اي
اسيران قفس!
شخصيت: عنايت بلوچ
”عنايت تي ڪا عنايت ٿئي“... اِهي آهن
اُنهيءَ شخص جا لفظ، جيڪو اڄ به ڪنهن ڪم ڪار سانگي
ڪجهه چوندو ته سندس پهريان لفظ اِهي هوندا ته:
”ادا! عنايت تي ڪا عنايت ٿئي“. هيءُ نئڙت ۽
نهٺائيءَ جو اهڙو انداز آهي، جو اڳلو انڪار ڪرڻ جي
جرئت به نٿو ڪري سگهي. هن دفعي جڏهن اِهو جملو
چيائين ته مان انڪار نه ڪري سگهيس. محمد عثمان
منگيءَ ته اڳ ۾ به چيو هو، پر عنايت جو ٻه اکر
’عنايت ڪرڻ‘ لاءِ اهڙي قربائتي انداز سان چيا، ته
پوءِ ڪو ڪافر انڪار ڪري؟ مون ها ته ڪئي، پر هاڻي
عنايت بلوچ تي لکجي ته ڇا لکجي ۽ وڏي ڳالهه ته
ڪيئن لکجي، ڇو ته مون لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪو ڏنڊو
کڻي بيهي ٿو ته لکڻ جي ڪجي ٿي، نه ته پوءِ ڏينهن
لڳيو وڃن. تنهن ڪري هيءُ ٻه چار سٽون لکڻ ۾ به
ڏينهن لڳا آهن. مون لکڻ ڇو ڇڏيو آهي، اُن جا ڪجهه
سبب به آهن، پر هِت اُهي سبب بيان ڪرڻ پنهنجي ئي
ڦِڪائي ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته اُن جو وڏو سبب پنهنجن
عزيزن، قريبن، دوستن ۽ گهڻگهرن جو ويساهه گهاتيءَ
وارو سازشي عمل آهي، جنهن جي مون کي خبر ئي نه
پيئي! مان ۽ منهنجو قلم اُن بي قدري، منافقيءَ ۽
سازشي عمل سبب گهائل آهيون. پر سوچيم ته ڪن سڄڻن ۽
درويش صفت انسانن تي ڪجهه لکيو اٿم ته عنايت جهڙي
سٺي انسان ۽ مون وانگر پنهنجي دنيا پاڻ ٺاهڻ واري
۽ پنهنجي اُنهيءَ دائري اندر رهڻ واري هن شخص،
جنهن دائرن کي ليڪيو به پاڻ آهي، نه اُن ۾ ڊاهه
ڊوهه. هن پنهنجي مقدر جو ستارو به پاڻ چمڪايو آهي.
اسم بامسميٰ پڻ بڻيو. مٿس اصل ۾ عنايت انهيءَ مالڪ
جي ٿي جنهن کيس سونهن ڀري ڏات ۽ اهليت بخشي، کيس
هن عظيم ۽ ڀاڳن ڀري سنڌ جي ڌرتيءَ تي موڪليو. مون
کي اهو يقين آهي ته مالڪ جن تي به عنايت ڪري سنڌ
ڌرتيءَ تي هيءَ ملهه اَملهه ماڻهو موڪليا سي سڀ هن
ڏات جي ڏيهه جو سينگار بڻيا. اُها ٻي ڳالهه آهي ته
ظالم وقت ڪيترن جا اُڏامڻ وارا پَرَ ئي ساڙي ڇڏيا.
ڪي مڻيَن تي موهجي سونهن ۽ ڏات وڃائي ويٺا. پر ڪي
هئا جن اُن مالڪ جي عنايت ڪيل ڏيا ۽ ڏيل تي سوڀ
ماڻي ۽ اڄ به اُنهن مان ڪيترائي سوڀارا رهيا آهن ۽
سچ جي سوڀ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. هِن عنايت
جڏهن لوئيءَ ۾ لائون لڌيون هيون ته هو سنڌ جي علم
ادب ۽ سُر سنگيت سان پيچ اڙائي ويٺو هو. هن پاڻ
جڏهن حُسن جو به خير گهريو ته قدرت کيس شاعريءَ جي
ڏات سان نوازيو. جڏهن علم ۽ ادب سان واڳيو ته هن
ڪتاب لکيا، سفرناما لکيا ۽ جڏهن سُر سنگيت سان
واڳيو ته قدرت کيس اهڙي اداري جو صاحب بڻايو جتي
سُر سنگيت سِرجڻ سان گڏ آواز جي دنيا ۾ هن ڄڻ نئون
جنم ورتو.
سائين! هيءُ ذڪر اُن عنايت بلوچ جو هلي پيو جنهن
تي جڏهن مالڪ جي عنايت ٿي ته هُن پوئتي نه نهاريو.
