(ت) روح رهاڻ جا مضمون:
”روح رهاڻ“ انهن ڏينهن جو قلمي ۽ نظرياتي ڪارنامو
آهي، جڏهن سنڌ هڪ ٻئي پٺيان ”ون يونٽ“ جي پنجوڙ ۽
ايوب شاهيءَ جي مارشلا جي ٻن پڙن ۾ پيسجي رهي هئي.
هي اهو زمانو هو جڏهن علم ۽ قلم تي پابنديون
لڳايون ويون هيون، ذهنن ۽ زبانن تي تالن هڻڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ادبي
دنيا ۾ عجيب قسم جي اٿل پٿل آهي. افسانه نگارن ۽
شاعرن پنهنجي مخصوص انداز سان نه فقط عوام جي
اُمنگن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي بلڪه انهن کي حقن
حاصل ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. اهڙيءَ صورتحال ۾ ”مضمون“
جي صنف هر وجهه کان متاثر ٿي ۽ نتيجي ۾ مضمون
نويسي جي ايتري اوسر نه ٿي. اهو رنگ اسان کي روح
رهاڻ تي چڙهيل نظر اچي ٿو. هن رسالي ۾ شايع ٿيل
شاعريءَ ۽ افسانن جي ڀيٽ ۾ مضمون گهٽ شايع ٿيا.
هن رسالي ۾ جن مضمون نگارن پنهنجي علم و قلم جي
قرباني ڏني. انهن مان مکيه ليکڪن جي نالن جو وچوڙ
هن ريت ٿئي ٿو:
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي،
تنوير عباسي، شيخ اياز، ع-ق شيخ، ناصر مورائي،
خواجه غلام علي الانا، شيخ حفيظ، خواجه سليم، شمس
الدين عرساڻي، شمشير الحيدري، غلام محمد گرامي،
قاضي خادم، ممتاز ميمڻ، منير، سراج ميمڻ، محمد
ابراهيم جويو، يوسف، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو،
الياس عشقي، عبدالله چنا، ابن حيات پنهور، امداد
حسيني، جي. ايم. پنهور، نياز همايوني، عنايت الله
عباسي، امان الله موالي، اُتم، علي نواز کيڙو،
قاضي فيض محمد، فتاح ملڪ ۽ جمال ابڙو.
انهن مضمون نگارن جي قلمي ڪاوشن جي الف- ب وار
وچور ٺاهبو ته اهو هن ريت ٿيندو:
مضمون ۽ عنوان |
مضمون نگار |
مهينو |
سال |
1. ”ادب ۽ زندگي“ |
جمال ابڙو |
جولاءِ |
1963ع |
2. ”ادب، زندگي ۽ سياست“ |
منير |
نومبر |
1965ع |
3. ”ابر ۾ اهاءُ ٿيو“ |
شيخ اياز |
مئي،جون |
1967ع |
4. ”اسان جو قليچ“ |
ابنِ حيات پنهور |
سيپٽمبر |
1967ع |
5. ”ٻارنهن ماشي“ |
حميد سنڌي |
آگسٽ |
1963ع |
6. ”ٻه شاعر ٻه شخص“ |
نياز همايوني |
ڊسمبر |
1967ع |
7. ”پنهنجي دور لاءِ لکڻ“ |
ناصر مورائي |
نومبر |
1963ع |
8. ”پنهنجي ادب کي زور وٺايو“ |
رسول بخش پليجو |
سيپٽمبر |
1967ع |
9. ”ڀڳو آءٌ نه چوان“ |
عبدالله چنا |
مئي،جون |
1967ع |
10. ”تتيءَ ٿڌي ڪاهه“ |
جي. ايم. سيد |
مئي،جون |
1967ع |
11. ”ڳڻتي“ |
خواجا سليم |
جنوري |
1965ع |
12. ”جديد ادب جي اهميت“ |
شيخ اياز |
سيپٽمبر |
1963ع |
13. ”جديد بيت“ |
شمس الدين عرساڻي |
اپريل |
1965ع |
14. ”علم صوتيات جو مفهوم
۽ مقصد“ |
غلام علي الانا |
ڊسمبر |
1965ع |
15. ”عجب اسرار“ |
عباسي عنايت الله |
ڊسمبر |
1967ع |
16. ”روح رهاڻ“ |
جهامنداس ڀاٽيه |
جولاءِ |
1965ع |
17.”مختصر افسانو ۽ مقصديت“ |
منير |
آگسٽ |
1966ع |
18. ”مارئي“ |
مولانا گرامي |
مئي،جون |
1967ع |
19. ”مينهون ڄام ميهار جون“ |
ايم. جي. پنهور |
نومبر |
1967ع |
20. ”لٽيرا حاڪم“ |
عبدالله چنا |
جولاءِ |
1966ع |
21. ”لطيفي روايت“ |
رسول بخش پليجو |
مئي،جون |
1967ع |
22. ”سنڌي لوڪ ادب“ |
تنوير عباسي |
آگسٽ |
1963ع |
23. ”سنڌيءَ ۾ افسانا نگاري“ |
ع-ق شيخ |
آڪٽوبر |
1963ع |
24. ”سچل انسانيت جو پيغمبر“ |
رشيد ڀٽي |
جنوري |
1966ع |
25. ”سنڌ جو پهريون گورنر“ |
عبدالله چنا |
نومبر |
1966ع |
26. ”سنڌي شاعريءَ جو مزاج“ |
شيخ اياز |
جنوري |
1967ع |
27. ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب“ |
سراج ميمڻ |
فيبروري |
1967ع |
28. ”سنڌ جي تاريخ جو
هڪ ورق“ |
عبدالله چنا |
سيپٽمبر |
1967ع |
29. ”شاهه جا ٽي بيت“ |
الياس عشقي |
مئي،جون |
1967ع |
30. ”هڪ عظيم انسان“ |
قاضي فيض محمد |
مئي،جون |
1968ع |
31. ”ڪلهوڙا دؤر“ |
ابنِ حيات پنهور |
سيپٽمبر |
1967ع |
(ث) روح رهاڻ ۽ تنقيدي ادب:
حقيقت هيءَ آهي ته ”تنقيد“ جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ
واريءَ جستجوءَ مون کي رسالن ڏانهن متوجه ڪيو، پر
حميد سنڌيءَ سان دوستيءَ ۽ محبت جي تعلق سندس روح
جي رهاڻ ۾ جهاتي پائڻ جو جذبو وڌايو. مان سنڌي
رسالي جي تنقيدي خدمتن جو جائزو وٺندي انهيءَ راءِ
تي پهتس ته ڇو نه هن معياري رسالي جي مواد بابت اڄ
جي پڙهندڙن کي معلومات فراهم ڪجي. هيءَ ڪاوش
انهيءَ سلسلي جي هڪڙي ڪڙي آهي.
تنقيد جي اوسر ۾ هن رسالي، ٻين اخبارن ۽ رسالن جي
ڀيٽ ۾ الڳ ۽ منفرد ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انهيءَ چوڻ
۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته تنقيد کي پاسخاطري ۽ گروهه
نوازيءَ جي گند کان بچايو ويو آهي. تان جو نهايت
خلوص، ايمانداريءَ سان تنقيدي تقاضائون پوريون
ڪيون ويون آهن. هڪ اڌ تنقيدي تبصري ۾ نقاد پنهنجو
اصلي نالو لڪائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته باقي تبصرن ۽
مضمونن ۾ نالا ڏنا ويا آهن.
روح رهاڻ ۾ شايع ٿيل تنقيدي مواد کي ٽن قسمن ۾
ورهائي سگهجي ٿو. پهريون قسم انهن خطن جو آهي،
جيڪي هر ڪنهن رسالي ۾ شايع ٿيا ۽ جيڪي اڪثر ڪري
ليکڪن جا لکيل هئا. انهن ليکڪن پنهنجي خطن ذريعي
”روح رهاڻ“ ۾ شايع ٿيل مواد جو تنقيدي جائزو ورتو
آهي ۽ ڀرپور تبصرو ڪيو آهي.
روح رهاڻ ۾ شايع ٿيل تنقيد جو ٻيو قسم اهي مضمون
آهن، جن ۾ ليکڪن ادب ۽ اديب کي موضوع بڻايو آهي.
پر اهڙا ليک رسالي ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. روح رهاڻ ۾
شايع ٿيل تنقيد جو ٽيون قسم اهي تبصرا آهن، جيڪي
وقت بوقت مختلف نقادن مختلف ڪتابن تي لکيا آهن.
