سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:25

پُربهار شخصيت

عزيزم حسين شاهه راشديءَ جي ياد ۾

ڪي ماڻهو ماس جا هوندي به ڌاتو هوندا آهن. جيئن ڪي پاري جيان ترڪڻا ۽ وهي ويندڙ هوندا آهن، ڪي وري وڄن جيان ٽڙڪاٽ ڪندا حياتيءَ جي روشن پهلوئن تي روشني وجهي، گهڙيءَ پل لاءِ وڃي وري اچي ڌڌڪاٽ سان اوندهه ۾ راهه روشن ڪرڻ لاءِ روشني وجهيو، وري واري جي انتظار ۾ هوندا آهن.

مون، پاري جيان وهي ويندڙ، وزن ۾ ڳرو ۽ چانديءَ جيان چلڪڻو ۽ وڄ جيان اوندهه ۾ روشني ڦهلائڻ وارو هڪ عجب ماڻهو ڏٺو. هو واقعي عجب ماڻهو هو. هو پارو هو ته هو وڄ به هو- پر هو حسين شاهه راشدي هو.

پاري جا گڻ گهڻا ته وڄ جا رخ به گهڻا. حسين شاهه جا رخ به انيڪ ۽ اڻ ڳڻيا. ڪنهن کي چئبو ته حسين شاهه کي بيان ڪر ته هو ڇا آهي ته شايد ائين ڪير به نه ڪري سگهي جو ڇا ڄاڻندو هو ڇا نه ڄاڻندو هو. اها خبر ضرور کيس هوندي يا وري خاوند کي جنهن کيس ۽ هيءُ جهان خلقيو.

ظاهر ۾ هو وڪيل، سياستدان، ڪالم نگار، اديب، سٺو مقرر، سٺو فوٽو گرافر، آرڪيالاجي، انٿروپالاجي جي علم جو ڄاڻو ۽ ٻين ٻن ٽن لاجيز کان واقف- ائين چئجي ته هو هر فن موليٰ هو. مون کي تازو خبر پيئي ته هن غفار تبسم جو هڪ گيت ڪمپوز ڪرائي، سنڌ ٽي.وي لاءِ پروڊيوس ۽ ڊائريڪٽ ڪيو. اهو گيت هن ماهين هيسباڻي جهڙي هڪ آرٽسٽ تي ايڪسپوز ڪيو آهي.

RASHDI’S WORLD“ پروگرام مون نه ڏٺو آهي، پر مهتاب راشدي اُن ڏينهن حسين شاهه جي تعزيتي ريفرنس ۾ ان پروگرام جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي.

هان، توهان مان ڪيترا تعزيتي ريفرنس جي حوالي تي حيران ٿيا آهن. ها سائين، کلڻو ملڻو ٽهڪڻو حسين شاهه پاري وانگر آهستي آهستي ترڪندو لڏندو وهي ويو آهي. وڄ جيان هن دنيا کي کن پل لاءِ روشن ڪندو. وَرُ وَرُ روشن ڪندو پئي ويس وسڻ جا ويس ڪيا. هو جائي اسان وٽ ڪونهي ڪو. شال سندس هيءُ سفر ٻين سفرن جيان سولو ۽ سٿرو ٿيو هجي.

حسين شاهه راشدي سنڌ جي تاريخ يا جاگرافي جو ماڻهو هو، يا سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جو ماڻهو هو، يا سنڌ جي ريتن رسمن ۽ ٻولي جو پاسبان هو، ڇا به هو پر حسين شاهه حسين شاهه هو هو پنهنجو وارو وڄائي ويو، حسين شاهه وَرُ وَرُ يا روز روز نه پيدا ٿيندا آهن. ڪن ماڻهن جي سڃاڻپ سندن باغ بهار شخصيت هوندي آهي. جي حسين شاهه پنهنجي تي اچي ته محفل گل و گلزار ڪري ڇڏي.

حسين شاهه محفل ۾ ويٺو هجي- غلام رباني، اياز راشدي، مولوي عبدالواحد سنڌي، مولانا گرامي، نياز همايوني، مومن مليرائي يا ڪنهن به اهڙي ماڻهو کي ڏٺو جنهن سان محبت هوندي هيس ته سندس طبيعت ۾ هڪ مستي اچي ويندي هئي. پوءِ سامهون واري ۽ هن جي وچ ۾ چرچن ۽ جملن جي جُلهه هوندي هئي. ٽهڪڙا هوندا هئا ڪير وچ ۾ پوي؟ پر جي حسين شاهه سنجيدو ٿئي ته ادب جا واهڙ وهائي ڇڏي. کيس ورثي ۾ مليل ڏات جهلڪيون پسائيندي هئي ۽ شاهدي ڏيندي هئي ته کيس سائين علي محمد شاهه راشدي وٽان علم ۽ ٻولي ۽ فڪر جا ڀنڊار مليل اٿس ته چاچس پير حسام الدين راشدي وٽان تاريخ جا ماڳ ۽ مڪان، ان جي تحقيق ۽ زماني جو فڪر انگيز عملي فلسفو ملي ويو اٿس، جو اڄ هو حسين شاهه راشدي آهي.

سندس خاندان جي وڏي پرِمهمانوازي هئي، جيڪا خاص طرح پير حسام الدين کان کيس ورثي ۾ ملي هئي. هو ڪلهه اسان وٽ پنهنجون وڏڙن جي سانڍيل قديم نوادرات مخطوطات، شاندار لائبريري ۽ علم ادب جي ڀنڊار جي محافظ جي صورت ۾ موجود هو ۽ اڄ هو سڄو خزانو ڇڏي راهه رباني وٺي هليو ويو آهي! هن پير حسام الدين سان ڪيل واعدا پاڙيا ۽ سندس هر شيءِ سانڍي، سندس حال ۽ ماضي کي سانڍيو. هاڻ ذميواري آهي سندس وارث علي رضا جي، جنهن کي هيءُ قومي ورثو سنڀالڻو آهي. سندس والده شميم حسين شاهه به ان علمي خزاني کي واهه جو سنڀاليو آهي. هاڻي اميد ته علي رضا کي همٿ ڏياري، هيءَ جبل جيڏي زندگي گهارڻ لاءِ تيار ڪندي ۽ مون کي يقين آهي ته جلد ٻيو حسين شاهه نڪري نروار ٿيندو. 