هيءُ وڌندو هليو، توڙي جو هيءُ سفر پورهئي ۽ محنت
جو سفر هو. فڪر ۽ فقر سان هن زماني سان ائين
گذاريو جو کيس به خبر نه پيئي، هو پنهنجي ڌُن ۾ ڪم
سان لڳو رهيو. سندس هر قدم هر سمت ۾ وڌندو رهيو.
مون کي سندس شاعرانه فڪر تي هڪ شاعر ايوب خاور جو
ماهنامه ’ادبِ لطيف‘ ۾ لکيل هڪ بند ياد اچي ٿو:
ابھی مجھ کو بہت سے کام کرنے ہیں
کسی کے پائوں کو مٹی کی جوتوں سے چھڑانا ہے
حلق میں بوئی گئی پچھلے رُتوں کی
پیاسی فصلیں کاٹنی ہیں
اور کسی خاکستری تن پر کوئی پیراہن گل کھینچنا ہے
اے اسیراںِ قفس! مجھ کو بہت سے کام کرنے ہیں
عنايت سنڌ جي ’اسيرانِ قفس‘ واري ڪيفيت کي سمجهي
ٿو. سندس سڄي شاعري ڪيفيتن سان گڏ سوچ وارن جذبن
سان اڳتي وڌي ٿي. هو چوي ٿو:
اے
اسيران قفس! مجھ کو بہت سے کام کرنے ہيں
سندس فن، هنر ۽ صلاحيتن کي جنهن جِلا بخشي اُها
سندس شاعري
آهي. عنايت جي بنيادي سڃاڻپ ئي سندس شاعري آهي،
جنهن ۾ هو سونهن جو دلداده، عشق جو قائل، مراد
ماڻڻ جي اُميد رکندڙ هڪ سهڻو شاعر آهي. جيئن ته
پاڻ سهڻو سيبتو ۽ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، اُن
لاءِ سونهن ۽ محبت سان دل لڳائڻ جو سنيهو سندس
شاعريءَ ۾ هر هنڌ ملي ٿو:
جڏهن چاهه جي چِڻنگ ڀڙڪي اُٿي
تڏهن سونهن جو ساٿ ٽوڙي وئي
نشيلي نظر ساڻ حملا ڪري
جُهريل جندڙيءَ کي جهنجهوڙي وئي
اُمالڪ اچي وئي عنايت ڪري
محبت جي موءجن ۾ ٻوڙي وئي
عنايت جي شاعري ڪائنات جي سونهن سان به ڀريل آهي.
سندس شاعري سنڌي ادب جي سونهن آهي. غزل سندس
پسنديده صنف آهي ته فڪري بلندي سندس شرط آهي:
مهڪندڙ ماڻهو به ٿي مايوس مُرجهائڻ لڳا
اوچتو ڇو باغ جا گُل ڦل به ڪومائڻ لڳا
چهچٽا ها چوءطرف پر هي لڳي ڪنهن جي نظر
هر طرف بربادين جا ڏيک ڄڻ کائڻ لڳا
سڀ نظارا ’هُن‘ بنا بُڇڙا ۽ ڪوجها ٿا لڳن
ظاهري هي چمڪندڙ چهرا به ڄڻ ڏائڻ لڳا
دل جي دلبر راهه رهبر سان چمن آباد هو
سونهن جي سنسار وارا ڏينهن تڙپائڻ لڳا
’مهراڻ‘-3،
2008ع
ڇا ٿيو جو حوصلو بيهي رهيو
هلندي هلندي قافلو بيهي رهيو
ٿو لڳي ڪو گُل ڇِنو گِرنار جو
وقت جو ڄڻ وهڪرو بيهي رهيو
ساهه جي سُرهاڻ جيئن کسجي وئي
رنگ رونق چهچٽو بيهي رهيو
سونهن سوڀيا جو هو سرچشمو سڄڻ
جنهن ڏٺو هُن کي، اُهو بيهي رهيو
’مهراڻ‘-2،
2009ع
اِهي ٻيئي غزل تاريخي حيثيت جا حامل آهن، ڇاڪاڻ ته
هي اُنهيءَ تاريخي شخصيت لاءِ لکيل آهن جنهن وطن
لاءِ جامِ شهادت پيتو ۽ عنايت جي دل مان دانهن
نڪتي. هيءَ عظيم شخصيت هئي اسان سڀني جي محترمه
شهيد بينظير ڀٽو صاحبه. غزل جي روپ ۾ هي ٻيئي نوحا
جڏهن عنايت صاحب شهيد جي ياد ۾ حيدرآباد ۾ منعقد
ڪيل ريفرنس ۾ پڙهيا ته مون ڏٺو ته سڀني جون اکيون
لڙڪ لاڙي رهيون هيون.
