سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:2

انسائيڪلوپيڊيا

سنڌيانا مان 

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالحميد ولد محمد اسماعيل ميمڻ آهي. هن 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ بعد هن ’زرعي اقتصاديات‘ جي مضمون ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪئي. 61- 1960ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختلف ڪوآپريٽوِ توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ 1966ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. 1966ع کان 1970ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار

۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (سنڌالاجي) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليائين. ملازمت دوران علمي ادبي ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل ’بزم روح رهاڻ‘ جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون، مشاعرا وغيره منعقد ڪندو رهيو. ادبي مخزن ’روح رهاڻ‘ جاري ڪيائين، ان سان گڏ ’مارئي‘ ۽ ’لطيف ڊائجسٽ‘ جو ايڊيٽر ۽ ’نئين زندگي‘ مخزن جو صلاحڪار به رهيو آهي. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. انهيءَ پد تي 1995ع تائين رهيو. 1996ع ۾ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم؛ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمئن ۽ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رهيو.

حميد سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ، مالياتي ڪميٽي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رهيو. تعليمي بورڊ سکر؛ حيدرآباد؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري؛ پبلڪ اسڪول سکر؛ فيڊرل سوشل ايڪشن پروگرام اسلام آباد؛ سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس وغيره جي انتظامي بورڊن جو ميمبر ۽ سچل اڪيڊمي خيرپور جو چيئرمئن به رهيو آهي.

حميد سنڌيءَ کي علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترا ايوارڊ/ اعزاز به مليا جن ۾: ڪهاڻين جي مجموعي ’ويرون‘ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي ڄامشوري طرفان اوارڊ (1981ع)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ’شاهه عبداللطيف ايوارڊ‘؛ نئشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتاب ’راڻا جي رجپوت‘ تي ايوارڊ (1995ع)، پاڪستان سرڪار طرفان 23 مارچ 1990ع تي ’تمغه امتياز‘ ايوارڊ، ۽ 28 آگسٽ 1993ع تي صدارتي ’اعزاز فضيلت‘ شامل آهن.

پاڻ هن وقت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي اينڊاومينٽ فنڊ جا ميمبر آهن.

حميد سنڌيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾:

(1) سيمي (ڪهاڻين جو مجموعو)، (2) اداس واديون (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (3) ويريون (ڪهاڻيون: ٽي ڇاپا)، (4) راڻا جي رجپوت (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)، (5) جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (ڪهاڻيون)، (6) سوني زنجير (جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو)، (7) سوکي ڌرتي (اردوءَ ۾ ڪهاڻيون)، (8) آري اچين شال (سچل سرمست تي تحقيقي مقالا، ترتيب)، (9) مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) (10) درد ونديءَ جو ديس (11) ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون شامل آهن. ان کانسواءِ هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ مختلف سُرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾: (1) سر ليلا چنيــسـر، (2) سـر گهاتـو، (3) سـر ڪـاموڏ، (4) سر مارئي، (5) سر ڪاپائتي، (6) سر بلاول، (7) سر رامڪلي، (8) سر کاهوڙي، (9) سر ڪارايل، (10) سر بروو، (11) سر سارنگ وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.

 حميد سنڌي ڪجهه عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمئن به رهيو. ’روح رهاڻ‘ مخزن جاري ڪرڻ کان سواءِ ’بزم روح رهاڻ‘ جون محفلون منعقد ڪندو رهي ٿو. هيءُ هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي ٿورن سان]

 

حميد سنڌي

جا انٽرويو

 

حميد سنڌيءَ سان روح رهاڻ

نور الهديٰ شاهه

 

سوال1 :      اوهان جي راءِ ۾ سنڌي ڪهاڻي هن وقت ڪٿي بيٺل آهي؟

جواب: منهنجي نظر ۾ سنڌي ڪهاڻي ئي آهي جنهن جي پهچ سماجي، سياسي ۽ اقتصادي آهي. جيئن جيئن سماجي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال تبديل ٿيندي رهي آهي تيئن تيئن سنڌي ڪهاڻي جو رخ تبديل ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري موضوع ۽ نظريي جي خيال کان سنڌي ڪهاڻي هميشه ڀرپور ۽ دنيا جي ڪهاڻين ۾ نمايان حيثيت والاري آهي. هن وقت به سنڌي ڪهاڻي خال ڀرڻ يا تفريحي نظريي سان نه پئي لکي وڃي. ان جي پهڇ انهن مسئلن ڏانهن آهي. جيڪي اسان جي قدرن سان واسطو رکن ٿا.

سنڌي ڪهاڻيڪار هر دور ۾ سجاڳ ۽ سڄاڻ رهيو آهي. جنهن ڪري اسان جي ڪهاڻي هردور ۾سجاڳي جو پيغام پئي پهچايو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي انهي پهچ ڪري نه ان وٽ موضوع جي کوٽ آهي، نه وري نظرياتي طور نامڪمل آهي. سنڌي معاشري جي صحيح صورتحال ڏسڻي هجي ته سنڌي ڪهاڻي هڪ آئيني مثل مثبتي ۽ منفي ٻئي رُخ پئي پسائيندي.

