خوشبوءَ جا گهاوَ
اچانڪ مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته مان، مان نه آهيان.
مان پنهنجي هستي وڃائي چڪو آهيان. مون آهستگيءَ
سان هن ڏانهن نهاريو، هوءَ خاموش اکيون بند ڪيو،
وڻندڙ ۽ هڳاءُ واري فضا ۾ خواب جي دنيا ۾ گم هئي.
چوڌاري وڏا وڏا ڏار سِرهن جا وڻ جهڳٽن ۾ پکڙيل
هئا، ڪٿي ڪٿي نم جا وڻ جهڪيا بيٺا هئا، سرنهن جي
گلن ۽ نم جي نمورين جي خوشبوءِ اهڙي ته رچجي وئي
هئي جو نشي ۾ مدهوشي جو گمان ٿي ٿيو.
مون سيما ڏانهن گهوري نهاريو، ۽ سوچڻ لڳس ته
گهڙيءَ کان پوءِ هيءُ پنهنجو وجود وڃائي وهندي،
هوءَ اُها سيما نه رهندي، جنهن جي مرڪ مکڙين جي
مرڪ هوندي آهي، جنهن جي پلڪن ۽ اکڙين کي ڏسي سپن
جي منهن ۽ اُن ۾ پيل آبدار موتين جو گمان ٿيندو
آهي، سيما جي بي داغ مکڙو ۽ سندس جسم جو چمڪندڙ ۽
ٻهڪندڙ رنگ چانڊوڪي ۾ لسي چاندي مثل چمڪي رهيو هو.
مان هن وٽان ائين اُٿيس ڄڻ ته مان اُهو نه آهيان،
جنهن ڪي گهڙيون اڳ ويهي کيس يقين ڏياريو هو ته
زندگيءَ جي هرڪا تمنا هوءَ آهي زندگيءَ جي هر آس
مان آهيان.
هوءَ مون مان مايوس به ته نه هئي پوءِ ڇو مون کيس
يقين ڏيارڻ ٿي چاهيو، ته مان صرف سندس ئي آهيان.
مان ائين ڇو چوان ته ٻن ٽن ڏينهن کان سوچ مون تي
ڇانيل آهي. ڪو مقصد آڏو اٿم ۽ مان انهيءَ رٿا
مطابق هلان پيو، مان ائين ڇو چوان ته مون کي يقين
ڏيارڻ جي ضرورت انهيءَ لاءِ محسوس ٿي ته متان هوءَ
بي يقينيءَ جي پاڇي هيٺ اچي نه وڃي ۽ منهنجا خواب
منهنجيون رٿائون سڀ هيٺ مٿي نه ٿي وڃن، سيما سان
جهڙي نموني ۾ مان مليس ۽ مان پيار جي دنيا ٺاهڻ ۾
ڪامياب ٿي ويس. سا ڳالهه ائين پئي لڳيم ته ڄڻ
سڀڪجهه سوچي سمجهي ڪيو هوم.
مان تمام گهڻو اڳتي وڏي هڪ وڻن جي جهڳٽي اندر اچي
بيٺو هوس. مون کي ائين پئي لڳيم ته مون هت پاڻ
لڪايو آهي. مون اُها اوگهڙ لڪائي آهي جا جيڪڏهن
ظاهر ٿي پئي ته منهنجيون سڀ رٿائون لڙهي وينديون ۽
صرف مان رهجي ويندس. مان جيڪو هن دنيا ۾ ڊڄندو
رهيو آهيان ۽ ڪجهه به ته نه ڪري سگهيو آهيان. اڄ
تائين مون کي اها خبر نه آهي ته بهارن کان اڳ ڇا
ٿيندو آهي ۽ بهارن کان پوءِ ڇا ٿيندو. ڪنهن جي مرڪ
ڏسي، کانئس مرڪ کسڻ جي چاهنا ڪيتري ڪريل چاهنا
آهي؛ اها به ته خبر ڪين هيم.
”اڄ جڏهن منهنجي تمنائن پوري ڪرڻ واري رات آئي
آهي. جنهن جو انتظار آءٌ انهن راتين سان گڏ ڪندو
رهيو آهيان، جن هميشه مون کي تمنائون ۽ خيال پئي
بخشيا آهن، ۽ مان سوچ ۾ پئجي ويو آهيان، اُهي خيال
مون تي ڇانئجي ويا آهن جن کان اڳ آءٌ اڻڄاڻ هئس.
