سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:24

پير علي محمد شاهه راشدي

 

مون کي اڄ انهيءَ شخصيت جي باري ۾ ڳالهائڻ جو فرض سونپيو ويو آهي، جنهن جو غوغاءٌ مون شعور سنڀاليندي ئي ٻڌو.

هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن مان اڃا ننڍو هوس ۽ انگريزي اسڪول ۾ داخل مس ٿيو هوس. منهنجو والد مرحوم سيٺ محمد اسماعيل روينيو کاتي ۾ چڱي وڏي عهدي تي هو. مان جڏهن به اسڪول کان گهر ويندو هوس ته سندس ٽيبل تي سنڌ آبزرور اخبار ڏسندو هوس. والد صاحب انگريزي جو عاشق هو. هو هميشه اسانجن چاچن ۽ ٻين دوستن کي چوندو هو ته جي انگريزي سکڻي ۽ سڌارڻي اٿو ته ”سنڌ آبزرور“ پڙهو.

بابي سائين ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي هٿ ۾ ڊان اخبار ڏٺي، جيڪا حقيقت ۾ مان فوٽو ۽ فلمي اشتهار ڏسڻ لاءِ وٺندو هوس. بابا اها اخبار مون کان وٺي مون کي ڏاڍي پيار سان چيو ته؛ پير علي محمد شاهه راشدي جي اخبار آبزرور پڙهندو ڪر. تنهنجي انگريزي سڌري ويندي ۽ خاص طرح ان جا لکيل ايڊيٽوريل. ڪوشش ڪر ته جيئن پڙهي سگهين.

مون ”سنڌ آبزرور“ پڙهي يا نه پڙهي، پر پير علي محمد شاهه راشدي جو نالو ضرور ٻڌو ۽ سندس نالو وري تڏهن ٻڌم، جڏهن منهنجي والد صاحب جي بدلي ٿي. خبر پئي ته پير صاحب روينيو وزير جي حيثيت ۾ سندس ڪم نه ٿيڻ سبب ناراض ٿي هن جي بدلي ڪئي، جيڪا سڀني حلقن ۾ پسند نه ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته منهنجو والد مرحوم سيٺ صاحب روينيو جو هڪ هوشيار ۽ اصول پرست آفيسر هو. اُن زماني ۾ سفر جون سهوليتون ايتريون نه هيون، نه وري تعليمي ادارا هر شهر ۾ هئا. آفيسر جي بدلي وڏو ڏچو هئي. اسان سڀ بنهه رُلي وياسين.

ڪي سال گذريا. مان مئٽرڪ امتحان جي ويجهو ٿي چڪو هوس ته

مون وري والد صاحب جي ٽيبل تي هڪ هفتيوار اخبار ”ايسٽرن ايڪسپريس“ ڏٺي. مان هاڻي انگريزي ڪجهه پڙهي سگهيس ٿي. مون هڪ ڏينهن ايسٽرن ايڪپريس اخبار هٿ ۾ کڻي پڙهڻ شروع ڪئي ته والد صاحب اندر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ اها اخبار ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين ته توکي خبر آهي ته هي اخبار پير علي محمد راشدي جي آهي، جيڪو ماهر انگريزي دان، سٺو صحافي ۽ قابل ماڻهو آهي. پوءِ ڪيترا دفعا ڪچهرين ۾ مون کين پير علي محمد شاهه راشدي جي قابليت جي تعريف ڪندي ٻڌو. نيٺ چيومانس ته بابا، توهان پير علي محمد شاهه راشدي جي تعريف ٿا ڪريو، جنهن توهان کي ناحق بدلي ڪري اسان جي تعليم کي ڦٽائي، ايڏي وڏي تڪليف ۾ آندو. اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي. کلي چيائين ته ”مان پير علي محمد شاهه راشدي جي ذات جي تعريف نٿو ڪريان، پر ان جي قابليت، علم، هنر ۽ ڏاهپ جي تعريف ٿو ڪريان. مان سندس تحرير جو مداح آهيان.“

اها ڳالهه منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويئي ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه ڏاهپ، علم ۽ هنر آهي. مان انهيءَ اصول تي اڳتي وڌيس ۽ پوءِ مان پير علي محمد راشدي سان اهڙي ئي هڪ ڏاهپ جي پليٽ فارم تي مليس، جتي منهنجي تقرير کان پوءِ هو هر هڪ کان پڇندو رهيو ته ”فلاڻا، هي نينگر ڪير آ؟“ سائينءَ سان ڪا ڊگهي ملاقات ان وقت به نه ٿي، پر مون ڏٺو ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ٿوري گهڻي جاءِ ضرور ٿي هئي.

اهو وري زمانو ”روح رهاڻ“ وارو آهي، ون يونٽ خلاف ڪات ڪهاڙا هئا ته شاهه صاحب سان موتي محل حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي. جت ڪافي وڏي ڪچهري ٿي ۽ مان سندس ڳالهائڻ واري انداز، فڪر، ڏاهپ ۽ هوشياري کان ايترو ته متاثر ٿيس جو مون کان سندس ڏنل زخم ”ون يونٽ جو ٺهراءُ“ وسري ويو ۽ مون پنهنجي جگري دوست غلام رباني آگري کي چيو ته شاهه صاحب کي روح رهاڻ جشن جي پروگرام ۾ مهمان ڪري ضرور گهرائجي، کيس ٻڌجي ۽ نوجوان نسل کي ٻڌرائجي. غلام رباني مون کان وڌيڪ ڏاهو ۽ سينئر ماڻهو هو. هن کلي ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. حالتن ۽ وقت پٽاندڙ هن جي صحيح هجڻ جو احساس اڳتي هلي ٿيو ته شاهه صاحب تي ننڍي ٽهي ڪيتري قدر ڪاوڙيل هئي ۽ منهنجو اهو عمل کين ڪيترو نه وڌيڪ ڪاوڙائي ها.

