سيمي ۽ حميد
زينت عبدالله چنا
”سيمي“ مسٽر عبدالحميد سنڌي بي-اي (آنرس) جي طالب
علم جي پهرين ڪوشش آهي. نوجوان جي پهرين ڪوشش ئي
ڪار آمد آهي. اسان جوادب گهڻو پٺتي آهي، اسان
افسانه نگار ڪي ڳاڻ ڳڻيا آهن ۽ اهي به ڪنهن نه
ڪنهن ڪم رڌل رهن ٿا ۽ جڏهن، تڏهن هڪ اڌ افسانو
رهڙيو رکن ٿا ۽ وري ڪن مهينن بعد فرصت ملين ٿي.
ائين ڪونهي جو ”افسانه نگار“ پيٽ کان پالهو هجي
سندس روزي سندس عيال جي روزيءَ تعليم و تندرستيءَ
جي بار جو بندوست هجي ۽ هو رڳو ”افسانه“لکندو رهي،
اهڙي حالت سڀني اديبن جي آهي. نيڻ نچوئي، رت پست
ست ڏئي مٺيون ننڊون ڦٽائي اديب. ادب پئدا ڪري ٿو ۽
اهو ملهائتو ”مڻيو“ ڪڏهين ڪڏهين ڪمائتو ٿيو پوي.
هنن افسانن جي مجموعي ۽ ڪهڙيون گهٽتايون آهن،
ڪهڙيون ڪمزوريون ۽ ڪميون پيشيون آهن ان جي اپٽار
ڪرڻ ”تنقيد نگار“ جو ڪم آهي. اهو ته ضروري آهي
”ڪوبه ماءُ پيٽان ڪونه سکي ايندو آهي، هرڪو آهستي
آهستي لکندي سکندو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن اديب لاءِ
ادب پيش ڪرڻ به ”مومل جي ڪاڪ“ وارو ڦند ۽ ڦير آهي،
تڏهن هن نوجوان طالب علم جيڪا جرئت ڪئي آهي سا
ساراهڻ جوڳي آهي. اهڙن نوجوانن کي جيڪڏهن قوم يا
پڙهندڙن همٿايو ۽ سندن لکڻين کي هنيئن سان هنڊايو
من سان منڊيو ۽ دل ۾ جاءِ ڏني ته اهو ڏينهن دور
ڪونهي جو هي نوجوان ادب جي ميدان ۾ انقلاب آڻي،
اڳتي وڌن ۽ ماڳه تي پهچن. اسين اهڙن ئي نوجوانن ۾
اميدون رکون ٿا.
[بيگم زينت عبدالله چنه: ايڊيٽر
”مارئي، حيدرآباد سنڌ 2 آڪٽوبر 1958]
نوٽ:
حميد سنڌي صاحب، پنهنجو ڪتاب ”ويريون“ جي ارپنا
جيجي زينت جي نالي هنن لفظن ۾ ڪئي آهي: سنڌ جي
عظيم ليکڪا ، سنڌي ادب جي برک ليکڪا ۽ منهنجي جيجل
بيگم زينت چنه جي نالي.
*
ادب
دوست، حميد سنڌي
گوبند مالهي
هنن پنجاهه سالن ۾ سنڌ ۾ سنڌي اديبن جي وڌندڙ
انداز ۽ معيار تي بيحد خوشي ته ٿيندي آهي، گڏوگڏ
مون کي حيرت به ٿيندي آهي ته اها ترقي قدرت جي نه،
قلم دوستن طرفان هڪ مرحبا لائق حاصلات به لڳندي
آهي.
مون لاءِ ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي، 1946ع ۾ اصلوڪي
سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ جو پيمانو ڄاڻڻ لاءِ مون
’نئي دنيا ڪتاب گهر‘ طرفان اصلوڪين ڪهاڻين جو
انتخاب ’ريگستاني ڦول‘ ڇپائڻ شروع ڪيو. سوڀي
گيانچنداڻيءَ ڪهاڻين جي چونڊ پسند ته ڪئي پر هڪ
نراسائيءَ جو اظهار به ڪيو. ’آرٿڪ کيتر وانگر
ساهتيڪ کيتر ۾ به هندن جي هڪ هٽي رهندي ٿي اچي.
مون کي هيءُ مجموعو ڪنهن مسلم دوست جي شرڪت بغير
راس نه ٿو اچي.‘ مون چيومانس، ’اهڙو اديب آهي
ڪٿي؟‘ هن چيو، ’هاڻي نه ته آئيندي ۾ پيدا ٿي سگهي
ٿو، ڪرڻ به کپي.‘ کن جي خاموشيءَ بعد چيائين، ’مان
هڪ ڪهاڻي لکان ٿو، تون اُن کي تخليقي ۽ ڪلاڪاري
روپ ڏج. ڇپينداسين همراهه شيخ عبدالستار جي نالي
۾‘ ۽ سچ پچ هڪ ڪهاڻيءَ جو سهڻو خاطو ٺاهي، ٻئي
ڏينهن منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. خاڪو مون کي وڻيو، مون
اُن ۾ ماس ڀريو ۽ ڪهاڻي عبدالستار جي نالي ۾
ريگستاني ڦول انتخاب ۾ ڇپي.
