سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:27

جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو

اشفاق قاضي

”هلو ادا.“

”جي ادا.“

”خبر پيوَ؟“

”نه.“

”قاضي صاحب گذاري ويو.“

”هان!“ (خاموشي)

”ڪيڏيءَ مهل؟“

”ڪلهه شام جو. اڄ منجهند ڌاران کڻندا. توهان کي اطلاع نه آهي؟“

”ڪير ڪنهن کي اطلاع ڏيندو؟ وڃڻ وارا ويندا رهن ٿا، پر هُو مون کان جدا نه آهي!“ (خاموشي)

” ادا! ادا! آريو آل رائٽ.“

”مان ... مان... ٺيڪ آهيان... خيرپور پري ته ناهي. شام تائين پهچي ويندس.“

(طويل خاموشي ۽ فون بند.)

مون گهنٽي وڄائي.

”ڪير اندر نه اچي.“

وري فون بند.

”ييس.،“

”توهان جي گهران فون آهي.“

”جي. ملاءِ.“

”خبر پيئه؟“

”سليم! صبح ساڍي ڏهين فون ڪئي هئي. ”منهنجي گهر واري ڳالهايو.

”ڀائو شمس جي هاڻ فون آئي هئي. هن ٻڌايو ته اشفاق اٺين وڳي رات گذاري ويو آهي. خبر پيم ها ته رات ئي وڃانس ها. منهن ته ڏسانس ها. توکي ته خبر آهي ته منهنجو هُن سان ڪهڙو ناتو آهي. منهنجو ته سڄڻ سائين... منهنجو ته ..!“

ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي، جهڙو ماهه مُنير،

فيض، فراق، فقير، جوڳي جاڳائي ويو.

(ڀٽائي)

مان روئي پيس. گهر واريءَ آٿت ڏيڻ جي ڪئي. مون آهستي آهستي فون رکي. آفيس جي روشني جهڪي لڳم. آهستي آهستي چوڌاري اونده محسوس ڪيم. ڪرسيءَ ۾ پئجي رهيم. اکيون کڻي بند ڪيم. يادگيرين جو سفر شروع ٿي ويو. جيڪب آباد جو پرائمري اسڪول جو فنڪشن آهي. ٻار ٿالهين ۾ پٽاٽا کڻي ڊوڙ پڄائي رهيا آهن. اُنهن ۾ ٻه ٻار نمايان آهن: سهڻا سيبتا، چَڍين ۾ ملبوس. هڪ ٻار مَنڊڪائي هلي ٿو. سندس پير ۾ ڄائي ڄم کان نقص آهي. سڀ هن ڏانهن عجيب نظرن سان ڏسن ٿا ته هو ڊوڙ ڪيئن کٽندو؟ ڊوڙ شروع ٿئي ٿي. سڀ جوش ۾ آهن. هر هڪ ٻار جا ساٿي رڙيون ڪري هر هڪ کي همٿائين ٿا. ڊوڙ پوري ٿئي ٿي. اُهو ٻار جيڪو منڊڪائي هلي ٿو، ڪا به ڪمتري محسوس نه ڪندي صحيح سلامت پٽاٽن جي ٿالهي ماڳ تي پهچائي ٿو. ٻين مان ڪن جا پٽاٽا ڪرن ٿا، ڪي رهجي وڃن ٿا ۽ائين هيءُ ٻار گوءِ کٽي وڃي ٿو.ٻيوسيبتو ۽ سڄو ٻار هُن ڏانهن حيرت مان نهاري ٿو. مايوسيءَ مان ڪنڌ لڙڪائي ميدان ڇڏي گهر روانو ٿئي ٿو. شام ٿئي ٿي ۽ سندس گهرهو ٻار جنهن گوءِ کٽي آهي، انعام مليل بسڪوٽن جا پڙا کڻي اچي ٿو.

”يار ڪمال آ. مون کٽيو ته ڄڻ توکٽيو. انهيءَ ۾ دل لاهبي آهي؟ اچي هيءَ وٺ، انعام تنهنجو آهي.“

ٻئي ٻار کِلي خوش ٿين ٿا ۽ ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿين ٿا.

اڄ اُهو ٻار آهستي آهستي منڊڪائيندو وري گوءِ کٽي وڃي ٿو ۽ مان جيڪو ٻيو ٻار آهيان، هت رهجي ويو آهيان!

***

سياري جي سرد شام. ڪمري ۾ جهڪي روشني آهي. ٻه دوست خاموش ويٺا آهن. اوچتو هڪ آواز اُڀري ٿو.

”آل سيٽ حميد!“

(مان چپ آهيان).

”يار ٻڌين ٿو. آل سيٽ“ اشفاق چچريل آواز ۾ چيو.

”جي سائين از آل سيٽ“ منهنجو آواز ڳرو آهي. اشفاق جو چچريل آواز وڌيڪ ڳرو ٿي وڃي ٿو.

”آل سيٽ هيئر آلسو. منهنجي به تياري آهي. تون ته باءِ پاس ڪرائي ايندين، پر شايد تيستائين منهنجي به روانگي ٿي وڃي ۽ مان هن دنيا ۾ نه هجان!“

مان روئي پيس. ويجهو وڃي ڳراٽڙي پاتيمانس.

سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀريل آهن. اشفاق ۽ روئي يا همٿ هاري! پر اڄ مون کي لنڊن باءِ پاس لاءِ ويندي ڏسي جهڄي پيو.

”يار ڪمال آ، تو جهڙو ماڻهو ۽هنيانءُ هاري!“

”حميد! مان هاڻ ٿڪجي پيو آهيان. منهنجي حالت ڏسين ٿو. هاڻ مون کان هيءُ درد سَٺو نٿو ٿئي. وري تون به وڃين ٿو. پويان شايد...“

مون سندس هٿ هٿ ۾ وٺي ڏاڍي پاٻوهه مان چيومانس: ”تون اِنهيءَ مرض سان ڏهه سال وڙهيو آهين. ڪڏهن به مايوسيءَ تو وٽ پير نه پاتو. ياد اٿئي، جڏهن لنڊن ۾ گڏ هجون ۽ تو چيڪ اپ پئي ڪرايو. تڏهن تومون کي ڇا چيو هو؟“

”ڇا؟“

” مون جڏهن حياتيءَ جي ڏکن جي ڳالهه ڪئي هئي. آيل ڏکيائين ۽ طوفانن جي ڳالهه ڪئي هئي، ته تو ٽهڪ ڏئي چيوهو ته يار بس اُڙاڪي رک ديا. هيءَ حياتي، هيءُ جياپو اسان لاءِ آهي. اسانکي هر طرح منهن ڏئي گهارڻو آهي. ڪٿي به مايوس ناهي ٿيڻو. اڄ تون ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“

هو خاموش هو. مان ڳالهائيندو رهيس.

” لنڊن جي روشنين ۾، ريجينٽ اسٽريٽ وٽ بيٺا هياسين جو ڪنهن ڳالهه تان مون توکي چيو هو يار! اسان جو ته قدر ئي ڪونهي. تو دانهن ڪري چيو هو ته يار هتي لنڊن ۾ به اِهو پاڻ وارو پراڻو جملو! هت ته ائين نه چئه. هيءَ روان دوان زندگي ته ڏس. اِهو پراڻو رڪارڊ ته نه وڄاءِ .“

اشفاق کِلي پيو. سندس اُداسي گم ٿي ويئي.

***

لنڊن وارن ڊاڪٽرن باءِ پاس نه ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه وقت گاڏيءَ کي هلاءِ. ٽن هفتن کان پوءِ واپس پهتس ته سِڌو اشفاق وٽ. آرامي هو. خيرپور واپس پهتس ته اسٽيشن تي سڄي يونيورسٽي ۽ شهر جا ماڻهو نئين حياتي ملڻ تي آجيان ڪرڻ آيا هئا. يونيورسٽي پهتس ته ڪي ڪاوڙيل يار افسوس ڪري رهيا هئا ته جيئرو ڇو موٽيو. هنبو ڇي هڻي ڌرڻو ماري ويٺا. رنج ٿيم. جنين ڪاڻ چار سال ڏينهن رات ڪري محنت ڪيم، دل جو درد پرايم، اڄ اَرها آهن ته جيئرو ڇو آهي هن جهان ۾! جلد واپس ڪراچي پهتس ته پُنهل کي دانهن ڏيان. ڏوهه نه گناهه، بس هن کي ڏيهه نيڪالي ڏيو!

