سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:8

دردونديءَ جو ديس

گهر ته ساڳيو هو پر ان جا مڪين وقت بوقت مٽبا رهيا هئا. هيءُ هڪ سرڪاري گهر هو، جنهن گهر ۾ پنهنجي ابي امڙ سان ڇوڪراڻي وهي ۾ رهيو هوس ۽ من جون ڪيئي موجون ماڻيون هيم. ورهين پڄاڻان اڄ ان گهر جو نئون مڪين مان هيس. مان اتي ئي سول سرجن ٿي پهتو هوس جت بابو اڳ سرڪاري ڊاڪٽر هو. زماني هن گهر کي ڪيئي لوڏا لما ڏنا هئا، پر لوڏي لمي، مرمت جي ٿوڻين ۽ ٿنڀن سان سرڪاري گهر ڪرندا نه آهن، جو انهن جا بنياد پراڻا پر مضبوط هوندا آهن. شهر پهتس ته مان سڌو اسپتال هليو ويس. شام ڌاري هن جهونڙي پر هڪ پڪي ارادي سان بيٺل گهر ۾ داخل ٿيس. اندر اهي ئي ڪمرا، پر ڪجهه جهڪيل ڇتيون، ڀڳل فرش ۽ اڏوهي کاڌل درن ۽ درين منهنجي آجيان ڪئي. مون کي انهي صورتحال سان به ڪا غرض نه هئي ته ڪٿي صفا سيٽ به هئا يا نه. ڊبل بيڊ تي هڪ هلڪي نظر ڦيرائي، مان ان ڪمري ڏانهن وڌيس جت پندرنهن سال اڳ مان رهندو هيس. ٻين ڪمرن مان ٿيندو ان پاسيري ڪمري ۾ گهڙيس ته حيران ٿي ويس، منهنجو بيگ ۽ ٻيو سامان ان ئي پراڻي ميز تي رکيو هو جنهن جا پراڻا لڏندڙ پاوا اڃا سلامت هئا. سامهون اهو ئي پراڻو ڪاٺ ڪو ڪٻٽ پيو هو جنهن ۾ مان ڪپڙا لٽا ۽ ٻيو سامان رکندو هيس. پاسي سان ننڍڙي ٽيبل ۽ بنا ٻانهن واري ڪرسي رکيل هئي. اهي به ساڳيون هيون. وڏن ٿلهن پاون واري مضبوط واڻيل کٽ به ساڳي پي لڳي. وقت جي دز ۽ مٽيءَ هن سرڪاري سامان کي لَٽيو ضرور هو پر کاڌ نه ڪئي هئي. مان حيرت ۾ هيس. يڪدم ٻاهر آيس، پنهنجي سينيئر ڪمپائونڊر کي سڏ ڪيم جيڪو مون سان گڏ آيو هو، هو ڊوڙندو آيو. ساڻس چوڪيدار به گڏيو آيو.

”هن ڪمري ۾ هيءُ ساڳيو سامان ڪٿان آيو ۽ هن ڪمري ۾ منهنجو

سامان ڪنهن رکرايو آهي؟ تون نئون آهين يا پراڻو؟“ مون چوڪيدار کان پڇيو.

”سائين اوهان جو پراڻو خادم شمن، توهان جي والد ئي نوڪري ڏني هئي. مان اسپتال ۾ ڪم ڪندو هيس. مون توهان کي ڏٺو هو. ان زماني ۾ توهان اسڪول ۾ پڙهندا هئا... صاحب جي بدلي ٿي وئي، توهان سان اڃا گهڻي ڏيٺ ويٺ نه ٿي هئي. ورهيه به گذريا آهن.“

”پر بابا هيءُ ڪمرو هيءُ سامان.“

”سائين، توهان کي ياد هجي ته هن بنگلي جو هڪ پراڻو چوڪيدار چاچو گلو هوندو هو، جنهن جي گهر واري ماسي جنان اوهان وٽ ڪمڪندي هئي.“

”ها، ها برابر چاچو گلو جيئرو آهي؟”

”ها سائين جيئرو آهي پر، جهونو ٿي ويو آهي، گهڻو اڳ رٽائر ڪيائين. هاڻ بيمار آهي، اکين کان ويهجي ويو آهي، مون کي سڏي چيائين ته منهنجو ننڍو صاحب ٿو اچي خيال ڪجائنس. ماسي جنان گڏي، ڏنائين، پوءِ ٻنهي گڏجي هيءُ ڪمرو ٺيڪ ڪيو. مون گهڻو چيو مان ته ڊبل بيڊ وارو ڪمرو صاحبن جو هوندو آهي.“

”ٻي ڪير هئي.“ مون آهستي کانئس پڇيو.

”سائين لالان سندس ڌيءَ. اها به ته هت ڪم ڪندي هئي. توهان کان شايد وسري وئي آهي.“

مان ماٺ ڪري پاسي ۾ پيل ڪرسي تي ويهي رهيس. دل ۾ چيم ته لالان به وسرڻ جي شيءِ آهي. پوءِ ڏانهس نهاري چيم، ”ٺيڪ آهي ٺيڪ، ڪنهن کي چئه ته مون کي چانهه پياري.“

”حاضر سائين، مان ٺاهي کڻي ٿو اچان، بورچ بيمار اهي. ماسي جنان کي چئي آيو هيس، اجها ٿي اچي ۽ رات جي ماني اها ڪندي.“

مون ڪوبه جواب نه ڏنو. هو ويو ته اٿي ان ڪمري جو ٻاهريون در جيڪو پٺين اڱڻ ۾ کليو ٿي، کوليم ۽ اڱڻ ۾ هلندو ويس. آخر ۾ هڪ ڏيڍي ٺهيل هئي، ان ۾ اچي ٻاهر کلندڙ در کوليم. اها ويران گهٽي هئي پريان ٻيا سرڪاري بنگلا هيا. انهن بنگلن جي به اُهائي پٺ هئي. اها گهٽي آخر ۾ وڃي لاهيءَ تي کُٽندي هئي. اتي هڪ پيچرو ٺهيل هو جيڪو هيٺ لهي روڊ تي کُٽندو هو. روڊ جي پريان اسپتال هئي. اسپتال جي پويان ننڍن ملازمن جا ڪوارٽر هئا. مان ٽڪري تي پيچري وٽ بيهي هيٺ نظارو ڪرڻ لڳس. هن پيچري جو پٿر پٿر سڃاڻو هو. گهڻو ڪجهه ساڳيو هو. اهي ئي هوائن جا جهوٽا هئا. مان آهستي آهستي پٿرائين رستي تي هلي موٽي بنگلي جي پٺئين ڌر وٽ پهتس. هي رستو به سڃاڻو هو. ڏٺم ته شمون چوڪيدار بيٺو هو. مون هن دفعي کيس ڌيان سان ڏٺو. هيءُ چڱي عمر جو پي لڳو. ڏاڙهي کي خضاب، مڇن کي تيل لڳل، ڳچيءَ ۾ تعويذ، هٿن کي ميندي، عجيب شوقين چوڪيدار پي لڳو.

