سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:21

حقيقت پسند ڪهاڻيڪار

آغا سليم

حميد منهنجو هم عصر ليکڪ ۽ ذاتي دوست آهي. هن جي شخصيت منهنجي اڳيان ائين کليل آهي جيئن سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب. جنهن جو هڪ هڪ پنو، هڪ هڪ سٽ ۽ هڪ هڪ اکر مان پڙهي سگهان ٿو. اهڙي ليکڪ جي لکڻين لاءِ لکڻ وڏو مسئلو هوندو آهي. جو لکڻ وارو يا ته ساڻس دوستي نڀائڻ لاءِ سندس اجائي تعريف ڪندو آهي يا وري رشڪ جو شڪار ٿي سندس قد گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ٻنهي حالتن ۾ ساڻس انصاف ٿي نه سگهندو آهي. ٻيو مسئلو هي هوندو آهي ته اهڙي ليکڪ جي باري ۾ لکڻ وارو هن جي لکڻين کي سندس شخصيت جي حوالي سان پڙهندو آهي، جڏهن ته لکڻين جي ليکڪ کان الڳ پنهنجي حيثيت ۽ شخصيت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو 1968ع ۾ Roland Borthes نالي هڪڙي نقاد ليکڪ جي موت جو اعلان ڪيو ۽ هڪڙو مضمون لکيو جنهن جو عنوان ئي The Death of the Author هو. ان مضمون ۾ هن لکيو هو ته فنڪار ئي پنهنجي فن جي آخري تشريح سمجهيو ويندو آهي پر ائين نه آهي. فنڪار جي تخليق پاڻ ئي پنهنجي تشريح هوندي آهي. اها تشريح پڙهندڙ ڪندو آهي ۽ پڙهندڙ جو جنم ليکڪ جي موت سان ئي ممڪن آهي. بودليئر جي ڪنهن نظم کي هڪ ناڪام انسان جي ناڪاميان ۽ وان گوگ جي ڪنهن تصوير کي هن جي چريائپ جي حوالي سان اچڻ گهرجي. مارڪس لاءِ به چيو ويندو آهي ته هو يوناني آرٽ جو وڏو مداح هو ۽ آرٽ جي relative autonomy جو قائل هو. ان ساري تمهيد جو مقصد اهو آهي ته مان پنهنجي پر ۾ ڪيتري به کڻي ڪوشش ڪيان پر ته به مان شايد حميد جي لکڻين سان انصاف ڪري نه سگهان.

حميد جي ڪهاڻين ۾ جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ منهنجو ڌيان

 ڇڪايو، اها وقت جي بي رحميءَ جو غمناڪ ۽ ڏکوئيندڙ احساس آهي. هر شيءِ وقت جي لتڙ ۾ آهي ۽ ڀڄندي، ڀرندي ۽ جهرندي ٿي وڃي. ماڻهو، مڪان، ماڳ – ڪا شيءِ پنهنجي اصلي حالت ۾ نه آهي. وقت جي اهڙي احساس جي ڪري سندس گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون حال کان ماضيءَ ڏانهن سفر ۽ فليش بيڪ ۾ آهن. ماضي حال کان وڌيڪ... آهي. ”ڳوٺ ۾ نه اهي گهٽيون آهن نه اهي ماڳ مڪان، نه اهي راڳ رنگ جا روپ، ڳتيل گهٽيون، چؤڌاري جاين جو جوڙاءُ، لنگهه به بازاريون، نه اهي باغ بستان، نه آهي مستيءَ جا پيمانا پياريندڙ پيرن فقيرن جون درگاهون.“... ”هي اجڙيل ديار، چؤڌاري مڙهه ئي مڙهه. نصير شاهه بي وس. سندس خاندان رُليل“ (ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾). ’زماني جو دستور‘ ڪهاڻي جي ته شروعات ئي قبرستان جي ذڪر سان ٿي ٿئي. ”جڏهن به ڳوٺ وڃان ته صبح جو پنڌ ڪندي وڃي قبرستان نڪران.“

’ڪتاب جو بند باب‘ ۾ لکي ٿو ته هڪڙو پوڙهو جهور ماڻهو هڪڙي جهرندڙ ڪمري ۾ ويٺو آهي. سندس نڙي ۾ ڪينسر آهي. ارد گرد جو ماحول سندس وانگر ئي وقت جي لتڙ سان جهريل آهي. سامهون ڀت تي هن جي جوانيءَ جي تصوير ٽنگيل آهي. ”ڳل ڀريل، ٽويڊ جي ڪوٽ ۾ سٺي ٽاءِ، اڌڙوٽ... پڪي ارادي وارو بهادر ليکڪ، بهادر استاد، هڪ مڪمل بهادر انسان. وقت چي مان بادشاهه... پوڙهن جي پيشاني ۾ پيرا مون پسجن.“

۽ هوءَ جيڪا، ’دردونديءَ جو ديس‘... جي نازو آهي، ڪال گرل، تيز ڳاڙهي رنگ واري لپسٽڪ، ڀرون ٺهيل، آئي ليشز، جيڪا مڙس سان تڙيءَ سان ٿي ڳالهائي ۽ انگريزي اکر ٿي استعمال ڪري، اها ماضيءَ جي لالان آهي. معصوم ۽ بي خبر، پنهنجو پاڻ کان، پنهنجن جذبن، احساسن کان ۽ زماني کان. ڳل تي چمي ٿي مليس ته رئي سان اُگهي ٿي ڇڏي. چپن تي چمي ٿي مليس ته پنهنجن احساسن کي سمجهي نٿي سگهي ۽ چئي ٿي، ’مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي‘. اهڙي معصوم ڇوڪريءَ کي وقت ڪال گرل بڻائي ٿو ڇڏي... هوءَ روئي ٿي ته سندس اجڙيل ويران پوٺي جهڙي وجود تي لڙڪن جو وسڪارو ٿو ٿئي ۽ ڄڻ ته دردونديءَ جو ديس وسي ٿو پئي. هوءَ پنهنجي ماضي جي معصوم منظر کي replay ڪرڻ لاءِ انهن ساڳين هنڌن تان ٿي لنگهي جتان به ننڍپڻ ۾ لنگهي هوءَ گهر ويندي هئي. پويون در، ڏيڍي، ٽڪري وارو پيچرو، ان کان پوءِ پراڻو پيچرو. هوءَ اسپتال جي گيٽ وٽ ٽيوب لائيٽس جي ورشنيءَ ۾ بيٺي آهي. اها ئي معصوم، سنهڙي سيپڪڙي لالان. اتي هانءَ کي جهٻو اچي ٿو وڃي.

’پل جو موهه‘ جي ڦلان، وڪيل جي پراڻين فائيلن مان هڪ فائيل ۾ دفن آهي. ”فائيل کي ڇنڊڻ سان دَزَ اڏاڻي، مون کي لڳو ته هيءَ زماني جي دَزَ آهي، جنهن ڪئي ڊنگ لٽي ڇڏيا. هن ٿوريءَ دَزَ ۾ ئي ڦلان دفن هئي جو، هن جو وِت ئي ايترو هو.“

’هي زهر ڪير پيئندو‘ جو استاد شفيع پينشن جي ڪاغذن جي پڇا ڪرڻ جي بهاني پوري وقت تي اسڪول ويندو آهي. سندس زندگي سندس ڪمري ۾ ٽنگيل 1936ع واري گهڙيال جهڙي آهي.

حميد جي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ واقعا هٿ جا گهڙيل نه هوندا آهن. ائين به ٿيندو آهي جو ڪي ڪردار زندگيءَ جي ڪنهن رويي، ڪنهن نظري ۽ ڪنهن سوچ جي تجسيم (personification) هوندا آهن ۽ انهن جي اوسر لاءِ ليکڪ ڪي خاص واقعا ۽ صورتحال گهڙيندو آهي، جن ۾ انهن ڪردارن جي اوسر ٿيندي آهي ۽ سندس اندر اجاگر ٿيندو آهي. پر حميد جا ڪردار زندگيءَ جا ڪردار آهن، جن جون ڪهاڻيون پڙهندي لڳي ٿو ته عام زندگيءَ ۾ اسين انهن ڪردارن سان ڪٿي نه ڪٿي ملي چڪا آهيون ۽ هنن جي زندگيءَ ۾ جيڪي واقعا پيش ايندا آهن اهي اسان جي اڳيان رونما ٿيندا رهيا آهن. ڪهاڻين جي ڪردارن لاءِ چوندا آهن ته ڪي ڪردار type هوندا آهن، جيئن ’دردوندي...‘ ڪهاڻيءَ ۾ لالان جو مڙس شمن جنهن سان اڄ به ڪنهن به سرڪاري بنگلي ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي. ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو جڏهن کانئس لالان جو پڇي ٿو ته هو جواب ٿو ڏي ته، ”لالان اتي آهي، گهرايانس.“ ۽ پوءِ هو ٿورو مرڪي. ٿو. هن جي جواب، خاص ڪري سندس مرڪ سان هن جو سمورو ڪردار چٽجي ٿو وڃي، جيڪو هونئن شايد صفحا لکڻ سان به چٽجي نه سگهي ها. ڪي ڪردار فليٽ هوندا آهن. اهي ڪردار ايڏا ته سڌا سنوان هوندا آهن جو هنن جي باري ۾ پڙهندڙ اڳ ۾ ئي اندازو لڳائي سگهندو آهي ته هو ڇا ڪندو، ڇا ڪري سگهندو ۽ ڇا ڪرڻ وارو آهي، جيئن، ’زماني جو دستور‘ جو ڪردار مامون شمن، جنهن مان اندازو ٿي ٿو وڃي ته پنهنجن مائٽن سان، جيڪي وڏن ماڻهن جا پٽ آهن، سندس اٿڻ ويهڻ ڪهڙي نوع جو هوندو. ڪي وري round ڪردار هوندا آهن، منجهيل ۽ ڳتيل، جن جي شخصيت جا تهه آهستي آهستي کلن ٿا. جيئن ’پل جو موهه‘ جي ڦلان. وهي کاڌل، پنجاهه ويجهو پهتل، ڪمزور نٻل، ميرن لٽن ۾ ويڙهيل، فقيراڻي حال واري، هڪ بغچو هنج ۾، پراڻو ڳڳل گهيتلو پيرن ۾، پير مٽيءَ ۾ ڪِٺُ، ماس ڪوريل، هڏاوان هٿ، منهن ڌوتل نه ڌوتل، وار ڀنڊ، پراڻو ميرو رئو مٿي تي، جُتي گسڪ گسڪ ڪندي سڄي جهان کي ٻڌائيندي هلندي ته ڦلان اچي وئي آهي. ٻيڙين جا سوٽا، ڳالهه ڳالهه تي اک ڀڃڻ. ماسي چئوس ته مڇرجي پوندي، ’ماڻهين ماسي، پڻهين ماسي، مائي نه ڪندو ڪر. اڄ به ڏندين ڏاند آهيان. ڪيئي پاڻي ڀري ڀري مري کپي ويا. ڪي ڀرڻ لاءِ اڃا به آتا آهن.‘

”سهڻا صاحب، نظر هٽائي.“ ڳالهائڻ کريل پر دل ڌوتل. هٿ چراند جو شڪ پئيس ته لتن سان ڪُک ڪڍي ڇڏي. وڪيل جي منشيءَ کيچل ڪيس ته ٿڦون وهائي ڪڍائينس. ڪهاڻيءَ جي هيرو جي موهه ۾ وٺجي وئي. نيٺ کيس جوان ڌيءَ ڏيکاري، دارون پياري، پهر مستيءَ ۾ ساڻس سمهي پل جو موهه حاصل ڪيائين.

حميد جي ڪهاڻين جي ڪردارن مان جيڪو ڪردار پوري طرح اُڀري سامهون ٿي اچي: اُهو ڪهاڻي ٻڌائڻ واري جو ڪردار آهي. اهو ڪردار ڪڏهن مان ته ڪڏهن ٽيون ماڻهو ٿي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۾ هن جو جيڪو ڪردار جڙي ٿو، اهو هن ريت آهي: نرم ۽ رحمدل، ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تي روئي ڏيڻ، جذبن جي غلبي ۾ ڏڪندڙ. ’دردوندي...‘ ڪهاڻي جي لالي گهڻن سالن کان پوءِ ساڻس ملي ٿي ته کيس ڏڪڻو سائين ٿي سڏي. ’ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن‘ ۾ سندس دوست عاشق ۽ هن جي گرل فرينڊ ڀاڪر ٿا پائين ۽ چميون ٿا ڏين ته سندس سڄو بت ٿو ڏڪي ۽ پنڊ پهڻ ٿي بيهي ٿو رهي. گهريتڙو ٻار جنهن کي هر وقت بابي ۽ خاندان جو خيال ٿو رهي. رڳو خيالي عشق ڪندو، دردناڪ چٺيون لکندو يا وري دريءَ جي اشارن وارو ديدار ڪندو آهي. Middle class morality وارا عاشق ائين ئي هوندا آهن. اخلاقي جرئت ايتري به ڪانه جو بنگلي جي چوڪيدار کان لالان جي سڌي پڇا ڪري. کانئس اڻ سڌي طرح ٿو پڇا ڪري ته، ’ماسي جنان سان ٻي ڪير هئي؟‘ ۽ کيس گهربل جواب ملي ٿو، ’سائين لالان، سندس ڌيءَ.‘

’ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن‘ ڪهاڻيءَ ۾ سندس اخلاقي جرئت جو فقدان کيس ولئن بڻائي ٿو ڇڏي. ولئن به بديءَ جي قوتن وارو نه پر ڊپ ۽ خوف جهڙو نٻل ۽ سازشي. هو وڏي چالاڪيءَ سان پنهنجي دوست عاشق ۽ سندس گرل فرينڊ ۾ اختلاف پئدا ڪري پاڻ ان کي حاصل ٿو ڪري. ڪوڙي انسان پرستي، غريبن سان همدردي ڪري ۽ پنهنجي همدرديءَ مان مزو وٺي پنهنجي انا کي تسڪين ٿو ڏي. هن کي mother fixation آهي. هو جڏهن لالان جا چپ چمڻ جي ٿو ڪري جن تي ڪهاڻيءَ جي هيرو جي ماءُ جي لپ اسٽڪ لڳل آهي ته سندس مدر فڪسيشن ڪراهت ۾ بدلجي ٿي وڃي. ان فڪسيشن جي ڪري هو ساري زندگي شادي نٿو ڪري. ڦلان جي جوان جماڻ ڌي شانان کان وڌيڪ هن لاءِ کانئس ٻيڻ تي وڏي عمر واري ڦلان جي ياد آهي، ايئن لڳم ته ڦلان ڀاڪر ۾ ڀري مٺيون پئي ڏئي. مان وري ڦلان جي موهه ۾ پئجي ويس.هي پل ڄڻ ورهيه هئا. شانان ڪوهه پري هئي.“

ڪو زمانو هو جو ادب ۾ اميرن جي اَجاره داري هئي. اميرن جي زندگي جا ناول ۽ ڪهاڻيون لکيا ويندا هئا. ٽريجڊي ڊرامن جا هيروز ته هوندا ئي بادشاهه ۽ جرنيل هئا، جيڪي سماجي بلنديءَ تان پستيءَ ۾ ڪرندا هئا ۽ سندن زوال مان ٽريجڪ تاثر پيدا ڪيو ويندو هو. پر پوءِ آهستيءَ آهستيءَ عام ماڻهوءَ به ناولن، ڪهاڻين ۽ ٽريجڊي ڊرامن ۾ جاءِ والارڻ شروع ڪئي ۽ هيرو سان گڏ اينٽي هيرو جا ڪردار به پيش ٿيڻ لڳا. ادب جيڪڏهن زندگيءَ جو آئينيدار آهي ته پوءِ زندگيءَ کي خوبصورت ۽ آدرشي بڻائي پيش ڪرڻ جي بدران جيئن جو تيئن ڇونه پيش ڪيو وڃي. ٽريجڊي ڊرامي جيڪڏهن هن ڪائنات ۾ ماڻهوءَ جي مقام ۽ ڪردار، سندس عروج ۽ زوال، اهنجن، ايذائن جو عڪاس آهي ته پوءِ بادشاهن ۽ جرنيلن جا ڊراما ڇو لکيا وڃن، عام ماڻهوءَ جا ڊراما ڇونه لکيا وڃن؟ ايئن ادب ۾ ريئلزم جي تحريڪ شروع ٿي ۽ هڪڙي نقاد ته حقيقت نگاريءَ جو نالو ئي slices of life رکيو.