سوال2: ون يونٽ کان پهرين ۽ پوءِ وارين ڪهاڻين کي ڪهڙيءَ پرک جي آڌار تي ڌار ڪري سگهجي ٿو؟

جواب: ون يونٽ کان پهرين واريون ڪهاڻيون سنڌي معاشري ۾ ايندڙ انقلاب جو اهڃاڻ ڏيندڙ هيون. پراڻو سماجي نظام جيڪو جاگيرداري، وڏيرا شاهي ۽ ڪامورا شاهي سان لاڳاپيل نظام هو، تنهن جي ڀرڪندڙ ڀتين جي ڪرڻ جا آثار ون يونٽ کان اڳ جي ڪهاڻين ۾ چٽا پئي نظر آيا. اهو عمل جاري ۽ ساري رهيو. ڇو ته اهو ڪوٽ ايڏو ته مضبوط ۽ قديمي هو جو ان جون مڪمل پاڙون پٽڻ ۽ انقلاب آڻڻ ۾ ورهيه لڳڻا ئي هئا، ون يونٽ کان پوءِ به اهو ئي عمل جاري رهيو. فرق اهو رهيو ته ڪهاڻيڪارن مسئلن جي کولي اُپٽار ڪئي ۽ ڪنهن هنڌ به لڪ لڪاءُ نه ڪيو. جيڪڏهن ڪٿي هو ڳالهه کولي نه ٿي سگهيا ته علامتي ڪهاڻين جو سهارو ورتو ويو. منهنجي خيال ۾ سنڌي ڪهاڻيڪار سڌي طرح اثر انداز ٿيندڙ فرد يا جماعت طور هڪ ردعمل جو مظاهرو ڪيو ۽ ان ۾ ون يونٽ جا بخيا ته اڊڙيا پر ايندڙ نسل لاءِ به ڏاڍائي جي خلاف آواز اٿارڻ جي روايت پئي. پر اهو چوڻ ضروري ٿيندو ته ان روايت جو حقيقت ۾ بنياد ون يونٽ کان اڳ ئي پئجي چڪو هو. اڳ وارن ڪهاڻيڪار ۽ پهچ جو ڍنگ ۽ طريقو ٻڌائي ڇڏيو هو ڇو ته سنڌي سماج جون اوڻايون ان سجاڳ ڪهاڻيڪار آڏو پڌري پٽ هيون. اڳتي هلي جيئن جيئن ڏک ۽ تڪليف ۾ اضافو آيو، تحفظ نه هجڻ جو احساس وڌيو تيئن تيئن سنڌي ڪهاڻيڪار کلي طرح ميدان ۾ آيو ۽ سندس ڪهاڻين ۾ جيڪو به امرت يا زهر ڀريل هو تنهن سماجي ۽ اقتصادي نظام کي لوڏي وڌو.

سوال3:       نئين ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار ڇا پنهنجي اڳوڻڪي ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾ سگهارو ٿي سگهيو آهي؟

جواب: بدقسمتي سان نه، ان جا ڪيترا ئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. جن مان منهنجي نظر ۾ هيءُ آهن. هڪ ته معاشري ۾ تڪڙيون تبديليون؛ ٻيو ته سياسي ۽ اقتصادي نظام جي غير موجودگي ٽيون ڪارڻ ڳوٺاڻي آبادي جو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جو رجحان. نئين ٽهي انهن تبديلين جي اثر هيٺ رهي، ادبي جماعتن يا رهبرن جي رهبري کان وانجهيل رهي آهي يا ائين چئجي ته انهن کي قبول ڪري نه سگهي آهي. نه وري ادبي جماعتن يا سنگتن يا رهبرن انهيءَ سلسلي ۾ ڪو انقلابي قدم کنيو آهي. جنهن ڪري نئين ٽهي پنهنجي ذاتي مسئلن ۾ ڦاسي صرف ذات يا فرد کي محور بڻايو آهي ۽ اجتماعي مسئلن کان پاسو بدلي ڪيو آهي. انهن جي ڪهاڻين ۽ عام ماڻهو يا پوري عوام لاءِ ڪي به ڪينهي.