عنايت جي شاعريءَ جا ڪئين روپ آهن. سندس شاعريءَ
جو هڪ مجموعو آهي ’تند ڪٽارو ڪنڌ‘، جيڪو آڳاٽو آهي
پر سندس شاعري جيڪا ٽماهي ’مهراڻ‘، ’روح رهاڻ‘،
’سوجهرو‘ ۽ ٻين رسالن ۾ مسلسل ڇپجندي رهي ٿي اُها
رُڳو ٻاهرئين سونهن سوڀيا جا جلوا نٿي پسائي، پر
اندر جي اُڌمن سان ڀريل ۽ اُميدن ۽ حوصلن جي پُڪار
سان ڀريل آهي.
غزل جو هيءُ عاشق آخر ۾ چوي ٿو ته:
ڪا ته چرپر ٿئي عنايت سانت ۾
سوچ جو نه ته سلسلو بيهي رهيو
عنايت جي شاعريءَ جو هڪ رُخ نه آهي، هو گهڻ رُخو
شاعر آهي. هو جديد شاعريءَ جي انقلابي رُخ کان به
چڱيءَ طرح آگاهه آهي:
ساجهري اڄ ڇو انڌارو آ ٿيو
دوستو! ڪوئي ڏِيو ٻاري ڏيو
جيڪا ٽِمڪي ٿي، وسامي سا به وئي
باهه کي ڦُوڪو نه شايد ڪنهن ڏنو
واهرُو شايد وري ٿيا ويسلا
ٿورڙو اڳ ۾ ته هو يَر! سوجهرو
جيستائين مَچَ کي ٻاري وجهو
تيستائين چِڻنگ ئي روشن ڪريو
’مهراڻ‘-2،
2009ع
عنايت بلوچ لاءِ هت مون ’فڪر‘ ۽ ’فقر‘ جي روين جو
ذڪر ڪيو آهي، سندس هيءُ شعر هڪ غزل جو شروعاتي
بند، سندس فقيراڻي طبيعت جو مظهر آهي:
نه منهنجي همسري توسان، آ تنهنجو شان شاهاڻو
طبيعت پنهنجي درويشي، طريقو آ فقيراڻو
هڪ ٻئي بند ۾ چوي ٿو ته:
محبت پيار قربن جا مَتل تيسين هئا ميلا
ڪدورت، بغض جو راڪاس جيسين هو نه ساماڻو
اڳتي چوي ٿو ته:
پَچان پَڄران، لُڇان تڙپان ڪُڇان پر ڪين ٿو هرگز
عنايت حال ڪهڙي ۾ اوهان شايد نٿا ڄاڻو
عنايت رُڳو غزل جو شاعر نه آهي، هو نظم ۽ ڪيترين
ئي ٻين صنفن جو شاعر آهي. مون کيس آسن ۽ اُميدن
سان گڏ هر حال ۾ ڄمي بيهڻ وارو هڪ مٿي، گهڻو مٿي،
بيٺل شخص طور ڏٺو آهي، جيڪو هڪ مجسمي وانگر نظر
اچي ٿو:
بيشڪ سخت ستائي سگهندين
پر هرگز نه مِٽائي سگهندين
ٻاٽ ۾ لاٽ ٿي ٻرڻو آهي
مون کي ڪين وِسائي سگهندين
مون عنايت کي غزل سان گڏ شعر جي ٻين صنفن تي موضوع
جي لحاظ کان منفرد شاعر کي جنم ڏيندي ڏٺو آهي.
منفرد موضوع سندس نظمن سان سلهاڙيل آهن. سندس
ڪيترائي نظم جهڙوڪ: جهومي جندڙي جيون روڳ، افلاطون
جو قول، آسائش، ڌاڙيل، جَڪَ، پنهنجي ياد ۽ سندس
خاص نظم، ’شيڪسپيئر جي مزار تي‘، جو ذڪر ضرور
ڪندس، جيڪو هن اسٽرئٽفورڊ اپان اَئوَن، انگلنڊ جي
وزٽ وقت لکيو هو. هيءُ نظم دنيا جي ٻن عظيم شاعرن
ڏي منسوب ٿيل آهي ۽ هڪ نئين اُڀرندڙ نوجوان شاعر ۽
لطيف جي عاشق جي ساڻس گفتگو آهي:
شيڪسپيئر جي مزار تي:
تنهنجي مزار تي آيو آهيان
دل سان پيش ڪرڻ ٿو چاهيان
پنهنجي عقيدت جو نذرانو
پنهنجي محبت جو نذرانو
پر، تو شايد ڪين سڃاتو
ڪير مان آهيان ڪين تو ڄاتو
منهنجي حيثيت ڇا آهي؟
منهنجي پنهنجي حقيقت ڇاهي؟
شيڪسپيئر!