مون کي محسوس ٿو ٿئي ته هيءُ سڀ خيال مون کي
پنهنجي مقصد کان هٽائي ٿا وڃن.“
مون سامهون نهاريو چانڊوڪيءَ جا ڪِرڻا دريا جي
وهندڙن لهرن تي مرڪ وڇائي رهيا هئا. اهڙي مرڪ جا
اڳ پسي هئم، ياد اٿم اُن ڏينهن سيما مون ڏانهن
نهاري مرڪيو هو، ۽ مون گهٻرائجي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
هوءَ منهنجي گهر جي ڀرسان رهندي هئي، ۽ مان جڏهن
به هنن جي گهر جي در آڏو لنگهندو هوس ته گهڻو ڪري
هنن جو در کليل هوندو هو. مون ڪڏهن به در ڏانهن
نگاهه نه ڪئي هئي. مان ڪنڌ هيٺ ڪري لنگهي ويندو
هوس. منهنجي اها عادت يا ائين چوان ته حسرتن ۽
خواهشن کي دٻائڻ جو ٻيو طريقو هو ته مان سڀني
عورتن اڳيان لنگهان ته منهنجو ڪنڌ هيٺ هجي ۽ اکيون
زمين ۾ هجن. مان پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ اڪيلو هوس،
مون کي ڪڏهن به اهو ويچار نه آيو ته انهيءَ
اڪيلائي ۽ تنهائي ۾ گهڻا خواب حقيقت بڻجي سگهن ٿا.
هڪ ڏينهن جڏهن مان تکو تکو وڃي رهيو هئس ته هوءَ
به در مان اوچتي نڪتي ۽ مان ڏانهس نهاري ويٺس.
ڀانيم ته زمين کسڪي پئي ۽ مان پاڻي سنڀالي ويس ۽
هن مرڪي ڏنو. مان گهٻرائجي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويس.
سمجهيم ته مون ڏانهنس نهاري غلطي ڪئي آهي، ان غلطي
جي تلافي ان نموني ۾ ڪيم جو ساڻس ڳالهائي ويٺس، ڇا
ڳالهايم ۽ ان جو ڇا جواب مليم، ڪجهه به ياد نه
رهيو اٿم. مان هر وقت سندس ڀرسان لنگهندي ڪنهن
مخصوص خوشبوءِ کي سنگهندو هوس ۽ خوشبوءِ ۾ ويڙهجي
سڀ ڪجهه وساري ويهندو هوس. زندگي جي پهرين جرئت
اها هئي جو مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس، ان وقت
مان سڄو ڏڪي رهيو هوس. منهنجي پگهريل پيشاني ۽
ڏڪندڙ هٿ هر هر مون کي پنهنجي گيريپڻي جو احساس
ڏياري رهيا هئا. هوءَ مرڪي رهي هئي هئي معصوم بي
داغ، خوشبودار مرڪ.
”توهان جي طبيعت ٺيڪ آهي نه-؟“
”ها- ها- مان ته ٺيڪ آهيان-“
”توهان گهٻرائجي ڇو ويندا آهيو- ويهو نه – توهان
بيٺا ڇو آهيو.“
”او- ترسو- مان وهان ٿو- توهان وهو، توهان ڇو ٿا
اُٿو!“
واقعي مون کي سندس ڀر ۾ وهڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي.
مان سندس ڀر ۾ بيهندو هوس ته ائين محسوس ٿيندو هو
ته هيءَ خوشبوءَ ۽ هڳاءُ جي دنيا آهي. مان ائين
محسوس ڪندو هوس ته هوءَ خوشبوءَ جو جسم آهي.
خوشبوءِ ئي خوشبو- گهاوَ وجهندڙ خوشبوءِ- مان اِهي
گهاوَ، اِها ذهن جي بغاوت برداشت ڪري نه سگهيس،
مان انهن وڌندڙ تقاضائن کي لاجواب ڪري نه سگهيس.
مان کيس هت وٺي آيس، سوچيم ته هن خوشبوءِ جا گهاوَ
خوشبوءِ ڦهلائيندڙ ۽ وڻندڙ فضا ۾ ئي ڀريان دريا جي
وهندڙ پاڻيءَ جو سنگيت ۽ سندس چوڌاري بيٺل سِرهن،
نم ۽ ٽاليءَ جي وڻن جا جهڳٽا- جن جي گلن ۽ نمورين
جو ڳرو ڳرو هڳاءُ ان سان گڏ جيڪي مٽي ۽ ساوڪ جي
خوشبوءِ منهنجي ذهن کي اهڙو ته مدهوش ڪري ڇڏيو جو
ڪي گهڙيون ته ڪجهه سوچي نه سگهيس. سيما ته اصل ٽڙي
پئي هئي، مٺيون مٺيون ڳالهيون پي ڪيائين ۽ ٽيلارا
پي ڏنائين ۽ پوءِ اُتي ئي رئو وڇائي ليٽي پيئي،
آءٌ سندس مٿي کان ويهي سندس وارن سان راند ڪرڻ
لڳس. مون اُن جي وارن ۾ سرنهن جا پن ۽ گل وڌا، ۽
مان خوشبودار فضا کان وڌيڪ، خوشبوءِ ۾ ڳوهيل جسم
جي خوشبوءِ به رچجي ويس، نيٺ مان اُن جهڳٽي مان
نڪري آيس، منهنجي ذهن تي سيما جو تصور ۽ دل ۾
خوشبوءَ جا هڳاوَ هئا. سيما اڇي رئي تي ائين لٽيي
پئي هئي، ڄڻ گلن جي ڳوهيل چادرن مان سندس ڀرسان
ويهي رهيس؛ سندس جسم جي خوشبوءِ جهير وجهڻ لڳي،
آءٌ گهايل ٿي به سوچ ۾ پئجي ويس.