سوال4:       نعري بازيءَ واري ڪهاڻيءَ کي ادب ۾ڪيتري عرصي تائين زندهه رکي سگهجي ٿو. ان حوالي سان جمال ابڙي جون پشو پاشا جهڙيون ڪهاڻيون ۽ جليل جون ڪهاڻيون اڄ جي ادب ۾ اوهان جي راءِ مطابق ڪيتري حيثيت والارين ٿيون؟

جواب: منهنجي خيال ۾ نعرو شديد رد عمل جي علامت يا اهڃاڻ آهي. جيستائين سنڌي ڪهاڻيڪار اهو محسوس ڪندو رهيو ته ڏاڍائي يا زبرائي جي خلاف شديد رد عمل جي ضرورت آهي ته هو نعري بازي واريون ڪهاڻيون لکندو رهيو ۽ انهن ۾ هو ڪامياب رهيو. سنڌي معاشري ۾ اڄ جي سجاڳي انهن ڪهاڻين ۽ لکڻين جي ڪري آهي. جيڪي نه رڳو شديد رد عمل هيٺ لکيون ويون پر اثرائتي نموني سان اهو رد عمل هر فرد تائين پهچايو. جيتوڻيڪ سنڌ جو ڪهاڻيڪار نعري بازي کان اڳتي نڪري معاشري ۽ ان ۾ رهندڙ فرد کي عملي راهه ڏسي آهي انهن ۾ جمال ابڙو ۽ امر جليل به شامل آهن جن جون ٻيون ڪهاڻيون رڳو نعرو نه آهن پر ڏکئي پنڌ ڏکي واٽ تي هڪ پيچرو ٺاهينديون هليون آهن. سنڌي ڪهاڻيڪار ان وقت به حالتن پٽاندر سوچي سمجهي ڏانوَ سان هليو هو ۽ بعد ۾ به سندس هر وک سنڌ جي ڀلائي بهتري ۽ سجاڳي لاءِ پي کڄي آهي.

سوال5:       هن وقت سنڌي ادب ۾ وڏو ناول ڪهڙو آهي؟

جواب: سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سٺا ۽ وڏا ناول لکيا ويا آهن. جن ۾ مرزا قليچ بيگ جو ”زينت“ قاضي فيض محمد جو ”جنسار“ ۽ ٻيا ورهاڱي کان اڳ جا لکيل پنگتي ناول شامل آهن. جن ۾ لالچند امر ڏني مل، نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي، ميلارام ۽ رام پنجواڻي جا لکيل ناول وڌيڪ مشهور آهن. سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي اديبن گوبندمالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ سندري اتمچنداڻي جا ناول پڻ نمايان آهن.

سوال6:       هن وقت سنڌي ڪهاڻيڪارناول جي صنف ۾ گهڻو پوئتي بيٺل آهي ان جا ڪارڻ ڇا آهن؟

جواب: اول ته منهنجي لاءِ اها هميشه حيران ڪندڙ ڳالهه رهي آهي ته سنڌي ڪهاڻيڪار کي ناول نه لکڻ جو ڏوهاري ڇو ٺهرايو ويندو آهي، ڪهاڻي ۽ ناول جي صنف جي اُپٽار ڪبي ته ٽيڪنڪ توڙي موضوع جي لحاظ کان گهڻو فرق نظر ايندو. هر ڪهاڻيڪار ڪنهن به صورت ۾ ناول نويس نه ٿو بڻجي سگهي. جيئن هر ڪهاڻيڪار ناٽڪ نويس نٿو بڻجي سگهي. انهن صنفن جي ويجهڙائي يا ڀائپي ٿي سگهي ٿي، پر هنرمندي ۽ فڪر انگيزي جو فرق پنهنجي جاءِ تي آهي.

هو نئن به مڪمل ۽ اثرائتو پيغام يا منشور پهچائڻ لاءِ ناول نهايت ئي ڪارگر صنف آهي. جنهن جي ڪاريگري ۽ ڏانءُ پنهنجو آهي، جنهن لاءِ هر ڪهاڻيڪار موزون يا مناسب ڪاريگر يا ڪمانگر نه ٿو ٿي سگهي. تنهن لاءِ ضرورت آهي ته اسان وٽ ان صنف لاءِ ڌار ليکڪ پيدا ٿين ۽ هن صنف کي اداري (انسٽيٽيوشن) جي حيثيت ڏين، جيئن ڪهاڻيڪارن، ڪهاڻي جي صنف جو هڪ ڌار ادارو (انسٽيٽيوشن) قائم ڪيو آهي جيڪو سالن کان قائم آهي ۽ سندس بنياد، اسان جي سماج جي بنياد سان گڏ پيو آهي. جيتوڻيڪ ڪهاڻيڪارن انهي ڏس ۾ ڪوششون ڪيون آهن، پر آهي ايتريون ڪامياب نه ويون آهن. ڪهاڻيڪار جيترو سنڌي ڪهاڻي ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ پنهنجي صنف کي وڌايو ۽ ويجهايو آهي، ان لاءِ مٿس اها ميار ئي نٿي رهي ته هو ناول جي صنف کي اڳڀيرو ڪري. جن به ڪهاڻيڪار انهي ڏس ۾ ڪوششون ورتيون آهن، جهڙوڪ سراج، محمد عثمان ڏيپلائي، آغا سليم، قاضي خادم، سندري اُتمچنداڻي ۽ ٻيا تن جس لهڻي.