حميد جون ڪهاڻيون به ادب ۾ حقيقت نگاريءَ واريءَ روايت جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ اينٽي هيروز به آهن ته اينٽي هيروئنز به. اهو زندگيءَ کي جيئن جو تيئن ڪرڻ جي ڪري ئي آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڪردار اسان کي ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل ٿا لڳن ۽ ڪهاڻين جا واقعا به اڻ ڏٺل ۽ اوپرا نٿا لڳن. شمن باغائي جي ڀيڻ ۽ سوٽ حويليءَ ۾ پرڻيل آهن. اهو انهن سان رڳو ڏيوڍي ۾ ملي ٿي سگهيو. ڏيوڍيءَ جي چائنٺ ٽپي نٿو سگهي. امير گهراڻي جا مائٽ ڇوڪرا ساڻس چرچا ڀوڳ ۽ چٿرون پيا ڪن، ڪرڪيٽ ۽ اٽي ڏڪر راند ۾ پيا کيس ڊوڙائن ۽ هو انهن ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه پيو سهي ۽ ڪري.

’پل جو موهه‘ جي ڦلان جي ننڍي هوندي جي شادي. پهريون مڙس گلو ڌاڙي ۾ ٻڌو ته پوليس گولي هڻي پورو ڪيس. ٻئي مڙس کان رئيس طلاق ڏياري ساڻس شادي ڪئي. جوان زال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪيمن جي بلي ٿيو جن کيس ڪشتا کارائي اڌرنگ ڏيئي ڇڏيو. مئو ته ڦلان کي سندس ملڪيت مان حق نه مليو. اهي واقعا روز پيا اسان جي اڳيان ٿين.

ريئلزم جي روايت ۾ لکيل حميد جي ڪهاڻين مان، ’هي زهر ڪير ته پيئندو‘ بي رحم حقيقت نگاري واري ڪهاڻي آهي. استاد شفيع محمد ريٽائرڊ هيڊماستر ٽن جوان ڌيئن جو پيءُ، پٽ کريل، ڌيئن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ گهرجون ڀتيون جهريل. مٿي تي ڦندڻ واري ترڪي ٽوپي، هٿ ۾ مٺئي وارو لڪڻ. ڪيڏو نه عزتدار ٿو لڳي. بازار مان لنگهي ٿو ته سڀ کيس سلام ٿا ڪن. پر پوءِ وچ بازا ۾ بڪالي ۽ هندو بجاج کانئس اوڌر گهرڻ لاءِ ڦري ٿا اچن. هو سندن اوڌر ڪيئن لاهي. هي anti-people معاشرو کيس وفاداري ۽ عزت سان جيئڻ جو حق به نٿو ڏي. سندس پينشن جا ڪاغذ نٿا ٺهن، جو ڏيتي ليتي کان سواءِ هتي ڪنهن جو ڪم نه ٿيندو آهي. اوستو غفور کيس ٻڌائي ٿو ته سندس پٽ هيروئن وڪڻندو آهي. ويڻن جا وَڍَ کائيندو هو اسڪول ۾ ٿو اچي ته استاد ڪلاس وٺڻ جي بدران ٻيڙيون پيا پيئن، شاگرد به دونهان پيا ڪڍن، هيڊماستر به آفيس ۾ ٻيڙي پيو ڇڪي. هي سڀ ڪجهه هن لاءِ ناقابل برداشت آهي. ۽ هو پاڻ به ان نئين صورتحال لاءِ ناقابل برداشت آهي. ساري صورتحال سندس خلاف ٿي وڃي ٿي. هو وساري ويٺو آهي ته هو هاڻي ڪنهن کي علم جي عبادت گاهه جي تقدس کي پامال ڪرڻ کان جهلڻ جي حيثيت ۾ نه آهي. سندس ذلت جي انتها ان وقت ٿي ٿئي جڏهن سندس پٽ آبڪاري وارن کان ڀڄندي هيروئن جا ٻه پڙا سندس کيسي ۾ ٿو وجهي ۽ پوءِ کيس نوٽن جومچو ٿو ملي. هو نوٽن جو مچو باهه ۾ وجهي ٿو ۽ لفافي ۾ پيل هيروئن جون ساريون پڙيون پاڻيءَ جي جڳ ۾ ملائي پي ٿو ڇڏي. هي زهر نيٺ ڪنهن کي ته پيئڻو هو، جيڪو استاد شفيع پاڻ ئي پي ڇڏيو. زهر شو ديوتا به پيتو هو.هن سمنڊ ولوڙي امرت ۽ زهر ڪڍيو هو. امرت هن دنيا کي ڏنو ۽ زهر پاڻ پي ويو. زهر پيئڻ جي ڪري هن جي ساري ڳچي نيري ٿي وئي، ان ڪري نيل ڪنٺ يعنيٰ نيري ڳچي وارو سڏبو آهي. زهر جو رڳو هڪڙو ڦڙو سندس چپن مان تِرڪي زمين تي ڪريو هو. دنيا ۾ هي ساري ڪاوڙ، ڪروڌ، نفرت ۽ حسد ان هڪڙي ڦڙي جي ڪري آهي. پر استاد شفيع جي زهر پيئڻ سان نه سندس نياڻين جا انگ ٿا ڍڪجن.، نه سندس پٽ سڌري ٿو، نه سندس پينشن جا ڪاغذ ٿا ٺهن ۽ نه هيروئن جو ڪاروبار بند ٿو ٿئي. ڇا هيءَ عام انسان جي ڪهاڻي، سماجي بلندين تان پستين ۾ ڪرندڙ ڪنهن بادشاهه يا جرنيلن جي زوال ۽ سندس اذيتن ۽ ايذائن واري ٽريجڊي ڊرامي کان ڪنهن به طرح ڪو گهٽ ٽريجڊي ڊرامون ناهي.

ڪراچي

16 مارچ 2002ع

حميد سنڌي: هڪ شارح طور

هيروٺڪر

 

حميد سنڌي هونئن ته سنڌي ادب ۾ هڪ مقبول ڪهاڻيڪار طور ڄاتل سڃاتل آهي ۽ سندس شمار موجوده دور جي پهرئين صف جي ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو. ’روح رهاڻ‘ جي حوالي سان ۽ تعليمي حلقي ۾ پنهنجن مثالي ڪاوشن سببن هن جي نالي کي هڪ ڪامياب ايڊيٽر ۽ بهترين تعليمي ماهر ۽ تعليمدان طور پڻ مڃتا حاصل آهي، پر ’آري اچين شال....‘ ۽ سندس طرفان متب ڪيل ’سر ڪارايل‘ ۾ آيل سندس تحريرون، حميد سنڌي کي اسان اڳيان هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪن ٿيون. انهن ۾ اسين هن کي شاه ۽ سچل جي هڪ نئين نرالي شارح طور ڏسون ٿا.

شاه، سچل ۽ سامي سنڌي ادب ۽ ثقافت جو هڪ اٽوٽ انگ آهن، جن تي سنڌيءَ جي اڪثر وڏن عالمن ۽ اديبن علمي، تحقيقي ۽ تشريحي مقالا لکيا آهن. حميد آهي ڪهاڻيڪار، پر هن اسان جي سدا حيات شاعرن جي لافاني فڪر ۽ فهم مان ڪِن نقطن کي کڻي، انهن جي جنهن طرح شرح ۽ وضاحت ڪئي آهي، سا ڳالهه ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. هتي حميد اسان کي هڪ اؤر رنگ ۾ نظر اچي ٿو.

علمي لکڻيون اڪثر تحقيقي فطرت جون ۽ خشڪ ٿينديون آهن، پر حميد جهڙي ڪهاڻيڪار ۽ فنڪار طرفان اهڙين ڪاوشن ۾ هٿ وجهڻ سان اُنهن کي جيڪي تخليقي ۽ فنڪارانه سمتون مليون آهن، تن سان اُنَ صنف جو رنگ ئي نيارو ٿي پيو آهي.

’آري اچين شال‘ ۾ شامل حميد جا سچل سائينءَ تي اهي مقالا تاثراتي ۽ تحقيقي لِکڻيءَ جو هِڪ انوکو ميلُ آهن. هِتي حميد سچل سائينءَ جي شعر کي نوان زاويه ڏيندو، اُن کي نئين نُڪته نظر سان پيش ڪندو نظر اچي ٿو. سندس انوکي اسلوب اِن ڪاوش کي منڊيءَ تي ٽِڪ جهڙو زيب بخشي ٿي.

حميد جون اِهي تاثراتي، تحقيقي لکڻيون، قديم جي، جديد حوالن

سان تشريح آهن. انسان هر زماني ۾ ۽ هر ماڳ مقام تي پنهنجي سونهن ۽ سُڳنڌ برقرار رکندو اچي، سو اسان جي پراڻن شاعرن جي سونهن ۽ سُڳنڌ اڄ به ڪيئن برقرار آهي، اِهو اسان کي حميد جي انهن تشريحي لکڻين ذريعي محسوس ٿئي ٿو. هو جڏهن سچل جي ڪا سٽ کڻي، اُن تي پنهنجا تاثرات ڏئي ٿو ته اِئين پيو لڳي ته ڄڻ ڪالهه شام وارو اُلهيل سِج، اڄُ جي پِرهه جون باکون بڻجي وري روشن ٿي پيو آهي.

سنڌ جي هر باشعور اديب جو اُنس سنڌ سان جُڙيل آهي. پر حميد جو سنڌ سان پيچ ڪجهه وڌيڪ ئي پختو آهي. سندس تاثرات پڙهي ائين پيو لڳي گويا صدين کان سفر ڪري ٿڪجي آيل سنڌ جو ماضي، اُن جي گوندر، گهاريندڙ حال سان ڀاڪر پائي اچي گڏيو آهي ۽ ٻيئي ڄڻ ته ور ور هِڪ ٻئي سان گلي لڳي، اُن مهان ڌرتيءَ جي عظمت ۽ اُن جي موجوده حالت جون هِڪ ٻئي سان اورون پيا اورين...

 

حميد سنڌي: روح رهاڻ

رشيد ڀٽي

 

سياسي دانشورن جي سياسي ادب ۽ ترقي پسند اديبن جي تخليقي ادب جو سنڌ جي ذهن ۾، ٿوري عرصي ۾ انقلاب، سجاڳي ۽ ساڃهه آندي، تنهنجو مثال دنيا جي ادب جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. ان ساري عمل ۾ ’روح رهاڻ‘ جو ڪردار نيارو، نمايان ۽ نه مٽجندڙ آهي. ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي ڀرپور اظهار جو وسيلو رڳو ’روح رهاڻ‘ ٿي وڃي بچيو هيو. مارشلا سبب انساني بنيادي حق (جنهن ۾ تقرير ۽ تحرير جي آزادي به آهي) معطل ڪيا ويا هيا. بدنام پريس ۽ پبليڪيشن آرڊيننس سبب (تخليق) پريسن ۾ پر ڪٽيل پکي ٿي پئي هئي، ان ڪري ’مهراڻ‘ ٽماهي، ’نئين زندگي‘ ۽ ترقي پسندن جون حمايتي روزانيون اخبارون پوءِ، احتياط ۽ پابندين هيٺ اچي ويون. ’ادا‘ ۽ ’تقاضا‘ نڪرڻ بند ٿي چڪا هيا. ان گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ هڪ سر ڦرئي نوجوان چئن يارن سان گڏجي حيدرآباد ۾ زندگي پبليڪيشن جو بنياد رکيو ۽ ان جي سهاري هيٺ ماهوار ادبي رسالي ’روح رهاڻ‘ جو 1960ع ۾ اجراءَ ڪيو. اهو سر ڦريو، جوشيلو جوان هيو حميد سنڌي، اڄ جو سنڌيءَ جو مشهور ۽ نامور ڪهاڻيڪار، ۽ سندس ساٿ ڏيڻ وارا هيا غياث جوڻيجو، جمال رند، ناصر مورائي، قاضي اشفاق ۽ خواجه سليم، جن ڏکيا سکيا ڏينهن ڪٽي، پيٽ تي پٽيون ٻڌي، هن ترقي پسند ادبي رسالي کي مثالي انداز ۽ نموني هلايو. سندن اخلاقي ۽ ڪي قدر مالي معاون هئي. مرحوم بيگم زينت عبدالله چنا. ستت ئي هيءَ رسالو سنڌ جي ترقي پسند ۽ وطن دوست اديبن جو اڪيلو ۽ بي باڪ ترجمان ٿي پيو. رسالو نه رڳو سنڌي ادب ۾ نمايان ۽ اهم موڙ جي علامت ٿي پيو، پر پنهنجي جاءِ تي هڪ ادارو ۽ تحريڪ ٿي پيو. ترقي پسند تحريڪ ۽ روح رهاڻ هڪ شيءِ جا ٻه نالا هيا. هي رسالو اپريل مهيني ۾ شروع ٿيو. جلد ئي هر سال ان مهيني (اپريل) ۾ حيدرآباد ۾ رسالي جو ساليانو ’جشن روح رهاڻ‘ ملهائجڻ لڳو. هي جشن سنڌ ۾ قومي ميلي جي حيثيت وٺي ويو. سچي سنڌ جا ترقي پسند ۽ وطن دوست انقلابي اديب، شاعر ۽ دانشور حيدرآباد اچي ميڙ ڪندا هيا. شاگرد ۽ وچولو طبقو ٻارين ٻچين جشن ۾ ائين اچي شريڪ ٿيندو هيو، ڄڻ ته ڪو الاهي فرض بجا آڻيندا هجن. صبح چانهه ۽ رات مانيءَ جي وقفي (جن جو به پنڊال يا ميڙي جي جڳهه تي بندوبست هوندو هيو) صبح جو باک ڦٽي تائين هلندو هيو. مقالن، تقريرن، ڪهاڻيءَ جي نشستن کان سواءِ، هن جشن جا دلچسپ ۽ روح پرور ۽ ايمان پختو ڪندڙ پروگرام هوندا هيا. مشاعرو ۽ راڳ رنگ جي محفل، شاعري ترقي پسند لاڙن، وطن دوست انقلابي هلچل ۽ قوم پرستيءَ جي خيالن ۽ جذبن سان ايترو ته سرشار هوندي هئي جو مشاعري جو هال ۽ پوءِ حيدرآباد جي شهر ۽ ساري سنڌ ۾ ان جي گونج ٻڌبي هئي. انهن مشاعرن ۽ جشن ۾ ’جيئي سنڌ‘ ۽ ’سنڌ جو آواز- شيخ اياز‘ جا نعرا اٿيا ۽ پکڙيا، راڳ ۾ اڪثر، نوي سيڪڙو جديد شاعرن جو قومي جهدوجهد جي موضوع وارو شعر ڳايو ويندو هيو. ان ۾ ڌُنن تيار ڪرڻ ۾ حيدرآباد جي ميوزيڪل ڪلب جي ماهرن عباسي برادران (نصر الله ۽ عنايت الله) جون خدمتون ۽ ڪاوشون نه وسارڻ جوڳيون آهن. قومي ڪلام جي ڳائڻ ۾ مادام زرينه بلوچ جنهن جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪندي هئي، تنهن کيس اُن وقت سنڌ جو اُم ڪلثوم جو لقب ڏئي ڇڏيو هيو. جديد ۽ قومي شاعري جي ڳائڻ جي شروعات به ان جشن روح رهاڻ کان ئي ٿي. فقير عبدالغفور ۽ علڻ فقير به قومي جديد شاعري ڳائڻ ۾ حصو ورتو. ان روح رهاڻ ۽ سندس ساليانن جشنن ئي سنڌ جي قومي سگهه شاگرد ۽ پڙهيل ڳڙهيل وچولي طبقي کي تعليم ۽ تربيت ڏئي قوم پرست وطن دوست انقلابي تنظيم لاءِ همٿايو ۽ اٿاري هڪ تحريڪ ۽ هلچل بڻائي ڇڏيو.