”سائين چڪر تي ويا هيو؟ چاهن ٺري ٿي، اچو.“ دل نه پي چيو. ڪيتريون يادگيريون کنيون پي ويون. مان اندر آيس. هن اهو در ڏنو. ڪمري ۾ آيس ته چانهن ٺاهي ڏنائين.

”سائين رات جو ماني ڪيڏي مهل کائيندو؟“

”مان هاڻي آرام ڪندس. اُتي پوءِ ٻڌائيندس اڃا پهر پيو آهي.“

”چڱو سائين، ماسي جنان پاڻهي اچي ماني ڪندي، توهان فڪر نه ڪيو. توهان جي پسند جي خبر اٿس.“

مان ڪافي دير خاموش رهيو هيس. بي اختيار مون کان روڪيل لفظ نڪتا، ”شمن،لالان ڪاٿي آهي؟“

”لالان اتي آهي، گهرايانس.“

”نه، نه ائين پڇيم ٿي.“

هو ٿورو مرڪيو پوءِ چيائين، ”جڏهن حڪم ڪندو لالان به ايندي.“

مون سندس چهري کي ڏٺو پر هڪ يڪدم ٿانو کڻڻ ۾ لڳي ويو. پوءِ هو در ٻيڪڙي هلي ويو. هاڻ مان ڪمري ۽ اڪيلو هيس.مان ته ڪڏهن به لالان کي ياد نه ڪيو هو. ويهن سالن کان به مٿي عرصو گذري ويو. اهي ورهيه پاڻيءَ وانگر وهي ويا. ڪئين ئي جوان جا جهوٽا آيان، ڪئين ئي سهڻا ماڻهو مليا. ڪئين ئي رنگين گهڙيون آيون. ڪئين ئي وڇوڙا آيا پر مون لالان کي ته ياد ئي نه ڪيو. مان اتان اٿي در کولي ورانڊو ٽپي بنگلي جي آڏو اڱڻ کي ڏسندي ڏسندي ايئن محسوس ڪيو ته ننڍڙي ڪڏندڙ لالان ڪڏي پئي. پاڙي جا ڪي ٻار منهنجونننڍڙيون ڀينر ۽ مان. ڪنهن مهل ڌوپڙي ته ڪنهن مهل اک ٻوٽ. نوڙي ٽپنديون هيون ته ڇوڪرن کي ڪڍي ڇڏينديون هيون. هيءَ ٽڪر تي ٺهيل ڪجهه سرڪاري بنگلا هئا. شام ٿيندي ئي ته ڪيڏي به گرمي هجي هوائون گهلڻ لڳنديون ۽ جسم ٺري پوندو هو. منهنجي سامهون هن ويل ڪئين ئي نظارا آڏو پئي آيا، وري گم پي ٿيا، جيئن مان وڏو ٿيندو ويس. هوءَ به وڏي ٿي پر هڏ ڪاٺ جي اهائي ننڍڙي قد واري سيپڪري ڪمزور لالان. ماڻس الائي ڇو سندس نالو لالان رکيو هو جو سندس منهن تي ڪابه لالي نه هئي. سندس ماءُ اسان جي گهر ڪمڪندي هئي.هوءَ ماءُ سان گڏ ايندي هئي، ڪڏهن ڪنڊ وٺي ماٺ ڪيو ويٺي هوندي هئي. ڪڏهن امان کيس دڙڪو ڏيندي هئي. ”لالان، ڇو ماءُ جو هٿ نٿي ونڊائين؟“ ته هو اٿي ننڍڙن هٿن سان ڌوتل ٿانو اگهي رکندي هئي. ڪڏهن ويهي ٻهاري ڏيندي هئي ڪڏهن پوچي. مون کي مٿس قياس ايندو هو. شام جو راند کيڏندا هئاسين ۽ هوءَ جڏهن سهڪي پوندي هئي ته مان چوندو هيس، ”ڀائي هاڻ راند ختم، لالان ٿڪجي پئي آهي.“

ڪڏهن هوءَ ٿانو ملي منهنجي ڪمري ۾ اچي ٻهاري ڪڍندي هئي ته مان ٽپ ڏئي سندس هٿ پڪڙي انهن کي زور ڏيندي چوندو هيس. ”زور ڏيانءِ ٿڪجي پئي هوندين.“

هن جي چهري تي ڪوبه تاثر نه هوندو هو. آهستي آهستي جيئن مان وڏو ٿيندو ويس اهو عمل مونکي وڻند هو. دل ڪندي هئي ته سندس هٿ منهنجي هٿ ۾ هجن ۽ مان ان کي زور ڏيان. ائين مين گيٽ تي کڙڪو ٿيو. مان يادگيرن جي وهڪري کي روڪي ڪمري ۾ هليو آيس. اچي انهيءَ پراڻي ڪرسي تي ويهي رهيس. جتي ويهي ٽيبل تي ڪتاب رکي پڙهندو هيس. مون کي ياد آيو ته اهو زمانو اُهو آهي جڏهن مان ميٽرڪ ۾ هيس. پڙهڻ آيو ته ڏاڍا رومانٽڪ ناول وڻڻ لڳا. ٻئي ٽئين ڏينهن فلمن جا ميٽني شو ڏسڻ لڳس. من ۾ عجيب هلچل پئي ڀانئيم هر شيءِ مختلف پي لڳي.لالان جا هٿ جهليندو هيس ته منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳندا هئا. ڪڏهن هوءَ بنان ڪنهن تاثر جي چوندي هئي. ”سائين توهان جا هٿ ڇو ٿا ڏڪن؟“

مان هٿن کي ڏڪڻ کان روڪڻ جي ڪندو هيس پوءِ جڏهن وس ۾ نه هوندا هئا ته سندس هٿ ڇڏي وڃي هن ئي ڪرسي تي وهندو هيس ۽ ڪتاب منهن ۾ ڏئي ڇڏيندو هيس جت اکر ان مهل ليڪن ۽ لينگهن کان سواءِ ڪجهه نه هوندا هئا.