منهنجو ساٿي منهنجو دوست

شخصيت: حفيظ شيخ

 

مون ته ائين ڄاتو آهي ته هر ڪا ڄاڻ تجربي سان لاڳاپيل آهي ۽ اها ٻار جي ڄاڻ هجي، جيڪو بائوءَ جي هائوءَ ۾ خوف کان واقف ٿئي يا کڻي وڏي جي ڄاڻ هجي، جيڪو وڏو ٿي خوف سان گڏ اميد سان پڻ روشناس ٿئي ٿو. اسان جو هاڻوڪو ڪهاڻيڪار پڻ تجربي جو محتاج آهي. زندگي جي هڄ هڄان ۾ جنهن به جذبي کان هو آشنا ٿئي ٿو، اهو نئين ڪهاڻي بڻجي اسان تائين هڪ پيغام جي صورت ۾ پهچي ٿو، اهو جذبو يقيني طور سان نيڪ نيتي ۽ خلوص جي آڌار تي ٻڌل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڪهاڻيڪار انهي سماج جو فرد آهي، جنهن جي تارازي کوٽي ۽ وَٽ پڻ ڪوڙا آهن.

همعصر ڪهاڻيڪار منهنجي خيال ۾ ڪهاڻيڪار بڻجي ئي تڏهن ٿو، جڏهن سماجي گهٽ وڌايون مٿس اثرانداز ٿين ٿيون، حفيظ شيخ به انهن ڪهاڻيڪارن مان هو، جيڪو ڪي جَڳ ته ڌڪاريل رهيو ۽ ڪو وقت وري اهڙو هيو جو، سندس رڙ واڪن کي ڪنهن به نه ڪنايو، جيتوڻيڪ اسان جي ڪهاڻيڪارن هن دور ۾ مبلغ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. شايد ان لاءِ جو سماج سڌارڪ مبلغ هئا ئي ڪونه، يا ٿيندا ئي ڪونه آهن. پر حفيظ يقيناً مبلغ ڪونه هو. کيس لکڻ جو ڏانءُ ته هو پر ان سان گڏ سندس خيالن جي پهچ جيتري تکي ۽ ڪڙي هئي، ايتري مون اڏيءَ تي ڌڪ هڻندڙ ڪاتيءَ جي تکائپ به نه ڏٺي هئي. مون پهرين پهرين سندس ڇرڪ ڀرائيندڙ ڪهاڻي: ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ پڙهي، ته مون کي يقين ٿي ويو ته هي انهن ڇرڪ ڀرائيندڙ ڪهاڻيڪارن مان نه آهي جيڪي رڳو پيغام پهچائين ٿا، پر حفيظ جي جي هيءَ ڪهاڻي سڌوسنئون ڏس پئي ڏئي ته اسان کي ڪرڻ ڇا گهرجي؟ حفيظ جي لکڻيءَ جو ڇهاءُ هيانءُ ائين محسوس ڪندو آهي جيئن ڪو ڏک ويلي من پرڀائي ۽ دل وٺڻ جي ڪري. سندس ڪهاڻي، ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ هن ترقي يافته، منطقي، سائنسي ۽ فلسفي واري دور کي ڪيئن بي حس ثابت ڪري ٿي، اهو پڙهڻ وٽان آهي. اهو سڀڪجهه ائين لڳي ٿو جيئن روبوٽ انساني جذبي، خلوص، قرب، محبت ۽ پيار کان آشنا نه هوندو آهي. حفيظ جي ڏس ڏيندڙ، هينئون ڇهندڙ ”امان، مان اسڪول نه ويندس“ وانگر ٻارن جي ذهني طرح وڏائپ جو اهڃاڻ ڏيندڙ سندس ٻي هڪ ڪهاڻي آهي: ”ڀُلي پيو ڀاڳ“، ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“ هڪ ٻار جي ڪهاڻي هئي، ”ڀُلي پيو ڀاڳ“ ٻن ٻارن جي ڪهاڻي آهي، پر مون کي لڳي ٿو ته هي انهن سڀني ٻارن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي سماجي ڏاڍائي ۽ اهنج ڪري بغاوت ڪن ٿا. ڪو مرندي مري وڃي ٿو پر اسڪول نٿو وڃي. ڪي وري معاشي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ استاد جي گهران چوري ڪن ٿا، جو سندن نظر ۾ ته هو سرمائي جي علامت آهي. پر حقيقت ۾ سندن ئي ولر جي وٿ آهي ۽ ائين ٻنهي نينگرن جو ڀاڳ ڀُلي پوي ٿو: ”ڀَلي پيو ڀاڳ“ پوري ٿيڻ سان ذهن وري به ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ سڄو

زهر ٿيو پوي ۽ تلخيءَ جو احساس ٿئي ٿو. حفيظ شيخ جي قلم جي ڪڙاڻ تڏهن وڌيڪ وڌي ويئي، جڏهن هن هڪ ڪهاڻي ”هزماسٽرس وائيس“ لکي، جيڪا ايڏي ته ڪڙي ۽ تيز هئي جو حفيظ پاڻ ڪهاڻيءَ جو سب ٽائيٽل ڏنو هو: ”پهرين ڪڙي ڪهاڻي“. مون کيس سماج جي گهٽ وڌاين، ڏاڍاين ۽ براين جي سلسلي ۾ جنهن نموني سان زهر اوڳاڇيندي ڏٺو آهي، تنهن مان ظاهر اهوئي ٿئي ٿو ته ان يار به ڄاڻ لاءِ، تجربي جي زهر جا پيالا پُر ڪري پيتا آهن ۽ وقت اچڻ تي هو اهو زهر اوڳاڇي ٿو ۽ اسان کي خبردار ڪري ٿو ته اُن زهر کي اول ته نه پيئو، جي پيئو ته سقراط جي زهر جي پيالي وانگر پيئو. حفيظ سڄي ڄمار حق پرستي ۽ سچائي لاءِ ويڙهه جاري رکي، ان سان گڏ پيار محبت جي رُڃ ۾ جيئن روح روليو هو، تيئن پڙهندڙ کي به انهيءَ رُڃ ۾ رلائيندو رهيو، حفيظ شيخ جي اهڙي جذبي جو ڏيکاءُ وڌيڪ پسڻو هجي ته سندس ”آتم ڪهاڻي“ جا چند ورق پڙهجن. هيءَ آتم ڪهاڻي مختصر هوندي به طويل آهي. ڪو ماڻهو پنهنجي باري ۾ ايڏو سچو ۽ کرو ٿي سگهي ٿو، اهو پسڻ لاءِ سندس ”آتم ڪهاڻي“: ”سليا ڪنهن نه سوال“ اسان کي هڪ اهڙو فرشتو پسائي ٿي، جيڪو هن ڌرتيءَ تي اچي ڪِريو آهي ۽ ويڳاڻو ٿيو در در سچ ۽ حق جا ڏس پيو ڏي. سندس انهن ڏسن پنڌن اسان کي هميشه اُهي ڏينهن ڏيکاريا جو اڄ به، سندس ڏسيل واٽ وٺيو وڃن پيا ۽ لڳي ائين ئي پيو ته حفيظ وانگر اسان جي حياتي به مختصر آهي، پر وئي پڄاڻان به ماڻهو اسان کي گهٽ، پر حفيظ کي وڌيڪ ياد ڪندا جو سچ، حق، قرب، پيار ۽ امن جو دڳ سڌوسنئون ڏيکاريندڙ اهوئي شخص هو، جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ تکاڻ ڪڙاڻ، جي آندي ته ايتري جو وهه جا مٽ به کٽيو وڃن- جي امن، پيار، قرب جي ٻولاچاري ڪجي ته اڄ به حفيظ جا مصريءَ جهڙا ٻول وسرن نٿا.

