حميد: احساسن جو
رکوالو
قاضي خادم
مختصر ڪهاڻي افسانوي ادب جي کيتر ۾ 19 صديءَ ۾ پير
پاتو ۽ ٿوري وقت ۾، ان وقت جي مشهور ترين صنف ناول
کي تمام پوئتي ڇڏي وئي. هينري فيلڊنگ، چارلس ڊڪنس،
وليم مئڪبيس ٿيڪري، ميري ڪورائي، ٽالسٽائي، سر
والٽير، سر والٽر اسڪاٽ ۽ بيشمار مشهور ناول نگار
جيڪو نالو ايتري وڏي وقت ۾ ڪمائي نه سگهيا، اهو
اينٽوف چيخون ترگنيف مئڪسم گورڪي (روس) فلابيئر ۽
موپاسان (فرانس) سمر سيٽ ماهم (فرانس ۾ جنم ورتل)
واشنگٽن ارونگ ۽ ايڊگر ايلن پو، نيشنل هاٿورن
مڪينزي جيمس (آمريڪا) ۽ ٻيا ڪيترا ليکڪ پيدا ٿي
ويا. جن جي مختصر ڪهاڻين ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو
انقلاب آڻي ڇڏيو. حالانڪ انهن ۾ ڪيترا اهڙا به هئا
جن مختصر ڪهاڻيءَ سان گڏوگڏ ڊراما ۽ ناول به لکيا
پئي ليڪن مختصر ڪهاڻي پنهنجي اختصار، موضوع جي
نواڻ ۽ عام ماڻهن جي مسائل سان واسطو رکندڙ صنف جي
طور اڀري آئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ دنيا جي جن جن حصن ۾
يورپي تسلط هئو، اتي ترجمن جي صورت ۾ وڃي پنهنجي
جاءِ والاريائين.
اهڙن ئي بنيادي ڪهاڻي ڪارن مان انٽوف چيخوف
(1904_1806) پنهنجي وقت جي
Master Story Tellers
مان هڪ هئو، جنهن مختصر ڪهاڻيءَ کي ئي پنهنجي
اظهار جو وسيلو بنايو ۽ 44 ورهين جي عمر ۾ ادب جي
دنيا کي اٺ سئو ڪهاڻين سان مالا مال ڪيو. ليڪن هن
جو چوڻ هو. ”مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي. اهو پنجن يا
ڏهن سالن ۾ وساريو ويندو، ليڪن مون جيڪو رستو
ٺاهيو آهي، اهو قائم رهندو، هڪ ليکڪ جي حيثيت سان
منهنجي اهائي وڏي ڪاميابي آهي“.
هي هڪ اهڙي راءِ آهي، جيڪا بين الاقوامي حيثيت رکي
ٿي. انڪري جو ڪنهن به وڏي ليکڪ جو اندازو هن جي
ڪهاڻين جي گهڻي وقت تائين پسند اچڻ سان نه بلڪ ان
مان لڳايو ويندو آهي ته هن جي ٺاهيل گس تي ڪيترا
لڳا ۽ ان صنف ۾ اهميت کي برقرار رکندا آيا.
برصغير ۾ بنگالي ليکڪن، رابندر ناٿ ٽيگور، شرت
چند، بئنڪم چيٽرجي، هندي ليکڪن منشي پريم چند،
مولانا عبدالحليم شر کان وٺي ڪرشن چندر، راجندر
سنگهه بيدي سميت چغتائي، سعادت صفا منٽو ۽ اوائلي
دور جا ڪهاڻيڪار، جن موضوعن مواد توڙي ٻوليءَ جي
لحاظ کان هن صنف کي اوج تي پهچايو، تن مان به سي
ڏسجن ته صرف راجندر سنگهه بيدي ۽ سعادت حسن هو،
جنهن جو ادبي سرمايو مختصر ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي،
۽ هنن جي ڪهاڻين جديد ليکڪن کي اهي گس ڏيکاريا، جن
تي هلي هنن اهڙيون ڪهاڻيون تخليق ڪيون، جن هر طبقي
جي ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو،
ورنه عام طرح هر وڏي ڪهاڻيڪار، ناول، ڊراما ۽ ڪن
حالتن ۾ شاعري به ڪئي آهي.
ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪي اديب هر صنف ۾
طبع آزمائي ڪن ٿا ته ڪن پنهنجو پاڻ کي صرف مختصر
ڪهاڻي لاءِ ئي ارپي ڇڏيو آهي. اهڙن ليکڪن جون
ڪهاڻيون نهايت اثرائتيون ۽ ادبي حيثيت ۾ پنهنجو
جدا مقام قائم ڪن ٿيون.
حميد سنڌي، جديد ڪهاڻيڪارن جي ان جٿي سان واسطو
رکي ٿو، جن صرف مختصر ڪهاڻيون ئي لکيون آهن. انهن
۾ جمال ابڙو (جنهن بعد ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي)
ثميره زرين، نسيم کرل، طارق اشرف ۽ ڪي اهڙا ليکڪ
به شامل آهن، جن تمام ٿوريون پر بهترين ڪهاڻيون
لکيون. جن ۾ ع . ق. شيخ، مراد علي مرزا ۽ اياز
قادري (بنيادي طرح هو به شاعر هو) اچي وڃن ٿا.
جڏهن ته سنڌ جا ٻيا سمورا اهم ڪهاڻيڪار، شيخ اياز،
غلام رباني، شيخ عبدالرزاق راز، محمد عثمان
ڏيپلائي، آغا سليم، مهتاب محبوب، علي بابا،
عبدالقادر جوڻيجو، نجم عباسي، غلام نبي مغل،
نورالهديٰ شاهه، قاضي خادم (رَقم الحروف) شوڪت
شورو، طارق عالم ابڙو، قبول ابڙو ۽ ٻيا ڪهاڻيڪار
هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار سان گڏ ڊراما، ريڊيو، ٽي وي،
ناول ۽ ڪن شاعري ۽ مضمون نويسيءَ ۾ به پير پاتو ۽
نالو ڪڍرايائون. ان طرح سان ڏسجي ته حميد هڪ مڪمل
ڪهاڻيڪار آهي. حميد جي ڪهاڻين جا ڪيترا ئي مجموعا
اُداس واديون، ويريون، راڻا جي رجپوت، جاڳ به
تنهنجي جيءَ سان پنهنجو نالو ڪڍي چڪا آهن ۽ سنڌي
ادب ۾ پنهنجي حيثيت مڃائي چڪا آهن. هن جي لکڻ جو
انداز ٻين کان اصل جدا آهي. هو ڪهاڻي ٻڌائي ڪونه
ٿو بلڪ ڪهاڻي کڻي ٿو، جنهن ۾ پڙهندڙ کي پاڻ سان
وٺي هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو چاهي ٿو ته جيئن هو
محسوس ڪري ٿو. سندس پڙهندڙ به بجنسي ائين ئي محسوس
ڪن. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻين ۾ فڪر کان وڌيڪ
احساس نظر اچي ٿو. هو ٿوري ٿوري واقعي ۾ وڏو سبق
ٿو ڏسي. ماضي جي قدرن کي تبديل ٿيندڙ ڏسي کيس ڏک
ٿو ٿئي. هو ان کي سنڌ جي معاشرتي زندگي لاءِ
هاڃيڪار سمجهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا وستيون
۽ واهڻ، ڳوٺ ۽ شهر، نديون ۽ ڍنڍون ۽ عام ماڻهو،
هاري ناري ڪڙمي ڪاسبي هن لاءِ وڏي حيثيت رکن ٿا.
پر ان هوندي به هو اُن سرنديءَ وارن کي پسند ڪري
ٿو. جيڪي سنڌ جي پرمپرائن جو بچاءُ ڪيو ويٺا آهن.
جيڪي پاڙي پتيءَ لاءِ ”ڀوتار“ بجاءِ سائيدار وڻ ٿي
رهن ٿا، جيڪي غريب غربي کي پنهنجي برابر وهارڻ ۾
عار ڪونه ٿا سمجهن. پريو مڙس ڀلي ته غريب هجي ڪنهن
ذات جو هجي ان کي چاچا ۽ وڏي عمر جي عورت کي ماسي
يا امان ٿا ڪوٺين.
حميد جتي سنڌ جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت جي مختلف
پهلوئن کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي، اهي وهم وسوسا،
جن ۽ ڀوت، تعويذ ۽ ڦيڻا، ڪونه وساريا اٿس. جيڪي
سنڌ جي جهوني سڀيتا کان معاشري جي اندر ۾ پيهي ويل
نظر اچن ٿا. حالانڪ جن ڀوت ۽ تعويذ ڦيڻا ڪنهن نه
ڪنهن صورت ۾ هر قوم ۾ هر مذهب جي ماڻهن ۾ هلن ٿا،
ليڪن سنڌ ۾ انهن جو واهپو عام آهي.
”سو مون سڀ ڄمار“ ڪهاڻيءَ جو به موضوع اهو ئي وهم
وسوسو آهي، هو جنهن ڇوڪريءَ سان پيار ڪري ٿو، اها
اڪيلائي ۾ تصوراتي دنيا ۾ رهندي، نفسياتي مريض ٿي
وڃي ٿي ۽ هر اها ڳالهه ڏسڻ ۾ اچيس ٿي، جيڪا هوءَ
چاهي ٿي. هيءَ پيار جي هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. جنهن ۾
ڪن هنڌن تي سنجها جي عمل کي
Justify
به ڪيو ويو آهي. حالانڪه جديد دور
۾
Parapsychology
تي تمام وڏي تحقيق ٿي آهي، جنهن ۾ اهي نتيجا نڪتا
آهن ته ڪي ڳالهيون انساني نفسيات ۾ اهڙيون آهن، جن
کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي حالت جي ضرورت
هوندي آهي. جيئن پري جي منظر کي دوربين سان ڏسبو
آهي ۽ پري جو آواز ٽيليفون ذريعي ٻڌبو آهي. ان
هوندي به هن ڪهاڻي جو هڪ پهلو تمام اثرائتو آهي ته
سنجها هن سان پيار ڪري ٿي ۽ ڄاڻي ٿي ته هو سندس
ذهني الجهن مان پريشان نه ٿئي، نه ئي وري جن يا اڻ
ڏٺل قوت کان کيس ڪو نقصان ٿئي. سنجها کي برين
ٽيومر ٿيڻ، سنجها جي جاڙن ٻارن جو شهنشاهه جي
پويان هليو وڃڻ، اهڙا معاملا آهن، جن جو حل ليکڪ
پڙهڻ وارن تي ٿو ڇڏي.
لڳي لڳي واءُ به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي، جنهن جو
موضوع داخلي ڪيفيت سان واسطو رکي ٿو، جڏهن ته پليٽ
فارم تي پيل هڪ پيتي هڪ سهڻي
Deseriptive
ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ غريبن جي نفسيات چڱيءَ طرح
اجاگر ڪيل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ ان
سان واسطو رکندڙ
Terminology
جي استعمال سان وڌيڪ اثرائتي لڳي ٿي. ان جو اردو
ادب جي برک ليکڪ دت ڀارتي جي ياد ڏياري ٿو. جيڪو
خاص طرح اهڙن ڪردارن جي باري ۾ ڪهاڻيون لکندو هو
جن جو پيشو ريلوي سان واسطو رکندو هو ۽ پڙهندڙ تي
هڪ انوکو ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندو هو. البته هن جي
ڪهاڻي پيتي کي واپسيءَ تائين محدود هجي ها ته وڌيڪ
اثرائتي ٿئي ها. پيتيءَ جي مالڪن جو رويو ڏيکارڻ
ضروري ڪونه هو، ٻڌل پيتيءَ جي حوالي سان مختلف
ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو ويو آهي. اهو خود هڪ
اثرائتو انداز آهي ته ڪيئن غريب انسان پنهنجي عزت
نفس جي رکوالي ڪري ٿو ۽ ضرورتمند هوندي به خود
پنهنجي ڌيءَ جي ڏک کي خوشيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ ڪو
ڪُڌو ڪم ڪونه ٿو ڪري.
هت اها ڳالهه قابل غور آهي ته حميد پنهنجي ڪهاڻين
۾ تخيل کان وڌيڪ ”حساسيت“ کي اهميت ڏي ٿو ۽ هاڻ هو
ان نهج تي پهچي چڪو آهي جتي هر ڪهاڻي هن جي مختلف
سوچن، احساسن ۽ اندازن تي مشتمل آهن ۽ ائين چوڻ ۾
ڪو وڌائو ڪونه ٿيندو ته هن جون ڪهاڻيون هن جي ذهني
۽ فڪري آتم ڪهاڻيءَ جو هڪ حصو ٿيون لڳن.
هن مجموعي جي خاص ڪهاڻي ”مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ“
آهي، جيڪا سنڌ جي تهذيب سان گڏ سنڌ سان ٿيندڙ ظلم
جي به نشاندهي ڪري ٿي. سنڌو جو سُڪڻ هڪ لحاظ کان
سنڌ ڌرتيءَ لاءِ موت جو پيغام ثابت ٿي سگهي ٿي.
اهڙي فڪر کي هن ڪهاڻيءَ جو بنياد بنائي، جنهن طرح
بيان ڪيو ويو آهي، اهو قابل داد آهي، خاص طور
هندوستان مان هڪ سنڌي جڏهن پنهنجي هاٺين کي سنڌوءَ
۾ وهائڻ جي وصيت ڪري ٿو ۽ سندس پونير اُهي کڻي
پنهنجن ڇڏيل اباڻن ڪکن ۾ اچن ٿا پر کيس ڪٿي به
درياءُ ۾ ايترو پاڻي ڪونه ٿو ملي جو هو اُهي
هاٺيون اُن ۾ لوڙهي سگهن. تڏهن هو چوي ٿو ته کيس
(ماءُ پيءُ کي) آرهڙ ۾ مرڻ گهرجي، جو آرهڙ ۾
بهرحال سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو جيڪو
جيئرن جي ضرورت ته پوري ڪونه ٿو ڪري، پر شايد
هاٺين کي ٿڌو ڪري سگهي.