هفتي ڏهن ڏينهن بعد سوڀي ڏهن شعرن جو ٿهو آڻي مون
کي ڏنو ۽ چيو، ’عبدالستار جي آکاڻيءَ جو اثر نه
آهي پر آهي مبارڪ حاصلات. هيءُ انقلابي شعر اياز
لکيا آهن. انهن جي ڇپائڻ جو انتظام ڪر.‘
اِنهن شعرن مون کي به موهيو. پهريون شعر هو:
’اوباغي، راج دروهي...‘
مون نظم ۽ نثر جو مسيلني ٽائيپ انتخاب شايع ڪيو
’پرهڦٽي.‘ اياز جا سڀ شعر ڇپيا. پوءِ اياز ورهاڱي
۽ لڏپلاڻ کان اڳ ئي شاعريءَ تي ڪافي اڳتي وڌيو ۽
ادبي ڪلاس ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهيائين: ’هاجران‘ اُن بعد،
ٻيون به ڪهاڻيون لکيائين ۽ اُهي ڇپيون به. مون کي
’مفڙي بيوقوف‘ ۽ ’سفيد وحشي‘ ڪهاڻيون ڪافي معياري
لڳيون.
ورهاڱي ۽ هندو ليکڪن جي اڪثريت جي سنڌ مان لڏپلاڻ
بعد مسلم اديب دوستن اياز، راز ۽ جويي ۽ ڪن ٻين
اديبن جي اُتساهه ڏيارڻ سان خال ڀريو ئي نه، گهڻو
ڪي ڀارتي اديبن جهڙي معيار جو خلقيو به.
مون کي ائين لڳندو آهي ته ريگستاني ڦول بي اثر نه
رهيو. جنهن اديب سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ جي اِن
پهرينءَ منزل کان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ منزلن پٺيان
منزلون طئه ڪندو رهي ٿو، سو آهي ’ادب دوست- حميد
سنڌي.‘ هن، ريگستاني ڦول جي مقصد سان نباهيو به
آهي ۽ اُن کي وسعت، اهميت ۽ مقبوليت به بخشي آهي.
منهنجي نظر ۾ هو سنڌي عوام جي حسرتن ۽ مسرتن، سپنن
۽ خواهشن جو عيوضي ڪهاڻي نويس آهي. مون کي هو،
منهنجي ادبي نظريه، هئيت ۽ مواد جي لحاظ کان ويجهي
۾ ويجهو لڳندو آهي.
مان تنوير عباسيءَ جي ڪَٿ سان متفق راءِ آهيان ته
’حميد فڪشن ۽ فئڪٽ کي گڏيو آهي. هن جون ڪهاڻيون
اسان جي دؤر جي تاريخ جي اُها ڌارا آهن جنهن جي
لهر جا لک لباس آهن، جيڪي حميد اکين ڏٺا آهن ۽
سندس قلم محفوظ ڪيا آهن.‘
مان اِن کان وڌيڪ شامل راءِ آهيان حميد سنڌي جي
پنهنجي اعتراف سان ته: ’منهنجي ڪهاڻي سنڌ جي ڪهاڻي
آهي.‘ ’سنڌ جي هر رهواسيءَ سان هر طرح چهٽيل،
اُنهيءَ پهراڻ مثل جو پگهر هوندي جسم کان ڌار نه
ٿيندو آهي. منهنجون ڪهاڻيون ڪنهن کي به اوپريون نه
لڳنديون.‘
’راڻا جي راجپوت‘ ڪتاب جي ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي‘ باب
۾ ان اعتراف هيٺان ساڳئي صفحي تي حميد منهنجي ۽
پنهنجي عقيدي جي ساڳيائي جتائي آهي. مون مارڪسوادي
هوندي به سهڻي شاهه لطيف جي اثر جو اعتراف ڪيو
آهي. مون به ڪن ڪهاڻين ۽ ناولن جا سرا شاهه کان
ورتا آهن ۽ سنڌي جيون جي هر پهلوءَ سان هو جڙيل ۽
اُن جو بهترين ترجمان رهيو آهي.
حميد جي انساني دوستي هن جي هر رچنا مان ليئا
پائيندي نظر ايندي آهي، پر هن جي وسيع نظر ۽ نظريه
جي اِن مان به ساک ٿي ملي ته هن شاهه جي سُرن تي
ادبي مقالن جو نه صرف انتخاب ڪيو بلڪه بي ڌڙڪ شاهه
جي هندو سنياسين سان ڪاٽيل زندگيءَ جي عڪاسي به
ڪئي آهي ته ثنا ۾ پنهنجي ليک کي سِرو به ڏنو اٿس:
’جا گُر ڏني گودڙي.‘
سنڌ ۾ حميد سنڌي سان مختصر ڪچهريءَ مون کي بيحد
تسڪين ڏني، هن جي محبوب طبيعت کان بيحد متاثر به
ٿيس ۽ بس....