تبصري نگار جس لهڻي، جو هنن ”علمي تنقيد“ ۾ هڪ
انوکو تجربو ڪيو ۽ اهڙي قسم جا تبصرا ڪيا، جيڪي
ڪنهن به صورت ۾ اخباري يا اشتهاري تبصرا نه آهن،
پر ان دؤر جي تنقيدي ادب جو بهترين مثال آهي. هن
رسالي ۾ شايع ٿيل تنقيدي ادب جو مختصر وچور هيٺ
ڏجي ٿو:
تنقيدي ادب:
¨
شيخ اياز جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”رساله شاهه
عبداللطيف“ تي حميد سنڌيءَ جو تبصرو، نومبر 1963ع.
¨
محمد عثمان ڏيپلائي جي ناول ”سانگهڙ“ تي ناصر
مورائي جو تبصرو، نومبر 1963ع.
¨
لعل پشپ جي ڪهاڻين جي مجموعي ”دائرو“ تي تنقيد،
نقاد جو قلمي نالو ”دوربين“ (حميد سنڌي)،
فيبروري1965ع.
¨
غلام نبي مغل جي افسانن جي مجموعي ”نئون شهر“ تي
تنقيد نقاد جو قلمي نالو ”دوربين“ (حميد سنڌي)،
مارچ 1965ع،.
¨
طارق اشرف جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سونهن، پٿر ۽
پيار“ تي تنقيد، نقاد ”دوربين“ (حميد سنڌي) مارچ
1965ع).
¨
”هيرا ته ڏسو“ (روح رهاڻ جي سالنامي بابت) قاضي
خادم، جون 1965ع.
¨
روح رهاڻ جي سالنامي تي هڪ نظر ميمڻ ممتاز: جون
1965ع.
¨
شيخ اياز جي گيتن جو ادبي جائزو، رسول بخش پليجو،
سيپٽمبر 1966ع.
¨
ارباب سنڌيءَ جي افساني ”منصور هزارين“ جيڪو آگسٽ
جي پرچي ۾ شايع ٿيو. الهبچائي لغاري طرفان ان جو
ادبي جائزو سيپٽمبر 1966ع.
¨
”سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ادب“ جي عنوان سان سراج ميمڻ
جو گنگارام سمراٽ کي تنقيدي جواب، فيبروري 1967ع.
¨
يوسف جو لکيل روح رهاڻ جي مستقل ڪالم ”جوڳيءَ جي
ڊائري“ جو جائزو، مارچ 1967ع.
¨
ارجن حاسد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”پيهي منجهه پاتار“
تي تبصرو، امداد حسيني، سيپٽمبر 1967ع.
¨
محمد بخش مجنون جي ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ تي
حميد سنڌيءَ جو لکيل تبصرو: آڪٽوبر 1967ع.
¨
”ڪلياتِ ڪمال“، ”عجيب جواهر“ ۽ ٽماهي مهراڻ“ تي
اداري طرفان تبصرو: فيبروري 1968ع.
خطن ذريعي هن رسالي ۾ جيڪو تنقيدي ادب شايع ٿيو،
انهيءَ جي مثال ڏيڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته انهن
پڙهندڙن ۽ قلم ڌڻين جي نالن جو مختصر وچور پيش
ڪجي، جن جا خط ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيا.
امداد حسيني، آثم ناٿن شاهي، ارجن حاسد، ايشور
چندر، اُتم، امر جليل، انور حسين ٽالپر، الطاف
عباسي، اسماعيل ڪلوئي، ارباب علي کهاوڙ، اي اين
کهاوڙ، ارشاد ارباب، ابوبڪر مگسي، ايس تبسم، اياز
بلوچ، اصل سنڌي، اعجاز، شمس عقيلي، اشوڪ گنگواڻي،
اين گل سومرو، امير علي قادري، اياز ڀنڀرو، اسلم
آزاد، امر گل سومرو، بشير مورياڻي، تنوير عباسي،
تاج جويو، تنوير حسن، غلام علي کوکر، محسن ڪڪڙائي،
ناصر مورائي، خواجه سليم، راز ناٿن شاهي، عطيه
جوڻيجو، صدر سومرو، شيخ اياز، هري موٽواڻي، شبير
ترابي، شوڪت راهي، گوپال ڪلي، شوڪت سنڌي، نياز
شاهد، مولا بخش سومرو، عبدالقادر جوڻيجو، حفيظ
شيخ، طارق اشرف، عارف الموليٰ، هادي بخش ميمڻ،
شعبان بخت، محسن عباسي، غلام رباني آگرو،
عبدالجبار جوڻيجو، ٽيڪچند مست، سدانند تولاڻي،
منظور حسين قريشي، وفا ناٿن شاهي، پير علي محمد
شاهه راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عبدالڪريم
ارشد، فتاح ملڪ، لجپت راءِ جکرو، فيروز احمد، محمد
خان سومرو، نبي بخش شمن، نياز مهر، پرڀو ناشاد،
سيد اڪبر، عبدالفتاح صديقي، فدا بلوچ، غلام سرور
ابڙو، ملڪ نديم، شيرين تبسم، نرگس ڦل، خواجه رمضان
علي حيدري، دادا سنڌي، سليمان شيخ، محمد عثمان
ڏيپلائي، شمس العارفين ساغر، لڇمڻ ڀمڀاڻي، هري
پنڪچ، گنگارام سمراٽ، سردار علي بلوچ، محمد قاسم
ابڙو، ڊاڪٽر ايم آر مائيداساڻي، پروانو ڀٽي،
منگهارام ملڪاڻي، سروپ چند شاد، واسديو، سنڌو
پارتي، محبوب شيخ، محمد اوڀايو خشڪ، مدد علي سنڌي،
رقيه ڦل، عبدالشڪور دائودپوٽو، طاهر مٽياروي، ڪي
ايل لالواڻي، عزيز ٺٽوي، محمد خان شيخ، مظهرالدين
مورائي، نور احمد بچاڻي، سيف ٻنوي، منوتولارام
گدواڻي، عبدالڪريم بچاڻي، پياسي، يوسف لغاري، جئه
وير، رفيق احمد اديب، عبدالڪريم گدائي، محمد شريف
ڪلهوڙو، هوت سنڌي، رسول بخش مجبور، عاشق علي بلوچ،
غلام عباس ڀنڀرو، گل بهادر ڌاريجو، نجمه شيخ، علي
احمد پرويز، روشن ڀٽي، نور احمد کهڙو، حميد راهي،
محمد هاشم چانڊيو، سحر بلوچ، سليم احمد، رشيد ڀٽي،
نصراح عباسي، غياث جوڻيجو، حسن تنوير، مسڪين
ملاڪاتياري، محمد حافظ مڱريو، نذير بلوچ، رشيد
نسيم نوراني، محمد علي ڌاريجو، کيمچند لالواڻي،
عجيب سنڌي، داد ڪوهستاني، ضياءُ الدين انصاري، عطا
محمد لنڊ، حورالنساءَ پليجو، جاويد جيلاني، ڪمليش،
سعيد احمد قريشي، عبدالرحمان نقاش، سرويچ سجاولي،
پوپٽي هيراننداڻي، مولوي حق نواز، نسيم ٿيٻو،
ذوالفقار علي راشدي، غلام مصطفيٰ رضوي، غلام حيدر
لغاري، نسرين جوڻيجو، علي بخش رند.
مون پنهنجي تحقيقي مقالي جي لاڳاپيل باب ۾ انهن
سمورن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي تنقيدي نوعيت ۽ اهميت
جا آهن، ان ڪري هت فقط چند مثال عرض رکجن ٿا.
سيپٽمبر 1963ع جي روح رهاڻ ۾ بشير مورياڻيءَ جو خط
شايع ٿيو، جنهن ۾ هن مواد کي وڌيڪ رسالي جي گيٽ اپ
۽ ٻين ڳالهين تي تنقيد ڪئي آهي. لکي ٿو ته: ”آگسٽ
واري پرچي جي آخري صفحي تي ايڪٽريس بهار جي تصوير
نٿي سونهي. رسالي جي ادبي معيار کي بچائي رکڻ لاءِ
انهن شين کان پاسو ڪيو ته بهتر. ٻارن جو ادب
سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ بلڪه نه هئڻ جي برابر آهي ۽ ان
جي جيتري همت افزائي ڪجي اوترو بهتر. پر اوهان کي
ڪنهن چيو ته روح رهاڻ کي چون چون جو مربو بڻايو؟
ٻارن جي ادب کي روزانه اخبارن تائين محدود رهڻ ڏيو
يا ڌار رسالو ڪڍو.“ (ص، 31).