”کڙيا کٽڻهار“ وري غيرت ۾ اچي ڪنهن پنهنجي پياري
جي جان وٺڻ تي ٻَڌَل آهي
Honour Killing
يا ڪارو ڪاري هڪ اهڙو موضوع آهي جيڪو هن تعليم
يافته دور ۾ هڪ وڏي ناسور جي حيثيت وٺي چڪو آهي.
ڪارو ڪاري جي نانوَ تي قتل، هڪ طرف ته غيرت سمجهيو
ٿو وڃي ته ٻئي طرف اهو اهڙو ڪاروبار آهي جنهن جو
نفعو وڏيرن ۽ جاگيردارن کي حاصل ٿئي ٿو. نياڻيءَ
جهڙي عزت ڀرئي نانوَ کي بي عزت ڪرڻ جو ان کان وڏو
ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو. هينئر به اسان کي اکيون
کولڻ گهرجن علم جي جوت گهر گهر پهچائڻ گهرجي ۽ هن
قبيح رسم مان جان ڇڏائڻ گهرجي. هن مجموعي جي هر
ڪهاڻي جو موضوع جدا حيثيت رکي ٿو ۽ سڀني جو واسطو
سنڌ جي مٽيءَ سان آهي، جنهن کي حميد جي قلم هڪ
جهاد جي صورت ڏئي ڇڏي آهي.
حميد سنڌي، هڪ خاڪو
خواجه سليم
اهو وقت 1960ع جي شروعاتي سالن وارو هو، جڏهن مون
هڪ شخص جي باري ۾ ٻڌو، جنهن تازو پنهنجو ادبي رنگ
ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. ڪراچي جي ادبي حلقن ۾ هن کي
شيخ حفيظ کانسواءِ ڪير ڪو نه سڃاڻيندو هو.
’هو سٺو ڇوڪرو آهي پر چاڪليٽي هيرو آهي:‘ حفيظ
آهستي چيو، ۽ جڏهن به مون کانئس هن شخص جي ادبي
حيثيت متعلق پڇيو ته حفيظ ڪلها لوڏي خاموش ٿي ويو.
آخر منهنجي هن سان ملاقات ٿي وئي. جمال رند وٽ
سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهري هئي ۽ هن اُتي ترجمو ٿيل
هڪ شيءِ پڙهي، جيڪا موسم جي سونهن متعلق هئي.
نهايت بي موقعي ۽ بي مقصد شيءِ. باوجود سندس صاف
چٽي لهجي ۽ ڊرامائي انداز جي سندس اهو قلمي زور
مون تي نه هليو. هن جو ڇوڪراڻو چهرو، ڊگهو ۽ ڀريل
جسم ۽ پاڻ ۾ گم رهڻ وارو انداز ڏسي مون کي حفيظ جا
وڌيڪ تاثرات ياد آيا: ڪمزور شخص پاڻ تي رحم
کائيندڙ، پنهنجي وڏپڻي جو يقيني مريض.
ٻئي ڏينهن هو مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ويندي
ئي منهنجي هٿ ۾ پنهنجي ناولٽ ’حويلي‘ جو مسودو
ڏنائين. مسودو پڙهي کيس صلاح ڏنم ته انهيءَ کي طاق
تي رکي ڇڏ. موٽ ۾ هن مونکي سٺي پَڪل لذيذ ڪڪڙ
کارائي.
ها سائين، هيءُ ذڪر- خير حميد سنڌيءَ جو ئي پيو
هلي. هيءَ هڪ اهڙي دوستيءَ جي شروعات هئي جا وقت
گذرڻ سان وڌندي رهي آهي. خاص طرح جڏهن اسان کي گڏ
رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. 1964ع ۾ اسان ٻئي
نرسري ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر عمر جاگيراڻيءَ سان هڪ فليٽ
۾ ڪجهه مهينا گڏ رهياسين، پر سيپٽمبر- آڪٽوبر
1965ع ۽ جنوري- مئي 1967ع ۾ ترقي پسند اديبن جي
مرڪز، اوڻيهه، روپ محل حيدرآباد ۾ منهنجو ساڻس گڏ
رهڻ بي حد خوشگوار ۽ انيڪ تجربن وارو هو.
19- روپ محل رڳو ٻن ننڍڙن ڪمرن جي زندگيءَ کان
وانجهيل جمود واري جاءِ نه هئي. انهيءَ ۾ هڪ اهڙي
صفت هئي، جنهن کي بيان ڪرڻ سولو نه آهي. پر ائين
چئي سگهجي ٿو ته اها بي جان شين ۾ روح ڦوڪي سگهي
ٿي.
حميد، شمس ۽ مان انهيءَ کي رهڻ ڪرڻ جي جاءِ طور
ڪتب آڻيندا هئاسين. ناصر ۽ امداد لاءِ وقتي ڇپر
ڇانوَ ۽ اشفاق ۽ حفيظ لاءِ ملڻ ڪرڻ جو هنڌ هو.
اسان سڀ غياث سميت ۽ ٻيا ساٿي پڻ هن جاءِ کي وندر
ورونهه جي مرڪز طور يا سماجي ادبي ڪلب طور به ڪتب
آڻيندا هئاسين. ان سان گڏ هيءُ هنڌ ’روح رهاڻ‘ جي
ايڊيٽري واري ڪم ڪار جو دفتر به هو.
اهو 19- روپ محل ئي هو، جتي اصل پر گهڻ رَخي حميد
جو پتو پيم. هتي ئي مون سندس غمگين ۽ خوش، محبت ۽
نفرت، پُر سڪون ۽ سخت ڪاوڙيل، بي ڪار ۽ ڪرت سان،
هيڻو ۽ ڏاڍو، ٺاهيندڙ ۽ ڊاهيندڙ جا انيڪ روپ ڏٺا.
هتي ئي سندس باري ۾ مون پنهنجن شروعاتي خيالن ۾
ڪجهه ڦير گهير آندي ۽ هن جي شخصي لاڙن لاءِ نئين
سر ڄاڻ حاصل ڪيم.
خاص طرح اهو ئي ڄاتم ته هن جي ڪمزوري هڪ شريف
انسان جي ڪمزوري آهي، جيڪو گڏهه کي گڏهه چوڻ کان
ڪيٻائيندو آهي ته متان گڏهه ڏکوئجي نه وڃي. هن جو
پاڻ ويچاري هجڻ وارو جذبو، جيڪو هاڻ ڪافي ٿڌو ٿي
چڪو آهي، حقيقت ۾ ڊرامائيت جي ڪري هو. هيءَ پرجوش
ڊرامائيت هن جي طيبعت جو لازمي حصو بڻجي وئي هئي.
هو ننڍين ۽ سادين شين کي انهن جي قدر ۽ قيمت مطابق
قبول نه ڪندو هو. هن جي لاءِ هر شيءِ جو وڏو ۽
ڏکيو هجڻ تمام ضروري هو. ننڍيون ۽ خسيس ڪاميابيون
کيس مٿڀري هجڻ جي وهم ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون هيون،
جڏهن ته ننڍڙين کان ننڍڙيون ناڪاميون ۽ جذباتي
پريشانيون کيس پاڻ تي رحم کائڻ تي مجبور ڪنديون
هيون ۽ اتي اچي صفا حيران پريشان ٿي بيهي ويندو
هو. جيڪڏهن اسان جي هن چاڪليٽي هيرو ۾ ڊرامائيت نه
هجي ها ته هو يقينن عرب شيخن جهڙو ’حرم‘ ضرور ٺاهي
وٺي ها. جڏهن به سهڻين مان ڪنهن کي به سندس ويجهو
وڃڻ جو مقعو ملندو هو ۽ سهڻيون سمجهنديون هيون ته
هاڻ سندس جوشيلو ناٽڪپڻو سندن سهڻ کان چڙهي ويو
آهي ته هو وڃي گهٽ جوشيلي ناٽڪ پڻي وارا ماڻهو هٿ
ڪنديون هيون. هن جو هيءُ جذباتي ڊرامائي رخ صرف
سهڻڻ لاءِ ئي نه هو، سندس لکڻين جي نصيب ۾ به ان
جو چڱو ڀاڱو آيو آهي ۽ شايد گهڻو ڀاڱو. حقيقت ۾
سندس لکڻين ۾ رونق، اوجر ۽ احساس تڏهن پي بکيو
آهي، جڏهن هو فضائن ۾ اُڏامڻ بجاءِ پنهنجا قدم
زمين تي مضبوطيءَ سان ڄمائي لکندو آهي.
اُتي ئي مون منجهس تنظيمي ۽ وقت نڀائي چڙهڻ واريون
صلاحيتون ۽ قوتون ڏٺيون. هن جو ڏکين ۽ اڻوڻندڙ
حالتن ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ڪڍڻ، ان جا سالوار جشن
ڪرائڻ انهيءَ ڳالهه جو وڏو ثبوت آهي ته هو اهڙو
حيوان آهي، جيڪو يوٽوٻيائن ۾ رهي ٿو ۽ انهن جي
ڪنهن حصي کي عملي صورت ڏيڻ جي قوت رکي ٿو.
’روح رهاڻ‘ جي وجود سنڌ ۾ خود شناسيءَ جي احساس کي
بيدا ٿيندي ڏٺو ۽ اهڙو پاسو ورائيندي ڏٺو، جنهن
اڳتي هلي هڪ طوفاني ۽ سيلابي رخ اختيار ڪيو. ’روح
رهاڻ‘ ۽ ان جي جشنن خاص طرح مارچ 1967ع کانپوءِ هڪ
سيلاب جي صورت اختيار ڪئي. 1968ع جي شروعات ۾ ’روح
رهاڻ‘ تي زوري بندش سان حميد جي زندگيءَ جو ۽ ان
سان گڏ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ چٽو ۽ نمايان باب
پورو ٿيو.
حميد جو هيءُ اڻپورو ۽ اُتاولو خاڪو لکندي مون
ايترو ئي بار محسوس ڪيو آهي، جيترو بار هڪ ٻئي
پياري دوست شيخ حفيظ جي باري ۾ ٽيليويزن جي
پروگرام ۾ ڳالهائيندي محسوس ڪيو هيم. هن مرحوم
افسانا نگار دوست جي شخصيت جي نمايان رخن ۽ لاڙن،
سندس غير رسمي هجڻ ۽ اڻ ٺاهه واري طبيعت کي وڌيڪ
نمايان ڪرڻ جي خيال ۾ اهڙو ته پري وڃي نڪتس جو کيس
غير ذميوار شخص بڻائي ڇڏيم. حفيظ ٻيو سڀ ڪجهه ٿي
سگهي ٿو پر ذميوار نه. انهيءَ حرڪت تي مون کي هر
طرف کان ڳالهيون ۽ گاريون ٻڌڻيون پيون، خاص طرح
رشيد ڀٽيءَ کان، اهو ئي ڀٽي جنهن کي تازو الهام
ٿيو آهي ته منهنجي ۽ شيام جي شخصيت تي حفيظ جو ٺپو
آهي. ٿي سگهي ٿو ته مون تي وري ڪي الزام اچن يا ڪي
ڳالهين جا تير وسن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته هن دفعي
الزامن جي تيرن جي تکائي ۽ تيزي اڳي کان گهڻي وڌ
هوندي، ڇاڪاڻ جو حميد ان وقت جي حفيظ کان گهڻو
جاندار ۽ حياتي سان ڀرپور آهي، جنهن وقت مون هن جي
شخصيت لاءِ ٽي ويءَ تي ڳالهايو هو.
[ڌرتي دان گُهري ٿي ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“
واري ڪتاب تان خواجه سليم جي مضمون جو ٻيو حصو]
حميد سنڌي: اڌ صديءَ جو ڪهاڻيڪار
شوڪت حسين شورو
سنڌي ڪهاڻيءَ پنهنجي هڪ صدي مڪمل ڪئي آهي، ته حميد
سنڌيءَ به ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان اڌ صديءَ کان پاڻ
ڪجهه وڌيڪ عرصو پورو ڪيو آهي، هو پنهنجي ٽهيءَ جو
هڪ وقت اڪيلو ڪهاڻيڪار آهي جيڪو لڳاتار لکندو رهيو
آهي. هن ٻين وانگر ٽي وي جي چمڪ ۾ نه ڊرامن ڏانهن
رخ ڪيو، نه اخباري ڪالمن لکڻ ۾ مشغول ٿي ويو. حميد
سنڌيءَ جو ڌيان ۽ موهه ڪهاڻيءَ سان رهيو. عشق گهڻو
ڪري دائمي ڪونه هوندا آهن، پر حميد سنڌيءَ جو
ڪهاڻيءَ سان عشق جاري آهي ۽ دائمي آهي. هو ڪلهه جو
ڪهاڻيڪار هو، ته اڄ جو به ڪهاڻيڪار آهي. حميد سنڌي
بنيادي طور هڪ بهترين داستان گو آهي. سندس ڪهاڻين
۾ داستان گوئي جو فن سمايل آهي. هن جون ڪهاڻيون
تجربن جي ليبارٽريز مان ٺهي نڪتل ڪونه آهن، پر
داستان گوئي جي اعلى معيار واريون سئنيون سڌيون
ڪهاڻيون آهن جيڪي پڙهندڙ کي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪرڻ
تي آماده ڪن ٿيون.
نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اريگيشن ۽ ٻين
سرڪاريءَ کاتن جا اڪثر ڪامورا توبهه تائپ ٿي.
سونهاري شريف رکائي ديندار بنجي زندگيءَ جا باقي
ڏينهن عاقبت سنوارڻ ۾ مشغول ٿي ويندا آهن. حميد
سنڌي جيڪو ٻن يونيورسٽين جو وائيس چانسلر رهي چڪو
آهي، تنهن اهڙو ڪجهه نه ڪيو آهي. هن جي وڏي مشغولي
ادب سان لاڳاپيل هجڻ کان سواءِ پنهنجي ارشد اسٽريٽ
واري گهر ۾ ”بزم روح رهاڻ“ جو ميڙو مچائي ويهڻ
آهي.
