڻ “ جي حوالي سان جلد لکي ”مهراڻ“ جي حوالي ڪبو.

شيخ اياز ويندو رهيو، پر سندس روح کي چين مليو ته اسان کٽيو.

هيءَ سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا،

هيءُ شايد ساڳو رمتو آ، آڳ جيئن اُڃايو آ پيارا.

جنهن وقت جراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،

تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا،

جنهن وقت اسان جي تند تپي ۽ ساز ٽپي آواز جهپي،

تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا.

(جشن روح رهاڻ 1965ع ۾ پڙهيو ويو.)

ڪورو آهه ڪڏهن کان پيارا، آءُ اُمايون دِلو ! هُو،

ماڻهوءَ جو ايمان ٿيو آ رب مان ڪيڏو ڍلو ! هُو،

ڄڻ سارو ويران لڳي ٿو روحانيت- ڳِلو ! هُو،

آ اڳ جئن ويساهه ڀَلو، اڄ تَنهن جو ڪَيون بِلو ! هُو.

(شيخ اياز)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org