مان ڪجهه ڀي ناهيان
ڪجهه ڀي ناهيان، ڪا شيءِ ناهيان
پر تون جلد سڃاڻي وٺندين
هڪ لمحي ۾ ڄاڻي وٺندين
هيڪر جي مان توکي ٻڌايان
ڪهڙي ديس مان آيو آهيان؟
غور سان ٻُڌ! اي سائين منهنجا
مون اُن ’مٽيءَ‘ جي ڪئي پوڄا
جنهن مان ‘شاهه لطيف‘ ٺهيو هو
جنهن جو فڪر هتي پهتو هو
مان ته فقط هڪ آهيان قطرو
فڪر جي گوناگون بحر جو
فڪر اُهو جو شاهه ۽ تو وٽ
جوڙ نه جن جو مُور نه ڪو مَٽ
شاهه ۽ تنهنجو ڪو به نه ثاني
هندستاني يا ايراني
شاهه سان تنهنجون ٿينديون هونديون،
من موهيندڙ روح رهاڻيون
هاڻي ڪيئن نه ڀاڪر پاتئي
شاهه مُحابي، جهٽ سڃاتئي
..........
ڏاڍو پوءِ ته قرب ڏنائين
جيڪي چيم، سو سڀ سمجهيائين
رخصت وقت چيائين مون کي
بيشڪ ٿو مان ڄاڻان توکي
آهين لطيفي لات جو مالڪ
جو آهي ٻوليءَ جو خالق
منهنجا نياز سلام کڻي وڃ
پيار سندو پيغام کڻي وڃ
آهي مٿاهين ’شاهه‘ جي عظمت
فڪر ڪري ٿو، جنهن جي عبادت
جڏهن سندس ٻاهرين وِزٽس جو ذڪر آيو آهي ته سندس ٽن
سفرنامن جو ذڪر ڇو نه ڪجي. اِهي ٽي سفرناما: ’پرين
جي پرديس‘، ’پرديسي ڪهڙا پرين‘، ۽ ’سهسين ٿيا
سارنگ‘، اُن وقت لکيا ويا هئا جڏهن عنايت بلوچ
ريڊيو پاڪستان جي هڪ اهم عهديدار جي حيثيت ۾ ڪرڪيٽ
مئچز ڪوَر ڪرڻ لاءِ انگلينڊ، ويلز، آسٽريليا ۽
نيوزيلئنڊ ويو هو. دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيل اِهي
سفرناما سنڌي سفرنامن جي تاريخ جو حصو بڻيا. مون
سندس هي سفرناما اڳ ڪنهن سانگي پڙهيا هئا ۽ تازو
ماهوار ’سرگذشت‘ اردو ۾ ترجمو ٿيل ٻيهر پڙهيم.
سائين محترم قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جي مشهور
سفرنامي ”سفر يورپ جي ڊائري“ جون سڪون ٿي لٿيون.
هونئن به هن عظيم هستي قاضي عابد صاحب سان عنايت
بلوچ صاحب جو تمام ويجهو رستو رهيو. خاص طرح اُنهن
ڏينهن ۾ جڏهن قاضي صاحب انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جو
فيڊرل منسٽر هو ۽ عنايت بلوچ صاحب ريڊيو حيدرآباد
جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. قاضي صاحب جي آمد تي عنايت
صاحب ريڊيو اسٽيشن تي ٻاهر لان ۾ شاندار فنڪشن ڪيو
هو، جنهن ۾ قاضي صاحب عنايت بلوچ جي تمام گهڻي
تعريف ڪري کيس هڪ سٺو منتظم ۽ براڊڪاسٽر قرار ڏنو.
اُهو ڏينهن مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي. مون
عنايت کي اهڙين شخصيتن جي ويجهو ڏٺو جن ڄڻ سندس
تربيت ۽ پرداخت ٿي ڪئي، جيئن قبله مخدوم طالب
الموليٰ جهڙي هستيءَ سان به گهڻي نيازمندي هيس.
مخدوم صاحب جي ’مهراڻ‘ خاص نمبر ۾ سندس شاندار
مضمون بعنوان ”جوڳي جيڪس ويا جبروت“ ڇپيو آهي.