سندس لفظن ۾ ”مون هٿ نه روڪيو ۽ لکندو رهيو آهيان،
ڪهاڻي ڪهندو رهيو آهيان. ابتو سبتو ڳالهائيندو
رهيو آهيان ۽ ابتو سبتو ٻڌندو به رهيو آهيان پر
فڪر ۽ نظرين ۾ تبديليءَ جو قائل نه رهيو آهيان، جو
انساني اخلاقي، سچ حق حسن ۽ خير جا قدر سانڍيندو
پاليندو رهيو آهيان....“
حميد سنڌيءَ سٺو ڪهاڻيڪار ته آهي ئي پر ادبي مجلسن
۾ ڪامياب صدر يا مهمان خصوصي پڻ آهي. الائي ڇو ڪن
دوستن کي شڪايت آهي ته حميد سنڌي جي تقريرن ۾ ٻن
ڳالهين جو ذڪر يا ورجاءُ هميشه هوندو آهي: هڪ روح
رهاڻ ۽ ٻي ڪيفيت هاڻي ڳالهه هيءَ آهي ته اهي ٻئي
ٻڌڻ ۾ ٻه شيون آهن، پر اصل ۾ آهي هڪڙي حميد سنڌيءَ
تي روح رهاڻ جو جيڪو ڪيف چڙهيل آهي سو شاهه لطيف
جي هن بيت وانگر آهي:
بيکاري کي بَرَ ۾، ويو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اڙي، جيئن ڇُٽا ڦٽ ڇُڙي پيا.
حميد سنڌي ته خير روح رهاڻ جو روح روان هو، پر
اسان واري ٽهي جنهن ۾ آئون عبدالقادر جوڻيجو، منير
احمد (پوءِ ماڻڪ) عبدالحق عالماڻي، قاضي خادم ۽
آخري دور ۾ مشتاق احمد شورو، مدد علي سنڌي شامل
آهيون سي پيدائش ئي روح رهاڻ جي آهيون، ان ڪري
اسان تي به اهو ڪيف چڙهيل رهيو. حق جي ڳالهه اها
آهي ته ”روح رهاڻ“ جي وسيلي ئي نسيم کرل، امر جليل
۽ خود حميد سنڌي جهڙا ڪهاڻيڪار اڀري وڏي قد ڪاٺ
وارا ليکڪ بڻيا. اها ”روح رهاڻ“ هئي جنهن ۾ شيخ
اياز جي شاعري ”جل جل مشعل جل جل “ بنجي سنڌ ۾ ون
يونٽ ۽ اسٽئبلشمينٽ جي خلاق مزاحمت جي هڪ نئين لهر
اڀاري.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حميد سنڌي بذات خود ”روح رهاڻ“
هو.
پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
جيڪڏهن سسئي پاڻ پنهون ئي سگهي ٿي ته حميد سنڌي
روح رهاڻ ڇو نٿو ٿي سگهي ۽ جيستائين سسئي جي سورن
جي ڳالهه آهي ته روح رهاڻ رسالو ڪڍڻ سسئي جيان
ڏونگر ڏورڻ ۽ جبل جهاڳڻ جي برابر هو. هونءَ به
حميد سنڌيءَ حساس ماڻهو آهي. ڏکن ۽ سورن جو
ڪيفيتون هر حساس ماڻهوءَ جي من تي اثرانداز ٿين
ٿيون. ان ڪري حميد سنڌيءَ طرفان ان لفظ جي استعمال
ڪرڻ کان اڳ سندس مزاج ۽ طبيعت جي ڪيفيت کي سمجهڻ
ضروري آهي.
حميد سنڌي ۾ ايتري جرئت آهي جو هن لاءِ ڪنهن غلط
ڳالهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ خاموش رهڻ ممڪن ئي ڪونهي
هن جهڙي ريت پنهنجين ڪهاڻين ۾ معاشري ۾ ٿيندڙ ڏاڍ،
ظلم ۽ زيادتين جي خلاف قلم کنيو آهي ۽ انهن کي
وائکو ڪيو آهي، اهڙي ريت هو ڪنهن غلط ڳالهه ٻڌڻ
کان پوءِ مصلحت پسندي اختيار ڪري خاموش به ڪونه
رهندو آهي. مون کي هڪ پراڻي ڳالهه ياد ٿي اچي ڪي
سال اڳ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل شاهه
عبداللطيف ادبي ڪانفرنس جو موضوع سُر مومل راڻي ۾
شاهه لطيف جي شاعري جي حُسناڪي هو. اسان جي اديبن
۽ عالمن ويچاري مومل کي جنهن ريت ڪاري بنائي
سنگسار ڪيو ۽ ڪات ڪهاڙا کڻي مومل جي ڪردار سان
جيڪا ڪاسائڪي ڪار ڪئي، ان حميد سنڌيءَ جهڙي حساس
دل ماڻهوءَ کي ڏکوئي وڌو. حميد سنڌيءَ سڄو ڏينهن
ڪجهه غير سنجيده مقالا ٻڌا هئا، سو هن آخري نشست
جي صدر جي حيثيت سان جيڪا تقرير ڪئي سا ٻڌڻ وٽان
هئي. چيئين: ابا اوهان شاهه لطيف جي شاعريءَ جي
حسناڪي تي ڳالهائڻ آيا هئا يا مومل جي ڪردار تي؟
اها نه رڳو مومل جي ڪردار سان نا انصافي آهي، پر
شاهه جي شاعريءَ جي خوبصورتيءَ ۽ تقدس جو به خيال
ڪونه ڪيو ويو آهي، جيڪو اسان جي اديبن ۽ شاعرن کي
نٿو جڳائي حميد سنڌيءَ جي لهجي ۾ ڏک به هو، ته
ڪاوڙ هئي پر هن ڳالهايو فهم ۽ فضيلت سان.
حميد سنڌيءَ ڪڏهن آتش فشان به بنجي ويندو آهي ۽
کيس ان ڪيفيت ۾ جيڪو نئون ماڻهو ڏسندو سو اول ته
ڏڪي ويندو ته اجهو ٿو جبل ڦاٽي حميد سنڌيءَ کي
ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ لڳي ته گجگوڙ سان گڏ سندس
ٻانهون ۽ هٿ به ساڄي کاٻي ۽ سامهون تيزيءَ سان ڦرڻ
لڳندا آهن، نئون ماڻهو سمجهندو ته اجهو ٿو ڪنهن کي
ٺونشو لڳي يا چماٽ لڳي. پر اهڙو ڪجهه به ڪونه
ٿيندو آهي ڪجهه ئي دير ۾ آسمان کان ڪاوڙ جا ڪڪر
صاف ٿي ويندا آهن، حميد سنڌي ائين سانتيڪو ٿي
ويندو آهي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. پاڻ نه رڳو دل
جو صاف آهي پر نرم دل پڻ آهي. سندس لفظن ۾ ”هن
حياتيءَ جو هيءُ وڏو پنڌ لتاڙي آيو آهيان، پر نه
نينهن نپجڻ وسريو اٿم، نه ڇنڻ مور سکيا“ واري فڪر
۽ عمل کي پاسيرو رکيو اٿم.“
پُر وقار شخصيت جو مالڪ حميد سنڌيءَ کِلڻو، رلڻو
ملڻو، ڪچهريءَ جو مور، آيلن جو کُليءَ دل سان آڌر
ڀاءُ ڪندڙ ميزبان پڻ آهي ۽ سندس دسترخوان ڪشادو
آهي.
سنڌي ادب ۾ جيستائين هن جي حيثيت جو تعلق آهي ته
حميد سنڌي هڪ وڏو ڪهاڻيڪار آهي سندس ڪهاڻين جا ست
مجموعا ڇپجي چڪا آهن: 1- سيمي، 2- اداس واديون، 3-
ويريون، 4- راڻا جي رجپوت، 5- جاڳ به تنهنجي جيءَ
سان 6- در ونديءَ جو ديس.7-ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي
ڪهاڻيون. سنڌيءَ جي هڪ وڏي شاعر ۽ نقاد تنوير
عباسي جو چوڻ آهي ته ”حميد پنهنجي سهيوڳين ۾ هڪ
انوکي اسلوب جو مالڪ آهي جنهن جي ڪهاڻين جا ڪردار
ماڳ ۽ انهن جو ماحول سنڌ جي سماجي تاريخ جو هڪ اهم
باب آهي.“
حميد سنڌيءَ ويريون، ڌوپار، دربان، ٺوٺ ڌرتي، بابا
منهنجو چوزو، راڻا جي رجپوت، چُڪ، ريب فريب
زندگيءَ جا، مٺوءَ جي ڪهاڻي اسان اُڌارا آڻي آونگ
چاڙهيا، زبرو ڌڪ، جاڳ به تنهنجي جيءَ سان، زورآور،
درونديءَ جو ديس، هي زهر ڪير ته پئيندو، جي مرين
ته آرهڙ ۾ مرجانءِ ۽ ٻيون کوڙ ساريون بهترين
ڪهاڻيون لکيون آهن.
اها سنڌي ادب جي بدقسمتي آهي جو حميد سنڌي جي
ڪهاڻين جو باقاعدي اڀياس نه ڪيو ويو آهي هن مختصر
مضمون ۾ آئون سندس فقط ٻن ڪهاڻين جو ذڪر ڪندس.
”هيءُ زهر ڪير ته پيئندو“ جو مُک ڪردار استاد شفيح
محمد هيڊ ماستر آهي اصولن جو پابند ۽ آئڊيئل
استاد، ٽن ڌيئرن ۽ هڪ نوجوان لوفر پٽ جو پيءُ ڌيئن
جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ گهر کنڊر بنيل. سندس پينشن جا ڪاغذ
اڃا نه ٺهيا آهن ۽ هن وٽ گهر جي خرچ هلائڻ جي لاءِ
پئسا ئي ڪونه آهن. انهيءَ ڳڻتيءَ وچان گهرمان ٻاهر
نڪري مس ٿو ته اوستو غفور گڏجيس ٿو ۽ کيس ڪريل گهر
جي مرمت ڪرائڻ جي مشورو ڏئي ٻڌائيس ٿو ته پٽنهن
هيروئن وڪڻي به ٿو ۽ پيئي به ٿو. استاد شفيح محمد
جو دماغ ڦري وڃي ٿو. بازار مان لنگهي ٿو ته ماڻهو
کيس سلام ڪن ٿا. سڄي شهر کي اوڌر تي سيڌو ڏيندڙ
آهي، سو سندس اڳيان بيهي ٿو ۽ پينشن جي ڪاغذن جي
پڇا ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ وڃي ٿو ته ٻن ٽن ماسترن کي
ورانڊي ۾ ڪچهري ڪندي ۽ سگريٽ پيئندي ڏسي ٿو. هو
کين شرمائي ٿو ته ماستر ڪاوڙجي پون ٿا. اڳتي وڌي
ٿو ته ڀت جي اوٽ ۾ ڪجهه شاگرد دونهان پيا ڪڍن،
هيڊماستر به آفيس ۾ پن جي ٻيڙي پيو پيئي. ماستر،
شاگرد ۽ هيڊماستر سڀ استاد شفيح محمد جي خلاف ٿي
وڃن ٿا ۽ احتجاج ڪندي اسڪول بند ڪرائين ٿا. هو
ڳوڙهن ڀريل اکين سان واپس وڃڻ لڳي ٿو ته سندس پٽ
ايڪسائيز وارن کان ڀڄندي هيروئن جا ٻه پڙا سندس
صدريءَ جي کيسي ۾ وجهي ڊوڙندو گم ٿي وڃي ٿو. استاد
شفيح محمد گهر اچي لفافي ۾ پيل هيروئن جون سموريون
پڙيون پاڻيءَ جي جڳ ۾ ملائي ٿو، ”هي زهر ڪير ته
پيئندو“ هي اهو پاڻي پاڻ ئي پي ڇڏي ٿو.
”هي زهر ڪير ته پيئندو“ ڪهاڻيءَ ۾ اسان جي موجوده
معاشري جي هڪ وڌندڙ ناسور کي بيحد اثرائتي انداز ۾
چٽيو ويو آهي. هڪ ايماندار ۽ اصولن تي هلندڙ
ماڻهوءَ جي لاءِ هن معاشري ۾ ڪا جاءِ ڪانهي. سنڌ
جي تعليمي نظام جي تباهي، ماستر جي غيرذميداري ۽
لاپرواهي، نوجوانن ۾ منشيات واپرائڻ جو وڌندڙ
خطرناڪ لاڙو هن دور جون تلخ حقيقتون آهن.حميد
سنڌيءَ جي هيءَ ڪلاسڪ ڪهاڻي آهي، جنهن جو تازو
هندي زبان ۾ ديوي نانگراڻي جو ڪيل ترجمو پڻ شايع
ٿيو آهي.
حميد سنڌيءَ جي ٻي شاهڪار ڪهاڻي ”جي مرين ته آرهڙ
۾ مرحان“ آهي، هن ڪهاڻيءَ جا به ڪيترائي رخ ۽ پهلو
آهي:
ورهاڱي ۽ جلاوطني جو درد“ ميائي جياس جي وڃي مڙهه
ملير ڏي“ واري ساڻيهه جي سڪ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي
جياپي جو د ارو مدار رکندڙ سنڌو درياءُ ۽ ان جي
موجوده صورتحال هڪ سنڌي هندو جيڪو ورهاڱي سبب
جلاوطن انڊيا هليو ويو، تنهن مرڻ کان اڳ وصيعت ڪئي
ته سندس رک سنڌ ۾ موڪلي سنڌو درياءَ ۾ وهائي وڃي.