ناول نويسي لاءِ مان ڌار ليکڪن جي اداري جي ضروري ان لاءِ ٿو سمجهان جن به سنڌي ۾ سٺا ناول لکيا آهن سي گهڻو ڪري ڪهاڻي نويس نه هئا، جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ، پروفيسر هوتچند گربخشاڻي، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا. ورهاڱي کان اڳ جي ناول تي نظر وجهبي ته صاف نظر ايندو ته اهو هڪ ڌار ادارو هو ۽ ان جي ليکڪن جي هڪ ڌار برادري هئي.

سوال7:       نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن تي هڪ الزام اهو به رهيو آهي ته هن اجائي فرسٽريشن پکيڙي آهي اهو ڪيتري قدر صحيح آهي اوهان جي نظرن ۾؟

جواب: منهنجي نظر ۾ نئين ٽهي پيداوار ئي اُنهي دور جي آهي جنهن ۾ بنيادي قدر پائمال ٿيل آهن، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال پاڻ ۾ صحيح نموني سان ڳنڍيل ۽ ٺهڪيل نه آهي. معاشرو پاڻ افراتفري ۽ فرسٽريشن جو شڪار آهي. اُن ماحول ۾ اکيون کوليندڙ ضرور اِهوئي ڪجهه ڏيندو جيڪو نه سمجهه ۾ ايندڙ هوندو ۽ جيڪو نه سمجهه ۾ ايندڙ حالتن جي پيداوار هوندو. نئين ٽهي جو پنهنجي ماضي ۽ ثقافتي قدرن کان ان ڄاڻائي يا غير دلچسپي انهي فرسٽريشن کي جنم ڏنو آهي. قومون تڏهن فرسٽريشن يا مونجهاري جو شڪارٿينديون آهن جڏهن هو پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ثقافت کي ميساريل پٽيءَ جيان پنهنجي بغل ۾ وجهي کڻي هلنديون آهن. ۽ دنيا کي هڪ اهڃاڻ طور اُها ميساريل پٽيءَ ڏيکارينديون آهن ته هيءُ اسان جي تاريخ آهي ۽ هن تي اسان جي ثقافت اُڪريل آهي، جنهن تي حقيقت ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي.

اسان جي اڄ جي ليکڪ سان اها ئي ٽريجڊي آهي، هو ماضيءَ کي تاريخ بجاءِ ڀُل ۽ چڪ جو دفتر ٿو سمجهي، هو اروڙ ۽ موهن جي دڙي کي صرف کنڊر ٿو سمجهي. هو ريتن رسمن ۽ رواجن تي چٿرون ٿو ڪري، ان جي ثقافتي رُخ کي صحيح رُخ مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. انهيءَ لاءِ حقيقت ۾ سندس ڏوهه نه ناهي. هو پيدا ئي انهي دور۾ ٿيو آهي جنهن ۾ اسان جا سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي ادارا تباهه هال آهن. جنهن جي ڪري معاشري جو تباهه هجڻ ۽ نه سمجهه ايندڙ يا مونجهارا پيدا ڪندڙ رجحان جو وجود ۾ اچڻ لازم آهي. مان مٿن الزام نه ٿو ڏيان، پرايترو چوندس ته هنن لاءِ ضروري آهي ته تاريخ جاگرافي ۽ ثقافتي ڄاڻ لاءِ هو نه رڳي علم جو سهارو وٺن پرشهرن يا شهري ماحول کان نڪري ٻهراڙين سان لاڳاپو رکن جتي اڄ به مارئي ڳائجي پئي، جتي اڄ به همرچو آهي، جت اڄ به ڪچهريون آهن، جت اڄ به ماڻهو حالون بيحال هوندي ڳائي وڄائي، ڏک سک ۾ ڀائيوار ٿي جيءَ جياري پيو. جت اصل ۾ اسان جي تاريخ جا گرافي، ثقافت جيئري جاڳندي آهي، ۽ اهائي ڄاڻ کين اجائي فرسٽريشن کان پاسيرو رکي، کين اصل مسئلن کان واقف ڪندي، جيڪي مسئلا نه کٽڻا آهن نه کٽندا جن جي لاءِ هزارين ڪهاڻيون لکيون ويون، توڙي لکيون وڃن ته به ٿورو آهي.

سوال8:       ڪهاڻيءَ ۾ جديديت جي (ڊيفينيشن) Definition ڇا آهي؟

جواب: جديد Modern- جديديت Modernism يعني موجوده يا تازي صورتحال متعلق ڪابه ڳالهه. اُنهي کي نواڻ آڻيندڙ ۽ اڄ تائين مڪمل صورتحال چئي سگهجي ٿي.