جيتوڻيڪ ’مهراڻ‘ جو تازو آيل مخدوم صاحب تي هيءُ
نمبر اڳين نمبرن جي مقابلي جو ته نه آهي پر سائين
قبله جي شايان شان به نه آهي جو اُن ۾ گهڻو مواد
اڳ ۾ ئي ڇپيل آهي. پروفن جي چُڪن سان گڏ انٽرويو ۽
ٻين مضمونن جي ترتيب ۽ هيڏي هستيءَ لاءِ چيل جملا
۽ رَويا دُرست نه آهن. ان هوندي به عنايت بلوچ جو
مضمون هر لحاظ کان مٿڀرو ۽ سائين مخدوم طالب
الموليٰ صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو کيس ڏانءُ
آيو آهي. هونئن به عنايت جن به شخصيتن کي خراج
عقيدت جا تحريري گل پيش ڪيا آهن اُهي سڀ اُنهن
شخصيتن جي وڏي حيثيت ۽ مانائتي اديب ۽ مفڪر هجڻ جا
دليل آهن. سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تي سندس
لکيل مضمون ”تاريخ جو وڇوڙو“ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي
هڪ تاريخي هستيءَ جي وجود کي هن مضمون ۾ سلام پيش
ڪيو ويو آهي ۽ جَس جا پيمانا ڀري پيارا اٿئين.
اهڙيءَ طرح ’ڪاوش‘ ۾ مرحوم مراد علي مرزا جي وفات
تي ڇپيل سندس ڏک ڀريو تعزيتي نوٽ ۽ اهڙو ئي
ڏکوئيندڙ تاثر هڪ وساريل هستي مرحوم عبدالڪريم
بلوچ لاءِ روزاني ’ڪاوش‘ ۾ ڇپيو. الائجي ڇو هن
ريڊيو ۽ ٽي ويءَ کي عمر ارپيندڙ هر فن ڄاڻندڙ
هستيءَ کي وساريو ويو آهي! جس هجي عنايت کي، جنهن
اهڙي شخصيت کي ياد ڪيو آهي. عنايت سائينءَ ته ’هر
فن مولا‘ (جنهن جو نعرو ئي هوندو هو ’مولا تي ننگ
آ‘) شمشير الحيدريءَ تي ’مهراڻ‘ جي خاص نمبر ۾
مضمون ’اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو‘ لکيو آهي ۽
شمشير جي شاعري ۽ شخصيت کي نروار ڪيو آهي.
قمر شهباز تي ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ هن جي انتقال
پُرملال تي سندس ڏکوئيندڙ تعزيتي اکر سڀني کي ياد
رهندا. اِهي سڀ ڪير هئا ’اسيرانِ قفس‘، جن جي
ذهني ۽ فڪري آزادي جا امين اُهي اديب ۽ دانشور
هوندا آهن جيڪي سندن فڪر کي قفس مان آزاد ڪري هن
جهان آڏو سوَلو ڪري بيان ڪندا آهن. هيءُ ماڻهو يا
هو ماڻهو هر ماڻهو اَملهه هوندو آهي ۽ فڪر جي
بلنديءَ تي پهچي آخر ۾ هر طرح آزاد ٿي ويندا آهن ۽
تاريخ ۾ امر رهندا آهن.
ايوب خاور جي پيش ڪيل نظم کي ڪجهه وڌائجي ته بهتر،
ائين عنايت بلوچ جي لوچڻ واري جدوجهد ۽ هڪ ادبي
مٿاهين حيثيت کي ڪئين سلام پيش ڪرڻ واري مقصد کي
معنيٰ وارو بڻائڻ اسان تي هڪ فرض طور عائد ٿو ٿئي.
سلام عنايت صاحب!
ميرے چاروں طرف دنيا ہے
دنيا کے ہزاروں کام ہیں
اور ميں اکيلا ہوں
اک ايسا حیرتی ہے
جس کی مُٹھی سے گذرتی ساعتين بھی
ريت کے ذروں کی صورت
دانا دانا کر کے نکلی جا رہی ہیں
ہاتھ خالی ہو رہا ہے
اور ابھی مجھ کو بہت سے کام کرنا ہيں
هاڻي عنايت کي به شايد وڌيڪ عنايت جي ضرورت نه رهي
آهي جو مٿس مالڪ جي عنايت ان ڪري به آهي جو هن کي
خلق خدا جا ڪم خالي هٿين به ڪرڻا آهن. عنايت جي وءوڙ
۽ مسلسل جدوجهد لاءِ لطيف سائين هينئن چيو آهي ته:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو
جي هڪ وار قلم بيٺو
شخصيت: ريٽا شهاڻي
وقت ته پنهنجي واٽ وٺي ويندو رهي ٿو پر هنيانءُ ۾
جيڪي پل ۽ گهڙيون سونپي وڃي ٿو، سي سڄي عمر جو
سرمايو بڻجي هر ماڻهوءَ کي اِهي پل ۽ گهڙيون ڪڏهن
ته جيئدان بخشين ٿا، ڪڏهن ته اهڙو ڏنگي مارين ٿا،
جو ماڻهو جيئري هوندي به ڪنهن گهڙيءَ کانئس ساهه
کڻڻ به وسريو وڃي. اسين جيڪي يادگيرين جي پَلن ۽
گهڙين جا اَسير آهيون، اَسين جيڪي هر ياد کي مقدس
سمجهي اهڙي جنون ۾ مبتلا آهيون جو ماضيءَ جا کيل
ڪڏهن ته هڪ ڳالهه بڻجي هوا جي جهوٽي وانگر گذريو
وڃن. ڪڏهن ڏوهه ۽ پڇتاءُ جي اهڙي احساس سان
رُئاريو وجهن، جو اسان پارا اُنهي اَسيرانِ جنون
جا شڪار بڻجي ٿا پئون.
