ماضيءَ جا صوفي
اڄ جا مسيحا
هن ڌرتي جي گولي تي جڏهن کان ڄاڻ جي پکيءَ پرڙا
ڦهلايا آهن ۽ چوڌاري اُهو پکي ماضيءَ کي وساري حال
جي ٻولي ٻوليندو، وتي ٿو ماڻهن کي نوان گس نوان
پنڌ ڏسيندو. تاريخ جي صفحن مان هن پکيءَ جو گذر به
ٿيو آهي، پر اڄ جو پکي جنهن نموني جي ڄاڻ ڏئي ٿو،
اُها ڄاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وسيلي ائين تکي پئي
پهچي جهڙي برق.
هن جي ٻولي اها آهي ته جيڪي منجهه جهان آهي اُهو،
اهوئي آهي ته پنهنجين خواهشن ۽ گهرجن جو پورائو
ڪريو، هر شيءَ ۾ اک وجهي اُن کي هڙپ ڪريو. پنهنجن
خواهشن ۽ گهرجن جي پورائيءَ لاءِ پنهنجو ضمير،
پنهنجي سوچ وڪڻي ڇڏيو. دنيا جي گولي تي هر شيءَ
موجود آهي، ان لاءِ ئي سوچيو ۽ پوءِ ٻئي جي حقن تي
ڌاڙو هڻو، ڦر ڪيو، جنگ جدل ڪيو، ماڻهو، ماڻهو کي
ڦري ۽ کائي، قومون، قومن کي کائن ۽ ڳهن، وڏي مڇي،
ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائي ۽ کائي، ڪا فڪر جي ڳالهه نه
آهي. دنيا ۾ هن وقت آدم جو آدم جيئڻ ائين حرام ڪري
جو هر هڪ پنهنجي خواهشن ۽ گهرجن جي پورائيءَ لاءِ
ڳڻتيءَ ۾ گرفتار هجي. ڳڻتي به اهڙي، جا کيس خوف ۽
هراس ۾ مبتلا ڪري، هئڙي ڳڻتي هن دور جي پيداوار
آهي.
مون ڳڻتي تي هڪ ڏاڍو سٺو مضمون ٽائيم رسالي ۾
1965ع ۾ پڙهيو هو، جنهن جو ترجمو پنهنجي دوست سليم
خواجه ان وقت ڪيو هو. ان ۾ ڇا ڪجهه نه هو. هن دور
جي دردناڪ ڳڻتيءَ وهيڻي ڪهاڻيءَ جو منڍ هو ۽ پڇاڙي
اڃا تائين نه ٿي آهي. اهو مضمون ڪجهه هيئن شروع
پئي ٿيو: ’پاڻ وهيڻي لفٽ هڪ جهٽڪي سان بيهي رهي
ٿي. لفٽ جا در نهايت آهستيءَ سان کُلن ٿا، پر ٻاهر
نڪرڻ جي در بدران مسافر کي هڪ ڀت نظر اچي ٿي. هو
سٽ ڏئي آڱر سان بٽڻ دٻائي ٿو، ڪجهه به نه ٿو ٿئي.
آخرڪار هو خطري جي گهنٽي وڄائي ٿو. هيٺان اسٽراٽر
جو گهرو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. لائوڊ اسپيڪر مان آواز
اچي ٿو، ’هن عمارت ۾ پنجويهين ماڙ آهي ئي ڪانه.‘
مسافر وراڻيس ٿو، ’اهو وري ڪيئن؟‘ مون کي هتي ڪم
ڪندي ورهيه ٿي ويا آهن؟‘ هو پنهنجو نالو ٻڌائيس
ٿو. ’مون اهو نالو اڳ ڪڏهن ٻڌوئي ڪونهي.‘ ’گهٻراءِ
نه‘ مسافر پنهنجو پاڻ کي چوي ٿو: ’هي رڳو ڊيڄارين
ٿا،‘ پر وقت گذرندو ٿو هلي ۽ ڪا تبديلي ڪا نه ٿي
اچي. ان بي انت گهڙيءَ ۾ مسافر جو ٻاهرين دنيا سان
لاڳاپو، اهي نيزاريون ۽ ٻن چئن کهرن ٺولهن جي ڏي
وٺ ئي آهن، نيٺ اهو به ختم ٿي وڃيس ٿو. هيٺ وارو
ماڻهو چئيس ٿو ته هو واندو ڪونهي. اُمالڪ مسافر کي
ڊپ ويڙهي ٿو وڃي ۽ هو دانهن ٿو ڪري؛ ’ترس ميان!