اپريل 1965ع واري روح رهاڻ رسالي ۾ ٽيڪچند مست جو
خط شايع ٿيو، جنهن ۾ هو روح رهاڻ ۾ شايع ٿيل مواد
تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:
”حميد جي پيار جي ريکا وڻي، ريکا کي ڀلي کڻي بليڊ
سان ڇلي ڇڏجي، پر ان جو مانسڪ اثر ڀلا ڪيئن
وسرندو. بابو هڪ درد هلڪو هلڪو ۾ ڪجهه فن جي
پابندين کان ٿورو ٿورو پري ٿي، حقيقت نگاريءَ کان
پري ٿي ويو آهي. ڪشن سو به بمبئيءَ جي ماحول ۾
ايڏو اٻوجهه نه رهي سگهندو. رشيد جي لغات وڻندڙ،
وندرائيندڙ ۽ سوچن لاءِ مجبور ڪندڙ آهي.“ (ص 87).
(ج) روح رهاڻ جا مستقل ڪالم:
روح رهاڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد ۽ ان جي ترتيب مستقل
نوعيت جي هئي. مثال طور: اداريو هر ڪنهن رسالي ۾
ڏنو ويندو هيو. اهڙي ريت پڙهندڙن جا خط به لڳاتار
ڇپبا رهيا ۽ ساڳي طرح شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻي به بنا
ناغي لڳ ڀڳ هر ڪنهن پرچي ۾ ڏنيون وينديون هيون، پر
انهن کان سواءِ ٻه ڪالم مستقل نوعيت جا هن رسالي ۾
ڇپبا ها، جيڪي آهن: ”جوڳيءَ جي ڊائري“ ۽ ”ڪشتو“.
ڪن پرچن ۾ جيتوڻيڪ اهي نظر نٿا اچن، پر پوءِ به
اُنهن جي نوعيت ۽ حيثيت دائمي هئي. ٻنهي مستقل
ڪالمن جي ليکڪن جا نالا ڪونه ڏنا ويندا هئا. انهن
منجهان جوڳيءَ جي ڊائري تي ڪن پرچن ۾ سخت تنقيد
شايع ٿي، خاص طور تي انهيءَ ڪالم ۾ انگريزي لفظن
جو جهجو استعمال پڙهندڙن کي پسند نه ايندو هو.
”ڪشتو“ ڪالم ۾ چٽ پٽي قسم جون ڳالهيون، ٽوٽڪا ۽
حوالا ڏنا ويندا هئا. انهن مان هڪ مثال هيٺ ڏجي
ٿو، جيڪو فيبروري 1966ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
”مڙس جڏهن گهر پهتو، تڏهن زال کي پنهنجي هِڪَ دوست
سان پيار ۽ محبت واريون ڳالهيون ڪندي ڏٺائين، مڙس
يڪدم چڙ مان رڙ ڪئي، توهان ٻئي هتي ڇا پيا ڪريو؟
جوڻس سندس دوست ڏانهن مخاطب ٿي چيو: ”ڏٺئي، مون
توکي چيو ٿي نه. هن حضرت کي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي
ڏسڻ کان پوءِ به ڳالهه سمجهه ۾ اصل ڪانه ٿي اچيس.“
(ح) روح رهاڻ ۽ ادبي سرگرميون:
هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته ”روح رهاڻ“ پنهنجي
دور جي تحريڪ ۽ ادبي تحريڪن جي جان برابر رسالو
هو. هن رسالي طرفان جيڪي جشن منعقد ڪرايا ويا. اهي
اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت ولارين ٿا. اهڙيءَ
ريت هن رسالي سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين کي به
نظرانداز نه ڪيو، پر جڏهن ۽ جتان هن رسالي جي
ايڊيٽر کي ڪنهن ادبي اجلاس جي رپورٽ ملي ۽ ان ۾
ادبي افاديت جي خوشبوءِ محسوس ڪندي پنهنجي رسالي ۾
شايع ڪئي. ان کان سواءِ ”روح رهاڻ“ سان لاڳاپيل
ليکڪن مان ڪنهن جي به شادي خانه آبادي ٿي ته ان جو
اکين ڏٺو احوال به تصويرن سميت رسالي ۾ شايع ٿيو،
پر جيڪڏهن ڪنهن قلم ڌڻيءَ هيءُ جهان ڇڏيو ته ”روح
رهاڻ، ان لاءِ ايڊيٽوريل ۾ ڳوڙها ڳاڙيا. ساڳيءَ
ريت ”روح رهاڻ“ جي حياتي ۾ جتي به ڪو ادبي ميڙ ٿيو
۽ ان ۾ نامور دانشور ڪا تقرير ڪئي ته ان کي ”روح
رهاڻ“ پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني.
”روح رهاڻ“ ٻن طريقن سان ادبي سرگرمين کي ادبي
تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو. پهرين طريقي موجب هن
ريت ادبي سرگرمين بابت رپورٽون شايع ڪيون.
عنوان |
ليکڪ |
مهينو |
سال |
1.
جشن روح رهاڻ |
شمشير الحيدري |
مئي |
1965ع |
2.
سنڌي ادب جو سفر |
ادارو |
نومبر |
1965ع |
3.
شفق جا موڙ (غياث جوڻيجي جي شادي
بابت) |
حميد سنڌي |
ڊسمبر |
1965ع |
4.
روح رهاڻ جشن |
امداد حسيني |
مئي |
1966ع |
5.
سنڌي ادبي سنگت |
ادارو |
مئي، جون |
1967ع |
6.
ٻه شاديون ٻه موڙ |
(اشفاق قاضيءَ ۽ حميد سنڌي جي شادي
بابت) |
نومبر |
1967ع |
7.
سنڌي شام |
اعجاز قريشي |
جنوري |
1968ع |
اهڙي ريت ٻئي طريقي موجب تنهن دور جي مکيه دانشورن
جون مختلف فنڪشنن ۾ ڪيل تقريرون شايع ڪيون، جن مان
ڪي هي آهن:
1.
”جهول ۾ گل ۽ هٿ ۾ مشعل“ جشن روح رهاڻ جي سلسلي ۾
ٿيل مشاعري ۾ شيخ اياز جي صدارتي تقرير مئي 1965ع.
2.
”وقت جو آواز“ جشن روح رهاڻ جي سلسلي ۾ مذاڪري جي
صدارتي تقرير، غلام محمد گرامي مئي 1965ع.
3.
”فنڪار جو جنم“ (سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾
ملهايل سنڌي شام ۾ افساني جي بيٺڪ وقت جمال ابڙي
جي صدارتي تقرير، آڪٽوبر 1965ع).
4.
ميرپور بٺوري ۾ بزم صوفيائي سنڌ جي ٽين ثقافتي
ڪانفرنس ۾ پڙهيل، شيخ اياز جو صدارتي خطبو، ڊسمبر
1966ع.
5.
”بزم صوفيائي سنڌ جي ڇهين سنڌي ثقافتي ڪانفرنس جي
موقعي تي شيخ اياز جي تقرير“، جنوري 1967ع.
6.
”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملهايل سنڌي شام جي موقعي تي
غلام محمد گرامي جي ڪيل تقرير“، روح رهاڻ
جنوري 1968ع.
7.
سچل سائينءَ جي سالياني ميڙ تي منعقد ڪيل ادبي
ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي تقرير، فيبروري
1968ع.
8.
”جشن روح رهاڻ جي موقعي تي شيخ اياز جي افتتاحي
تقرير“ مئي، جون 1968ع.
9.
جشن روح رهاڻ جي ”ڪهاڻي بيٺڪ“ ۾ علي بابا جي
صدارتي تقرير“، مئي، جون 1968ع.
10.
جشن روح رهاڻ جي مذاڪري واري وهڪ ۾ ابن حيات پنهور
جي صدارتي تقرير، مئي، جون 1968ع.
11.
جشن روح رهاڻ جي مشاعري واري ويهڪ ۾ فتاح ملڪ جي
صدارتي تقرير، مئي، جون 1968ع.
12.
جشن روح رهاڻ جي ”راڳ رهاڻ“ واري نشست جي مکيه
مهمان حفيظ قريشيءَ جي صدارتي تقرير، مئي، جون
1967ع.