دیارِ
قلب و جاں
میں
روزن وعدہ نہیں
کھُلتا۔
وعدو ڪيم ته پوني ضرور ايندس. وعدو ڪيم ته ڪي
ڏينهن گڏ گهاربا ۽ هڪ ٻئي سان حالي احوالي
ٿينداسين. اندر اورينداسين پر اڄ جڏهن اُهي پَلَ
گهڙيون نؤبنا آهن ته روح کي رنج رَسيو اَٿم. مان
جيڪو جيئرو آهيان الائجي نه، اهڙي قيمتي سرمايي
وڃائڻ کانپوءِ جيئرو رهندس الائجي نه، منهنجي من
اندر بيٺل ريٽا شهاڻي جهڙا باغ بهار ماڻهو به ائين
ويندا رَهن ٿا، جن سان جڏهن 2004 ۾ ملاقات ٿي هُئي
ته من اندر ڪيئي گلاب کڙيا هُيا. ڇاڪاڻ ته هيءَ
سڄي ميڙ ۾ ٻين کان مختلف هئي. مان جڏهن هندستان جي
ڪرشماتي سفر کان پوءِ موٽيو هُيس ته مون کيس گهڻو
ياد ڪيو. هُن سينٽر جي ڇت تي ڪانفرنس هلندي هڪ
چانهه جي پيالي پيئندي گهڻو وقت خاموش پلن ۽ گهڙين
کي رُخصت ڪندي مون گهڻو ڪجهه محسوس ڪيو هو. هڪ
اهڙي وجود کي جيڪو حيات جي جذبن سان سرشار هو. هُن
جي اندر ڏات جا انبار هُيا. مون اُهي جذبا اڄ سندس
وڃڻ کانپوءِ ئي ساريا آهن ته سامهون ئي سهڻي مُک
سان انهن جذبن مان جُڙيل ۽ سينگاريل ريٽا شهاڻي
بيٺي آهي. اڄ جڏهن هوءَ بنا موڪلائڻ جي هلي وئي
آهي، ائين جيئن ڪو هاڻ اُٿي ويو آهي ۽ سندس ويهڻ
واري هنڌ اڃان سندس وجود جي گواهي ڏئي رهيو آهي ته
مون کيس ڳولڻ شروع ڪيو آهي. اڳ مون کيس ڏٺو هو،
مليو هيس ڪئين دفعا ــ نفيس جذبن جي مالڪ، سونهن
سوڀيا جي مالڪ سنڌ واسڻ ريٽا شهاڻي پر سندس ڏات ۽
حياتيءَ جا ڪئين رنگ مون کان لڪل هُيا. مون سندس
لکيل ڪي پنا هاڻ پڙهيا آهن ته هيءَ ريٽا ته ڪا ٻئي
جهان جي ريٽا آهي. مون کيس ”سڄاڻ جون سمرتيون“ ۾
ڳولي لڌو آهي. هي ريٽا اهڙن ڪيترن ۽ نه مڃڻ جهڙن
جذبن جي مالڪ ٿي لڳي، جو دل چئي ٿي ته دادي
منگهارام سان گهاريل جيون جا ڪيئي اُهي پل موٽي
اچن ۽ ريٽا اهڙن نرم اَڻ گاڏڙ ڀاونائن سان منهنجو
به دادَي وانگر خيال ڪري ۽ مان سندس حياتيءَ جا
اُهي خدوخال ڀريان جيڪي دادومنگهارام ائين ڇڏي ويو
آهي، جيئن ڪي ڄڻ ته حسرتون رهجي ويون هجن.
پر ريٽا چواڻي ”جيئن جيئندان ميلا“ هن بي بقا
زندگيءَ ۾ اهڙو موقعو وري نصيب ٿئي يا نه ٿئي.