مون سان ڳالهائيندو رهه،‘ پر لائوڊ اسپيڪر خاموش
ٿي وڃي ٿو. ڪلاڪ، ڏينهن يا صديون گذري وڃن ٿيون.
مسافر پنهنجي رُڪائين دٻي (لفٽ) ۾، ڊپ وچان
ڪرونڊڙو ٿي ويهي رهي ٿو ۽ هن جون نظرون چمڪندڙ
ڌاتوءَ تي کتل ٿيون رهن. ’اُن آواز جي پوڄا ڪرڻ
گهرجي. شايد اهو آواز وري ٻڌڻ ۾ اچي.‘
ليکڪ اها ڪهاڻي ٻڌائي چئي ٿو ته هيءُ جرمنيءَ جي
اشاريت پسند اديب فرانز ڪافڪا جي ڪا آکاڻي ناهي،
نه وري هن جي ڪنهن همعصر نقال جي آکاڻي آهي. هيءُ
هڪ خواب آهي، جيڪو تازو نيويارڪ جي هڪ ڪامياب
شهريءَ لڌو. فرائيڊ جو پوئلڳ يا ڪو ٻيو نفسي ڇيد
جو ماهر ان جو مطلب ڇا به ڪڍي، اهو خواب هڪ اهڙي
دور لاءِ هڪ مڪمل تمثيل طور ڪم اچي سگهي ٿو، جنهن
کي عام طور ’ڳڻتيءَ جو دور‘ چيو وڃي ٿو. هيءُ انهن
ڇپ جيڏن شهري منارن بابت ٻڌائي ٿو، جن ۾ حياتي تهه
خانن جهڙين اونداهين ۽ سوڙهين ڪوٺين اندر گهاري
وڃي ٿي. هيءُ خواب هن صدي جي انهن ڏينهون ڏينهن
وڌيڪ پيچيده ٿيندڙ ڪلن بابت ٻڌائي ٿو، جن تي ڪو
هڪڙو ماڻهو ضابطو رکي نه ٿو سگهي. هيءُ خواب نه
رڳو چٽاڀيٽيءَ سان ڀريل ڪاروباري حياتيءَ بلڪ هڪ
سدائين ڦرندڙ گهرندڙ سماج جي تڪڙن لاهن چاڙهن بابت
ٻڌائي ٿو. هيءُ خواب ان خطري ڏانهن اشارو ٿو ڪري
ته انسان پنهنجي انفراديت وڃائي نه ويهي. هيءُ
خواب پنهنجن هم جنسن، دنيا ۽ هن دنيا کانپوءِ ٻيو
جيڪي ڪجهه هجي، تنهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ انسان
جي جنون جي حد تائين پهتل گهرج ڏانهن اشارو ٿو
ڪري. سڀ کان مٿي، هيءُ خواب ان خدا بابت ٻڌائي ٿو،
جيڪو خاموش ٿي ويو آهي.