جديديت؛ موجوده حالتن پٽاندر صورتحال کي نالو ڏنو ويو آهي. جنهن به صنف ۾ پنهنجي حال متعلق نئين سر ۽ پراڻي قدرن کان هٽي ڪا ڳالهه ڪئي وئي ته انهي کي جديد يا ماڊرن سڏيو ويو. اهو نالو اسان جي ادب ۾ ٻاهرين ادب کان آيو جتي جي صورتحال، سياسي، صنعتي ۽ زراعتي انقلابن کان پوءِ تبديل ٿي ۽ انهنجو معاشري ۾ انهي پٽاندرتبديليون ٿيون ائين سندن ادب ۾ به تبديليون آيون. موضوع ڦريا، قدرن جي ماپ تور ۾ گهٽ وڌائي ٿي، نين صنفن جنم ورتو ۽ ائين ڪهاڻي ۾ جيڪو انقلاب آيو تنهن کي به جديديت جو نالو ڏنو ويو.

سوال9:       سنڌي ڪهاڻيءَ جي نقاد جو جيڪو ساڳئي وقت Creative رائيٽر پڻ آهي ان جو سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻيڪار سان رويو ڪهڙو رهيو آهي؟

جواب: جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته جهڙي طرح اسان وٽ ناول جي اداري يا انسٽيٽيوشن جي اڻ موجودگي آهي تهڙي طرح تنقيد جو ادارو پڻ صحيح معنيٰ ۾ قائم ٿي نه سگهيو آهي. تنهن ڪري جنهن نموني سان سنڌي ڪهاڻي کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو آهي اهو ايتري قدر تعميري ۽ ڀرجهلائو نه آهي.

جيئن ٻين ٻولين جون ادبي صنفون نسرنديون ۽ اڀرنديون ئي تنقيد جي سهاري آهن تيئن اسان وٽ نه ٿيو آهي، خاص طرح اسان جي سنڌي ڪهاڻي وري نسري ۽ اُڀري آهي سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي صورتحال جي ڪري. جنهن به نموني جو سنڌ ۾ معاشر تي انقلاب آيو تنهن ۾ وڏو تضاد هو ۽ تضاد ئي قوت بخشيندو آهي. لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي قوت ۾ اڇل ۽ اضافو ئي تڏهن ايندو آهي جڏهن تضاد وارو مونجهارو موجود هجي. تنهن هوندي به سنڌي ڪهاڻيءَ جي نقاد جو ڪردار جي وزنائتو نه آهي ته سندس تارازي جا پڙ خالي به نه آهن.

سوال10:      هڪ راءِ اها به آهي ته سنڌي ڪهاڻي ۾ جنسي مسئلن کي فحاشي جي حد تائين اُگهاڙو ڪيو ويو آهي ان لاءِ اوهان جي راءِ؟

جواب: فحاشي هڪ Relative term آهي، جيڪي اڳ فحش هو اڄ فحش نه آهي جيڪي اڄ فحش آهي سڀاڻ نه هوندو. اها ڳالهه هر معاشري جي پنهنجي اڀرائين يا اوڻاين سبب ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ هر شيءَ جا پنهنجا قدر ٿين ٿا ۽ اُهي دائمي آهن. پر اڄ جي سڄي عالمي معاشري اُنهن دائمي قدرن ۾به ڦير ڦار آندي آهي. جيئن سچ، محبت، حسن ۽ خوبين جا قدر آهن، جن کي اڄ جي دور ۾ اصلئون ۽ نسئلون ئي بدلايو ويو آهي.

سنڌي ڪهاڻي جي اڄ جي دور جي باري ۾ مان ڪجهه نه چوندس باقي اسان واري دور ۾ يا اسان واري ٽهي جيڪو به لکيو اُهو ڪنهن به صورت ۾ فحاشي جي خاني ۾ نه ٿو اچي سگهي اُنهن ڪهاڻين ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون اُنهي وقت فحش ۽ تيز لکيون ويون پر اڄ جڏهن پڙهجن ٿيون ته اُنهن تان اهو ليبل لٿل نظر اچي ٿو.

هونئن به سنڌي معاشرو انهي قسم جي مواد تي اهڙي نموني سان بندش وجهندو رهيو آهي جو اسان جو ادب گهڻي قدر ٻين ٻولين جي ادب جي ڀيٽ ۾ فحاشي يا اُگهاڙپ جو پرچاري نه رهيو آهي.

جنسي مسئلن جي جهڙي به نموني سان اوگهڙ ڪئي وئي آهي اها ڍڪيل ۽ پاسيري آهي. جنهن جو اثر اڻ سڌو ۽ پاسيرو آهي جنهن اسان انسان جي وحشي جذبي جي ڪنهن به صورت ۾ همت افزائي نه ٿي ٿئي. مون رڳو اهڙي وحشيانه عمل خلاف نفرت پيدا ٿئي ٿي.