حميد سنڌيءَ
جون ڪهاڻيون
تنوير عباسي
ورهاڱي کان پوءِ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو جيڪو نئون
جنم (Renaissance)
شروع ٿيو، ان جي پهرئين دور ۾ جمال ابڙو حفيظ شيخ،
رباني، رشيد ڀٽي ۽ آغا سليم۽ ان کان پوءِ واري
ٽهيءَ ۾ حميد سنڌي، امرجليل، غلام نبي مغل، طارق
اشرف، عبدالقادر جوڻيجو ۽ جمال رند اچي وڃن ٿا.
سنڌي ڪهاڻي انهن کان اڳتي هلي ماهتاب محبوب،
نورالهديٰ شاهه،خيرالنساءِ جعفري ۽ شوڪت شوري
تائين پهتي.
پهرئين ٽهيءَ ۾ رڳو رشيد ڀٽي هئو، جيڪو آخر تائين
ڪهاڻيءَ سان ناتو نڀائيندو رهيو. ان کان پوءِ واري
ٽهيءَ ۾ امر جليل ۽ حميد سنڌي آهن، جيڪي لڳاتار
لکندا اچن. حميد جا هن وقت تائين ڪ چار مجموعا
ڇپجي چڪا آهن جن ۾ آيل ڪل ڪهاڻيون اٿس.
حميد سنڌي نه فقط پنهنجي دور جو منفرد ڪهاڻيڪار
آهي، پر هن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي جي نئين
جنم ۾ وڏو عملي حصو ورتو آهي. ورهاڱي کان پوءِ
سنڌي ڪهاڻي پوين پساهن ۾ هئي. محمد ابراهيم جويي،
”مهراڻ“، ۽ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، نئين
زندگيءَ، جي ذريعي ان ۾ ساهه وڌو، ته حميد سنڌيءَ
”روح رهاڻ“ ۽ طارق اشرف سهڻي جي ذريعن ان کي نيئن
سر جوان ڪيو. روح رهاڻ کان اڳ حميد ”زندگي
پبليڪيشنس“ جو بنياد رکيو. جنهن ذريعي پنهنجي
مجموعي ””سيمي““ ۽ اداس واديون“ ناصر مورائيءَ جي
”راتيون جاڳن جي“، کان سواءِ هن دور جي سنڌي
ڪهاڻين جا ٻه اهم ترين مجموعا شايع ڪيا. اهي هئا
جمال ابڙي جو ”پشو پاشا“ ۽ غلام ربانيءَ جو ”آب
حيات“
ان کان پوءِ ”روح رهاڻ“ سنڌي جديد افساني جي لاءِ
هڪ تحريڪ جو ڪم ڪيو. حميد نه فقط ”روح رهاڻ“ ۾
پنهنجي دور جا بهترين افسانا شايع ڪيا، پر ”روح
رهاڻ“ جي ذريعي ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا،
جيڪي اڄ ڪلهه ادبي آسمان تي جڳمڳ جرڪي رهيا آهن.
انهن ۾ امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، نسيم کرل،
شوڪت شورو، غلام نبي مغل، سراج، علي بابا، ۽ رشيده
حجاب اچي وڃن ٿا.
نئين سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۽ سنوارڻ ۾ان دور ۾
نئين زندگيءَ، مهراڻ ۽ سهڻي سان گڏ روح رهاڻ وڏو
ڪردار ادا ڪيو.
1957ع کان اڳ، جيڪي به ادبي ڪانفرنسون ٿينديون
هيون. ان ۾ رڳو مقالن جي نشست ۽ مشاعرو ٿيندو هيو.
ڪهاڻيءَ کي ادب جو حصو ئي نه سمجهيو ويندو هئو.
سنڌي ادبي سنگت برپا ٿي ته ان جي گڏجاڻين توڙي
ڪانفرنسن ۾ ڪهاڻيءَ جي نشست ڪئي ويندي هئي، ۽ پوءِ
جڏهن حميد ساليانه ”جشن روح رهاڻ“ شروع ڪيا، ته
انهن ميڙن ۾ ڪهاڻيءَ جي نشست هڪ اهم ادبي پروگرام
هوندو هئو، جنهن نه صرف اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن جي همت
وڌائي، پر ڪهاڻيءَ کي سنڌي ادب جي هڪ اهم صنف جي
حيثيت ۾ مڃتا ڏياري. ويتر جو ””روح رهاڻ““ طرفان
بهترين ڪهاڻين جي حيثيت ۾ ڪهاڻين تي انعام ڏنا
ويا، ته ڪهاڻيءَ جي اهميت توڙي مقبوليت ۾ واڌارو
آيو.
حميد سنڌي، نه فقط هن دور جي اهم ترين سنڌي
ڪهاڻيڪارن مان آهي، پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي سنڌي ادب ۾
رائج ڪرڻ ۽ ان کي مقبول بنائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار
آهي.