ان ڏينهن به جيئن ڪمري مان ٻهاري پئي ڪڍيائين ته مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. مئٽرڪ جي امتحانن ڪري مان صبح جو گهر ۾ هوندو هيس. بابو آفيس، امڙ ڪم ڪار سان، ٻيا ٻار اسڪول اهو وقت مون کي وڻندو هو، جو مان سندس هٿ پڪڙي ان جي ڇهاءَ سان هڪ سرور حاصل ڪندو هيس. هوءَ هيٺ ويهي ٻهاري ڏئي رهي هئي. مان موقعي جي تلاش ۾ هيس ته اٿي هميشه جيان سندس هٿ وٺي چوان، ”لالان ٿڪجي پئي هوندين، اچ ته هٿن کي زور ڏيانءِ.“ اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته هيءَ ڪا ٻي لالان آهي سندس جسم ڀريل، ٻانهن۾ سنهيون چانديءَ جون چوڙيون سوڙهيون ٿي ويل. ٻن چڪي ٻڌل چوٽين جي جاءِ تي هڪ وڏي چيلهه تائين هلي ايندڙ چوٽي، مون کي ڪو مٿان بيٺل ڏٺائين ته ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏي نهاريائين پر سندس منهن تي ڪجهه به نه هو، هن دفعي مون کيس اٿاري سندس هٿ نه پڪڙيا پر ڇڪي ڇاتي کڻي لاتو. ڪا گهڙي ڀاڪر ۾ بيٺي رهي پوءِ مون کڻي کيس ڳل تي مٺي ڏني پر هوءَ سڌي بيٺي هئي، هن وٽ خير هو. مون کيس متاثر ڪرڻ لاءِ ڪي ڊائيلاگ ڳالهايا، ”لالان، تون مونکي ڏاڍي وڻندي آهين، تنهنجي هن ڪمري ۾ اچڻ ساڻ منهنجي دل ۾ گل ٽڙندا آهن. تون منهنجي زندگي آهين تون خوشبو آهين، تون چنڊ آهين، مان چڪور. مون کان پري نه ٿيندي ڪر.“

مون سندس جذبات کي اڀارڻ لاءِ وري ڀاڪر پاتو ۽ سندس ڳل تي مٺي ڏني. هوءَ ائين تي سڌي بي جان بيٺي هئي ۽ پوءِ هن پنهنجي پراڻي پوتي سان ٻئي ڳل اگهيا ۽ چيائين، ”سائين تون سڄو ڏڪين پيو تون ويهه ڪِري نه پئين.“ هميشه جيان مون ڏٺو ته منهنجا هٿ ته ڏڪن پيا پر هن دفعي منهنجيون ڏنگون به ٿڙڪي رهيون هيون. امن يڪدم کٽ تي ويهي رهيس.هوءَ ورائي هيٺ ويهي ائين ٻهاري ڪڍڻ لڳي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه جو. اها ڇوڪراڻي وهي اهڙي هئي جو مان ڏڪندي ٿڙڪندي کيس ڪڏهن ڀاڪر ۾ ڀريندو هيس. ڪڏهن مٺيون ڏيندو هيس پر ائين لڳندو هو ته هوءَ انهن جذبن کان اڻڄاڻ آهي. توڻي کڻي هوءَ سال ٻه مون کان ننڍي هئي پر چوڏهن پندرنهن سال هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ننڍي عمر ڪانهي جو هوءَ پيار محبت جي جذبن کان اڻڄاڻ هجي. منهنجي لاءِ اهي ڏينهن ڀاڳ وارا هوندا هئا جڏهن ماءُ جي بيماري سيماري يا ڪنهن ڪمن سانگي نه اچڻ جي صورت ۾ لالان اچي چانور دمي ڪانه ڪا ڀاڄي پچائي پنهنجي ۽ ماءُ جي ماني کڻي نڪرندي هئي ته امان چوندي هئي. ”ابا لالان کي اڳڀرو ڪري اچ.“ منهنجي ته عيد ٿي ويندي هئي. پوءِ مان کيس وٺي هن ئي ڪمري مان لنگهي ننڍي اڱڻ مان ٿيندو ڏيڍي تائين پهچندو هيس. ڏيڍي جو دروازو جيڪو ٻاهرين گهٽي ۾ کلندو هو کولڻ کان اڳ کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڳل تي مٺي ڏيندو هيس. هوءَ ڪجهه نه ڪڇندي هئي پر پوتي سان منهن اگهي ڇڏيندي هئي. پوءِ مان در کولي گهٽي ٽپائي در وٽ بيهي رهندو هيس ۽ هوءَ تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي روڊ ٽپي اسپتال جي گيٽ وٽ بيهي مون ڏي نهاريندي هئي ۽ ڪنڌ لوڏي اشارو ڪندي هئي ته مان پهچي وئي آهيان، انهيءَ ننڍڙي پنڌ ۾ به مان ڪونه ڪو رومانٽڪ ڊائيلاگ هڻي وٺندو هيس، ”تون منهنجي راڻي آهين لالان.“ ڪڏهن چوندو هيس، ”لالان دل چوي ٿي ته هيءُ رستو اصل نه کٽي، پاڻ هلندا هلون هلندا هلون.“ هوءَ پوءِ مون ڏي نهارڻ بدران ڊوڙندي هيٺ لهي ويندي هئي. مان اهو ئي ٿڙڪندو پگهر ۾ شل ٿي موٽندو هيس.هڪ ڏينهن ڏيڍي ۾ ملي ته ماني جي هڙ وٺي هيٺ رکي مانس ۽ ڀاڪر ۾ ڀري سندس چپ وري چمڻ لاءِ ڇهان ته وري کلڻ لڳي.