هيءُ نرم بي داغ کير جهڙو جسم، اُن تي گهاوَ
سونهدار آهي گهاوَ جيڪي کيس بخشيندس، ڇا ڀلا اُهي
لهي ويندا.
هيءُ خوشبوءِ جا گهاوَ ته جٽاءُ به نه ڪندا پر هو
گهاوَ- سيما جي مرڪ ته داغجي ويندي.
گهاوَ- ۽ مون کي ياد آيو ته مان به ته زندگيءَ جي
گهاوَن جو گهايل آهيان حياتيءَ جي سورن جي مون سان
پريت آهي، تنهائي ۽ پنهنجي من جي پيڙ جو مون سان
سنٻنڌ آهي، مان ته انهيءَ پيار کان اڻواقف آهيان
جنهن ۾ ممتا جا جذبا سمايل هوندا آهن- مان ڪيئن
چوان ته پيار ڇا آهي ڇاڪاڻ ته پيار، پيار ته ڏٺوئي
ڪونهي پوءِ مون آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. مان مٿس
جهڪيس، مون کيس پيار ڪيو، سندس پيار مون کي مدهوش
ڪري ڇڏيو، مون جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو ته ڏٺم ته سندس
ڳلن تي نشان هئا- منهنجي پيار جا،- هوءَ جاڳي پئي
هئي مون ڏي نهاري رهي هئي سندس رونقي اکين ۾ خمار
هو. مون سوچيو اِهي داغ گهرا ٿيندا ته ڇا ٿيندو،
بهارن جا گهر لٽبا ته ڇا ٿيندو، رونقن جا منهن
لٽبا ته ڇا ٿيندو، زندگي کان موت کسبو ته ڇا
ٿيندو- اِها پيڙا اِهو عذاب- اِها زندگي ڪنهن جي؟
اِهي سڀ ڪنهن جا!- مون سيما ڏانهن نهاريو اُت
معصوميت ۽ پريت جا اڻ ميا نشان هئا- ۽ مان ڏڪي
ويس- اُنجو شڪار مان پاڻ ته نه بڻبس؟ ڇا مان پاڻ
پاڻ کي عذاب بخشيندڙ!- مان روشنيءَ کان تاريڪي
کسيندڙ آهيان مان بهار کان خزان ڇندڙ آهيان- مان
ڇا آهيان مان پاپ مان پيڙا- مان آخر ڇا آهيان؟ مون
سامهون نهاريو اُت دريا ۽ ڪِرڻا، زندگي جي راند
ڪري رهيا هئا، ڇايا ۽ روشني، پريت ۽ سنگيت. مان
وڌي آيس اورتي، جتي داغدار اُجالو هو- وڻن مان پي
روشني ڇڻي- تاريڪِي ٻي روشني کي جنم ڏنو ۽ جت
خوشبوءِ خود گهايل هئي، مون سيما کي اُٿاريو، کيس
ٻانهن کان ورتو، سيني سان لڳائي پيار ڪيو ۽ سندس
مٿان رئو وڌو. سندس ٻهڪندڙ چهرو، اُن ۾ روشني جهڪي
ڪري ويو، ۽ اسين جڏهن هڪٻئي سان گڏ اڳتي وڌياسين
ته مون محسوس ڪيو، ته مان ۽ هوءَ منزل ڏي وڌي رهيا
آهيون: جت اجالو داغدار آهي ۽ خوشبوءِ گهايل آهي.
شهزور ڏينهن،
رتل رات جي ڪهاڻي
جڏهن جڏهن رات ڀني آهي، تڏهن ماڪ مرڪي پاڻ مَرڪايو
آهي. ڀنل رات، ماڪ ماڻيل رات، هڳاءُ ۽ خوشبوءِ جي
راڻي هوندي آهي. ماڪ ڀنا رابيل، گُلال گل گلاب جا،
رتل رتن جوت، ڪئنرا ڪئنرا ڪنول، رچيل رات جي راڻي؛
ڀنل ڀنل، نرم نرم، ڪُٺل ڪُٺل رات جي سونهن ۽ سهاڳ
هوندا آهن. انهيءَ رات کي ماڻڻ وارا اهنجن جو
اهيج، ڏکن جو ڏک، رنجن جو رنج، ڪنهن گهڙيءَ به
سنڀاري نه سگهندا آهن.
جڏهن جڏهن ڏينهنِ، شينهن بڻجي، ڏِک ۽ تک جي گجگوڙ
سان ڪنبيل کي ڪنبايو آهي، تڏهن ستل سنگن ڪَر کڻي
ننڊاکڙين اکين سان نئڙي سلام ڪيو آهي. ڏينهن ٿين
شينهن ته ڪوڙ گُندي نه سنڀاري سچ ۽ حق هڪ زبان تان
ترڪي سوين زبانون بڻجيو پون. جرڪيل جوت تيان جرڪي.