دل جي تڪليف وڌي ويم. اشفاق وٽ پهتس، تيئن وسامي ويس، ڇو ته هاڻ هُو ڳالهائڻ جهڙونه هو. منهنجو داستان ٻُڌندو رهيو آهستي ڀُڻڪيائين، ”اُڙا ڪي رک ديا. فڪر نه ڪر. ڏس مان به ته آهيان.“ اکين ۾ ڳوڙها هيس. سندس جنگ جاري هئي. منهنجي اندر روشني جاڳي. مون ڀڻڪيو ”منهنجي به جنگ جاري آهي.“

هو مُرڪي پيو.

هُن وري نه ڳالهايو، خاموش رهيو. ڪوما هئي يا ڪو ٻيو درد. مهينا بيوس هيو، پر سندس چُر پر ۽ جياپي لاءِ وَس سندس اڏول ارادن کي ظاهر ڪري رهيا هيا.

اشفاق تڏهن سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر هيو. خبر پيم ته بدلي ٿي اٿس. فون ڪيومانس،چيائين: ” ڏٺئه، صحت ۾ رولو ڏٺائون ته چيائون هاڻ ڪنڊ پاسو وٺي گورنر هائوس ۾ ’سيڪريٽري -2‘ ٿي وڃي ويهه. نوڪريءَ جو اِهو حال آهي. نپوڙي تباهه ڪن، پوءِ چون ته هاڻ اوهان جي ضرورت ناهي. ٺيڪ آهي، منهن ڏبو. شام پهچ، جرڳو وهندو. صورتحال تي غورڪبو.“

شام تائين ڪراچي پهتس. سليم ۽ ناصر کي کنيم. حاضري اشفاق جي گهر ڀرڻي هئي. سندس بيٺڪ اسان جي بيٺڪ هئي. ملياسين، جرڳو ويٺو، اوڀاريون لهواريون ٿيون. مون تڏهن به کيس مايوس نه ڏٺو. ” يار نه گاڏي جي سهوليت، نه نوڪرن جي، نه وري آفيس.ٺيڪ آهي، منهن ڏبو.“

هو ڪڏهن به هيڻو نه هُيو اڄ هيءُ ڇا هو، بيوس آهي. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي جنگ لڙي رهيو آهي. هُن آڻ نه مڃي هئي. اڄ اجهو خبر ملي ته هُن هٿيار ڦٽا ڪيا.موت زندگيءَ کي شڪست ڏني! هن جو نفيس نازڪ جسم، جنهن هميشه ڪلف لڳل شبلمي پهراڻ پهريا هيا، سهڻا نفيس سوٽ پاتا هيا، سندس خوبصورت چهري تي هميشه گنڀيرتا، مُرڪون ۽ ٽهڪ هيا، اڄ هن مهل تائين مٽيءَ ۾ مٽي ٿي چڪو هو. هُن کي موت شڪست ڀلي ڏني هجي، پر هو مون کان اُن ننڍڙي ٻار وانگر گوءِ کڻي ويو هو ۽ اڄ به اڳ ۾ هليو ويو هو.

مون آهستي آهستي اکيون کوليون. انٽر ڪام کنيم. ”بابا، ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ ڪرايو شام واري فلائيٽ ۾.“ اوچتو در کليو.

”سائين ماڻهو بيٺا آهن، موڪليان“.

” نه، چانهه کڻي آ.“

ڪمري ۾ خاموشي هئي. خاموشيءَ کي به هڪ قوت ۽ وزن ٿئي ٿو. ماڻهو کي ائين لڳندو آهي ڄڻ سمنڊ جي تهه ۾ هليو ويو آهي ۽ مٿس پاڻي جا مڻ وري ويا آهن ۽ وڃي ٿو اُنهيءَ وزن ۾ دٻبو. اُٿي وڃي صوفا تي ويٺس. يادگيرين جا انبار هيا.

سن 1956ع . لوڪل بورڊ جو ڊاڪ بنگلو. مئٽرڪ جي تياري. پڙهيم پئي ته در تي ٺڙڪو ٿيو. جيسين اُٿان، وري زور سان جافري وارو دروازو لڏڻ لڳو. ٻاهر نڪتم. هڪ سهڻو سيبتو نينگر سائيڪل جهليو بيٺوهو. تڪڙو وڃي ڀاڪر پاتومانس.

1947ع جا ٻار وڏا ٿي چڪا هيا.

” سڃاتئه“

”اِها به ڪا ڳالهه آهي! تون ننڍي هوندي کان ئي مون تي اثر انداز رهيو آهين. تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هاڻ ته تون منهنجي لاءِ Legend ٿي ويو آهين.“

هو ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

” توکي سائيڪل هلائڻ ايندي آهي؟“

مون ڪنڌ هيٺ ڪيو. هاڻي به هو مون کان اڳ ڀرو هيو.

” ويهه ته مان توکي گهمائي اچان.“

هُن مون جهڙي ٿلهي ٿنڀري کي سائيڪل تي اڳيان وهاريو. قد جو ننڍو، مون کان گهڻو هلڪو، پر طاقت ۾ شايد مون کان گهڻو هو. ائين سائيڪل ڊوڙائيندو، سول لائين صدر گهمائيندو هليو. سندس ڳالهيون مون لاءِ عجيب هيون. نوجوانن واريون، ڪيترن رازن تان پڙدو کڻڻ واريون ۽ مون کي ڪيترن اسرارن کان آگاهه ڪرڻ واريون. واپس پهچايائين. هو ته نه پگهريو هيو پر مان پگهريل هيس. هو ڪجهه وقت ڊاڪ بنگلي واري گهر ايندو رهيو. مان هر ڀيري سندس سحر ۾ گرفتار ٿيندو رهيس. هو مون کي پاڻ کان وڏو قدآور ۽ قوت وارو هڪ يوناني ديوتا لڳو. اوچتو هو گم ٿي ويو. ڪڏهن واٽ ويندي ملاقات ٿي ته ٺيڪ، نه ته بس. خبر پيم ته هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي ٿو. يونيورسٽي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي.

***

اسان ڇوڪراڻي وهي کان نڪتاسين ته ادبي وهنوار سان وڃي لڳاسين. سنڌي ادب جو وڏو ميل ”روح رهاڻ“ کوڙي چڪا هياسين. هڪ ٻه دوست ساڻ هيا. ڪم جي گهڻائي، دڳ ڪجهه سونهون ڪجهه اڻ سونهون ۽ منزل ڏور! گهڻو ڪجهه اڪيلي ڪرڻو پئي پيو. هڪ ڏينهن پريشانيءَ ۾ ويٺو هئس . ٽپالي 19- روپ محل تي هڪ خط ڏئي ويو. هُن جو خط هيو. هو روح رهاڻ جي مواد ۽ سيٽ اپ مان مطمئن نه هو، هُن کي منهنجي تڪليفن جي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي. خط ۾ ادبي حوالي سان جيڪي ڪجهه لکيل هيو، مون لاءِ وڏي وَٿ هئي. اشفاق جو منهنجي آڏو هيءُ مختلف روپ هيو. ايڏي ڌيرج ۽ گهرائيءَ سان هيءُ خط لکيل هيو جو مان پاڻ روڪي نه سگهيس. هاڻ مون کي سائيڪل هلائڻ ايندي هئي. سائيڪل کڻي سندس لکيل