”ماٺ ته ڪر کلين ڇو ٿي؟“ وري کلندي چيائين، ” مون کي خبر آهي ته اها مٺي انگريزي آهي. مون کي الائجي ڇا ٿو ٿئي.“ مان حيران ٿي ويس. هوءَ کلندي هلي وئي. پوءِ مون کيس انگريزي مٺي ڏيڻ ڇڏي ڏني. ڇاڪاڻ ته ڊپ هو سندس کجڪي تي ڪو اچي نه وڃي. هڪ ڏينهن چيائين، ”امان چئي ٿي ته تون وڏي ٿي وئي آهين اڪيلي نه ايندي ڪر.“ پوءِ مان کيس اسپتال جو گيٽ ٽپائي يا ڪوارٽر تائين به ڇڏي ايندو هيس. آهستي آهستي منهنجي من ۾ لالان ويهي رهي. ڪڏهن ماءُ سان گڏ هلي ويندي يا ماڻس ٻهاري ڪڍي ويندي ته مان اٻاڻڪو ٿي پوندو هيس.ڪٿي بيٺي هوندي ته مان کيس ڏسڻ لڳندو هيس پر هن جي چهري تي ڪجهه نه هوندو هو. هڪ ڏينهن ٻڌم ته لالان جي شادي ٿا ڪرائين. امان هڪدم مائي جنان کي چيو. ”چريا ٿيا آهيو ڇا جو، لالان جي شادي ٿا ڪرايو، اڃا ننڍي آهي ڪجهه ته خيال ڪيو.“

”جيجي، لالان ننڍي نه آهي، سياڻي ٿي وئي آهي. شادي ۾ اڃا مهينا پيا آهن، رڳو توهان دعا ڪجو.“ لالان ملي ته پڇيو مانس ته کلي پئي پوءِ چيائين، ”تون مون کي شادي ۾ ڇا ڏيندين؟“

”جيڪو چئين، وڳو ڏيانءِ؟“

ڪنڌ سان نهڪر ڪيائين.

”ڀلا چاندي جون چوڙيون؟“

وري به ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪيائين.

”پوءِ ڀلا ڇا؟“

ويجهو اچي آهستي ڪن ۾ چيائين، ”لالي.“

”لالي..ڪهڙي لالي؟“

هن چپن تي هٿ رکي چيو، ”هيءَ لالي پر انگريزي لالي.“

”لپسٽڪ؟“

شرمائجي ڪنڌ کڻي مون ۾ لڪايائين. مون سندس ڪنڌ مٿي کڻي

کيس چپن تي چمڻ جي ڪئي ته وري کلي پئي. ”مان ڪنوار ٿينديس ته اها انگريزي لپسٽڪ هڻندس. پوءِ مان توکي به انگريزي مٺي ڏينديس.“

”پوءِ ڪيئن اڳ ۾ مان.“

”چڱو سائين اڳ ۾ تون.“

پهريان ته مان بازار مان لپسٽڪ جو اگهه پڇڻ ويس.

ڀلا خرچي ملندي هئي ٻه آنا، روز ايترا پئسا ڪٿان اچن. پڇيم ته ولايتي لپسٽڪ به ويهن پنجويهن رپين کان گهٽ نه هئي. مايوس ٿي موٽيس.

مان جڏهن به کيس ڀاڪر ۾ ڀري مٺي ڏيڻ جي ڪندو هيس ته چوندي هئي. ”هون هون لپسٽڪ.“

مان پري هٽي ويندو هيس. هاڻ مان کيس ڇڏڻ ويندو هيس ته ڀؤ کان کيس ڀاڪر به نه پائيندو هيس. سڌو کيس ڇڏي ايندو هوس. هاڻي ڊائيلاگ به وسري ويا هيم. هاڻ هوءَ ئي ڳالهائيندي هئي. ”ٻڌ، تون منهنجي شاديءَ تي ايندين نه. مان ميندي هڻندس. امان ڳاڙهو وڳو به ورتو آهي. مان لپسٽڪ به هڻندس، تون لپسٽڪ وٺي ڏيندي نه؟“

مان ڪنڌ سان هائو ڪندو هيس. مون کي ياد آهي شام جو پهر هو ان ويل گهر ۾ ڪير به نه هو. امان جن ڪاڏي گهمڻ ويا هئا، بابو به گهر ۾ نه هو، مان ٽيوشن تان موٽيو هيس. رنڌڻي ۾ ٿانون جو ٺڙڪو هو، ليئو پاتم لالان ويٺي ٿانو ڌوتا. مان پوئتي موٽيس هڪ عجيب خيال آيم، سڌو امان جي ڪمري ۾ ويس. سندس ڊريسنگ ٽيبل جو خانو کولي، اڪيچار ولايتي لپسٽڪون پيون هيون سوچيم ته هڪ لپسٽڪ کڻندس ته امان کي ڪهڙي خبر پوندي، مان هڪ لپسٽڪ کڻي اچي ڪمري ۾ ٽيبل جي خاني ۾ رکي پوءِ تکو ٻاهر نڪتس. سڌو رنڌڻي ۾ آيس، اچي لالان جي ٻانهن ۾ هٿ وڌم. هوءَ ويچاري ڇرڪجي وئي. پوءِ آهستي چيومانس، ”لپسٽڪ تنهنجي لپسٽڪ آندي اٿم.“ هن خوشي ۾ هٿ ڌوتا نه ڌوتا ڇڪجي هلي آئي هئي. مون ڪمري ۾ پهچي کيس لپسٽڪ ڏني. هوءَ پهريائين ان کي ڏسندي رهي.

”ڪيئن کُلندي؟“

مون کولي ڏني مانس ته کيس هڻڻ نه اچيس، مون سامهون ويهاري کيس لپسٽڪ هنئي. پوءِ ڪٻٽ واري آئيني ۾ بيهاريومانس. هيءَ هلڪي برائون رنگ جي لپسٽڪ هئي- هن کي پنهنجا رڱيل چپ وڻيا ۽ هوءَ کلي پئي.

”شادي تي مان اها لپسٽڪ لڳائيندس.“ پوءِ چپ اڳيان ڪري چيائين.