مان ڳڻتيءَ جو اهو خوفناڪ روپ پڙهي، في الحال ته
ان خدا وانگر
چپ ٿي ويو هوس، جيڪو خاموش ٿي ويو آهي. مان ڳڻتيءَ
۽ خوف ۾ مبتلا ٿي، علم دين جي ماهرن ڏي ڀڳو هوس،
خدا کي ڳولڻ لڳو هوم، هر هنڌ، هر جاءِ، مسجدن ۾،
خانقاهن ۾، آواز ٻڌڻ لاءِ وڏن منارن تي چڙهي ويو
هوس، ته خدا جي ويجهو ٿيان ته من آواز ٻڌان. اُت
وڌيڪ ڀؤ ٿيم ۽ ڳڻتي ٿيم ته انهن منارن تان هيٺ ڪري
نه پوان، نيٺ هڪ ڏينهن رلندي رلندي واٽ ويندڙ
فقيرن جي ٽولي ڏٺم، ڏاڍو مٺو پئي ڳاتئون:
من ۾ ”الا سو تن ۾!“
محبوب ڳولي ڏس من ۾!“
مون کانئن پڇيو: ’يار! ڪير آهيو؟‘ چيائون: ’سائين
فقير آهيون.‘ عربيءَ ۾ فقير جي معنيٰ آهي گداگر يا
پينو. مون ڪجهه آڇيو مان ته چيائون:
گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.
زور ڪيو مان ته چيائون:
جي فڪر کئون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور،
هوندا سي حضور، آءُ ته ڳرهيون ڳالهڙيون.
ڳالهين ۾ پياسين ته منهنجا سڀ اهنج لهي ويا. ڪاڏي
ويا ڊپ ڊاءُ، ڪاڏي ويو خوف هراس، ڪاڏي وئي ڳڻتيءَ
جي ڏائڻ. چيائون ’سائين! ڪهڙي ڳڻتيءَ ۾ هيا.‘ چيو
مان: ’هن دنيا ڀَئه ڏنو آهي، خدا کي ٿو ڳولهيان،
ڪو اُهو ترياق ڏسيو.‘اتي چيائون: ’سائين ڪجهه صوفي
فقيرن جون ڏنل سوکڙيون اسان وٽ آهن، اسان وٽان
کنيو وڃو، شايد توهان جي دل جو درمان بڻجي، ڳڻتي
فڪر کان آجا ٿيو.‘
کڻي سوکڙيون سوجهيان، ته مار! هي ته فقير ڪينهن،
پر وڏا امير ۽ ’سڀ ڪي‘ وارا مڻيادار ماڻهو آهن.
سوکڙيون اڄ به سنڀاليل اٿم:
ڏني ڏکويا، اڻ ڏني راضي ٿئا،
صوفي سي ٿيا، جئن ڪين کيائون پاڻسين.
(شاهه)
مون جيئن محراب جسو جامع تن جو،
قبلي نماءُ قبل ڪري، تن کي ڪيائون طواف،
تحقيق جي تڪبير چئي، جسمان ڏنئون جواب
تن ڪهڙو ڏوهه حساب، جن هنئڙي هادي حل ٿيو
چيائين سائين! هاڻ اڃا به اڳ ڀرو ۽ توهان جي
ڳولاجو جواب آهي.
حڪم هلي ٿو جنهن سان،سو ڪر پيدا پاڻ
صورت سا سڃاڻ، منهن ڪري مورت کي
مون ورتي فقراءَ لڏي جي پُٺ، اچي لطيف ڀيڙو
ڪيائون، اتان کنيائون ته اچي سچل وٽ
سٽيائون،ڳڻتيون فڪر ته لٿا، ڳولا جو عمل جاري
آهي.ڏس پنڌ اهو ئي مليو:
’تون‘ هي سا ’تون‘ لڀين، مان لڀان ’تو‘ سان
’تون‘ هي ’آئون‘ سڀهين، ’لا‘ ۾ موجودات ٿي
(سچل)
پاڻ سڃاڻڻ لاءِ اها ڳالهه مليم، پر الائي جي ڇو ڀؤ
نه ٿيم:
جي تو ڄاتو پاڻ، ته آئون ٻيو ڪو آهيان
ڪندو غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾
(سچل)
صوفي فڪر کي هر ڳڻتيءَ جو علاج ڀانئين،مون نه رڳو
شاهه، سچل سامي، پڙهيو ٻڌو پر وڃي منبع لڌا. هونئن
به جڏهن حقيقت، عشق،موت يا ڳڻتيءَ وانگر عالمگير
هوندي آهي ته ان جو پورو پورو اندازو لڳائڻ يا ان
جي درجا بندي ڪرڻ تمام ڏکيو ٿيو پوي. ماڻهو جيڪڏهن
ڳڻتي نه ڪري ها ته هو انسان نه هجي ها. ڇا ماڻهو
اڄ اڳي کان به وڌيڪ فڪرمند آهي؟ ڇا ان جون ڳڻتيون
۽ انديشا حضرت ايوب کان نرالي نوعيت جا آهن. يا ڇا
هن دور جو انسان بگڙيل تاريخي نڪتهءِ نظر جو شڪار
آهي، جو هو سدائين حال کي ماضيءَ کان وڌيڪ وڏو ۽
برتر سمجهندو آهي؟.