ايڊريس تي وڃي فريد محلي پهتس. هڪ ننڍڙي جاءِ هئي. در کڙڪايم. هڪ نينگر نڪتو. هُن مون کي جاءِ جي لنگهه ۾ پيل کٽ تي وهاريو. هو آيو، هو وڌيڪ سهڻو سيبتو پئي لڳو. اُجرو شبلمي پهرائڻ پهريل. ڀاڪر ۾ ڀريائين ته سندس سڪ ۾ سچائي ۽ پختگي ڀانيم. گڏ ويٺو ته سمجهيم ته هيءُ اشفاق ٻيو ڪو اشفاق هيو. مون کان گهڻو مٿي گهرو، سنجيدو ۽ ادبي مسئلن کان آگاهه. حياتيءَ جي باري ۾ واضح نظريا، مون پاڻ کي هن جي آڏو سيکڙاٽ ڀانئيو. هو اندر ويو، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ ٻوڙ کڻي آيو. کٽ تي ويهي کاڌي سين. انهيءَ گڏجاڻي اسان جا ناتا پختا ڪري ڇڏيا. هو مون کي ٻڌندو رهيو، آٿت ڏيندو رهيو. پوءِ هو مون کي اندر وٺي هليو. سندس والد صاحب قاضي سچيڏنو ڏٺو هيم ۽ سندس نانءُ ٻڌو هيم. منهنجو والد سيٺ محمد اسماعيل سندس زيردست رهيو هو ۽ هو سٺا دوست پڻ هئا. ساڻس گڏ ويٺس ته ڪپاٽ کُلي ويا. سندس والده عزم ۽ همت واري خاتون لڳم. ڊپٽي ڪمشنريءَ وارا دؤر ڇڏي، هن ننڍڙيءَ جاءِ ۾ ويٺا هيا. قاضي سچيڏنو صاحب رٽائر ٿيڻ وارو هيو.نه وٽس بنگلا هيا ۽ نه محل ۽ ماڙيون. وڏي جگر وارو ماڻهو هيو. عيال وڏو هين، پر ٻنهي ڄڻن جنهن همت سان ٻار پڙهايا پئي، اُها وڏي ڳالهه هئي.

”بابا! هاڻ تون اڪيلو نه آهين تو هيءُ وڏو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي سجاڳي ۽ ڀلائيءَ لاءِ نوجوانن جي هن سٿ ۾ اسين به شامل آهيون.“

هُن پوءِ پنهنجن سڀني ٻارن کي سڏ ڪيو: ابرار، اعجاز، ارشاد، امتياز، نسيم ۽ نشاط، سڀني کي حڪم جاري ٿيو.سڀ ڪم ۾ جنبي ويا. ”روح رهاڻ“ جو نئون دور شروع ٿيو.

اشفاق سليم سان گڏ اچي ٻانهن ٻيلي ٿيو. نينگرن ۽ نينگرين، روح رهاڻ جو ڊسپيچ ڊپارٽمينٽ کنيو. نسيم ۽ نشاط ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. نسيم ته اڳ به لکندي هئي. اشفاق اسان جي لڏي ۾ اچي شريڪ ٿيو. سليم، غياث، ناصر ۽ امداد - هڪ ٽيم ٺهي ويئي. ”روح رهاڻ“ ۾ تبديليون اچڻ لڳيون.

اشفاق پهريائين ڪهاڻيون ۽ جديد ادب جي مسئلن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا، سندس نگاهه گهري هئي حياتي جي هر رُخ تي سندس ڊگهي نظر هئي. هُن هڪ ڏينهن مون کان پڇيو:

” مان ماهوار ڊائري لکڻ ٿو چاهيان، تنهنجو ڇاخيال آهي؟“

”ڇو نه!“

” پر هيءَ ڊائري تِکي ۽ ڪَڙي هوندي!“

” روح رهاڻ گهٽ تکو ۽ ڪڙو آهي؟“

” تون گهٽ آهين.“

” مان توکان ته الڳ نه آهيان.“

 هو کلي ويٺو. ائين ” جوڳيءَ جي ڊائري“ جنم ورتو. ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ته هيءَ ڊائري ڪير لکي ٿو؟ سندس شرط اهو هو ته اِها ڪنهن کي به خبر نه پوڻ کپي ته ”جوڳي“ ڪير آهي.

جوڳيءَ ملڪ ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا. حيدرآباد شهر ته مٿي تي کڻي ڇڏيائين. ايل ايم. سي. هجي يا يونيورسٽي يا ڪورٽون ، ڳلي هجي يا روڊ، سئنيمائون هجن يا فنڪشن، سندس قلم جي تکي نوڪ کان ڪير به بچي نه پئي سگهيو. هُن جي سماجي ۽ اقتصادي پهلو کان به نظر تيز هئي. آرام آرام سان ڳالهه چوندي، آخر ۾ جڏهن چوندو هو ته اِها جوڳيءَ کي خبر نه هئي ته ڳالهه پڙهندڙ جوهنيانءُ وڃي وٺندي هئي. جوڳي هر پاڙي، هر گهٽيءَ، هر گهر هر اداري جو رازدان هو. سندس آزاد ۽ بيباڪ قلم کان ڪئين ڏڪندا هيا. هر محفل ۾ سندس چو ٻول هوندو هو ۽ هر هڪ ڊڄندو هو ته ڪٿي جوڳي موجود ته نه آهي! جوڳي شروعاتي ڪالمن ۾ ته وڏن اديبن کي به نه بخشيو. وڏا بحث ڇڙي پيا. ”روح رهاڻ“ جا صفحا ڀرجي ويا. هونئن به هر مهيني ۾ ڇپيل خطن ۾ اڌ کان مٿي خط”جوڳيءَ جي ڊائري“ متعلق هوندا هيا. محترم عبدالله چنه، رسول بخش پليجو، هادي بخش، سليمان شيخ، غلام سرور کيڙو شمس جعفراڻي ۽ ٻيا مستقل تبصره نگار هوندا هيا. جيجي چنه ۽ محترم عبدالله چنه جن سان ابي امان وارو رستو هيو. هنن جي گهر جو ڀاتي هيس، پر پڇاڙيءَ تائين هنن کي خبر نه پئجي سگهي ته جوڳي ڪير آهي. اڄ تائين به سواءِ ڪن ويجهن دوستن جي، ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هن قسم جي زوردار، فڪر انگيز ۽ بيباڪ ڪالمن جوخالق ڪير هو. سنڌي ادب ۾ هُن جو نالو ڪٿي به لکيل نه آهي، پر منهنجي لاءِ هو وڏو ليکڪ ۽ انقلابي فڪر جو ڌڻي هيو. تمام ٿورن دوستن کي خبر آهي ته ” جشن روح رهاڻ“ جي بنيادي تصور جو خالق هيءُ شخص ئي هو. پهرين ئي جشن ۾ پاڻ هر هڪ انتظام ۽ سار سنڀال ۾ مون کان اڳرو هيو. سندس ننڍا ڀائر ابرار، اعجاز، ارشاد امتياز منهنجي ڀاءُ شمس سان گڏ جهنڊين لڳائڻ، روح رهاڻ جي رسالن ۽ زندگي پبلڪيشن جي ڪتابن جي نمائش جي سينگارڻ لاءِ بسنت هال ۾ راتيون جاڳي هر شيءَ کي سينگاريو ۽ سنواريو. اشفاق رسالي جي وڪري لاءِ هر هڪ کي اپيل ڪندو رهيو ۽ وڪري جي نگراني ڪئي.

ٻئي جشن تي ڪئلينڊر جو آئيڊيا ڏنائين. هر صفحي تي روح رهاڻ جو ٽائٽل هو ۽ اُنهي سال جا ٻارنهن ٽائٽل هيا. ڪٿي به هُن مون کي مايوس ٿي ويهڻ نه ڏنو. سندس مهربان والد صاحب ۽ گهر جا سمورا ڀاتي ” روح رهاڻ“ فيملي جا ڀاتي هيا.

1965ع ۾ مون فوڪس ويگن ورتي. فيصلو ٿيو ته سنڌ جو دورو ڪبو.

سليم ريڊيو تي نيوز سيڪشن جو انچارج هيو. جنهن شام اسان روانا ٿيون پيا، سليم خبر هلائي ته ” اڄ اديبن جي ٽولي سنڌ جي دوري تي رواني ٿي.“

سليم، ناصر، امداد ۽ مان اشفاق کي گهران کڻڻ لاءِ پهتاسين. مان سيکڙاٽ ڊرائيور هيس. اشفاق کي گاڏي هلائڻي هئي. هو اڃا گاڏي ۾ ويٺو مس ته اندران نينگرين حرڪت ڪري هڪ چٺي موڪلي:

”ٽولي؟- ٽولي؟- ٽولي؟-ڇا جي ٽولي- اديبن جي يا--- ها--- ها ... !“

اشفاق ٽهڪ ڏنو.