سوال11: اسان جا ون يونٽ کان پهرين جا ڪيترا ڪهاڻيڪار، اردو ڪهاڻي رشين ۽ انگريزي ڪهاڻيءَ کان ترجمي جي حد تائين Inspire نظر اچن ٿا. ڇو؟

جواب: منهنجي خيالن ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب تيستائين نسري نه ٿو اچي جيستائين دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب مان لاڀ نه ٿو پرائجي. اها ڪا ڳالهه عيب جو ڳي نه آهي ته اسان جي ادب ۾ ٻين ٻولين مان گهڻا ترجما ٿيا يافني قدر حاصل ڪيا ويا.

مان ته سمجهان ٿو ته اڄ جو نئين ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار ٻاهرين ادب کان وڌيڪ متاثر ۽ بنا سوچ سمجهه جي انهن نظرين جو پرچاري آهي جن جو اسان وٽ اڃا وجود ئي ڪونهي. ون يونٽ کا اڳ يا پوءِ جيڪي به ڪهاڻيون لکيون ويون انهن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ وڻ ٽڻ، پکي، پکڻ، جڳهين جاين، باغن بستانن کي جهڙي نموني سان ڪردار بڻايو ويو انهي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي وجود ۽ حيثيت جو احساس ڏياريو. منهنجي نظر ۾ اسان جي ڪهاڻي دنيا جي ڪهاڻين ۾ نرالي حيثيت والاري ٿي ۽ سندس پهچ يا رُخ انهيءَ جذبي کي اڀاري ٿو جيڪو انسان جي جيئڻ لاءِ بنيادي طرح سان تمام ضروري ۽ اڻ ٽر آهي.

سنڌ ڪهاڻي جنهن طرح ٻاهرين ادب کي متاثر ڪيو آهي ان لاءِ ٻاهريان رسالا، ڪتاب موجود آهن جن ۾ سنڌي ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن ۽ اڄ به گهر اها ئي آهي ته سنڌي ڪهاڻيون ترجمو ٿين ته جيئن ٻين ٻولين وارن کي Inspire ڪن.

سوال12: ون يونٽ کان پهرين وارن سنڌي ڪهاڻيڪارن پنهنجي شخصي پيڙائن کان شعوري طرح سان پاسو ڪيو آهي جڏهن ته نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن رڳو پنهنجي شخصي پيڙائن تي ڀاڙيو آهي. اهي ٻئي انتهائون سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڪلهه ۽ اڄ ڪهڙي پاسي وٺي وڃن ٿيون؟

جواب: ’اڄ‘ ۽ ’ڪلهه‘، سڀاڻ ته ناهي جنهن جو پتو نه پئي. ڪلهه جي ڪهاڻي جيڪي رخ روشن ڪيا ۽ مثبتي ڪردار ادا ڪيو اها سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ ٻڌائيندي مان سمجهان ٿو ته ڪلهه واري ڪهاڻيڪار جو ڳاٽ اوچو هوندو جو هن اجتماعي مسئلن تي توجه ڏني، جنهن جي هر قوم جي جياپي لاءِ سخت ضرورت آهي.

باقي شخصي پيڙائن جو مسئلو ته اهو به پنهنجي جاءِ تي هڪ مسئلو آهي توڙي کڻي انفرادي آهي. ان جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي. ان جي ضرورت آهي يا نه اهو ڄاڻن انهن ڪهاڻيڪارن جو فرض آهي. سمجهڻ ۾ ائين ئي آيو آهي ته اها پيڙا ان ڏينهن کان اسان جي جي جسماني يا ذهني لڏپلاڻ ڳوٺن کان شهرن ڏانهن ٿي آهي.

منهنجي نظر ۾ اهي اهڙا ٻه رخ آهن جن سان حياتي کي پرکي ته سگهجي ٿو. پر الڳ الڳ ماپ تور جي نظام سان، هر هڪ جو ماپ تور جا نظام يا قدر مختلف آهن. ’اڄ‘ جي صورتحال واضح آهي. ’اڄ‘ جو ڪهاڻيڪار پنهنجا مسئلا کڻي آيو آهي. سندس مسئلا اجتمائي نه سهي، پر کيس ان بيانسان جيڪا تسڪين ٿئي ٿي اها هر فرد جو حق آهي. فرق صاف ظاهر آهي ته ’ڪلهه‘ جو ڪهاڻيڪار پرچارڪ هئو ۽ ’اڄ‘ جو ڪهاڻيڪار ’پرچارڪ‘ نه آهي.

باقي رهي ته اهي رخ يا بقول اوهان جي انتهائون ڪهڙي پاسي وٺي وڃن ٿيون. اها سڀان جي ڳالهه آهي ۽ مان ”سڀان“ مان پُر اميد ضرور آهيان، پر نجومت جو علم نه ڄاڻڻ ڪري ڪابه پيشنگوئي نه ٿو ڪري سگهان.