 

سڀني جو يار ۽ سڀني جو همدرد

پروانو ڀٽي

 

سال 1956ع جي ڳالهه آهي. هڪ نوجوان ادبي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن افسانو يا خاڪو پڙهڻ لاءِ کڻي ايندو هو. نماڻو ۽ سلڇڻي سڀاءُ وارو هي نوجوان ڪچهري ۾ ويٺل دوستن جو هميشه پيارو رهيو. اتفاق سان اگر ڪنهن رهاڻ ۾ نه ايندو هو ته مولانا غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، مولانا محمد عثمان ڏيپلائي جهڙا بزرگ اديب به کيس ياد ڪندا هئا. اهو نوجوان سنڌي افساني ۾ مسلسل تجربا ڪندو اڳتي وڌندو رهيو ۽ اڄ سنڌي افسانه نگارن ۾ سندس نالو سرفهرست آهي ۽ اهو آهي ڪالهه جو نوجوان اديب ۽ اڄ جو دانشور، تعليمي ماهر، يارن جو يار، سڀني جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد محترم حميد سنڌي، جنهن جي وڌيڪ تعارف لاءِ آءٌ ڪهڙا لفظ لکي سگهان ٿو. حميد سنڌي اڄ اسان جي اديبن ۾ انهيءَ معيار تي بيٺو آهي، جتي رَسڻ لاءِ هر شخص کي ڏاڍي محنت ڪرڻي پوي ٿي.

1950ع کان 1970ع تائين جڏهن جمال ابڙو، سائين داد سولنگي، ڪروڙ پتي، علي احمد بروهي، اياز قادري، شيخ اياز، ع. ق شيخ، غلام رباني آگرو، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، غلام نبي مغل، ثميره ذرين، زينت عبدالله چنه، رشيده حجاب، ماهتاب محبوب، عبدالغفور انصاري، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، نجم عباسي، شوڪت شورو، علي بابا ۽ ٻين افسانه نگارن جو نالو سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ وڏي اهميت رکندو هو، تڏهن انهيءَ دور ۾ حميد سنڌي به سنڌي افساني جو چمڪندڙ نالو هو.

حميد سنڌي کي سنڌي زبان جي خدمت ڪرڻ جو جنون آهي، سنڌي ادب جي ڦهلاءُ لاءِ، سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ويجهه واسطي، سنڌي ثقافت کي نمايان ڪرڻ، سنڌ ۾ ادبي سرگرمين کي تيز ۽ منظم ڪرڻ، هر تقريب ۾ حاضر رهڻ، پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري سنڌي رسالا ۽ ڪتاب شايع ڪرڻ، ’روح رهاڻ‘ جهڙي رسالي کي تحريڪ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ ۾ حميد سنڌي جو ڪردار نه وسارڻ جهڙو آهي. مون کي اهو فخر حاصل آهي ته 1956ع کان وٺي اڄ تائين اسين گڏ رهيا آهيون. هر محفل ۽ هر تقريب ۾ گهڻو ڪري اسان ٻنهي جي موجودگي ضروري سمجهي ويندي آهي.

حميد- يار جو يار آهي.

حميد- سڀني دوستن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندڙ هڪ اهڙو قرب دار انسان آهي، جو ڪڏهن ته پنهنجي ذاتي زندگي جي اهم پروگرامن کي به ملتوي ڪري ڇڏيندو آهي.

بهرحال- اڄ جي هن ڪشمڪش واري دور ۾ حميد سنڌي موجوده وقت ۾ سنڌ اندر هڪ اهڙو روشن چراغ آهي، جنهن جي لاٽ سان سنڌ جا ادبي ۽ تعليمي ادارا، درسگاهون ۽ ادبي محفلون روشن آهن.

 

خوشبوءِ بڻجي موٽجانءِ

لڇمڻ ڪومل

 

اڄ کان اٺ ڏهه سال اڳ جو ذڪر آهي.

سياري جي هڪ سرهاڻ ڀريل صبح جو مان سنڌ مان شايع ٿيندڙ رسالي ’روح رهاڻ‘ جا سڀ پڙهيل پرچا سهيڙي رهيو هوس، جو فون جي گهنٽي وڳي. ڪنهن ڳري آواز ۾ چيو:

’سائين لڇمڻ ڪومل آهي؟‘

’اڃا ته آهي ۽ توهان سان ڳالهائي رهيو آهي.‘

’شل سدائين هجين- مان حميد سنڌي ڳالهائي رهيو آهيان.‘

’ڪهڙو حميد سنڌي؟ روح رهاڻ جو ايڊيٽر حميد سنڌي يا سنڌيءَ جو معروف ڪهاڻي نويس حميد سنڌي؟‘

’يار، مان اهو ئي Two-in-one حميد سنڌي آهيان.‘

۽ فون تي ئي هڪ نئين روح رهاڻ شروع ٿي ويئي. يارن، دلبرن، پريتوانن، محبوبن ۽ معشوقن جا پيار ڀريا پيغام. ڪن جي خوشين ۽ خوشحالين جا من کي آٿت ڏيندڙ احوال ته ڪن جي وڇوڙن ۽ دکن جا دل ڏاريندڙ داستان.

’ڪونج‘ جو ايڊيٽر هري موٽواڻي وڏو ادبي دهشت گرد ۽ دادا گير آهي. دهليءَ ۾ رٿيل سنڌي اڪادميءَ جي سيمينار ۾ ڪن ڪلاڪن لاءِ مليو آهي ۽ چهبوڪ جهلي مون تي حڪم صادر ڪيو اٿائين ته ڪنڊ پاسيرو ويهي حميد سنڌيءَ تي هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه صفحا لکي ڏي. پرچو سڄو تيار آهي. تنهنجو صفحو به وچ ۾ چنبڙائيندس. ۽ مان هن جي نادر شاهي حڪم جي تعميل ڪندي، يادگيري جي ڳڙکيءَ مان ليئا پائي، پنهنجي دلبر دوست حميد سنڌي تي هي سٽون رهڙي رهيو آهيان.

ها، سو مون ڳالهه پئي ڪئي ’ٽو- ان- ون‘ حميد سنڌيءَ جي. حميد چيو

’اڄ شام جو اوبيراءَ انٽر ڪانٽينٽل ۾ سارڪ ملڪن جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي گڏجاڻي آهي. ’مون کي اتي ملجانءِ‘. چيومانس: ’حميد، اتفاق سان انهيءَ ئي جڳهه تي، انهيءَ ئي وقت مون کي به هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اچڻو آهي. تون مون کي ستين وڳي اوبيراءِ جي لابيءَ ۾ ملجانءِ،‘

هوٽل جي هال مان هڪ هجوم ٻاهر نڪتو. هڪ سهڻو، ٺاهوڪو، قداور ۽ خوش پوش شخص هجوم ۾ پنهنجي جدا شخصيت ۽ سڃاڻپ سان چيتي واريءَ چال ۽ ڦڙتيءَ سان وڌي رهيو هئو. مون نه نالو، نه ڏس، نه پتو نه پار پڇيو ۽ سڀني صفن کي سلام ڪري، هڪ ئي اسم ’حميد‘ پڪاري هن جي ڀاڪر ۾ ڀرجي ويس. اوبيراءِ کان ٻاهر نڪري سڌو گهر جو رخ ڪيوسين.

ان شام حميد منهنجي ميڪدي ۾ هئو. گوپيءَ سان سنڌي رسم موجب ڀاڪر پائي مليو. ٻارن کي مٿي تي هٿ رکي آسيسون ڪيائين. پنهنجن ٽهڪن ۽ وڻندڙ ڳالهين سان منهنجي گهر جي هر ڀاتيءَ جا چهرا ٻهڪائي سندن منهن سرها ڪري ڇڏيائين.

چيومانس، يار حميد پنهنجين موهيندڙ ڳالهين سان سڀني مٿان نشا ته ڇاڙهي ڇڏيئه. هاڻي اسان جي نشي جو به ڪجهه سوچ. دنيا جي ڪهڙيءَ به وسڪيءَ يا وائين جو نالو کڻ. پل ۾ گلاسن ۾ اوتجي ويندو. حميد نالو کڻي ان کان اڳ ئي ان برئنڊ جي بوتل ۽ گلاسن تي منهنجيءَ سگهڙ گهر واريءَ جو هٿ پهچي چڪو هو.

۽ پوءِ هئاسين حميد، مان ۽ وهسڪي ۽ رات دير تائين اسان جي روح رهاڻ. مون ڏٺو ته حميد سنڌي ’ٽو- ان- ون‘ نه پر سچ پچ ’ٿري- ان- ون‘ آهي.

سنڌ مان ايندڙ اسانجا اڪثر دوست بمبئيءَ ۾ هري موٽواڻي ۽ دهليءَ ۾ مون کي زنده يا مرده ڳولهي لهندا آهن. هري کين گهڻو ڪري ڪنهن بار ۾ وٺي ويندو آهي ۽ مان هنن لاءِ پنهنجي ذاتي بار کولي ڇڏيندو آهيان. انهن دوستن ۾ گهڻوتڻو دلبر ۽ قربدار هوندا آهن. پر ڪڏهن بدقسمتيءَ سان ڪن اهڙن سان به واسطو پيو آهي، جن جي حالت ڏسي مٿن انوريءَ جي هيءَ رباعي صادق ٿئي ٿي:

هر بلائه ڪ از آسمان مي آيد

گرچ برديگران قضا باشد،

بر زمين نارسيده سي پُرسد،

خانه انوري ڪجا باشد.

حالانڪ مون سان اهڙي واردات ورلي ٿي آهي، پر ٿي ضرور آهي. ان بابت وڌيڪ بيان نه ڪجي ته بهتر.

بهرحال، منهنجو دوست حميد مون لاءِ ۽ منهنجي گهر جي ڀاتين لاءِ هڪ شام جي ڪچهريءَ ۾ ئي شام اوَڌ جهڙي سونهن ۽ سُرهاڻ کڻي آيو.

مون ٽوپيءَ مان خرگوش ڪڍندو ڪيترن ئي جادوگرن کي ڏٺو آهي، پر ڪنهن به جادوگر کي خرگوش مان ٽوپي ڪڍندي نه ڏٺي آهي ۽ حميد سنڌيءَ جي هڪ شام جي جادوگريءَ ۾ مون ۽ منهنجي گهر جي ڀاتين هن کي خرگوش مان الائي ڪهڙن ڪهڙن رنگن جون ٽوپيون ڪڍندي ڏنو. اهي رنگ اڄ به منهنجي گهر جي درن ديوارين تي چمڪي رهيا آهن ۽ مان سوچيندو آهيان.

يار حميد، اسان ته هڻي هڻي حسن جو هي انداز هٿ ڪيو. توکي ته هي حسن گهر ويٺي ويٺي ملي ويو آهي.

حميد، تنهنجي ادب تي ته لکندڙن جي هڪ وڏي لانڍ آهي. مان تنهنجي ادب تي ڇا لکندس؟ ڪڏهن ڪجهه لکي سگهڻ جي سگهه ساري سگهيس ته رڳو امر جليل جهڙي راڪاس تي ئي لکندس. تو جهڙي اشراف اديب تي ڪجهه به لکڻ جي مون وٽ جريت ۽ جسارت ڪٿي؟

ٻئي صبح جو مان حميد کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ وڃي رهيو آهيان. منهنجو ڊرائيور اقبال شايد اڃا تائين راتوڪي خمار ۾ آهي. هو دهلي- جئپور هاءِ وي تي پوريءَ رفتار سان گاڏي ڊوڙائي رهيو آهي. ايئرپورٽ ڪيئي ڪلوميٽر پوئتي رهجي ويو آهي. اوچتو اسين ڳالهين مان سجاڳ ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاريون ٿا.

’اقبال ڪيڏانهن هلي رهيو آهين؟‘ اقبال اوچتو بريڪ ڏيئي گاڏي پوئتي موٽائي ٿو. ايئرپورٽ تي پهچي حميد ڊوڙڻ ٿو لڳي. الائي هن اُن جهاز کي جهليو يا نه- يا شايد ٻئي جهاز جي انتظار ۾ ايئرپورٽ تي ئي ويٺو رهيو.

۽ مان ٻاهر بيٺو سوچي رهيو آهيان: اقبال گاڏي پوئتي ڇو موٽائي؟ حميد ۽ مان هلندا هلون هان- هلندا هلون هان- جتي حد بيحد جي ڪا سرحد نه هجي ها.