 اندر لهي ويو، اندران وڏا ٽهڪ ٻڌاسين، ڊوڙندو گاڏي ۾ چڙهيو.

” اڙي سليم! ڇا جي ٽولي سمجهي خبر هلائي اٿئي. اسان ٽولي آهيون؟ ڌاڙيلن جي، چورن جي ....!“

اسان سڄي واٽ ٽهڪ ڏيندا هلياسين. اشفاق پاڻ کي ”ڪئپٽن“

ڊڪليئر ڪيو. اسان بار بار کانئس ”ڪئپٽن“ سمجهي پڇندا هلياسين. هاڻي ڪٿي پهتا آهيون، هاڻي ڪٿي آهيون؟ هو اشراف ٻڌائيندو هليو. ڪٿي کٿ نه ٿيو. ڀٽ شاهه جي حاضري ڀري اڌ رات جو موري پهتاسين، جت ناصر مورائي جو بندوبست هيو. چانور ٺري ڳڱ ٿي ويا هيا، جهڙا ڪوهر. خشڪ پٽاٽي جون ٽڪيون . اشفاق پهريون گرهه کنيو ته دانهن ڪيائين : ” نڙي آلي ڪيو.“

Lubricant Please.

مان ڊوڙي گاڏي مان چانهن جو ٿرماس کڻي آيس. چانهه ڏني مانس. ڍڪ ڀري، گرهه هيٺ ڪيائين.

” واهه سائين، تنهنجا رنگ! چانهن، چانور ۽ پٽاٽي جون ٽڪيون عجيب Combinationآهي.“

اسان ناصر ڏانهن ڪُرڙيون اکيون ڪيون: ”ولهه پئي پيئي. دير ڪندؤ ته چانور ڪوهر نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو. مون ڏي ڇا ٿا تڪيو.“

سڀني وٺي وڏا ٽهڪ ڏنا.

ٽهڪن ٽهڪن ۾ وياسين، تنوير وٽ. رشيد وٽ چانهه، فتاح وٽ ڊاٻو، غياثُ وٽ نيرن، مرحوم نسيم کرل وٽ موٽندي نيرن. ائين ٽهڪن ٽهڪن ۾ ورياسين.

اوچتو آفيس جي ڪمري جو در کُليو. سيڪريٽري هو.

” سائين جهاز جو ٽائيم ٿي ويو آهي، سکر پهچڻو آهي“

يادگيرن کڻي ماٺ ڪئي.

***

اشفاق جو ڪراچيءَ وارو سرڪاري گهر. تڏي تي ويٺل خاموش ماڻهو. ابرار. امتياز ۽ فيصل ( اشفاق جو ڪڪو) ڊوڙي مليا. سندن غم پسي مون کان ڏوراپو ڏيڻ نه ٿيو ته مون کي وقت سر ڇو نه ٻڌايو ويو. سندن آليون اکيون پسي، ٻچن جو روئڻ ٻڌي، منهنجيون آليون اکيون سُڪي ويون! دلداري ڏيان پيو، ته هو مون کي دلداري ڏين پيا. افسوس لاءِ ايندڙ دوست ۽ ٻيا ماڻهو ساڻن ملن پيا ته اُن سان گڏ وڌي مون سان ملن پيا ۽ عذر ڏين پيا.

مان تڏي تي ئي ويٺو هيس. سمجهيم ته اشفاق منهنجو رت نه هيو، پر رت جا رشتا سڀڪي نه آهن. پيار خلوص ۽ سچائيءَ جي ساٿ وارو رشتو سڀڪي آهي.

***

تڏي تان اُٿي ناصر وٽ پهتس، جهڄي پياسين، سليم پهتو ۽ سندس بي فڪر منهن تي اڄ ڏک جا اهڃاڻ پڌرا هيا. عذر مون کي ڏنائين. مان روئي پيس. ڳالهيون کُليون ته سندس ٻارن ۽ ڀاڀيءَ جي فڪر ورايو.

”وڏي همت واري خاتون آهي. سڄي زندگي سنڀاليندي هئي. هو ڪي مهينا ڪيئن گذاريائين! مان ته سندس حالت ڏسي نه سگهندو هيس. هوءَ ڪيئن ٻچن کي آٿت ڏيئي سنڀاليندي هئي. هوڪي مهينا خاموش بستري تي هيو. تانيا،مومل ۽ فيصل ڪيئن صبر ڪيو بيٺا هوندا هيا. اها ڀاڀي ئي هئي جيڪا ڇپر ڇانءُ ٿي بيٺي هئي. هاڻ به ڏسجانءِ ته هوءَ ئي ٻچڻ جو ڀرجهلاؤ بڻجي بيهندي. ڀائرن، ڀينرن ۽ ڊاڪٽر عالماڻي وڏو ساٿ نڀايو ۽ وس ڪيا. پر سفر ته کٽڻو ئي هيو. اڄ کڻي انهيءَ باب ۾ پنو وجهي ساهي کڻي سگهجي ٿي. پر باب بند نٿو ڪري سگهجي.“

” اشفاق اسان جي يادگيرين جي سفر جي ابتدا آهي، انتها اڃا ٿي نه آهي. اسين اڃا آهيون يار اسين اڃا آهيون يار.“ منهنجو آواز گهگهو ٿي ويو. مون ساهي کنئي. يادگيرين جي ورقن ۾ ڄڻ ته پنو وڌم. ناصر ۽ سليم چپ هيا.

” مان هلان ٿو سڀان ٽيجهو آهي. سڀان ملنداسين.“

 

تولئه تڪيندي ڏيئا اُجهاڻا

اشفاق قاضي

 

اُها يادگيرين جي ورجائڻ واري رات هئي ۽ مان هيس. ٿانيڪي ٿيڻ لاءِ محترم دوست زاهد بوهري جي گهر پهتس. زاهد انتظار پئي ڪيو. زاهد سابق چيف مئنيجر اسسٽيٽ بينڪ ۽ Rationale of Partition Deemography and Partition of India جو مصنف به آهي ته اسان جي سنگت جي لڏي ۾ تازو چار پنج سال ٿيا ته شامل ٿيو هو. اشفاق سان ڪيتريون ڪچهريون ڪيون هئائين. زاهد جي گهر به محفلون ٿيون هيون، تڏهن زاهد ڊاڪٽر عالماڻي جي فليٽ ۾ رهندو هو. سندس ڊاڪٽر عالماڻي سان گهاٽي ياري آهي.

”زاهد! ڊاڪٽر عالماڻي ۽ ڊاڪٽر نسيم (ڊاڪٽر عالماڻي جي گهر واري ۽ اشفاق جي ڀيڻ) هتي نه آهن ڇا؟“

زاهد ٻڌايو ته ڊاڪٽر عالماڻي ڪنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٻاهر ويل هو.

زاهد ڏاڍو ڏکارو هو.

”نيٺ Drop scene ٿيو.“

زاهد ڀڻڪيو.

”ها، پر پهرين ائڪٽ جو ڊراپ سين ٿيو آهي.“

هُن حيرانيءَ مان مون ڏي نهاريو.

”ٻئي ائڪٽ ۾ مان آهيان.“

”ٻئي ائڪٽ ۾ گهڻائي ڪردار آهن. سليم آهي، ناصر آهي ۽ ڪئين ٻيا. ڪنهن تي ڊراپ سين ٿو ٿئي، ڪهڙي خير؟“

”زاهد، توکي خبر آهي جڏهن مان باءِ پاس لاءِ لنڊن پيو وڃان، تڏهن اشفاق مون کي چيو هو ‘All set’ I think is، ‘All set’ was for me and for only me and not for him

مان روئي پيس. زاهد اُٿي ٻاهر هليو ويو. گهڙيءَ ۾ پاڻي کڻي موٽيو.

ٻه ڍُڪ پيتم. اشارو ڪيومانس ته ويهه.