سوال13:      نئين ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار پنهنجي شروعاتي لکڻ واري دؤر ۾ گهڻو ڪري جليل کان Inspire ٿيو آهي ڇو؟

جواب:   مون کي اهڙي خبر ڪانهي نه وري چڱيءَ پر ڄاڻ اٿم جو ويهي جليل جهڙي خوفناڪ ڏاڙهي واري شخصيت کي آئيڊيل بڻائي ڇڏيان. جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته سٺو ٿيو آهي هر ادب ۾ ائين ٿيندو آهي. ان لاءِ جليل کي ساراهيو وڃي لک شاباسون ڏنيون وڃن. ۽ مانُ ڏنو وڃي جو ننڍي ٽهي کي Inspire ڪري سگهيو آهي نه ته ٻيا ته سڀ ڏئي وٺي بيٺا آهن.

سوال14: اوهان جي راءِ ۾ ٻنهي دؤرن ۾ ڪهڙا اهڙا ڪهاڻيڪار آهن جن ڪوبه ادبي لاڙو رکندي سنڌي ادب کي سگهاريون ڪهاڻيون ڏنيون آهن؟

جواب:   لسٽ تمام وڏي آهي، جي ڪنهن جو نالو رهجي ويو ته سنگت ناراض ٿي ويندي. هر سنڌي ڪهاڻيڪار سنڌي ڪهاڻي کي جلا بخشي آهي ۽ ان جو ڪردار اڻمٽ آهي. سنڌي ڪهاڻي اسان جي تاريخ آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيڪار اهڙو ڪهاڻي نويس آهي جنهن جو مانُ فرد وسي کان به مٿي آهي. هن پاڻ هڙان وڙان ڏئي سنڌي ادب جو مان مٿي ڪيو آهي.

سوال15: اوهين سنڌي ڪهاڻيءَ مان نظرياتي لاڙن، سوچ، Technic ۽ ادبي لاڙن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڪيترو ڪجهه ڊس اون ڪندا؟

جواب: مان ڪجهه به بس اون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. سنڌي ڪهاڻي جنهن ارتقائي دور مان نڪري اڄ هڪ فعال ادارو بڻجي پئي آهي تنهن جي ڪنهن به لاڙي کي بس اون نه ٿو ڪري سگهجي.

منهنجي نظر ۾ جن به نظرين يا ادبي لاڙن هيٺ سنڌي ڪهاڻي لکي وئي آهي سي منفي نه هيا ۽ ڪنهنبه وس پڄندي، سنڌي معاشري کي ڇيهي رسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. هر ڪهاڻيڪار اهڙن مسئلن کي کنيو جيڪي اسان جاوهان جي سڀني جا مسئلا هيا. ڪٿي به هن ذهني عياشي يا تفريح کان ڪم نه ورتو. ان حالت ۾ ڪابه ڳالهه يا ڪو ڪوبه اکر هيٺ مٿي نه ٿو ڪري سگهجي.

سوال16: ڪهاڻيڪار جو Committed هئڻ ضروري آهي؟

جواب: تمام ضروري جڏهن ته معاشري جو هر فرد ڪنهن نه ڪنهن Cause سان Committed رهي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن سوسائٽي يا جماعت يا ڪميونٽي سان وابسته رهي ٿو، اتي اوهان جو ڪهاڻيڪار ڪيئن اڻ ڌريو رهي سگهي ٿو. جڏهن اسين سڀ هن سماجي نظام ۾ هڪ ڌر آهيون اتي ڪهاڻيڪار ڪنهن به صورت ۾ اکيون ٻوٽي، پاسيرو ويهي، پنهنجي غير جماعتي هجڻ يا اڻ وابستگي جو اعلان ڪري سگهي ٿو.

سنڌي ڪهاڻيڪار جڏهن به لکيو آهي ته سندس لکڻيون سندس نظريي ۽ وابستگي جو کليو اعلان ڪن ٿيون. ۽ پنهنجي نظرين آدرشن جي تڪميل لاءِ Committed هجڻ کان سواءِ ٻيو رستو ڪونهي.

سوال17: مشتاق شورو چوي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي نظرين، آدرشن جي دٻائن ۾ گهٽجي ۽ ٻوساٽجي وئي آهي ان ڪري ئي سنڌي ڪهاڻي جو ڪوبه لاڙو ڪامياب نثري صنف نه بڻجي سگهيو آهي. ان لاءِ واهان جي راءِ ۾ انهن حالتن جا ذميوار ڪهڙا ليکڪ آهن؟

جواب: اول ته مان مشتاق شورو سان سهمت راءِ نه آهيان. نظريا يا آدرش انسان جي آڏو عملي طور تي هڪ کليو ميدان مهيا ڪن ٿا.

جڏهن به نظريا يا آدرش ڪا جڪڙ يا پابندي ڪن ٿا ته هر ماڻهوءَ پنهنجو دڳ پاڻ بڻايو آهي. ڪهاڻيڪار جيڪو هڪ حساس پرچاري جي حيثيت رکي ٿو انهي ڪڏهن به ڪنهن دٻاءُ هيٺ نه لکيو آهي.

