حميد ۽
روح رهاڻ
شيخ اياز
شام جو جيل جي جمعدار ڪجهه رسالا ڏنا جي رشيد
ڀٽيءَ سکر مان موڪليا ها. اُنهن ۾ نومبر- ڊسمبر جي
روح رهاڻ، سماهي مهراڻ ۽ سر گوڌا مان نڪرندڙ رسالو
اوراق هيا. روح رهاڻ ۾ منهنجون ٻه وايون ۽ ڪجهه
امير خسروءَ جي ’ڪَهه مڪرنين‘ وانگر ڳجهارتون
هيون. مون انهن واين مان هيٺين وائي ڪافي وقت
جهونگاري:
جيئڻ مرڻ مون وَس ميان،
تون ڪانڌي ڪو نه ٿجانءِ
ماروئڙن کان منهنڙو موڙيان،
ڏاهپ ٻي ڪا ڏسِ ميان
تون ڪانڌي ڪو نه ٿجانءِ
’روح رهاڻ‘ جهڙو ڪردار برصغير جي ڪنهن به رسالي
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ورلي ادا ڪيو آهي.
[ساهيوال جيل جي ڊائري مان]
پيارو حميد سنڌي
مولانا غلام محمد گرامي
رسالن ۾ ٽماهي ’مهراڻ،‘ ماهنامه ’روح رهاڻ‘ ۽
هفتيوار ’انسان‘ کي نظرانداز ڪرڻ حماقت ٿيندي.
اُنهن جي ايڊيٽرن تي ڇا ڇا نه گذريو! انهن رسالن
تي تاديبي ۽ تنبيهي ڪار گذاريون ڪيون ويون. انهن
جي ايڊيٽرن کي قانوني شڪنجي ۾ جڪڙڻ لاءِ ڪافي
سختيون ڪيون ويون.
’روح رهاڻ‘ جي ايڊيٽر حميد سنڌيءَ پنهنجو ارڪو
ترڪو قربان ڪري، ٽپڙ ٽاڙي وڪڻي، ’روح رهاڻ‘ جي
مشعل کي بلند رکڻ جي تاريخي ۽ بي مثال ڪوشش ڪئي.
’روح رهاڻ‘ جي نالي ۾ انقلاب انگيز ۽ باطل سوز جشن
ملهائي، ون يونٽ جي خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آگ
لڳائي ڇڏي، تان جو سرڪار پاران کيس وڏيءَ چٽيءَ ۾
ڦاسائي، ’روح رهاڻ‘ کي بند ڪرڻ تائين مجبور ڪيو
ويو ۽ اڳتي هلي ’سنڌ دوستي‘ ۽ ’وطن پرستيءَ‘ جي
پاداش ۾ کيس سينٽرل جيل جي سلاخن پٺيان، قيد و بند
جون هوائون کائڻيون پيون!
(ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي 3-4/ 1997ع تان)
سنڌي ادب
جي تاريخ جو اهم باب
ڊاڪٽر غلام علي الانا
منهنجي پياري ۽ اڄوڪي دور جي نماڻي ۽ سٻاجهي حميد
کي آءُ 1958ع کان سڃاڻان. جڏهن هو سنڌ يونيورسٽي
جي اولڊ ڪئمپس (مدر ايلسا قاضي ڪئمپس) ۾ بي اي
(آنرس) جي نصاب لاءِ گهربل لازمي سنڌي جي سبجيڪٽ
واري ڪلاس ۾ مرحوم جمال رند، پروفيسر عزيز چنا،
مير محمد قريشي، قاضي فضل الحق ۽ ٻين ڪيترن ئي
شاگردن سان گڏ پڙهندو هو ۽ باقاعدگي سان ڪلاس ۾
حاضر رهندو هو. اڄ ان کي 44 سال گذري ويا آهن، پر
حميد جي مون سان محبت ۽ قربت ۾ ڪوبه فرق نه آيو
آهي. سندس تازي شايع ٿيل ڪتاب: درد ونديءَ جو ديس
جي هڪ ڪاپي مون کي 20 نومبر 2002ع تي تحفي طور پيش
ڪيائين، ان تي جيڪي لفظ لکيا اٿس آئون چاهيان ٿو
ته پڙهندڙن کي اهي لفظ ٻڌايان. لکيو اٿس:
”منهنجي سائين، ڏکن سکن جي ساٿيءَ محترم ڊاڪٽر
غلام علي الانا صاحب لاءِ سڪ، قرب، ادب ۽ احترام
سان“ اهي ۽ اهڙا لفظ، اهو بااخلاق ۽ مهذب خاندان
جو فرد ئي لکي سگهي ٿو جيڪو بنيادي ۽ اصيل گهراڻي
۾ ڄائو آهي، اتي ئي وڏو ٿيو آهي ۽ پنهنجن وڏن کان
مليل مائٽياڻي ميراث کي قائم رکندو آيو آهي. وڏن
چيو آهي ته: اصل اصل آهي ۽ نقل نقل آهي.
حميد صاحب جو واسطو نوشهري فيروز جي سيٺين جي
خاندان سان آهي. نوشهري فيروز جي سيٺين جي هن ٻار
۾، خانداني نياز ۽ نوڙت، نماڻائي، حليمائي ۽
نهٺائي، ننڍپڻ واري ڄمار کان وٺي خانداني روايتن
موجب ڪٽي ڪٽي ڀري هئائون، نياڻيءَ سياڻيءَ لاءِ
حيا، شرم ۽ احترام جي سلسلي ۾ حميد هڪ مثالي انسان
آهي.
آئون کيس سندس شاگرديءَ واري زماني کان ”سهڻا
حميد“ واري فقري
سان مخاطب ٿيندو آهيان، حميد اڄ به ساڳيو آهي.
هيڏن وڏن عهدن تي رهڻ جي باوجود، منجهس ڪنهن به
قسم جي تبديلي نه آئي آهي. ڇو جو هو اصلي خاندان
جو اولاد آهي ۽ اصيل آهي پُڇَ ڍائو ڪونهي جو
هلڪڙائي واري هلت هلي. ڄائي ڄم کان چاندي جي چمچن
سان کير پيتائين. تنهن ڪري رڙيءَ وارن سيٺين
جهڙيون خوبيون ۽ خصلتون منجهس هر وقت موجود
رهنديون آهن.