ون يونٽ ختم ٿيو ۽ انهيءَ وچ ۾ ساڻس ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ملاقاتون رهيون ۽ مان سندس غوغاءُ ٻڌندو رهيس، لکڻيون پڙهندو رهيس ۽ مون تي بحثيت هڪ ليکڪ جي اهو اثر پوندو رهيو ته ماڻهو جي قلم ۾ ضرور ڪا غيبي طاقت ڀريل آهي، جو وڻيس ته ماڻهو جو پِتو پاڻي ڪري ۽ وڻيس ته ماڻهو کي جبل جيئن اڏول ڪري بيهاري ڇڏي.

جنرل هوش محمد شهيد جي قبر جي سلسلي ۾ ان وقت ڪافي چوٻول هو.

عبرت ۾ سندس مضمون به ڇپيو، پر مون کان سندس هي جملا نٿا وسرن ته ”سنڌ جي هيرو پرستي جا ههڙا حال ڏسي ڪو تعجب ڪونه ٿو ٿئي ته جڏهن سنڌ جا سپوت رنن ۽ جوين وانگر رڙيون ڪري اهي عرضداشتون پيا ڪن ته جنرل هوش محمد جي قبر وٽ گند نه اڇلايو.“ شايد سندس ئي اِن ڳالهه جو اثر ٿيو جو هوش محمد جي قبر وارو مسئلو زور وٺي ويو. اديبن جو جلوس نڪتو ته ختم به اُتي ٿيو ۽ تقريرون به اُتي ٿيون. پوءِ ته سلسلو هلي پيو، پر صرف ڪجهه وقت لاءِ.

پير علي محمد شاهه جي شخصيت کي Controversial شخصيت قرار ڏنو وڃي ٿو، پر سندس شخصيت مون لاءِ ڪڏهن به ڪنٽروورشل نه رهي، ڇاڪاڻ ته مون کيس هميشه سنڌ جي هڪ ليکڪ، عالم ڏاهي ۽ انگريزي دان جي حيثيت سان ڏٺو. مون هميشه کيس پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين پڙهيل لکيل بزرگن جي اک سان ڏٺو. مون ڪڏهن به کيس سياستدان جي حيثيت سان نه ڏٺو ۽ نه وري کائنس ڪو سوال ڪيو ته سائين منهنجا، تو وٽ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ جي ايترو درد آهي ۽ هيڏا ڪالم پيو لکين، پوءِ تو کان اهو ون يونٽ وارو قلم ڪيئن وهيو، ڇاڪاڻ ته ”رَند ۽ پنڌ“ جي ڪالمن ۾ سندس لکيل ليک پير علي محمد راشدي جو سنڌيت پرستي جو رُخ پيا پيش ڪن. ڪيترن هنڌن تي هن کُلي لکيو آهي. جهڙوڪ: ”سنڌ جا رهاڪو جيڪڏهن هنن يارنهن ڳالهين تي عمل ڪن ته مون کي يقين آهي ته ٿوري عرصي اندر سندن تقدير بدلجي سگهي ٿي.“ يا وري هي جملا ته: ”صرف سڌون ڪرڻ، ٿڌن ساهن کڻڻ، منهن مٿو پِٽڻ ۽ دنيا کان ناراض ٿي رهڻ سان ڪو خاص فائدو حاصل نه ٿيندو. هن دنيا ۾ صرف ٻه شيون ڪم اچن ٿيون، هڪ فڪر جي قوت ۽ ٻيو عمل جي همت، اهي ٻئي لياقتون پنهنجي اندروني اصلاح، محنت ۽ تنظيم مان ئي اُڀرن ٿيون.“

هن ڏاهپ ۽ قلم جي ڌڻي سان، جڏهن جڏهن به مان مليس، مون کي ته هڪ هڏ ڏوکي بزرگ ۽ قرب واري جي حيثيت سان متاثر ڪندو رهيو ۽ ويجهو ايندو ويو. منهنجي ساڻس ملاقات سائين حسين شاهه راشدي جي معرفت يا ان جي شاديءَ جي سلسلي ۾ پڻ ٿيندي رهي. جيڪا ڳالهه پڻ مرحوم کي وڻي ۽ مون کي کلي چوندو هو ته ”تو ادبي ميدان ۾ ته چڱا ڪم ڪيا آهن، پر هن ميدان ۾ پڻ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿئي.“ اهو ڪارنامو آهي حسين شاهه راشدي جي شادي. مرحوم جي هر لفظ ۽ هر جملي کي معنى هئي ۽ سندس سنجيده جملن ۾ ڪيل چرچا ۽ طنز مون کان اڄ به نٿا وسرن.