جيتوڻيڪ مفڪر انهيءَڳالهه تي متفق آهن ته هن دور ۾
ڳڻتي في الحقيقت ڪميت توڙي ڪيفيت ۾ مختلف ضرور
آهي، پر بنيادي طرح سان انسان بنيادي خصلتن ۽
جبلتن ۾ اڄ به ساڳيو آهي.ان لاءِ ضروري هو ته
ماضيءَ جي ماڻهوءَ ۽ انهيءَ دور جي انهن مسيحائن
کي به ڳولي لهجي، جن انسانن جو علاج ڪيو ۽ کين غم
۽ فڪر کان آجوڪيو.
شروعات حضرت آدم کان ٿئي ٿي،ڪيئي نبي، پيغمبر، ولي
۽ مفڪر آيا. هرهڪ پنهنجي دور جو مسيحا هو. صوفي
فڪر تڏهن جنم ورتو جڏهن انسان کي ڳڻتي ۽ فڪر کان
آجو رکڻ وارن جو مواد ته ڪٺو ٿي ويو هو پر هر دور
جي تقاضا پنهنجي هئي. دنيا جي گولي تي آدم وڌندو
پئي ويو، فڪر ۽ نظريه ڦريا گهريا پئي. ماڻهو بنهه
منجهي پيو. مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا سو ضروري هو
ته مذهب سان گڏ انسان لاءِ هڪ اهڙو فڪر ايجاد ڪجي،
جيڪو نه رڳو کين مادي ڳڻتيءَ کان آجو ڪري پر
روحاني خوشي ڏئي، من جي تسڪين ڏي. امن ۽ آشتيءَ
ڏانهن کڻي وڃي. صوفي فڪر تي جن به ڪم ڪيو انهن جو
مقصد انسانن کي هڪ عالمي فڪر ۽ نظريي کان آگاهه
ڪرڻو هو. جنهن ۾ محبت، عشق، سچائي، سونهن ۽ سوڀيا،
امن ۽ آشتيءَجو پرچار هو.
آدم جي ڪهاڻي
لطيف ۽ سچل جي زباني
انسان جي ڪهاڻي ايتري پراڻي آهي، جيترو سندس وجود.