روح رهاڻ ۽ شاعري:
”روح رهاڻ“ سنڌي شاعري جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان
کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. بلڪه ائين چوڻ
مناسب ٿيندو ته هن رسالي سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾
ڀرپور ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪيو. هن ۾ سنڌي چونڊ شاعرن
جي سنگم سان نت نئون شاعراڻو ماحول پيدا ڪيو. جن
شاعرن هن رسالي ۾ لکيو، تن جا ڪي نالا هي آهن:
”امداد حسيني، اظهار احمد، ”اظهر“، استاد بخاري،
ارجن سڪايل، ايم ڪمل، امر جليل، ارجن حاسد، الطاف
عباسي، اسلم مصراڻي، ايس تبسم، الهورايو اداسي،
ابنِ حيات، ابنِ گل سومرو، ڊاڪٽر ايم آر
مائيداساڻي، اڪرم ٻورڙائي، اصغر چنا، آثم ناٿن
شاهي، بشير سيتائي، بردو سنڌي، تنوير عباسي،
ٽيڪچند مست، پهلاج ديپ، پرڀو ناشاد، پروانو ڀٽي،
تاج بلوچ، پير بخش پياسي، تاجل بيوس، جمال
سيوهاڻي، چترو ناگپال، حسين عادل، حيات مري، ڄام
ساقي، حسين تنوير خاڪي، خاڪي جويو، دوست علي ڀٽي،
دلدار احمد اديب، درگاهي، دادا سنڌي، دوست چانڊيو،
سيد متين بخاري، سيد اظهر گيلاني، سيف ٻنوي، ساز
ملاڪاتياري، سيد اڪبر، ساٿي، سورهه سنڌي، سرويچ
سجاولي، شيخ اياز، شمشير الحيدري، شعبان بخت، شبير
هاتف، رشيد ارشد، رحيم بخش ”قمر“، زرينه بلوچ،
رشيده، رجب علي ضياءَ، عبدالڪريم پلي، عبدالڪريم
گدائي، عبدالجبار جوڻيجو، عارف الموليٰ، علي سنڌي،
ع-غ- سنڌي، عبدالڪريم ارشد، عبدالمجيد پيرزادو،
عبدالغفور ”عابد“، عبدالخالق ”شهيد“، عطا محمد
ڀنڀرو، عاجز اڄڻ، غلام حسين رنگريز، غياث جوڻيجو،
فتاح ملڪ، قاضي خادم، قمر شهباز، قطب صديقي،
ڪلاپرڪاش، محسن ڪڪڙائي، محسن عباسي، ملڪ نديم،
مجرم لغاري، منصور، منظور پرواز، مسرور سومرو، مهر
لطيف، منوتولا رام گدواڻي، محمد بخش شاهه، ممون
ڀٽي، نياز همايوني، نياز رجباڻي، نعيم دريشاڻي،
نارائڻ شيام، نثار شفيع ”ناز“، نذير ٽکڙائي، نقاش،
نذير دکايل، غلام علي کوکر ”سوز“، قيوم طراز، وفا
ناٿن شاهي، نند جويري، نور عباسي، خواجه قطب علي ۽
نظر سنڌي نحبه.“
پر اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو ته انهن شاعرن مان چند
چونڊ شاعرن جو مختصر پر جامع انداز سان ذڪر ڪريون:
شيخ اياز:
مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ حميد سنڌي، شيخ اياز، حفيظ
شيخ، رشيد ڀٽي، محمد ابراهيم جويو، جمال رند،
تنوير عباسي، فتاح ملڪ، جمال ابڙو ۽ غلام رباني
آگرو هڪ ئي ادبي وجود جا مختلف روپ هئا. انهن مان
شيخ اياز اهو شاعر آهي، جنهن ”روح رهاڻ“ لاءِ گهڻو
لکيو ۽ ”روح رهاڻ“ پڻ کيس پنهنجي دؤر جي عظيم شاعر
جي حيثيت ۾ پيش ڪيو، شيخ اياز جڏهن وقت جي حڪومت
جي ڏاڍ جو نشانو بڻيو ته حميد سنڌيءَ پنهنجي دوست
تنوير عباسيءَ ۽ دؤر جي مشهور ليکڪا بيگم زينت چنا
سان گڏ اديبن جي احتجاج جو اهتمام ڪيو.
شيخ اياز جي جيڪا شاعري هن رسالي ۾ شايع ٿي، ان جو
مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو:
”نئون انسان“ (آگسٽ 1963ع)، ”بيت“ (سيپٽمبر
1963ع)، ”بيت“
(آڪٽوبر 1963ع)، ”نظم“ (نومبر 1963ع)، ”غزل“
(ڊسمبر 1963ع)، ”وائي“
(جنوري 1965ع)، ”وائي“ (فيبروري 1965ع)، ”بيت“
(اپريل 1965ع)، ”غزل“
(مئي 1965ع)، ”غزل“ (جون 1965ع)، ”قوالي“ (جولاءِ
1965ع)، ”غزل“
(سيپٽمبر 1965ع)، ”آزاد نظم“ (آڪٽوبر 1965ع)،
”اکيون ساهميون (نظم) (نومبر 1965ع)، ”آزاد نظم“
(اپريل 1966ع)، ”نظم“ (مئي 1966ع)، ”وائي“
(جون 1966ع)، ”غزل“ (جولاءِ 1966ع)، ”بيت“ (آگسٽ
1966ع)، ”نظم“
(آگسٽ 1966ع)، ”آزاد نظم“ (سيپٽمبر 1966ع)، ”غزل“
(نومبر
1966ع)، ”غزل“ (فيبروري 1967ع)، ”آزاد نظم“،
”وائي“ (آڪٽوبر 1967ع)، ”غزل“،
”نظم“، ”گيت“، ”وائي“ (ڊسمبر 1967ع)، ”لوڪ گيت“،
”لوليون“ ۽ ”نظم“
(فيبروري 1968)، ”گيت“ (مارچ
1968ع)، ”گيت اڃايل مورن جا“ (اپريل 1968ع)، ”نظم“
(مئي، جون 1968ع)، ”وائي“ (جولاءِ 1968ع)، ”رت آئي
ڳاڙهن ٻيرن جي“ (آگسٽ 1968ع)، ”وايون“ (نومبر،
ڊسمبر 1968ع).
تنوير عباسي:
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته جڏهن شيخ اياز ۽ رسول
بخش پليجي تي ڏکيا ڏينهن آيا ۽ وقت جي سرڪار مٿن
ناراض ٿي پئي ته تنوير عباسيءَ پنهنجي يار حميد
سنڌيءَ سان گڏجي احتجاجي تحريڪ هلائي.
تنوير عباسي هن رسالي لاءِ ڪيترا نظم، غزل ۽ بيت
لکيا، جن مان ڪن جو ياداشتنامو هن ريت جڙي ٿو:
”ڇوليون“ (جولاءِ 1963ع)، ”پارس“ (آڪٽوبر 1963ع)،
”غزل“ (ڊسمبر 1963ع)، ”چارڻ (نظم)“ (اپريل 1965ع)،
”غزل“ (مئي 1965ع)، ”قوميت (نظم)“، (جون 1965ع)،
”نظم“ (سيپٽمبر 1965ع)، ”غزل“ (آڪٽوبر 1965ع)،
”نظم“ (مئي 1966ع)، ”غزل“ (جولاءِ 1966ع)، ”غزل“
(نومبر 1966ع)، ”بيت (سر ڪيڏارو)“ (مئي، جون
1967ع)، ”نظم“ (ڊسمبر 1967ع)، ”غزل“ (مارچ 1968ع)،
”غزل“ (مئي، جون 1968ع).
امداد حسيني:
امداد حسيني جو روح رهاڻ سان شروع کان وٺي آخر
تائين تعلق رهيو. هيءُ صاحب ڪيترو وقت ايڊيٽر يعني
حميد سنڌيءَ جو معاوَن ٿي رهيو. ان کانسواءِ شاعر
۽ نقاد جي حيثيت ۾ سندس ڳچ مواد روح رهاڻ ۾ شايع
ٿيو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج جي
مِسلنيءَ جي پهرين صحفي تي مرزا قليچ بيگ جو شعر
ڏنو ويندو هو. روح رهاڻ ان روايت کي نه فقط جاري
رکيو پر انهيءَ سان گڏ ان ۾ جوت ۽ نواڻ پڻ پيدا
ڪئي. رسالي جي ٽائيٽل تي تصوير ڏني ويندي هئي ۽
انهيءَ جي مناسبت سان امداد حسينيءَ جو شعر ڏنو
ويندو هيو. مثال طور فيبروري 1966ع جي سر ورق تي
ڪنهن عورت جو چهرو چٽيل آهي، جنهن جي هيٺان امداد
حسينيءَ جو هي قطعو ڏنو ويو آهي:
مان رڳو توکي سڃاڻان ڄاڻان،
تنهنجي صورت بنا ٻي ڪا صورت،
اهڙي اڻ ڄاڻ نه لڳندي آهي،
جهڙي پٿر جي ڪا مورت.