هن جو ڏوهٽو ناني جون هاٺيون سنڌو درياءَ ۾
پُرواهه ڪرڻ لاءِ جڏهن سنڌ ۾ اچي ٿو ته سنڌو
درياءَ جو پيٽ سڪل آهي. ڪٿي بيٺل، ڪني ٿيل پاڻيءَ
جا دُٻا آهن. هن پنهنجي پيءُ کان مستي موج ۾ وهندڙ
سنڌو درياءَ جو ذڪر ٻڌو هو، پر هاڻي اهو درياءَ
کيس نظر نٿو اچي ۽ هو پريشان آهي ته پيءُ جون
هاٺيون ڪٿي پُرواهه ڪري ! حميد سنڌي جي هن ڪهاڻيءَ
۾ هڪ دردناڪ صورتحال جو درد ناڪnarrative
(بيانيه) آهي.
سنڌي ڪهاڻي جيڪا پنهنجي هڪ صديءَ پوري ڪري ٻي
صديءَ ۾ داخل ٿي آهي، تنهن ۾ حميد سنڌيءَ جي قلم
مان اڃا به اهڙين شاهڪار ڪهاڻين جي سرجڻ جي اميد
آهي.
ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون
رکيل مورائي
اهو زمانو منهنجي نسل جي شعوري عمر کان اڳ ۾ جو
زمانو هئو، جنهن ۾ ٻه رسالا ٻن اربي ڌارائن جي
پرچار ۾ رڌل هئا، اها خبر اسان جي نسل کي تڏهن
پئي، جڏهن اسان ادبي طور پڙهڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو.
روح رهاڻ رسالي، سنڌ جي قومي جنگ ادب وسيلي وڙهي
ڇاڪاڻ ته ادب عام ماڻهن تائين پهچڻ جو اهم ذريعو
هئو. سنڌ هڪ کان وڌيڪ عذاب ڀوڳي رهي هئي ۽ سنڌي
اديب سنڌ جي سياسي جنگ ادب جي ميدان تي وڙهي رهيا
هئا. اها وقت جي گهرج هئي ۽ اسان جي اديب/لکندڙ جو
وقت جي نبض تي هٿ هئو، هو علمي طرح ۽ ويڙهه ۾ جٽيل
هئو ته عملي طور به هڪ ويڙهه وڙهي رهيو هئو.
۽ انهن اديبن وٽ جيڪو اهم هٿيار هئو، ان جو نالو
” روح رهاڻ“ هئو، جنهن وڏي عرصي تائين سنڌي ادب کي
سچ پچ سنڌ جي آجپي جي راهه جو پانڌيئڙو بڻايو. اهو
سڀ اسان ڏٺو ڪو نه فقط پڙهيو. پر ان روح رهاڻ جي
روح روان ۽ سنڌي ڪهاڻي لکندڙن مان هڪ اهم نالي
حميد سنڌيءَ کي ڏٺو به ته کيس پڙهيو به. پر اهو
پڙهڻ سياست جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تخليقي هئو، ڇاڪاڻ ته
اها صنف جنهن ۾ هو لکي رهيو هئو. اها سياسيءَ کان
وڌيڪ تخليقي هئي ۽ آهي. جيڪا صنف ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي
نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.
حميد سنڌي ان دور جو لکندڙ آهي، جهن دور ۾ اياز،
جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ، ناصر
مورائي ۽ ٻيا گهڻائي ڪهاڻي لکي رهيا هئا ۽ انهن
سڀني جي وچ ۾ حميد سنڌي صاحب جي ڪهاڻي، اها اڻت
کڻي آئي، جيڪا سندس معصرن وٽ گهٽ هئي يا نه هئي.
هو جئين ته ساهتي پرڳڻي جو رهندڙ هئو ان ڪري سندس
عاليشان ٻولي، جيڪو اظهار ۽ احساس کڻي آئي. اهو
فقط سندس حصو آهي، سنڌي ڪهاڻي ۾.
حميد سنڌي صاحب جي ڪهاڻيءَ جو سفر ٻهراڙيءَ کان
شهر ڏانهن جو
سفر آهي، ممڪن آهي ته اهو سفر سندس شخصي سفر به
هجي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي تخليق ۾ به بحرحال خالق ڪنهن
نه ڪنهن صورت ۾ موجود هوندو آهي.
۽ ٻيو مثال اهو به آهي ته وقت جي رفتار سان سندس
ڪردار ٻهراڙين کان شهري ٿيندا ويا آهن ۽ سنڌي
ڪهاڻين جي ڪردارن جو اهو سفر فطري سفر آهي. جيڪو
سماج جي بدلجڻ سبب ٿيندو آهي ان سفر کي حميد سنڌي
صاحب هڪ ليکڪ طور پنهنجي هٿ ۾ نه رکيو آهي، پر
ڪردارن جي ماحول ۽ سندن جيئندڙ زندگي تي ڇڏيو آهي
جنهن ڪري سندس ڪردار پنهنجي ماحول ۾ هلن ڦرن ٿا،
لکيڪ جي اڳيان پٺيان نٿا ملن. مان ڀايان ٿو ته
حميد سنڌي صاحب جي ڪهاڻين جي اها سڃاڻپ ئي کيس
پنهنجي همعصرن کان الڳ ڪري ٿي.
سندس ڪردارن ننڍڙن ننڍڙن دائرن ۾ آئيڊيل ڪردار پڻ
آهن ائين نه آهي ته پوءِ سندس ڪهاڻي جا ڪردار
وڻندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ته اوس آهن. جنهن ڪري انهن
۾ نفي لاڙا گهٽ آهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته حميد
سنڌي صاحب پنهنجي ديس کي شعوري طور ڪجهه ڏيڻ چاهي
ٿو. اتي هو نج تخليقي عمل کي اورانگهڻ عيب نٿو
سمجهي، جنهن ڪري ممڪن آهي ڪو ادبي لاڙو انهن
ڪهاڻين يا ڪردارن کي سياسي نظرياتي رنگ ڏئي پر.
اهي ڪردار جنهن تهذيبي سفر مان گذريا آهن ان تهذيب
۽ ثقافت جا ڳڻ انهن ڪردارن ۾ موجود آهن. جنهن جي
نه هجڻ جي صورت ۾ حميد سنڌي صاحب نهايت ڏک/اذيت
مان اهو اظهاري ويٺو ته ” اڄ سنڌ ۾ اهي موهيندڙ
ڪردار ئي نه رهيا آهن، جنهن ڪري مون ڪهاڻيون لکڻ
ڇڏي ڏنيون آهن.“ (سنڌالاجيءَ ۾ تقرير).
ڪنهن به ليکڪ جو اهو الميو آهي ته اهو پنهنجي
لکڻين وسيلي جيڪو سماج اڏڻ چاهيندو آهي، جهڙا
ماڻهو ڏسڻ چاهيندو آهي، جڏهن اهو سڀ نه ٿيندو آهي
تڏهن هو محسوس ڪندو آهي ته سندس لکڻ جو شايد ڪارج
نه رهيو آهي. ائين هو پنهنجي اندر ۾ تخليقي طور ڀڃ
ڊاهه جو شڪار ٿيندو آهي. جنهن مرحلي تي اچي حميد
سنڌي صاحب ان ۾ تسڪين ماڻي ته هن لکڻ کان ڪنارو
ڪري ڇڏيو. اهو فقط حميد سنڌي صاحب جو مسئلو نه آهي
پر دنيا جي ڪيترن ئي لکندڙن کي اهڙن تجربن مان
گذرڻو پيو آهي، ويجهڙ ۾ اسان وٽ ٽئگور جو نالو
آهي، سنڌ ۾ شيخ اياز صاحب جو مثال آهي، پر اهو سڀ
وقتي آهي، ليکڪ جي اندر جو فنڪار ڪڏهن به پنهنجي
سموري اعتماد سان ظاهر ٿيندو آهي. ۽ پنهنجو ڀرپور
عمل پڌرو ڪندو آهي. جيستائين ائين ٿئي تيستائين
حميد سنڌي صاحب پنهنجي ڇڙوڇڙ انهن ڪهاڻين جي چونڊ
اسان جي آڏو رکي آهي، جيڪي ڪهاڻيون، سنڌي ادبي
بورڊ جي شاندار رسالي ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيون
رهيون آهن، جن جي چونڊ کي هن نالو ڏنو آهي . ”ڪڻ
ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون“.
اهو چوڻ به شايد ٺيڪ لڳي ته حميد سنڌ انهن
ڪهاڻيڪارن مان آهي، جيڪي مسلسل سنڌي ادب کي خوشحال
ڪرڻ ۾ رڌل رهيا آهن، انهيءَ ڪري به سندس ڪهاڻيون
سنڌي ماڻهن جي اميدن ۽ نااميدين جون ڪهاڻيون به
آهن ته سنڌي ماڻهن کي ديس ۽ ديسواسين سان محبت ڪرڻ
جو شعور ڏيندڙ پڻ آهن. سندس ڪهاڻين جي محاوراتي
ٻولي، نج سنڌي ٻوليءَ جي سونهن کڻي اچي ٿي. سندس
ڪردار سنڌ جا جيئرا جاڳندا ڪردار ٿي سامهون ايندا
آهن.
مان ائين چوڻ/لکڻ به چاهيندس ته حميد سنڌيءَ نه
رڳو لکڻ جي حوالي ۾ سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جو سڏ
ڏنو آهي پر هو عملي طور به هڪ اڳواڻ جي حيثيت
رکندڙ ليکڪ آهي سنڌ جي قومي شعور ۾ حميد سنڌيءَ جي
ڪهاڻين سندس عملي ڪردار ۽ سندس رسالي ” روح رهاڻ
جو هڪ جيترو حصو آهي“ جنهن کي سنڌي ادب جي تاريخ
سدائين ياد رکندي.
حميد سنڌيءَ جي هن ڪتاب نالي مان ظاهر آهي ته
هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب آهي. ممڪن آهي ته ڪتاب ۾ شامل
ڪهاڻين مان ڪي ڪهاڻيون ڪن پڙهندڙن جون پڙهيل به
هجن پر هاڻ جڏهن اهي گڏيل صورت ۾ آيون آهن ته وڌيڪ
نکري بيٺيون آهن، ساڳئي وقت ڪتاب ۾ محفوظ به ٿي
ويون آهن.
سنڌي ادبي بورڊ ائين پنهنجي بزرگن جي ادب کي سهيڙي
پنهنجي گهرج به پوري ڪئي آهي ته پنهنجي آبروءَ کي
به وڌايو آهي ٽيهن ڪهاڻين جي هن نئين مجموعي مهاڳ،
سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اسلوب رکندڙ ڪهاڻيڪار مدد
علي سنڌي لکيو آهي.
ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون
نصير مرزا
حميد سنڌي صاحب جيڪو پنهنجي ذات ۾ تحرڪ ئي نه صدا
کان هڪڙي تحريڪ به پئي رهيو آهي.... روح رهاڻ...
جشنِ روح رهاڻ... زندگي پبليڪيشن ۽ هاڻي بزمِ روح
رهاڻ... ڏسڻ ۾ گڊ لُڪنگ، گريس فل، سڀ جو هڏ ڏوکي،
همدرد ۽ دوست... ته ڌُوپار دوست، ۽ جي نه دوست، ته
به سڀ جو خير خواهه. بطور ڪهاڻيڪار، سندس ڪهاڻين ۾
پهرئين ۽ وڏي ۾ وڏي خوبي ته هيءَ، جُو هن جي
ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪهاڻي“ هر حالت ۾ هوندي آهي ۽ ٻي خوبي!
پر ٿورو ترسو!.. هتي پهرين 70-80 واري ڏهاڪي جِي
ٿوري اَور پچار... ۽ يا الله! سنڌي افساني جي عروج
جا اُهي به ڇا ته شاندار ڏهاڪا هئا... جڏهن
ڪهاڻيءَ جا سڀ امام، ميدان ۾ لٿل هئا... آغا سليم،
امر جليل، نسيم کرل، حميد سنڌي، قمر شهباز، ماهتاب
محبوب، غلام نبي مغل، ثميره زرين، عبدالقادر
جوڻيجو، علي بابا، عبدالحق عالماڻي، ماڻڪ، شوڪت
حسين شورو، مشتاق شورو ۽ هي سڀ پنهنجي پنهنجي
زبردست اِننگ کيڏڻ ۾ مصروف.... ۽ سڀ فارم... يعني
ڪهاڻين جي مٿان ڪهاڻيون لکندا پئي ويا (۽ يا
موليٰ! سنڌي ڪهاڻيءَ جي اهڙي اڳوڻي زماني کي وري
ٿورو روائينڊ ڪرنه!) ۽ ايئن انهن مان هر ڪهاڻيڪار
جو جي انداز پنهنجو پنهنجو ...ته اسلوب به ڌار
ڌار... ڪنهن وٽ ڳوٺاڻا مسئلا ۽ مامرا... ته ڪن وٽ
تاريخ جو پس منظر... ڪو حقيقت نگار... ته ڪو ٽيڊي
۽ ماڊرن ڪهاڻيڪار... ۽ ايئن انهيءَ سموري ٽهيءَ...
ڪهاڻي جي فارميٽ ۾ هي رڳو ڪهاڻيون ئي ڪٿي پئي
لکيون، اڙي بابا! انهن ته ڄڻ سنڌ جي سماج جِي سچي
پچي سماجي تاريخ پئي لکي... زبردست تاريخ!.
ته بس اهڙن ڪهاڻيڪارن منجهان اسان جو حميد سائين
به هڪ! جنهن
جي ڪهاڻين جي ٻي نمايان خوبي... ۽ اها به ڇا ته
رنگا رنگ ۽ زبردست! يعني سندس ڪهاڻين جا ’عنوان‘،
جيڪي يا ته ڀٽائي صاحب جي بيتن مان کنيل يا وري
شيخ اياز جي شعرن مان... جيئن مثال طور: ”راڻا جي
رجپوت“، ”درد ونديءَ جو ديس“، جاڳ به تنهنجي جيءَ
سين“، ”ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون“، ”واچوڙن ۾
لاٽ“، ”ڪنچن ڪايا“، ”پاڙي ناهي پروڙ“، ”ڪهڙي مومل
ڪهڙو راڻو“، ”کڙيا کٽڻهار“، ”اکڙيون ميگهه ملهار“،
”جِت جر وهي ٿو جال“، ”سو مون سڀ ڄمار“، ”سندڙيان
سڱڙي ڳالهه ڳجهڙي“، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”اسان تي
الزام آندا جڳ جيئڻ جا“، ”اسان اُڌارا آڻي آونگ
چاڙهيا“، ”ڇوريءَ ڇڏ م ڇپرين“ ۽”لڳي لڳي واءُ“
وغيره.