ڏياريءَ جو اهڙو ميلاپ ٿئي نه ٿئي.“
ها! ريٽا، اڄ به ڏياريءَ جي ڏينهن مان توکي ياد
ويٺو ڪريان ۽ تو لکيو هو ته، ”هاڻ ڏيئا ٻري چڪا
آهن“. پر مون لاءِ ڏيئا سڀ اُجهامي چڪا آهن ڇاڪاڻ
جو ’گونگي گگن سان گفتگو‘، ’آڪاش گنگا‘ جي ليکڪا
دادا جي آڏو ٻرندڙ ڏيئن کي ڇڏي آڪاش جي گنگا ۽
گونگي گگن ۾ ٽمڪندڙ هڪ ستاري جيان روشن هجي ٿي ۽
ڀرسان ئي ڀرسان وارو ستارو سندس دادَي منگهي جو
هجي پر هاڻ مونکي ائين لڳندو آهي ته ريٽا ميٽرو
سئنيما هال ۾ هلندڙ پڪچر
Pagan Love Song
ڏسڻ لاءِ دادي منگهارام سان گڏ ويٺي آهي ۽ هيروئن
جي ڳاتل
Song
سان گڏ دادو به ڳائي ٿو پر سين منهنجي جذبن اثر
هيٺ بدلجي وڃي ٿو ۽ مان ريٽا سان گڏ ميٽرو سئنيما
۾ ويٺو آهيان ۽ هيءَ راڳ ڳاتو آهي. ريٽا به مون
سان گڏ ڳائي رهي آهي:
Come with me where moon-beams
Light ahiesian skies
And the star-lite water
Lingering your eyes
Native hills are calling
To them، we
belong
And we، well
cheer each other
With the Pagan Love Song.
”سڄاڻ جون سمرتيون“ اهڙي خلوص، سچائي، پاٻوهه سان
لکيل آهي، جو مان ته عجيب ايرکا جي جذبن سان آشنا
ٿيس ۽ ائين سمجهيم ته اُن وقت به ريٽا جيئري هُئي
۽ اڄ به جيئري جاڳندي ويٺي آهي ۽ ”جيئن جيئندن
ميلا“ پڻ مچايو ويٺي آهي. ريٽا شهاڻي سنڌ جي سڪ
سان سرشار هئي ۽ سندس لکيل انيڪ ڪتاب سنڌي ادب سان
بي انتها پيار ۽ خلوص جو اظهار آهن.
”ريٽا! اوهانجي ڪتاب ’آڪاش گنگا‘ ۾ سنڌ جي اديبن
سان گڏجاڻين جا ميلا آهن اُن سان گڏ سنڌ ياترا وقت
سنڌ جي چپي چپي ۽ ماڳن مڪانن سان محبت ۽ عقيدت جو
اظهار اوهانجو ئي مانُ مٿانهون ڪري ٿو. مان اهڙي
نرم هردي ۾ اهڙي وشال دُنيا آباد گهٽ ڏٺي آهي،
جنهن وٽ اٿاهه سمنڊ پيار جو موجود هجي، خاص طرح
اُنهي شخص لاءِ جنهن جي ٻڌڻ جي سگهه ختم ٿي چڪي
هجي ۽ عُمر جي اهڙي حد تي پهتل هجي، جو ريٽا کيس
پنهنجي ڪوتا ٻڌائي ٿي ته هو چِڙي پوي ٿو. ريٽا کيس
ڪوتا ڏيکاري ٿي:
لاچاريءَ کان تون ڀڳوان ــ بچائج،
محتاجي، کان اڳ جڳ مان اُٿارج.
بس آگبگولا ٿي ويو، چئي: ”مون کي ڏسي ٿي ڪويتا
لکين؟ ڪير ٿو چوي ته مان لاچار آهيان. موت جي
ڳالهه اُن سان ڪبي آهي جو مرڻ وارو هوندو آهي. مان
مرڻ وارو ٿورو ئي آهيان؟“
شاهه صاحب جي هيءَ آيت ياد ڪري چپ ٿي ويس ۽ وري
موت ۽ ٻُڍاپي جي ڳالهه به زبان تي نه آندم:
جيئڻا اڳي جي جيئا، جڳ جڳ شال جيئن،
اوءِ موٽي ڪين ورن، مرڻان اڳي جي مُئا.