اهڙي ريت آگسٽ 1966ع جي سر ورق تي دارا ابڙي جي
چٽيل تصوير ڏني وئي آهي. جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي
ٻچڙي کي پيار ٿي ڪري انهيءَ تي ”ابن مريم“ جي
عنوان سان امداد جو هيءُ قطعه ڏنو ويو آهي:
ڪير ٿو ڄاڻي ڀلا هن حال ۾ عيسيٰ جو غم،
سج گرهڻ جو ڏينهن آهي ۽ اداس آهي صليب،
هاءِ بي يارو مددگار، ابن مريم جو نصيب.
خطن کانسواءِ امداد حسينيءَ جا ڪيترائي غزل، دوها،
بيت ۽ نظم هن رسالي ۾ شايع ٿيا. جنهن جو مختصر
وچور هيٺ ڏجي ٿو:
”هن جي دريءَ جي سامهون“ (آگسٽ 1963ع)، ”ٽي نظم“
(سيپٽمبر 1963ع)، ”پاڳل“ آزاد نظم (آڪٽوبر 1963ع)،
”خوشبو“ آزاد نظم (ڊسمبر 1963ع)، ”خاموش احتجاج“
آزاد نظم (فيبروري 1965ع)، ”نئون شعر“ نظم (مئي
1965ع)، ”نئون فرهاد“ نظم (سيپٽمبر 1965ع)، ”ننڍا
نظم“ (صورت، تصوير ۽ طنز) (آڪٽوبر 1965ع)، ”بدلو“
نظم (نومبر 1965ع)، ”نظم“
(جنوري 1966ع)، ”نظم“ (اپريل 1966ع)، ”نظم“ (جنوري
1967ع)، ”آزاد
نظم“ (فيبروري 1967ع)، ”نظم“ (سيپٽمبر 1967ع)،
”دوها ۽ بيت“ (آڪٽوبر 1967ع)، ”ڪلهه رات جو نظم“
(نومبر 1967ع)، ”نظم“ (ڊسمبر 1967ع)، ”مرثيو“
(فيبروري 1968ع)، ”نظم“ (مارچ 1968ع)، ”نظم“ (مئي،
جون 1968ع)، ”نظم“ (آڪٽوبر 1968ع).
اهڙي ريت جيڪڏهن نارائڻ شيام، نياز همايوني، استاد
بخاري ۽ شمشير الحيدري جي شايع ٿيل شاعريءَ جو
وچور ٺاهيو ته اهو هن ريت ٿيندو:
نارائڻ شيام:
”دوها ۽ سورٺا“ (نومبر 1963ع)، ”دوها ۽ سورٺا“
(ڊسمبر 1963ع)،
”غزل“ (آگسٽ 1966ع).
نياز همايوني:
”سنڌي ماهيا“ (روح رهاڻ 1963ع)، ”گيت“ (نومبر
1963ع)، ”ڇيڄ“ (اپريل
1965ع)، ”جهڙيالي (گيت)“ (مئي 1965ع)، ”مور ٿو
ٽلي“ لوڪ ناچ شاعري (ڊسمبر 1965ع)، ”ماهيو“ (اپريل
1966ع)، ”جيئي شال سنڌ“ (مئي، جون 1967ع)، ”لوڪ
گيت“ (مارچ 1968ع)، ”لوڪ ڪهاڻي“ (اپريل 1968ع)،
”نظم“ (مئي، جون 1968ع).
استاد بخاري:
”رباعيون“ (نومبر 1963ع)، ”ڪاش جُهڙ هجان ها“
(ڊسمبر 1963ع)،
”چنڊ وسايون (نظم)“ (فيبروري 1965ع)، ”ڦولهاريل
سرنهيون“ (گيت) (اپريل 1965ع، ”وائي“ (اپريل
1966ع)، ”گيت“ (مئي، جون 1967ع)، ”نظم“ (جنوري
1968ع).
شمشير الحيدري:
”قطعه (سيپٽمبر 1963ع)، ”آرزوءَ جو سفر“ (اپريل
1965ع)، ”پڙاڏو سو سڏ (نظم)“ (مئي 1965ع)، ”ڪافي“
(سيپٽمبر 1965ع)، ”حُسنِ نظر“ (آڪٽوبر
1965ع)، ”نظم“ (اپريل 1966ع).
ڪجهه انوکي شاعري:
اسان جا ڪيترائي اديب ۽ سياستدان هن وقت جنهن سبب
ڪري شهرت ماڻين ٿا، ان کان هٽي ڪري ادبي دنيا ۾
سندن شاعراڻو روپ پڻ آهي. ڪير يقين ڪندو ته امر
جليل ۽ ڄام ساقيءَ به شاعري ڪئي هوندي. پر اها خبر
اسان کي روح رهاڻ جي ورقن مان پوي ٿي.
آڪٽوبر 1967ع جي روح رهاڻ ۾ ڄام ساقيءَ جا چار بيت
شايع ٿيا جيڪي هتي پيش ڪجن ٿا:
جاڳي اٿيا جوان، هي دريا خان دودا،
هوشو، هيمون، هڪل سان آيا اڄ اوڏا،
لڪن کي لوڏا، ڏينديون سسيون ساڻيهه جون.
*
سسيون ساڻيهه جون، آهن بختاور ڀيڻيون،
مارئيون ملير جون، آهن ساڻيه جون سيڻون،
نياڻين نيڻون، اڄ اُلا نڪرن آگ جا.
*
اُلا نڪرن آگ جا، سي ڀنڀٽ ٻاريندا،
مارو منهنجي ملڪ جا، اچي واهر واريندا،
وچن پاڙيندا، وطن يا ڪفن جو.
*
وطن يا ڪفن ٿا چون مٿيرا ۽ مانجهي،
آزادي ۽ آزادي، اکين صبح ۽ سانجهي،
هي ويل ناهي وانجهي، هٿ جو جوانن سٿ سڻيا.
اهڙي ريت امر جليل وري ڊسمبر 1963ع واري پرچي ۾
شاعر جي حيثيت ۾ اسان جي اڳيان اچي ٿو. هن پرچي ۾
”تون ۽ مان“ جي عنوان سان سندس طويل آزاد نظم شايع
ٿيو، جنهن جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
هن زندگي جي مامَ کي
تو ڀي سليو
مون ڀي سليو
تون قدم سمجهي کنيو
۽ مون ڪچ ڪمايو
فطرت منهنجي هئي اها
۽ انهيءَ نظم جي پڄاڻي هن ريت ڪري ٿو:
رک اُڏي آڪاش ڏانهن
چنڊ کي ويندي ويڙهجي
ويڙهجي وينديون بهارون
سنسار رک
جنسار رک
وايو منڊل ويندو سڙي
۽ ختم ٿيندو داستان
تنهنجي منهنجي پيار جي
شاعرن ۽ شاعريءَ جي اهڙي ذڪر سان گڏ جيڪڏهن
شاعريءَ جي مکيه صنفن جي کاتي بندي نه ڪبي ته روح
رهاڻ جي خدمتن جي ڪهاڻي اڻپوري رهجي ويندي. هن
رسالي ۾ شاعريءَ جي مکيه صنفن کي هن ريت جيءَ ۾
جاءِ ڏني وئي.
بيت:
شاهه لطيف (جولاءِ 1963ع)، حسين عادل (جولاءِ
1963ع)، شيخ اياز (سيپٽمبر 1963ع)، شيخ اياز
(آڪٽوبر 1963ع)، نارائڻ شيام (ڊسمبر 1963ع)، راز
ناٿن شاهي ۽ ولي دائود پوٽو (مارچ 1965ع)، امداد
حسيني (مارچ 1965ع)، حيات مري (مارچ 1965ع)، شيخ
اياز (اپريل 1965ع)، راز ناٿن شاهي (اپريل 1965ع)،
ظفر ڪاظمي (مئي 1965ع)، سيد اظهر گيلاني ۽ تاج
بلوچ (جولاءِ 1965ع)، قمر شهباز (سيپٽمبر 1966ع)،
سيد اظهر گيلاني (نومبر 1965ع)، ذوالفقار راشدي ۽
امن جوڻيجو (جنوري 1966ع)، نعيم دريشائي (فيبروري
1966ع)، ذوالفقار راشدي (فيبروري 1966ع)، محمد
اسماعيل ميمڻ (مارچ 1966ع)، نذير قاضي ۽ محسن
ڪڪڙائي (اپريل 1966ع)، محسن ڪڪڙائي ۽ پرڀو ناشاد
(مئي 1966ع)، شيخ اياز ۽ ايم اي لاڙڪ (آگسٽ
1966ع)، محمد هوت لغاري (نومبر 1967ع)، محسن
ڪڪڙائي (ڊسمبر 1966ع)، شيخ اياز (مارچ 1967ع)، ع-غ
سنڌي (سيپٽمبر 1967ع)، ملڪ نديم، ڄام ساقي، مجرم
لغاري ۽ عارف الموليٰ (آڪٽوبر 1967ع)، قمر شهباز
(نومبر 1967ع)، درگاهي ۽ نقاش (نومبر 1967ع)، ع-غ
سنڌي ۽ پير بخش پياسي (جنوري 1967ع)، سورهيه سنڌي
۽ عطا محمد ڀنڀرو (سيپٽمبر 1967ع).