اهڙيون ڀنل رتل راتيون، اهڙا شينهن شهزور ڏينهن
ورهين ڪرهين اچن ۽ ؟؟؟ ۽ رٺل روح ريجهايو وڃن. اڄ
مان به هڪ ڀنل رات ۽ شهزور ڏينهن جي ڪهاڻي کڻان
ٿو، جيڪي اسان وٽ ورهيه ۾ هڪ دفعو اچن ۽ ميڙو
مچايو وڃن.
هيءَ ڪهاڻي انهي ڏينهن ۽ رات جي آهي، جيڪي اسان وٽ
هيل منٿن ميڙن بجاءِ همٿ ۽ مڙسي سان آيا. اُنهي
ڏينهن ۽ رات جو اچڻ ڪنهن ڪشالي کان گهٽ نه هو ۽
نيٺ ڪاڪ ڪري پئي، رٺل راڻا سرچي پيا؛ ميهار متل،
پنهون پانڌي ڏٺاسين. هو وُڙائو ۽ وِرچَ، اصل يار
کٿي نه ٿي پڳا، جشن روح رهاڻ جي ڏينهن ۽ رات ورهيه
هو لڳايو، ڪير سڄڻ نه سرهو ٿئي. چوٿين جون جو
ڏينهن سچ جو شينهن، حقيقت جي شهزوري سندس موڙ هئا.
صبح سنڀارڻ کان اڳ،ساٿين ڇنڇرجو ڏينهن ۽ رات هڪ
ڪري ڇڏيا. سليم، امداد، ناصر، غياث ۽ شمس اورچ ٿي
لڳا. نيون رٿائون، نيون صلاحون عمل ۾ اچڻ لڳيون.
رنگي جا رنگ نرالا آهن، ڇا مايوسي، اپريل جي مهيني
۾ اسان کي ٿي هئي،
۽ ڪيڏو اوسيئڙو ۽ انتظار هن تاريخ جو هو. پر جتي
دلين جا اُجڙيل، منجا متل، سچائي ۽ خلوص ۾ رتل،
ساٿي ۽ پانڌيئڙا هجن اُت هر اوکائي، سوکي ٿيو پوي.
جشن جو صبح هر دفعي نئين روايت جو نئون صبح هوندو
آهي. اُن کي پنهنجي اهميت ۽ پنهنجو رنگ هوندو آهي.
افتتاح لاءِ محمد عثمان ڏيپلائي جو اعلان ڪيو ويو
هو، پر کيس صرف لکت ۾ لکيو ويو، پر منهن تي مٺا
ٻول نه ٻوليا ويا ۽ سڏ نه ڏنو ويو. ڪم جي گهڻائي،
نيٺ اسان کي آخري رات سندس پويان ڊوڙايو، پر
ڏيپلائي صاحب اسان کي هٿ نه آيو. جڏهن نه آيو ته
هو بسنت هال ۾ اسان کان اڳ موجود هو ۽ ساٿين کان
پڇي رهيو هو، ”ادا، ڪو مون لاءِ ڪم ڪار؟“
خاص مهمان جي ايڏي نهٺائي ۽ قرب اسان کي محسوس
ڪرايو ته هن ڪم ۾ هن مقصد ۾، هن جذبي ۾، هن قوت ۾،
هن همٿ ۾ ڪير به اڪيلو ڪونهي.
افتتاح کان اڳ سوينيئر ورهايو ويو، جنهن ۾ ’پيغام
پرين جا‘ سان گڏ ڪوشش اها ڪئي وئي ته سنڌ جي جديد
ذهن جي ماضي حال ۽ مستقبل جو نقشو ڪنهن نموني
چٽجي، اُن لاءِ ’ڳولا جو ڪڻڇي، سچ جي بڙڇي‘ هڪ
ادبي جائزي ۽ ’روح رهاڻ‘ هي ننڍڙي تاريخ جي صورت ۾
پڻ ڇپيو ويو. اسان جي آجيان کان پوءِ ڏيپلائي صاحب
اسان جي هن جشن جي اونهي آجيان ڪئي ۽ اُڀاريندڙ
جذبن سان جشن جو افتتاح ڪيو. سندس نمائش ۾ داخل
ٿيڻ سان ڪتابن ۽ رسالن جو وڪرو شروع ٿي ويو. هن
دفعي روح رهاڻ جا مختلف سالن جا سيٽ ميز تي ميلي
پٿر وانگر پياهئا، هر ڪنهن جي نگاهه اُنهن ڇهن
سالن جي همٿن ۽ ڪوششن جي انبارن تان ترڪيو مختلف
ڪتابن تي ٿي پئي، جيڪي زندگي پبليڪيشنس جو سنڌي
ادب ۾ ڪنڌ مٿي کنيو بيٺا آهن.
هن دفعي ’جل جل مشعلُ جل جل‘ جو اضافو ٿيو هو،
تنهن نمائش جي سونهن وڌائي ڇڏي هئي. صبح کان شام
تائين ٿيل وڪري اسان کي تازگي ڏئي ڇڏي.