مرحوم هن دنيا ۾ نه هوندي به ميل جا پٿر هڻي ويو آهي. منهنجي لاءِ سندس لکڻيون هڪ وڏو اهم ”ميل جو پٿر“ آهن، جن ۾ سنڌ آبزرور جا ايڊيٽوريل هجن يا ايسٽرن ايڪسپريس جا، مڪتوب مشرق بعيد هجي يا مشرق و مغرب يا وري عبرت ۾ لکيل رند ۽ پنڌ، جن ڪالمن کي گڏ ڪري، ڪتابي شڪل ۾ آڻي، اڄ اسان کي پڻ هتي هن مجلس ۾ گڏ ڪيو ويو آهي،

مرحوم پير علي محمد راشدي جي صحافتي زندگي، سياسي زندگي ۽ سفارتي زندگي اگر نمايان رهي آهي ته سندس عام ماڻهو، هڪ پورهيت واري زندگي نه صرف سندس سرمايو آهي، پر اسان کي ان زندگي ئي هڪ مصنف ڏنو، هڪ بي مثل ليکڪ ڏنو.

”اهي ڏينهن اهي شينهن“، ”فريادِ سنڌ“ محترم جي. ايم سيد ڏانهن 1937 کان 1958 تائين لکيل خط ۽ مضمون (جنهن کي پهريائين ڇاپڻ جو شرف بندي کي حاصل آهي) جهڙا ڪتاب ڏنا، جن جو ادبي دنيا ۾ اڄ به مان مٿاهون آهي. سندس عام زندگيءَ جو پدَ تمام مٿاهون رهيو آهي. هو ان مٿاهين پدَ تي اڳ به هو، اڄ به آهي، ۽ سڀان به رهندو.

مان سندس مداح جي حيثيت ۾ نه کيس ڪڏهن وساريو آهي ۽ نه وساري سگهندس. شال، پير علي محمد شاهه راشدي جيئن پنهنجن لکڻين ۾ زنده آهي، تيئن اسان جي دلين ۾ به زندهه رهي.

 

ڳالهيون پير حسام الدين راشديءَ جون

 

هن مهل تائين گهاريل حياتيءَ ۾ مون ته هر انهيءَ ماڻهوءَ کي حيرت ۽ عجب وچان ڏٺو آهي، جنهن مون کي پنهنجو سمجهي پنهنجو ڪيو آهي، يا مان پاڻ سندس حيرت انگيز عمل دخل کي ڏسي هُن جي ويجهو ويو آهيان. مان اُنهن ماڻهن سان گهاريل گهڙين کي گهڻو ڪري پاڻ وٽ سانڍي رکندو آهيان ۽ سندن لاءِ لکيو اگرچ گهٽ اٿم. پر اَڄ جڏهن يادگيرين جي ورقن کي اٿلائڻ جو حڪم مليو آهي، خاص طرح اُنهيءَ شخصيت لاءِ، جنهن لاءِ مون ته پنهنجي اندر ۾ جايون جوڙيون جو هُن به پنهنجي اندر ۾ منهنجي لاءِ به هڪ جاءِ جوڙائي هئي، جنهن ۾ مان رهندو ڇا هوس، پر سندم شعوري پالنا به اُنهي مَنَ واري گهر ۾ ٿي. اُت رهندي مون سندس محبت، پيار ۽ شفقت جهڙن جذبن کي جال ڏٺو، پر اُنهي سان گڏ حيرت ۽ عجب ۾ وجهندڙ سندس جذبن، احوالن، عمل ۽ رَدعمل کان به آگاهه ٿيس. ڇا هيءُ ڪو عام ماڻهو هو! ڇا هر عام ماڻهو، هئڙا ڄاڻ وارا نقطا، آگاهي ڏيندڙ ۽ ڪڏهن تپرس ۾ وجهندڙ پر ڇرڪائيندڙ خيال رکندڙ ٿو سگهي ٿو؟ ڇا هن جوڙجڪ جهڙا ماڻهو عام جام ملي سگهن ٿا، جن جي ڏاهپ ۽ سمجهه سان هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ جو اِدراڪ ٿي سگهي ٿو؟ بهمڻ ڳوٺ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ پلجندڙ ٻاراڻي اوستا کان وٺي جوانيءَ تائين، هُن اهڙيون ڪي رمزون ڄاڻي ورتيون يا سُپتيو ٿي گهارڻ جا گُر ڄاڻي ورتا هُيا، جو بنا ڪنهن تاج پهرڻ جي هُن سڄي جهان کي ڪيئي تاج پهرائي ڇڏيا. ها سائين! بهمڻ ڳوٺ جي ويراني مان، ماڻهن جي مَن جون ڪيئي وستيون آباد ڪرڻ لاءِ نڪتل هيءُ شخص ٻيو ڪير نه، پير حُسام الدين راشدي هيو. پاڻ اڪيلو ڪونه هو، هڪ ٻي ٻهڳڻ شخصيت ساڻس گڏ هئي جو : پير علي محمد شاهه راشدي هيو.