ڪهاڻي پنهنجي دور جي تاريخ آهي. تاريخ نويس جي
ڪنهن دور تي لکي ٿو، ته ان کي
Generalize
ٿو ڪري، ان جي اونهي اڀياس ۾ نه ٿو وڃي. ان جي
تفصيلن جي اپٽار ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري. هو ان وقت
جي سماجي، سياسي توڙي اقتصادي حالتن تي هڪ طائرانه
نظر ٿو وجهي. پر افسانوي ادب پنهنجي دور جي حالتن،
ان جي ڪردارن، انهن جي نفسياتي لاڙن، سماجي ۽
اقتصادي حالتن جي تفصيلن تي روشني ٿو وجهي، جيڪا
ڳالهه تاريخ نويس جي وس ۾ نه آهي. ڊڪنس جو (A
Tale of Two Cities).
هيمنگوي جو (Farewell
to Arms)
ان ڳالهه جو مثال آهن. حميد جي افسانن جي وڏي خوبي
اها آهي، جو هن سنڌ ۾ اسان جي دور جي سماجي،
نفسياتي، توڙي سياسي حالتن کي آتشي ڪائي (Magnifying
glass)
سان وڌائي، انهن مان ڪن اهڙن ڪردارن، واقعن ۽ اهڙي
ماحول کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو آهي، جيڪي اڄ کان
چوٿائي صدي پوءِ موجود ئي نه هوندا ۽ اسان جي دور
جي تاريخ ان جا اهڙا چٽا ۽ پڌرا نقش نه ڏيئي
سگهندي، جيڪي اسان جي هن انوکي ڪهاڻيڪار ڏنا اهن.
”ڌو پار“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ارڏو ڪردار آهي، جيڪو اٽي
ڏڪر راند ٿو ڪري، ۽ ان ۾ ايترو ماهر آهي جو جنهن
به فانوس کي چاهي، گهڙيءَ ۾ پنهنجي اِٽيءَ سان ڀڃي
ٿو ڇڏي. اها اِٽي ڏڪر راند، ۽ اهي گاسليٽ وارا
فانوس،هاڻي سنڌ ۾ نه آهن. نه وري اهي اَرڏا ڇوڪرا
(نفسياتي ساخت پڻ وقت ۽ دور سان بدلجي ٿي.)
اهڙين ئي ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي ”راڻا جي رجپوت“ نه
فقط حميد جي شاهڪار ڪهاڻين مان آهي، پر سنڌي ادب
جي شاهڪار ڪهاڻين مان پڻ!
مون کي ياد آهي، ته حفيظ شيخ، انهي ئي هم جنس
پرستيءَ واري موضوع تي پهرين ڪهاڻي ”اوستو جاڙو“
لکي هئي، نه ان وقت سنڌيءَ جي سڀني رسالن جي
ايڊيٽرن ان کي ڇاپڻ کان انڪار ڪيو هئو، ۽ اها
ڪهاڻي اڻڇپيل ئي رهجي ويئي ۽ هاڻ اها شاهڪار ڪهاڻي
گم ٿي ويئي آهي، ۽ڪٿي به هٿ نه ٿي اچي.
حميد، ”راڻا جي رجپوت“ لکي سنڌي سماج جي ان اداري
Institution
کي ابدي حياتي ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪو اڄ پوين پساهن ۾
آهي، ۽ اڄ کان چوٿائي صدي پوءِ اسان جون ايندڙ
ٽهيون ان ڪهاڻيءَ کي پڙهي ”ڏندين آڱريون“ ڏيندوين
ته ”مار- ڪڏهن سنڌ ۾ ائين به ٿيندو هئو.“ اها
ڪهاڻي، سنڌ جي جاگيرداري سماج (Feudal
Society)
جو هڪ چڪندڙ ناسور آهي، حميد جنهن جي تفصيلي اپٽار
ڪئي آهي.
”ڀڳت جي اداري کي، سنڌي سماج ۾ خوبيون به آهن، ته
خاميون به ڀڳت جي اداري مان سنڌ کي ڪنور ڀڳت ۽ ان
کا پوءِ ڪي ئي ڀڳت مليا، جن سنڌي موسيقيءَ ۾
شاندار ۽ فخر لائق ڪردار ادا ڪيا. انسان دوستي،
رواداريءَ ۽ پيار جو پيغام ڏنو، تعصب ۽ نفرت کي
ٻنجو ڏنو. ۽ صوفين توڙي ڀڳتن جي عظيم پيغام کي
ڦهلايو. پر جڏهن اهو ادارو وڏيرڪي قبضي ۾ آيو ته
ان ۾ ’Corruption‘
شروع ٿي، ۽ سهڻا ناچو ڇوڪرا، وڏيرن جي هوس جو شڪار
ٿيا. حميد ان ڪهاڻيءَ ۾ مثالي ڪردار کنيا آهن.