هونئن اسان جي حميد سائين جي ڪهاڻين جي ٽين خوبي!
۽ اها به ڪمال خوبي! ۽ اها آهي ڪهاڻيءَ جي فن سان
هن جي مسلسل وفاداري ۽ ياري... اڙي بابا! هن جي
مٿئين نمايان همعصر ۽ حال حيات ڪهاڻيڪارن مان آغا
سليم صاحب، امر جليل صاحب، ادي ماهتاب محبوب، غلام
نبي مغل، لاشڪ ته اڄ به بهترين بهترين نثر لکن
پيا، پر ڪهاڻي صنف لاءِ نه! ۽ اِن وِيچاري مسڪين
صنف کي ته هو جهڙوڪر ڪڏهوڪو وساري ۽ ترڪ ئي ڪري
چڪا آهن. پر هيڏانهن هي اسان جو حميد سائين...
جنهن وٽ ڪهاڻيون لکڻ لاءِ، اڃا تائين نه موضوعن جي
کوٽ آهي! نه ڪهاڻي لکڻ جي شوق ۾ گهٽتائي! پر هي
رڳو ڪهاڻي– صنف ئي ڪٿي؟.. حميد سائين ته ان
کان علاوه به گهڻو ڪجهه لکندو رهيو آهي جيئن
سفرناما... مهاڳ...تعزيت نامه.... تاثر.. ۽ هڪ
وڏَي ۽ منفرد قلمڪار وانگر سندس هر تحريرجو اسلوب
به، بنهه پنهنجو... ۽ رنگ ئي ڌار! جي ها! خالص...
نج پج... حميد سنڌي اسٽائل... دلفريب ۽ دل آويز...
اڙي بابا! ان کي ئي ته، آئون پنهنجي حميد صاحب
جِي... چوٿين خوبي تصور ڪندو آهيان. اڇا! حميد
سائين جو ڪو وڏو همعصر ڪهاڻيڪار جي مائينڊ نه ڪري،
ته همٿ ڪري چئي ڏيان... ته سنڌيءَ ۾ سواءِ حميد
سنڌيءَ ۽ ادي ماهتاب محبوب جي هر وڏي سنڌي
ڪهاڻيڪار تي يورپ يا اردوءَ جي ڪنهن نه ڪنهن معتبر
ڪهاڻيڪار جي ڇاپَ! آهي ئي آهي. مثال طور: ڪنهن تي
قرت العين حيدر جِي، ڪنهن تي دت ڀارتي، ڪرشن چندر
جِي، ته ڪنهن تي سعادت حسن منٽو، ته ڪنهن تي وري
گوگول، گورڪي ۽ چيخوف جي ڇاپ. هوڏانهن ڀارت وارا
ته سڀ جا سڀ سنڌي ڪهاڻيڪار يا ته شرتچندر جي اثر ۾
يا ڪاميو يا ڪافڪا جي رنگ ۾ رنڱيل نظر ايندا. مڃان
ٿو هند-سنڌ جا اِهي سڀ انتريامي ڪهاڻيڪار پنهنجيءَ
پنهنجيءَ اڻتڪاري ۾ ڪمال ڪمال جا ڪهاڻيڪار آهن...
پر هتي آئون هي به ڪمال اعتماد سان پيو لکان، ته
سنڌي افساني جي، اِن پُوري سيناريو ۾ حميد سائين،
مون کي خالص ۽ پنهنجي ئي رنگ ۾ رڱيل افسانه نگار
لڳندو آهي...
ڪهاڻي دنيا ۾ هُو سنڌ جي وچولي جو ترجمان آهي. پر
وسيع پسمنظر ۾ انسان ذات جي الميي، ڌرتي جي دُک،
سنڌ وطن جي ماڻهن جي بي وسيءَ، قدرن جي زوال،
ماضيءَ کان بي خبر، حال کان لاپرواهه نسل، ڌارين
جي يلغار، سنڌ مٿان غير سنڌين جي تسلط، انڌا ڌنڌ
جدت ڏانهن مائل، نئين نسل جي تقليدي روِش، بالا
عملدارن جي نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين رشوت خور
ٿي وڃڻ... ۽ اهڙن سڀني موضوعن تي هن جيئن مهارت
سان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ اهو سندس ڏانءُ به...
پنهنجيءَ جاءِ تي، پر پهرين خود ورهاڱي بعد سنڌ
ڌرتيءَ سان جيڪو ڪجهه گذريل 65 سالن ۾ ٿيو آهي، ان
بابت خود
حميد سائين جو بيان آهي ته:” اِن دوران هن ڌرتيءَ
سان ايڏا ته ڪلور ٿيا آهن، جو هتان جي ماڻهن کان
ساهه کڻڻ ئي وسري ويو آهي“. ٻئي پاسي حميد سائين
وٽ وچولي وارن ڪردارن جي به ايڏي ته رنگا رنگي
آهي، جو شايد ئي سنڌ جي ڪنهن ٻي سندس همعصر
ڪهاڻيڪار وٽ اوتري هوندي. ڇا غريب غربا، امير
امرا، هاري ناري، سيٺ آفيسر، مايون دايون، مهل
ماڙيون، ڳوٺ شهر، گهٽيون پاڙا، چوڪ رستا، چونئرا
جهوپا، ڦُرون ڌاڙا، ڇيڙيون نبيريون، پکي جانور، وڻ
ٽڻ، واهه درياهه، ميوا فروٽ، ڪُهر انگور، مرچون
لوڻ، ليما انبڙيون ۽ اهڙي را مٽيريل مان جوڙيل
سندس ڪهاڻين کي... جي هڪ طرف زبردست تاثير آهي ته
ٻي پاسي، دل ڌوڏي ڇڏيندي
تاثرپڻ. سندس سڀ ڪهاڻيون، سندس ئي لفظن ۾ ايئن
آهن، ڄڻ ”سنڌوءَ جو لڙاٽيل مٽيءَ جي هڳاءُ وارو
پاڻي“. مثال طور: سندن ڪهاڻي ’ڪنچن ڪايا‘ مون پڙهي
ته بي اختيار دل مان آواز نڪتو حميد سنڌي
is
’ماسٽر اسٽوري ٽئلر‘. اها ڪهاڻي چِدا کيڏندڙ
آڙيڪاپ ٻار ’گلوءَ‘ بابت آهي ۽ اِهو گلو! جڏهن اک
چِنجهي ڪري بلور چُٽڻ لاءِ طاقت سان ڪنهن بلور تي
نشانو چُٽي ٿو، ته اهو ڄڻ سڌو ٺڪاءُ ڪري دل تي اچي
ٿو لڳي. ايئن ٻارن جي موضوعن تي لکيل سندس مارولس
ڪهاڻي آهي ”زماني جو دستور“ ۽ ٽين ”ڌوپار“. جنهن ۾
وري هڪڙو ٻارڙو اِٽي ڏڪر جو اهڙو ته خوفناڪ کلاڙي
۽ نشاني باز آهي، جو جتي سندس اِٽي ڦيراٽيون
پائيندي وڃي ڪري ٿي، اُتي ته بس رڳو دانهون ۽
ڪوڪون... ايئن ٻارن جي موضوعن تي لکيل سندس ڪهاڻين
منجهان ”هرڻيءَ جي ڳالهه“، ”بابا منهنجو چوزو“ ۽
اُهي به ڪمال جون ڪهاڻيون آهن. پوءِ وهيا پکين
بابت ڪهاڻي ”پرديسي پکيئڙا“ حاويلين جي اداسين
بابت”ويريون“ يا پوءِ ڪهاڻي ”دربان“ جنهن ۾ حاويلي
جي دروازي تي کجيءَ جَي اڪيلي وڻ جي ڪٿا آهي. يا
پوءِ ”راڻا جي رجپوت“ جنهن منجهه معصوم ناچو ڇوڪرن
سان وڏيرن جي بيواجبين جا داستان بيان ڪيل آهن.
چوندا آهن، جادو... لفظن ۾ نه، ماڻهن ۾ هوندو آهي،
حميد سائين وٽ اهو جادو ’قلم‘ ۾ آهي. خاص ڪري
ڪيفيتن ۽ احساسن کي ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪرڻ جو ته هن
وٽ، بي پناهه ڏانءُ آهي.. اهڙي بيان دوران هو جڏهن
جڏهن به وچ وچ ۾ ههڙي سٽ ٿو لکي”ميرا ڪيا بني گا
ڪاليا“ ته پڙهندڙ جو موڊ اوچتو ئي اوچتو باغ بهار
ٿيو وڃي. سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ ته، حميد سنڌي،
رشتن ناتن جون ڪهاڻيون لکندڙ ڪهاڻيڪار آهي، رشتا!
جيڪي هاڻي مغربي دنيا وانگر سنڌ ۾ به ناپيد ٿيندا
پيا وڃن. سئوٽ ڪير؟ ماسات معنيٰ ڇا؟ ڪير پڦاٽ؟ ۽
اڄ جي نئين نسل کي اهڙن رشتن ۽ خانداني ويجهڙائپ
جي ڪا به خبرآهي ئي ڪونه. جو هن لاءِ ته سئوٽ،
ماسات، پڦاٽ سڀ، ڪزن... سڀ چاچا، ماما- انڪل ۽
چاچيون، ماسيون ۽ پڦيون وري آنٽيون بڻجي چڪيون
آهن. حميد صاحب ايڏو ته سنڌيت پرست ڪهاڻي ڪار آهي
جو هن جي ته ڪردارن جا نالا به سنڌي نائيزڊ آهن.
مثال طور: زينون، ڦلان، لالان، سونل، جَنو، بگن
ماءُ، بگو، بچل، نانو موسو، شمن، منٺار، رحمتَ،
نعمتَ، موملَ، مولو، نبن، گلو، گلڻ ۽ پَرُو وغيره.
ڪهاڻي ”مرين ته آرهڙ ۾ مرجان“ ته حميد صاحب جي ئي
نه، سنڌي ادب جي به شاهڪار ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾
ڇا آهي؟ اِن جو تفصيل هتي بيان ڪري ڪهاڻيءَ جو
سسپنس آئون ختم ڪرڻ نٿو چاهيان. بس ايئن سمجهو ته
هزارين سنڌي ٻوليءَ جون اهڙيون ڪهاڻيون مون پڙهيون
آهن، جن کي هڪ ڀيرو ئي پڙهي، دل ۾ اڪثر چيو هوندم،
”گهڻو ٿيو اي پياري ڪهاڻيGood
By.!“
پر حميد صاحب جي اِن ڪهاڻيءَ ”مرين ته آرهڙ ۾
مرجان“ کي ور ور پڙهڻ لاءِ دل اڇلون پئي ڏيندي
آهي. عجيب ئي ته ڪهاڻي آهي هيءَ. جهڙي... سنڌو
درياهه جَي درد جِي اڻکٽ ڪٿا، جنهن جو ڪوئي به،
اَنت نه پار. سنڌي ٻوليءَ جي نقادن ته هن ڪهاڻيءَ
کي ”ڪلاسڪ“ جو درجو ڏنو آهي. ۽ اهڙن سڀني معتبر
نقادن پاران اها راءِ... منهنجي لاءِ ته سنَدَ جو
درجو ٿي رکي. سو ان کان وڌيڪ هن ڪهاڻيءَ بابت
منهنجي چوڻ لاءِ... هتي بچي ئي ڇا ٿو؟ اجهو! سواءِ
ايئن لکڻ جي ته... ”حميد سائين!.. جيئو هزارين
سال.. اهڙيون ڪهاڻيون لکندا رهو.. اسين پڙهندا
رهون... جو اوهان جي قلم ۽ تحرير ۾ بي پناهه رواني
آهي... رس چس آهي... خوشي خمار آهي ۽ سنڌ جو
درد... جيڪو دراصل اسان سڀني جو ئي ته درد آهي“.