نوجوانيءَ واري عمر بلڪ شاگردي واري زماني کان،
سنڌي قوم پرست هجڻ ۽ روح رهاڻ رسالي ذريعي سنڌي
قوم پرستي لاءِ نه فقط پرچار ڪرڻ پر ڪم ڪرڻ ڪري،
حميد ڪيترائي قوم پرست نوجوان، پنهنجا عاشق ۽ پيرو
بنائي ڇڏيا ناصر مورائي سليم خواجو، اشفاق قاضي،
سيف ٻنوي ۽ ٻيا به ڪيترائي ساڻس گڏ هئا ۽ انهي ڪري
جيجي زينت عبدالله چنا، مرحوم خانصاحب عبدالله
چنا، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، تنوير
عباسي، سرائي اميد علي، ع_ق شيخ، شيخ حفيظ،
نورالدين سرڪي، مقبول ڀٽي، غلام رباني، سوڀي
گيانچنداڻي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مقبول صديقي
توڙي ڪيترن ئي مردن توڙي عورتن جي نظرن ۾ هو
مانائتو رهيو آهي.
هي ڪتاب، درد ونديءَ جو ديس، جيئن پاڻ ديباچي ۾
لکيو اٿن ته:
اُهو مختصر پر پنهنجن جذهب ۽ ڪيفيتن جي ڪهاڻي
منهنجي زباني آهي.
جيئن چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي خبر ساڻس ڪجهه ڏهاڙا
گڏ رهڻ سان يا ساڻس گڏ سفر ڪرڻ سان پوندي آهي.
حميد سان گڏ مون سڄا سڄا ڏينهن سفر به ڪيو آهي ته
ست مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڏکيا ڏينهن به گڏ
گذاريا اٿئون، جتي اسان جا ڪي ساٿي، حوصلو وڃائي
ڪڏهن ڪڏهن ڇتا به ٿي پوندا هئا. اسان ٻنهي جي
وائيس چانسلريءَ وارو زمانو به ساڳيو آهي. انهي
ڪري چئبو ته اسان ٻنهي ڏکيا سکيا ڏينهن گڏ گذاريا
آهن ۽ ڏک سُک ۾ هڪ ٻئي جي حامي رهيا آهيون.
حميد، سندس نوجوانيءَ واري زماني کان وٺي، اڳتي ون
يونٽ واري دور ۾ سنڌ ۽ جديد سنڌي ادب لاءِ هڪ مبلغ
۽ سرويچ وانگر ڪم ڪيو آهي. محنت حميد ڪئي ۽ کٽيو
ٻين کاڌو. روح رهاڻ رسالو ڪڍيائين، زندگي پبليڪيشن
ادارو قائم ڪيائين. ۽ ون يونٽ واري زماني ۾ سينو
سپر ڪري، جشن روح رهاڻ جا اهتمام ڪيائين ۽ انهن
جشنن ذريعي جديد سنڌي ادب جي فروغ ۽ بچاءَ لاءِ
اهڙي ته جدوجهد ڪيائين جو سنڌ جي جديد ۽ قومي
شاعرن مان اڪثر شاعرن ۽ ڪهاڻي نويسن کي قومي حيثيت
تائين پهچائي ڇڏيائين. جيڪا سندس خواهش به هئي.
اهو ته هر شخص ڄاڻي ٿو ته مبلغ پنهنجي مقصد لاءِ
سختيون سهندا آهن ۽ قربانيون ڏيندا آهن. حميد ته
پنهنجي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ سختيون سٺيون ۽ جيل
جي ياترا به ڪيائين، انهي آزمائش ۾ هو پڪو ۽ پختو
ٿي نڪتو، روح رهاڻ رسالي ۾ سندس ڪهاڻيون، سندس
ايڊيٽوريل ۽ ٻين رسالن ۽ ڪتابن ۾ سندس ڇپيل مقالا،
مضمون ۽ ڪالم جڏهن پڙهجن ٿا ته ماڻهو دنگ رهجيو
وڃي ۽ ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي ته اسان جو ڏک
سک جو هي ساٿي، لکڻ ۾، پنهنجي انداز بيان، پنهنجي
خاص نموني جي عبارت ۽ طرز تحرير ۾ سندس حسن بياني،
رنگين زبانيءَ، فصيح عبارت ۽ آسان ٻوليءَ، ڪهاڻيءَ
نويسيءَ جي سڀني خوبين، خصوصيتن جهڙوڪ: منظر
نگاريءَ، حقيقت نگاريءَ، ماحول جي عڪاسيءَ، واقع
نگاريءَ، ڪردار نگاريءَ، اسُلوب بيان، مڪالمه
نويسي ۽ ڪردارن ذريعي سنڌي ماڻهن جي نفسيات ۽ انهن
جي نفسياتي ڪيفيتن ۽ جبلتن ۽ سندن سماجي مسئلن کي
تحرير ذريعي پيش ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو.
پاڻ خود لکي ٿو ته:
”انهيءَ سونهاري سنڌ جي حُسن، اُتان جي ماڻهن جي
جذبن، ڪيفيتن، ڏجهن ڏوجهرن ۽ ڪيئن ئي سهڻا، ساڀيا
سپنا سرجيندڙن مون کان گهڻو ڪجهه لکرايو. ڪئين ئي
ڪهاڻيون لکيم، جن ڪيئي ڪتاب ڀري ڇڏيا
”سيمي“ هجي، ”اداس واديون“، هجي، ”ويريون“ هجي،
”راڻا جي رجپوت“ هجي،
جاڳ به پنهنجي جيءَ سان“. انهن جا ڪئين ئي ڪردار،
نٻل هيڻا، مت موڙهيل پاڻ وهيڻا، مڙس مٿير بڻجي
پنهنجي قوت جلايو، هر ڪهاڻيءَ جو مان مٿاهون ڪيو
بيٺا آهن.“
سنڌي ڪهاڻيءَ کان سواءِ، ٻين صنفن ۾ به سندس ادبي
خوبين جي ڪري حميد صاحب، سنڌي ادب جي تاريخ جي هڪ
اهم باب جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن لاءِ هڪ
نقاد نه، پر ڪئين ويهي تجزيو ڪندا ته ڪا ڳالهه ٺهي
پوندي.