افتتاح کان پوءِ يارن ملڻ شروع ڪيو. ٻاهران آيل
ساٿي هيج وچان هڪ ٻئي سان وَرُ وَرُ ڪيو ملن، اکين
آب آڻين ۽ دل جي اونهاين ۾ اونهو پيهي اصل
اُٿلايو. پٿلايو ڇڏين. منهنجي هر ڀاڪر ۾، هر ٻول ۾
اٿاهه جذبا ۽ اڻکٽ دعائون هيون. جن هر هر ائين
محسوس ٿي ڪرايو ته هن ابتدا کي انتها ڪانهي، هن
وهڪري کي ڪو ڇوڙ ڪونهي، هن روشني کي وسامڻو ناهي.
هن جشن ورائي ورائي اها پي ڏک ڏني ته هن جشن ۾، هن
تحريڪ ۾،
هن مشعال جهلڻ ۾ نوجوان نسل جو هٿ آهي.
يونيورسٽيءَ ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جا نينگر جشن جا
ٻلا هنيو ڪر کنيو پنهنجن کان به وڌيڪ پنهنجا ٿي،
همٿ ۽ مڙسيءَ جا وڏا نظارا پسائي رهيا هئا.
افسانن جي نسشت جي صدارت لاءِ رشيدڀٽي آيل هو.
سندس ساٿ اهو جو رات جو پاڻ اچي ڪرسيون ٺيڪ
ڪرايائين ۽ صبح جو اچي صدارت ڪيائين. ڪهاڻيون
پڙهجي هليون، اسان جي ادب جي تاريخ ٺهندي هلي،
نوجوان ڦورا آڻيندا ڦولهيندا، سلجهائيندا، وڌندا
هليا. رشيدڀٽي نوجوان ڪهاڻيڪارن جي ماضي جي تاريخ
جو سرو کڻي اچي هن وقت هن گهڙيءَ سان ملايو. سندس
اکرن ۾ هڪ کليل دعويٰ هئي، هڪ کلم کلا اعلان هو،
نئين همٿ، نئين قوت ۽ نئين روشني جو، جنهن کي
نوجوان ڪهاڻيڪارن ڳليءَ ڳليءَ، شهر شهر، وستيءَ
وستيءَ ڦيرايو آهي.
جشن جو پهريون ڀاڱو پورو ٿيو. مون ڀر ۾ نظر وڌي
جيجي (بيگم زينت چنا) ڏاڍي قرب ۽ پاٻوهه سان
مهمانن ۽ اديبن سان ڳالهائي رهي هئي. سندس ڀر ۾
اسان جون ٻيون مهمان ڀينر، مهرالنساءقريشي، سيما
چنه، محسنه عيساڻي، مس رشيده شيخ پڻ ويٺل هيون.
سندن اسان جي هن ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ اسان لاءِ هڪ نئون
پيغام هو ۽ نئون اعلان هو. مان سڀني جا ٿورا مڃيا.
مان هرهڪ ساٿي سان ملندو اڳتي وڌندو رهيس. هر ساٿي
آزاد پکيئڙي وانگر پنهنجي ويچارن ۽ خيالن جي پرڙن
کي پکيڙيندو وڌندو ٿي هليو، مان ڪنهن کي جهٽي ڪنهن
کي جهٽيان. هر اُڏام، هر اوچائي مون منجهيل کي
سلجهايو ٿي. مون ڊڳل کي همٿايو ٿي، مون ٿڪل کي
اُٿاريو ٿي. مان انهن ڪچهرين ۽ نظارن ۾ ئي هوس ته
جيجي سائڻ سڏ ڪيو. هوءَ اڄ هر سال وانگر ميزبان به
ته هئي. هن دفعي هن منجهند جي ماني موڪلائي هئي.
سندس ساٿ کي ساراهيان يا سڪ سنڀاريان، پر جيجي
انهن ڳالهين کان مٿي اسان آڏو هميشه جذبي ۽ قوت جو
مجسمو بڻجي آئي آهي ۽ اسان کي هميشه دعائن ۽ قربن
سان پي نوازيو آهي. سندس سڏ، ڳرو سڏ هو. حڪم ٿيو
ته ماني جي پڇا ڪيو. مانيءَ جي پڇا ڪرڻ کان اڳ
محترم عبدالله چنا بخار جي حالت ۾ اچي پهتو ۽
ٻڌايو ته ماني سڀ تيار آهي، صرف توهان تيار هجو.
سندس طبيعت جي خرابي کيس انتظامي ڪم کان پري نه
رکيو ۽ اچي فرض ۽ ساٿ نڀايائين. مانيءَ ۾ سڀ ساٿي
اچي شريڪ ٿيا. جيجي سائڻ ۽ چنه صاحب پاڻ ويهي سڀني
کي ماني کارائي. سندن ٿورا واقعي ڳائڻ جهڙا آهن.
مانيءَ کان پوءِ وري به ساٿين اچي هال ۾ ديرو
ڄمايو، ٻي بجي تائين اسان سڀني سان ساٿ ڏنو ۽ پوءِ
اسان وري وڃي شام جي تيارين ۾ لڳاسين.
مون ساٿين کي ڏٺو؛ خاص طور نئين شريڪ ٿيل ساٿي
فتاح ملڪ کي ڏٺو جو هيل دير سان پهتو هو، پر ڪنهن
وٽ به ٿڪ نه هو، هرهڪ مطمئن ۽ خوش ٿي ڏٺو. شمس
نمائش جو حساب ڏنو، ڪافي همٿ افزا هو.