هن ڪهاڻي جو پهريون امين حضرت آدم عليه السلام کي
چيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪهاڻي پيار ۽ محبت کان شروع
ٿئي. بي بي حوا اُن ڪهاڻي جو ٻيو ڪردار آهي. هن
ڌرتي تي پيار، محبت ۽ امن آشتي جي رشتن جي تخليق
ٿي ته ان سان گڏ نفرتن ڪدورتن به جنم ورتو. هر رُخ
کي به پاسا آهن. اوندهه آهي ته روشني به. انسانيت
آهي ته حيوانيت اُن سان گڏ جنم وٺي ٿي. حضرت آدم
آدم جي ڪهاڻي جا ٻيا ڪردار هابيل قابيل آهن، جيڪي
انسان جي اندر وقت به وقت پيدا ٿيندڙ تضاد کي بيان
ڪن ٿا. اُن تضاد جو نتيجو هدايت ۽ رهبري کي
اورانگهي اڳتي وڌي وڃڻ جو نتيجو آهي ۽ هن ڌرتي تي
پهريون قتل ٿئي ٿو. اهو قتل ڪئين قتلامن کي جنم
ڏئي ٿو. ايئن هي ڪهاڻي پيار، محبت، امن آشتي سان
گڏ حيوانيت ۽ گمراهي جي ڪهاڻي بڻجي تاريخ جي صفحن
تي ڦهلجي وڃي ٿي. رب جبار انسان جي ٻئي تاريخ رُخ
کي جلال سان نه جمال سان ڍڪي ٿو ۽ وقت به وقت هن
ڌرتي تي ڪئين پيغمبر موڪليا. آسماني ڪتاب موڪليا.
ان مان ڪئين شاخون ڦٽيون. پر هن ڌرتي تي جيڪو رت
پهريون وهيو هو اهو ڪڏهن نه سڪو. انسان پنهنجي ڪرت
۾ ڏينهن ۽ رات جي تضاد کي قائم رکيو ۽ ڌڻي پنهنجي
ڪِرت ۾ هن ڌرتي تي سٺائي سُپتائي، سچ ۽ حق جو علم
بلند ڪرڻ لاءِ جيڪي سندس صنعتون پڻ آهن، نبين
پيغمبرن سان گڏ لامحمد ولي، مفڪر، شاعر موڪليندو
رهيو. هن ڌرتي تي جنهن ذڪر تي جنهن جو هو تخليق
ڪيل آهي ۽ انهن ئي وصفن سان هن ڌرتي کي اجاري.
انسانن ۾ غير برابري، غير متوازن هجڻ جو لاڙو تڏهن
پيدا ٿيو، جڏهن هو دنيا جي رنگينين ۽ مزن ۾ ڀنڀلجي
هڪ ٻئي جي وجود کي فنا ڪرڻ لاءِ رستو ڳوليو. حقن
تي ڌاڙا، ٻئي جي جياپي کي پنهنجي وجود لاءِ خطرو
سمجهڻ ۽ مان ئي مان هجڻ لاءِ هن هيءَ ڌرتي ٽامڻي
ڪري ڇڏي. ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ڪثرت جا ڪئين فرق
قائم ڪيا ۽ سڀني شين جون الڳ الڳ حيثيتون مقرر
ڪري، غير برابري تي ايمان آندو. ائين جنگ جدل، ڏاڍ
ڏمر جو بنياد پيو. اسان جي نبين پيغمبرن جي ميٺ
محبت، امن ۽ آشتي جي پيغام کي اڳتي نيڻ لاءِ جنهن
فڪر وڌيڪ ماڻهن تي اثر ڪيو اهو هو صوفي فڪر، صوفين
جي فڪر جڏهن، قرآن جي فڪر کي سولو ڪري ماڻهن کي
پڙهايو ته ڪئين پوئلڳ ٺهيا، امن جا پيامبر بڻيا.
ايئن امن ۽ آتشي ۾ ايمان آڻڻ وارن جو تعداد وڌيو.
امن آڻڻ جو فڪر ڪو سولو فڪر نه هو. ان لاءِ
پهريائين پاڻ مارڻ وارو سبق پڙهڻو هو. ”مان ٻيو ۽
هو ٻيو“ وارو خيال دل مان ڪڍڻو هو. ان صوفي فڪر جي
ڪهاڻي به ان ڏينهن کان شروع ٿي ٿئي، جنهن ڏينهن
کان انسان جي ڪهاڻي. مفڪر پيامبرن جا ڪردار ان
ڏينهن کان جنم وٺن ٿا، جڏهن کان هن ڌرتي تي رب
جليل پيغمبر موڪليا ۽ آسماني ڪتاب موڪليا. هي
پيغمبر، هي ولي، هي صوفي، هي مفڪر هڪ ئي سلسلي جي
ڪڙي آهن. لطيف ۽ سچل سائين به انهي لڏي جا پيامبر،
صوفي فقير آهن. هو هن ڌرتي تي عشق ۽ امن جا پيامبر
بڻجي آيا. هُنن
سڀني سماجي قدرن ۽ ٻنڌڻن کي ٽوڙيو، ان لاءِ ته ان
جو بنياد، مان ٻيو ۽ هو ٻيو تي پيل هو. هُنن
پهريائين امن جي بنياد وجهڻ لاءِ پنڊت پادري، ملا
۽ محبت جي مدي خارج تاويلن ۽ تشريحن کي رد ڪيو.