”پنهنجي مٺي جلدي وٺ ڪير اچي نه وڃي؟“

مان سندس چپن تي چپ رکيا مس ته اندر ۾ هورا کورا مچي وئي. بنهه طوفان هو. عجيب ڪيفيت هئي. هيءَ لپسٽڪ ته منهنجي ماءُ جي آهي ڇا مان امڙ جا چپ پيو چمان، مان پوئتي هٽي ويس. هوءَ ڪجهه دير اکيون بند ڪيو بيٺي هئي پر اکيون پٽي ڏٺائين ته مان پري بيٺو هيس.

”ڇا ٿيو؟“

مون آهستي ٽوال کڻي، آلو ڪري سندس چپ اگهيا.

”ڪو ڏسي نه وٺئي.“

پوءِ مان کانئس لپسٽڪ واپس ورتي.

”ڇو، ڇو؟“

”اها امان جي آهي، توکي هڻي ٿي ڏٺم توکي ٻي وٺي ڏيندس.“ هن جون اکيون ڦاٽي ويون.

”جيجان جي! توبهه توبهه تون ته مار کارائين ها.“ چوندي ٻاهر نڪري وئي، مون چپ چاپ لپسٽڪ واپس رکي ڇڏي.

مون ان کان پوءِ ڪڏهن نه سندس ڳل يا چپ چميا نه ڀاڪر پاتا. مان سندس ويجهو ويندو هوس ته عجيب احساس ٿيندو هيم. پوءِ به هن نه پڇيو ته ائين ڇو آهي؟ سگهو ئي بابي جي بدلي ٿي وئي. لالان جي شادي ٿي يا نه مون کي پنهنجي پڙهائي ۽ ڊاڪٽري جي نوڪري ايترو ته ڦاسائي رکيو جو مون ڪڏهن لالان جو پڇيو به نه، آهستي آهستي لڳم ته ڄڻ لالان هئي ڪانه. هاڻ مان يادگيرين ۾ غرق کٽ تي ليٽي پيو هوس. ڪجهه دير ۾ اک به لڳي وئي هيم. در تي ٺڙڪو ٿيو. ننڊ جي نشي ۾ پڇيم، ”ڪير آهي؟“ جواب نه آيو. وري ٺڙڪو ٿيو، ”ڪير آهي بابا در کليل آهي.“

آهستي در کليو ،هڪ ٽيهن پنجٽيهن ورهين جي ڀلن ڪپڙن ۾ ڳري ميڪ اپ واري چهري سان خوشبوءِ ۾ ٻڏل هڪ عورت ڪمري ۾ گهڙي آئي. مان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيس.

”سائين مان آهيان.“ مون پوءِ به کيس نه سڃاتو. پويان اوچتو شمون چوڪيدار نظر آيو. هن مون کي هن ڏانهن حيرت مان نهاريندي ڏٺو ته يڪدم ڏند ڪڍندي چيائين، ”توهان هن کي نه سڃاتو صاحب، هي لالان آهي. توهان سويل پڇيو پي نه. هن ئي توهان جو ڪمرو ٺاهيو آهي. توهان کي ياد به ڪندي آهي.“ ان عورت يڪدم پٺيان نهاري حجت سان چيس، ”چڱو چڱو گهڻو فري نه ٿيءُ، هل هل هلي ٻاهر ويهه، منهنجو سائين پاڻهي مون کي سڃاڻي وٺندو. ورهيه به ته ٿيا آهن.“

”لالان، ماسي جنان ماني پچاءِ هلي وئي آهي، مون کي ٻڌائجانءِ صاحب ڪيڏي مهل ماني کائيندو ته مان ماني کڻي اچان.“

”چيم نه ته تون هل، مان پاڻهي سائين کي ماني کارائيندس. ٻيو ٻڌ،“ در ٻيڪڙي کيس ٻاهر ورانڊي ۾ وٺي وئي. مان سري دروازي وٽ وڃي بيهي رهيس، در جي وٿي مان لالان جو هلڪو آواز اچي رهيو هو، ”فون ڪري گهر چئي ڇڏ. اڄ مان ڪاڏي نه وينديس. بئراج ڪالوني مان گل صاحب يا ڪنهن جو به فون اچي ته جواب ڏئي ڇڏين ته اڄ ناز ٻئي هنڌ بزي آهي. سمجهيئه چريا چرٻٽ.“

مان حيران پريشان موٽي اچي کٽ تي ويٺس. هيءَ ڪير ۽ ڪهڙي عورت آهي. هيءَ ته ٻولي ئي ٻي پئي ڳالهائي. هيءَ ته انگريزي اکر پئي ڳالهائي هيءَ ته پاڻ کي ناز پئي چئي.

ڪجهه دير رکي پوءِ موٽي ته سندس هٿن ۾ هڪ پلاسٽڪ جي ٽوڪري هئي. هن اها ٽوڪري پاسي تي رکي. شيشون پئي کڙڪيون. ٽوڪري رکي مون ڏي مرڪي عجيب پر حرڪتي نظرن سان ڏٺائين. ”هيءَ توهان جي دعوت آهي، جڏهن دل چيو ته مال پاڻي حاضر آهي. شغل ته ڪندا هوندؤ نه؟“ پوءِ وڃي ٻئي در بند ڪيائين. پردا ٺيڪ ڪيائين ۽ ٽپ ڏئي منهنجي ڀرسان ئي پلٿي ماري کٽ تي چڙهي ويٺي.

”ها سائين ڪر خبر، ٻڌو اٿم ته شادي به نه ڪئي اٿئي. عيش ته ڪندو هوندين. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته ورهين پڄاڻان ڦري گهري مون وٽ آيو آهين. هاڻي ڀاڪر پائيندين يا مٺي ڏيندين. هاڻي مان ائين خاموش بيهي نه رهنديس، مان به توکي چنبڙنديس، پوءِ ڏسجان مزو منهنجا ڊڄڻا ڏڪڻا سائين، مان هاڻي اها لالان ناهيان، مان هاڻ ميڊم ناز آهيان، ناز انداز واري ناز.“

هوءَ سُري منهنجي ويجهو آئي. تيز ڳاڙهي رنگ وري لپسٽڪ، ڀرون ٺهيل، آئي ليشز، آئي شيڊ ۽ ميڪ اپ سان ٿڦيل چهرو هو، جنهن تي سڀ رنگ هئا ان جي هيٺان ئي وقت ۽ زماني جون پاتل ليڪون ۽ نشان جيڪي هن لڪائي رکيا هئا. هن کلي مونکي ويجهو ڪيو.