 

حميد سنڌي: هڪ سچو فنڪار

مراد علي مرزا

 

سنڌي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌيءَ کي اهم حيثيت ان ڪري به حاصل آهي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجن سهيوڳي ساٿين ۾ اڪيلو ليکڪ آهي جيڪو لاڳيتو پنهنجي پسند جي ادبي صنف افساني ۾ پنهنجن تخليقن جي ذريعي واڌارو ڪندو رهي ٿو. هن وقت تائين هن جي افسانن جا پنج مجموعا ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪن مجموعن کي ته ٻيهر ڇپايو ويو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي پڙهندڙ طبقي ۾ هن جي افسانن کي ڪيتري نه مقبوليت حاصل آهي. ان مقبوليت جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. پر اصل سبب ان جو اهو آهي ته حميد سنڌي جي افسانن جو ماحول اوپرو ڪونهي، هن جا ڪردار ڄاتل سڃاتل آهن، هن جا بيان ڪيل واقعا جُڙتو ڪونهن ۽ هن جو اسلوب يا طرز تحرير وروڪڙ واري ۽ منجهيل ڪونهي. هو سولي، سادي ۽ چالو ٻوليءَ ۾ واقعا بيان ڪري ٿو، ڪردارن جي پڙهندڙن سان سڃاڻپ ڪرائي ٿو ۽ ماحول جي وڏي هنرمنديءَ ۽ ڪاريگريءَ سان چٽسالي ڪري ٿو. اهو ماحول وچولي سنڌ جو آهي ۽ اهي ڪردار اتي جا چڱا مڙس سيٺيون، پورهيت، دڪاندار، پرايو مال تڳائيندڙ، عام مرد، عورتون ۽ ٻار آهن. انهن افسانن ۾ ڇيرن جا ڇمڪا، گهنگهرن جا آواز ۽ هرڻين جا ڇال ڏسجن ٿا. انهن ۾ ڪنهن ڪنهن وقت اتي جا وڻ ۽ ٻوٽا به پڙهندڙن سان ڳالهيون ڪندا ڏسجن ٿا. وچولي سنڌ جي عام ماڻهن جي اُٿڻي ويهڻي، ڏيتي ليتي، ڏکن سکن ۽ ريتن رسمن کي حميد سنڌي پنهنجن افسانن جي تاڃي پيٽي ۾ اهڙي ته هنرمنديءَ سان اُڻيو آهي جو انهن جي اصليت کي ڦيرائڻ ممڪن ئي نه ٿي سگهندو. ترجمي جي صورت ۾ به انهن جي سنڌيت قائم ۽ دائم رهندي. اصل ۾ حميد سنڌي هڪ سوچيندڙ ذهن جو مالڪ آهي ۽ ان جو ڪمال اهو آهي ته اهڙو سوچيندڙ ذهن حيرت جهڙن واقعن ۽ حادثن کي پنهنجي اندر ۾ پوريءَ طرح سان جذب ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ضرورت وقت انهن جو ڏاڍي فنڪاريءَ سان ورجاءُ ڪندو آهي؛ اهو حيرتن کي وڃائي نه ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته حيرتن جو وڃائجي وڃڻ زندگيءَ جو هڪ ڏاڍو ولوڙيندڙ حادثو هوندو آهي. حيرتن کي رڳو هڪ سچو فن ٻيهر جياري سگهي ٿو. حميد سنڌي هڪ سچو فنڪار آهي، هن وٽ سچو فن آهي، هن پنهنجي ماحول، وچولي سنڌ جي واقعن، ڪردارن ۽ ماحول جي حيرتن کي گم ٿي وڃڻ کان بچائي ورتو آهي ۽ پنهنجن افسانن ۾ انهن کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي.

 

حميد ڪاريگر ڪهاڻيڪار

علي احمد بروهي

 

حميد سنڌي ڪهاڻيءَ جو استاد ڪاريگر آهي، خاص طور ڪهاڻيءَ جي گهڙائيءَ ۽ جڙائيءَ جو. خيال جي اُڏام ۽ اکرن جي اُڻت به پنهنجي ڏانوَ جي اٿس. ڪهاڻين جا پلاٽ به سڀئي سهڻا ۽ سيبتا، الائجي سونجهڙن جيان ڪٿان ٿو ڳولي ڪڍي. هونئن به ’ناسا نوس‘ جي مڙو ئي پراڻي عادتڙي اٿس. اڪثر چمڙا پوش ڪري نڪرندو آهي، هن بهاني ته ’وڃان ٿو واءُ سواءُ لهڻ‘- ڄڻ ته حميد سنڌي نه هيو پر اوڏيءَ مهل هو ’خليفو هارون الرشيد‘ هيو.

پلاٽ جو خاڪو ذهن ۾ آيس ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته ڪهاڻي اجهو آئي ڪ آئي. آکاڻيءَ جي الله توهار به اوچتي ۽ اُمالڪ ڪندو. بجاءَ ان جي، جو قصي جي شروعات ڌيرج ۽ پيار سان ڪري يا واقعي متعلق مهل، موقعي يا ماحول جي پچار ڪري- جئن اڳ عام دستور هوندو هيو نه ”هڪ هيو بادشاهه ۽ بادشاهه پاڻ الله هيو، پر هو زماني جو بادشاهه هيو،“ وغيره، بلڪل نه، هي همراهه سڌو سنواٽو وڃيو هر ڳالهه جي ڳاٽي تي ڪڙڪي، ڄڻ ڪالهوڪيءَ ڳالهه جي ڪڙي آهي، جا رات کُٽڻ ڪري اڌوري رهجي ويل هئي. اهو ”ڳالهه ۾ ڳالهه“ وارو داستان گوئيءَ جو انوکو طريقو اصل ۾ ايجاد ته ڪيو هو ”الف ليلا“ واري ”شهرزاد،“ ۽ هاڻوڪي رنگ جو حميد سنڌيءَ.

ڪهاڻيءَ جي اڏاوت به ڪچي ۽ ڪکائين. اوڏڪي اسٽائيل. نه چٽسالي نه ڪمانگري. سادي سليمي. ڪچو مال نه پسگردائيءَ وارو. ڀنجو، گارو، پنڃر ۽ ٽوئا، سڀ ديسي. ولائتي مال نه وٺي، نه وڪڻي، نه ڪتب آڻي. پر عمارت جي اوساري ڏسڻ جهڙي، سراپا سادگي ۽ سونهن، جهڙي مومل جي ماڙي. سندس فن تعمير جي ڄاڻ شاهجهان بادشاهه کي هجي ها ته هوند تاج محل جي ٽڪساد اڏڻ بجاءِ حميد سنڌيءَ کي سڏي راڻيءَ جي ڪهاڻي لکرائي ها. جي حميد تاج محل جهڙو ممتاز محل نه به اڏي ها، ته به لافاني يادگار ضرور کڙو ڪري ها.

مون عمر ڀر ڪهاڻيو ٻڌيون ۽ پڙهيون، پر بادشاهن ۽ راڻين جون، پرين ۽ پريزادن جون، جن جو تصور توڻي تاثر طراوت ڏيندڙ هيو. پر حميد وٽ الٽي گنگا وهندڙ هئي. سڀ ڳالهيون هيون سڃن سکڻن ۽ ڀينگين جون، بک ڏک ۽ بيوسيءَ جون، وڇوڙن ۽ ورلاپن جون، ڇورن ٻارن ۽ چرين مائين جون. ڪهاڻيون پڙهي، پوءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو وت. ڳالهه ٿي يا جٺ. ان کان ته ماڻهو سنئون سنواڏو امامن جي پڙ ۾ وڃي ڪو پٽڪو ڪري ته چڱو. گهٽ ۾ گهٽ امامن جي ياد جو ثواب ته ملندو. هن وانگر هنياءُ تي مونجهه ته نه ٿيندي. مان ”بابا منهنجو چوزو“ پڙهي، اُٻاڻڪو ٿي پيس. پورو ڏينهن ويڳاڻو رهيس-توڻي جو منهنجو نه چوزو هيو ۽ نه ڪڪڙ!

حميد جي ڪهاڻين پڙهندي هڪ قسم جي عجيب احساس جو به علم ٿئي ٿو، جو تاثر اڪثر هر ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ پيدا ٿئي ٿو. اهو آهي رکي رکي دل ۾ مٺي سور جي ٽاٽ جو اُڀرڻ. اهڙي ردعمل واري ڪيفيت صاف ڏيکاري ٿي ته ڪهاڻين ۾ درد جو ضرور ڪو مرچ مصالحو سمايل آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ليکڪ جي دل تي ڪا ڪاپاري چوٽ آيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها ضرب ڪنهن ننڍپڻ جي صدمي سبب رسيل هجيس. شايد اهوئي سبب آهي جو ”ياد، ٻاجهه ۽ خدا ترسي“ حميد جو ٽريڊ مارڪ آهي، جو ٺپو هر ڪهاڻيءَ مٿان لڳل ٿو ڏسجي. دراصل زندگيءَ جي روز مرهه واري ٽرئجڊي به اها ئي آهي، جنهن جا خاڪا حميد سنڌيءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“، ”پاڙي ناهه پروڙ“، ”جت جر وهي ٿو جال“- اِهي سڀ انساني احساس واري ڀرپور وهڪري جا واهه ۽ واهڙ آهن. ڪهاڻين پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ ليکڪ زندگيءَ جي ٻاٻرن ڍينگهرن تي ڪري، زخمي ٿي، تڙڦي رهيو هيو.

هڪ انگريزي ڪتاب ۾ ڪامياب ڪهاڻيءَ جون ڪجهه ڪسوٽيون بيان ٿيل پڙهيم، جي هن طور آهن: الف- انساني ڪردار جي اوچتي جهلڪ، جا وساريان نه وسري. ب- دنيا جو اُهو لقاءُ جنهن جو ڏيکاءُ ٻين جي اکين وسيلي حاصل ٿئي ت- سچ جو ڪو ترورو يا اولڙو. ث- وقت جي وهڪري جي جهٽ گهڙيءَ لاءِ بندش. ان لحاظ کان هن ڪتابڙي جو ڪاٿو وڏن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو، ڇو ته بنيادي ڳالهه آهي فڪر جي اهڙي اونهائي ۽ گهرائي، جنهن جو احساس هڪ اکر، جملي يا صفحي ۾ ادا ٿي سگهي جو هونئن عام رواجي طور پوري ڪتاب ۾ به اظهار ڪري نه سگهجي.

شخصي طور منهنجي ليکڪ سان چڱي خاصي شناسائي آهي. اها به

ان زماني کان، جڏهن ليکڪ اڃا لسوٽ هيو ۽ عام سنڌي محاوري مطابق

”چوزو“ هيو. هي دور سنڌ جي انهن نالي چڙهيل اديبن جي ناموس وارو هيو، جن جا نالا اڄ به پرو چانڊئي جيان هاڻ به ڳائجن ٿا ۽ هر محفل ۽ موقعي تي ورجائجن ٿا. پر سندن دڪان ڪڏهو ڪو بند ۽ ڪاروبار ڏيوالي ۾ وڃي چڪو آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ وٽن پنهنجو نه هيو سٽ ۽ نه ڪپهه، مورڳو ڌنڌو ئي ڪيل هيو اوڌر جي موڙيءَ تي. هاڻ بهانو اهو ٿا ڪن ته سندن ”آنٽ“ نه ٿي کلي. جو عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪهڙي قسم جو ليکڪ آهي جو پنهنجي اندر جي آڳ ٻاڦڻ کان ئي نابري واري. خير هينئر ڳالهه هئي حميد جي پر اسين وڃي پياسون ٻين جي گلا غيبت جي مامري! پرائي پچار جي عادت جو آهي!

سو سائين، حميد سنڌي اڄ به لکي پيو ۽ سندس آنٽ تپيل آهي، وٽس ڪوبه بهانو نه آهي.

مون کي هميشه ائين ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سندس شخصيت جي جسم ۾ به اسم سمايل هئا، جي جاڙا ڄاول ۽ ٻيلهه رهندي به هڪٻئي کان الڳ ۽ نرالا هئا. ٻنهي شخصيتن وچ ۾ زمين آسمان جو فرق هيو. انهن ۾ هڪ فارمل قسم جو سوٽيل بوٽيل معزز ماڻهو هيو، جنهن جي مڇن جي ڪٽ ائڪٽرن واري ۽ وڏين اکين کان ڏاهپ ٿي ٽپڪي. ڏاهو به اهو ڪانءُ، جو اڃا هڪ ٽنگو به ڦاٿو نه هيو. هي محترم هيو جناب عبدالحميد ميمڻ، پرنسيپال پبلڪ اسڪول حيدرآباد. ٻيو همراهه هيو حميد سنڌي. اڙي اهو اسان وارو حميد مولائي ۽ ملنگ ماڻهو. يارويچ ۽ سرويچ. منهنجي خيال ۾ته ولڻ وارو ڪردار حميد سنڌيءَ جي ڪنهن جوت جو عڪس هجي، ته به شڪ نه آهي. عجب هي آهي جو سيٺ ۽ سنڌي هڪ ئي فلئٽ ۾ گذارو ڪيئن ٿا ڪن. شايد کين ڪا ته لاچاري هوندي. ڪا منزل جي مجبوري! جيئن چور ۽ چاڪي هڪ ئي دٻي ۾ سوار ٿي سفر ڪندا هجن. پر اها ”نباهه“ ڪرڻ واري شاباس ڪنهن کي ڏيون- عبدالحميد ميمڻ کي، يا حميد سنڌيءَ کي؟ منهنجي خيال ۾ ’جس‘ ٻنهي کي آهي، اڃا به عبدالحميد کي رتي ڀر سرس آهي، ڇاڪاڻ جو حميد سنڌي ته آهي ئي گولا جي گولن جا تن جو به غلام. نه ڪري انڪار ۽ نه تڪرار هميشه حڪم تنهنجو. اهڙي حال ۾ اها شابس استاد عبدالحميد لهڻي.

 

 

حميد: اڻٿڪ انسان

قمر شهباز

 

جهڙيءَ ريت ادب جي مڪمل طور ٺهڪي ايندڙ تعريف ڪرڻ اوکو ڪم آهي. بلڪل ساڳئي طرح شاعريءَ توڙي افساني جون حدون مقرر ڪرڻ ممڪن ناهي. هرڪو پنهنجي سمجهه، ڄاڻ ۽ تجربي جي آڌار تي ويجهي ۾ ويجهي راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر اهڙي راءِ جا هر طرح اطمينان جوڳي هجي، سا اڃان تائين قائم ٿي نه سگهي آهي ۽ شايد ڪڏهن ٿي به نه سگهي. اها پڻ حقيقت آهي ته ناول، ڊگهي مختصر ڪهاڻي، ڪهاڻي ۽ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ تفاوت جو تعين ڪرڻ به ڏکي ڳالهه آهي. اهو فيصلو ڪير ڪندو ته ناول تفاوت جو تعين ڪرڻ به ڏکي ڳالهه آهي. اهو فيصلو ڪير ڪندو ته ناول ناوليٽ جي درميان سنڌو ڪٿي ڪڍجي؟ ڪٿي پهرئين جي حد پوري ٿي ۽ ڪٿان ٻئي جي حد شروع ٿي؟ اهڙِيءَ طرح افسانو يا ڪهاڻي (Short Story) ڊيگهه ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان، ڪردارن ۽ واقعن جي لحاظ کان، ناول ۽ ڊگهي مختصر ڪهاڻيءَ کان ڪنهن نه ڪنهن ريت مختلف ضرور هئڻ گهرجي، پر ڪٿي ڪيئنءَ ۽ ڪهڙي انداز ۾، سا ڳالهه اڃان تائين پوريءَ ريت طئه ٿي نه سگهي آهي. فن جي ڪنهن به شاخ ۾ مهربند حد بنديون ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ان ڪري جو تخليقي ذهن ڪلا جي خاڪي ۾ اهي رنگ ٿو ڀري، جيڪي ڪنهن خاص وقت ڪن خاص حالتن ۾ کيس ڀلا ٿا لڳن. ائين کڻي چئجي ته فنڪار پنهنجي اندر ۾ سانڍيل سوچ جو چڱئي پر اظهار ڪرڻ لاءِ ماهرن توڙي نقادن جي مقرر ڪيل خيالي سرحدن جو محتاج ناهي. سرحدون هُو پاڻ جوڙي ٿو. ان عمل ۾ جيڪڏهن کيس ڪو ليڪو لتاڙڻو به پوي ٿو ته هُو بنان جهل پل ائين ڪري گذري ٿو. پوءِ اها توهان جي مرضي آهي ته ان تخليق کي ڪهڙي خاني ۾ ٿا وجهو. ٿلهي ليکي ناول جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻيءَ منجهه خيال جي يڪ سوئي هئڻ گهرجي. هڪ کان وڌيڪ گڏوگڏ هلندڙ خاڪا نه هئڻ گهرجن. پلاٽ ڪردارن توڙي بناوت ۾ ڪفايت کان ڪم وٺجي. ڪنهن به سٺيءَ ڪهاڻيءَ لاءِ ضروري آهي ته اها ڪنهن مقرر وقت ۽ جڳهه کان شروع ٿي، ٻئي مقرر وقت ۽ جڳهه تي ختم ٿئي. اهي مقرر وقت ۽ جڳهون جيترا مختصر هوندا، ڪهاڻي اوترو وڌيڪ موثر ٿيندي. اهو به ياد رکڻ کپي ته ڪهاڻيءَ جو مواد اوترو اهم ناهي جيتري ان جي جوڙجڪ (treatment) اهم آهي. ڪيتريون ئي سٺي پلاٽ واريون ڪهاڻيون ڪمزور جوڙجڪ سبب بي اثر ٿيو پون، ۽ ان جي ابتڙ ڪيتريون ئي ڪمزور پلاٽ واريون ڪهاڻيون ليکڪ جي مهارت سبب امر ٿيو وڃن. هونءَ به دنيا ۾ ڪهاڻين جا پلاٽ (مرڪز خيال) نهايت ئي محدود آهن. غور سان ڏٺو وڃي ته ساڳيون ئي ڪهاڻيون ٿوري گهڻي ردوبدل سان بار بار دهرايل نظر اينديون. سمجهو ليکڪ انهن ڪهاڻين جي اڻت ۾ يا ڪردارن جي رَوَين ۾ نواڻ پئدا ڪري، کين دلچسپ بنائڻ جا جتن ڪندا آهن. مثلا منفي ڪردارن ۾ روايتي طور سڀ برايون بيان ڪرڻ بجاءِ منجهن ڪجهه خوبيون شامل ڪرڻ. کين مزاحيه بنائڻ يا حالتن