ناچو ڇوڪرو- ان جي نفسيات، وڏيرا، جيڪي ان ناچو
ڇوڪري جي ناز تي مست آهن، وڏيري جي زال، جيڪا
اڪيلائيءَ سببان پريشان آهي. اهي سڀ ڪردار ڪوبه
ڪهاڻيڪار ان سماجي تمام اونهي ۽ ويجهي اڀياس کان
سواءِ خلقي نه ٿو سگهي. حميد جي هيءَ ڪهاڻي ايندڙ
دور جي تاريخدانن، سماجيات توڙي نفسيات جي ماهرن
لاءِ هڪ اهم ”ڪچو مال“ (Raw
Material)
ثابت ٿيندو.
اهڙي ئي قسم جي حميد جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”زبرو ڌڪ“ به
ڏاڍي اهميت واري آهي. جانورن جي ويڙهه (Animal
Sports)
تي سنڌيءَ ۾ ٽي ڪهاڻيون اهم آهن. هڪ رشيد ڀٽيءَ جي
”بڻ“ ٻي حميد سنڌيءَ جي ”زبرو ڌڪ“، ٽين بادل
جماليءَ جي ”خفتي“.
”زبرو ڌڪ“ جو ڪردار سنڌ جو هڪ مثالي ڪردار آهي،
جيڪو حجامڪو ڪم به ڪري ٿو، پر کيس بلٽري ڪُتن جو
به خفت آهي. ڪتن جي ويڙهه جو به شوقين آهي. هن
افساني ۾ حميد انسان ۾ رحم دليءَ جي عنصر جي اونهي
اپٽار ڪئي آهي. استاد نبن، ڦڻي ڦوڪارو ڪندي، هڪ
آفيسر کي بلٽري ڪتن جي فرمائش ٿوڪري، نيٺ وڃيو
سندس آفيس ۾ نڪري، جو بلٽري ڪتن کي هٿ ڏاڍو خوش
ٿئي ٿو، انهيءَ ڪتي جو سوئر سان ميل ٿئي ٿو، ۽ ڪتو
ڦٽجي مرڻينگ ٿو ٿئي، ته استاد نبن پاڻ ميدان ۾ لهي
پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، کيس بچائڻ جي ڪوشش ٿو
ڪري، ا۽ ائين پاڻ به ڦٽجي ٿو پوي، ۽ ٻيا ماڻهو
ميدان ۾ لهي، سوئر کي ڏڦن سان ماري، استاد نبن کي
بچائن ٿا.
انهي ڪهاڻيءَ ۾ حميد نه فقط ڪردار نگاريءَ جو ڪمال
ڏيکاريو آهي پر انهي طبقي جي خفتين جي ٻولي پڻ
ڊائلاگن ۾ محفوظ ڪري ڇڏي اٿائين، جيڪا اڄ ان ويهه-
پنجويهه سال پوءِ گم (Extinct)
ٿي ويندي.
”هي لوسي آ، هي لوسي آ، واهه سائين واهه! واهه جي
عزت ڪئي اٿوَ خانداني ڪتي جي؟ خانداني ماڻهو ٿي
ڪري خاندان جو قدر نٿا ڪريو!“
”پنهل سائين ڪاٿي ٿو ڇڏيانءِ اسان جي ته ڀينگ ٿي
وئي آهي هو شهنشاهه بلٽري ڏنو هُيئه اهو به نيٺ
ميدان ۾ لاٿم. هن ڌڪ ئي نه جهليو. پهرين ئي سٽ ۾
رڇ چڪ هنيس. شهنشاهه ”ڪئون“ ئي نه ڪئي ۽ الله ڏي
هليو ويو“.
هن ڪهاڻيءَ جي چوٽ (Climax)
دکدائڪ به آهي، ته انساني رحم جي جذبي جي چٽي
تصوير پڻ. جڏهن استاد نبن پنهنجي پاليل پياري
بلٽري ڪتي کي بچائيندي زخمي ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ
ڪتو به ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي، ۽ استاد نبن جي منهن
تي زخمن جا چچريل نشان رهجي ٿا وڃن. تڏهن به هو ان
بيڪار ۽ اپاهج ڪتي کي پنهنجي دڪان ۾ ٻدي، ان جي
خدمت ڪندو ٿو رهي، ۽ جڏهن اهو آفيسر، جنهن کيس اهو
بلٽري ڪتو هٿ ڪري ڏنو هئو،) ۽ استاد نبن انهي ڪتي
کي شهنشاهه چوندو هوکيس چيڙائڻ لاءِ چئي ٿو ته:
”استاد- هيءَ بلٽري به لوسي ٿي ويو آهي“ ته هو چڙي
نه ٿو، مرڪي ٿو چوي ٿو“:
”پنهل سائين- اسين ئي لوسي ٿي ويا آهيون- ٻچن جا
ڌڪ ڏاڍا ڪي زبرا آهن.“
حميد جي ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ انهي انسان رحم دليءَ
جي جذبي جي اپٽار آهي. سندس ڪهاڻي ”هڪ هرڻيءَ جي
ڳالهه“ به ان قسم جي ڪهاڻين مان هڪ شاهڪار ڪهاڻي
آهي. جنهن ۾ هڪ ٻار جا پاڪ پوتر ۽ نرمل جذبا بيان
ڪيا ويا آهن. هرڻيءَ جهڙو سهڻو ۽ شانائتو جانور، ۽
هڪ بار جا معصوم، ۽ سادا جذبا، اهو ٻار جڏهن وڌي
وڏو ٿئي ٿو، تڏهن به سندس دل ۾ اهي جذبا قائم رهن
ٿا، ۽ هرڻيءَ جي ٻچي لاءِ سندس دل ۾ رحم تهائين
وڌي وڌي ٿو وڃي.