وائي:
شيخ اياز ۽ عبدالڪريم پلي (جنوري 1965ع)، شيخ اياز
۽ راز ناٿن شاهي (فيبروري 1965ع)، عبدالڪريم پلي ۽
رحيم بخش ۽ الطاف عباسي (اپريل 1965ع)، سروپچند
شاد، عبدالڪريم پلي ۽ آثم ناٿن شاهي (مئي 1965ع)،
ولي دائود پوٽو (مئي 1965ع)، اسلم مصراڻي (جولاءِ
1965ع)، قمر شهباز، الطاف عباسي (آڪٽوبر 1965ع)،
غياث جوڻيجو (نومبر 1965ع)، الطاف عباسي ۽ فتاح
ملڪ (ڊسمبر 1965ع)، مجرم لغاري (جنوري 1966ع)،
نذير قاضي (فيبروري 1966ع)، الطاف (مارچ 1966ع)،
شيخ اياز، الطاف، استاد بخاري (اپريل 1966ع)، آثم
ناٿن شاهي (سيپٽمبر 1966ع)، غياث جوڻيجو ۽ ارشاد
ارباب (نومبر 1966ع)، عبد ماڄوٺي (ڊسمبر 1966ع)،
شيخ اياز (مارچ 1967ع)، ارجن حاسد ۽ الهورايو
اداسي (مئي، جون 1967ع)، تنوير عباسي ۽ عبدالڪحيم
ارشد (سيپٽمبر 1967ع)، شيخ اياز (آڪٽوبر 1967ع)،
قمر شهباز (نومبر 1967ع)، شيخ اياز، قمر شهباز ۽
مسرور سومرو (ڊسمبر 1967ع)، نذير قاضي، نقاش ۽ مهر
لطيف (جنوري، فيبروري 1967ع)، ارشاد ارباب، غلام
الرسول سومرو ۽ منظر پروانو (فيبروري 1968ع)، شيخ
اياز، قمر شهباز (جولاءِ 1968ع)، شيخ اياز (آگسٽ
1968ع)، قمر شهباز، شير محمد عاجز اڄڻ، ابن گل
سومرو ۽ پير بخش (سيپٽمبر 1968ع)، ضياءَ، پير بخش،
نثار بزمي، شير محمد عاجز اڄڻ، اصغر چنو، محمد بخش
شاد (آڪٽوبر 1968ع)، شيخ اياز (نومبر، ڊسمبر
1968ع).
ڪافي:
عبدالڪريم پلي (فيبروري 1965ع)، شمشير الحيدري
(سيپٽمبر 1965ع)، عارف الموليٰ (آڪٽوبر 1965ع)،
شمشير الحيدري (آڪٽوبر 1965ع)، عارف الموليٰ
(جنوري 1966ع)، سوز ٽکڙائي (فيبروري 1966ع)، سرويچ
سجاولي (جون 1966ع)، مسڪين ملاڪاتياري (جولاءِ
1966ع)، لغاري محمد هوت (جولاءِ 1966ع)، غلام حسين
رنگريز (ڊسمبر 1966ع).
گيت:
آثم ناٿن شاهي (آگسٽ 1963ع)، نياز همايوني ۽
عبدالڪريم پلي (سيپٽمبر 1963ع)، نياز همايوني
(نومبر 1963ع)، قيوم طراز (ڊسمبر 1963ع)، قمر
شهباز (فيبروري 1965ع)، نياز همايوني (آڪٽوبر
1963ع)، الطاف عباسي (مارچ 1965ع)، نياز همايوني
(اپريل 1965ع)، قمر شهباز ۽ استاد بخاري (اپريل
1965ع)، نياز همايوني (مئي 1965ع)، چترو ناگپال
(مئي 1965ع)، علي سنڌي (جولاءِ 1965ع)، زرينه بلوچ
(آڪٽوبر 1965ع)، غلام علي کوکر ۽ عبدالڪريم پلي
(نومبر 1965ع)، نياز همايوني (ڊسمبر 1965ع)، قمر
شهباز (جنوري 1966ع)، نياز همايوني (اپريل 1966ع)،
محسن لاڙڪاڻوي (جون 1966ع)، عارف الموليٰ (جولاءِ
1966ع)، گوورڌن ڀارتي (نومبر 1966ع)، گوورڌن ڀارتي
(جنوري 1966ع)، گوورڌن ڀارتي (آگسٽ 1966ع)، شيخ
اياز (مارچ 1967ع)، استاد بخاري (مئي، جون 1967ع)،
منظور پرواز (آڪٽوبر 1967ع)، تنوير عباسي، دادا
سنڌي، گوورڌن ڀارتي ۽ غلام علي کوکر (نومبر
1967ع)، شيخ اياز (ڊسمبر 1967ع)، گوورڌن ڀارتي
(جنوري 1968ع)، شيخ اياز (فيبروري 1968ع)، شيخ
اياز، قمر شهباز، قطب صديقي، نياز همايوني ۽ محسن
ڪڪڙائي (مارچ 1968ع)، مسڪين ملاڪاتياري ۽
عبدالغفور عابد (جولاءِ 1968ع)، شيخ اياز (آگسٽ
1968ع)، قمر شهباز، عبدالڪريم گدائي ۽ خميسو خان
خاڪي (آڪٽوبر 1969ع).
قطعو:
آثم ناٿن شاهي (جولاءِ 1963ع)، شمشير الحيدري
(سيپٽمبر 1963ع)، ارجن حاسد (اپريل 1965ع)، پروانو
ڀٽي، محسن ڪڪڙائي ۽ استاد بخاري (مئي 1965ع)،
پروانو ڀٽي، ارجن حاسد (مئي 1965ع)، پروانو ڀٽي
(جولاءِ 1965ع)، عارف الموليٰ (سيپٽمبر 1965ع)،
پروانو ڀٽي (آڪٽوبر 1965ع)، راز ناٿن شاهي (نومبر
1965ع)، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي (ڊسمبر
1965ع)، پروانو ڀٽي، سيف ٻنوي، عبدالحڪيم ارشد
(مئي 1966ع)، مخفي خيرپوري (سيپٽمبر 1966ع)، شمس
جعفراڻي (ڊسمبر 1966ع)، عزيز جعفراڻي (ڊسمبر
1966ع)، وفا ناٿن شاهي، پرڀو ناشاد، عبدالحڪيم
ارشد، اسلم مصراڻي (جنوري 1967ع)، منصور ويراڳي
(سيپٽمبر 1967ع)، پرڀو ناشاد (آڪٽوبر 1967ع)، حسن
تنوير، تاجل بيوس (جولاءِ 1968ع)، پروانو ڀٽي،
نذير ٽکڙائي، دوست چانڊيو ۽ قطب صديقي (آڪٽوبر
1968ع).