حميد هڪ اهڙو اديب آهي جنهن وٽ پنهنجي زندگيءَ جي
اُنهن
تجربن واريءَ دنيا مان کنيل موضوعن ۽ عنوانن جو بي
انتها اکٽ خزانو آهي. اهو ئي سبب آهي جو حميد صاحب
دائما لکندو رهيو آهي. هن جو قلم لکڻ کان هرگز ۽
هر حال ۾ رڪيو نه آهي، پوءِ چاهي هو حيدرآباد پبلڪ
اسڪول جو پرنسپال هو. چاهي ڊائريڪٽر ڪاليجز هو،
چاهي سنڌالاجيءَ جو ائڊيشنل ڊائريڪٽر هو، چاهي سنڌ
يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار هو ۽ چاهي سنڌ زرعي
يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر هو. يا اُن کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي جي
ٻين عهدن تي فائز رهيو. سندس قلم ڪڏهن به خاموش نه
رهيو. پاڻ خود لکيو اٿن ته: ”اسان واري ڳالهه نه
کٽي نه اڳتي هلي. هن ٻرندڙ سماج وانگر، هٿ لاءِ ته
سڀ ڪجهه ڀريو پوي، پوءِ به وڻي نه وڻي، مون هٿ نه
روڪيو ۽ لکندو رهيو آهيان. ڪهاڻيون ڪهندو رهندو
آهيان، اُبتو سبتو ڳالهائيندو رهيو آهيان، پر فڪر
۽ نظرين ۾ تبديليءَ جو قائل نه رهيو آهيان، جو
انساني، اخلاقي سچ، حق، حسن ۽ خير جا قدر سانڍيندو
۽ پاليندو رهيو آهيان ۽ اهو يقين اٿم ته قدر يا
ماپا ڪڏهن به مٽبا ناهن يا ڪنهن جي مزاج مطابق ڪو
ڦرندا گهرندا آهن.“
حميد صاحب تخليقي ادب جو هڪ مڃيل قداور اديب آهي.
حميد جي نثر نويسي، تخليقي ادب وارين خوبين ۽
خصوصيتن سان ڀريل آهن. جڏهن سندن ڪوبه افسانو، روح
رهاڻ رسالي ۾ ڇپيل سندس ڪوبه ايڊيٽوريل يا ڪنهن
ڪتاب ۾ شامل ڪيل سندس ليک مهاڳ پڙهبو آهي ته ائين
محسوس ڪبو آهي ته هو خود سامهون ويٺو آهي ۽ پنهنجي
خاص انداز ۽ اسٽائيل سان پنهنجي لکيل اها صنف خود
پڙهي ٻڌائي رهيو آهي. مثال طور سندس لکيل هي
پئراگراف اکيون پوري ٻڌو يا خود پڙهو. اوهين محسوس
ڪندو ته حميد پنهنجي خاص انداز ۽ اسُلوب سان، اهو
پئراگراف پڙهي رهيو آهي. مثال طور هي پئراگراف
ملاحظه ڪريو: ”هن حياتيءَ جو هيءُ وڏو پنڌ لتاڙي
آيو آهيان پر نه نينهن نپجڻ وسريو اٿم، نه ”ڇنڻ
مور نه سکيا“، واري فڪر ۽ عمل کي پاسيرو رکيو اٿم.
ٻئي ڳالهيون هڪ ڀانيون اٿم، هڪ لڪائي ٻي ڪڍ، ٻي
لڪائي اڳين ظاهر ڪر. نينهن وارو پيچ اٽڪائي اسان
پارو ماڻهو ڇنڻ واري ڳالهه بنهه نه واريندو. سارو
جهان ڀلي ڇنڻ جي ڪري، پر نينهن وارو ناتو ڳنڍڻ ئي
سيکاريندو، کير ۾ کنڊ پوندي ته مٺو ٿيندو. مون اڄ
تائين انهيءَ واٽ تي هلندي ڪئين مزا ماڻيا آهن،
سکن ۽ خوشيءَ جا ڏينهن، ته ڏجهن جا ڏاج مليا اٿم.“
حميد جيئن ون يونٽ واري دور ۾ سنڌ جي مسئلن، سنڌي
ٻوليءَ جي مسئلن، سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن جي مسئلن،
سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي مسئلن تي زوردار لفظن ۾ هڪ
حقيقت نگار جي حيثيت ۾ زوردار ايڊيٽوريل لکيا ۽
سرڪاري ڪارندن جي قدمن جي پرواهه نه ڪئي، تيئن هن
ڪتاب جي فقط مهاڳ مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هن صاحب
قلم اديب (حميد) جي دل، سندس هن عمر ۾ (حميد هاڻ
پوڙهو ٿي چڪو آهي) به، نوجوانن جي دلين وانگر سنڌ
۾ سنڌ وارن لاءِ تڙپي، هو لکي ٿو ته:
”اڄ اسين جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، پنهنجي
ماضيءَ ۽ پنهنجي
ادبي، سماجي تاريخ جي دائري کان نٿا نڪري سگهون،
جو اهائي تقاضا آهي، ثقافتي ۽ سماجي اگهائي اُهائي
ساڳي آهي، بک، بيروزگاري، اَمن، پاڻي ۽ پوک جا
ساڳيا مسئلا آهن. فرسوده وڏيرڪي نظام يا ڏاڍ جي لٺ
کي اُهي ئي ٻه مٿا آهن. تنهن ڪري ادب سَرجي پيو ۽
اُهو ڪجهه سَرجي پيو جنهن اڳ به فڪري نظام ۽ سوچ ۾
انقلابي تبديليون آنديون هيون. اڄ به سڪل درياهه
جي ڪنهن ٻوڙ ٻوڙان رخ بجاءِ ماڻهن جو درياهه،
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اٿلي پيو آهي. هر مسئلي تي پرجوش
احتجاج، ڌرڻا، جلسا ۽ جلوس، ڇا هو سنڌ جي تاريخ جو
حصو نه آهي؟ اِهو ادب پيو سرجي، ڪلهه ادبي رسالا ۽
مخزنون ڀريل هيون، اڄ اخبارون ۽ اُنهن جا ايڊيشن
ڀريل آهين.