”زاهد! مون ۽ اشفاق ڪئين دفعا موت کي گڏ ڏٺو هو. هڪ دفعي روپ محل کان فوڪس ويگن ۾ نڪتاسين، گاڏي مون پئي هلائي، جوڳي جي ڪالمن تي آيل تنقيدي خطن تي ڳالهائيندا پئي هلياسين. هيرآباد جي هڪ گهٽيءَ مان جيئن نڪتاسين پئي ته هڪ تيز رفتار ٽرڪ اسان جي گاڏيءَ کي اهڙو زور وارو ڌڪ هنيو جو در کلي ويا. اشفاق ٻاهر وڃي ڪِريو ۽ مان اڌ اندر اڌ ٻاهر لڙڪيو پيو هيس. اشفاق جي امڙ اسان ٻنهي جو صدقو ڏنو هو. ٻئي دفعي ڦليليءَ جي ڪناري ڪاٽڪن ۽ مارين جي ور چڙهيا هيائسين. موت سامهون هيو، منهنجي همت ۽ بهادري ڏسي، مون کي چيو هئائين: ”اڄ مري پئي ها ته.... تون ته جن آهين، ٻين لاءِ ائين مربو آهي؟“ مون کلي کيس جواب ڏنو هو. ”سڄي حياتي قوم ۽ يارن لاءِ وقف ڪئي اٿم، پنهنجي پياري ۽ مٺي لاءِ موت آيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي.“ ڏاڍي ڀروسي سان چيو هئائين. ”ته پوءِ ياد رک، جيسين مان جيئرو آهيان، توڏي موت کي اچڻ نه ڏيندس“ جيسين جيئرو هو منهنجي دشمنن سان ته مهاڏو اٽڪايائين، پر جيڪي دوست دوستيءَ جي آڙ ۾ منهنجا دشمن هيا ۽ هميشه منهنجا ترا ڪڍندا هيا، اُنهن سان ته بنهه نه پيس. چوندو هيو: ”تون ڀلي انهن ڪوڙن دوستن سان نباهه پر مان انهن سان نه ٺهندس.“ انهن سان ڪڏهن نه پيس. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.... جڏهن هٿيارن پنهوارن سان نام نهاد شاگردن منهنجي آفيس ۾ گهڙي مون تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ مون جنهن نموني سان انهن کي منهن ڏنو، اُها سڄي ڳالهه سليم وڃي ٻڌايس. سليم اُن ويل منهنجي آفيس ۾ موجود هيو. جڏهن ڪلاشنيون ۽ پستول مون تي تاڻيا ويا هيا ۽ مون انهن لوفرن کي ‘Now and never’ چئي مهاڏو اٽڪايو هو. اشفاق فون ڪيو.

‘Brave man! Don’t allow Criminals to kill you. You are precious for us’

مون کلي چيومانس:

‘such Cowards cannot kill me. Rest assure I will live for my beloved ones’

جڏهن جڏهن اهڙن گيدين يا نام نهاد دوستن جا پڻ ڪرايل خوني موتمار حملا ٿيندا هيا يا سازشن جا طوفان اٿاريا ويندا هيا ته يڪدم فون ڪندو هيو.

”پيارا ٺيڪ ته آهين نه.“

“Go ahead. No compromise on principles. You are making history”

”دعا ڪر ڏتڙيل سنڌ جي ڏتڙيل اداري کي ٺاهي وٺان، هتي جو غريب شاگرد پڙهڻ چاهي ٿو.“

“I love you. I adore you. Take care.”

خير گيري ڪرڻ ڪيترا دفعا خيرپور به لڙي آيو. ڀڳل پراڻي گيسٽ هائوس تي کِلندو هو: ”اڙي وي سي هيئن رهندا آهن.“

پاڻ ڀلا نفيس ماڻهو، منهنجي ڪمري جي حالت ڏسي منهن گهنجائيندو هو ۽ دڙڪا ڏيندو هو.

‘Don’t tell me you are such a disorganized person’ لنڊن ۾ هڪ دفعو پتلون سان مون کي سمهندي ڏٺائين ته دڙڪا ڏنائين. پئڪنگ مهل ڪمري ۾ پيل ڪچرو پاڻ ميڙيائين ۽ ڳالهاءُ به ڏيندو هليو. فون نه ڪندومانس ته اُٻاڻڪو ٿي پوندو. يڪدم فون ڪندو. هفتو ڏهه ڏينهن ڪراچي وڃڻ ۾ لڳا ته ناراض ٿي پوندو. وڃڻ جو اطلاع ڏبس ته ٽڙي پوندو. يڪدم سليم ۽ ناصر سان پروگرام ٺاهي وٺندو، پهچبو ته منجهند جي ماني آفيس ۾ يا ٻاهر کائبي. شام جو ڪچهري وٽس. ماني وري ڪنهن صاف سٿري هوٽل ۾. سٺي ماني واريون هوٽلون ياد هونديون هيس. سٺي ماني کارائي خوش ٿيندو.

”زاهد ڇا ايتري سار سنڀال لهڻ وارو ڪو دوست توکي نظر اچي ٿو. موت جو ذمو کڻڻ وارو ڪو يار نظر اچي ٿو؟“

”اڙي يار!“ زاهد هميشه جيان جملو چئي اُٿي هليو.

“Your enemies can harm you for a while but cannot kill out spoken and brave Hameed”. مون سوچيو ۽ سوچيندو رهيس. اشفاق مون کان وڌيڪ Out spoken ۽ Brave هيو. هُن ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪيو. اصل ۾ هُن موت سان ويڙهه کاڌي. جيت ڪنهن جي ٿي....؟

مون سوچيو، موت ۽ حيات ته گڏ رهندا آهن. اشفاق جهڙو ماڻهو ڪيئن

مات کائي سگهي ٿو. صبح جو تڏي تي ويس. عبدالله ميمڻ صاحب مليو ته ڀاڪر ۾ ڪا دير جهلي بيهي رهيو. ”اشفاق ۽ تون ڪڏهن الڳ نه هيا. مون کي تعزيت توسان ڪرڻي آهي. ”اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. اُستاد بخاري گذاري ويو، مان چپ ڪري ويهي رهيس ته من ڪو مون سان به تعزيت ڪري. پر اُن عيوض گاريون به کاڌم ۽ مهڻا به. اڄ ڏسان ته مڙيوئي ماڻهو رڙهندا اچن.

ابرار امتياز ۽ اعجاز سان ملي اچيو مون سان ملن ۽ ڀرم رهجي آيم. مانُ مٿاهون ڀانيم. سندس نياڻيون ۽ ڀينر روئندي ڏٺم ته وڌي مٿي ٿي هٿ رکيومان. پنهنجو ڀانئي جهڄي پيون. پئي اشفاق جون ڳالهڙيون چوريونسين. تانيا ته بس ئي نه ڪري. نشاط جون اکيون روئي روئي سڄي پيون هيون. شام جو ٽيجهو هو. راڄ اچي گڏ ٿيو. سندس عزيز ۽ پراڻا ساٿي: هدايت الله جوکيو، امداد جوکيو، اياز جوکيو مليا ته پراڻا چاڪ چڪي پيا. ابرار، اعجاز ۽ امتياز ڦريو پيا ڦرن. کين ڄڻ هوش نه هو. اشفاق جو نينگر فيصل چاپ ڪم ۾ رڌل هيو. سڏيانس ته ويهه، پر ويهي ئي نه. هو ڳوڙها لڪائي ڪم ڪندو رهيو. خيرپور مان آيل اشفاق جو پيارو ڀاڻيجو ’اظهار‘ سڪ سان مليو. مامي اشرف جا نينگر مليا. سڀئي ويڳاڻا ڄڻ اڳواڻ بنا عوام. سليم، ناصر، نثار خواجه، قمر شهباز ۽ ٻيا دوست رڙهي آيا. ماني ۾ اڃا دير هئي. ڪنهن ڪولڊ اسپاٽ تي بوتل پيئڻ نڪري پياسين. اشفاق کي ياد ڪندي هر هڪ جهڄي پيو. قمر پراڻيون ڳالهيون ٻڌائي بس ڪري ته نثار پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائي. ناصر به واري سان ڳالهائيندو رهيو، پر سليم ۽ مان ماٺ هياسين. ٽيجهي جي ماني هلي پئي. سرڪاري گهر وارو لان ڀريل هو. الائجي ڇو مون کي سندس حيدرآباد وارو گهر ۽ اُن جو لان ياد آيو. سندس والده ۽ پاڻ بيهي اُهو گهر ٺهرايو هئائون، ”زبيده ولاز“ نالو رکيو هئائينس. اُن لان ۾ جڏهن سندس ڪٽنب سان ويهندو هئس ته سڀني ڀائرن ڀينرن ۽ والده جي محنت کي ڏسي خوشي ٿيندي هئي. کوکر محلي جي هڪ سادي جاءِ ۾ رهندڙ هڪ خاندان ڪيئن ڪمال کان زوال ڏٺو ۽ ڪيئن گهرڙو اڏيو ۽ وڏي محبت سان ڪمال تي پهتو. ويٺي ويٺي سندن پراڻي پياري خدمت گذار واحد بخش کي سڏ ڪندو هيس، ”واحدو! مينو ۾ ڇا آهي؟“ هو هوٽل جي بيري وانگر ٻه چار شيون ٻڌائي ويندو هيو. ڏاڍي پاٻوهه سان ماني ٻوڙ چانور ٻيا طعام کڻي اڳيان ڪندو هئو. مان يڪدم کيس چوندو هيس: ”واحد بخش اصل مينو ڪٿي آهي؟“