”اڃان ڊڄين ٿو. تون جنهن شراب کان سڪين پي، اهو هاڻ ته پيءُ، تو ته مون کي ولايتي لپسٽڪ وٺي نه ڏني، مون هي ولايتي لپسٽڪ هنئي آهي. چکي ته ڏس.“

پوءِ هن اهي رڱيل چپ منهنجي چپن تي رکيا. پوءِ هن ڪنڌ کڻي مون ڏي نهاريو ته مان سڄو ڏڪي ويس، مون کي ائين لڳو ته ان جي هيٺان ٻي لپسٽڪ هئي. ٿڌي رنگ جي برائون رنگ واري لپسٽڪ. مون کان اندران رڙ نڪري وئي. هيءَ ته منهنجي جيجل امڙ جي لپسٽ آهي، جنهن کي اڳ چميو هوم ته هڪ ڏوهه۽ گناهه جي ڄر ۾ سڄي عمر سڙندو رهيس. مون وري نه ڪنهن جا چپ چميا، ڊپ کان مون شادي به نه ڪئي. وري اهي ئي چپ اها ئي جيجل واري لپسٽڪ اٻٿ آيم. مان کيس ٿيلهو ڏئي اٿيس ۽ پري بيهي رهيس.

”تون ڪير آهين، تون لالان نه آهين. تنهنجي چپن تي ته جيجل جي لپسٽڪ جا نشان اڃان باقي آهن، تو ڪيئن اهي مقدس نشان مٽائڻ جي ڪئي آهي. تنهنجو ڏوهه ناهي، تون هاڻي لالان نه آهين، تون ته ميڊم ناز آهين، ميڊم ناز.“

مون سندس چهري تي ڦهليل بڇان ڏيندڙ لپسٽڪ ۽ ميڪ اپ جا نشان ڏٺا، ته وري اٻٿ آيم. ڀانيم ته الٽي ڪندس. يڪدم باٿ روم ڏانهن ڀڳس. آت ڏنم، نڪتو ڪجهه ڪونه، پوءِ آئيني ۾ ڏٺم، منهنجي چهري تي به رنگين لينگها پئجي ويا هئا. يڪدم آلو ٽوال ڪري اگهيم. وري اگهيم، سڄي لالي منهنجي چهري تي ڦهلجي ويئي. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. محسوس ڪيم ته مون کان هيءَ ٻيهر گناهه ٿيو هو. مون جيجل جا چپ چميا هئا. مان ٻاهر نڪتس ته ڪمري ۾ ڪير نه هو. ٻاهر اڱڻ ۾ ڳالهائڻ پي ٻڌم. مان وڌي وڃي ورانڊي واري جافري کان بيٺس.

”هل ڙي شمون کڻ سامان هو هاڻ به لالان کي ٿو ڳولي، ڏاڍيون پيار جون ڳالهيون ٻڌائي ورهيه جا ورهيه ڇڏي ويو پوءِ لالان ڪيئن ٿي بچي. شمون شال تنهنجو خانو خراب ٿئي، نه تو سان شادي ٿئي ها نه هن ڪني ڪاروبار سان واسطو پئي ها.بڇڙو ڪري ماريو اٿئي. هاڻ ته هنن هڏن ۾ به ڪجهه نه رهيو آ، اڃا ڪيترو ذليل ڪرائيندين ڪميڻا؟“

مون جافري مان ڏٺو هوءَ سگريٽ جا دونهان ڪڍي رهي هئي، هن وري کلي چيس، ”ڀلا ڪجهه صاحب به ڏنئه ڪين رات کوٽي آهي.“ شمو به سگريٽ جا سوٽا هنيا. مان يڪدم ٻاهر نڪري آيس ۽ خونخوار نظرن سان شمون کي تڪيم ۽ بجو ڏنومانس، ”لخ لعنت هجئي، معصوم لالان کي ماري ڇڏيئه خدا توکي معاف نه ڪندو. نڪر هتان.“ ڌڪ الاريومانس ته ڀڄي وڃي مين گيٽ جي ٻاهران بيهي رهيو. مون وٽ کيسي ۾ جيڪي به نوٽ هئا ڪڍي لالان کي ڏنم پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڏکاري آواز ۾ چيائين، ”لالان هجان ته توکان لک به گهري وٺان هان. مان پيشي واري عورت آهيان. تو کان ڇا وٺان؟ لالان رهي ئي نه آهيان. توکي ڏنو ڇا اٿم جو وٺان. مون کي معاف ڪجانءِ منهنجا سدورا سائين.“ سڏڪي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. پوءِ هوءَ رئي جي پلئه سان چرين وانگر تڪڙو تڪڙو زور سان ميڪ اپ صاف ڪرڻ لڳي ۽ چپن تان لپسٽڪ لاهڻ لڳي پر اهي لڳل ليپ ۽ تهه ايترو ته کيس چنبڙي ويا آهن جو کانئس لهن نٿا پوءِ هو اڱڻ ۾ لڳل واش بيسن تي وئي نلڪو فل کولي ڇڏيائين ۽ اتي پيل صابڻ سان منهن رڳڙي رڳڙي ڌوئڻ لڳي. مان ماٺ ڪيو بيٺو رهيس. پوءِ هو آئي ته نه رنگ نه روغن نه نقلي ڀرون، نه آئي ليشز، نه آئي شيڊ هتي هاڻ ڪجهه به نه هو. ويجهو اچي مون کي چيائين، ”سائين، مون سڀ ڪجهه مٽائي ڇڏيو آهي،ميڪ اپ نه آهي، ڪابه لپسٽڪ نه آهي هاڻي ته هڪ مٺي ڏينم.“