اڳتي حميد صاحب لکي ٿو ته:
”تاج بلوچ صاحب جي ماهوار سوجهرو رسالي جي
ايڊيٽوريل، جنهن ۾ تاج بلوچ صاحب لکيو هو:
موجوده سنڌي ادب، اوسر بدران زوال پذير قدرن جي ور
چڙهي ويو آهي. ماضيءَ جي ادب جي ڀيٽ ۾ هلندڙ دور
جي ڪهاڻي ۽ شعر ۾ اهو نياپو، تاب ۽ اُڇل نه رهي
آهي.“ پر حميد صاحب موجوده دور مان به نااُميد نه
آهي ۽ تاج بلوچ صاحب کي مخاطب ٿي لکي ٿو ته:
”بقول تاج بلوچ جي، اڄ جي اديبن ۾ اُها تاب يا اها
اُڇل نه رهي آهي، ته ڀاءُ! سڀان ايندي، پرينهن
ايندي، سنڌ جي تاريخ جا ورق اَڇا پنا نه آهن، اُهي
ڪنهن گهڙيءَ، ڪنهن پل ضرور ڳالهائيندا ۽ ماضيءَ جي
احتجاجي ادب يا ون يونٽ واري دور ۾ تخليق ڪيل ادب
جيان، اُن دور مان ٻيو دور تاڙو ملائي نڪري ايندو
(مهاڳ ص 12)
حميد صاحب جا اهي تاثرات ظاهر ٿا ڪن ته حميد جا
اهي جذبا، موجوده دور جي جوانن جي جذبن کان به
وڌيڪ اثر وارا آهن ڇاڪاڻ ته حميد جا اهي جذبا
کوکليون ڳالهيون نه آهن، سندس اهي ڳالهيون نشي
پيتل جوانن جي وڦلجڻ واريءَ حالت وارين ڳالهين
وانگر نه آهن. حميد هڪ ڪهنه مشق اديب، سالم سوچ
رکندڙ مفڪر ۽ قوم پرست آدرشي انسان آهي، جنهن
نهايت ئي هوش وچان اهي ڳالهيون ڪيون آهن.
اسان ڳالهين ڪرڻ وارا اديب به ڏٺا آهن، اسان جلسن
۾ اسٽيجن تي بيهي ڊاڙون هڻڻ وارا ليکڪ ۽ شاعر به
ڏٺا آهن، جيڪي ڪامورن جي خوشامد ڪرڻ لاءِ، انهن جي
گهرن تي حاضريون ڀرين ٿا ۽ تحفا پهچائڻ ۾ فخر
محسوس ڪن ٿا: پر اسان جو سدا بهار ۽ سهڻو حميد، هڪ
سچو سنڌي ۽ آدرشي انسان ۽ سنڌ جي عشق ۾ سدائين
ٻُڏل نظر ايندو آهي، جنهن کي نه فقط سنڌ لاءِ، نه
فقط سنڌ جي ماڻهن لاءِ، نه فقط سنڌي ٻوليءَ لاءِ
عشق پر کيس سنڌي ادب لاءِ خلوص سان ڀريل دل ۽ اُن
۾ سچا ۽ نيڪ جذبا آهن. اهو ئي سبب آهي جو حميد کي
هر ڪو سنڌي، ننڍو توڙو وڏو، مرد توڙي عورت ڀانئي
ٿي، هر ڪو سنڌي کيس عزت ڏئي ٿو، ۽ هر ڪو ماڻهو
حميد جي سڏ تي اچيو وٽس حاضر ٿئي.
هن ڪتاب جو مهاڳ گويا حميد جي دور جي ادبي تاريخ
جو اهو باب آهي جيڪو حميد جي چوڌاري ڦري رهيو آهي،
جنهن ۾ هن پنهنجن متقدمين ڪهاڻيڪارن جا نالا
ڄاڻايا آهن، جن سندس چوڻ موجب:
”اسان واري نسل کي دڳ ڏسيو ۽ ماحول مان ڪردارن جي
چونڊ ۽ پيغام ڏيڻ جو ڏانءُ ڏسيو (مهاڳ، ص 13)
ان کان پوءِ حميد صاحب پنهنجي همعصر ڪهاڻيڪارن جا
نالا ڏنا آهن ۽ انهن جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”انهن ڪهاڻيءَ جي هڪ تسلسل کي هٿ ۾ هٿ ڏيئي قائم
رکيو. وقت آيو جو ٻنهي دورن جا ڪهاڻيڪار هڪ ئي دور
جا ڪهاڻيڪار ليکيا ويا (مهاڳ ص 13)
يقينن انهن ٻنهي دورن جي ڪهاڻيڪارن جي سوچ ساڳي
آهي: سنڌ جي مسئلن ڏانهن سندن پهچ ساڳي آهي، حميد
صاحب هڪ صحيح نقاد جي روپ ۾ بلڪل درست فرمايو آهي
ته:
”ڪهاڻيءَ جي انهن دورن کي سهه ماهي مهراڻ، ماهوار
روح رهاڻ، اڳتي قدم، ماهوار سهڻيءَ، ماهوار
سوجهرو، ماهوار نئين زندگي ۽ ماهوار نئون نياپو ۽
ٻين ڪيترن ئي ڪتابي سلسلن به زنده رکيو ته اُن سان
گڏ انهن ليکڪن کي آب حيات پياري ڇڏيو جو اهي،
ڪهاڻيڪار اڄ به مَرڪِن پيا.
سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن وانگر حميد به
پئسي ڪمائڻ خاطر ڪونه لکيو آهي، هن پيٽ جي بک لاهڻ
لاءِ ڪونه لکيو آهي، مون پنهنجي ڪتاب، سنڌي نثر جي
تاريخ ۾ لکيو آهي ته ”سنڌ جي اديبن جي محبوبه ڪا
پري پيڪر، حسين ۽ جميل جوانڙي ڪونهي، پر سنڌي
اديبن ۽ شاعرن جي محبوبه سنڌ آهي. اُهي سڀ سنڌ کي
امڙ سڏين ٿا ۽ سنڌ امڙ سان پيار ڪن ٿا. هو سنڌ
لاءِ ئي جيئن ٿا ۽ سنڌ لاءِ ئي مرن ٿا. انهن جا
ڪردار يقينن سنڌ جا عام توڙي خواص ئي آهن. انهن
جون ڪهاڻيون، انهن جا لکيل ناول، ڊراما يا سندن
شاعري سنڌ متعلق آهي، سنڌ جي سماجي تاريخ متعلق
آهي. منهنجي نياڻيءَ، ڊاڪٽر نور افروز خواجه،
پنهنجي
Ph.D
واري ٿيسز ۾ بلڪل درست تجزيو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن
لکيو آهي ته:
”جيڪڏهن ڪوبه محقق سنڌي ماڻهن جي نفسيات ۽ نفسياتي
لاڙن، جبلتن ۽ ڪيفيتن، توڙي سنڌي زبان، سنڌي زبان
جي حسن بيانيءَ جي نمونن جي مطالعي ڪرڻ جي خواهش
يا تمنا رکندو هجي يا سنڌي سماج جي ڌار ڌار پهلوئن
قدرن نظرين جي اڀياس لاءِ ارادو رکندو هجي ته
منهنجي هيءَ ٿيسز هر طرح سان مدد ڪندي ۽ سندس سڀ
تحقيقي گهرجون پوريون ڪندي.“
هن دعوا مان پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز جو مقصد هيءُ
آهي ته هن پنهنجيءَ هن ٿيسز ۾ ورهاڱي کان پوءِ
لکيل اڪثر سنڌي ناولن جو گهرو مطالعو پيش ڪيو آهي
جنهن ۾ سنڌي ناولن ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي نفسياتي
پهلوئن ۽ سنڌي سماج جي مختلف دورن ۾ پيش ايندڙ
مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. اُهي مسئلا سنڌي
سماج جي تاريخ لکندڙن لاءِ، سندن تحقيق جا موضوع
بڻجي سگهن ٿا.