هو کلي دال ۽ ڀينڊيون کڻي ايندو هيو. مون کان کوکر محلي واريون

ڀينڊيون دال نه وسري هئي. اشفاق مرڪي شامل ٿيندو هيو ۽ گهڻيون شيون مون ڏي سوريندو هيو. هن گهر ۾ به سندس پيار سان ماني کارائڻ مون کان نه وسريو هو. ٽيجهي جي ماني آئي. سڀني طعام مون ڏانهن سوريا پر اُهو هٿ نه هو. مون کڻي هٿ جهليو. ٻاهر نڪري بيٺس. اوچتو سندس ويجهي ۽ پياري دوست لمان تي نظر پيم. ڀاڪرين پياسين. يادگيرين جا انبار هيا. ڪهڙا ورجائي ڪهڙا ورجائجن. مون کي لمان جي آفيس ۽ ڪچهريون ياد آيون. آهستي آهستي گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس، مون کي اسلام آباد وڃڻو هيو. دوست حميد آخوند مليم. هو ڏاڍو ڏکويل ته هو پر همدردي مون سان ڪندو رهيو. پونئين ڏينهن ۾ اشفاق سان گڏ بيٺو رهيو. گورنر هائوس وارو وقت حميد آخوند جي اُتي هجڻ سان سولو ڪٽجي ويو. هونئن به حميد آخوند دوستن سان نڀائي ڄاڻي. جهاز جو ماحول اُهوئي هو ڏٺل وائٺل. گس پنڌ جيان. جهاز اُڏاميو ته سمجهيم ته مان پاڻ به اُڏامان پيو. لڳم اشفاق گڏ اٿم.

”ڪاڏي هليو ويو هئين يار!“

”توسان گڏ ته آهيان“

”ويهه ڳالهيون ته ڪر“

”حميد ڳالهيون کوڙ پر وقت کٽي پيو آهي. مهلت ملي ته وري ملنداسين.“

اک کلي پئي، اُت ڪجهه به نه هو. دري مان ٻاهر ڏٺم. ڪڪر دونهين مثل هيا، سڀ ڪجهه دونهاٽيل. لڙاٽيل حياتي جيان. آسمان ۾ به ڪجهه نه هو. اڄ به جڏهن کيس ياد ڪندو آهيان ته وقت جي رفتار کيس دونهاٽيل ڪڪرن ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. سندس وجود هوا جو جهوٽو هوندو آهي، فرحت بخشيندڙ پر جهٽڻ مهل ڪجهه به نه، هٿ خالي.

تو لئه تڪيندي ڏيا اُجهاڻا،

ڇو ڪونه آئين تون رات راڻا!

(اياز)

 

محمد حسين پنهور- هڪ مشن

 

مون جڏهن هُن کي ڏٺو ته هُو ان وقت جوانڙو آفيسر هو. انگريزن وارا ٽوپلا، گهڻو تڻو ڪکائون ٽوپلو ۽ انگريزن ۽ آمريڪين وانگر وڏي شورليٽ يا امپالا يا بيوڪ يا ڪي اهڙيون وڏيون گاڏيون واپرائيندڙ هيءُ هو محمد حسين پنهور، جيڪو زرعي انجنيئر هو ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. مون کيس پنهنجي والد صاحب محترم سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ وٽ ايندي ويندي ڏٺو. بعد ۾ منهنجي سهري محترم عبدالرحيم ميمڻ وٽ به مون کيس ڏٺو، ڇاڪاڻ ته عبدالرحيم ميمڻ صاحب پاڻ به انجنيئر هو ۽ پاڻيءَ جي ماهرن منجهان هو. وقت ويو ڏاڪا لهندو، ڪن لاءِ ڏاڪا ٽپندو، محمد حسين الائي ڏاڪا ٽپي مٿي چڙهيو، الائي ڏکين حالتن ۾ هيٺ به لٿو هوندو، پر هو آخر تائين اهڙوئي رهيو. هڪ اڏول جاکوڙي انسان، جيڪو گرمي سردي ۾ ساڳيو هو. شايد ڄائو هو ته ملائڪ سندس آڏو دنيا جا بهترين ڪتاب کنيو بيٺا هئا. هو آخر تائين ڪتابن جي جهڳٽي ۾ رهيو، جن سندس ذهانت جي حفاظت ڪئي. انگريزي هجي يا ڪا ٻي ٻولي يا پنهنجي مٺڙي ٻولي، فصاحت ۽ بلاغت سان گڏ سندس ڇپر ڇانءُ بڻيو، آخر تائين پنهنجي عقل سليم ۽ هوش حواس سان سنڌ جي خزاني لاءِ ان اُپائيندڙ ڌرتي اُن جي ماڻهن ۽ ان جي ٽيڪنيڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو نون رواجن ۽ اصولن پٽاندر. گرائونڊ واٽر جا مسئلا هجن يا نين پوکن ۽ باغن جا زرعي مسئلا هجن يا نئين کان نوان پراجيڪٽس هجن هر هنڌ پنهنجو ڌاڪو ڄمايائين. مون زراعت ۾ ٻه چار پراڻا نالا ٻڌا به هئا ۽ کين ڏٺو به هو. گهڻو تڻو بابي سائينءَ جا دوست ۽ همسفر هئا. محترم ڊاڪٽر عبدالباقي شيخ، محترم عبدالغني پيرزادو، محترم ڪريم ڏنو راڄپر ۽ ٻيا ڪيترا هوندا، جن ”کيتي سرسيتي“ واري نعري سان گڏ ٻانهن ٻيلين ۽ ساٿ ڌڻين جو ڪردار ادا ڪيو. ان ئي ڏس ۾ جديد دور جي نين مشينن ۽ تحقيق جي روشني ۾ ڪيئي جوان اڳتي وڌيا، پر محترم محمد حسين پنهور جنهن نموني سنڌ جي پاڻي ۽ زراعت جي ترقي لاءِ جا مشعل ٻاري هئي ان جي روشني ڪجهه سرس هئي. ان سان گڏ رهبري ۽ هدايت جا ڪئين رخ جديد تحقيق وسيلي ڏسيا هئائين. ان جي شاهدي سندس تصنيف ڪيل ڳچ سارا ڪتاب ۽ ٻيو ڇڏي ويل مواد ڏيندا. سندس وسيع لائبريري جو هڪ هڪ ڪتاب ساکي ٿيندو ته ان کي چڱيءَ پر واپرايو ويو آهي. محمد حسين پنهور سنڌ جي زراعت ۽ پاڻي جي مسئلن کي جديد دور تائين ان جي جديد حل لاءِ ڪئين ئي نوان حل ۽ نيون رٿون ڪڍندو آيو. ڪن تي عمل ٿيو ڪن کي سردخاني حوالي ڪيو ويو. اسان وٽ سائنسدانن ۽ جاکوڙ ڪندڙ محققن جي کوٽ ضرور پئي رهي آهي، پر سنڌ جي سرزمين بنهه سنڍ نه ٿي آهي، جو هت هر ميدان ۾ محترم محمد حسين پنهور جهڙا محقق پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ پيدا ٿيندا رهندا.