مون شخصيتن جي حوالي سان جڏهن به ڪا ڳالهه ڪئي آهي ته ذهن

۾ اِها ڳالهه رکي ڪئي آهي ته کين ياد رکڻ لاءِ سندن تسبيح ۾ ڏاهپ ۽ سمجهه سان گڏ انسانيت جي عظمت جا ڪيترا مڻيا هُيا يا آهن. مڻيادار ماڻهو اِنهن مڻين جي آڌر تي پرکيو ويندو آهي. اُن لاءِ ئي سندس هڪ قريبي دوست حڪيم محمد سعيد پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته: ”... آءٌ جنهن ڳالهه کي هن جي لاءِ وڏي فضيلت سمجهان ٿو اُها آهي انسان سان سندس محبت. انسان جي لاءِ عزت ۽ احترام ڪو سندن خصلت ۾ ويٺل هو. هو هر انسان سان محبت ڪندو هو ۽ سخت تنقيد ڪرڻ وقت به انساني مرتبي کي ڪونه وساريندو هو...“

منهنجي خيال ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ هڪ عظيم انسان هو، تنهن ڪري ئي منجهس هر انسان لاءِ عزت ۽ محبت جا انبار هُيا.

مون کي ياد آهي ته پير صاحب حجت ۽ پيار وچان ڪڏهن ٻاڙا ٻول به ٻولي وٺندو هو. سندس اهڙن ٻولن تي ڪيترا دفعا رنج پهتو. مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو. پڇا ڪرڻ تي ماهتاب محبوب، جنهن سان سندس ۽ منهنجو قرب جو رستو هو، تنهن ٻڌائيس ته حميد سنڌي کي اوهان جي ڳالهين مان ڏک پهتو آهي. اُن وقت چيائين، ”اهڙي ڳالهه نه آهي، حميد ته مون کي ڏاڍو پيارو آهي.“ پوءِ پاڻ مون وٽ هلي آيو ۽ پرچايائين ته مان روئي ويٺم، پر ڏٺم ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.

هيءُ محبتن جو ڀنڊار شخص چڙ، ڪاوڙ يا حجت ۾ جيڪي به وڻيس چئي ويندو هو، پر گهڙي پل کان پوءِ هُو ماڻهو ئي ٻيو هوندو هو. سندس هر Negative عمل جو ردِعمل عجيب ۽ مثبتي Positive هوندو هو، جنهن ۾ مون سندس اکين ۾ پهريائين پڇتاءُ جو عنصر، پوءِ محبت ۽ قرب جي چمڪندڙ روشني ڏٺي. مون کي لڳو ته هيءُ شخص رڳو ماڻهن کي پيار نٿو ڪري پر سندس مٽي جنهن مان هو ڳوهيل آهي، اُن کي به پيار ڪري ٿو. هو اُن جي ٻوليل اکرن کي به مان ڏيندو هو. مرحوم حڪيم سعيد صاحب جو وَري ذڪر ڪيان ٿو، جو هُن اُن ئي مضمون ۾ ٻئي هنڌ لکيو آهي:

”... سنڌ جي سرزمين سان ته کيس ڪا وڏي حُب هئي ۽ سنڌ جو پاڪستان جي هڪ حصي هجڻ جي ڪري هُنَ کي پاڪستان سان به عشق هو، جيئن هر پاڪستاني کي هئڻ کپي، سنڌي سندس زبان هئي ۽ هو اُن زبان سان انڪري محبت ڪندو هو، جو اُن ۾ شاهه لطيف جو ڪلام آهي، جنهن کي هر مذهب ۽ ملت وارن وٽ عام مقبوليت حاصل آهي. انهيءَ هوندي به اُردو زبان سان سندس گهاٽو سنٻنڌ هوندو هو، ايتري قدر جو مرڪزي اردو بورڊ سان سندس تعلق ۽ واسطو آخري وقت تائين قائم رهيو.

مان ائين سمجهان ٿو ته پير صاحب ازلي اُڃايل هُيو، پيار جو محبت جو، جنهن ڪري هر ماڻهوءَ سان لونءَ لاتئون ۽ ٻيو هُو اُڃايل هو ڄاڻ چئو آگھي چئو يا علم چئو اُن جو، جنهن لاءِ هو سڄي عمر ڳولا ۾ رهيو. سڄي جهان جون اهم ٻوليون سکيو. عربي، فارسي، سنڌي، انگريزي، اُردو ته گهڻي کان گهڻي چاهيندو هو. ڄاڻ جو خزانو، شهر شهر، ملڪان ملڪ لتاڙي ڪنهن فاتح وانگر کڻي پنهنجي ملڪ پنهنجي وطن ۾ آڻيان. اُن سان ماڻهن جي اندر بيوسين ۽ محرومين جي خال کي ڀريان. هُن ايران جي فارسيءَ جي خرزين کولي ته ڇا نه نڪتو: مرزا اصلح جو تذڪره شعراءُ ڪشمير، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو تحفة الڪرام، مقالات الشعراءِ، مڪلي نامو، مثنويات ۽ قصائد، ميرڪ يوسف جو تاريخ مظهر شاهجهاني، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي تاريخ منشورالوصيت، مير محمد ٺٽوي جو ترخان نامون ۽ ٻيا ڪيترا نادر نسخا. چون ائين ٿا ته پير صاحب جي اندر ۾ هڪ تاريخدان ويٺل هو، جنهن جو اِهو ڪم هو ته هِن نسل توڙي ايندڙ نسل کي تاريخ جي عمل ۽ ردِعمل مان پيدا ٿيندڙ نفعن نقصانن ۽ تلخ حقيقتن يا خوش فهمين کان آگاهه ڪرڻ ـــ ڇاڪاڻ ته گهڻو تڻو چوندا ائين آهن ته تاريخ بي رحم ٿيندي آهي پر ڪٿي بيوس ۽ لاچار پڻ.