پنهنجي هن ڪتاب (درد ونديءَ جو ديس) جي مهاڳ جي
آخري حصي ۾ حميد صاحب پنهنجين ڪهانين ۾ آندل
مسئلن، ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ موضوعن جي باري ۾ لکي
ٿو ته:
”هن مجموعي بابت صرف ايترو عرض ڪندس ته هيءُ
ڪهاڻيون تهدر نئيون هوندي به سنڌ جي مٽيءَ ۽
پاڻيءُ سان ڳوهيل، جيئرن جاڳندن ساهه وارن جا اُهي
داستان آهن، جيڪي مون، من ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا.
هيءُ ڪردار ايترا ته طاقت وارا رهيا آهن جو نيٺ
مون کي مجبور ڪيائون ته سندسن بابت لکان، زماني جي
هيٺ مٿاهين هن ويلي منهنجي قلم ۾ ڪڙاڻ ۽ تکاڻ،
ڪجهه سرس وجهي ڇڏي آهي. سندن گذاريل حياتي جي تلخ
۽ ڪوڙي آهي ته مون جيڪي منجهه جهان گهاريو آهي
اُهو به ڪجهه گهٽ زهريلو نه رهيو آهي. اڳ ڪئين ئي
زهر پاڻ چؤسي ۽ پي پنهنجي ڪهاڻين ۾ رحم، ٻاجهه ۽
قرب وارن جذبن کي مٿانهون پي رکيو هيم، هن دفعي
جڏهن حياتيءَ جو پويون پهر آهي ته جسم به گهڻو زهر
ڳهي هضم نه ٿو ڪري ان لاءِ زهر اوڳاڇڻو پيو آهي.
مون دراصل هن زهريلي سماج، جيڪو منهنجي جيئرن
جاڳندن ڪردارن کي بي رحميءَ سان ڏنگيندو رهيو آهي،
اُهو زهر سندن انگ جي هر ڏنگ تان چوسي هت اوڳاڇيو
آهي، تان ته جيئن منهنجا همسفر ڪردار، سنڌ جي مٽي
۽ پاڻيءَ جي وفا جي علامت، هيءُ پاڻ جيئن ۽ ٻين کي
جياريندا رهن (مهاڳ ص ص 14 ۽ 15)
حميد صاحب جو هيءُ ڪتاب ڪل ڏهن افسانن تي مشتمل
آهي. انهن افسانن جا عنوان هي آهن:
”زماني جو دستور، بند ڪتاب جو بند باب، ٿيس ڏهاڳڻ
ڏيهه ۾، ”هي زهر ڪير ته پيئندو؟“ ڪهڙي مومل ڪهڙو
راڻو؟“ ”پل جو موهه“، ”ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن“، ”درد
ونديءَ جو ديس“، ”ڇت ۾ لڳل گولي“ ۽ ”رومانس جي
خودڪشي.“
انهن افسانن مان هر هڪ تي تبصرو ڪرڻ کان بهتر آهي
ته ڏسون ته سنڌ جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۽ حميد سنڌي صاحب
جي هم عصر ساٿين، حميد صاحب جي فن، فڪر ۽
ڪهاڻيڪاريءَ جي خصوصيتن سندس ڪردارن، سندس حسن
بيانيءَ، منظر نگاريءَ، حقيقت نگاريءَ ۽ افسانه
نويسيءَ جي ٻين خوبين جي باري ۾ ڇا لکيو آهي؟
حميد صاحب جي انهن ساٿين مان آغا سليم، حقيقت پسند
ڪهاڻيڪار
جي عنوان سان، قمر شهباز حميد، اڻٿڪ انسان جي
عنوان سان، ماهتاب محبوب پارس جهڙو شخص ۽ سچائين
جي آرسيءَ جي عنوانن سان ۽ خواجه سليم پاڻ سڄي رکڻ
جي واٽ، جي عنوان سان، حميد صاحب جي فن ۽ شخصيت جي
باري ۾ رائزني ڪئي آهي.
آغا سليم، حميد جي همعصر ليکڪ هجڻ جي حيثيت ۾ اهو
اظهار ڪيو آهي ته ”اهڙي حالت ۾ حميد جي فن تي لکڻ
سندس لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي.“ آغا صاحب جي نظر ۾
حميد هڪ حقيقت شناس ۽ حقيقت نگار ڪهاڻيڪار آهي. هن
جي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ واقعا هٿ جا گهڙيل نه آهن.
حميد جا ڪردار زندگيءَ جا ڪردار آهن، حميد جون
ڪهاڻيون پڙهندي لڳي ٿو ته عام زندگيءَ ۾ اسين انهن
ڪردارن کي ڪٿي نه ڪٿي ملي چڪا آهيون ۽ هنن جي
زندگيءَ ۾ جيڪي واقعا پيش آيا آهن، اهي اسان جي
اڳيان رونما ٿيندا رهيا آهن.“ آغا سليم صاحب جي هن
مان ائين ٿو ظاهر ٿئي ته حميد صاحب ڪردار نگاري ۽
واقع نگاريءَ وارين فني خصوصيتن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
آهي. آغا صاحب اها راءِ حميد صاحب جي هن ڪتاب ۾
شامل ڪيل هر ڪهاڻيءَ جي پڙهڻ کان پوءِ ڏني آهي،
آغا صاحب دليل طور انهن ڪهاڻين مان ڪافي مثال به
ڏنا آهن.
آغا صاحب ڪردارن جا قسم بيان ڪيا آهن، ڪن ڪردارن
کي هو
flat
ڪردار ٿو سڏي ته وري ڪن ڪردارن کي
round
ڪردار ٿو ڪوٺي، وري هر قسم جي ڪردار جي مثالن جي
وضاحب به ڪئي اٿس. ان لاءِ
flat
ڪردار لاءِ زماني جو دستور، ڪهاڻيءَ ۾ مامي شمن،
جو ڪردار ۽
Round
ڪردار جهڙي منجهيل ۽ ڳتيل ڪردار، جن جي شخصيت جا
تهه آهستي آهستي کلن ٿا، اهڙي ڪردار لاءِ پل جو
موهه ڪهاڻي ۾ ڦلان جو ڪردار آهي.