جيل جي هڪ رات

حفيظ شيخ جي ياد ۾

جيل جون يادگيريون به عجيب آهن، ڪي وسريل ياد اچيو وڃن، ڪن دل تي اُڪريلن کي به ميسارڻو پوي ٿو. حفيظ انهن ماڻهن مان هو، جنهن کي مون جيل وڃڻ کان اڳ دل تان ميسارڻ جي ڪئي هئي، پر جيل وڃڻ کان پوءِ، هو چٽي نقش وانگر دل تي اُڪرجي بيٺو. مون هن کي تڪليف ۾ ياد ڪيو ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس عادت هئي ته تڪليف ۾ کِلندو ۽ ٽِڙندو هو، خوشيءَ جي گهڙين ۾ خاموش هوندو هو. سندس ڪي ڳالهيون دل تي جڏهن چڙهي اينديون هيون، تڏهن مان ڪن يارن کي حفيظ جي باري ۾ ٻڌائيندو هوس. اُن جو اثر انهن ايترو ته ورتو جڏهن مان سنڌ ۾ هلايل ادبي هلچل تي ڪجهه لکڻ ويٺس ۽ اُن ۾ نمايان شخصيتن کي ورقن تي آڻڻ شروع ڪيم، تڏهن هنن ڏٺو ته حفيظ تي لکڻ مهل منهنجو قلم نهايت ئي پُرخلوص ۽ اثرائتو هو. اُن تي ڪنهن يار چيو، ”حفيظ ايڏو ته اهم ڪونهي، جيڏي تون کيس اهميت ڏين ٿو.“

ان تي مون کيس وراڻيو هو ”حفيظ نه رڳو مون لاءِ اهم آهي، پر هو سڄي سنڌ لاءِ اهم آهي. جڏهن هو نه هوندو ته، سنڌ هن لاءِ واجهائيندي.“

اڄ اسين سڀ حفيظ لاءِ واجهائي رهيا آهيون. حفيظ اڄ سنڌ ۾ ڪونهي، پر سندس قلم جي تکائي، ڪڙائي ۽ رواني سنڌي ادب جو نَڪ آهي. سندس ڪهڙيون ڪهاڻيون ياد ڪجن، ڪهڙا ادبي خط ياد ڪجن، ڪهڙيون صلاحون، ڪهڙا رايا، ڪهڙيون ڪوششون ياد ڪجن، هو نسورو ”يادگيري“ آهي، جيڪا اسان جي سيني ۾ وَرُ هنيو ويٺي آهي. سندس وفات کان پوءِ ساڻس هر لاپرواهي ضمير کي جڪڙيو وجهي.

مون کيس جنهن نموني ۾ به ياد ڪيو، اُهو منهنجو ذاتي سرمايو آهي، اڄ مان ان سرمايي جي سپ کي اوهان آڏو کوليان ٿو.

هي ٻه اکر حفيظ جي حياتي ۾ جيل ۾ هڪ رات جو، جهڪي روشنيءَ ۾ لکيل آهن، پر سندس ياد جو ڏيئو ان وقت به مون وٽ روشن هو ۽ اڄ به روشن آهي.

حفيظ شيخ جيترو قد جو ننڍو، رنگ جو جهڪو، اوتروئي ذهني طور

بلند ۽ من جو روشن ماڻهو. سندس ملاقات جيجي زينت چنا وٽ ٿي، کيس

مون اتي ڊاڙون هڻندي ڏٺو، سندس بعد ۾ ٿيل ملاقاتن مون تي اهو ظاهر ڪيو ته، سندس انهن ڊاڙن ۾ به معنيٰ ۽ ڪا حقيقت آهي.

هڪ تيز ۽ تکو ڪهاڻيڪار، سندس قلم ۾ تکائي، ڪڙائي، مس جي جاءِ تي ڀريل آهي. سندس لکيل ڪهاڻيون ۽ Confessions سندس ڪردار جو آئينو آهن. رک رکاءُ جو اصل ڪونه. ياريءَ جو جيترو سولو، اوترو ڏکيو، ٻئي کي ايترو ستائيندو. ايترو ستائيندو جو جيڪر ٻيو ياري ڇڏي ڀڄي وڃي. پر اوتروئي تڪليف ۽ ڏکائيون برداشت ڪرڻ لاءِ تيار- وقت پيو ته جيڪي هوندس، حاضر ڪندو. سِر کپيوَ ته سِر به حاضر.

سندس ياريءَ مان يار خوش نه آهن، پر آءٌ سندس ذهن ۽ ڪردار سان پيار ڪيان ٿو. هو لاجواب ۽ لازوال انسان آهي، کيس سمجهڻ لاءِ انساني اک کپي. منجهس اوڻايون به جام آهن، پر پنهنجي اوڻاين جي ڪَل پريان پيئي وانگر اڳيئي اوڻايون ڳائيندو وڄائيندو ايندو. سندس گهاٽا يار سندس منهن تي هڪڙا، پرپُٺ ٻيا... خبر هوندي به خوش ۽ انهن سان اهڙوئي اهڙو.

مون سان سندس ياري آهي، پر پري جي. قرب آهي، پر پري جو، پر مون لاءِ پروڙ ۽ پرک ايتري ته ويجهي اٿس، جو آءٌ به پاڻ کي ايترو نه سڃاڻان، جيتروئي هيءُ جيوُ منهنجي جيون جو جيءُ ۽ وِت ڄاڻي.