پر سندس هڪ ٻيو ساٿي ڊاڪٽر جميل جالبي اُن جاکوڙ يا پهڻ ٽُڪڻ واري ڪيفيت کي هن نموني بيان ڪري ٿو: ”.... پير حُسام الدين راشدي بنيادي طرح تي تاريخ جا عالم هُيا، ۽ تاريخ جي نسبت سان ئي سندن نظر مختلف علمن ۽ فنن تي هئي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي بنيادي ماخذن کي مرتب ڪري شايع ڪرائي سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي زندگيءَ کي نئين حياتي بخشي. اڄ سنڌ جو جيڪو نئون نسل علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي، اُهو پير صاحب جي ئي ڪيل بنيادي ڪم مان روشني ۽ رهبري حاصل ڪري رهيو آهي. جديد تحقيق جي روايت کان سنڌي لکندڙن کي پير صاحب ئي واقف ڪيو. سندس اها خدمت تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندي.“

سنڌ جو هيءُ عجائب روزگار شخص تحقيق جي حوالي سان جُهد پٽي ٿو ته سنڌ جي تاريخ، اُن جي ماخذن ۽ ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن ڏي رُخ موڙي، سنڌ جي ثقافت ريتن رسمن ۽ اُن سان ٿيل ڏاڍ ڏمر لاءِ خاموش صدا بلند ڪري ٿو، جنهن کي الهامي آواز هُيو، هونئن به ڪتابي آواز الهامي آواز ئي هوندا آهن. تازو عزيزم زاهد حسين جو نئون ڪتاب ”تاريخ هند ــــ پس منظر، پيش منظر“ (اُردوءَ ۾) آيل آهي، جنهن ۾ کانئس هڪ دوست جهان قدر پڇي ٿو ته زاهد خان! تنهنجي خيال مطابق تاريخ جيڪا اسان کي پڙهائي ويئي آهي يا اسان پڙهي آهي، سڀ قصن ۽ ڪهاڻين تي مبين آهي؛ ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي دور جا ماڻهو اُن کي تاريخ جو نالو ڏين ٿا“. زاهد حسين جواب ۾ چئي ٿو ته ائين نه آهي، مان تاريخ کي هاڻي به ڪيترن حصن ۾ ورهائيندو آهيان. اُها به تاريخ آهي، پر ماڻهن جي، جاين، ماڳن مڪانن جي. جارج برنارڊشا جو هيءُ جملو ٻڌ:

All history is incorrect except names and places and all novels are correct execpt individuals and places.

جان نوبل ولفرڊ چئي ٿو: All works of history are interim reports.

 اصل ۾ هر قصي ڪهاڻي ۾ يا ته علم جو پهلو آهي يا ته غلو جو پهلو آهي يا ڪجهه نه ڪجهه لڪايل هوندو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته بادشاهن جي تاريخ، ڊاڪوئن جي تاريخ، انسانن کي غلام بنائڻ جي تاريخ، هيءُ سڀ قصا ڪهاڻيون آهن؛ اصل تاريخ ته صرف اُها آهي جنهن جو تعلق عام ماڻهوءَ سان هجي. هڪ ماڻهوءَ جي تاريخ نه ٿيندي آهي، بلڪ تاريخ مان مراد دراصل سڄي قوم يا علائقي يا دور جي حساب سان ليکبي آهي.“

اسان جي هڪ ساٿي دوست مرحوم ناصر مورائيءَ، ”اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ“ جي عنوان سان پير صاحب سان هڪ انٽرويو ڪيو هو، جيڪو هفتيوار ’برسات‘ (ڪراچي) ۾ ڇپيو هو. هُن پير صاحب لاءِ لکيو هو، ’اروڙ جي فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل پير حسام الدين راشدي وٽ بنا وقت مقرر ڪرڻ جي پني تي سوال لکي وٽس پهتس‘. هيءُ تاريخي انٽرويو آهي. سندس هڪ ٻن سوالن جي جواب کي پيش ڪجي ٿو، اِن لاءِ ته پير صاحب سنڌ جي تاريخ، اُن جي ماخذن ۽ ماڳن مڪانن تي ڇو ويهي جُهد پٽي آهي ۽ سڄي حياتي رولڙي ۾ رولي هيءُ هزارن صفحن جو مواد گڏ ڪيو آهي، صرف صرف اِن لاءِ ته هُن جو سنڌ، اُن جي عام ماڻهن ۽ اُن جي معاشري سان عشق هو ۽ هُن اِهو خزانو ڇو جو هيئن جوڙيو هو:

ناصر مرحوم کانئس پڇيو هو ته ”سائين توهان جيئن مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي توهان ڪتاب ڇڏيا آهن، اُهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي سنڌي ترجمي ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان ڪهڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهيو“. پير صاحب جواب ڏنو هو، ”ادا، منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي فارسي ماخذ آهن، اُنهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريان ته منهنجي زندگيءَ جا چند سال ته ڇڏيو اڃا پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪو متن شايع ڪرڻ آهي، اُن ۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا آهن. مون تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. مون کان اِهو ٿي نه سگهندو ته اُنهن ڪتابن جا ويهي ترجما ڪريان. اُن لاءِ ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي کي اُنهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو قائم ڪرايون. سنڌ جي قديم تهذيب، جيڪا پنج هزار سال پراڻي آهي ۽ جيئن هر ملڪ کي پنهنجين تهذيبن تي فخر هوندو آهي تيئن اسان کي به پنهنجي تهذيب تي فڪر ڪرڻ گهرجي. ان ڪري بالڪل ابتدائي تعليم جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب، تاريخ ۽ ناليوارين شخصيتن جا ذڪر اَذڪار آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار کي ننڍي هوندي کان پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. پر ادا، اسين آهيون پرائي وس. باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما، سنڌ جي سلسليوار تاريخ لکرائڻ، تاريخ ثقافت ۽ علم جي ٻين ڪيترين ئي شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي. اها تحقيق ڪرائڻ، سنڌ جي قديم تاريخي جڳهين ۽ آثارن کي محفوظ ڪرائڻ قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي سنڌيءَ ۾ نه آندو ويو ته اسان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي ڪيئن خبر پوندي. ڪيئن سُرت ۽ جاڳرتا پيدا ٿيندي ۽ ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهن ۾ ڪيئن ايندا. پنهنجي پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽ همدرديءَ جو فرق آهي، ان جو هڪ کي ڪيئن احساس ٿيندو.“

پير حُسام الدين راشدي اِنهيءَ جاڳرتا ۽ احساس لاءِ جملي ايڪيتاليهه ڪتاب ــــ ٻارهن سنڌي ۾، پنجويهه فارسي ۾ ۽ چار اردو ۾ لکيا. سندس آخري ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ آهي. سندس سنڌيءَ ۾ ٻيو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ آهي. ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ سندس مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويو ۽ هڪ ڪتاب ”تذڪره مشايخ سيوستان“

تي مشتمل آهي، جو غلام محمد لاکي جو سهيڙيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. پير صاحب جي ڪتابن ۾ صفحي صفحي تي سنڌ جا ماڻهو، سندن رهڻي ڪهڻي ۽ خوبيون ۽ اوڻايون، سنڌ جي تاريخي جاين جڳهين سان گڏ سندن مڙهه مقام وکريا پيا آهن.

منهنجي خيال ۾ پير صاحب هرهنڌ هڪ ئي ڳالهه ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته سندس اندر ۾ به ماڻهو ته هڪ ئي رهندو هو، جيڪو مؤرخ هوندي به صحافي به هو، ڪهاڻيڪار به مفڪر به، سنڌ جي نئين سوچ جو محرڪ، جنهن ڪڏهن به ٻه ڳالهيون نه ڪيون، صرف هڪ ڳالهه: سا آهي بقول پير صاحب جي ته: ”سنڌ جي تاريخ گهڻي آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ تمام اهم پڻ. پر اُها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي ٽڙيل پکڙيل آهي! سنڌيءَ يا ڪنهن ٻي زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو بنيادي خاڪو ڪوٺي سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي صفحن تي ئي پنهنجن بزرگن جا شاندار ڪارناما آئنده نسلن لاءِ زندگيءَ جو سبق بڻجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضي کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي سببن تي ٿڌي سيني سان غور ڪري پنهنجو مستقبل درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه آهي، اُن لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اُها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت اهم وسيلي کان محروم آهي.“ هيءُ ئي سوچ هئي جيڪا محرڪ بڻي ۽ هڪ تحريڪ بڻي.

پير علي محمد راشدي سندس حياتي جي محرڪات تي نظر وجهندي پنهنجي شاندار مضمون ”حُسام الدين مرحوم حسام الدين ڪيئن بنيو“ (جيڪو مهراڻ 1997ع واري ”پير حسام الدين راشدي“ نمبر ۾ ڇپيو) ۾ پنهنجي عشق محبت ۽ ساٿ کي هيئن ظاهر ڪيو آهي: ”ما و مجنون هم سبق بوڊيم در ديوان عشق“ پر اُن سان گڏ پير صاحب جي ڄمڻ کان وٺي، ٻالپڻو، جواني، بزرگي جا دؤر، پورهيي محنت ۽ فقرائي لڏي جا ڄاڻايا آهن، جن دورن پير حسام الدين کي پيرن ۽ زميندارن جي ٻار مان هڪ نئين سوچ ۽ نئون فڪر رکندڙ انقلابي تاريخدان ۽ مفڪر بڻايو. هو لکي ٿو:

”هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي منهنجي ڪمري ۾ منهنجن ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دڙڪو ڏنو، ’اڙي ڄٽ! تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.‘ هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو. ’آءٌ ڄٽ آهيان! چڱو ادا!، اُن واقعي کانپوءِ هُن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هُن رانديون رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رُلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر اُنهيءِ شيءِ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳ، جنهن ۾ مون کي دلچسپي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هرڪا ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو به پڙهيل لکيل ماڻهو مليس ٿي تنهن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ حاصل ڪرڻ لڳو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين رکي ڪجهه نه ڪجهه پيو پڙهندو هو. ڳوٺ ته ڇڏيو، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اَڃا بجلي ڪانه آئي هئي. وري گرميءَ جي مُند ۾ سخت گرمي، گُهٽ ۽ مڇر ـــ الامان والحفيظ. هُن جي حال تي ترس کائي اسان جي والده مرحومه پکو کڻي ساڻس گڏ ويهندي هئي ۽ جيستائين هو پاڻ ٿڪجي سُمهي نه رهندو هو، هوءَ اُتان چُرندي نه هئي. گهڻو ڪري ٻيئي صبح جو ٽين چئين بجي تائين ويٺا هوندا هئا.“

هو پير حسام الدين راشديءَ جي آخري دور جو ذڪر ڪندي چئي ٿو.