اهڙي ئي موضوع تي حميد جي هڪ ٻي ڪهاڻي آهي ”بابا
منهنجو چوزو“ حميد نه رڳو انسانن سان پيار ڪري ٿو،
پر هو پکي پکڻ (پرديسي پکيئڙا) جانورن (زبرو، ڌڪ،
هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه ۽ بابا منهنجو چوزو) وڻن ٽڻن
(دربان) ۽ ماڳن (ويريون) سان به محبت ٿو ڪري. هن
جو موضوع محبت آهي. هن جو، سچل جي هن سِٽ وارو حال
آهي ته: ”يار مليو ڪک پن ۾“ هن جي محبت لا محدود
آهي. نه رڳو انسانن، جانورن ۽ پکين تائين، پر وڻن
۽ ڀتين تائين هن جا محبوب آهن.
”بابا منهنجو چوزو“ جومرڪزي ڪردار جيڪو پاڻ کي
ترقي پسند ٿو سڏائي پر ويس وڳا ۽ کاڌا پيتا شاهاڻا
اٿس. کٽاري گاڏيءَ ڊگهو سفر ڪري ادبي ميڙ ۾ شريڪ
ٿيڻ کان اڳ نه رڳو ڦڻي ڦوڪارو ضروري ٿو سمجهي پر
ميزبانن کي ڪپڙن جي استري ۽ بوٽ جي پالش ڪرائڻ
لاءِ به هدايتون ٿو ڏئي. کاڌي جي باري ۾ صاف چئي
ٿو ته ”اسين گوشت کائون ٻاڪرو- اهو به ننڍي ليلي
جو. ۽ ڪڪڙ نه- پر چوزو.“
ميزبان ڪڪڙ جو ٻوڙ ته ڪرايو هيو پر لاچار همراهه
جي فرمائش ٻڌي، چوزي جي ٻوڙ جو ڍونگو ٿو آڻي، جنهن
کي ميزبان جو ننڍڙو معصوم ٻار ”بابا منهنجو چوزو “
چوندو، ان اديب جي ڪپڙن تي ڦهڪائي ٿو ڏئي.
حميد جي هن ڪهاڻيءَ جي چوٽ (Climax)
به انساني رحمدليءَ ٻار جي پاڪ معصوم ۽ چوزي لاءِ
همدرديءَ وارن جذبن جي تاثر جي تمام چٽي ۽ زورائتي
نموني ۾ اپٽار ٿي ڪري.
پکين سان پريت جي موضوع تي حميد جي هڪ شاهڪار
ڪهاڻي ”پرديسي
پکيئڙا“ هن مجموعي م شامل آهي. ان ڪهاڻيءَ جا ٽي
مکيه ڪردار آهن: سچل- نوجوان باغائي، جيڪو پنهنجي
پيءُ بچل جي پوڙهي ۽ بيمار ٿي وڃڻ جي ڪري کانڀاڻي
ٿو سنڀالي- بچل جيڪو پوڙهو جهانديد آهي. سڄي عمر
کانڀاڻي کڻي پکين کي باغ مان اُڏاريو اٿس. پر هن
کي پکين سان پريت آهي. پنهنجي پٽ کي سمجهائي ٿو ته
”سچل کانڀاڻي وهندي جي ڪنهن پکي کڻ جو کنڀ ڪريو،
سمجهه ته ڪيسُ ڪري ڇڏيئه. خاص طرح وهين جو ته خيال
ڪجانءِ. هي پتڪڙو ڀورڙو پکي پرديسي پکي اٿئي.“
بچل ڪيترن سالن کان وهين کي قطارون ڪندي، کجين جي
چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾
وجهندي ڏٺو هئو.“
نوجوان سچل، جڏهن وهين جي ولرن سان پڄي نه ٿو
سگهي، ته ڪاوڙ ۾ سڌي ۽ اُڀي کانڀاڻي ٿو وهائي،
جنهن مان هڪ ڳوڙهو وڃي وهئي کي ٿو لڳي، ۽ سچل
خوشيءَ مان رڙ ٿو ڪري ”اهو ٿو وڃئي“ جڏهن اهو زخمي
وهيو کڻي. هو مناهين ڏي ٿو وڃي ته پنهنجي پيءُ کي
مرڻينگ ٿو ڏسي، جنهن جي لوندڙيءَ ۽ منهن تي ڳوڙهن
جا نشان هئا. هو پيءُ کي هوش ۾ آڻي ٿو ته پڻس جي
نظر ڌڪيل پکيءَ تي پئي ٿي، ۽ چوي ٿو.