آغا صاحب پاڻ به هڪ وڏو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن لاءِ
حميد صاحب خود لکيو آهي ته:
”آغا سليم تشبيهن جو بادشاهه، پنهنجي دور جو
رومانٽڪ ڪهاڻيڪار، جنهن ڪسوٽيءَ سان هنن ڪهاڻين ۽
انهن جي ڪردارن کي پرکيو آهي، اهو سندس انفراديت
واري پهچ کي ظاهر ڪري ٿو.“
آغا صاحب جي راءِ ۾ حميد جون ڪهاڻيون ادب ۾ حقيقت
نگاريءَ واريءَ روايت جون ڪهاڻيون آهن. سندس
ڪهاڻين جا ڪردار اسان جا ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل
ٿا لڳن ۽ ڪهاڻين جا واقعا به اڻ ڏٺل ۽ اوپرا نٿا
لڳن. آغا صاحب حميد کي
Realism
واري ادبي نظرئي جو ليکڪ ٿو تسليم ڪري. اُن لاءِ
هن، هي زهر ڪير ته پيئندو؟ ڪهاڻيءَ مان مثال ۽
دليل ڏنا آهن.
محترم قمر شهباز، حميد صاحب جو ٻيو نقاد آهي. قمر
شهباز به سنڌي
ادب ۾ هڪ قداور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس جي حيثيت ٿو
رکي. محترم قمر شهباز پاڻ به جديد تخليقي ادب جو
هڪ وڏو اديب ۽ مڃيل نقاد آهي. قمر شهباز صاحب جو
هن ڪتاب ۾ ڇپيل تبصرو، سندس هڪ سٺي نقاد هجڻ لاءِ
وڏو دليل آهي. قمر شهباز صاحب پنهنجي تبصري جي
شروع وارن صفحن ۾ ناول، ڊگهي مختصر ڪهاڻي، ڪهاڻي ۽
مختصر ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ فرق تعين ڪرڻ جي ڪامياب
ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ جديد افساني جي اُڀرڻ، اُسرڻ ۽
سنڌي ادب ۾ افساني جي ابتدا کان فورن پوءِ سنڌ ۾
افراتفري، سياسي استحصال واري دور ۾ روح رهاڻ ۽
سهڻي رسالن جو جاري ٿيڻ، جيڪي قمر شهباز جي راءِ ۾
رسالا ڇا هئا ڄڻ ته سنڌين جي سيني ۾ صدين کان
سانڍيل ڪوڪ هئي، جا زمان ۽ مڪان جا بند ٽوڙي،
سانتيڪن صحرائن ۾ هر طرف گونجي اُٿي، سندس راءِ ۾
روح رهاڻ ۽ سهڻي صرف رسالا نه هئا، پر سجاڳيءَ جي
تحريڪ جي علامت بڻجي پيا. انهن رسالن سوين اديب
پيدا ڪيا. حميد سنڌي به اهڙي ئي دور جي پيداوار
آهي. قمر شهباز لکي ٿو ته:
”حميد جا افسانا انهن ڏينهن جي پيداوار آهن، جڏهن
مزاحمتي ادب جي تواريخ لکي پئي وئي، سندس ڪهاڻين ۾
ڌرتيءَ جي خوشبو، ۽ سنڌوءَ جو ڇوهه هو، اجرڪ جون
ڦلڙيون ۽ ٽوپيءَ جون ٽڪڙيون هيون. ڪاشيءَ جو چلڪو
۽ جنڊيءَ جا انڊلٺي رنگ هئا. عام ماڻهو هئا. عام
ماڻهن جون محبتون ۽ نفرتون هيون، عزتون ۽ غيرتون
هيون.“
قمر شهباز اڳتي لکي ٿو ته:
”منهنجي راءِ ۾ هن جو پهريون عشق سنڌي ادب ئي آهي،
هو لکندو رهيو، بي خوف، بي پرواهه، بي ڊپو، هو اڄ
به لکي رهيو آهي.“
هن ڪتاب جي ٽين تبصري نگار سنڌ جي نياڻيءَ محترمه
ماهتاب محبوب آهي، جنهن کي حميد: سنڌي ادب ۾ هميشه
چنڊ جيان روشني ڦهلائيندڙ سهڻي، سدوري پر قلم جي
تکي ۽ تيز ڪهاڻيون، ناول ۽ سفر ناما لکندڙ اديبه
سڏيو آهي. حميد صاحب جي راءِ ۾:
جنهن جي لکڻ جي وڻندڙ انداز ۽ ٻوليءَ جي مهارت،
کيس ليکڪائن ۾ مٿاهون درجو بخشيو آهي.
آئون به حميد صاحب سان کيس محترمه ماهتاب محبوب
لاءِ ڏنل انهي
راءِ سان اتفاق ٿو ڪريان، بلڪ کيس ڪجهه اڃا به
وڌيڪ خصوصيتن ۽ خوبين واري، پنهنجي فن ۾ ڏاهي
اديبه سمجهان ٿو، جنهن سنڌي ادب کي عورتن جي
بيشمار مسئلن تي بهترين ڪهاڻيون ۽ ناول ڏنا، جن ۾
حقيقت نگاريءَ کان سواءِ عورتن متعلق ڪيترائي
سماجي موضوع بيان ڪيل آهن.
محترمه ماهتاب، حميد جي شخصيت جي باري ۾ پارس جهڙو
هڪ
شخص جي عنوان سان جيڪي ڪجهه لکيو آهي اهو سچائي ۽
خلوص سان ڀريل آهي. محترمه ماهتاب جو هڪ هڪ لفظ سچ
تي مبني آهي. بيشڪ اڄوڪي دور جي ڇڪتاڻ ۽ مونجهاري
وارين حالتن درميان، حميد سنڌيءَ جهڙا سچا،
ٻاجهارا ۽ همدرد انسان تمام گهٽ ملن ٿا. ماهتاب
اهي تاثرات دراصل حميد صاحب جي جنم ڏينهن واري جشن
جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ادبي ميڙ ۾، حميد صاحب جي گهر
واريءَ نشست ۾ حاضرين جي سامهون پڙهيا هئا.