هُنن انسان کي پاڻ اعليٰ ۽ افضل سمجهائڻ لاءِ سڀ
فرق مٽائڻ لاءِ چيو. لطيف ۽ سچل اهڙين ڪيفيتن سان
سرشار آهي، جيڪي کين هن ڌرتي تي امن ۽ پيار ڦهلائڻ
لاءِ بخشيون ويون آهن. هيءُ انسانن سان عشق، هيءُ
پيار ۽ محبت جو پيغام حقيقت ۾ اُن اَمن ڏانهن وک
هئي، جنهن جي شروعات لطيف جي ڏينهن ۾ ٿي چڪي هئي ۽
ان لاءِ سچل به تو هو. لطيف ۽ سچل جي فڪر ۾ هم
آهنگي، اڳتي نيڻ جا پنڌ پيچرا تقريباً ساڳيائي
آهن. ماڻهن سان محبت، ڏاڍ، ڏمر خلاف جنگ، انسان
اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ نيڪي بدي جي ويڙهه لاءِ
نصيحتون، ”مون ۾ آهين تون“ وارو لطيفي سبق سچل به
هيئن پڙهائي ٿو:
مان ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان،
بجلي بادل سان، آهي جيئن سپرين.
اِهي حقيقتون حقيقت ۾ اُن وقت سنڌ ۾ جيڪي سياسي ۽
مذهبي
حالتون هيون، ان جي نشاندهي ڪن ٿيون. منهنجي نظر ۾
لطيف ۽ سچل سنڌ تي جيڪي ٿيو پئي يا جن جو تعلق
رهيو. يا جيڪي سچ هو يا حقيقت هئي، ان جو آواز
آهن. لطيف ۽ سچل سنڌ جي ماضي ۽ ان وقتٿ جي حال جو
ردعمل آهن. ارغونن ترخانن واري دور کان ڪلهوڙن
تائين واري دور کي ڏسجي. يار محمد ڪلهوڙي کان نور
محمد ڪلهوڙي تائين ۽ انهن ڏينهن ۾ نادر شاهه جي
سنڌ تي ڪاهه، نادر شاهه سنڌ جي حاڪم نور محمد
ڪلهوڙي جا ٻه پٽ يرغمال ڪري وٺي ويو. انهيءَ
صورتحال تي ڊاڪٽر درشهوار سيد پنهنجي ڪتاب
The Poetry of Shah Abdul Latif
۾ لکي ٿي:
The great Sindhi mPoet،
Shahn Abdul Latif who forms the subject of this
study was destined to experiences the impacts of
internal political weakness within the sub-
continent as well as the effect of attacks from
muslim neighbours from Iran and Afghanistan.
پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ بيان ڪندي چئي
ٿو:
”ڏهين صدي هجري سنڌ لاءِ ڌارين جي تسلط، زور
زبردستي ۽ تمام ڏچي جي صدي هئي، جنهن بعد اڍائي سو
ورهين تائين سنڌ غلام جي زنجيرن کي ٽوڙي ڪانه
سگهي. انهن اڍائي سو ورهين تائين سنڌ غلامي جي
زنجيرن کي ٽوڙي ڪانه سگهي. انهن اڍائي صدين جي
مايوس ۽ پراون جي غير شريفانه سلوڪ سنڌي عوام جي
ذهن ۽ فطري حوصلن ۽ همتن کي ايترو ڇيهو رسايو،
جنهن جا اثرات اڄ تائين مختلف صورتن ۾ سندس مزاج ۽
طبيعت تي اثرانداز رهندا اچن ٿا. ارغونن جي
استبدادي حڪومت، ترخانن جي زور زبردستي، مرزا باقي
ترخان ۽ محمود بکري جي ظالمانه گرفت، ازانسواءِ
خراسان مان لاتعداد اميرن، صاحبِ اختيار ۽ اقتدار
جي آمد، سنڌ جهڙي ننڍڙي، امن پسند ۽ ماٺيڻي سڀاءَ
واري ملڪ لاءِ در حقيقت هڪ عذاب، قهر ۽ خدائي ڪوپ
هو، جيڪو هتان جي گهرو جهڳڙن جي نتيجي ۾ قدرت
طرفان سزا طور نازل ٿيو، جنهن جو نتيجو اجتماعي
خواهه انفرادي سمورو سنڌ کي ڀوڳڻو پيو....“
مٿئين صورتحال کي ڏسي ائين چيو ويو ته اسان جي
عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاڻ پنهنجي اکين
سان سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انهن پوڻن ٻن سئو سالن جي
غلامي جي پوين 47 سالن جي عرصي کي پنهنجي اکين سان
ڏٺو ۽ ان جو مشاهدو
۽
تجزيو ڪيو.
اسان جو سچل به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. عطا محمد
حامي
پنهنجي ڪتاب ”نينهن جا نعرا“ ۾ لکي ٿو ته: ”سچل
سائين انهيءَ زماني ۾ پرورش پاتي، جيڪو سياسي لحاظ
کان پر آشوب هيو. شاهه عنايت جهوڪ واري ۽ مخدوم
عبدالرحمٰن کهڙن واري جي شهادت جي ياد پراڻي نه ٿي
هئي. ڪيترا ماڻهو جيئرا هئا، جيڪي مٿين واقعن وقت
موجود هئا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ڀاءُ عطر
خان جي ويڙهه، مير بهرام خان جو پنهنجي پٽ مير
صوبدار خان سميت جو بي درديسان قتل ٿيڻ، ميان
سرفراز جو شهيد ٿيڻ ۽ مير بجار خان جو دغا سان قتل
ٿيڻ وغيره سمورا واقعا سچل سائين جي وقت ٿيا. انهن
کان سواءِ ڪلهوڙن جي ڪمال جو سج لهڻ ۽ ٽالپرن جي
اقبال جو آفتاب اڀرڻ، سچل سائين پنهنجي اکين سان
ڏٺا. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾
اچي پنهنجي قهر جو طوفان کڙو ڪيو هو.“
مٿيئن صورتحال ٻڌائڻ جو مقصد اهو هيو ته سرمد هجي،
شاهه عنايت شهيد هجي، لطيف هجي يا سچل، اهي وقت ۽
تاريخ جو اهڙو پڙاڏو آهن، جو اڄ به سندس فڪر کي
وقت جي ضرورت سمجهي سنڌ جو ماڻهو اهو فڪر اها سوچ
پنهنجي ڪري اها واٽ وٺڻ چاهي ٿو، جيڪا کين حق، سچ،
پيار، محبت ۽ امن ڏانهن نيئي. سرمد، شاهه عنايت ۽
ٻين صوفين تي جيڪو ملڪ ۽ ماڻهن جو بار هو، ان کان
وڌ لطيف تي پيو جو اِهو لقاءَ ڏسندو رهيو. سچل تي
وقت جو بار اڃا به وڌ رهيو، جو هو اُنهي دور تائين
ڏاڍ، ڏمر، بدامني، قتل غارتگيري کي ڏسندو رهيو. هو
وڌيڪ باغي هو، انهي سماج کان جيڪو ناانصافي، مذهبي
متڀيد، ڪوڙ ۽ ڪپت تي بيٺل هو. هُن آدم جي ڪهاڻي
اصل سمجهي هئي، جتان شروعات ٿي هئي:
الف مون آدم ٿيو، ڪري هنگاما هُل،
هندو مومن سو ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل،
”خلق الاشيا فهمو عينها“ ايهو آڻ عمل،
ٿج گلابي گل، مر مارينئي منصور جيان.