جي ڄار ۾ وڪوڙي سندن رويي کي ناڪاري بنائڻ وغيره. اهڙيءَ طرح هاڪاري ڪردارن کي پڻ ٿورو گهڻو بدلائي سدلائي، کين خوبين جو ڀنڊار ٻڌائڻ بجاءِ منجهن ڪي خاميون تلاش ڪرڻ. طرز بيان کي مختلف ٽيڪنيڪن ذريعي وڌيڪ دلچسپ بنائي تجسس پئدا ڪرڻ پڻ اڄڪلهه جي ڪهاڻي نويسن ۾ عام آهي. بس ايترو سو خيال رکيو وڃي ٿو ته ڪهاڻيءَ جي شروعات توڙي پڄاڻي هڪ عام پڙهندڙ جو ذهن آسانيءَ سان قبول ڪري سگهي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، ڪردار ڪردارن جا پاڻ ۾ رٿيل ناتا، ماحول توڙي مرڪزي فلسفو، انهن مان ڪوبه هڪ، ايڪائيءَ ۽ ممڪنات (probability) جي ليڪي کي لتاڙي ٻاهر نه نڪري وڃي. هڪ سٺي ڪهاڻي اجائي وڌاءَ، غير ضروري چٽسالي ۽ غير فطري مڪالمن کان پاڪ هئڻ گهرجي. ڪوشش ڪجي ته ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌايل واقعن جو دورانيو مختصر کان مختصر ترين عرصي جو هجي، پر جي اهو ممڪن ناهي، ۽ ڪهاڻي ڪيترن ئي ڏهاڪن يا پيڙهين تي ٻڌل آهي، ته پوءِ ان عرصي کي مڃائڻ لاءِ ماحول پڻ اهڙو پئدا ڪرڻ ضروري آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ جو ذهن هڪ مرحلي کان ٻئي تائين پهچڻ ۾ غير ضروري جهٽڪو محسوس نه ڪري. شايد هيٺ ڏنل خاڪو منهنجي مقصد کي وڌيڪ چٽيءَ طرح بيان ڪري سگهي،

هاڻي جيڪڏهن AB واري لائين کي ڪهاڻيءَ جي ڪنهن خاص ڪردار جي زندگيءَ جو ڪل عرصو سمجهي ۽ CD واريءَ ليڪ کي ان ڪردار جي زندگيءَ ۾ پئدا ٿيل مشڪلات (crisis) وارو عرصو ڄاڻجي، ته پوءِ EF واري لڪير، جيڪا ڪهاڻيءَ جو دورانيو آهي، سا ڪنهن به حال ۾ AB توڙي CD کان وڏي هئڻ نه گهرجي. ڪردار جي حياتي به وڏي ٿي سگهي ٿي ۽ سندس آزمائش وارو عرصو به ڊگهو ٿي سگهي ٿو، پر ڪهاڻيءَ جي دورانئي ۾ ٻنهي کي سمائي پورو ڪرڻو آهي. EF واري عرصي ۾ ڪردارن جو تعارف به ڪرائڻو آهي، سندن اختلاف اندروني توڙي ظاهري ويڙهاند به ڏيکارڻي آهي ۽ مناسب پڄاڻي به ڪرڻي آهي. موافق ۽ مخالف ڪردار هر ڪهاڻيءَ ۾ موجود هجن ٿا. جي ائين ناهي ته پوءِ هڪ ئي ڪردار کي اهي ٻئي جذبا نڀائڻا پون ٿا. بهرحال، اهو ليکڪ جي ذهانت تي منحصر آهي ته هُو ”ڪشمڪش“ کي گهرو ۽ دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪهڙا گهاٽ ٿو گهڙي ۽ ڪهڙا حيلا بهانا ڪري انهن مونجهارن مان پنهنجن ڪردارن کي پار ٿو اڪاري، ڪامياب ڪهاڻيڪار اهڙي ڪابه لکا پوڻ نه ڏيندو، جيڪا سندس اڻ تڻ تي چغلي هڻي.

مختصر ڪهاڻيءَ جي فن کي پڙهندڙن پهريون ڀيرو 19 صديءَ ۾ سنجيدگي سان قبول ڪيو.

ان فن کي مقبول ڪرڻ ۾ ٽي مکيه ليکڪ اڳرا هئا. امريڪي ايلن ايجگر پو (1849-1809) فرينچ گاءِ ڊي موپاسا (1893-1850) ۽ روسي اينٽن چيخوف (1904-1960) هنن ليکڪن اها طرز تحرير جوڙي جيڪا مختصر ڪهاڻيءَ جي قريب تر هئي ۽ جنهن کي ڇلي صاف ڪري خود هنن ئي افساني جي جديد صورت جي ابتدا ڪئي. ڳُتيل جوڙجڪ، موڊ جي يڪسانيت، هلڪن اشارن ۽ ننڍڙن جملن ۾ تفصيل کي محدود ڪرڻ ۽ لفظن توڙي واقعن ۾ ڪفايت کان ڪم وٺڻ، اهي چند گڻ هئا، جن کي ڪتب آڻي. هنن ناول جي موضوعن کي افساني جو رنگ ڏنو. اڳتي هلي، پوءِ ايندڙ افسانا نگارن معمولي واقعن ۽ جذبن کي سامهون رکندي. ڪردارن جي زندگيءَ مان هڪ ڏينهن، هڪ مهينو يا هڪ سال اوڌر وٺي، سندن ڪنهن ڪنڊائتي گوشي کي نظر ۾ رکندي، ڪنهن هڪ نقطي تي روشني وجهي، ان کي افساني جو روپ ڏنو. شروعاتي افساني جا موجد بنيادي طور ناول نگار ئي هئا، پر پوءِ ايندڙ ليکڪ افساني لکڻ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سبب گهڻي ڀاڱي نئينءَ صنف تي ئي ڀاڙڻ لڳا. بهرحال افسانو ڇاڪاڻ ته ناول جي ئي پئداوار آهي، ان ڪري شروعاتي توڙي پوءِ ايندڙ افسانا نگار ناول جي جادوءَ کان ٻاهر نڪري نه سگهيا. جديد افساني جا ليکڪ پڻ گهڻي ڀاڱي ناول نگار ئي آهن. اڄڪلهه جي ڪاروباري دور ۾، جڏهن پرڏيهي ليکڪ کي صفحن يا سٽن جي حساب سان معاوضو ملي ٿو، تڏهن تفريحي ادب تعميري ادب تي ڇائنبو پيو وڃي ۽ گهڻو لکي، گهڻو ڪمائڻ جي حرص ۾ سستا جاسوسي، رومانوي ۽ مزاحيه ناول مارڪيٽ ۾ سٿيا پيا آهن. ان هوندي به خالص علمي ۽ ادبي مزاج رکندڙ ليکڪ معيار کي ناڻي تي ترجيح ڏئي سٺا افسانا ۽ معقول ناول لکي رهيا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ افساني جي ڄمار سَو کن سال مس ٿيندي. ان مان پهريان پنجاه سال تجرباتي دور جا هئا. جنهن ۾ سڌيون سيون آکاڻيون واقعا ۽ نصيحت ڀريا ٽوٽڪا لکيا ويا. ها، ڪي چڱا افسانا پڻ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، پر اهي پڻ لسا ۽ ٺوڙها تفصيل ٿا لڳن. منجهن ٽيڪنيڪي نواڻ جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي ٿئي. ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ، ترقي پسند ادب ۽ خاص طور روسي اديبن جي گهڻ رخي اثر سبب سنڌي نثر توڙي نظم ۾ اوچتي نواڻ اچي وئي. اسان جيئن ته هن وقت فقط افساني جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، ان ڪري ٻين ڳالهين کي پاسيرو رکندي، ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ نئين افساني جو روح گهر پهچي چڪو هو. ورهاڱي کانپوءِ چند سال افراتفريءَ جو شڪار ٿي ويا، پر لڏ پلاڻ جي ڏک ۽ قتل ۽ غارت جي المئي سموري، سنڌي ادب کي عام طور ۽ سنڌي افساني کي خاص طور ٻالڪپڻي مان ڪڍي بلوغت جي ڏاڪي تي آڻي بيهاريو. مٿان جو شروع ٿيو سنڌ واسين سان سياسي ۽ سماجي ڏاڍ ڏمر، تنهن تي رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. ڪراچيءَ جو سنڌ کان ڌار ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ کي مناسب رتبو نه ملڻ، ون يونٽ جو ٺهڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا اڻ وڻندڙ واقعا ٺهه پهه هڪ ٻئي پويان اهڙيءَ طرح رونما ٿيندا رهيا جو سنڌي عوام، خاص طور تي سنڌي اديب سراپا احتجاج بنجي اڀريو. هيءَ اهو دور هو جڏهن حيدرآباد مان حميد سنڌيءَ ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ طارق اشرف ماهوار ”سهڻي“ جاري ڪيو. رسالا ڇا هئا، ڄڻ سنڌين جي سيني ۾ صدين کان سانڍيل ڪوڪ هئي جا زمان ۽ مڪان جا بند ٽوڙي سانتيڪين صحرائن ۾ هر طرف گونجي اٿي. ضمير جو آواز هو، آزاديءَ جي پڪار هئي، ڏاڍ خلاف للڪار هئي. سموري ساڃهه، سمورو درد، سموري بغاوت، سمورو فرياد پلٽجي پيو. سندن لکڻين ۾ مزاحمت، نفرت، حسرت، ڪروڌ، ڪاوڙ، سرڪشي، غيرت، غصو ۽ خودداريءَ جا جذبا اوچتو ئي اوچتو اڀري اٿيا. برپٽ بيابانن ۾. دٻيل آگ هئي، جا پهرين ڳٿو ملندي ئي ڀنڀٽ ڪري ڀڙڪي پئي هئي. دردوند دلين ۾ ڏسندي ئي ڏسندي اياز، تنوير، رشيد، امر، پليجو، سراج، آغا سليم، قادر، ماڻڪ، شوڪت، علي بابا، مغل، جمال، حميد، طارق ۽ سوين ٻيا ادب جي ميدان ۾ پلٽجي پيا. روح رهاڻ ۽ سهڻي صرف رسالا نه رهيا، سجاڳيءَ جي تحريڪ جي علامت بنجي پيا. اها شاعري ٿي، جيڪا اڄ به وار ڪانڊاري ٿي وجهي. اهي افسانا لکيا ويا، جي اڄ به دنيا جي عظيم افسانن جي صف ۾ بيهاري سگهجن ٿا. عجيب دور هو. جا راند سياستدان ٽيبل تي هارائي آيا هئا، اها ساڳي راند چند سرڦرين سوداين ڪاغذ تي ڇپيل چند تحريرن سان جيتي ورتي.

اسان جو يار حميد سنڌي ان ويڙهاند ۾ سڀ کان اڳرو، سڀ کان اجهل سڀ کان اٽل رهيو. بيوروڪريٽ پيءُ جو پٽ، ناز انداز سان پليل. سهڻو موچارو. نئين جواني. گهر ۾ نوڪرن چاڪرن جو ٽولو خدمت لاءِ ڪڏهن ڪک کڻي ٻيڻو نه ڪيو هئائين، اهو قومي ڪارج خاطر، اڃيو ۽ بکيو، در در کڙيون گسائيندو وتي. ڪڏهن پريس ته ڪڏهن مارڪيٽ، قلم هٿ ۾، لکندو به وتي، هلندو به وتي، ڪڏهن جهيڙو ٻين سان ته ڪڏهن پنهنجي پاڻ سان ڪڏهن جلسا، ڪڏهن جلوس ڪڏهن سيمينار ته ڪڏهن جشن روح رهاڻ. مطلب ته ڪڏهن ورچي نه ويٺو. قلم اهو ئي هٿ ۾. افساني مٿان افسانو. سنڌ جو روح ڳولي لڌائين. دل جو سمورو درد ڪاغذ تي اوتي ڇڏيائين. اهو دور به ڪو دور هو. لکڻ وارا ٿڪجي پون. پڙهڻ وارا پوءِ به پيا واجهائين. قدم قدم تي ڄاڻ جون ڏياٽيون جلي اٿيون. ماڻهو ماڻهو سجاڳيءَ جو اهڃاڻ بنجي پيو. سنڌ جاڳي اٿي، جهنڊا جُهولي پيا. جيل ڀرجي ويا. گوليون ساڻيون ٿي ويون، حڪمران حيران ته اگهور ننڊ ۾ ستل هئي قوم آخر ڪيئنءَ ڇرڪ ڀري، ڇال ڏئي، حقن حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙي ٿي آهي؟

حميد جا افسانا انهن ڏينهن جي پئداوار آهن، جڏهن مزاحمتي ادب جي تواريخ لکي پئي وئي. سندس ڪهاڻين ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو ۽ سنڌوءَ جو ڇوهه هو. اجرڪ جو ڦلڙيون ۽ ٽوپيءَ جون ٽڪڙيون هيون. ڪاشيءَ جو چلغو ۽ جنڊيءَ جا انڊلٺي رنگ هئا. عام ماڻهو هئا. عام ماڻهن جون محبتون ۽ نفرتون هيون، عزتون ۽ غيرتون هيون. جيت هئي، هار هئي خوبصورتي ۽ بدصورتي هئي. جيڪي اکئين ڏٺائين ٿي، بي حد سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان، امانت سمجهي، ڪهاڻين جي روپ ۾ عوام کي موٽائي ڏنائين ٿي. هيءُ عجيب شخص هر محاذ تي ور ور ڪري ائين ٿي وڙهيو ڄڻ ڏهيسر جا ڏه سِر ۽ هوشوءَ جون ٻارنهن ٻانهون هڪ ئي وقت سندس سرير جو حصو بنجي ويون هجن.