محترمه ماهتاب، حميد جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين تي
جيڪو تبصرو لکيو آهي ان جو عنوان آهي: سچاين جي
آرسي هن تبصري ۾ ماهتاب پاڻ هڪ اعليٰ ڪهاڻيڪار هجڻ
جي حيثيت ۾، حميد صاحب جي ڪهاڻين جو جائزو ورتو
آهي. محترمه لکيو آهي ته:
”حميد سنڌيءَ جون اهي نيون ڪهاڻيون به سچائين جي
آرسيءَ کي سامهون رکي پوءِ لکيل آهن، جن کي دل جي
نظر ۽ احساسن جي گهرائيءَ سان پڙهڻ جي ضرورت آهي.
داخلي توڙي خارجي مسئلا، مونجهارا يا ماڻهن جون
محروميون، ملولايون... نازڪ نرمل احساس.... سندس
ڪهانين جا خاص موضوع رهيا آهن.“
محترمه ماهتاب محبوب، حميد صاحب جي ڪهاڻين جي باري
۾ تنقيدي پرک، هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
”هڪ سچو ليکڪ پنهنجي تحريرن سان رڳو تڏهن ئي انصاف
ڪري سگهي ٿو جڏهن هو پاڻ به انهن سان سچو هجي....
هن جي من ۽ ذهن مان لکڻ جا چشما آبشار جيان ڦٽي
نڪرندا هجن.... ۽ تڏهن ئي هن جون اهي جاندار
لکڻيون، دل جي دروازي تي دستڪ ڏيڻ بنان ئي من ۾
ويهي وينديون آهن. حميد سنڌي جي زير نظر مجموعي ۽
سندس مختلف رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻيون، اهڙن ئي نج نبار
احساسن.... اڌمن جو جيئرو عڪس ۽ ترجمان آهن، جن کي
پنهنجن جذبن سان همڪنار محسوس ڪندڙ، هر حساس دل
پڙهندڙ لاشڪ ته جيءَ ۾ جايون ڏيندو.“ (ص 36)
حميد جي هن ڪتاب جو چوٿون تبصري نگار، سندس
يارغار، غمگسار، ساڻس سڄي زندگي ساٿ نڀاهيندڙ
خواجه سليم آهي. خواجه سليم، سنڌي اديبن وٽ ڪو
اوپرو ماڻهو ڪونهي. هو ڏاڍو مٺڙو ماڻهو آهي. هو
سڀني اديبن جي گهر جي ڀاتيءَ مثل آهي، حميد هر حال
۾ سندس ساٿي رهيو آهي. ان ڪري جيترو هن حميد کي
ويجهو ڏٺو آهي، کيس غور سان پڙهيو آهي، سمجهيو
آهي، اوترو شايد ئي ڪو ٻيو اديب حميد جي ويجهو
هجي.
خواجه سليم، پاڻ سڄي رکڻ جي واٽ جي عنوان سان نه
فقط حميد صاحب جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين تي تبصرو
ڪيو آهي پر هن، حميد صاحب کي هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت
۾ پرکيو به آهي هو لکي ٿو ته:
”حميد سنڌيءَ جو پنهنجي اندر سان هي ٻول ڪيو ٿو
ڏسجي ته جيڪي ٻڌو، ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اٿائين سو سنڌي
نئين لهجي ۾ بنا ڪنهن نظرياتي ڦندڦير ۽ اجائي ٺاهه
ٺوهه جي، جيئن جو تيئن پنهنجن ڪهاڻين ۾ بيان ڪندو
رهندو. سندس ڪهانين جو ڪرداري ڪئنواس چڱي چوکي
پکيڙ وارو آهي. ان ۾ وچين وچولي طبقي جي مونجهارن
جي ور چڙهيل وائڙا ڪردار به آهن، جيئن، بند ٿيل
ڪتاب جو بند ٿيل باب، جو جهونڙو گل ۽ کائنس ويهه
ورهيه ننڍي هوءَ، جن هڪ ٻئي کي چاهيو پر مهل سر
فيصلو نه ڪري سگهيا ته هڪ ٻئي کي ڪيئن هنڊائن، يا
جيئن، هي زهر ڪير پيئندو.؟ جو رٽائرڊ ٿيل هيڊ
ماستر استاد شفيع محمد، جيڪو مٽجي ويل وايو منڊل
هٿان رد ٿي وڃڻ تي شيزو فرينيا جو شڪار ٿيڻ وارو
آهي؛ يا جيئن ڦل جو موهه، جا مان ۽ پلان جيڪي نٿا
ڄاڻن ته ڇا ٿا چاهين (ص 38).“
اهي ڪردار عام رواجي هوندي به عام رواجي نٿا لڳن؛
ڄاتل سڃاتل هوندي به ڄاتل سڃاتل نٿا ڀاسن. حميد کي
داد ڏيندي سليم خواجه لکي ٿو ته:
”مان نٿو سمجهان ته جهڙا ڪردار حميد کڻي ٿو تهڙا
ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کنيا هوندا، ۽ جي کنيا هوندا ته
انهن کي ائين ورتايو هوندو جيئن هن.
حميد وٽ ڀانءِ ته ڪا ڪئميرا آهي جيڪا ڪردارن جا،
واقعن جا هڪ ڀاساوان عڪس جهٽيندي هلي ٿي، پر جڏهن
درد ونديءَ جو ديس، وٽ پهچي ٿي ته منجهس ڄڻ ته
وڌيڪ لينس لڳي وڃن ٿا ۽ ان جا جهٽيل عڪس گهڻ
پاساوان ٿي وڃن ٿا.“ (ص 39 ۽ 40)
انهن نقادن جي راين جو لب لباب هيءُ آهي ته حميد
هڪ حقيقت نگار ڪهاڻيڪار آهي، حميد سنڌ ۾ سجاڳيءَ
جي تحريڪ جو محرڪ رهيو آهي، حميد جي ڪهانين ۾
ڌرتيءَ جي خوشبوءِ، سنڌوءَ جو ڇوهه، ڪاشيءَ جو
چلعو ۽ جنڊي جا انلٺي رنگ آهن، عام ماڻهن جون
محبتون ۽ نفرتون، عزتون ۽ غيرتون آهن.
حميد جو پهريون عشق سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب
سان ئي آهي، هو بي خوف، بي ڊپو ۽ بي پرواهه ليکڪ
آهي، حميد، سنڌ جون اهي ڪهاڻيون سچائين جي آرسي کي
سامهون رکي پوءِ لکيون آهن. سندس انهن ڪهانين کي
دل جي نظر ۾ احساسن جي گهرائيءَ سان پڙهڻ گهرجي.