”... آءٌ کيس اُن بيماري جي حالت ۾ فلپائن وٺي ويس ۽ پاڻ وٽ ٻه سال رهايومانس. اُتي به جيئن ئي سندس صحت سُڌري ته بيڪار ويهي نه سگهيو. پنهنجو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ لکيائين. اُن ڪتاب ۾ سندس دل جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون جن کي سمجهڻ لاءِ عقل ۽ وقت گهرجي. هيءُ موقعو تفصيل ۾ وڃڻ جو ڪونهي. مختصر هيءُ ته پنهنجي زندگيءَ جي آخري ٽيهن ورهين ۾ هن ايترو ته علمي ڪم ڪري ورتو ۽ ايتري قدر ٺوس ۽ بامعنيٰ، جو انسان اچرج ۾ پئجيو وڃي. فارسيءَ ۾ پنجويهه وڏا ڪتاب لکيائين، سنڌيءَ ۾ ٻارنهن ۽ اردوءَ ۾ چار. سڀئي معياري ڪتاب ۽ وڏي تحقيق ۽ وڏي محنت جو نتيجو. اُنهن سان گڏ هو علمي رسالن جي لاءِ مضمون ۽ تحقيقي مقالا به لکندو رهيو. (سنڌيءَ ۾ ٻه سؤ، اردوءَ ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾ پنج، اخباري مضمون ڪيترائي هزار). هي اُهي شيون آهن جيڪي ڇپجي چڪيون آهن. اُنهن کان سواءِ مرحوم جا لکيل ٻيا سوين اڻپورا مسودا اڃا به پيا آهن، جيڪر انهن تي ڪو شخص ڪم ڪري ۽ اُنهن کي پورو ڪري ڇپائي سگهي. اسان جي اوسي پاسي نالي جا بکيا ۽ نااهل ته ڪيترائي آهن، پر مقصد وارو ۽ محنت سان ڪم ڪندڙ تمام ٿورا نظر ايندا.

شايد که مردي از غيب برون آيد و کاري بکند

”پنهنجي طرفان مرحوم گهڻوئي ڪي ڪري ويو آهي. ڪيترن ئي اڻلڀ ۽ قيمتي شين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي عام جي اڳيان آندائين. سنڌ جي تاريخ تي تمام قيمتي مواد ڪٺو ڪري ڇڏي ويو. هن خطي جي تاريخ لاءِ پختو بنياد رکي ويو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته هن هتي جي لٽريچر کي مقصديت ڏني.

”آخر پنج سال مرحوم ڪينسر جي موذي مرض ۾ ڪنجهندو رهيو، پر تڏهن به علمي ڪم جاري رکيائين. علاج جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گهريائين ٿي، پر اجازت حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. جيسائين اجازت ملي ۽ هو لنڊن پهتو، تيستائين موذي مرض پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هو. واپس اچڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي پالڻهار کي وڃي پرتو ۽ مون ستر ورهين جي پوڙهي کي هن ڏکن ڀري دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو.

تو عزم سفر کردي رفتي ز برما ـــ

بستي کمر خويش شکستي کمرما.

”هن ڌرتيءَ جو هو سرفروش عاشق هو. وصيت ڪري ويو ته کيس پنهنجي والد ۽ والده جي قدمن ۾ نه، پر سنڌ جي قومي قبرستان مڪليءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم جي ڀرسان هميشه لاءِ سمهاريو وڃي. اُن کان وڌيڪ عشق ۽ قربانيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هاڻي قيامت جي ڏينهن هو اُنهن بزرگن ۽ شهيدن سان گڏ اٿندو جن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامه“ ۾ وڏيءَ محبت سان ڪيو آهي. هن ننڍڙي حياتيءَ ۾ هڪڙو انسان اِنهيءَ کان وڌيڪ ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ هاڻي سنڌ جو مٿس ڪهڙو قرض رهيو...“

سندم بزرگ سنڌ جي مهان هستي ۽ سندس ساٿي، سائين جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي جي آخري سفر تي اُسهڻ جو ٻڌي، پير علي محمد راشديءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته:

”... سڄي زندگي صدمن ۾ گذري آهي. ارڙهن سال نظربندي ۽ سرڪاري قيد ۾ گذاريا اٿم. آهستي آهستي يار دوست، هڪ هڪ ٿي جُدا ٿيندا، فراق جا صدما ڏيندا ويا آهن. پر هن صدمي جو نوع ئي علحده هو. خبر نٿي پويم، ته اُن جي توسان عذرخواهي ڪريان جنهن جو ڀاءُ الوداع ڪري ويو آهي، يا حسين شاهه سان عذرخواهي ڪريان، جو جيتوڻيڪ فرزند تنهنجو آهي، پر لاڏ ڪوڏ سان نپايل حسام الدين شاهه جو آهي، يا پاڻ سان غم اوريان، جنهن لاءِ ”وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾“ وانگر حسام الدين شاهه هڪ دوست، ڀاءُ، غمگسار ۽ پيار جو ڀنڊار هو.