ٽپهري ٿي ۽ اچي يارن ڪم وارن ۾ ڦڙڦوٽ پئي، پنجين
وڳي هال ۾ پهتاسين، ساٿي گهڻي ڀاڱي موجود هئا. هال
ڀريل پي لڳو. رسول بخش پليجي مذاڪري جي صدارت لاءِ
پنهنجو وقت تي پهچڻ وارو اُصول ٽوڙي وقت کان اڳ
پهچڻ جي نئين روايت قائم ڪئي هئي. ’روح رهاڻ هڪ
مخزن- هڪ تحريڪ‘ مذاڪري جو روشن موضوع هو. اسان جي
نوجوانن، اسان جي بزرگن، اسان جي سڄڻن، اسان جي
ساٿين ’روح رهاڻ‘ جي هر چڱائي، هر اوڻائي کي پٽ
پڌرو ڪيو. اسان جيڪي گهريو ٿي اُهو اسان کي مليو.
اُنهن اُنهيءَ تحريڪ جي ڪهاڻي ورجائي، جيڪا سالن
کان سانڍيل هئي ۽ ’روح رهاڻ‘ اهو بار پنهنجي ڪلهن
تي ڍوئي، تحريڪ بڻجي، وڻ وڻ واءُ ٿي ماڻهوءَ
ماڻهوءَ منجهه پيهي پکڙجي ويئي. ’روح رهاڻ‘ جي
ٻوليءَ جي مسئلن، شاگردن جي ڏکاين، سماجي اوڻاين،
حياتي جي ڪريل قدرن ۽ ٻين مونجهارن کي سلجهائڻ
مُنڍ کان وٺي هڪ نجو اصول پي رهيو آهي. سندس سچائي
۽ هڏ ڏوکائي سنڌ جي هر فرد جو احساس آهي ۽ اُنهيءَ
احساس اهو محسوس ڪرايو ته اڄ اُها هر تبديلي ۽ هر
نواڻ لاءِ هلايل تحريڪ، تحريڪ پيدا ڪيو آهي ۽ اهو
ڪڏهن نه ختم ٿيندو. اها هئي مذاڪري جي موضوع جي
ڪهاڻي جنهن جو توڙ صدر رسول بخش پليجي پنهنجي دل
جي گهراين مان نڪرندڙ آواز ۽ اُڌمن سان آندو.
مذاڪري کان پوءِ مهمان هليا چانهه پيئڻ، جنهن جو
بندوبست سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ طرفان ڪيو
ويو هو. جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ منير سنڌي ڊوڙ
ڊڪ لائي ڏني هئي. سندس ڀڄ ڊڪ ثاب پئي ۽ چانهه
مهمانن چڱي طرح پيتي ۽ يڪدم بسنت هال جي اڱڻ ۾
جايون والارڻ شروع ڪيون.
هن دفعي سهڪاري دوستن جي نئين صلاح اها هئي ته شام
واريون بيٺڪون ٻاهر اڱڻ ۾ ڪجن، جتي هڪ ٿلهو به
ٺهيل آهي. ڇنڇر واري رات ڪافي
ڪرسيون اڳ ۾ ئي وڇايون هيون سين. باقي ڪرسيون
مهمانن جي چانهه تي وڃڻ کان پوءِ ڍوئڻ لڳاسين.
ويچارا ساٿي، سهڪي پيا پر سندن همٿ ڍري نه ٿي.
شاگرد ساٿي هجن يا اديب ڊڪون پي پاتائون، ۽ قطارون
به ٺاهيائون.
شام جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ ۽ سهائيندڙ هو. هلڪي ۽
ٿڌي هوا جا هلڪا ۽ ننڍا جهوٽا، چوڌاري سڄڻن، قرب
وارن، سڪ ۽ ساٿ وارن جو ميڙ. سامهون اسٽيج تي
غاليچا وڇايل، چوڌاري رنگين بتين جا رنگ هاريل.
خوشي جا خوش ڪندڙ آواز، ٽهڪن جي بلند گونج، ٽوڪون،
چرچا ۽ وندرائيندڙ ڳالهيون. مان صدر مشاعري نياز
همايوني جي دير ڪرڻ جي ڪري پريشان هوندي به ان
ماحول ۾ ٻڏو ٻڏو پي ويس. دل ٽپا ٿي ڏنا، ۽ بي خودي
جي عالم ۾ مان گهڻن مهمانن جي آجيان به ڪري نه
سگهيس جن سڄو اڱڻ ڀري ڇڏيو هو.
آهستي آهستي جيئن رات ٿيندي وئي، تيئن خوشبوءِ ۽
هڳاءُ جي هٻڪار ٿيندي وئي. رات هئي رتل، اصل روح
اندر پيهي وئي. نياز همايوني ڪافي دير سان پهتو،
تيستائين پرواني ڀٽيءَ هميشه وانگر ويهي شاعرن جا
نالا لکيا. جڏهن پرواني ۽ امداد مون کي لسٽ ڏني ته
مان ڇرڪي ويس، وقت تمام ٿورو ۽ چاليهن شاعرن کي
پڙهڻو هو.