حميد فجي ڪهانين جا موضوع سنڌ جي ماڻهن جا داخلي
توڙي خارجي مسئلا، يا ماڻهن جون محروميون،
ملولايون ۽ نازڪ نرمل احساس آهن. آئون چاهيان ٿو
ته حميد جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين مان سندس خوبين
جا ڪي مثال پيش ڪريان جن جي مدد سان سندس تبصري
نگارن جي مٿي ڏنل راين کي پختن دليلن طور پيش ڪري
سگهجي ته واقعي هو هڪ حقيقت نگار ڪهاڻيڪار آهي،
سندس ڪهاڻين جا ڪردار اسان جا ڏٺل ۽ وائٺل ڪردار
آهن ۽ اهي ڪردار اسان مان ئي آهن. مثال طور:
ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾ ۾ مائي نور جي ڪردار جي باري ۾،
حقيقت نگاريءَ واري خوبي کي هن طرح پيش ڪيو اٿس:
”مون ڇني مان ٻاهر نهاريو. مائي نور چلهه تي ويٺي
هئي، باهه جي روشني سندس سانوري چهري کي چمڪائي
ڇڏيو هو، سندس چهري تي عجيب چمڪ هئي. منهنجي لاءِ
ته ڄڻ هڪ گهريتڙي عورت چلهه تي ويهي، چانهه ڪاڙهي
رهي هئي. ائين پير صاحب جو آواز آيو: نور، چانهه
جو ڇا ٿيو؟ منهنجي لاءِ به ڪوپ کنيو اچجانءِ، پر
مٺي چانهه جو“. (ص 60)
ساڳيءَ ڪهاڻي ۾ مائي نور جي ڪردار جي باري ۾ سندس
ڪردار نگاريءَ واري خصوصيت ڏسو:
”سائين، منهنجي ماءُ هن درگاهه تي، رتيديري کان
اچي ڳائيندي هئي. جهوني ته هتي ٿي، ٻهاريدار بڻجي.
مون کي به رتيديري مان آڻي هت رهايائين. تڏهن
درگاهه وسيل هئي، ڇا ته ميلا هئا: ڇا ته مڻيادار
ماڻهو هئا؟ رنگ لڳا پيا هوندا هئا. ڪٿان ڪٿان جا
ڳائڻا اچي، سائينءَ جو سلام ڀريندا هئا. مون به
اتان پرايو ۽ ڳائڻ لڳيس. ماءُ سان گڏ سائين نصير
جو هيءُ اڱڻ ٻهارڻ لڳيس، اسين هن درگاهه جا
ٻهاريدار آهيون.
مٺل سائين! جڳ ڀلي ڀنگي چوي، ڪهڙي خبر ته ڪير
ڪيترو ۽ ڪهڙو گند ٻهاري ٿو؟ سائين کڻي جو سيني
لاتو ته سمجهان ٿي ته مان اندران ڪاري، ٻاهران به
ڪاري، سڄي اڇي اجري ٿي پيئي آهيان، ڀلي ٻيا پيا
مون تي گند اڇلائين بابل، ڪنهن پنهنجا عيب ثواب
ڏٺا آهن.“ (ص 63)
هي زهر ڪير ته پيئندو؟ ڪهاڻيءَ ۾ حميد صاحب جي
ڪردار نگاريءَ واريءَ خوبيءَ کان سواءِ ٻوليءَ جون
خوبيون، جذبات نگاري، پنهنجن ڪردارن جي نفسياتي
ڪيفيت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس:
”هن ڪنڌ ورائي کيس ها ڪئي، پوءِ پاڻ واريءَ پراڻي
آرام ڪرسيءَ تي آهلي پيو. سڄو پگهريو پيو هو ۽
پوءِ صدري ڇڪي لاهي کڻي کٽ تي اڇلي، جنهن مان هڪ
ننڍي لفافي اچي ٺڪاءُ ڪيو. هي پُڙو ته بيجان هو پر
سندس جسم ۾ جان پئجي وئي (ص 75).
انهن ٿورن مثالن مان حميد سنڌي صاحب جي ڪهاڻي
نويسيءَ جون فني خوبيون، سندس طرز تحرير، حسن
بياني، عبارت جو اسلوب، عام فهم ۽ سليس ٻُلي،
اصطلاحن ۽ پهاڪن سان ڀرپور آهي.
حميد صاحب اصل نوشهري فيروز سان واسطو ٿو رکي، سڄي
زندگي حيدرآباد ۾ گذاريائين پر سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي
ٻولي جي اترادي لهجي جو استعمال گهڻو آهي، مثال
طور: صفحي 66 تي ڪم آندل ٻوليءَ جا مثال ڏسو:
ڪنڊ کان رکيل مُٺي وارو لڪڻ کنيو ته تکو تکو وريو.
هو آڳر ۾ هو.
سيڌو کپي ويو آ.
هونئن به پرائمري يا هيڊماستر جي پگهار گهڻي؟
صفحي 71 تي ڪم آندل ٻوليءَ جا ڪي مثال ڏجن ٿا:
ڪاٿي آ توهان جو هيڊ ماستر غلام علي، ڇهه مهينا
ٿيا اٿس پر اسڪول جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿائين.
ڀت تي اوٽ ۾ ٽي چار ننڍا ڇوڪرا ويٺا دونهان ڪڍي
رهيا هئا، ڪي ليٽيا پيا هُيا.
سائين، مان ڇا ڪيان؟
صفحي 72 تي ڪم آندل ٻوليءَ جا ڪي مثال ملاحظه
ڪريو:
سائين، ائين ته نه ڪيو.
ائين نه ڪيان؟
اتي وڃي ٻاڙ پوري ڪيو.
يا حميد جي ٻوليءَ جا ڪم آندل ٻولي جا هي مثال
ڏسو:
اُستاد هن ڌنڌي ۾ ائين ٿيندو آ، پيا ڇاپا لڳندا
آهن، عمران به دلير ماڻهو آ، نئون ڌنڌو آهي،
آبڪاريءَ وارن سان حساب ڪتاب رکبو آ.
هڪ ٻئي جاءِ تي هن طرح ٻولي ڪم آندي اٿس:
ايندين ته ٽنگون ڀڃي ڇڏيندومانءِ.
مطلب ته حميد صاحب سنڌ جو هڪ سدا ملوڪ ڪهاڻيڪار
آهي جنهن جي ڪهاڻين جو مطالعو سنڌ جي سماجي ۽
ثقافتي زندگي جو مطالعو آهي، يقيناً هي ڪتاب حميد
صاحب جي جذبن ۽ ڪيفيتن جي ڪهاڻي، سندس زباني آهي. |