ڪنهن چيو هو ته دنيا ۾ پلاٽن جي کوٽ آهي؟ ڪنهن چيو هو ته موضوع محدود آهن؟ حميد جي قلم ايتريون ڪهاڻيون جوڙيون جو حدن جو حساب ئي نه رهيو. ڌرتيءَ جا ڏک پاند ۾ پائي، ننڍڙن ننڍڙن معصوم ۽ اڻ ڇهيل، ابهم واقعن کي پنهنجي حساس ڏات جو ڇهاءُ ڏئي، هن ڪرشماتي طور سوين ڪَوڙيون ۽ مٺيون ڪهاڻيون گهڙي ورتيون. آمريت جي اونداهي دور ۾ علامتي ڪردار ڳالهائيندا هئا ۽ وياڪل، اڃايل، اجهاميل انسان منجهن پنهنجي پاڇو ڏسي تڙپي. اٿندا هئا. هونءَ ته حميد جي ڪهاڻي لکڻ جو ڍنگ روايتي آهي. سڌو سنئون من جي ماجرا ٻڌائيندو هلندو. ذري پرزي جو تفصيلو ڏيندو هلندو. نه لڪ لڪاءُ، نه ڇپ ڇپاءُ. نه ٽيڪنڪ جو سهارو، نه پڙهندڙ کي آخر ۾ اوچتو ڇرڪائڻ لاءِ پراسرار آخري جملي جو انتظار، جيڪي ٿيڻو آهي، سو ڪهاڻيءَ جو منتقي نتيجو ئي آهي. اڻت، گهڙت، ڇنڊ ڦوڪ، چلڪائڻ ۽ چمڪائڻ ڪوڙن جو ڪم. ڪهاڻي هڪ مَنِي، ٺهر سان، ڳنڀيرتا سان، سنجيدگيءَ سان ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سچائي سان پنهنجي پڄاڻي ڏانهن پنهنجو پاڻ هاڪاريندي هلي، اهو ئي حميد جو ڪمال آهي. نه اکر جي جادوگري، نه لفظن جي بازيگري، پڙهندڙ سان ڪُئي ٻليءَ واري راند، نه ٽوپلي مان سيهڙ ڪڍڻ واري نظربندي.

حالتن روح رهاڻ توڙي سهڻيءَ کي بند ٿيندي ڏٺو. سنڌي ادب جا ٻه سرموڙ رسالا، جن سنڌي قوم کي ساهس ڏنو، اتساهه ڏنو، اتهاس ڏنو، پنهنجو قومي فرض نڀائي چڪا هئا. سنڌي ادب کانئن پوءِ به اٽڪل ٻه ڏهايون سندن سحر مان نڪري نه سگهيو. نئين ٽهي انهن ئي قدمن جي نشانن تي پير پير مٿان رکي پاڻ ملهائيندي ۽ مڃائيندي رهي، جيڪي انهن پٺتي ڇڏيا هئا. سنڌي افسانو ڏيهه پرڏيهه ۾ مان پرائڻ لڳو هو. ڌاريون ٻوليون مثال ڏيڻ لڳيون هيون سنڌي ڪهاڻيءَ جا جيڪا ڌرتيءَ جي درد مان ڦٽي نڪتي هئي ۽ جنهن جي ساهن ۾ محروميءَ جو هڳاءُ هو ۽ جنهن جي مرڪ پويان آهوتيءَ ۽ قربانيءَ جا لڙڪ لڪل هئا ۽ جنهن جي سونهن سوريءَ تي لٽڪيل انهن سوڍن جي محتاج هئي، جن سچ جي سورج کي تريءَ تي کڻي ڏيکاريو ۽ جيڪي ظالم کي ظالم چوندي نه هٻڪيا ۽ جن مورڙئي جي سُنت نباهيندي مَڇَ تي بڇَ ڪئي هئي.

حميد هڪ ذهين انسان هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو منتظم پڻ آهي. هُو پنهنجي قابليت، محنت ۽ لياقت سبب وڏن عهدن تي رسيو. ڪاليجن جو ڊائريڪٽر، يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ۽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين هئڻ سان گڏ هو مختلف ادبي، سماجي ۽ علمي تنظيمن ۾ پڻ عزت وارن عهدن تي فائز رهيو. بي حد مشغول هوندي به هو هڪ لمحي لاءِ به پنهنجي ادبي فرض کان غافل نه رهيو. پاڻ کڻي ڇا به چوي، منهنجي راءِ ۾ هن جو پهريون ۽ آخري عشق سنڌي ادب ئي آهي. هو لکندو رهيو. بي خوف، بي پرواهه. بي ڊپو. هُو اڄ به لکي رهيو آهي. ادبي اڃ اجهائڻ خاطر هن هڪ دفعو ٻيهر روح رهاڻ کي بزم روح رهاڻ جي نالي ۾ جيئاريو آهي. سندس گهر هڪ دفعو وري علم ۽ ادب جو محراب بنجي پيو آهي، جتي هر هفتي سنڌي ادبي تواريخ جا سڀئي همعصر اهم جوڌا گڏجي ماضيءَ جي عظمت کي موٽائڻ جا جتن ڪندا آهن. شايد هڪ دفعو ٻيهر ساڳئي شخص هٿان سنڌي ادب جو نئون جنم ٿئي، نئون جنون جاڳي نئين جوالا ڦاٽي، نئون نوجوان ڪر موڙي اٿي کڙو ٿئي. ۽ اهو سڀ ڪجهه ساڀيان ڪرڻ لاءِ منهنجو سهڻو، سٻاجهو، سمجهو ۽ سياڻو دوست، حميد سنڌي، جيڪا جنگ لڙي رهيو آهي، ڪهاڻين جو هي مجموعو، ان سلسلي جي اڪيچار ڪاوشن مان صرف هڪ نئين ڪڙي آهي، آخري نه.

 

حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جا ڪردار

ناصر مورائي

 

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي هڪ مٿاهون مقام رکي ٿو. هن 1957ع کان لکڻ شروع ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان کان به اڳ لکڻ شروع ڪيو هجيس، پر اشاعت هيٺ 1957ع کان آيو آهي ۽ هن وقت تائين لکندو رهيو آهي. ڪهاڻين لکڻ ۾ سندس اظهار جي طرز (Style)لڳ ڀڳ ساڳي آهي، اها سندس خاص خوبي آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪهاڻيءَ جي سري تي سندس نالو ڇپيل نه هجي، پر ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ سڃاڻي وٺبي ته ڪهاڻي حميد سنڌيءَ جي آهي. اها خوبي ڪن ٿورن ليکڪن ۾ هوندي آهي. دنيا جا وڏا ڪهاڻيڪار پنهنجن موضوعن، ڪردارن ۽ اسلوب بيان مان سڃاتا ويندا آهن ۽ ان طرح هو منفرد هوندا آهن.

حميد سنڌي اسان جي سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ منفرد ڪهاڻيڪار آهي. هن جيئن ته ننڍپڻ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ گذاريو آهي ۽ اتي تعليم به حاصل ڪئي آهي ته سندس شعور ۾ انهن شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جون يادگيريون آباد آهن. سندس ٻالجتيءَ جي انهن مشاهدن ئي کيس هڪ ڪهاڻيڪار بنائي ورتو آهي. حميد جو مطالعو وسيع آهي، پر سندس لکڻين تي ڪنهن به ڏيهي توڙي پرڏيهي اديب جي ڇاپ نه آهي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آهن ۽ ڪهاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇهندڙ آهي. سندس ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڙهندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪنهن به تصوراتي دنيا جو سهارو نٿو وٺي. سندس ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻهن جي زندگي جهلڪندي آهي. اها حقيقت پسندي سندس ڪهاڻيءَ جو خاصو آهي.

مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته حميد تي ڪهاڻي لکڻ جو موڊ تڏهن طاري ٿيندو آهي، جڏهن سندس آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهو کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن يا جڏهن کيس ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته هو پنهنجن يادگيرين ۾ گم ٿي ويندو آهي. حميد جو مشاهدو تيز ۽ گهرو آهي ۽ سندس دل ڪومل ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب لاءِ پيار سان سرشار آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس هر ڪهاڻي سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج جو اولڙو آهي. سندس سمورين ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا هجن ٿا ۽ سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ وسندا هجن ٿا. اهي ڪردار مون وانگر سندس ڪهاڻي جي هر پڙهندڙ جا واقف هجن ٿا. حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جا ڪردار سڀ سنڌي هجن ٿا ۽ سندس آسپاس ۾ رهندڙ آهن ۽ سندس ڪهاڻين جو موضوع آهن. اهي سمورا ڪردار مان سڃاڻان ٿو. مان ’چُڪ‘ جي سيٺ محمد هاشم ۽ محمد بچل، ’مٺوءَ جي ڪهاڻي‘ جي مٺوءَ، ’ڪڇان تان ڪوڪُ ٿئي‘ جي موسي، ’چور ڪير، ساڌ ڪير‘ جي حاجي شاهه محمد، سيٺ هاشم ۽ ’زور آور‘ جي سرڪاري ڪاموري، ان جي پٽ ۽ مامي کي سڃاڻان، جيڪو امڙ کي چوي ٿو: ’ادي، پر ڏاڍي زور آور آهين‘ ۽ ان سرڪاري ڪاموري جي پٽ (جيڪو هن وقت به سرڪاري ڪامورو آهي) جي ان پٽ کي به سڃاڻان جيڪو پيءُ کي چئي ٿو ڏئي: ’بابا، ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو، هن زماني ۾ ڪٽيل آلٽرڊ ڪپڙا؟ ڏاڍا زور آور آهيو!‘

حميد سنڌي جي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جو ماضي ۽ حال جهلڪي ٿو.

 

ادبي هيرو- ادبي ولين

ماهتاب محبوب

 

جڏهن مون ”سنڌي ادبي انڊسٽري“ ۾ نئون نئون قدم رکيو هو، تڏهن هن جو غائباڻو تعارف اهڙي ته زهريلي طرح سان ذهن نشين ڪرايو ويو هئم، جو غير ارادي طور کيس ادبي ولين سمجهي ويٺس. ويتر جو منهنجي ڪهاڻي هڪ رسالي جي ٻانهن ٻيلي هئڻ جي حيثيت ۾ سٽن جون سٽون ڪاٽي ۽ پروف جي زبردست چڪن سميت شايع ڪيائين ته بدگماني جون پيڙهون وڌيڪ پختيون ٿي ويون. پر اهي ڪيڏيون به پختيون هجن، بند ڪيڏا به مضبوط هجن، ڪڏهن ڪڏهن سم ۽ دريا جي زور ڪري ان ۾ ڏار پئجي ويندا آهن، اهي ڀُري به ويندا آهن.

مون کي به ڌيان ۾ ئي نه هو ته ڪو هن لاءِ دل ۾ عزت احترام ۽ خلوص جا جذبا پيدا ٿي پوندم.

پيڪن جو گهر ڇڏڻ بعد خبر پيم ته هن جا منهنجي ساهري گهر سان دوستاڻا ناتا آهن، ان ڪري محبوب جي به ساڻس دعا سلام هوندي هئي. گهر ۾ دعوتون هجن يا ٻيا ڪي فنڪشن، محبوب ۽ هو انهيءَ جو انتظام پنهنجي سر کڻڻ ۾ سدائين اڳڀرا هوندا هئا.

محبوب جي ٽرانسفر ٿيڻ ڪري اسين ته پوءِ جلد ئي حيدرآباد کان ڪراچي وڃي رهياسين تنهن ڪري هن سان ملڻ جا ڪي چانس پيدا نه ٿيا ۽ جي ٿيا به هئا ته ڄاڻي واڻي سامهون نه وئي مانس. هڪ ڀيري اسان جي ڪار جي ڀرسان هن جي ڪار لنگهي ته پنهنجو هٿ مٿي ڪري محبوب کي وش ڪيائين، تڏهن مون به مٿاڇري نظر سان هن کي ڏٺو هو. هڪ اڌ ڀيري اوچتو سامهون به ٿيم پر ڪا دعا سلام ته ٺهيو مون اکيون ئي ڍڪي ڇڏيون.

ٻه چار سال اڳ ساهراڻي گهر ۾ ڪو ڪاڄ هو. پبلڪ جي بي حد

اسرار تي مون کي به ”پردءِ سيمين“ تي اچڻو پيو، نه ته ”ڊبل ڊيڪر“ واري حالت ۾ گهران نڪرڻ معنيٰ خلق جي خواري. گوڙ گهمسان کان بچائڻ لاءِ، انجام موجب محبوب مون کي جلد ئي سڏارايو. ڪاڄ ۾ آيل زالن سان گهر سٿيل هجي، مان بنا موڪلائڻ جي لڪي لڪي اتان کسڪيس ته متان ڪير ترسڻ لاءِ نه چئي. مهمانن کي ماني کارائڻ لاءِ شاميانو لڳل هو، اهو سڄو لتاڙي ڪار تائين پهچڻو هئم. شامياني اندر پير رکندي ئي هن کي فل سوٽ ۾ فنڪاراڻي انداز سان ڪرسيءِ تي ويٺل ڏٺم. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن نهاريائين. مون پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون پر ڏاڍي شڪي ٿيس. آخر مان به ته ”سنڌي ادبي انڊسٽري“ جي ”هيروئن“ هيس ۽ هيروئن کي اهڙي حال ۾ ڏسڻ معنيٰ سڄو اميج خراب ٿيڻ!

”ڇو آيس مان ان مئي شامياني ۾؟“.... سوچيم، ”ڪاش اهو ڪو ڪارڙو ڪوجهڙو ايڪسٽرا هجي ها ته مان ڪيڏي نه شان سان اُتان لنگهي وڃان ها....“ وهم گمان به نه هو ته اهڙي گوڙ ۾ ائين اڪيلو سوچن ۾ غرق ملندو. مان ايڏي ڳوري هيس جو جيڪا وک اڳتي کڻان سا ائين لڳي ڄڻ پٺ تي پئي کڄي. شاميانو کٽڻ جو نالو ئي نه وٺي. آخر خبر نه آهي ته ڪيئن اچي ”ڌوپار“ پهتس. محبوب ڪار ۾ ويٺو هو. مان به جهٽ در کولي اندر ويهي رهيس.

”اتان ڪار بيهارڻ جي ڪهڙي ضرورت هئوَ“ مون ڪسرون ڪڍڻ چاهيون.

”غلطي ٿي، نه ته ڇت تي بيهاريان ها...“

هن ويتر ڏنڀ ڏنو.

مون مونجهه مان زالن وانگر ساهه کنيو جيڪي ”ڊبل ڊيڪر“ ٿي ڄڻ سڄي جهان تي ٿورو ٿڦينديون آهن.