نظم:
قمر شهباز (آگسٽ 1963ع)، امداد حسيني (سيپٽمبر
1963ع)، امداد حسيني (سيپٽمبر 1963ع)، تنوير
عباسي، آثم ناٿن شاهي (آڪٽوبر 1963ع)، شيخ اياز
(نومبر 1963ع)، ايم ڪمل ۽ استاد بخاري (ڊسمبر
1963ع، امر جليل، امداد حسيني (ڊسمبر 1963ع)، فتاح
ملڪ ۽ محسن ڪڪڙائي (جنوري 1965ع)، آثم ناٿن شاهي،
غلام حسين رنگريز (جنوري 1965ع)، امداد حسيني ۽
استاد بخاري (فيبروري 1965ع)، محسن ڪڪڙائي (ڊسمبر
1963ع)، محسن عباسي، محسن ڪڪڙائي ۽ سيد متين بخاري
(مارچ 1965ع)، تنوير عباسي (اپريل 1965ع)، امداد
حسيني ۽ شعبان بخت، آثم ناٿن شاهي ۽ وفا ناٿن شاهي
(اپريل 1965ع)، شمشير الحيدري
محسن ڪڪڙائي، نعيم (اپريل 1965ع)، نند جاويري
(اپريل 1965ع)، شمشير الحيدري، امداد حسيني،
پروانو ڀٽي، تاج بلوچ، راز ناٿن شاهي ۽ عبدالجبار
جوڻيجو ۽ پرڀو ناشاد (مئي 1965ع)، تنوير عباسي،
فتاح ملڪ، نور عباسي (جون 1965ع)، عارف الموليٰ
(جولاءِ 1965ع)، آثم ناٿن شاهي، الطاف عباسي ۽
محسن ڪڪڙائي (جولاءِ 1965ع)، تنوير عباسي ۽ امداد
حسيني (سيپٽمبر 1965ع)، تاج بلوچ (سيپٽمبر 1965ع)،
امداد حسيني، فتاح ملڪ ۽ تاج بلوچ (نومبر/ آڪٽوبر
1965ع)، شيخ اياز (نومبر 1965ع)، امداد حسيني
(نومبر 1965ع)، فتح ملڪ (نومبر 1965ع)، شيخ اياز،
قاضي خادم، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي (ڊسمبر
1965ع)، رجب علي ميمڻ، غازي ولياڻي، شيخ اياز،
امداد حسيني ۽ فتاح ملڪ (جنوري 1966ع)، فتاح ملڪ،
قاضي خادم، راز ناٿن شاهي (فيبروري 1966ع)، قمر
شهباز، تاج بلوچ (فيبروري 1966ع)، فتاح ملڪ،
ذوالفقار، رجب علي ميمڻ ۽ نعيم دريشاڻي (مارچ
1966ع)، شيخ اياز، فتاح ملڪ، آثم ناٿن شاهي، راز
ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، قمر شهباز، تاج بلوچ،
شمشير الحيدري ۽ قاضي خادم ۽ عبدالحڪيم ارشد
(اپريل 1966ع)، شيخ اياز، تنوير عباسي، پروانو
ڀٽي، امداد حسيني، آثم ناٿن شاهي، عبدالغفار ابڙو
(مئي 1966ع)، امداد حسيني، ايس تبسم ۽ آثم ناٿن
شاهي (جون 1966ع)، قمر شهباز، رجب علي رضا، محسن
ڪڪڙائي، راز ناٿن شاهي ۽ شفيع ناز (جولاءِ 1966ع)،
شيخ اياز، رشيد ارشد، عبدالحڪيم ارشد، شمس جعفراڻي
۽ راز ناٿن شاهي (آگسٽ 1966ع)، شيخ اياز، فتاح
ملڪ، ٽيڪچند مست، راز ناٿن شاهي، نثار شفيع ناز،
عبدالحڪيم گدائي، نعيم دريشاڻي، امداد حسيني
(سيپٽمبر 1966ع)، نعيم دريشاڻي، امداد حسيني، ارشد
نثار شفيع، وفا ناٿن شاهي، غلام حسين رنگريز،
(نومبر 1966ع)، فتاح ملڪ، آثم ناٿن شاهي، سومرو
غلام رسول (ڊسمبر 1966ع)، امداد حسيني، ارجن حاسد،
مس ايس تبسم، راز ناٿن شاهي، بشير سيتائي، الطاف
عباسي ۽ نعيم دريشاڻي (جنوري 1967ع)، دلدار احمد
اديب، امداد حسيني، قاضي خادم، محسن ڪڪڙائي، وفا
ناٿن شاهي ۽ مجرم لغاري (فيبروري 1967ع)، شيخ اياز
(مارچ 1967ع)، وفا ناٿن شاهي، پير بخش پياسي، آثم
ناٿن شاهي، ابن حيات پنهور، دلدار احمد اديب،
گوورڌن ڀارتي، نجمه شيخ ۽ پروانو ڀٽي (سيپٽمبر
1967ع)، شيخ اياز، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي،
درگاهي، ٽيڪچند مست، نثار شفيع ناز، رشيده ۽ نظير
ٽکڙائي (آڪٽوبر 1967ع)، امداد حسيني (نومبر
1967ع)، شيخ اياز (ڊسمبر 1967ع)، تنوير عباسي، راز
ناٿن شاهي، فتاح ملڪ، امداد حسيني، سيف ٻنوي، ولي
دائود پوٽو، پريم، ناشاد، نظير ٽکڙائي، ابن گل
سومرو، رجب علي ضياءَ (ڊسمبر 1967ع)، استاد بخاري
(جنوري 1968ع)، دلدار احمد اديب، منظور پروانو ۽
ايم آر مائيداساڻي (جنوري 1968ع)، شيخ اياز
(فيبروري 1968ع)، امداد حسيني، سروپچندر شاد،
عبدالحڪيم ارشد، آثم ناٿن شاهي، منظور پرواز،
دلدار احمد اديب، سيف ٻنوي ۽ عبالمجيب پيرزادو
(مارچ 1968ع)، قمر شهباز، ضياءَ (جولاءِ 1968ع)
شيخ اياز (آگسٽ 1968ع)، فتاح ملڪ، سرويچ سجاولي،
قمر شهباز، غلام حسين رنگريز، درگاهي، نظير
ٽکڙائي، دلدار احمد اديب، (سيپٽمبر 1968ع)، امداد
حسيني (آڪٽوبر 1968ع)، جمال الدين، جمال سيوهاڻي
(آڪٽوبر 1968ع)، گدائي، پرڪاش ديپ، مجرم لغاري،
ڊاڪٽر ايم آر مائيداساڻي (نومبر، ڊسمبر 1968ع).
غزل:
ٽيڪچند مست ۽ نياز رجباڻي (جولاءِ 1963ع)، غلام
علي کوکر ”سوز“
۽ عبدالغفور ”عابد“ (آگسٽ 1963ع)، ٽيڪچند مست
(سيپٽمبر 1963ع)، نعيم دريشاڻي (نومبر 1963ع)، شيخ
اياز (ڊسمبر 1963ع)، واسديو نرمل (جنوري 1965ع)،
پهلاج ديپ (مارچ 1965ع)، ٽيڪچند مست ۽ پرڀو ناشاد
(اپريل 1965ع)، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ عبدالڪريم
گدائي (مئي 1965ع)، شيخ اياز (جون 1965ع)،
عبدالڪريم پلي ۽ ارجن حاسد (جولاءِ 1965ع)، شيخ
اياز (سيپٽمبر 1965ع)، شيخ اياز (آڪٽوبر 1965ع)،
رشيد ارشد (ڊسمبر 1965ع)، آثم ناٿن شاهي ۽
عبدالڪريم پلي (جنوري 1966ع)، عبدالحڪيم ارشد ۽
نثار بزمي (فيبروري 1966ع)، شيخ اياز، سوز ٽکڙائي
۽ نظر سنڌي ۽ جليل سروري (مارچ 1966ع)، فتاح ملڪ،
ذوالفقار راشدي، سوز ٽکڙائي، ارجن حاسد، ٽيڪچند
مست ۽ عبدالڪريم پلي (اپريل 1966ع)، فتاح ملڪ،
لغاري محمد هوت، نظر سنڌي، رهبر ڀٽي، اقبال
احمد شيخ ۽ محسن عباسي (مئي 1966ع)، رشيد ارشد ۽
ارجن حاسد (جون 1966ع)، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽
عبدالڪريم گدائي (جولاءِ 1966ع)، نارائڻ شيام، وفا
ناٿن شاهي، ذوالفقار راشدي، شبير هاتف، مس ايس
تبسم ۽ سيد قمر الحسن (آگسٽ 1966ع)، امداد حسيني،
الطاف، الهورايو اداسي، محسن عباسي، عاجز بيداري ۽
محمد هوت لغاري (سيپٽمبر 1966ع)، شيخ اياز، تنوير
عباسي، خواجه قلب ۽ غريب شڪارپوري (نومبر 1966ع)،
واسديو نرمل، ايس بتسم، درگاهي، مجرم لغاري، نثار
بزمي ۽ اسلم مصراڻي (ڊسمبر 1966ع)، عبدالڪريم
گدائي، خواجه قلب، نظر سنڌي، رشيد ارشد ۽ واسديو
نرمل (جنوري 1967ع)، شيخ اياز، واسديو نرمل ۽ ملڪ
نديم ۽ سيف ٻنوي (فيبروري 1967ع)، شيخ اياز (مارچ
1967ع)، شيخ اياز (ڊسمبر 1967ع)، بردو سنڌي (ڊسمبر
1967ع)، درگاهي ۽ عبدالڪريم گدائي (ڊسمبر 1967ع)،
پرڀو ناشاد (جنوري 1968ع)، تنوير عباسي، عبدالغفور
عابد، تاجل بيوس، درگاهي، واسديو نرمل ۽ پرڀو
ناشاد (مارچ 1968ع)، سوز ٽکڙائي، خواجه قلب
(جولاءِ 1968ع)، شيخ اياز (آگسٽ 1968ع)، نثار بزمي
۽ محسن عباسي (سيپٽمبر 1968ع)، ٽيڪچند مست ۽
واسديو نرمل (آڪٽوبر 1968ع)، علي محمد وفا ۽
واسديو موهي (نومبر، ڊسمبر 1968ع).