مشاعري اُٿڻ سان ئي مهمان ساٿين ۾ اُڌما ڀري ڇڏيا.
چڻنگ هئي دکيل پوءِ ته ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري وئي. هر
شاعر تبديلي، نواڻ لاءِ واجهه وجهندڙ وڌندو ٿي
هليو، ڪيرروڪي ڪير ٽوڪي، هر شاعر جي آڏو سندس
تخيل، سندس منزل هئي، جيڪا ورهين کان سندس من جي
ڀرجهلائو هئي. مشاعري جي مهل، مُلهائتي هئي جنهن
اسان سڀني کي انهي پيچري پنڌ تي ڪجهه اڳڀرو ڪيو،
جنهن تي اڳ ئي پانڌيئڙن پير گهمايا هئا.
اڄ سنڌ پنهنجن سنڌين کي سڏي ڇپر ڇانوري هيٺ گڏ ڪيو
هو. هر آواز، هر لهر ’جيئي سنڌ- جيئي سنڌ‘ جي گونج
هئي.
مون هر طبقي کي هن تحريڪ کان متاثر ۽ مطمئن ڏٺو.
مون شاگردن کي وڌيڪ اُسرندو ۽ نسرندو ڏٺو. سندن
اڳواڻ، يوسف لغاري، مسعود نوراني، مجيب پيرزادو،
ڪامل راڄپر سڀ اُت موجود هئا. يوسف لغاري جڏهن شعر
پڙهڻ آيو، تڏهن شاگردن سندن جيڪا آجيان ڪئي، تنهن
اسان جي اکين ۾ اُميد جا ڏيا ٻاري ڇڏيا. نئون نسل،
نئين رهبري، نوان رنگ، نوان ڍنگ، هر وک نواڻ، هر
وک تبديلي ۽ انقلاب شاگردن جي دکن جون ڪهاڻيون،
’سُر ڪيڏارو‘ سنڌ جي هر فرد جي بيوسي ۽ اُن جا
اونها اونها ساهه، هر ويلي جذبي سان جذباتي ٿيڻ،
مشاعري جي عجيب ڪهاڻي هئي.
نياز همايونيءَ انهي سنڌيت جي لهر کي دائرن کان
ڪڍندو کڻي وڃي ڪناري لاتو. سندس مٺي سُر ۾ عجيب
مڌرتا ۽ سنگيت هو، جنهن اسان جي لنؤ لنؤ ڪانڊاري
ڇڏي. سندس تقرير ۽ شعر جو هر لفظ اسان لاءِ پيغام
بڻجي آيو ۽ من ۾ گهاءُ ڪري ڇپ هڻي ويهي رهيو.
رات جو رنگ عجيب هو. ڀنل ڀنل ۽ رتل رتل رات؛ رنگن
۽ خوشبوءِ جو حسين ميلاپ. مون عجيب سرور جي عالم ۾
راڳ جي محفل جو اعلان ڪيو.
مشاعري ختم ٿيڻ سان مون پنهنجي بزرگ، پنهنجي
ساٿيءَ، محمد ابراهيم جويي کي ڳولڻ شروع ڪيو. سندس
ساٿ کي ڪهڙو ساراهيان. سندس ’روح رهاڻ‘ سان ساٿ نه
ايندا کان وٺي آهي ۽ اُن جي انتها نه ڪونه هو، نه
ڪي اسين ڄاڻون. جشن جي هر ڏکائي، سندس ڏکائي هئي.
سندس راڳ جي محفل جو ذمو کڻڻ وڏي مشڪلات کي منهن
ڏيڻو پيو. جهڙي نموني هن پنهنجي قول کي پاڙيو،
تنهن سندس رتبو اڃا به مٿڀرو ڪري ڇڏيو.
هن دفعي راڳ جي محفل ۾ وڏو بهرو وٺندڙ هئي هڪ
’ميوزڪ لورس ڪلب‘ جنهن کي تيار ڪرڻ ۽ ميدان ۾ آڻڻ
۾ جويو صاحب ۽ سندس ساٿين جو وڏو هٿ هو. مانُ وارن
دوستن نصيرالله عباسي ۽ عنايت الله عباسي ڏينهن
رات ڪري اسان جي جديد شاعرن جي ڪلام جون ڌنون تيار
ڪرايون هيون. هوڏانهن ڀيڻ زرينه بلوچ پنهنجي سر
ويهي ڌنن تي محنت ڪئي هئي ۽ اُنهن کي تخليقي روپ
ڏنو هئائين.
راڳ جي محفل ۾ اسان جو خاص مهمان هو قاضي فيض
محمد. هن مهمان جي ساٿ ۽ قرب جي ڪهڙي واکاڻ ڪري
ڪهڙي ڪيان. سندس هر نشست ۾ سڪ وارو ساٿ. مذاڪري
واري سندس يادگار تقرير، وڻندڙ صلاحون ۽ ڳالهيون.