”ايڏو ميدان لتاڙي اڌ مئي ٿي پئي آهيان!“

”شامياني لڳڻ ڪري پارڪنگ جي ٻي ڪا جاءِ به ته ڪانه هئي.“

محبوب نرمائيءَ مان چيو.

”.... به اتي ويٺو هو، مون کي ڏسي ڇا سوچيو هوندائين ته هلڻ کان هلاڪ هوندي به ڪاڄن ۾ ٿي اُٿي ويهي.“ آخر سور سٺو نه ٿيم.

”گهر جو ڪاڄ هو، ڪو پرايو ته نه هو.“

پر هن جنهن نظر سان ڏٺو ان ۾ تنز هئي ٽوڪ هئي.

”اجايا وهم نه ڪندي ڪر. هو اهڙو ناهي.“

.............

بيگم زينت چنا جي ٽيجهي تي حسب معمول ورانڊي ۾ هو به ڪمن ڪارين ۾ رڌل هو. اوچتو آواز ؛ ”محبوب جا ٻار ڪٿي آهن.“ مون ڏانهن نهاريو ته چيائين، ”ڀاڀي، توهان کي محبوب وٺڻ آيو آهي.“ هو مون سان گڏجي در تائين آيو. ڪڏهن ڪڏهن فون به ڪندو هو. ”بابا... محبوب آهي؟“

”جي نه.... ٻاهر ويل آهي.“ گهڻو ڪري منهنجو اهو جواب هوندو هو.

”چڱو بابا، مان وري پوءِ فون ڪندس.“

لهجي ۾ ايڏي پنهنجائپ، ايڏو خلوص، شرافت ۽ اخلاق جو مان محبوب کان پڇڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس ته اهڙي آواز وارو ڪهڙو هو؟ هن پاڻ ئي نه ٻڌايو، مان ڪيئن پڇان ها.

هڪ ڀيري محبوب جي گهر ۾ هوندي هن جو فون آيو. تڏهن ئي خبر پيم ته هو ڪو ٻيو نه پر حميد سنڌي هو، ادبي ولين!.

هاڻ فون تي منهنجي به ساڻس دعا سلام ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪا ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي.

”مٺي ڀيڻ، توهان کي اسان لاءِ گهڻي ئي بدگمانيون دل ۾ پيل آهن، پر موقعو مليو ته مان انهن کي ضرور پري ڪندس.“

”اهڙي ڪا ئي ڳالهه ناهي، ادا....“

”آهي، بلڪل آهي. تڏهن ته افسانو لکيو هيو، مون پڙهيو هو، ڏاڍا اسان تي ڇوهه ڇنڊيا هيو.“

”مان ته رڳو اها ڳالهه ڪئي ته ڀينر اڳ ئي گهٽ ٿيون لکن، وري جو سندن لکڻيون اهڙيءَ ريت ڇپنديون ته ڪنهن جي دل چوندي لکڻ تي.“

”ڀيڻ، مان جلد ئي اچي اوهان جون بدگمانيون پري ڪندس.

آواز شخصيت جو آئينو آهي. مون کي ان آئيني ۾ هن جي شخصيت بي داغ نظر آئي. منهنجون بدگمانيون پاڻ مرادو پري ٿي ويون.

حميد سنڌي همدرد انسان آهي. هن جو قرب ۽ شفقت ڀريو انداز ڪڏهن به ذهن تان ميسارجي نٿو سگهي. بابلا، امان، مٺي ڀيڻ ۽ بابا جهڙا پنهنجائپ ۽ قرب جو احساس ڏياريندڙ عزت ۽ خلوص ڀريا پيارا لفظ جڏهن هن جي زبان مان ٻڌبا آهن ته دل کي راحت ملندي آهي.

پر انهن قربائتن لفظن جي ميٺاج مان هرڪو نه ڄاڻي. ڪنهن غير سنڌي نينگريءَ کي جڏهن امان ڪري ڪوٺيائين ته هوءَ ڪاوڙجي پئي هئس. هن ليکي ته مون کي پاڻ کان وڏو بنهه ماءُ جيڏو ڪري ٿو سمجهي. پر حميد جي وضاحت کان پوءِ وڃي نينگريءَ جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي؛

”بس ڇا ڪريون، ڪنهن کي بابا ڪنهن کي امان ڪري ٿا سڏيون. سالن جا سال مڙهن جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪري ڪري مڙها ٿي ويا آهيون. ڪاليجن جو ڊائريڪٽر هئس، تڏهن به مڙها عقاب وانگر اکيون وجهيو ويٺا هوندا هئم. هينئر ايڊيشنل آهيان ته به مڙها غارن ۾ ويٺي ويٺي طلسمي شيشي مان اهڙو ته ڏائڻ وارو ڏهڪاءُ ٿا ڏين جو هيانءُ ئي روڙيو وجهن. ان کان ته ميوزڪ ڊائريڪٽر هجان ها ته ڀلو هيو، پوڙهن جي ڏنل دردن جون پيڙائتيون ڌُنون تيار ڪري پنهنجو هيانءُ ته هلڪو ڪيان ها.“

حميد ته ائين ئي کڻي ڳالهه ڪئي، پر ان ۾ جيڪو درد ۽ پيڙا هئي، تنهن کي منهنجي حساس دل هڪدم پرکي ورتو. منهنجي صلاح آهي ته پوڙهن کي جوانن سان ڪم نه ڪرڻ گهرجي. گڏجي ڪم ڪرڻ سان نه رڳو جوان جلدي پوڙها ٿيندا پر جلدي لاڏاڻو ڪري ويندا.

زندهه دل ۽ خوش مزاج پوڙهن کي پوڙهن جي قطار ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته انهن جي ساٿ مان جوانن کي ڪوبه ڇيهو نٿو رسي. البت اهي پوڙها جيڪي اصلي جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل، يعني پوڙهائپ جي مڙني خوبين جهڙوڪ ڪُرڪڻ، ڀڻڪڻ ۽ چهٽڻ وغيره سان مالا مال هوندا آهن تن کي جوانن کان پاسي رکجي. پوڙهن جو پنهنجو ويڙهو هئڻ گهرجي جنهن ۾ ڪُڪڙيون سنڀالڻ، ڪبوتر پالڻ، ڀاڄيون پوکڻ، گڏ ڪري ٻج ڇٽڻ کان وٺي سوانح عمريون وغيره لکڻ جهڙا دلچسپ مشغلا هئڻ گهرجن.

مان ڪجهه سالن کان لڳاتار پنهنجن ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ڀينرن جي وڇوڙي جا ڌڪ سهندي آئي آهيان پر تازو پنهنجي بي حد پياري، معصوم، سادي ۽ شريف ڀاءُ شاهه محمد عباسي جي بيدرديءَ سان ڪيل خون ناحق منهنجو جيءُ بنهه جهوري ڇڏيو جنهن جو اثر صحت تي پوڻ لازمي هو. محبوب جي گهڻي زور تي به مان پنهنجو علاج نه ڪرايو. علاج ته جيئڻ لاءِ ڪرائبا آهن.

هن کي به ڪا خبر پئي، مون کي مايوس ۽ ملول ڏسي پڇيو هئائين؛

”ادي! طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“

”ٺيڪ آهي، محبوب چوي ٿو ته علاج نٿي ڪرائين، مان وٺي هلئين ڊاڪٽر ڪريم عباسي وٽ؟“

”مهرباني ادا، اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، مان ٺيڪ آهيان، مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو.“

”مون سان به ڪوڙ! يقين ڪريو ته مان توهان کي بيحد گهڻو گهرندو آهيان پر لکا نه پوڻ ڏيندو آهيان.“

”اسان کي خبر آهي ادا! ڪير ڪنهن جو سڄڻ ۽ گهڻ گهرو هوندو آهي ته اڳلي کي به انهيءَ جو احساس ضرور ٿئي ٿو.“

حميد مون کي کوڙ ساريون تسليون، سمجهاڻيون ۽ دلداريون ڏيندي وعدو ورتو ته مان خوش رهنديس. ڏاڍي ڏک مان چيل هن جا اهي لفظ ته مون کان ڪڏهن به نه وسرندا.

”ڪير ٿو جيئڻ چاهي؟ ڪنهن جي خواهش آهي ته جيئون؟ مان به ته نٿو جيئڻ چاهيان...پر جيان پيو..... پنهنجي اولاد لاءِ.... تون به انهن لاءِ جيءَ. دنيا ۾ پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ گهرجي.“

 مان ادا حميد جي چوڻ تي گهڻو ئي عمل ڪيو. خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، پر ڇا ڪريان.... هيانءُ ۾ لڳل ڪُنڍيءَ کي مان اڃا به پري نه ڪري سگهي آهيان.

حشر جي ڏينهن رشيد ڀٽي پنهنجي فيملي سميت اسان وٽ آيل هو. محبوب ۽ حميد به ڊرائنگ روم ۾ انهن سان ڪچهريون ڪري رهيا هئا، مان رڌڻي ۾ بور ٿي رهي هئس. ڪاش مون وٽ جادوءَ جي ٽيبل هجي جنهن ۾ جيڪو کاڌو حڪم ڪيان ته انهيءَ دم حاضر ٿي وڃي، يا ڪاش! مون وٽ جادوءَ جي منڊي هجي جنهن کي ڇڙو گهڪو ڏيان ته ڳاڙهي انڊرويئر وارو ڦونڊڻو جن حڪم جو ٻانهو ٿي اڳيان اچي بيهيم ۽ کن ۾ طرح طرح جا طعام سهڻن ٿانون ۾ سجائي پيش ڪري....

ٽن ٻارن جي ماءُ ٿي وڃڻ بعد رڌڻي ۾ وڃڻ مهل اهڙا ٻاراڻا ۽ بيوقوفي جا خيال ايندا اٿم. انهيءَ ۾ منهنجو ڏوهه ناهي، ڇو ته سياڻن جو چوڻ آهي ته، ڊگها ماڻهو اڪثر ڪري بيوقوفيون ڪندا آهن تنهن ڪري بزرگن جو ڀرم رکڻ به ته عين سعادتمندي آهي.

”ڪو ڪم ڪار؟“ ڪنهن اندر اچي پڇيو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪٿي منڊي کي ته گهڪو نه آيو! پر افسوس اهو منهنجو وهم هو، ڪنڌ مٿي ڪري جو نهاريان ته اڳيان فل سوٽ ۾ حميد سنڌي بيٺو هو.

”ادا، مهرباني. توهان هلي ويهو، بس ڄاڻ ماني تيار ٿي.“

ڪيڏو نه رسمي جملو ڳالهايم. دل ته ائين پي چاهيو ته چوانس؛ ”ادا، توهان جي مهرباني، لک لائق! ڀلي اچي ڪم ڪار سنڀاليو، مان جيسين وڃي ٽيپڙو ٻيپڙو چالو ڪيان.“

”مان به ته هٿ ونڊرايان.“ ائين چوندي حميد ديڳڙي جو ڍڪ لاٿو ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڏوئي گهمائيندي صلاحون ڏنائين.

رس گهاٽو ڪرڻ هجيئي ته پيٺل ڌاڻا گهڻا وجهجن. ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڇڏ ته ڀلي ٻاڦ نڪري. ائين چوندي شيشيءَ ۾ رکيل پيٺل ڌاڻن ڏانهن هٿ وڌايائين. مون کان رڙ نڪرندي رهجي ويئي. ڏٺم ته هاڻ ٻوڙ جي ٻيڙي ٿي ٻڏي. سو جلدي ۾ چيومانس؛ ”مان ثابت ڌاڻا ڳنڍ ۾ ٻڌي اڳواٽ وجهي ڇڏيا آهن.

هو حيران ٿي ويو، ڌاڻا سي به ڳنڍ ۾ ٻڌل! پر مان به پنهنجن وڏڙن کان لکايل ترڪيبون پڙهي پوءِ رڌڻي ڏانهن وک کڻندي آهيان. سو خاطري هئم ته پاون جو ٻوڙ خراب نه ٿيندو البت پاڻي سڪڻ جو ڪجهه انتظار هو.

ايتري ۾ محبوب، ادا رشيد ڀٽي ۽ سندس گهرواري ڀاڀي سڪينا به اچي رڌڻي ۾ ڀيڙا ٿيا.

”بس، ادا، اجهو ماني تيار آ، کنيو پيا اچون.“ حميد مون کان ڏوئي وٺي پيالن ۾ ٻوڙ وڌائيندي چيو.

”ادا توهان ڇڏيو.“ محبوب چيس.

”مون کي ڏيو ته مان ٿي وڌايان.“ مون چيو، ”اهي زالن جا ڪم آهن.“

”اسين به ته اڌ زالون آهيون، ڪيئن محبوب.“

حميد جي انهيءَ ڳالهه تي ادا رشيد، ڀاڀي سڪينا، مان ۽ محبوب ڏاڍا کلياسين.

باقي جس هجي ڀاڀي سڪينا کي، جنهن ويچاريءَ پوءِ ٿها مانين جا پچائي ڏنا. جيڪا ٻه ڏينهن مون سان رهي ته کٽ تي ويهاري مون کي کارايائين. ڏٺائين ته ٻٻرن کان ڪهڙا ٻير گهربا. سو پنهنجي مڙسيءَ سان پئي حالتن کي منهن ڏنائين.

تحريڪن جو اڳواڻ حميد سنڌي، سنڌي ادب جو سچ پچ ته هيرو ۽ گهڻگهرو آهي. روح رهاڻ ذريعي سنڌي ادب جون هن جيڪي به خدمتون ڪيون، سي ڪنهن کان لڪل ناهن. تڏهن هو اڪيلو نه هو. ٻيا به هن جا ٻانهن ٻيلي هئا، جن سڄي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو هو. چوندا آهن ته ٻيڙي ڪنهن ٻوڙي؟ خواجه خضر ٻوڙي! عين ان وقت، جڏهن هو ڪاميابين سان همڪنار ٿي رهيا هئا، ته پنهنجن ئي نعرا هڻي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي مصداق سندن تحريڪون مشڪوڪ بنائي وڌيون. اهڙي ريت روح رهاڻ اسان کان جدا ٿي ويو. اڄ جا ناميارا اديب امر جليل، نسيم کرل، خواجه سليم، قادر جوڻيجو، شوڪت شورو، علي بابا ۽ شيخ اياز وغيره روح رهاڻ جي ئي همٿ افزائي سان ڏينهون ڏينهن نکرندا رهيا.

حميد کي پنهنجي ماضيءَ سان پيار آهي. انهيءَ لاءِ نه ته ڪو هن جي ماضيءَ سندس جهول خوشين سان ڀري ڇڏيا هئا، پر ان لاءِ ته ماضي جيڪي به محروميون کيس ڏنيون سي هن جي شخصيت جو حصو بنجي ويون آهن ۽ پنهنجي شخصيت سان ڪير نه پيار ڪندو. ان ڪري ئي هو جيڪي ڪهاڻيون قلمبند ڪري ٿو سي ماضيءَ جي ڀرپور مشاهدن جو نچوڙ آهن. اڳي کان سندس هن وقت جون لکيل ڪهاڻيون بلڪل مختلف آهن. انهن جو انداز سمبالڪ آهي. ”ڌوپار“ ۽ ”دربان“ جهڙين پيارين ڪهاڻين کان پوءِ هن جي تخليق ”ٺوٺ ڌرتي“ به پڙهندڙ جي آڏو آئي. جنهن ۾ هن اهڙي ٻار جو نقشو چٽيو آهي، جنهن کي سنڌ جي روايت موجب مست جو درجو ڏئي سندس ارمانن ۽ خواهشن کي چٿيو ۽ چيڀاٽيون ويو آهي. حميد جيڪو ناول ”آپي رانجها آپي هير“ جي ٿيم تي لکي رهيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ پنهنجو مثال پاڻ ٿيندو. اها ٿيوري ته انسان جو ڪوئي ساٿي ناهي، هي رشتا ناتا سڀ ڏيک آهن، هو دنيا ۾ اڪيلو اچي ٿو اڪيلو وڃي ٿو، انهيءَ ناول ۾ سهڻي انداز سان پيش ڪيل آهن.