ڪير مهان آهي؟ دادا منگهارام، ريٽا سان هيڏو پيار
ڪري ٿو ۽ ريٽا کيس پنهنجو نرم هردو آڇي ٿي. هو هڪ
هنڌ لکي ٿي:
”ٽرين ۾ پنهنجي سيٽ تي ويهي هر هر وشنوءَ جي
مهرباني مڃيائين ۽ مون کي پيار پئي ڪيائين. منهنجو
هٿ پنهنجي هٿ ۾ ٽائيٽ جهلي ويٺو هو، جو ٿڌو برف
ٿيو پيو هو. پڇاڙي ۾ موڪلائڻ مهل مون ٻنهي هٿن سان
سندس چهرو جهلي پنهنجي چپن سان چميو، پاڻ به موٽ ۾
پيار ڪيائين. مان پاڻ کي وڏ ڀاڳي ٿي سمجهان جو اُن
مهان آتما سان جنهن لاءِ مون کي هميشه کان اپار
پيار ۽ عزت هئي. ڪجهه ڏينهن ويجهو گهاري سگهيس.“
ريٽا! تو پنهنجي نئين آخري ڪتاب ’آڪاش گنگا‘ ۾
’منهنجي ڪهاڻي‘
يادن جي جزيري جو حوالو ڏيندي ’حميد سنڌي ۽ عڪس‘ ۾
لکيو آهي:
”اُن واقعي مان اِهو ظاهر ٿي بيٺو ته هر هڪ ليکڪ
جو نقش چٽڻ جو انداز نرالو آهي ۽
پاٺڪ جي ذهن جو اُن نقش
کي جهٽڻ ۽ محفوظ رکڻ جو طريقو به انفرادي ۽ علحدو
آهي! نقش دائمي ٿي سگهن ٿا، ٿيندا آهن. سڀ ڪجهه
چٽڻ واري جي ڪلا تي منحصر آهي. هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار
سان گڏ حميد سنڌي هڪ زنده دل شخص ۽ سٺو مهمان نواز
آهي، جنهن جو کِلندڙ چهرو ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪڙو
پُرڪشش آهي. اهڙو عڪس به منهنجي ذهن تي دائمي
رهندو.“
”ريٽا! تنهنجو عڪس به منهنجي مٿان ائين ڇانيل ۽
گڏوگڏ هلي ٿو ڄڻ پاڇو، مونکي ائين لڳندو آهي ته
جيئن دادي توکي چيو هو.... ’اڙي! ڏس ته سهين اسان
جا پاڇا اسان جي اڳيان پيا هلن. ڏس تون مون کان به
وڌيڪ ڊگهي ٿي وئي آهين‘ ۽ تڏهن تو دل ئي دل ۾ چيو
هو ’دادا! مان ڊگهي ڪانه ٿي آهيان، توهين جهُڪي
ويا آهيو‘.“
”ها ريٽا مان ڪيترن پنهنجن پيارن جي وڳ
کان وڇڙيل آهيان ۽ انڪري هيٺ جهُڪندو وڃان ٿو.
تنهنجي وڇڙجڻ سان منهنجي آتما ــ روح کي جيڪا جهٻي
آئي آهي، سا ورهين کان پوءِ محسوس ڪئي اٿم. شال
جتي به هجين خوش هجين. مون کان تنهنجا هي اکر نه
ٿا وسرن ته ’مان ڇو ٿي لکان؟ جي هڪ وار قلم بيٺو
ته مان به بيهجي ويندس، بس رُڳو ايتري خبر اٿم.“
”ريٽا! مونکي خبر ناهي ته تنهنجو قلم ڇو بيٺو،
ڪنهن بيهاريو مونکي اها خبر به ناهي ته منهنجو قلم
ڪڏهن بيهي رهندو ۽ مان به تو وانگر تنهنجي ڀرسان
ئي دادي منگهارام سان گڏ هڪ تاري
جيان کڙي بيهندس.
پر منهنجي آسمان ۾ ته مقدر جا ستارا ڪڏهن هوندا
آهن، ڪڏهن نه به هوندا آهن، منهنجي ٻن ڪهاڻين
’واٽهڙو ڪر واٽ مُنجهي‘ ۽ ’ڪڏهن آسمان ۾ تارا نه
هوندا‘ جا سِرا ائين چون ٿا. ڳالهه اڳ به مقدر جي
هئي، هاڻ به مقدر جي آهي. بس! لکيي جا ليکا هِن
من!“
موڪلاڻي ته ڪانهي پر تنهنجي هيءَ ڪوتا منهنجي
ايمان کي پختو ڪري ٿي. مان ته ’آڪاش گنگا‘ موڪليل
ڪتاب جي منڍ ۾ اهو پڙهي گد گد ٿي ويس: ’احترام ۽
پيار حميد سنڌيءَ لاءِ ــ ريٽا شهاڻي‘
تاريخ اٿس 2013-8-11
ڪوتا:
سبحان
تنهنجي قدرت تي قربان
وَهي گنگا ڌارا
گگن ۾ ستارا
ڌرتيءَ تي به تارا
گهڻي تيج وارا
ڪيئن ڪيان بيان؟
سبحان!
چنڊ تارن ۾ ڳولهيان
هِتي هُتي ڦولهيان
ڳولهيان ڳولهيان
ڪيئن لهان مان
ڪيئن راز عيان
سبحان!
قلم روان آ
ذهن دوان آ
سوچ جوان آ
چپ چپ زبان آ
ويچار نوان نوان
سبحان!
(ريٽا شهاڻي، آڪاش گنگا)
]نومبر
2013[ |