هيءَ هڪ بنهه اجڙيل ويران پوٺي جيان هڪ دردوندي هئي. جنهن جو ديس ڪڏهن ڪونه وٺو هو. هيءَ الائي ڪٿان جهاڳيندي ووڙيندي ڪاٿي پهتي هئي. کيس ان جي خبر به نه هئي. بي اختيار دل ۾ درد جو اڻکٽ سٽون محسوس ڪيم. وڌي ڀاڪر ۾ ڀريومانس ۽ جڏهن ڳلن تي مٺيون ڏنيون مانس ته هن دفعي هن اهي پوتي سان نه اگهيون پوءِ پنهنجي چپن سان مون کي مٺي ڏنائين هاڻي ات ڪنهن جي به لپسٽڪ جا نشان نه هئا. هوءَ مون کي فرشتن وانگر ڌوتل پوتل لڳي. اکيون کڻي مون ڏي نهاريائين. سندس اکين ۾ جيڪي هو اهو اڳ نه پسيو هيم، سندس اکڙين مان ڳوڙها لارون ڪندا وهندا رهيا، مون کي ائين لڳو ته هڪ دردونديءَ جو ديس وسي پيو هو. هن گيٽ ڏانهن نهاريو، اتي سندس مڙس سوٽا هڻندو ليئا پائي رهيو هو، پوءِ هوءَ مون کان پاڻ ڇڏائي مون واري ڪمري ڏي وئي. پويون در کولي ننڍو اڱڻ ٽپي، ڏيي ڏانهن وئي. مان به ڊوڙندو سندس ڪڍ ويس، هوءَ ڏيڍي وارو در کولي گهٽي ۾ وئي، مان ويجهو پهتس ته هوءَ ٽڪريءَ واري پيچري تي پهچي چڪي هئي. ان کان پوءِ پراڻي پيچري تان لهي هيٺ وئي، مان جڏهن اتي پهتس ته هوءَ اسپتال جي گيٽ وٽ ٽيوب لائيٽن جي روشني ۾ بيٺي هئي. اڳي وانگر ڪنڌ ورائي ڏٺائين مون کي ائين لڳو ڄڻ ته اهائي معصوم سنهڙي سپيڪڙي لالان بيٺي آهي. ڄڻ چوندي هجي مان پنهنجي اباڻي گهر پهچي وئي آهيان.

موٽيس ته محسوس ڪيم ته هاڻ ڪنهن به گناهه يا ثواب جو احساس نه هيو.

 

پاڙي ناهه پروڙ!

 

باهه ڀنڀٽ، هٿ حليمان جو، اَنُ ٽڙڪاٽ ڪندو ڦُلن جو روپ اختيار ڪري اُڏرڻ لڳو. ڦُلا ڦولايا، حليمان جو هٿ هٽيو. پرڻ سان هن واري ڇاڻي ۽ ڇٻي ۾ وڌائين.

”ماسي! اهي ڦُلا منهنجا آهن.“ هڪ نينگر دانهن ڪئي.

”اهي منهنجا آهن ڪين.“

ماسي مُرڪي ٻنهي جا جهول ڀريا ۽ وري هڪ هٿ ۾ ڏنڊي کنيائين، جنهن جي هڪ مُنهن تي ڪپڙو ويڙهيل هو. ٻئي هٿ سان، ٻئي ڇٻي مان تئيءَ تي اَنُ لپ وڌائين. ڦُلا ڦولاريا رهيا ۽ حليمان ڇٻو ڀريندي، ڦلا ورهائيندي، ڪنهن کان ان لپ ته ڪنهن کان روڪڙ وٺندي انهيءَ پورهئي ۾ پوري رهي. ماڻهن جو ميڙ گهٽيو، ته تئه به هٽيو. هوءَ سَٽ ڏيئي اُٿي، پسانگ سان ڪرڙ ڪانڊيرا ريڙهي لنبيل تئيءَ پويان ٺهيل چلهه ۾ وڌا ۽ ڀنڀٽ وري ڀڙڪو کاڌو. ڄڀين ۾ نهاريندي هُن پريان نظر ڪئي ته هڪ ٻار تي نظر پيس. اُهو ڦلن جي ڇٻي وٽ نئڙيو بيٺو هو. هن اتان ئي دانهن ڪئي:

”ڇورا! ڇٻي ۾ هٿ نه وجهه. مان اچان پئي.“

ڇوڪري ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاريو ۽ ڦلن جي لپ ڀري ڀڄڻ جي ڪيائين. پر بت ۾ جوپ، وڏي هڏ ڪاٺ واري حليمان جي لوهه ۽ ٻرانگهه اهڙي هئي جو اچي ڳچيءَ کان ورتائينس.

”اڙي ڪاڏي ٿو ڀڄين. ڪنهن جو ڇورو آهي؟“ ماسيءَ بيٺلن ڏانهن تڪيو.

ٻن چئن ٻارڙن، ٻن چئن وڏڙن، ڪنڌ ڌوڻي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو. سامهون ئي گلو پڪوڙائيءَ جو دڪان هو. ماسيءَ رڙ ڪري گلوءَ کان پڇيو:

”اڙي ادا گلو! آهي ڪو جو هن چور ڇوري کي سڃاڻي.“

”ماسي، خبر ناهي، چور آهي ته ڏينس ڪاٺ ۾.“ گلوءَ اُتان ئي پڪوڙن کي تئي ۾ اُٿلاڻي ڏيندي وراڻيو.

ماسيءَ هن کي ٿيلهو ڏيئي، هيٺ جهڪائي وهاريو ۽ ڏانهس تڪيائين. ڇوڪرو هيسيل ضرور هو، پر ڊپ بنهه نه پئي لکايائين. انگ تي وڏو چولو هئس ۽ هيٺان ڪجهه به نه. ماسي جيئن سندس ٻانهن ڇڏي ته هن يڪدم ڦلن ڀريل مٺ کڻي وات ۾ وڌي ۽ هو تڪڙو ڦلا چٻاڙڻ لڳو. ماسي وائڙن وانگر کيس تڪڻ لڳي. ماسيءَ کي الائجي ڇو مٿس قياس اچي ويو. کيس ائين لڳو ته هو بکايل آهي. ماسيءَ يڪدم کيس اٿاريو ۽ ڦلن لپ ڀري سندس جهوليءَ ۾ وڌي.