وقت پٽاندڙ سندس هلت کيس ڀائيندڙن کي مايوس ڪيو، پر مون کي اميد آهي ته هو ضرور موٽي ايندو، جو سندس ماڳ هي جيجل ڌرتي آهي ۽ ان سان هن جو پيار آهي، جذباتي نه، ظاهري نه، شاعرانه نه، پر Most Realistic جنهن ۾ مون کي سورنهن آنا يقين آهي ۽ سندس تحريڪ لاءِ، تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ ظاهر ڪيل حقيقت پسندانه نظرين اڳتي هلي پنهنجو پاڻ سچ ۽نسورو سچ ثابت ڪيو آهي.

هو جيترو مقبول افسانه نگار آهي، اوترو ادبي حلقن جي غير پسنديده شخصيت به آهي. اُن لاءِ ذميوار سندس ويجها حلقائي آهن، جن ڪنهن وقت کيس ياريءَ ۾ جڪڙيو، هاڻ کيس بدنام ڪرڻ جو سونو کنيو آهي. منهنجي نظر ۾ هُو Group Rivalry جو شڪار آهي؛ جيڪا ادبي حلقن ۾ عام آهي.

تنهن هوندي به سندس چهري تي بشاشت، دوست ۽ دشمن سان هڪ جهڙو ملڻ، سندس عظيم انسان هجڻ جي علامت آهي. هيءَ تحرير لکڻ وقت پاڻ فئملي پلاننگ جو ضلعي آفيسر آهي.

 

فخر لائق سائين ع. ق شيخ

 

ع.ق شيخ کي آئون ادب ۽ مصوريءَ جي دنيا جو ’هيرو‘ تصور ڪندو آهيان. جنهن لڳ ڀڳ اسي ورهين جي ڄمار تائين، ادب ۽ آرٽ جي ميدان ۾ هر محاذ تان جدوجهد ڪري، پنهنجي فن جو علم بلند ڪيو ۽ ڪاميابي ماڻيندو رهيو. فن جو محاذ هجي يا ڪهاڻيءَ جو، آئون گواهه آهيان ته هن پنهنجي فني شهپارن ۽ بهترين ڪهاڻين جي ذريعي رڳو ميدان ملهايا ۽ سرخرو ٿيندو رهيو. ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته، ع.ق شيخ صاحب جا پونئير وڏي فخر سان پنهنجي وڏي ۽ سنڌ جي عظيم فنڪار ۽ اديب جو ڏينهن، پنهنجي ليکي، دل جي تسڪين لاءِ ملهائي رهندا آهن. ۽ ان لاءِ آئون هن جي خاندان کي شاباس ٿو ڏيان.

ع.ق شيخ صاحب بابت جيتري قدر منهنجو مشاهدو آهي هو هڪ ساده سڀاءُ انسان هو. بظاهر سنهڙو سيپڪڙو، پر انهيءَ ڪمزور ۽ نحيف جسم ۾ هن وٽ وڏو فڪر ۽ فن هو ۽ ان حد تائين هو، جو ڪهاڻيءَ ۽ مصوريءَ ۾ مسلسل مصروف رهڻ جي باوجود، هن وٽ چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ئي ڪجهه هو. هن جي شخصيت هڪ مڪمل فنڪار جي شخصيت هئي ۽ هن اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو. اي ڪاش! ڪو اهڙو ادارو هجي ها، جيڪو هن جي اندر ۾ موجود سرمايي مان پورو پورو لاڀ ماڻي ها، ته اڃا به گهڻو ڪجهه... جيڪو هو پاڻ سان کڻي هليو ويو، اهو به اسان وٽ محفوظ ٿي وڃي ها.

منهنجو ويساهه آهي ته قوم پنهنجي مفڪرن، مصورن، قلمڪارن سان سڃاپبي آهي ۽ انهن جي ڪري ئي قوم سڏرائڻ جو حق رکندي آهي. جيڪي قومون پنهنجن مشاهيرن کي وسارينديون آهن، اهي پاڻ تاريخ کان وسرنديون وينديون آهن.

يقين سان ٿو چوان ته ع.ق شيخ هڪ وڏو فنڪار هو ۽ رهندو ۽ مون کي هن جي پايي جهڙو آرٽسٽ ويجهڙائيءَ ۾ ڪو به ٻيو نظر نٿو اچي. مون کي خوشي آهي ته هن سان گڏ مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي ’ويريون‘ جو ٽائيٽل پڻ ع.ق شيخ صاحب نهايت محبت سان مون کي ڊزائن ڪري ڏنو هو. گڏوگڏ پبلڪ اسڪول جي ڪيترن مئگزينس کي به پاڻ ڊزائن ڪيو هئائون.

ع.ق شيخ صاحب، صرف هڪ شخص هڪ آرٽسٽ جو ئي نه هڪ اداري... هڪ دور جو نالو پڻ آهي. جنهن جي خدمتن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. 

آءِ. ايم لال پشپ 

هيءُ لعل به عجيب قلندر ماڻهو هو! سندس لکڻيون، ڪتاب، ڪتابن جا عنوان، سندس شخصيت سڀ عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ! هُو پاڻ اِنهيءَ عجيب پڻي کي پسند ڪندو هو يا هو ائين پاڻ اهڙو ٺهي ويو هو- عام ماڻهوءَ کان الڳ، هڪ ٻيءَ دنيا جو ماڻهو. مون سندس ڪتاب پڙهيا هئا، پرکيا هئا، پر مون کيس ڏٺو ڪونه هو.

شايد اِهو اپريل 2004ع هو، جو اسان ڪجهه اديب ڪانفرنس سانگي انڊيا ويا هئاسين. پهرئين ئي ڏينهن ڪانفرنس هال ۾ هڪ ڪُرتي پاجامي ۾ شخص ڦِريو پئي. ڦِري گهري منهنجي پاسي ۾ آيو. واقفيت ڪرايائين. ”آءِ.ايم لعل پُشپ....“ بيٺي پير مليو ۽ هليو ويو. ماني تي وياسين ته هيءُ شخص وري ڦِري آيو: ”آءِ.ايم لعل پُشپ...!“ مون مُرڪي کيس وري هٿ ڏنو. هو هٿ ڏيئي هليو ويو. شام جو چانهن تي به ائين ڪيائين. ڏٺم ته سنڌ مان آيل هرهڪ اديب سان ائين ئي پئي واقفيت ڪرايائين: ”آءِ. ايم لعل پُشپ...“