حمید سندھی: ایک منفرد افسانہ نگار
شوکت صدیقی
حمید سندھی کا شمارسندھی کے ممتاز اور قابل ذکر
افسانہ نگاروں میں ہوتا ہے۔ انہوں نے یہ نمایاں
ادبی مقام ریاضت اور فن کا رانہ صلاحیت سے حاصل
کیا ہے۔ "سوکھی دھرتی" ان کے دس افسانوں کا مجموعہ
ہے۔ ان افسانوں کو سندھی سے ترجمہ کرکے پہلی بار
اردو میں پیش کیا جا رہا ہے۔ اردو کے ساتھ ساتھ
سندھ ادب کے لئے بھی یہ ایک نیک شگون ہے اور نہایت
حوصلہ افزا اقدام ہے۔ خصوصیت کے ساتھ ان معروضی
حالات میں جب سندھی اور اردو لسانی تضاد روز بروز
شدت اختیار کرتا جا رہا ہی، چنانچہ ضرورت اس بات
کی ہے کہ سندھی ادب کو اردو اور اردو ادب کو سندھی
ترجموں کے ذریعہ ایک دوسرے کے قریب لانے کی کوشش
کی جائے اور اس لسانی ثقافتی تضاد کو حل کرنے کی
سبیل پیدا کی جائے جو آخری تجزیہ میں معاندانہ
نہیں غیر معاندانہ ہے۔
حمید سندھی کے افسانوں کا مطالعہ کرتے وقت ایسا
محسوس ہوتا ہے کہ یہ افسانے محض الفاظ کی تزیئن
اور واقعات کی ترتیب نہیں بلکہ تخلیق ہیں اس قدر
خیال انگیز اور زندگی سے قریب کہ وہ ذہن اور روح
دونوں کو اپنی گرفت میں لے لیتے ہیں۔ حمید سندھی
نے اپنے افسانوں کی تعمیر اور تشکیل کے لئے شہروں
کی ہنگامہ خیزی اور چکا چوند پیدا کرنے والی زندگی
کا انتخاب نہیں کیا ان کے افسانوں کی فضا سندھ کے
دیہات ہیں۔ گوٹھوں اور قصبوں کے کچے مکانات، پرانی
حویلیاں، تنگ و تاریخ گلی کوچے، لہلہاتی فصلیں،
ندی، نالے، ہرے بھرے میدانوں کے ساتھ ساتھ بنجر
اور بے آب و گیاہ ریگ زار، اور وہ سب کچھ ہے جس کے
وسیلے سندھ اپنے تمام خد و خال کے ساتھ ابھر کر
سامنے آتا ہے۔ اس کی انفرادیت اور عظمت نمایاں
ہوتی ہے۔ سچ پوچھئے تو سندھ کی شناخت اس کے دیہات
ہیں، شہر نہیں شہروں کے سماجی ڈھانچے میں تو کم و
بیش یکسانیت ہی پائی جاتی ہے۔
حمید سندھی کے افسانوں کی فضا، انکی انفرادیت ہے
انہوں نے اسے سچائی سے پیش بھی کیا ہے، سندھی عوام
کے رسم رواج، ان کی خصوصیات، ان کی مسرتیں، ان کے
دکھ درد، ان کی نفرتیں، حمید سندھی کے افسانوں میں
پوری آب و تاب سے نمایاںہیں۔ لیکن ان کی روایات
اور افراد صرف سندھ ہی تک محدود نہیں رہتیں،
افسانہ نگار نے اپنی فنکارانہ صناعی اور مہارت سے
آفاقیت پیدا کردی ہے۔ اس مجموعہ کا پہلا افسانہ "سوکھی
دھرتی" ہے اس افسانے کا جو موضوع ہے۔ لگ بھگ وہی
موضوع ایک دوسرے افسانے "آرپار" کا ہے۔ دونوں ہی
افسانوں میں ظلم اور ناانصافی کے خلاف احتجاج ہے
اور یہ احتجاج ایسا ہے کہ اس میں انسانی جبلت اپنے
اصلی اور حقیقی روپ میں ابھرتی ہے۔ جب کسی پر حملہ
ہوتا ہے تو وہ خاموش نہیں رہتا۔ خود کو بچانے کی
کوشش کرتا ہے۔ اس کے خلاف رد عمل کا اظہار کرتا ہی۔
اس لئے کہ اس میں زندگی اور حرکت ہوتی ہے۔ صرف
پتھر ہی مار کھا کر چپ رہتے ہیں۔ ان افسانوں کے
کردار "پرُو" اور "ہاشو" بھی ظلم اور ناانصافی کے
خلاف اپنے زندہ ہونے کا مظاہرہ کرتے ہیں۔ حالانکہ
دونوں کرداروں نے اپنے احتجاج کا اظہار مختلف
انداز سے کیا ہے، مگر اپنے مفہوم میں دونوں نے ایک
ہی بات کہی ہے۔ ایک نے اپنی زندگی کی قربانی دے کر
یہ صدا بلند کی۔
"ہاں میرے مولا یہ سوکھی دھرتی دان چاہتی ہے، خون
سے سیراب ہونا چاہتی ہے۔ میرے مولا منہ مت موڑنا،
باقی تیرا بندہ حاضر ہے"۔
قربانی کا یہ جذبہ سندھ کی سماجی زندگی کا ایسا
نمایاں پہلو ہے جسے شاہ لطیف، سچل سرمست، شہباز
قلندر اور دوسرے صوفیائے کرام نے محبت اور آشتی کا
درس دے کر پروان چڑھایا ہے۔ اس کے برعکس 'ہاشو' کے
غم و غضے اور احتجاج کا اظہار اس طور کیا گیا ہے۔
چچا نے کہا"نہیں ہاشو نہیں، شمع دان نہ توڑنا،
کمینے، دیکھ، شیشوں کو نہ توڑنا"۔ ہاشو نے چلا کر
جواب دیا۔ "چاچا آرپار، آرپار!'" یہ کہہ کر اس نے
ہوا میں لہراتی ہوئی گلی پر زور سے ڈنڈا مارا۔
ہاشو گلی پر ڈنڈا مارے اور وہ نشانے پر نہ بیٹھے۔
ایسا کیسے ممکن تھا۔
دونوں ہی یکساں جذبے ہیں مگر اپنے سماجی مزاج کے
اعتبار سے وہ مختلف رجحانات کی ترجمانی کرتے ہیں۔
اور ان دونوں رجحانات کا امتزاج "بھاگوان" میں
ملتا ہے۔ یہ ایک ایسی ماں کی کہانی ہے، جسے اپنی
سات بیٹیوں کا بڑا مان ہے۔ وہ ان سے اس قدر ٹوٹ کر
محبت کرتی ہے کہ ان کی مار کھاتی ہے، طرح طرح کے
ظلم سہتی ہے۔ جلتی ہے، کڑھتی ہی مگر دل ہی دل میں
کہتی ہے کہ مرنے سے پہلے انہیں ایک بار دیکھوں اور
پیار کروں۔ پھر ایک ایسا مرحلہ آتا ہے کہ جس ماں
کے منہ سے اولاد کے لئے دعا ئیں نکلتی ہیں وہی ماں
جب اپنے ایک بیٹے کے ہاتھوں اپنی بھتیجی کی عزت و
ناموس پامال ہوتے دیکھتی ہے تو اس کی مامتا دب
جاتی ہی، کھری اور خالص عورت ابھر کر سامنے آجاتی
ہے۔ وہ چمٹا اٹھا کر ایسے غیظ و غضب کے عالم میں
جھپٹتی ہے کہ چمٹے کی پیہم ضربوں سے بیٹے کو لہو
لہاں کردیتی ہے۔ اس شر میں خیر کا پہلو ہے اور یہی
اس افسانے کا حسن او رخوبی ہے۔
ایک زمانہ تھا کہ فن افسانہ نگاری میں علامت نگاری
کا بڑا زور تھا موضوع پس منظر میں چلا گیا اور
ہئیت ہی افسانے کی خوبی ٹھری۔ اس رجحان میں اتنی
شدت پیدا ہوئی کہ افسانے سے پلاٹ ختم ہوگیا۔ کردار
غائب ہوگئے، صرف، کیفیت رہ گئی، یعنی جذبات اور
احساسات کے لئے وسیلئہ اظہار علامات رہ گئیں۔ سوال
پیدا ہوتا ہے کہ جب جذبات اور احساسات کے نہایت
مؤثر اظہار کے لئے مصوری اور رقص موجود ہے تو
افسانہ نگاری کے جمے جمائے ڈھانچے کو توڑ پھوڑ کر
مصوری اور رقص کے فن میں دراندازی کی ضرورت کیوں
پیش آئی؟ رقص اور مصوری کی تاریخ تو اتنی قدیم ہے
کہ انسانی معاشرے کے ارتقا کی پہلی سیڑھی سے اس کا
آغاز ہوتا ہے۔ ان دونوں فنون کا اپنا منفرد مزاج
ہے۔ ان کی مختلف خصوصیات ہیں۔ مختلف اصول اور
قواعد ہیں۔ دونوں ہی الفاظ کے محتاج نہیں، ایک کی
خوبی مختلف رنگوں کاامتزاج ہے اور دوسرے کے لئے
جسم کے مختلف اعضا کی حرکت اور پیچ و خم کی ہم
آہنگی بنیادی شرط ہے۔ الفاظ کے بطون سے جن فنون کا
خمیر اٹھا ان کا مزاج اور ان کے اصول یکسر مختلف
ہیں۔ اس قدر مختلف کہ دونوں کی سرحدیں مقرر ہیں۔
بہرحال یہاں علامت نگاری کے موضوع پر نہ کھل کر
بات کرنے کی گنجائش ہے اور نہ ہی میں علامت نگاری
کا مخالف ہوں۔ مجھے تو یہ کہنے میں بھی عار نہیں
کہ علامت افسانے کو کبھی کبھی تو اس قدر موثر بنا
دیتی ہے کہ شاعری کی زبان میں جذبات کی چاندنی سے
کھنڈر کی بھی تصویر کشی کی جائے تو وہ دلکش اور دل
آرا لگتی ہے۔ حمید سندھی کا افسانہ "دربان" علامت
نگاری کے ذیل میں آتا ہے۔ مگر علامت اس قدر واضح
ہے کہ قاری کا ذہن بھول بھلیوں میں نہیں بھٹکتا۔
اس افسانے میں کھجور کا ایک پیڑ علامت کے طور پر
پیش کیا گیا ہے۔ جاگیردارانہ نظام کے زوال اور
انحطاط سے سندھی معاشرے میں جو ٹوٹ پھوٹ رونما
ہوئی ہے اور اس کے نتیجے میں مشترکہ خاندان کے رہن
سہن کا شیرازہ جس طرح بکھر رہا ہے اس کی عکاسی "دربان"
میں اس فن کارانہ انداز میں کی گئی ہی کہ بے ساختہ
یہ کہنے کو جی چاہتا ہے کہ:
میں نے یہ جانا کہ گویا یہ بھی میرے دل میں ہے
حمید نے جن موضوعات اور سماجی مسائل کو اپنے
افسانوں کے لئے منتخب کیا ہے۔ ان کا انہیں
بخوبی علم ہے۔ ان کی جزیات کو وہ جانتے ہیں۔ یہی
وجہ ہے کہ ان کے افسانوں میں ابہام اور تشنگی نہیں
پائی جاتی۔ یہ خامی افسانے میں اسی وقت پیدا ہوتی
ہے جب موضوع ذہن میں واضح نہ ہو، علم ناقص ہو اور
فکر انتشار میں مبتلا ہو۔ حمید کے افسانوں میں
خلوص ہے، سچائی ہے اور درد مندی ہے، خواہ وہ وڈیرے
کے بارے میں ہو، ہاری کے بارے میں ہو یا کسی افسر
کے بارے میں، مجھے یقین ہے کہ ان کے افسانے ادب کے
قارئین دلچسپی سے پڑھیں گے اور پسند کریں گے۔
9]جون
1987]
ڪهه ڄاڻان
ڪيڏانهن ويا
حميد سنڌيءَ جا لکيل
تعزيتي تاثر شخصيتون
جديد ادب جو رومانٽڪ شاعر
شيخ اياز
(نوٽ: هيءُ مضمون، محترم حميد
سنڌيءَ جي شيخ اياز تي لکيل مضمون جي ٻي قسط آهي،
جيڪو ”مهراڻ“ جي ”شيخ اياز نمبر“ ۾ شايع ٿيو هو.
هيءُ مضمون، حميد صاحب جي اُن تقرير تي آڌاريل
آهي، جا پاڻ اياز صاحب جي 2- ورسيءَ جي موقعي تي
(28- ڊسمبر 1999ع) ڪئي هئائون. موضوع جي مناسبت جي
حوالي سان حميد صاحب ان جو دلپذير پيرايي ۾ وستار
ڪيو آهي. – ادارو)
هيءُ 1966ع جو زمانو آهي. ”روح رهاڻ“ جديد سنڌي
ادب ۾ آيل انقلاب جو مڪمل پرچارڪ ٿي اُڀريو هو.
اسان جو پراڻو ساٿي ۽ دوست هادي بخش ميمڻ، جيڪو
هميشه ”روح رهاڻ“ جو پارکو ۽ نقاد هو ۽ جام خط
لکندو هو؛ سندس خط جڏهن به ڇپبا هئا ته اسين وڌيڪ
خبردار ٿي ويندا هئاسين. سندس هڪ خط روح رهاڻ جي
جشن نمبر ۾ ڇپيو:
”انگريزي ادب ۾
Romanticism
ورڊ سورٿ جي
Lyrical Ballads
سان شروع ٿيو هو ۽ سنڌي ادب ۾
Romanticism
اوهان جي ”روح رهاڻ“ شروع ڪيو آهي. اوهان اُن
Romanticism
کي ختم ڪري چڪا آهيو، جنهن ۾ ادب رڳو اوچي
سوسائٽيءَ جي لاءِ هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ پهريون
دفعو عام انسان جي زبان استعمال ڪئي ويئي آهي، ۽
ڳالهه پڻ ڪئي ويئي آهي. سنڌي ادب ۾ شيخ اياز- ورڊ
سورٿ، امداد- شيلي، شمشير- ڪالرج، نياز- ڪيٽس،
تنوير- بائرن، امر جليل- لئمب، نسيم کرل هيزلٽ ۽
جمال ابڙو ڊي- ڪوئنسي آهن. اوهان جا سڀ لکندڙ
Romanists
آهن.“
پر هيءُ عجب رومانس هو، جنهن جي اياز کي خبر هئي.
1966ع جي سالنامي ۾ اياز جون هيءُ ٻه وايون ڇپيون:
تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ،
اوتڙ اوتڙ آءُ ميان!
راهه انوکي سڀ کان چوکي، پيرا پيرا ناهي ڪڙ! اوتڙ
اوتڙ آءُ ميان!
سج سُنهرا نيرا گهرا، جر تي پوياڙيءَ جا پڙ! اوتڙ
اوتڙ آءُ ميان!
جهڙا گونگا گيت هوا ۾، سانجهيءَ ويلي جهونا بڙ-
اوتڙ اوتڙ آءُ ميان.
اوتڙ ٻوڙي اوتڙ تاري، اوتڙ اوتڙ پنهنجا وڙ- اوتڙ
اوتڙ آءُ ميان.
ٻي وائي هئي:
ڏونگر ايڏا ڏاڍ ميان! مان ته پنهونءَ جي پانڌيئڙي
ڙي!
منهنجا پير پٿون اي پهڻو، آريءَ کي ڏيو آڍ ميان،
مان ته پنهونءَ جي پانڌيئڙي ڙي.