سچل جو گلابي گل ٿيڻ جو تصور به منصور سان لاڳاپيل
آهي، منصور جنهن جو فڪر ناقابل شڪست رهيو. سچل
گلابي گل ٿيڻ لاءِ ته چيو، پر اڄ تائين گلابي گل
ٿيڻ لاءِ ڪنهن ويچاريو آهي. اڄ اسان تي لطيف ۽ سچل
کان پوءِ وڌ بار آهي، اسان کانئن ڪيترن سو سالن جي
تاريخ جا امين آهيون، جيڪا تايخ هابيل قابيل واري
قصي کي دهرائيندي ٿي اچي، جيڪا تاريخ وهيل رت سڪڻ
نه ٿي ڏئي. انسانذات جو رت وهندو رهي ٿو. اهي ئي
حقن تي ڌاڙا، اهي ئي ڌاڙيل، اهي ئي ڏاڍ ڏمر جا
ڏهڪاءُ، هر انسان شاهه عنايت وانگي شهيد ٿئي ٿو يا
بلاول وانگي گهاڻي ۾ پيڙهيو وڃي ٿو، پر شهيد ناهي
۽ گمنامي جو موت سندس مقدر آهي.
هن سماج جو ڀورا ٿيڻ، اهو غير برابري ۽ گمراهي
واري واٽ وڄي وڃڻ جي ڪري آهي. هر دور ۾ نبي پيغمبر
آيا. انهن کان پوءِ ولي، مفڪر ۽ شاعر آيا. سرمد،
شاهه عنايت، لطيف، سچل، سامي، بيدل کان پوءِ ماٺ
وٺيو وڃي. ڳالهه ته ڳوهڻ جهڙي، خلق اڳيان خاموش نه
عبرت نه غيرت آهي، حيراني حيرت.... اڄ اسين سڀ پاڻ
حيرت جي تصوير آهيون.
صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏڏٺي سون،
پن ٻوڙين پاتال ۾، پاهڻ تارين تون،
جي راضي ٿيين تون، ته ميريائي مان لهان.
سچ ته لطيف ۽ سچل اسان وٽ آهن ضرور، پر نه اسان وٽ
اَمن، ۽ پيار خلوص، نه سچ نه حق، ڇا وري ڪو لطيف
اچي يا سچل اچي. پا هي سندن ڪلام سڀ لطيف ۽ سچل جو
پرتوو نه آهي، سندن وجود جو اهڃاڻ نه آهي. پوءِ ڇو
اڄ اسين مصلحتن جو شڪار آهيون، ڇو ته اسين سچل
وانگر اهو چئون ٿا:
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،
ڪوڙي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي.
مان انهيءَ انسان، انهيءَ آدم جي ڪهاڻي کي، هت ختم
ڪريان ٿو، جنهن جي فڪر کي اڏوهي وٺي وئي آهي، هو
عظيم صوفي شاعرن ۽ مفڪرن جي فڪر کي وساري ويٺو آهي
۽ وٽس لڳي ٿو ته اڻکٽ تاريڪ رات آهي. باک ڦٽڻ لاءِ
وري به هن کي انهي صوفي، شاعرن، مفڪرن ڏي وڃڻو
پوندو. هن دور جي انهن عظيم شاعرن ڏانهن ور وَرُ
ڪيو بيوسي مان ته نهاريان ٿو:
آري اچين شال، نماڻي جي نِجهري،
هيءُ مون ڏسي حال، ڪرين غور غريب تي. |