ڪانفرنس هلندي، ناولن واري سيشن ۾ هُن منهنجي راءِ سان اختلاف ڪندي، سنڌ جي سڀني ناولن ۽ اُنهن جي ليکڪن کي لويو. هُن جو آواز بلند کان بلند ٿيندو ويو. هُن لاءِ ماهتاب محبوب، غلام نبي مغل ۽ ٻيا ڪيترائي ناول نگار ليکڪن ۾ ڄڻ شامل ئي نه هئا. هُن سان الڳ تفصيلي ملاقات ٿي نه سگهي. اِهو 2005ع جو اهڙوئي مهينو هو جو سنڌي اديب ۽ فنڪار تمام گهڻائيءَ ۾ هڪ دفعو ٻيهر انڊيا وياسين. بمبئيءَ (الائي مُمبئي) ۾ نند جويريءَ وٽ لعل پُشپ سان سٺي ڪچهري ٿي. هيءُ ٻيو لعل پئي لڳو. سندس گفتگو ۾ ڌيرج هو، ڪاوڙ نه هئي. هُن ڪيترن ئي ليکڪن ۽ منهنجي لکڻين تي ڳالهايو. هُن ڪيترين جي شخصيت تي به ڳالهايو. هُن جي ڳالهائڻ ۾ جيڪي دليل هئا، اُهي اڳين ڏنل دليلن کان وزنائتا هئا. مون هن محفل ۾ سندس اندر هڪ ٻيو شخص ڳولي لڌو، جيڪو پنهنجي پاڻ کي رَد ڪري پاڻ سان جهيڙيندي گذاري ٿو ۽ ائين هر ڀيري نئون ”لعل“ سامهون اچي ٿو.

سندس ڪتابن جا موضوع عجيب هوندي به عام ماڻهوءَ جي زندگي مان کنيا ويا آهن. سندس حياتيءَ جا آتم ڪٿائي ڀاڱا هڪ عام ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو احوال آهي. هن ۾ ڪوبه (Angryman) ڪونهي. هُو صرف پنهنجي پاڻ سان جهيڙيندڙ شخص ضرور هو، پر هُو هڪ سُٺو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ هر فن موليٰ ليکڪ هو.

هو سنڌي ادب ۾ هڪڙوئي ”منفرد“ لعل پُشپ هو. مان سمجهان ٿو ته تڏهن ئي هُن کي بار بار سڃاڻپ ڪرائڻ جي ضرورت پيش ايندي پئي رهي ته مون کي سڃاڻو: ”آءِ.ايم لعل پُشپ...! هُو ائين چوندي انبار ڪتابن جا ڇڏي ويو آهي ته اِنهن ڪتابن ۾ به ”لعل پُشپ“ موجود آهي، پر ڪير کيس ڳولي؟

تنوير- عجيب فقير 

يادگيرين جي انبار مان هيل نڪرڻ ڏاو ڏکيو ٿي پيو آهي!.... يادگيرين جا اِهي سلسلا هيل درد جا طويل سلسلا بڻجي ويا آهن!... کير ٿر جبل جي اڻکٽ ٽڪرين ۽ چوٽين کي ڏسي ڪيئي دفعا سوچيم ته جيڪر اِهي چوٽيون، اهي ترايون، ٽپندو وڃي ڪنهن توڙ تائين پهچان!... هر سفر ۾ ڪڏهن ’مول‘ وٽ مُهڙ ۾ هجان ته ڪڏهن ’ڪرچات‘ وٽ پهچان!... ته چون ته هيءُ وچ ناهي. سڄو دادو ضلعو ٽپي ويس، پر اهو ئي پربت. نه جبل کي ڄاڻي سگهيس، نه ان جي سوڪهڙي کي ڏسي سندس ڪو درد پلئه پيو!

يادگيرين جو سفر به جبل جهاڳڻ آهي. ويچاري سسئي ته هڪ دفعي سان جبل جهاڳيندي، وڃي جبل ڀيڙي ٿي، ۽ پناهه به کيس جبل ڏني. اسين پل پل جبل جهاڳيون ٿا، اهي پل وري يادگيريون بڻجي سڄي حياتي سُک سمهڻ نٿا ڏين. ڪهڙي پاسي وڃجي...؟ ڪهڙو پاسو ورائي ننڊ ڪجي....؟ شايد تيستائين اهو وک وراڪو سمهڻ نه ڏيندو، جيستائين ماڻهو سِڌو سمهي ۽ زير زمين هليو وڃي. ائين دشتِ جنون وارو هيءُ سفر پورو ٿئي ۽ ’ون ايڪٽ پلي‘ جي ڊرامي جو ڊراپ سين ٿئي....!

هڪ ڪتاب مان ڄاڻ ملي هيم ته انگلينڊ جي ڪنهن شاعر “Albatross” پکي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو خوش قسمتيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. پکي ديو مالائي داستانن مان اُڏامي نڪري ٿو ۽ ڏکڻ قطب ۾ اُڏامندو رهي ٿو. هڪ دفعي مسافرن جي ڀريل ٻيڙيءَ جي سامهون نظر اچي ويو ۽ ملاحن هڻي اُنهيءَ پکيءَ کي ماري وڌو! سڀ مسافر ويچارا ڊڄي ويا ته ڪٿي آسماني قوتون ناراض ٿي کين سزا نه ڏين. سائين! پکي ته پکي هوندو آهي: “Albatross” هجي يا هُما، ڪوئل هجي يا بلبل، يا سوچ جو پکي _ آزاد هوائون سندن مَرُڪ ۽ خوراڪ، ڪير انهيءَ کان کٽي؟ اياز جڏهن لکيو:

عشق عقاب، پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي،

 ڪير انهي کان کٽي!

تڏهن ئي خبر پيم ته عشق به هڪ پکي آهي. ٿي سگهي ٿو ته “Albatross” اهو خوش قسمتيءَ وارو پکي هجي، جيڪو اڄ به اُڏامندو وتي ٿو ۽ جهڙپ ڏيو جهٽي وٺي! ڪنهن اڄ تائين انهيءَ کان کٽيو آهي؟

اهو عشق ڀلي پيچان هجي يا عشق تپان، ازلي هجي يا ابدي؛ هيءُ ڪائنات سان عشق، هيءُ ڌرتيءَ ۽ ان تي رهندڙ رهواسين سان عشق _ سڄي دنيا لاءِ پرڪشش عمل آهي، ته وري هينئن به آهي:

عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا،
تون نه هل، تنهنجو صبا جهڙو خرام؛
تون نه کل، جانِ بهاران! تون نه کِل،
هر طرف آهي گُلن جون قتلِ عام!