موٽان ڪيئن؟ مُٺيءَ جي من کي ورهه وڍي ڪيا واڍ
ميان،
مان ته پنهونءَ جي پانڌيئڙي ڙي.
”روح رهاڻ“ جي جشن ۾ اُن سال جڏهن اياز آيو ته
تنوير جي صدارت هئي. مون پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ڏکويل
اياز لاءِ لکيو هو:
”مون مشاعري جي باب کي کولڻ کان اڳ ۾ ’جشن‘ جي
ورقن کي پڙهڻ پروڙڻ ۽ پَسڻ وارن تي اک وڌي. چوڌاري
اڻکٽ وهڪرو هو. مان حيران هيس ته هيءُ جوان، هيءُ
شاگرد، هيءُ عالم، هيءُ بزرگ، هيءُ مائر، هيءُ
ڀينر، هيءُ سڀ ڪٿان نڪري نروار ٿيا آهن! مون ڏٺو
ته منهنجي هر اعلان تي سندن چهرن تي گهرا تاثر
ڦهلجي ٿي ويا. مشاعري شروع ٿيڻ سان اهي تاثر ڦهلجي
گهريون ليڪون بڻجي پيا. ليڪ ليڪ اسان جي ادب جو
مقدر هئي؛ ليڪ، ليڪ تي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي
تقدير لکيل هئي. هر ريکا پڪاري پڪاري چئي رهي هئي:
’ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪان هزارين مان نه
رڳو.‘
هر شاعر پاڻ سان چڻنگ کنيو ٿي آيو. هر شاعر وٽ
نئين سوچ ۽ نئون فڪر هو. هر شاعر جي خيال جو رخ ۽
لاڙو پنهنجو هو، جنهن جي لاءِ سڀني جو ڪنڌ ائين
جهڪي ٿي ويو ڄڻ سڀ انهيءَ تي متفق هئا:
’تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان
نه رڳو.‘
ڪوبه خاموش ڪونه هو. سڀني پنهنجا اُڌما ڪڍي ٻاهر
ڪيا. ڏسندڙن انهن اُڌمن کي پنهنجا جذبا بخشيا.
چوڌاري ڳوڙهي روشني ڦهلجي ويئي، جنهن ۾ سنڌي ادب
جو مستقبل ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئنده رخ چمڪي رهيو
هو. مون چهرن کي پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مون
واجهائڻ ڇڏي ڏنو، مون سوچڻ ڇڏي ڏنو. مان هڪ اهڙي
ڌارا ۾ وهي رهيو هوس جنهن ۾ سڀ اُهي مون سان گڏ
هئا، جن جي خيالن ۾ جدت، جن جي ارادن ۾ نواڻ، جن
جي فڪر ۾ رنگ برنگا منشور هئا، جن مان مختلف
روشنيون ڦٽي، اسان جي ادبي ميدان کي منور ڪري
رهيون هيون. منهنجو مقصد پورو ٿي چڪو هو. منهنجي
ڪلهن تان بار جهڪو ٿي چڪو هو. مان انهيءَ مهل پاڻ
کي آزاد سمجهڻ لڳس، جڏهن اياز آيو ۽ چيائين:
هي دور ’اياز‘ گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ
اياز جي هر شعر مان مختلف اڻڄاتل رنگن جون ڄڀيون
ٿي نڪتيون:
ڏات ڏکوئي، جيءَ- جَلي، مُرليءَ ۾ ڄڻ وڄ پَلي!
هو اڄ ڏکويل اياز هو، جنهن جي چهري تي ٿڌي روشني
هئي، پر سندس اندر ۾ اُهي ڀالا ۽ بڙڇيون چڀويل
هيون، جو هر لفظ وِههُ ۾ ٻڌل، هر لفظ هڪ شڪايت، بس
هزارين ارمان، هزارين اعلان، هزارين امڪان هيا. هو
جڏهن کُلي پيو ته چئي ڏنائين:
ٿو ساري ڪوبه نه سڃ- مئا، هو رڃ مئا، جي اُڃ مئا،
ڇا پاپي ڄاڻي پڃ- مئا، ارمان هزارين مان نه رڳو.
تنوير جي صدارتي اکرن ۾ جيڪي مشعالون ٻريل هيون،
انهن جي شعاع سهڻ جي سگهه مون ۾ نه هئي. تنوير جي
هر اکر ۾ صداقت جا گل هئا ۽ هن جڏهن ائين چيو ته
”تڏهن چوڌاري هلڪي ٿڌي مٺي روشني پرهه ڦٽيءَ جيان
ڇانئجي ويئي ۽ رات جي راڻي، سوسن، گلاب ۽ سنبل جون
مليل جُيل هيرون گهلڻ لڳيون.“
حقيقت ۾ انهيءَ
Romanticism
جي ابتدا ۾ رخ جن پسايا هيا، اُن لاءِ
شيخ اياز پنهنجي ”سنڌي شاعريءَ جو مزاج“ (جيڪو
”روح رهاڻ“ جنوري 1967ع ۾ ڇپيو.) (”بزم صوفيائي
سنڌ“ جي سهاري هيٺ 18- 19 نومبر 1966ع تي شيخ اياز
اهو مقالو پڙهيو).
هو لکي ٿو ته:
”سنڌي شاعريءَ جي پرک لاءِ برصغير جي پوريءَ
شاعريءَ جي مزاج سان آشنائي ضروري آهي. منهنجي نظر
۾ شاعريءَ جو فن پنهنجي ڪمال تي پهچي، دقيق ۾ دقيق
خيال جو اظهار سليس زبان ۾ ڪندو آهي. پر ان زبان
جي سلاست ۽ عام فهميءَ جي تهه ۾ فڪر ۽ فن جو اهو
رچاءُ هوندو آهي، جنهن ۾ صدين جي سڳنڌ سميٽجي
ايندي آهي. ڪنهن به عظيم شاعر جي هڪ سوليءَ سٽ تي
تنقيد يا تبصري لاءِ نه فقط هن جي موجوده معاشري
جو جائزو ضروري آهي، نه فقط هن جي دور ۾ قومي ۽
بين الاقوامي تعصبات جو تجزيو ۽ انهن ڏانهن هن جي
ردعمل جو مطالعو ضروري آهي، نه فقط شاعر جي داخلي
زندگيءَ جي شعوري ارتقا ۽ ان تي هن جي خارجي
زندگيءَ جي اثرپذيريءَ جو اندازو لڳائڻو آهي، پر
هن جي تحت الشعور جي انهيءَ روشنيءَ کي به جاچڻو
آهي، جنهن جا پاڇا هن جي شعور جي پردي تي پوندا
رهن ٿا. جنهن ڪٿڪلي جي نرت نه ڏٺي آهي، اهو
ڪاليداس جي ڪويتا جي پوري هڳاءُ ۾ ويڙهجي نٿو
سگهي؛ جنهن رگويد ۾ وايو پرجينا، اوشا، ارنياني ۽
راتڙيءَ جي باري ۾ گيت نه پڙهيا آهن، جنهن کي اها
ڄاڻ نه آهي ته هوا، برسات، باک، جهنگل ۽ رات جي
باري ۾ اڳ ڇا ڇا ڳايو ويو آهي، ان لاءِ ميگهه- دوت
جي روح تائين رسائي ناممڪن آهي؛ ۽ جنهن ڪاليداس جي
ميگهه- دوت ۾ اهو نه پڙهيو آهي ته ڪاليداس بادل کي
آڏو آڻي چوي ٿو ته:
اُتي، کليل کڙڪين مان واجهه- وجهندڙ، وار-
سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ، تنهنجي سرير کي ڳورو ڪري
وجهندي. محل جا مور نچي نچي، تنهنجو سواگت ڪندا،
جيڪڏهن تون ٿڪجي پوين ته رات ڦولن جي سڳنڌ ۾
ويڙهيل سراين مٿان گذارجانءِ- سرايون، جن جا اڱڻ
سندر نارين جي پيرن جي مينديءَ سان لال ٿي چڪا
آهن.
جنهن ميگهه دوت ۾ اهو نه پڙهيو آهي، تنهن کي
ڀٽائيءَ جي اَڄاتي تاڃي
پيٽي جي ڪهڙي پروڙ پوندي؟ هن کي ڪهڙي خبر ته
ڀٽائيءَ جي سٽ سٽ ڪهڙي آتڻ ۾ اُڻي ويئي آهي. ان کي
ڪهڙي ڄاڻ ته ڪهڙي ڪهڙي جُڳ جو جادو آهي. جنهن جي
سُر سارنگ سرجيو آهي! سر سارنگ جي هيءَ سٽ:
’سُرهي سيج، پاسي پرين، مَر پيا مينهن وسن‘
يا مومل راڻي مان هيءَ سٽ:
’مَڙهيا گهڻي مشڪ سين، چوٽا سا چندن‘
يا سُر کنڀات جي هيءَ سٽ:
’سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور‘
انهن سٽن ۾ اهو جسماني خوشبوءِ جو ڦهلاءُ آهي،
اُنهن جي تحت الشعور ۾ جسماني شاعريءَ جي اها
روايت آهي، جا اُمارو، ڪاليداس ۽ ڀرتري هريءَ کان
هلي آهي ۽ جا ديس ديس واسي، اچي سنڌيءَ ۾ عنبير
جيئن مهڪي آهي:
شڪنتلا جي باري ۾ ڪاليداس چيو آهي:
هوءَ هڪ اهڙي ڦول وانگر آهي، جنهن کي نه سِنگهيو
ويو آهي؛
هڪ اهڙي پن وانگر آهي، جنهن کي هٿ سان نه ڇڳو ويو
آهي؛
هوءَ هڪ موتي آهي، جنهن کي ڪنهن هار ۾ نه پويو ويو
آهي؛
هوءَ ماکي آهي، جنهن کي اڃا تائين ڪنهن نه چکيو
آهي.
ڀٽائيءَ انهيءَ تهذيب جي عطربيزي هن سٽ ۾ آندي
آهي:
ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ جا.
ـــــ
جھ تڙ ڌوڙئون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪئو،
اچن ڀونر ڀنڀولئا، پاڻيءَ تهين پون،
راول رتو رون، ڪو وا لڳو واسئين.
- اها خوشبوءِ اُنهيءَ ول جي خوشبوءِ آهي، جا پن-
جهڙ ۾ مرجهائجي ويندي آهي، ته به پنهنجا ٻج ڌرتيءَ
تي ٽيڙي پکيڙي ويندي آهي ۽ ميگهه ملار ۾ اهي ٻج
ڦٽي وري ڪائي ول پيدا ڪندا آهن، جنهن جي هڳاءَ سان
آس پاس واسجي ويندي آهي. هِن ڌرتيءَ جي ثقافت اِهو
گلريز تسلسل آهي، جو ٻه صديون اڳ ڀٽائيءَ جي ڏات ۾
ڦلارجي، سنڌڙيءَ جي ڇپر ڇپر ۾ ڇاٽ ٿي آيو.
هڪ پراڪرت گيت آهي:
”رات هوءَ مسافر لاءِ پلال وڇائي ڀڻ ڀڻ ڪري رهي
هئي،
۽ باک ڦٽيءَ جو انهيءَ پلال کي ڪٺو ڪري روئي رهي
هئي.“
جوانيءَ جي انهيءَ ڪيفيت جو اظهار، جو هِن ننڍي
کنڊ جي گيت گيت ۾ آهي، ڀٽائيءَ ساڳئي رنگ ۾ سر
ديسيءَ ۾ آندو آهي:
”مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين.“
يا ساڳئي سر جي هڪ وائيءَ جون هيٺيون سٽون:
لڪون لڳن ڪوسيون، ڏاڍا تپن ڏيهه،
وو! ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين
اهڙا هزارين مثال آهن، جن ۾ جندڙيءَ ۽ اُن جي ڏک
سک، پيار پڇتاو، ريت ڪريت کي گيت ۾ سمايو ويو آهي
۽ جنهن جو پڙاڏو ڀٽائيءَ جي ڀِٽ تي ٻُڌو ويو آهي،
انهيءَ يڪتاري جي تار ۾ صدين جي سنگيت جو پڙلاءُ
آهي ۽ آڱرين جي ڇهاءَ ۾ ڪائي آدجڳاد آهي. هن
ڌرتيءَ جي ڪائي دين آهي، جا جهوليءَ جهوليءَ
ورهائي رهي آهي، ۽ فقط هڪڙيءَ ڏات جو ڏاج نه آهي.
مون ڀٽائيءَ جي الوهيت ۾ به اهوئي آواز ٻڌو آهي.
هيءُ انسان جي روحاني مساوات جو پيغمبر اهوئي
پيغام دهرائي رهيو آهي، جو نرگن واد، پريم مارگ ۽
ڀڳتي تحريڪ جي شاعريءَ آهي، جنهن کي ڪبير، ميران
ٻائي، سورداس، ملڪ محمد جائسي، عبدالرحيم خان
خانان پنهنجن دوهن، چوپاين ۽ گيتن جي ذريعي هن
ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو، ۽ جنهن کي سرمد ۽
داراشڪوه پنهنجي رت سان ريٽو ڪيو.
برصغير ۾ جي به انساني مساوات جون روحاني تحريڪون
پيدا ٿيون، جن انسان کي تعصب، تفرقي بازيءَ، ابن
الوقتيءَ ۽ خود پرستيءَ خلاف تلقين ڪئي، جن انسان
جي خمير ۽ ضمير کي سڀ کان اهم درجو ڏنو ۽ دولت ۽
اقتدار جي هوس کي هن جي روحاني ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ
سمجهيو- انهن سڀني تحريڪن جو تَت ڀٽائيءَ جي بيت ۽
وائيءَ ۾ سمايل آهي، جو هوءَ ڪيتري وقت کان سيني ۾
سانڍيندي آئي هئي ۽ جڏهن اُن جو پيغمبر پيدا ٿيو
تڏهن ان جي واتان اهو پيغام گل ڦل ٿي پکڙجي ويو.