رباعي:
واسديو نرمل (سيپٽمبر 1963ع)، محسن ڪڪڙائي
(سيپٽمبر 1963ع)، استاد بخاري (نومبر 1963ع)، شبير
هاتف (ڊسمبر 1965ع)، شبير هاتف (جولاءِ 1963ع)،
آثم ناٿن شاهي.
ترائيل:
ارجن سڪايل (نومبر 1963ع)، هريڪانت (جولاءِ
1966ع)، مخفي خيرپوري (جولاءِ، سيپٽمبر ۽ ڊسمبر
1966ع).
هائيڪو:
نعيم دريشاڻي (فيبروري 1965ع)، رحيم بخش قمر (مارچ
1965ع)، نعيم دريشاڻي (اپريل ۽ جون 1966ع)، واسديو
نرمل (جنوري 1968ع).
دوها:
قمر شهباز (جون 1966ع)، امداد حسيني، عبدالحڪيم
ارشد، قمر شهباز (ڊسمبر 1967ع) ممنون ڀٽي (آڪٽوبر
1968ع).
لوليون:
شيخ اياز (فيبروري 1968ع).
نوحو:
رجب علي ضياءَ، غلام حسين رنگريز، راز ناٿن شاهي،
نذير قاضي (مئي 1966ع).
(نوٽ: هن مقالي لکڻ ۾ مان محترم
سوڀي گيانچداڻيءَ جو شڪر گذار آهيان، جنهن ”روح
رهاڻ“ جو سيٽ مطالع لاءِ ڏنو ۽ ان سان گڏ ٿورائتو
آهيان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنهن پنهنجي بهترين
صلاحن سان نوازيو ۽ سنوارڻ ۾ ساٿ ڏنو).
رسالو
’روح رهاڻ‘
روح
رهاڻ5 (رسالو): سنڌي ٻوليءَ جو مشهور رسالو ’روح
رهاڻ‘ زندگي پبليڪيشنز، حيدرآباد پاران، نامياري
اديب ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ادارت هيٺ مارچ
1960ع ۾ جاري ٿيو. 1961ع ۾ حڪومت طرفان نئون
آرڊيننس جاري ڪرڻ کان پوءِ ٻين رسالن سان گڏ هن
رسالي جي ڊڪليريشن رد ڪئي وئي ۽ بند ٿي ويو. 1963ع
۾ نئين ڊڪليريشن ملڻ کانپوءِ ’روح رهاڻ‘ رسالو
ٻيهر جاري ٿيو ۽ ڊسمبر 1968ع تائين لڳاتار شايع
ٿيندو
رهيو. 1963ع ۾ ڪجهه مهينن لاءِ هن رسالي جو ايڊيٽر
مشهور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار جمال رند مقرر ٿيو، ان بعد
حميد سنڌيءَ وري ادارت جون ذميواريون سنڀاليون.
حميد سنڌيءَ سان سهڪاري سٿ ۾ اشفاق قاضي ۽ سليم
خواجه شامل هئا. رسالي جي سرورق جو شعر مشهور شاعر
امداد حسيني لکندو هو.
’روح
رهاڻ‘ رسالي جو ترقي پسند ادبي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار
آهي، اڄ جي ڪيترن مشهور اديبن ’روح رهاڻ‘ ۾ لکڻ
کان شروعات ڪئي. هي پنهنجي دور جو انتهائي مقبول
رسالو رهيو، جنهن ۾ شيخ اياز، م. ع. ڏيپلائي،
تنوير عباسي، امداد حسيني، سراج، نياز همايوني،
امر جليل، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي، رسول بخش
پليجو، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت شورو، جمال رند ۽
ٻيا باقاعدگيءَ سان لکندا هئا.
’روح رهاڻ‘ کي سچ لکڻ سبب ڪيتريون تڪليفون به
ڏسڻيون پيون، پر هن رسالي پنهنجي پاليسيءَ ۾
تبديلي نه آندي. مارشل لا ۽ ون يونٽ خلاف عوام ۾
شعور پيدا ڪرڻ ۾ هن رسالي جو مکيه ڪردار آهي.
هونئن ته روح رهاڻ جو هر پرچو پڙهڻ وٽان هوندو هو،
پر هن جو سالنامو يادگار هوندو هو. شيخ اياز جا
ڪتاب ’جل جل مشعل جل‘، ’هي گيت اُڃايل مورن جا‘
پهريان مڪمل طور ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپيا پوءِ انهن کي
الڳ ڪتابي صورت ملي.
’روح
رهاڻ‘ طرفان 1965ع، 1966ع، 1967ع ۽ 1968ع ۾ ٿيل
’جشن روح رهاڻ‘ به يادگار آهن. بسنت هال حيدرآباد
۾ ٿيل انهن پروگرامن جي مختلف بيٺڪن جي شيخ اياز،
بيگم زينت عبدالله چنا، رسول بخش پليجي، محمد
عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين ناليوارن اديبن صدارت ڪئي. هن
جشن ۾ سڄيءَ سنڌ جا اديب شرڪت ڪندا هئا ۽ تقريرن،
ڪهاڻين، مشاعري ۽ موسيقيءَ جون الڳ الڳ نشستون
ٿينديون هيون. هن جشن ۾ ادب جي مختلف صنفن ۾ لکندڙ
بهترين اديبن کي اوارڊ ۽ اوارڊن سان گڏ ڪجهه رقم
به ڏني ويندي هئي، جيڪا عبدالله چنا ۽ بيگم زينت
چنا طرفان هوندي هئي. روح رهاڻ جي صلاحڪاري ٽيم ۾
محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجو
شامل هوندا هئا، جڏهن ته رسالي تي ايندڙ سمورو خرچ
حميد سنڌي ادا ڪندو هو.
1968ع ۾ روح رهاڻ کي حڪومت خلاف مواد ڇاپڻ جو
شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ ان جي ايڊيٽر حميد
سنڌيءَ تي 35000 روپيا ڏنڊ وڌو ويو. رسالي جي
انتظاميه طرفان ان نوٽيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾
چئلينج ڪيو ويو. جسٽس عبدالحئي قري شيءَ پنهنجي
فيصلي ۾ انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي،
رسالي جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر مالي مسئلن جي ڪري
اهو رسالو جاري رهي نه سگهيو ۽ نومبر- ڊسمبر 1968ع
جي آخري پرچي کان پوءِ بند ٿي ويو.
جنوري 2009ع ۾ حميد سنڌيءَ هن رسالي جي ڊڪليريشن
هڪ ڀيرو وري بحال ڪرائي، رسالو ٻيهر ڪڍڻ شروع ڪيو،
پر اُن جا 8 شمارا شايع ٿيڻ کانپوءِ اهو به جنوري
2010ع ۾ وري بند ٿي ويو.
[حميد سنڌيءَ کان ورتل انٽرويو جي
بنياد تي تيار ڪيل]
حميد سنڌيءَ جا شايع ٿيل ڪتاب
1.
سيمي (ڪهاڻين جو مجموعو)
2.
اداس واديون (ڪهاڻيون: ٻه
ڇاپا)
3.
ويريون
(ڪهاڻيون: ٽي ڇاپا)
4.
راڻا جي رجپوت (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)
5.
جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (ڪهاڻيون)
6.
سوني زنجير (جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو
ترجمو)
7.
سوکي ڌرتي (اردوءَ ۾
ڪهاڻيون)
8.
آري اچين شال
(سچل سرمست تي
تحقيقي مقالا، ترتيب
9.
مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب)
10.
درد ونديءَ جو ديس (ڪهاڻيون)
11.
ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن بابت مرتب
ڪيل ڪتابَ
1.
سر ليلا چنيــسـر
2.
سـر گهاتـو
3.
سـر ڪـاموڏ
4.
سر مارئي
5.
سر ڪاپائتي
6.
سر بلاول
7.
سر رامڪلي
8.
سر کاهوڙي
9.
سر ڪارايل
10.
سر بروو |