”ڀڄي وڃ ڇورا، هيڏي نه اچجانءِ. الائي ڪٿان جا ڇورا، مائٽن ڄڻي گهٽين ۾ کڻي اڇلايا آهن. هاڻي بُک آ، جو گهٽين ۾ پئي واڪا ڪري.“ هوءَ يڪدم پورهئي کي جنبي ويئي. هاڻي چڻن جو وارو هو، سو تئيءَ ۾ چڻا وجهي ٻه اُٿلاڻيون ڏنائين ۽ پوءِ پاٽيءَ جي تري سان انهن کي ڏڏرڻ لڳي. گهڙيءَ ۾ چڻا ڀڳڙا بڻجي ماسيءَ جي ڇٻي ۾ آيا ته خوشبوءِ چوڌاري واسو ڪري ويئي. جيئن هوءَ گراهڪن کي لپ لپ ڏيندي ڏوڪڙ وٺندي ويئي ته اوچتو هڪ ننڍڙو هٿ سندس سامهون آيو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ته سندس سامهون اُهوئي ننڍڙو نينگر بيٺو هو ۽ پوءِ هن چولو مٿي ڪري خالي جهولي ڏانهس ڦهلائي. هيڏي سيءُ ۾ سندس انگ اگهاڙو ۽ لٻل ميرو جسم ڏسي ماسيءَ کي وري قياس آيو ۽ چڻن جي لپ ڀري سندس جهوليءَ ۾ وڌائين، پر يڪدم دانهن به ڪيائين:

”اڙي هيترا بيٺا آهيو، ٻڌايو نٿا ته هيءُ اوپرو نينگر ڪير آهي؟ هيءَ بک اڄ ڪٿان هن گهٽيءَ ۾ پئي رُلي.“

ڪنهن به ٻڙڪ نه ٻوليو. سندس منهن تي ته سڃاڻڻ وارا پار پتا پڌرا هيا. هوڏانهن نينگر تڪڙو تڪڙو ڀڳڙا چٻاڙيندو اتان هٽي ويو. ماسي ڪنڌ ڌوڻي وري پورهئي سان لڳي ويئي. اتي اوندهيڙي اچي ٿي ۽ ڪوبه گراهڪ نه بچيو. باهه به اچي وسامڻ جي ڪئي هئي ۽ ماسيءَ ٽپڙ ميڙڻ شروع ڪيا. دستور موجب گلڻ پڪوڙائي ڏانهن منهن ڪري واڪو ڪيائين:

”ادا گلڻ! ٻي آني جا سنها ۽ ٻي آني جون ڪچوريون. ڏسجانءَ، متان سڀ مال کپائي نه ڇڏين ۽ منهنجا ٻڄا بک مارين.“

”ها ماسي، تنهنجي حصي جا پڪوڙا قابو آهن، فڪر نه ڪر. مال مڻين آهي، رڳو دل وڏي ڪر. تنهنجا ٻچا، سي منهنجا ٻچا.“

ماسيءَ مليل ان جون ننڍڙيون هڙون ٻڌي ڇٻن ۾ رکيون. ڇٻي ۾ گڏ ٿيل

روڪڙ مان چار آنا مُٺ ۾ جهليا ۽ ڇٻا مٿي تي رکيائين. هوءَ سڌي گُلوءَ جي دڪان تي آئي. گلوءَ کيس پڪوڙن جو پُڙو ڏيئي کانئس کلي پڇيو:

”ماسي، ڪير ڇورو هو، جو تنهنجي رڙ پئي پيئي؟“

”الائي ابا ڪير ڇوڪر هو، جهڙي بک. مون ته هن پاڙي ۾ ڪڏهن نه ڏٺو.

”هوندو ڪو غريب جو ٻار، ماسي بک به ته ملڪ ۾ ڪاهي پيئي آهي.“

ماسي ڪنڌ ڌوڻي پڙو کنيو، پر يڪدم دانهن ڪيائين:

”هيءُ ڇا گُلو! پڪوڙا ٿورا پيا لڳن.“

گلوءَ ٿڌو ساهه ڀريو: ”مهانگائي، ماسي، مهانگائي ڏس ماسي! ٻچن جو پيٽ توکي به پالڻو آهي ته مون کي به. مان ڀلا ڇا ڪريان؟“

ماسي ماٺ ميٺ ۾ پرو کنيو ۽ ويچارن ئي ويچارن ۾ ڇٻا مٿي تي، پڙو هٿ ۾ لوڏيندي، گهٽيون لتاڙيندي، گهيڙ ٽپندي هلندي هلي. اوچتو کيس لڳو ته ساڻس ڪير گڏ پيو هلي. هن يڪدم بريڪ هنيو ۽ اوندهه ۾ پٺيان نهاريو. کيس ڪجهه نظر نه آيو. هوءَ هلڻ تي هئي ته اوچتو سندس هٿ کي سٽ آئي ۽ هُن ڏٺو ته ڪير کانئس پُڙو کسي وٺي ڀڳو. هن چٽيءَ طرح سڃاتو ته اُهو ئي نٻل اڌ اُگهاڙو نينگر هو، جنهن جو چولو هوا تي اُڏامندو نظر آيس. هو ڏسندي ڏسندي سندس اکين آڏو غائب ٿي ويو. هوءَ ڪا گهڙي ته وائڙن وانگر انهيءَ پاسي تڪيندي رهي، پوءِ جڏهن هن کي هوش آيو ته رڙين واڪن ۾ پئجي ويئي.

 ”بيهجان ڇورا! اڙي ڇورا! نڀاڳا! شل ٽنگون ڀڄندءِ. اڙي ڇورا! شل....“

هوءَ اوندهه ۾ رڙيون ڪندي، اچي گهر ڀيڙي ٿي. ٽپڙي کڻي در کي ڌڪو ڏيئي، اندر داخل ٿي. سندس زبان جهل ئي نه ڏئي.

”هي نماشام جو ڦُر.... هيءَ ڌاڙو.... هيءُ ڪيس... هيءُ قهر...“

اوچتو سندس زبان کي ٻُنجو اچي ويو. سندس آڏو هڪ ننڍڙو هٿ وڌيو، ۽ پوءِ هن اڌ اگهاڙي ٻار جهولي ڦهلائي. هن کي پنهنجي ننڍڙي بکايل ٻار کان مختلف نه پئي لڳو. ائين سندس نظر پنهنجن ٻارن تي پيئي، جن مان ڪي جهولي جهليو، ڪي هٿڙا وڌايو بيٺا هئا ۽ سندس نظرون ڇٻي کي ۽ خالي هٿن کي تڪي رهيون هيون. هن کي هاڻ ائين پئي لڳو ته گهٽيءَ ۾ رلندڙ بک سندس گهر ۾ ڪاهي پيئي آهي ۽ کيس تعجب ٿيو ته هن ايتري دير انهيءَ نينگر کي ڇو نه سُڃاتو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org