جسم ۽ روح جي شاعريءَ جي انهيءَ مڌر ميلاپ، ڌرتيءَ
۽ آڪاش جي انهيءَ انوکي سنگم ۾ ئي ڀٽائيءَ جي
انفراديت آهي. ڀٽائي سنڌ ۽ هند جي پيوند مان اُهو
اُسريل ميوو آهي، جنهن جي جڙ پراڻي آهي، پر ذائقو
نرالو آهي.
مون ڪبير ۽ ڪجهه ٻين هندي شاعرن ۾، انسان جي عملي
زندگيءَ جي چرخي سان تشبيهه پڙهي آهي ۽ سر
ڪاپائتيءَ ۾ ڏنل پيغام جو ماخذ ڳولي سگهيو آهيان؛
پر مون پوري برصغير جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نه پڙهيو
آهي ته نرالي حقيقت کي ”ڏٿ“ سان تشبيهه ڏني ويئي
هجي، يا جنهن ۾ انسان جي دائمي جستجو کي ”ڏوٿيئڙي“
۾ مجسم ڪيو ويو هجي، جيئن ڀٽائيءَ سر کاهوڙيءَ ۾
ڪيو آهي.“
هيءَ لطيفي روايت جي پوئواري آهي. لطيف جنهن
رومانٽسزم کي مڪمل نئون رُخ ڏنو، سچل ۽ ٻين صوفي
شاعرن اُن روايت جي پوئواري ڪئي، ته اياز هن جديد
دور جي حوالي سان اُن رومانس کي طوفان وانگر
اُڏائي کڻي آيو. اهو رومانس هو ڌرتي ۽ اُن جي
ماڻهن سان رومانس، جيڪو عشق جي حد تائين پهتو.
اياز اُنهيءَ عشق ۾ رَچي راس ٿيو.
”روح رهاڻ“ جي جشن جو ذڪر آهي، جنهن لاءِ اهو چوڻ
ڪافي ٿيندو ته اُنهن جشنن وسيلي سنڌ جي اديبن ۽
پڙهندڙن پنهنجن شاعرن ۽ اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي
گڏ ٿيندي ۽ اڳتي وڌندي ڏٺو، اُن وقت اسان جي
پڙهندڙ عبدالڪريم بچاڻي لکيو هو ته:
”دوستن جو رايو هو ته صرف رسمي جشن ٿيندو پر جڏهن
ڏٺائون ۽ ٻڌائون، تڏهن مڃيائون ته برابر اوهان
جيڪي چئو ٿا اُهو ڪري ڏيکاريو ٿا. شروعات ۾ دوستن
ڪجهه سستي ڏيکاري پئي پر شيخ اياز جي اچڻ کانپوءِ
ڄڻ محفل ۾ روح ڦوڪجي ويو.“
هڪ پڙهندڙ مس سيما قاضي جنوري 1966ع واري پرچي ۾
لکيو هو ته:
شيخ اياز عظيم شاعر آهي. سندس هر سِٽ ڀنڀٽ ڀڙڪائي
ٿي ڇڏي. سندس هر شعر ۾ پنهنجي ديس جي ڪاهل رهواسين
ڏانهن هڪ پيغام چٽيو ويو آهي.“
اُن پيغام کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ ”روح رهاڻ“
پنهنجن عام ۽ خاص نمبرن ۾ اياز جا مجموعا گڏ ڇاپي،
هزارن ۽ لکن پڙهندڙن کي ڄڻ مفت ڏنا ته هو اياز جي
اصل پيغام کي پڙهن ۽ سمجهن. ان سلسلي ”جل جل مشعل
جل“ ”هيءَ گيت اُڃايل مورن جا“، ”رُت آئي ڳاڙهن
ٻيرن جي“ جهڙا مجموعا ڏنا.
محمد ابراهيم جويي صاحب ”هيءُ گيت اُڃايل مورن جا“
جي مهاڳ ۾ صاف لکيو هو:
ڏهه مهينا ٿيا ته ”جل جل مشعل جل جل!“ جا سدا ملوڪ
۽ روح ۾ امر جوت جاڳائيندڙ گيت شايع ٿيا. اُهو
اپريل جو مهينو هو. ٻه مهينا پوءِ، اُن سٿ مان
رهجي ويل ٻه وايون- ”پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اُڀ
۾ جهوليندو، اهڙو ڏينهن به ايندو!“ ۽ ”هئهِ هئه
ڪونج نه مار، اڙي آهيڙي!“ ۽ ٻه غزل- ”وسڻو آهي،
هانءُ نه لاهه- ڇورا، ٻج ٻه ٽي ڪي ڇٽ!“ ۽ ”ڪهڙيءَ
کوهه- کنئيءَ جي لاءِ- تون هي ڪيرائين ٿو ڪوٽ؟“
”روح رهاڻ“ جي جولاءِ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيا.
ان کانپوءِ، ”اياز“ اسان کي ٽي ’لوڪ گيت‘- ”ڏيهه
نه آيئي منهنجو ڏانءِ!“، ”انبڙيون ڳول نه ڇورا،-
ڏينهن تتي ۾“ ۽ ”اوءِ ڪجري گُجر، پير هوريان ته
ڌر!“ ۽ ٻه گيت- هڪڙو ناچ- ڌن تي رچيل، ”پريت
پرينءَ جي پايل پايل، - آيل آيل!- گهايل گهايل-
منهنجا پير!“ ۽ ٻيو ”هيءَ ويچاري ڪير؟- پنهنجي!
ڌاري! ڪير؟- هيءَ پاڻياري ڪير؟“ ۽ ٽي وايون- ”لالي
نيٺ ته لهڻي آهي!- هئه هئه مينديءَ ٻوٽو ڙي!- هاءِ
جواني جهوٽو ڙي“، ”منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو، توکان
سُندر ڦول، موتيا!“ ۽ ”مانجهاندي جا ماڳ سوين، پر
منهنجو پنڌ پري!“ ۽ ٻه غزل- ”ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن
ڪيئن چيو،- پر وائي سڀ کي وات هئي!“ ۽ ”چارڻ سو جو
چنگ سوا- لاهي سڀ لاڳاپا لڳ!“ ۽ ٻه نظم- ”منهنجي
ڪوتا جاپ جُڳن جا، - اڻ ڳاتل آلاپ جُڳن جا ۽ ”تون
مان دور نه آهيون پيارا!- توکي مون کي روز ملائي،
سنڌوءَ جو سپنو!“ ۽ آخر ۾ ٻه بنهه ننڊ مان جاڳائي
هانوَ ۾ هُرڻ واريون لوليون- ”شال دولهه ٿئين! شال
دودو ٿئين!-
شال سورهيه ٿئين! سنڌ کي سر ڏئين!- لوليون! او
ابا! لوليون! لوليون!“ ۽ ”لولي لال! جيئين شال!
جيئي سنڌ، تنهنجي سنڌ!- جيئي جند، تنهنجي جند!-
لولي لال!“- اهي سڀ اُجرا اُجرا، املهه گيت اسان
جي شاعر هنن ڏهن مهينن ۾ اسان کي ڏنا آهن. اڄ اسان
جي سامهون اياز جا ”هي گيت اڃايل مورن جا“ موجود
آهن. ڪل 47 گيت آهن، ۽ ڪيڏا نه مند ماس جا، رسيل ۽
رسيلا آهن هي سڀيئي گيت! هيتري مختصر عرصي ۾ ڪو
جوهري هيترا موتين جا ٿالهه ڀري آڻي اسان جي آڏو
رکي، ۽ پوءِ اسان کان فقط انهن جي سڃاڻڻ ۽ سانڍڻ
جو دام گهري- ته اسين پاڻ کي ڪيترو نه خوش نصيب
سمجهي سگهون ٿا.“
جنهن ڳالهه ”روح رهاڻ“ وسيلي اياز جي فڪر ۽
شاعريءَ کي جڳ ۾ ڦهلايو، اُهو هو جديد ”
Romanticism“.
اُهو هو پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻ ميو پيار، جنهن
جي شروعات صديون اڳ ٿي هئي. جڏهن ان سڄي دور تي
نظر وجهجي ٿي ته لطيفي روايت جي پوئواري ۾ اياز
اڪيلو نظر نٿو اچي. سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ قسم جي
رومانٽڪ سفر جا ڪئين همسفر نظر اچن ٿا.
عبدالڪريم ”گدائي“ جڏهن چيو:
اڄ ساقي تنهنجي محفل ۾ سو صبح نه آ سا شام نه آ،
ڪو مست الستي رند نه آ، ڪو ٻهه ٻهه ٻرندڙ جام نه
آ.
سي سچ جي جنس جا سوداگر، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙيءَ واٽ
ويا،
هر دل ۾ ول ڇل ڪوڙ ڪپت ۽ سچ جي جنس جو نام نه آ.
سقراط کي جنهن لئه زهر مليو ۽ سـرمد پنهنجو سِرُ
ڏنو،
سو سرمستي آواز ڪٿي، سو پريت ڀريو پيغام نه آ.
سنڌ جي حق سچ ۽ سوجهري جي ڳالهه ڪندڙن مان ”تنوير“
عباسي جي غزل جو هيءُ بند ڏسو:
ڪو صبح جان سڀاڳو ڪو شام جان نماڻو،
محبوب آهي منهنجو هرهڪ وطن جو ماڻهو.
ڪا بات رات جهڙي قند و نبات جهڙي،
ڪا ڳالهه ڪالهه جهڙي ڪو غم نئون پراڻو.
هن صبح سوجهري ۾ سڀ ڏک ۽ ڏوجهري ۾،
هر روز سج نئون پر هر روز غم پراڻو.
سچ جي علامت- سقراط، سرمد، صبح ۽ سوجهرو- اهو نئون
”رومانٽسزم“
هو. اياز ائين به چيو:
ماروئڙن کان منهنڙو ڦيريان،
ڏاهپ ٻي ڪا ڏس ميان،
تون ڪانــڌي ڪونه ٿجانءِ.
تنوير عباسي ”جشن روح رهاڻ“ 1965ع ۾ هيءُ غزل
پڙهيو:
ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هو، هن رات اسان کي روليو
آ،
ته به اونداهين جي قيدن ۾ در آزادين جو کوليو آ
ڪنهن جيءُ جهنجهوڙي جاڳايو جو روح به پاسو اٿلايو،
ڪنهن سيرانديءَ کان آهي سڏبو، ڪنهن پيار مان ٻهه
ٻهه ٻوليو آ.
اياز اُنهيءَ ”جشن روح رهاڻ“ ۾ هيءُ غزل پڙهيو:
هيءَ سين نه ڏيندي چين اُٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا،
هي شايد ساڳيو رمتو آ اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا.
جنهن وقت چراغِ شام ٻَري ۽ مئخاني ۾ جام ٻُري،
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري پنهنجو به پرايو آ
پيارا.
انهيءَ ئي جشن ۾ شمشير الحيدري پنهنجو مشهور نظم
”پڙاڏو سو سڏ“ ٻُڌايو:
ڇا لئه پنهنجي ذات لڪايان، آدم کان ڀي اڳ ۾ آهيان،
پاڻ پنهون آءٌ آهيان آهيان، لوح قلم جي بات
بنايان.
انهيءَ ڏس ۾ ”پرواني“ ڀٽيءَ جا قطعا هيا:
خوشامد جي دستار تارن سان جڙيل،
انهيءَ کي سدا نوڙ چوندا رهياسين،
اسين سنڌ وارا سٻاجها ۽ سادا،
سچي ڳالهه منهن ٽوڙ چوندا رهياسين.
’محسن‘ ڪڪڙائيءَ جو هيءُ قطعو ڏسو:
رئندن سان رُئڻ پاڻ سکيا ئي ناهيون،
کلندن سان کلڻ پاڻ سکيا ئي ناهيون،
گذري ويون تيرهن صديون، پوءِ به اڃا،
انسان ٿيڻ پاڻ سکيا ئي ناهيون.
تاج بلوچ جو نظم پڻ هو ته:
ڪوئي بيـمار شفاياب ٿيو،
پوري مزدور کي مزدوري ملي،
فاقه مستن کي مليو ماني ڳڀو،
ڪائي عريان جواني به ڍڪي؟
”نياز“ همايونيءَ جي ”ڇيڄ“ (گهوري وڃان گهور
وڃان...) ڪنهن کان وسرندي؟
پٿر پوي پاڻيءَ اندر لهر ڀري زور،
تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي بڻجي پياسين ڀور،
گهور وڃان گهور.
امداد حسينيءَ جو نظم ”ماحول“ هڪ فڪر جو مظهر هو:
هلي هلي زرد زرد سج آخري ڇڙي هنئي،
اُفق تي ڪنهن بيگناهه جو خون هارجي ويو،
گلاب پنهنجي ئي آڳ ۾ پاڻ ٿا جـلائن،
محاذ دارو رسن تي منصور مارجي ويو.
هيءَ هڪ عشق جي ابتدا هئي، جنهن جا اڳتي هلي سڄي
جهان شعلا ڀڙڪندي ڏٺا.
ناگاساڪي ناهه، آهي تنهنجي آرسي،
سانڀي جا تو ساهه ۾، ڀنڀٽ ٿي سا باهه،
سياڻو ٿيءُ ساڃاهه، اڃا ويل وئي نه آهه!
هيءُ رڳو گل و بلبل ۽ خار جو قصو نه هو؛ خاردار
پنڌ پيچري جي ڪهاڻي هئي.
هن رومانٽسزم جو مزو ئي پنهنجو هو. ٻچو ٻچو پنهنجي
ڌرتيءَ جي عشق سان سرشار هو. سچ ۽ حق جي پرک ٿي
چڪي هئي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ايترا گيت ڳاتا جو
اياز کي چوڻو پيو:
سگهه ڏي اهڙي سچ، منهنجي جڪڙيل جيءَ کي،
ڳچي ٿئي ڳچ، ته به چوان جـو چوڻو هجي.
[پيدائش2مارچ 1923، وفات 28 ڊسمبر 1997] |