سچل! پٽ گهٻراءِ نه پرواهه ناهي. هر هڪ پرديسي
آهي. اڄ پرديسين جو وارو هيو. جهڙو وهيو پرديسي
پکي تهڙو مان.“
۽ انساني رحمدليءَ واريءَ چوٽ (Climax)
تي، هيءَ شاندار ڪهاڻي پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏيندي
ختم ٿي ٿئي.
حميد جون ڪجهه ڪهاڻيون آهن جن جو موضوع ٻار آهن.
انهن مان هڪ ڪهاڻيءَ ”ڌو پار“ جو اڳ ۾ به ذڪر اچي
چڪو آهي. ڌوپار جو مرڪزي ڪردار هڪ ارڏو ٻار آهي
جيڪو فانوسن جا شيشا اِٽي- ڏڪر کيڏندي ڀڃي ٿو. ۽
کيس اڻ وڻندڙ هڪ ڪردار کي به اِٽي وهائي ٿو ڇڏي.
”ٽڪي ۾ ٻاٽي“ هڪ ٻئي ٻار جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ
ڪوهر وڪندڙ ٻار جي مايوسين جي اپٽار ڪئي وئي آهي،
۽ ان جي باوجود به سندس همت ۽ عزم کي چٽو ڪري
ڏيکاريو ويو آهي. ”ڪنچن ڪايا“ هڪ بئي بار جي ڪهاڻي
آهي، جيڪو چڌي راند جو ماهر آهي. ”مٺوءَ جي ڪهاڻي“
هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جنهن جو مرڪز ڪردار ”مٺو“ هڪ
اهڙي آفيسر جو پٽ آهي، جيڪو بدلي ٿي هڪ وڏي ڳوٺ ۾
ٿو وڃي، ۽ مٺوءَ جي دل تي اهو نئون ماحول هڪ عجب
تاثر ٿو ڇڏي.
هو ڍڳي گاڏي ڏسي عجب ۾ پئجي ٿو وڃي. اسڪول جو گهنڊ
ٻڌي پڄي ٿو ته اسڪول ڇا ٿيندو آهي. سندس پيءُ کيس
”استاد ڇاڱي مل“ جي حوالي ٿو ڪري، جيڪو روشن خيال
آهي. مثالي ماستر آهي جيڪي رڳو ورهاڱي کان اڳ
هوندا هئا. چوي ٿو: ”مٺو اڄ کان وٺي منهنجو پٽ
آهي. کيس مان تيار ڪندس.“
مٺوءَ جو من سونجهڻو (Inquisitive
Mind)
آهي. هو هر مشاهدي تي سوال ٿو ڪري
”پورهيت ڇا ٿيندو آهي؟“
۽ پوءِ پيءُ کي چوي ٿو:
”بابا- اسان اڄ پورهيت ڏٺو. بابا پورهيت سٺو هوندو
آهي نه؟ مان وڏو
ٿي پورهيت بڻبس. پنهنجي هٿ سان انُ اُپائيندس.
مامي غلام وانگر.“
۽ پوءِ ماستر ڇاڱي مل جي گهر وڃي، انهن کي ”سرلا“
جي ڏک ۾ روئندو ڏسي، سندس معصوم من به انهن جي ڏک
۾ شريڪ ٿي ٿو.
ٻارن تي لکيل ڪهاڻين مان حميد جي ڪهاڻي ”خانو چور
نه آهي“ هڪ شاهڪار آهي. اها نه فقط حميد جي، پر
سنڌي ادب جي شاهڪار ڪهاڻين مان آهي. خانو هڪ معصوم
ٻار آهي، جيڪو ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول پڙهڻ وڃي ٿو.
هو نٻل ۽ ڪمزور به آهي، ته غريب به- سندن اسڪول ۾
شودا پيداگير ۽ دادگير ڇوڪرا هئا، جيڪي اهڙن ڇوڪرن
کان ”آنڪي“ اُڳاڙيندا هئا. خانو اها ”آنڪي“ ڀرڻ
لاءِ چوري ڪندو هئو. هنن پيداگيرن جڏهن ”آنڪي“ مان
اگهه وڌائي ٻياني ڪيو، ته خانو چوري ڪرڻ مهل ضمير
جو آواز ٻڌو. ”خانو چور نه آهي“ ۽ ان ضمير جي آواز
کان متاثر ٿي ، هن چوري ڪيل ٻياني واپس رکي ڇڏي
اسڪول آيو ته به سندس چپن تي اهي لفظ هئا ته ”خانو
چور نه آهي“.