محمد حسين پنهور جديد دور جي نوجوان محققن ۽ سائنسدانن لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ٿو رکي. هو انهن نوجوانن لاءِ ”ايم.ايڇ.پنهور ٽرسٽ“ ٺاهي ويو آهي، جنهن لاءِ هن پنهنجي زمين وقف ڪئي آهي ۽ هڪ سکيا جي مرڪز طور گهر ۽ لائبريري جو عطيو ڏنو آهي.

سندس جيون ساٿي محترمه فرزانه پنهور ساڻس گڏ رهي، انهي ميدان ۾ ڪم ڪيو ۽ سندن مددگار رهي. هاڻ هوءَ به هڪ ٽرسٽي آهي. هن وقت هڪ ٻئي ٽرسٽي سندس فرزند سني پنهور جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. اميد ته هو پڻ هن ٽرسٽ جي وهنوار کي جديد سوچ، فڪر ۽ گهُرجن مطابق وڌائيندو ته جيئن پنهور صاحب جو هن ميدان ۾ اختيار ڪيل مشن وارو پنڌ پورو ٿي سگهي.

ملهه املهه

شخصيت: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

 

عزيزم نادر علي سال ٻن کان چوندو رهيو ته مان سندس والد مرحوم تاج محمد ابڙي لاءِ ڪ مضمون لکي ڏيان. هو مختلف ليکڪن جي مضمونن ۽ تاثرات جون فوٽو ڪاپيون ڪيل ڪٽنگس فائيل ۾ وجهي ڏئي ويو. مون ان فائيل کي هٿ به نه لاتو. ٻيهر ٻيو فائيل وڌيڪ وڌل مضمونن سان گڏ ڏئي ويو. چيائين ته اخبارن ۾ ڇپيل انهن مضمونن ۽ تاثرن کي ڇپرايون ٿا. هاڻي ته ڪجهه لکي ڏيو. نادر علي ۽ سندس ڀائر پنڌ ڪري ٿڪا ۽ مان هر دفعي اڄ سڀان ڪري انهي گهڙي کي ٽاريندو رهيس، جنهن گهڙي مون کي نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ پکڙي ويل يادگيرين کي گڏ ڪري ڪي نوان نقش اُڀاري، انهن خال خال خيالن ۾ انڊا ڀرڻا هئا. مان مير نادر علي کي ٻڌائي نه پئي سگهيس ته، ”عزيزم! پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽي ۽ پاڻي سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

مون چوڻ چاهيندي به نه چيو، ”مان هڪ وڏي وِٿ پنهنجي والد ۽ پنڌ ڪندي جو ڌڪو کاڌم. ڪنهن کڻي ٿي ڇاتي لاتم“. پنهنجي امڙ لاءِ، به نه لکيو آهي. زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ محترم عبدالله چنا يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، حفيظ شيخ، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترا سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ دل کولي نه اٿم، سو محترم تاج محمد ابڙي لاءِ ڪيئن لکان. جنهن سان دوستي نه هوندي به ساڻس جيڪي به ڪچهريون ٿيون انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين ائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هيا مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتابن پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۾ ڀائيوار هجڻ وارو شرف هجي. يا وڪالت، ماسٽري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي. سڀئي اهي ويس وڳا هيا. جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اُجرو رکيو. اهو ههڙي معاشري ۽ سماج ۾ وڏو امتحان آهي.“

اهو اسان سڀني جن به سندس ۽ ٻين ڪيترن مفڪرن، بزرگن ۽ نيڪ نيت هستين جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ڪئي انهن لاءِ دامن پالهو رکڻ ڪيڏو نه پري رهيو آهي. خاص طرح هن زماني ۽ دور ۾ جنهن ۾ اُهي قدر، محبت ۽ سڪ ئي نه رهي آهي جن جا هو امين ۽ سنڀاليندڙ هئا. جيتوڻيڪ بقول گرامي صاحب هر دور ۾ طلسمي ۽ طاغوتي قوتون يلغار ڪنديون رهيون آهن پر جن وٽ به انهي طلسم ۽ طاغوتي قوتن کي ٽوڙڻ جو مسمريزم هو ته اهي ڪوڙ، منافقي، شر ۽ ڏاڍ ڏمر جي طوطن جي منڍي مروڙي، مورڙي ميربحر جي ڀائرن جيان مانگر مڇ کي تهس نهس ڪري ان جي پيٽ مان پنهنجي ڏاهپ ۽ بهادري وسيلي ٽپندا ڪڏندا ٻاهر نڪري ايندا هئا. قدرت ۽ فطرت به انهن جي مدد ڪندي هئي. قدرت جا پنهنجا قائدا ۽ قانون آهن، انهن قائدن قانونن کي سمجهڻ وارن لاءِ، حق، سچ، انصاف، انساني قدرن جي پاسداري ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪونه هو. تنهن ڪري اهڙا سچا، پڪا، بهادر، ڏاها ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا ۽ هن سرشتي جو وهنوار ڪيترن ئي ڏکيائين، مومل جهڙين ماڙين جي طلسمي ناٽن، ناٽڪي رنگ محلن ۾ رهندڙن جي ريب فريب هوندي به هلندو رهي ٿو، جو مالڪ جي اهائي مرضي آهي ان لاءِ هن اهڙا ڪئين محافظ پيدا ڪيا آهن، جن طوفانن ۽ اونداهين ۾ پنهنجي خون جگر جا ڏيا ۽ مشعلون ٻاري حياتي جي ٻيڙي جو سڙهه سنڀايو آهي. حق، سچ ۽ انصاف واري واٽ ڳولي ڦولي اسان لاءِ مشعل راهه بڻيا. ڏسو سچل ڪيئن نه چيو آهي:

پسيو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،

توبهه جي تاثيرسين، ٽري ويا طوفان،

ڏيئي توڪل ترهو، آر لنگهيا آسان،

ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو

محترم تاج محمد ابڙو انهن مفڪر، هستين جيان هن سماج جو عام رواجي هڪ غريب خاندان جو فرد هو، هو انهي وقت کان اڄ تائين مشعال جهليو بيٺو آهي انساني عظمت کي عروج تي پهچائڻ لاءِ چئي ٿو ته، هي واٽ هي پنڌ اٿو. جي جيئڻو آهي ته هيئن جيئو جي مرڻو آهي ته پويان پنهنجي قدمن جا ڪئين نشان ضرور ڇڏي وڃڻا آهن. جيئن ايندڙ نسل لاءِ رهبري جو ڪم ڏين.

هن عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سَنت وارو ڪم پي ڪيو، پر هن ان جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ديس سمجهندو هو. ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو. هو پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو. هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتي جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو، سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز. ڪيئن وقت واريءَ جيان هٿن مان وهي پي وهيو پر هن جي سچائي، ايمانداري کي ياد ڪري شيام جو هي شعر پڙهيو ته، مون کي تاج محمد سائين جيان سندس ساٿي سوڀوگيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ، اياز قادري ۽ ٻيا ڪيترائي ياد آيا.

هي دنيا جهڙي به آهي.

پوءِ به جيئڻ جي آهي!

ڪنهن جي سار ۾ رات وهاڻي

مهڪي ويل صبح جي آهي!

نارائڻ شيام سان گڏ ئي گڏ آهي شيخ اياز، ته ڪامريڊ تاج محمد پڻ. ٻئي ذهني ۽ فڪري طرح هڪ ئي هيا، هو هڪ وائي ۾ چئي ٿو:

”اڃان ٻوڙن هٿ،

پنهنجا نڪتا ڪين ڪي،

لڙهندا وڃن لاهه ڪيئي يارن سٿ،

اڳتي اچڻو آهه ڇا، اها ڪنهن کي ڪٿ،

ڪيئن به هجي جندڙي، آهي وڏي وِٿ....

هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد وڃي کيس پرچايو.

منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستين ۽ ڪامريڊشپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو. نوڪري هن کي ڪجهه وڌيڪ Conscious ڪري ڇڏيو هو، ڪامريڊي نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو. اها هئي انسان دوستي، جو هو پاڻ وڏو انسان دوست هو. ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي، ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ Conscious فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايماندارانه زندگي گذارجي ۽ Person integrity يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايماندار هجڻ سان گڏ ۽ Integrity شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائي ۽ سٺائي کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪجي ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون برايون بندشون پٽ پڌريون ٿي پونديون. پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهبي. سائين تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو. Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀئي Integral parts جهڙوڪ سچائي، هڪڙائي، سربستائي، سمورائي، هيڪڙائي، ايمانداري، سچائي، راستبازي، سپتائي، اصليت نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن، منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجيون ساڻس جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو، ”يار، سڀني انساني براين جو حل، اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، سچ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي. جنهن لاءِ ڪئين ئي سکن ذاتي مسرتن ۽ تمنائن کي مارڻو پوندو.“

هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، محنت، پورهئي، سکن ۽ سهوليتن کان عاري زندگي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي. ههڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو، پر مون کيس هميشه کلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو. هي سڄو سارو ڪتاب سندس حياتي جي گهاريل گهڙين جو طويل داستان آهي. هر ليکڪ جي اک پنهنجي آهي، هن مجموعي ۾ سنڌي ليکڪن جا ڪيئن ئي ستارا پنهنجي قلم جو آب وتاب ڏيکاري چمڪن ٿا. پر ساري روشني هنن هڪ ڪامريڊ تاج محمد جهڙي شمس جوالا مکي کان اڌاري وٺي پاڻ ته چمڪيا آهن پر ان سج جي اهميت کي محسوس ڪرايو جيڪو ڄڻ اڄ تائين چمڪي پيو ۽ ٻري پيو. ليکڪن جا خطاب ۽ عنوان مون کي ان ڪري ڏاڍا وڻيا جو سڀ عنوان سندس خوبين، ڪردار ۽ شخصيت جو مڪمل احاطو ڪن ٿا.

محترم مونس بخاري کيس ”سنڌ جو املهه هيرو“ ڪوٺيو آهي ته محترم جمن جيساڻي کيس ”پنهنجي دور جو هڪ يادگار ڪردار“ قرار ڏنو آهي. محترم مير علي راهمون، ”سنڌ جي امر شخصيت“، محترم يار محمد پلي ”هڪ سدا بهار شخصيت“، محترم محمد ابراهيم جويي، ’منهنجو هم پيشه، هم مشروب ۽ همراز‘ محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ”سنڌ جي ناقابل فراموش شخصيت“، ڊاڪٽر ادل سومري کيس ”فڪري راهن کي روشن ڪندڙ“، ستار ڀٽي، ”سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت“ ڪري سڏيو آهي. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ”هڪ امر انسان“ سڏي سندس پوري امر ڪهاڻي لکي آهي. سائين سوڀي گيانچنداڻي کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي. سوڀو سائين پاڻ ڪامريڊ آهي هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سند ڏني اٿائين. هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي، سنگتي ساٿي جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿي يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. پر سائين تاج محمد، اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متوئي هو انسان دوستي. پاڻ جهڙو تهڙو ائين زماني سازي وارو دوست نه هو. هو دوستي ۾ Intimacy گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Association ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو.

هو سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏڏوکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارا ماڻهو ڪٿي؟ نور عباسي چواڻي، ”ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو نه ته ڀينگ ٿي وئي آهي. دلبر ٻيو مڙئي خير آ واري ڪار آهي“. شاهه سائين اهڙن ڳنڍڻ وارن ماڻهن جو عاشق به رهيو آهي.

هلو هلو ڪورئين جت نپجي نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا!

ان لاءِ ئي ته تنوير عباسي کيس ’روشني جو پهريون ڪرڻو‘، امان شيخ ”سنڌ جو خادم“، انيس انصاري ”هڪ عظيم انسان“ سڏيو آهي. هن ڪتاب ۾ انهن سان گڏ ٻين سنڌي ادب جي وينجهارن ڪئين ئي هيرا لال ونڌيا آهن. سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا، محترم رسول بخش پليجو، محترم هدايت منگي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، برڪت علي آزاد، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، محترم غلام قادر بروهي ۽ ٻيا ڪيترا آهن. جن به ساڻس دوستي ۽ پيار جو حق ادا ڪيو آهي. سندس وصيعت وارن اکرن کي ڏسو ته هن کي دوستن تي ڪيترو نه اعتماد آهي. هن پنهنجي اولاد کي هڪ هدايت ۽ عزت سان جيئڻ جو ڍنگ ڏسيو آهي.

”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن. تنهن ڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا، انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها، البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرورت وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي نه هٽندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن. آئون سندن شڪرگذار آهيان. ”اولاد لاءِ وڏو فڪر رکندڙ اخلاقي ۽ انساني قدرن جي امين هن شخص اهو به چاهيو پي ته درس تدريس سان گڏ انهن قدرن جي منبع مان به کين روشني ملي. محترم انيس انصاري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو. ”ٻارن کي ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هيو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس هڪ ملان رکي ڏيندو هين. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽي جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو“.

سندس پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ لاءِ تنوير عباسي لکيو آهي، ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور، ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هيو. لکيائين ڪونه پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو“.

اهڙي طرح ڪامريڊ سوڀي سندس علمي ۽ ادبي ڪتابن لاءِ چاهه هيئن بيان ڪيو آهي. ”تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو ۽ بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهري بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. جن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو تن ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي جن جا سرگرم ڪارڪن، جمال ابڙو، هري درياني، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هي سنگت ڪافي وقت فعال رهي“. مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالانه ميڙن ۾ ڏٺو. هو هڪ سرگرم ڪارڪن پي لڳو پر هن ڪابه تقرير نه ڪئي نه پير پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو. سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل علم جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي. اها به اهم ڳالهه هئي ته ايتري پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو. مون لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي. هو پهريائين چپ رهيو پوءِ اٿي بيٺو. پنهنجي سفيد پتلون کي ڇڪي مٿي ڪيائين، ان سان گڏ اڌ ٻانهن واري سفيد قميص کي پتلون ۾ سيٽ ڪيائين پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي ڪجھه هيئن چيائين.

”ته پوءِ، ته پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان. پيارا حميد، دوستو، مان علم ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هراول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان. ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادراڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان. ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪيان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪيو. مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو. جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان“.

مون يڪدم اٿي چيو،

”بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي. تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جي همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي ۾ پر ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊيلن وڏيو مچ مچايو آهي“.

مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته، اهڙا مقصد سان واڳيل Devoted ماڻهو ۽ اهڙا مچ ۽ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان.

اڄ جي ادبي ميڙن مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ئي ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون.

نه سي ووڻ ۾ وڻن، ۾ نه سي ڪاتياريون

پسي بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿيئي

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گهڻُ تڻُ انهن اديبن جون آهن جيڪي ڪنهن مقصد سان واڳيل هئا ۽ آهن. ڪي هي جهان ڇڏي ويا آهن. ڪي اڄ به حيات آهن ۽ اڻائي سڻائي پنڌ کي پيا ڏورين، پر سندن اکر اکر ۾ حق، سچ، انصاف، ايمانداري، عشق، Intergrity ۽ Coural ship جو صحيح مفهوم بيان ٿيل آهي. سنڌ اهڙن سچن، پرت وارن پرين سان ڀري پئي آهي، تاج محمد اهڙي قافلي جو هڪ اهم فرد رهيو آهي.

عزيزم نادر علي ابڙي ۽ سندن ڀائرن، ورهين جا ورهيه جاکوڙ ڪري، هي مضمون لکرائي گڏ ڪري ڇپرايا آهن. ڪامريڊ تاج محمد سندن پيءُ ضرور هو پر اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو. جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي. هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهوريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو. انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين زور زبردستين، ناحق، ناانصافين جي مسلسل جلهن ڪري، سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ هو اسان کان ڌار ٿي ويو. اهڙن ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو. ”ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو. ۽ گهڙي پل لاءِ ڪاڏي اٿي ويو آهي“.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org