هڪ هوشمند حساس انسان وانگر حميد جي سوچ ۾ گهرائي آهي. سطحي سوچن ۽ سستن جذبن جو هن جي سڄاڻ ذهن ۾ ڪو گذر ناهي. جذبن جي سچائي سان لکندو آهي ۽ ڪنهن کي آئيڊيل بنائي فنڪار جو فنڪار سان ذهن ٽڪرائي لکڻ جي محتاجيءَ کان بنهه آجو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪهاڻي سنئين سڌي سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ لکڻ گهرجي. پنهنجا خيال فلسفاڻي انداز ۾ زوريءَ ٽنبڻ بدران ڪردارن جي زباني ادا ڪرائجن. هن کي شڪايت آهي ته اڄ ڪلهه جا اديب سيڪسيوئل فرسٽريشن جا شڪار آهن، تنهن ڪري سندن ڪهاڻين ۾ صرف مان ۽ سيڪس جو درجو گهڻو هوندو آهي. انهن جي لکڻين مان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ زندگيءَ کان گهڻو پري ٿي ويا هجن. هو ڏينهون ڏينهن پنهنجي پاڻ ۾ گم ٿي اڪيلا رهجي ويا آهن ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي وساري ويٺا آهن. پاڻ کي ڏسڻ لاءِ انهن کي کپي ته ٻين کي ڏسن.پنهنجو مهانڊو ڏسڻ لاءِ آئيني ۾ ئي ته ڏسبو آهي. انهن کي ڪڙمين ڪاسبين جي فرسٽريشن تي لکڻ گهرجي ڇو ته انهن جا به کوڙ مسئلا آهن. کين ڳوٺن ۾ ويهي اتي جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪرڻ گهرجي. ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن جي حال مان لازمي طرح واقف ٿيڻ کپين ۽ اهو سڀ سٺي تحرير سان ئي ممڪن آهي. مون کي حميد جي خيال سان بلڪل اتفاق آهي ڇو ته رڳو مان مان ۽ سيڪس سيڪس مان ٺلهو جنسي بيمارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ملڻو اٿن. وري جي ڪنهن يونانين حڪيم جي هٿ چڙهي ويا ته پوءِ نه رهندن بانس نه وَڄندن بانسري.

حميد رومانٽڪ افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن. عورت ۽ مرد جي رومانس ۾ کيس غرض ئي غرض نظر اچي ٿو. هن جو خيال آهي ته هن زماني ۾ اهڙي رومانس جو هئڻ محال آهي جنهن ۾ ڪائي غرض شامل نه هجي. بي غرض پيار ۽ محبت جڏهن آهن ئي ڪونه ته ان تي لکڻ ئي فضول آهي. هن جي خواهش آهي ته ساڻس بي غرض پيار ڪيو وڃي جنهن ۾ بي چيني هجي. تيزي ۽ رواني هجي. بي غرض پيار جي ڳولها ۾ هن دين جون مائرون ۽ ماسيون به ٺاهيون پر موٽ ۾ ڇا مليس. وري به تنگ نظر زماني جون دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون.

تنهن ڏينهن حميد ذهني طرح منجهيل پي ڏٺو. محبوب ائين ئي کڻي رومنٽڪ افسانن بابت پڇيس ته اهي هاڻ ڇو نه ٿو لکين.

”يار، مان ته پنهنجو پاڻ سان ئي رومانس ڪرڻ ۾ پورو آهيان.“

”اهو وري ڪيئن“ محبوب حيراني مان پڇيس.

”پاڻ واري ساوڻ کي نت نوان رومانس ڪندي ڏسي رومانس تان هيانءُ پلجي ويو اٿم....“

”سانوڻ هڪ وقت ۾ ڪيترا رومانس ڪندو آهي؟“

”ڀائو، ڪو ڪاٿو ئي ناهي!“

”ابول! اصل ائين ڇا؟“

”ڳالهه ئي نه پڇ“

هو اڳ ٿورو ڪومايل هو، سو ٻن ٽن ٽهڪڙن کان پوءِ ٽڙي گل ٿي پيو. ڳالهائڻ جو انداز سانتيڪو سنجيدو ۽ سمجهه ڀريو. هر لفظ دل تي نقش ٿيڻ جهڙو. ٻڌندڙ بور ٿيڻ بدران دل ۽ ذهن جي پوري لاڙي ۽ سوچ سان ٻڌي ٿو. موقعي ۽ مهل جي لحاظ کان مزاح جو عنصر منجهس بدرجه اتم موجود آهي. اهڙو ڪو واقعو يا ڳالهه جڏهن هو ڊرامائي انداز ۾ ايڪشن ۽ ايڪسپريشن سان ٻڌائيندو آهي ته کِلي کِلي کيرو ٿي وڃبو آهي. لکڻ لاءِ ڪنهن ماحول جي ڪا ضرورت نه پوندس، ڪيترو به گوڙ شور ڇو نه هجي ان جي پرواهه نه ڪندو. پهرين ويهڪ ۾ ئي ليک ڪمپليٽ ڪري وجهندو. انهيءَ جو سبب اهو به آهي ته هو پلاٽ ذهن ۾ رکي ڪهاڻي نٿو لکي پر سڄي ڪهاڻي اٿندي ويهندي گهمندي ڦرندي توڙي ڊرائيونگ ڪندي پاڻمرادو ذهن جي ديڳ ۾ پيئي پچندس، جڏهن پچي راس ٿيندي تڏهن قلم جي ڏوئيءَ سان ائين جو ائين کڻي ڪاغذ جي ڊش ۾ وجهندو. ”ٺوٺ ڌرتي“ پهرين ڪهاڻي اٿس جا وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ وقت وٺندي. ان لاءِ حميد کي گهڻي حيراني آهي. هو ڪهاڻي فيئر ڪرڻ مان نه ڄاڻي، ڪاغذن تي جيتري ڪاٽ ڪوٽ، ليڪا لينگها ۽ دٻا نه هوندا تيتر مزو نه ايندس. لاشعوري طور سان هن جو هر عمل ماضيءَ جي منجهيل زندگيءَ جو هڪ عڪس به ٿي سگهي ٿو. هن کوڙ ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي ياد نه هوندي به ڊسڪشنس وغيره ۾ سمورن حوالن ۽ مثالن سميت ياد اچي ويندا اٿس. هن وٽ ڇهه ست سو ڪتاب آهن پر افسوس ته انهن کي طريقي سان سنڀالي رکڻ جي في الحال حالتون اجازت نٿيون ڏينس ۽ اهي ٻورين وغيره ۾ بند آهن، گهڻي ڀاڱي ته کڄي به ويا اٿس. جيسين ڪتابن جي سنڀال جو ڪو جوڳو انتظام ٿئي، تيسين هو پنهنجا ڪتاب ڪٻٽن جي پويان، هيٺان ۽ مٿان پيو لڪائيندو جو انهيءَ ۾ ئي انهن جي سلامتي آهي. هن کي هر قسم جا ڪتاب پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق آهي، پوءِ کڻي اهو تفريحي ادب هجي يا سندس سڪيلڌي پٽڙي هوشو (ارشد) جي ڪورس جو ڪتاب. هن کي آٽوبائيگرافيون پڙهڻ خاص طور سان وڻنديون آهن.

لاڏا ۽ شرنايون هن جي ايڏي ته ڪمزوري آهن، جو ٻڌڻ شرط وار ڪانڊارجي ويندس. اکيون ٻوٽي ڪا دير ڄڻ خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويندو آهي. ڪپڙي لٽي جو نه رڳو شوقين پر ان جي صحيح استعمال جو ڏانءُ به حميد کي آهي. سنڌي ادبي انڊسٽري ۾ مغربي لباس جي مقابلي، ورلي ڪو جهڙس خوش پوش اديب هوندو. سوٽ نئين فيشن جو هجي يا پراڻي جو، حميد کي بدني بناوٽ سبب جڙي جڙي ٺهندو. شايد هن کي به اهو احساس آهي، تڏهن ئي ته گهڻو ڪري ڪمپليٽ سوٽ ۽ ٽاءِ پهريل هوندي اٿس نه ته به پينٽ ۽ سهڻي شرٽ ته ضرور پائيندو، هونءَ به سهڻيون ٽايون ۽ شرٽس هنجي ڪمزري آهن. اهي ايڏي ججهي تعداد ۾ گڏ ٿي ويون اٿس جو واري اچڻ تي پائيندو آهي. جنهن ڪري پراڻيون ٿين ئي ڪونه. سنڌي لباس ۾ جيتوڻيڪ گهٽ ڏسبو آهي ته به ڪنهن زماني ۾ سنهڙي ڀرت سان شبلمي پهراڻ پائڻ جو شوق هن جي نفيس ذوق جو سٺو ثبوت آهي.

کائڻ پيئڻ جو ته گهڻو ئي شوقين پر پرهيز طور ڪن پسنديده شين تان

هٿ کڻڻو پيو اٿس. سنڌ جي مٺي پاڻي جو ڏنڀرو مڇي بي حد پسند ڪندو، سامونڊي مڇيون بنهه ڪونه وڻنس. سائون، لوڙهه ۽ بيهه پڻ چاهه سان کائيندو. آهي. هو نه رڳو کائڻ جو شوقين آهي، پر کارائڻ جو به ملهه آهي، اها خبر ڪنهن کي نه هوندي ته حميد مڇي پچائڻ جو وڏو ماهر آهي، کيس مڇي پچائڻ جا ڪيترائي قسم اچن، خاص ڪري مڇيءَ جو پاڻي ڪڍي پوءِ ان کي پچائڻ وڏي ڪاريگري آهي، جنهن کان پڻ حميد مون کي واقف ڪيو. پٽاٽي ۽ قيمي جي ڪبابن لاءِ سندس چوڻ آهي ته انهن کي بيدي يا روٽيءَ جي چوري جي آڌار تي بيهارڻ کانسواءِ تيار ڪجي ته پوءِ ڪا ڳالهه ٺهي. ان لاءِ پڻ سٺو نڪتو ٻڌايائين ته ڪبابن کي سيڪڻ کانپوءِ هلڪو هلڪو گيهه کڻائجي ته اهي نه ڀُرندا. مان اول ته ڪباب ٺاهيان ڪونه، ڪير ٺاهي کارائي ته ٻي ڳالهه آهي، پر جي ’ڀولي بسري نغمي‘ وانگر ڪڏهن کڻي تيار به ڪيم ته انهن کي گيهه ۾ ايڏيون ٽٻيون ڏياريندس، جو ’دوست، دوست نا رها‘ وانگر ڪباب، ڪباب نه رهندو بلڪ ڪڏهن حلوي جو ته ڪڏهن چٽڻيءَ جو پيو ڏيک ڏيندو!

حميد کان ڪبابن بابت اهو گُر ٻڌي منهنجو وات پٽجي ويو ۽ دل ۾ کيس صوم صلوات جي پابنديءَ جو نه سهي پر ’امور خاناداري‘ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پيم.

حميد ڪنهن جو به برو ناهي چاهيو. هن جو باطن سندس ظاهر وانگر اڇو اجرو ۽ صاف شفاف آهي. شفقتن ۽ خلوص جا بي ڪران سمنڊ سندس وشال سيني ۾ روان دوان آهن. ڊائريڪٽر ڪاليجز واري زماني ۾ جڏهن انبوهه ماڻهن جا سندس اڳيان پويان ڦرموٽين وانگر پيا ڦرندا هئا، تڏهن به پاڻ کان گهٽ درجي وارن جي آجيان ڪرڻ لاءِ هميشه اٿي بيٺو. سندس استاد جي ڪنهن ڪم سانگي آفيس ۾ لڙي ايندو ته حميد اٿي ادب سان آڌر ڀاءُ ڪندو ۽ جڏهن ڪو ائين ڪرڻ کان ٽوڪيندو هئس ته چوندو، ”ڀائو ايئن ڇو ٿو چوين، سندن ٻن اکرن جي طفيل ته مان هن جاءِ تي آهيان.“

تڪليف ۽ مصيبتن ۾ هو يارن جو يار، دشمنن جو دوست ۽ سنگتين جو ساٿي آهي. پنهنجي سر جو سانگو نه ڪندي به انهن لاءِ پاڻ پتوڙي رکندو، اهي به اهڙي وقت ۾ کيس ڏتڙيلن جو ڏاتار ڪري سمجهندا آهن، پر ڪي اهڙا هوندا آهن، جي ڪم لٿي کانپوءِ ’جهرڪي ۽ ڪئيءَ‘ واري روايتي ڪهاڻي جو ’ڪئي‘ وارو ڪردار بنجي نيڪ ٽاءِ درست ڪري چوندا اٿس، ”هونهه! مان ٻڏس ٿورئي ٿي، مان ته وهنتس ٿي!“ يا ”ڪنڊن ۾ ٿورو ئي ڦاٿو هئس، مان ته والو پائڻ ڪاڻ ڪن ٿي ٽوپرايا!“

زماني جون ناانصافيون ۽ بيقدريون انسان جي شخصيت تي گهرو اثر وجهن ٿيون، حميد کي به اهي ڏاڍَ ڏمر ۽ ڏنج نه صرف پراين کان پر پنهنجن يارن دوستن ۽ عزيزن کان به سهڻا پيا. هو، جو اعتماد جي صلاحيت سان مالامال آهي، تنهن جي اعتماد ۾ به ڏار پئي ڏسجي، پر هن همٿ ۽ حوصلي واري انسان مان اميد آهي ته انهيءَ کي جلد ئي ڀري ڇڏيندو. هن هڪ ڀيري ڏاڍي ڏک مان چيو هو:

”مون کي اها سا خاطري آهي ته جڏهن مان نه هوندس ته ٻه ٽي ڄڻا ئي سهي پر مون کي خلوص دل سان ياد ڪندي ٻه لڙڪ لاڙيندا. منهنجي لاءِ ٻاڙو ٻول ڪوئي نه ٻوليندو...“

حميد جو وقت اڄڪلهه زندگيءَ جا ذائچا ڀيٽڻ ۽ پرکڻ جهڙي دلچسپ وندر جي نذر ٿي رهيو آهي. ڄمڻ جي وقت جي ذائچي ۽ موجوده سال جي ذائچي جي هڪ جهڙائي علم نجوم جي بلندين کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهيس. جنتريءَ جو ماهر سياڻي صلاحڪار وانگر اڪثر ساڻس گڏوگڏ هلندي چلندي ڏٺو ويو آهي. ڏسون ته سندس گردش ۾ آيل ستارو ڪڏهن ٿو گرهڻ مان نڪري وري چمڪي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org