امداد حسيني انهيءَ ئي نظم ۾ اڳتي هلي چوي ٿو:

جيڪڏهن توکي ائين آهي قبول،
اچ ته زنجيرن جا نغما ڇيڙيون،
عشق جي راهن مٿان مُرڪي هلون،
راهه کي رنگين ڪريون جسم سان!

سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هيءُ عشق جو پکي نه ڪو ڏکڻ قطب ۾ رهي ٿو نه اتر قطب ۾. هيءُ هر دل جي اندر وَسي ٿو، ۽ جيڪو ان کي زندهه رکي ٿو اهو ئي دنيا جي هر جذبي کا آشنا آهي. هو خوش قسمتيءَ جي علامت بڻجي کيس دشتِ جنون مان به پار ڪرائي ٿو. شل هيءُ پکي “Albatross” يا ”هما“ وانگر ڪنهن جي مٿي تي وِهي ته سهين! ائين ڪيئي مفڪر، شاعر، اديب، ڏاها سَڌون ڪندا ويا، پر هيءُ پکي جي پل لاءِ آيو به هوندو ته پوءِ سوچ جي اُڏام کان مايوس ٿي ڪنهن ٻئي وٽ وڃي ويٺو هوندو. ائين ڪئين پکي انسان جي فڪر سان گڏ سرگردان رهيا هوندا. ڪٿي پرڙا کوهي ڦٿڪي مُئا به هوندا، ڪٿي ڪن کين کڻي سيني سان لاتو به هوندو. جن کڻي سيني لاتو اهي امر ٿي ويا. سندن ڪيئي خيال، ڪيئي فڪر، ڪيئي گيت اڄ به ڳائجن پيا _ ڄڻ اهو ئي پکي ٻولي پيو. سندن اکر اکر مان ڌرتيءَ سان عشق، ماڻهن سان پيار، حق سچ سان عشق ۽ حسن و جمال سان عشق جا ٻهه ٻهه ٻول ٻُرن ٿا. انهن انمول شاعرن ۽ مفڪرن اسان لاءِ عشق جا ڪيترا نه داستان ڇڏيا آهن. ڪن جا ڪن ورق ورايا پر ڪن ته مورڳو سندن ڪتاب ئي ٺپي ڇڏيا.

شاهه سائين جنهن روايت جو امين هو، اُها عشق جو اهو درجو هو، جت اچي دنگ ٿيو هو:

سِر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه،

هـٿ ڪرايون آڱريون، وئا ڪپجي ڪـانھ

وحـدت جي وهان، جـي وئا سي وڍئا!

سچل عشق جي حد ڪڍي نروار ڪئي:

جي هجين عاشق ته برسر، مينهن محبت جو وساءِ،

ساهه جو سانگو ڪرين تان پير هن پڙ ۾ نه پاءِ.

مون ”آري اچين شال“ ۾ لکيو هو ته:

”...سرمد هجي يا شاهه عنايت هجي، لطيف هجي يا سچل، اهي وقت ۽ تاريخ جو اهڙو پڙاڏو آهن، جو اڄ به سندن فڪر کي وقت جي ضرورت سمجهي، سنڌ جو ماڻهو اُهو فڪر، اها سوچ پنهنجي ڪري اُها واٽ وٺڻ چاهي ٿو، جيڪا کين حق، سچ، پيار، محبت ۽ امن ڏانهن نِئي. سرمد، شاهه عنايت ۽ ٻين صوفين تي جيڪو ملڪ ۽ ماڻهن جو بار هو، ان کان وڌ لطيف تي پيو، جو هو انهيءَ دور تائين ڏاڍ، ڏمر، بدامني، قتل ۽ غارتگري ڏسندو رهيو. هو وڌيڪ باغي هو انهيءَ سماج کان، جيڪو ناانصافي، مذهبي مت ڀيد، ڪوڙ ۽ ڪپت تي بيٺل هو. هن آدم جي ڪهاڻي اصل ۾ سمجهي هئي، جتان شروعات ٿي هئي.

الف مؤن آدم ٿيو، ڪري هنگاما هُل،
هندو مومن سو ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل،
خلق الاشيا فهو عينها ايهو آڻ عمل،
ٿج گلابي گل، مَر مارينئي منصور جيان.

ههڙي صوفي فڪر ۽ شاعريءَ ته عجيب رنگ ڪري ڏيکاريا. انهيءَ روايت جي پوئواري ڪندي، خاص طرح سنڌي ادب جي ”جديد شاعري“ جو دور اچي ٿو. هن شاعري به کين ”سوريءَ سزاوار“ ٺهرايو، پر هو چوندا هئا:

تو وري حسن کي پهري ۾ لڪايو آهي،
تو وري عشق تي الزام لڳايو آهي؛
تو وري ظلم کي مهمان بنايو آهي،
تو وري زندهه ضميرن کي ستايو آهي!

)شمشير الحيدري(

جديد سنڌي شاعريءَ جا ڪيئي سرموڙ شاعر پنهنجي ڏات کي هر ويلي ڄاڻي حق ۽ سچ کي اُتم ڪيو ۽ سچ پچ ائين پئي لڳو ته هتي ته ڪيئي پيغمبر نڪري پيا هن سنڌ جي ذهني ۽ فڪري آجپي ۽ رهواسين جي ڏک سک ۾ ڀائيوار ٿيڻ لاءِ. 1955ع کان پوءِ سنڌ سڄي ڀنڀٽ بڻجي پيئي! تنوير انهن پيغمبر _ شاعرن جي سٿ ۾ شامل هو. اياز، شمشير، نياز، گدائي، بردو، امداد، تاج بلوچ، قمر شهباز، فتاح، سرويچ، منشي، پروانو، استاد ۽ ٻيا ڪيئي ساڃهه وند ۽ بي باڪ وَتيا ٿي ڳلي ڳلي حق ۽ سچ جا گيت ڳائيندا، تنوير ڪنهن ويلي لکيو هو ته:

”...سچ ڪڏهن مارئي ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي ته ڪڏهن سسئي ٿي ڏونگر ٿو ڏاري. هر دور ۾’سچ‘ ۽ ’ڪوڙ‘ ٻه مختلف طاقتون هڪ ٻئي سان پئي ٽڪريون آهن ۽ هر ’وقت جي شاعر‘ سچ کي سهارو پئي ڏنو آهي....“

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اُگهان؟

هر ڪنهن جي اک آهي آلي!