هو نئن به نظريا يا آدرش ماڻهو گهٽ يا بوساٽ لاءِ نه پر اڳتي وڌڻ لاءِ ٺاهيندو آهي. انسان اميد ۽ خوف جي وچ ۾ پيل ميدان ۾ سڄي حياتي ڊوڙندو رهي ٿو. اُميد هجي يا خوف اُهي جي آدرشي ۽ نظرياتي نه هجن ته انسان جو جياپي مان ارواح ئي کڄي وڃي.

سنڌ ڪهاڻي جي ارتقائي تاريخ کي ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته ان ۾ نظريا يا آدرش انسان جي اڇي اُجري، سٺي ۽ ڀلي هجڻ لاءِ ضروري سمجهيا ويا هيا. آهستي آهستي اسان جو ڪهاڻيڪار هر انهي نظريي جي مخالفت ڪئي آهي جنهن سان بنيادي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حق جڪڙيا پي ويا آهن. هن اُهي نظريا ۽ آدرش چونڊيا جيڪي انسان جي بنيادي حقن ۽ عزت واري جياپي سان تعلق رکن پيا. جيئن مون اڳ به چيو ته سنڌي ڪهاڻي، سنڌي ادب ۾ نوالي ۽ اثرائتي صنف رهي آهي. ائين جي نه هجي ها ته اڄ جو پڙهندڙ سنڌ جي ڪهاڻيڪار کي مان نه ڏئي ها. سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌي ڪهاڻيڪار جو ڪردار آدرشي ۽ مان ڀريو آهي جو هن انهن نظرين جي پٺڀرائي ڪئي آهي جيڪي سقراط جي زهر جي پيالي ۾ هيا، جن جو سر مد جي سر سان تعلق هو، منصور جي نعري ۾ هيا، شاهه عنايت شهيد جي شهادت ۾ هيا. سنڌ جي ڪهاڻيار حق ۽ سچ جي ڳالهه ڀي ڪئي آهي. جي اهو نظريو يا آدرش گهٽ ۽ ٻوساٽ ٿو پيدا ڪري ته پوءِ الائي ڪهڙي نظريي ۽ آدرش هيٺ گهٽ ۽ ٻوسٽ ٿو ٿئي. ان جي وضاحت شورو صاحب ئي ڪري سگهي ٿو.

ٿي سگهي ٿو ته شورو صاحب ٻاهرين ادب مان آيل ڪن جيوڙن جو ذڪر ڪندو هجي، جهڙوڪ، Suri-realism ۽ Existentialism جن جو اثر چند جوانن ۽ ليکڪن تي آهي پر اهو ڪنهن به صورت ۾ اسان وٽ ته نظريو يا آدرش بڻجي سگهيو آهي ۽ نه وري بڻجي سگهندو جو اسان جا سماجي قدر ٻاهرين دنيا جي سوسائٽي کان مختلف آهن.

سوال18: مجموعي طرح سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي پرک ڪجي ته ڀارت ۾ لکيل سنڌي ڪهاڻي زندگيءَ کي وڌيڪ ويجهي نظر اچي ٿي، ان ڪو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

جواب:  اها راءِ انهي ذهن جي آهي جيڪو ڳوٺاڻي زندگي کان شهري زندگي لاءِ لڏي پلاڻي آيو آهي.

ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪار جا ٻه وڏا موضوع آهن، هڪ وطن ڇڏي وڃڻ وارو موضوع ۽ ان جو احساس ٻيو اتي جي زندگي کي گهارڻ جيڪا شهري زندگي آهي ۽ ان جا مسئلا اهي ئي آهن جيڪي ڪنهن به بي گهر کي شهر ۾ گهر ٺاهڻ روزگار ڪمائڻ وقت پيدا ٿينداآهن.

سنڌي ڪهاڻيڪار وٽ وڏا مسئلا پنهنجي گهر ۾ ويهي بي گهر ۽ يتيم هجڻ جو احساس ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ پاڻ پتوڙڻ آهي.

منهنجي نظر ۾ ٻنهي ڪهاڻيڪارن پنهنجي پنهنجي گهر ۾ ويهي جيڪي ڪجهه به لکيو آهي اهو زندگيءَ جي ويجهو آهي.

هونئن به پرک Rational هئڻ کپي ان لاءِ ٻنهي ليکڪن جي ماحول ۽ حالتن پٽاندڙ ڄاڻ ۽ جائزي جي ذريعي پرک جو عمل جاري رکي ٿو سگهي.

توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته جمال، رباني، سراج، رشيد، جليل، حفيظ، اياز، نسيم، سليم، غياث، اياز قادري، پليجو، قادر، خادم، سوڀي، علي بابا، سرڪي، بيگم زينت چنه، ماهتاب محبوب، ثميره زرين، نورالهديٰ شاهه، قمر واحد، خيرلانساءِ، تنوير جوڻيجو، رشيده حجاب ۽ ٻين جون ڪهاڻيون زندگي جي ويجهو نه آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org