برادرم حسام الدين جي وفات اُهو صدمو رسايو آهي، جو قلم ته رت ڪونه ٿو هاري سگهي، البت جگر زخمي ٿي رت هاري رهيو آهي. سچ پڇين ته وڌيڪ سهڻ جي طاقت نه آهي، سو لکڻ بند ڪريان ٿو. عزيزم حسين شاهه کي ڀاڪر پائي دلاسا ڏج. قبيلي جي جملي ڀائرن کي منهنجي پاران عذرخواهي ڪج. پر، ارمان اِهو اٿم ته پاڻ کي هن غم ۾ دلداري ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسان!

غم جو ماريل

غلام مرتضيٰ

 

پير حسام الدين راشدي اُهي سڀ محفلون ويران ڪري ويو جيڪي حيدرآباد ۾ سندس مان ۾ منعقد ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪيترائي دوست گڏ ٿيندا هئا، جنهن ڪري حيدرآباد جون هوادار شامون وڌيڪ پُربهار ۽ فرحت بخش ٿي وينديون هيون. جيستائين ياد اٿم ته رٽز هوٽل هجي يا فاران، ڊاڪٽرس ڪالونيءَ ۾ جيجي زينت چنا جو ”زينت هائوس“ هجي يا لطيف آباد ۾ ماهتاب محبوب جو ”اِرم نما“ گهر هجي يا بعد ۾ هيرآباد ۾ نواب نوراحمد خان لغاريءَ جو گهر هجي، هيءُ دوست جيڪي سندس همسفر ساٿي هئا. ميڙو پيا مچائيندا هئا: سائين محمد ابراهيم جويو، مولانا قاسمي، ڀاءُ غلام رباني آگرو، گرامي صاحب، ڏيپلائي صاحب، شيخ علي محمد، نياز همايوني، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو، نواب نور احمد لغاري؛ ۽ خيرپور ۽ سکر کان ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ فتاح ملڪ. ”مهراڻ“ جي ”پير صاحب نمبر“ ۾ عزيزم غلام رباني آگري پنهنجي مضمون ۾ سندس حياتيءَ جي اُنهيءَ رُخ ڏانهن اِشارو ڪيو آهي:

”هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي هن مون کي چيو ته ”رباني، چون ٿا ته

قيامت ڏينهن ماڻهوءَ کي وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي پلصراط لنگهي پاڻ بچائي، بهشت ۾ پير رکڻو آهي، پر حقيقت ۾ هن دنيا جي حياتي ئي پلصراط آهي.“

رباني صاحب ان تي لکيو آهي ته اڄ پير صاحب اسان ۾ موجود ڪونه آهي، پر مان ائين سمجهان ٿو ته هو پلصراط تان پاڻ بچائي اڳتي نڪري ويو آهي ۽ خدا جي حضور ۾ پنهنجو اَڇو اُجرو اعمالنامو پيش ڪري بهشت برين ۾ داخل ٿيو آهي.

مان اُن ۾ هيءُ واڌارو ڪندس ته پير صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترين پلصراطن تان لنگهيو هو جو آخرت واري پلصراط رب کيس معاف ڪري ڇڏي هوندي.

حسين شاهه راشدي ۽ سندس سڄو خاندان علي رضا سميت، پير صاحب جو اُن لاءِ وڌيڪ ٿورائتو هئڻ گهرجي جو حسين شاهه جي شادي سنڌ جي هڪ وڏي ۽ نامياري خاندان پير غلام الرسول شاهه جيلانيءَ جي نياڻي سان ڪرائي، جنهن حسين شاهه جهڙي ماڻهوءَ کي مقصد کان ٿڙڻ نه ڏنو. مون حقير کي اهو شرف حاصل رهيو هو ته هن ناتي ۽ رشتي کي ڳنڍڻ لاءِ ڪوششون وٺان. اِن ڳالهه ۾ پير صاحب حسام الدين شاهه طرفان محترم رباني آگرو مون سان گڏو هو ۽ سڄي ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ته ڪيئن مرحومه بيگم زينت چنا انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ توڙ تائين پهچايو. لِکئي جا ليک آهن. علي رضا جي شادي به محترم عبدالله چنا ۽ بيگم زينت عبدالله چنا جي ڏوهٽيءَ سان ٿي. ماشاءالله کيس پُٽڙو به ڄائو آهي، جنهن جو نالو ”حسام الدين“ آهي.

هيءُ سنڌ جي انهيءَ نسل جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي تاريخ اسان جي بزرگن پنهنجي رت ست سان لکي ۽ پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشديءَ جو ڪردار اُنهن بزرگن سان گڏ نروار ٿيو بيٺو آهي. اُميد اٿم ته حسين شاهه، علي رضا ۽ ٻيا سندس خاندان وارا آئنده پڻ اِها پَرِ نڀائيندا ايندا، جيئن هيءَ نڀائي اٿن.

ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سُڻي نه ٻُڌي،

پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،

وڄا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org