اهڙي ڪابه نه دل سنڀران،

جيڪا آ دردن کان خالـي!

هرڪو هانءُ چپيل چيڀاٽيل،

هرڪو روح ٻُٽيل ٻوساٽيـل،

سُک جو نڪري سج ڪٿان؟

چئني پاسي آهي جهڙيالي!

(”روح رهاڻ“ سالنامو 1967ع)

انهيءَ شاعر جڏهن لکيو هو:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ

هرڪا دل درياهه، ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار،

هرڪو سينو سمنڊ، تري ۾ جنهن جي ڪئي اسرار:

هرڪو مَن مکڻ جو چاڻو، هر چهرو آهي چانڊاڻ:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ!

(روح رهاڻ، آڪٽوبر 1963ع)

ته سنڌ سڄي ”هيرن جي کاڻ“ بڻجي پيئي هئي. ماڻهن جو هر ماڻهوءَ منجهه ويساهه ٻڌجي پيو ۽ سنڌ جي اندر ڏاڍ، ڏمر ۽ دٻاءُ واري ماحول ۾ ڄڻ ته ڏڌ مکڻ جون نديون وهي ويون. هن شاعر جون تمثيلون ئي عجيب هيون! هونئن ته ”تنوير“ عجيب هو ۽ عجيب ٿيڻ لاءِ سندس جتن جاري رهيا. پيار حاصل ڪرڻ لاءِ به سندس نظريو پنهنجو هو. ماٺيڻي ۽ سدوري ٻار جيان هڪ وڏو شاعر...! سندس هن نظم جو عنوان هيون ”جيڏو تنهنجو نانءُ.“

ڏس تـه ڪهڙو عجيـب فقير آهيان،

نه صدا ئـــي ڪيان، نــــه ســئن هڻان.

اوچتو بي سبب بنا مقصد،

اچي بيٺس مان تنهنجي در اڳيان

نه ئي جهولي جهليان ٿو مان پنهنجي،

۽ نٿو پانڌ تنهنجو ئي پڪڙيان،

بس رڳو چپ ڪري ۽ چپ ٻوٽي،

ٿو نماڻين اکين سان تو ڏي تڪيان،

نه صدا ئي ڪيان، نــــه ســئن هڻان.

ڏس تـه ڪهڙو عـجيب فــــقــير آهيان،

بيهي سوچيان ٿو مون کي دان ملي،

اڻ ميو پيار تو وٽان پايان،

آس دل ۾ رکي وڏي آيس،

اڻ گهريو دان تو وٽان ملندو،

اڻ ميو پيار توکان پائيندس،

جي نه ڪجهه ملندو مون کي چپ چاپ،

واٽ پنهنجي وٺي هليو ويندس،

آس تو مان مگر ڪا ڪيئن لاهيان،

نه صدا ئي ڪيان، نــــه ســئن هڻان.

ڏس تـه ڪهڙو عجيب فــــقــير آهيان.

(روح رهاڻ، اپريل 1960ع)

اسان جا اهي شاعر ايڏا ته نماڻا ۽ پيار جا سڪايل هيا جو سندن لهجي ۾ ڪٿي به Agreesiveness ڪانه هئي، سواءِ ڏک ۽ درد جي. ”نياز“ همايونيءَ جو هيءُ نظم ڏسو:

زندگي تو لاءِ ليلائي ٿي ٻاڏائي ٿي تڙپائيم ٿي،

تو سواءِ اي ساهه جا سينگار دنيا کي ٿي پئي ٺڪرائي دل.

تون ائين آئين پرين هن دل جي وستي ۾ ڪهي،

ڄڻ ته ويراني ۾ خوشبو ڄڻ خوشي تنهائي ۾.

مـــان ائــين الــمــست ٿي ويس پيار تنهنجي ۾ اَلا،

بوند جيئن برسات ۾، خنڪي جيئن سرهائي ۾.

زندگي بڻجي نه شل سسئي جا سور ۽ آس مومل جو ڏهاڳ،

پيار ڪرڻو آهه پر اُن جي نتيجي کان ٿي گهٻرائي دل.

(روح رهاڻ، جولاءِ 1960ع)

”تنوير“ انهيءَ پيار ۽ محبت جي جذبي کي ايترو سمجهيو ٿي، جو سندس هيءُ غزل ”روح رهاڻ“ (جون 1960ع) ۾ ڇپيندي لافاني لڳم:

سندس اندر جي اُڇل ته ڏسو ۽ انساني پيار ۽ محبت جي معراج کي ڏسو:

اسان کي نه ڳوليو، اسان کي نه ڳوليو،

اسان دور ناهيون، اسان دور ناهيون،

پراوا ته ناهيون اوهان جا ئي آهيون،

اسان ڏي نهاريو اسان کي سڃاڻو.

رڳو هيءَ خبر آ اوهان ۽ اسان کي،

هتي پيار ونڊڻ جي لاءِ آيا آهيون.

”تنوير“ جي سموري شاعريءَ ۾ چپي چپي تي ڪونه ڪو نياپو، ڪونه ڪو سنيهو (Message) موجود آهي:

بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين توکي،

جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو!

تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو،

ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو!

مهربان ته سڀ آهيو همزبان به ٿيو هاڻي،

دوستي جو حق يارو ائين ادا ڪيئن ٿيندو؟

”تنوير جو وڏي ۾ وڏو پيغام پراڻي پريت جي ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هو، جيڪو اڄ به موضوع جي لحاظ کان وزندار ۽ هينئن سان هنڊائڻ جهڙو آهي.

”هيءُ منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن.“

هيءَ رات جي راڻي، هو سوسن،

هي آهي گلاب ۽ هو سنبل،

هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن،

هي تنهنجا گل، هو منهنجا گل.

 

پر تنهنجي باغ جي ڀت اُڪري،

خوشبو مون ڏانهن اچي هردم،

۽ منهنجي باغ جي خوشبو ڀي،

اُڏرڻ ۾ ٿي نه ڪري ويرم.

 

توکي ان ڳالهه تي چڙ ٿي اچي،

ڇو تنهنجي خوشبو مون ڏي اچي،

ڇو منهنجي خوشبو تو ڏي اچي.

 

هي باغ برابر منهنجو آ،
هُو باغ برابر تنهنجو آ،
سرهاڻ نه تنهنجي نڪو منهنجي،
خوشبو به ڪڏهن ٿي آ باندي.
پوءِ ڪاوڙ ۾ ڇو تون ۽ مان،
هڪ ٻئي جا گل ڇني اُڇليون،
هڪٻئي جا چمن برباد ڪريون.