راڳ جي محفل ۾ هو مٿي ٿلهي تي پنهنجن وانگر اچي
ويٺو. سندس جذبن ۽ اُڌمن جو اِهو عالم هو جو هو هر
نئين گيت ۽ غزل تي گم ٿيو ٿي ويو ۽ ڀڻڪي چيائين ٿي
’سنڌ ۽ سنڌي زندهه آهن ۽ زندهه رهندا.‘
راڳ جي محفل عجب رنگ هو ڄمايو. شاهه، بلهي شاهه،
اياز، نياز، تنوير، فتاح جي شعر اصل بنهه گهائل
ڪري ڇڏيو. زرينه هجي يا ميان عنايت الله عباسي-
رجب علي هجي يا ميان نصيرالله،- انور منور هجن يا
فقير علڻ- بنهه مست ڪري ڇڏيائون. ڇا ته سندن مٺا
سُر هئا، ڇا ته سندن چاهه ۽ پاٻوهه مان ٺاهيل ڌنون
هيون. هنن سنڌ جي نئين اُسرندڙ شعر کي عام کان
جهونگارايو، اِهو سندن وڏو ٿورو ۽ نه وسارڻ جوڳو
احسان آهي.
هيءُ محفل هڪ بجي رات جو پوري ٿي. سندس آخري رسم
اسان جي قومي رسم ’هو جمالو‘ هئي، تنهن تي سڀ اُٿي
بيٺا ۽ اديبن ۽ شاگردن ان ۾ شرڪت ڪئي. ’هو جمالو‘
جي ڪيفيت نرالي ٿئي ٿي، هر فرد سنڌيت جي جذبي سان
سرشار ٿي گهر موٽي ٿو.
مون مهمان ساٿين کي نئين جذبي ۽ نواڻ جي ڌن ۾ مست
ڏٺو. سندن ذهن، زبان ۾ تحرڪ هو، اها اسان جي، اسان
جي تحريڪ جي وڏي ڪاميابي هئي. انهيءَ ڏينهن شهزور
شينهن جي ڪهاڻي انهي ڀنل ۽ رتل رات جي ڪهاڻي، انهي
تحريڪ جي ڪهاڻي هئي. اها ڪهاڻي، ڳالهير کڻندا
رهندا، انهيءَ ڪهاڻي جا سورما، مٿير، پنهنجا ڪردار
نڀائيندا رهندا. هر نسل اها ڪهاڻي ورجائيندو رهندو
۽ سورما منهن مٿي کڻي سنڌ ۽ سنڌيت کي جيئاريندا،
رت جي راند، کيڏندا، ڪڏندا وڌندا هلندا. شال سنڌ
جو هر فرد انهيءَ ڪهاڻي جو سورمو بڻجي، جنهن جي
ابتدا، اسان جي سجاڳ نوجوان ساٿين ڪئي آهي.
مان آخر ۾ انهن سڀني سڄڻن، قرب وارن، سڪ وارن جو
ٿورائتو آهيان، جن مون کي همٿ ۽ قوت بخشي ۽ اهو
بار کڻائڻ ۾ مون سان سهڪاري ٿيا.
مان خاص طور انهن ڀينرن ۽ مائرن جو ٿورائتو آهيان،
جن وڏا وڙ ڪيا جو هن تحريڪ جي فرد جي حيثيت ۾ گهرن
کان نڪري پيون ۽ اسان سان ساٿ نڀايائون. شال سندن
دعا ۽ قرب، سندن ڀائرن ۽ پٽن جي همٿ ۽ حوصلي کي
بلند رکي.
ريڊيو پاڪستان جي عملي وس آهر اسان سان جيڪو ساٿ
ڏيو، تنهن جو آءٌ ٿورائتو آهيان. خاص طور علي محمد
چاڳلا، الياس عشقي، آغا سليم، پير سرهندي ۽ ممتاز
مرزا جا وڏا قرب ۽ ٿورا چئبا، جن اسان سان تعاون
ڪيو.
ڀيڻ زرينه بلوچ هر سال وانگر هن سال به هن اهم ڪم
کي فرض سمجهي ادا ڪيو. سندس ساٿ ۽ سڪ لاءِ اسان
سندس احسانمند آهيون.
ميوزڪ لورس ڪلب لاءِ مان اُن جي سيڪريٽري، محمد
ابراهيم جويو ۽ سندس ساٿين، نصرالله عباسي ۽ عنايت
الله عباسي جو ٿورائتو آهيان. ان سان گڏ ٻين سڀني
فنڪارن جو پڻ جن بنا اُجوري هيءُ وڙ ڪيو.
مان اُنهن اخبارن خاص طور عبرت، خادم ون ۽ نواءِ
سنڌ جو ٿورائتو آهيان، جن اسان سان سهڪار ڪيو.
مان آخر ۾ پنهنجي سهڪاري دوستن غياث، غلام رباني،
ناصر، شمس، مطيع الرحمان ۽ عبدالرزاق جو ٿورائتو
آهيان، جن پنهنجي سهڪار سان نوازيو.
[جشنِ روح رهاڻ جي هڪ رپورٽ] |