 

تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي،
مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان،
هي گل آخر ڀي گل آهن،
۽ خوشبو آخر آ خوشبو.

گل تنهنجا توسان جال جُڙن،
گل منهنجا مون وٽ شال ٽڙن،
۽ شال سدا آباد رهي،
هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن،

 

۽ شل خوشبو آزاد رهي،

۽ شل خوشبو آزاد رهي،

 (”جشن روح رهاڻ“، 1966ع ۾ پڙهيو ويو)

”تنوير“ جي شاعريءَ ۾ جيڪي به موڙ آهن، ڪٿ پيار ته ڪٿ ڏک جو اظهار، ڪٿ ڳوڙهن جي ڳالهه:

وقت جي اک مان ڳوڙهن وانگر،
ٽم ٽم ٽمندي گهڙي گهڙي!
ساهه ساهه ٿي ويندو آهه،
اندر کوري ۾ سڙي سڙي!

سنڌ اندر جيڪا انقلابي ڪيفيت پيدا ٿي، 4_ مارچ جهڙا واقعا ٿيا ۽ رڻ

ٻري ويو ته حقن جي لاءِ آواز بلند ٿيا، لطيفي روايت جي پوئواري ۾ جت هو ته:

اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو!

ته ”اياز“ کُلئي عام چيو:

ڇا نعرا ها ڇا نينهن هيا، هو مڙس هيا يا شينهن هيا،
جي تنهنجا وار سنواري ويا، جي تنهنجي سينڌ سجائي ويا.
ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان،ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا،
آ ٽم ٽم، ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا!

ته ڪيئي شاعر نڪري پيا، جن ساٿيءَ جو سڏ ورايو:

ڪاٿي آ ڪٽاري ڪاٿي آ وهُ جو وٽو؟
ڪونڌر ڪُسندا ڪات سان، سرڙو ڌارؤن ڌار،
ٻاروچا ٻيهار، سوريءَ ساري هليا!

(قمر شهباز)

منزل ڏي وڌندا ويندا اوندهه ۾ ٻاريندا لاٽ،
پيرن ۾ ٿيا ڦلڪڻا پر اکيون آليون، اوچو ڳاٽ!

(پروانو ڀٽي)

گُل گلابيءَ جهڙو گهاءُ،
ساڳيو دشمن، ساڳيو واءُ؛
پنهنجو خون کٿوريءَ جهڙو،
جيئن چُنيءَ تي چٽ چِٽاءُ!

(فتاح ملڪ)

سنڌڙي ديس جي ڳڀروئن تي،
هاڻ سانوڻ جا مهينا هوندا،
تنهنجي بندوق مان گولي جي ڇُٽي
سامهون ڪيترا سينا هوندا!

(امداد حسيني)

جيڪي سِر سهسائيندا، سي سوڀارا ٿيندا!
جيڪي ڪنڌ ڪپائيندا، سي موچارا ٿيندا!

”تنوير“ جو ”سُر ڪيڏارو“ انهيءَ تسلسل جو گونجندڙ آواز هو.

منهنجو پٽ اُهو جنهن جي ڇاتيءَ ۾ ڇُرا،
گهايل ناهي جو، مون کي ماءُ نه سڏي سو،
ٿڃ نه بخشيان اُن کي جيڪو ڪين وڙهيو،
رنگ جنهن جو ريٽو، ماءُ اُنهيءَ جي آهيان!
ڳڀرو ڳاڙها جوان، رَتَ سان ڳاڙهو بُت سڄو،
نظر نظر ڄڻ تير آ، ڀروون ڄڻ ته ڪمان.

 (روح رهاڻ، آگسٽ 1967ع)

”ڪيڏاري جا بيت ”تنوير“ جي نوجوان نسل لاءِ اڻ ميي پيار جو ثبوت ته آهن، پر سندس رخُ هاڻي مزاحمتي (Agressive) آهي پوري ڏاڍ ۽ ڏمر جي مانڊاڻ جي خلاف، پر ڪنهن Message سان.

نياز همايوني انهن ڪيفيتن کي ڏسي ”تنوير“ جي شاعريءَ بابت لکيو هو ته:

”... دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري تنوير جي شخصيت به منهنجي لاءِ اُن ڪتاب جيان آهي، جنهن کي ڪيئي دفعا چاهه سان پڙهيو ويو هجي. مان يار جي خوشين ڀري زندگي کي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هيءُ شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي، ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي؟ پر ستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي تصور ڪئي ويندي آهي...“

”تنوير“ انهيءَ ڳالهه جو مثبت جواب ڪبير ڀڳت جي هن وائيءَ سان ڏنو آهي جيڪا هن پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مُهڙ ۾ ڏني آهي:

”ايسي باني بوليئي من ڪا آپا کوءِ،
اپنا من سيتل هوئي، اورون ڪو سک هوءِ.

مون جڏهن هيٺيون فارسي شعر پڙهيو ته ڳالهه اڃان به چٽي ٿي بيهي رهي:

راه زي ديده وران پرس که گرم روي،

جاده چون نبض تپان درتن سحرا بنيند!

(ازل جو آواز منهنجي چپن تي آيو ۽ ماڻهن منهنجي زبان تي مهرون هنيون. پوءِ منهنجا ڳوڙها ڳالهائڻ لڳا.)

مون هن ”عجيب فقير“ سان ورهين جا ورهيه گذاريا. هن نه صدائي ڪئي، نه سَئن هنئي. هو اهڙي عشق ۾ مبتلا هو، جنهن جو پتو ئي نه پئي پيو. هو اهو ئي اڏول جبل هو، جنهن جو منڍ پڇاڙي ڳوليندي ورهيه ٿيا. ٿي سگهي ٿو ته هو هڪ بحربيڪران وانگر هجي ۽ وارو وڄائي ويو هجي. بس جي هن هر وٿ سان عشق ڪيو ته اچو ته اسين به سندس ڪيئي سنيها ڏيندڙ اَمُلهه شاعري ۽ تحريرن سان عشق ڪيون، جو سندس هر ويلي اها تمنا هئي ته هن کي به چاهيو وڃي پربي غرض، بي لوث ۽ اُن جي ظاهري دعويٰ ڪير نه ڪري. ”تنوير“ سڀني جو آ ۽ سڀني جو رهندو.

آيل اُن نه وسهان هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ سي سارين،نڪي رون نه چون ڪي.

(شاهه)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org