موڪل ٿيڻ وقت جڏهن شودن ڇوڪرن کانئس ٻياني گهري ته
هن انڪار ڪيو. چيائين ”خانو چور نه آهي“ ان تي
شودن هن کي ٺؤنشا هنيا، ۽ سندس رت وهندو ڏسي ڊڄي
ڀڄي ويا. خانو جيڪو مار کان نستو ٿي پيو هئو ٻاهر
اسڪول جي گيٽ تي آيو، جتي اڃا ڪجهه سندس جهڙا
مظلوم ۽ شودن، داداگيرن ۽ پيداگيرن جا ستايل بيٺا
هئا. هن رڙ ڪري چيو ”اڙي نورا، اڙي شمن، علڻ رحيم،
ٻڌو ڪوبه هاڻي پيروءَ ۽ سندس شودن جي ٽولي جي آنڪي
نه ڀريندو“.
هو ڏسو سامهو وڃي ٿو پيرو ۽ سندس شودن جو ٽولو. نه
ڇڏيون دسيون، همٿ ڪيو، وڌو همٿ ڪيو“.
پوءِ انهن شودن جي ٽولي کي هڻي ڊاهي وڌو. حميد لکي
ٿو ته ”اڄ ڏينهن پويان ڪمزورن جي سرسي ٿي“ ۽ ”خانو
خاموش اونڌو پيو هئو. پر سندس چپن تي مرڪ هئي.
چچريل ۽ رتائون منهن ٻهڪي رهيو هئو. هنن جڏهن
ڪمزور، بي جان ۽ نٻل جسم کي کنيو ته هنن کي ائين
لڳو ته ڪنهن ڳري بت واري جوڌي جوان کي کڻي رهيا
هجن.
حميد جي هيءَ ڪهاڻي، سنڌ ۾ هن ڌاڙيلن ۽ ڪلاشنڪوف
جي دور ۽ تعليمي ادارن ۾ نراسيت جي زماني ۾ وڌيڪ
اهميت رکي ٿي. سنڌ ۾ ڦهليل هن ڪئنسر جو علاج تڏهن
ئي ممڪن آهي. جڏهن سنڌ جو عام ماڻهو، توڙي تعليمي
ادارن جو شاگرد، ڌاڙيلن ۽ داداگيرن کان ڊڄي، ان جي
”آنڪي“ ڀرڻ کان انڪار ڪري، همت ۽ ٻڌيءَ سان خانوءَ
جي مثالي ڪردار کي آڏو رکي، انهن جو مقابلو ڪندو.
چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي ويڙهه، هر دور ۾ هلندي رهي
آهي، پر اسان جي دور ۾ چڱائي جيتر هيسيل، دٻيل ۽
نستي آهي، اوتري شايد سنڌ ۾ ڪنهن به دور ۾ نه رهي
هئي. پر تڏهن به هيءَ ڪهاڻيءَ سنڌ جي مستقبل جي
ڪهاڻي آهي، جڏهن سنڌ ۾ چڱائيءَ جون هيسيل دٻايل ۽
ڪمزور قوتون، ڪنهن خانوءَ جي مظلوميءَ واريءَ همت
جي همدرديءَ ۾هڪ هنڌ گڏ ٿي، ٻڌي ڪري سماج ۾ پيدا
ٿيل داداگيرن کي شڪست ڏينديون. هيءَ ڪهاڻي، ٻارن ۾
نه فقط چڱائيءَ لاءِ احترام ۽ پيار ۽ برائي لاءِ
نفرت پيدا ڪندي، پر انهن ۾ برائيءَ خلاف جنگ جوٽڻ،
۽ ان جنگ جي حڪمت عمليءَ جي طرف پڻ رهنمائي ڪندي.
ڇو ته داداگير، ظاهر ۾ ڪيترا به طاقتور هجن، پر
اهي عوام جي اٿاهه سمنڊ آڏو تڇ آهن. ڇو ته عوام ۾
گهڻائي نيڪيءَ، انصاف ۽ حق جا طرفدار آهن.
حميد جون ڪجهه ڪهاڻيون ڊرامائي تاثر رکن ٿيون.
انهن ۾ اهم ڪهاڻي آهي ”تنهنجو سفر منهنجو سفر“
هيءَ ڪهاڻي فيڊر لائين جي هڪ مسافر جي ڪهاڻي آهي،
جيڪو صبح جو ريل گاڏيءَ ۾ ڳوٺ ڪنهن ڪم سان وڃي ٿو،
۽ شام جو دير سان موٽي ٿو اچي. ساڳيءَ ئي گاڏيءَ ۾
ويندي به ان گاڏيءَ ۾ هڪ ننڍيءَ اسٽيشن تي هڪ
ڪنوار، هڪ اڌڙوٽ، ۽ هڪ لساٽ ٿا چڙهن ٿا موٽندي به
ساڳي اسٽيشن تان اهو ئي اڌڙوٽ، اهوئي لساٽ ۽ هڪ
پڪيءَ عمر واري ڪنوار سان گڏ ٿا چڙهن، جنهن جا وار
مينديءَ سان ڳاڙها ٿيل آهن.
هن ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جو ڪمال اهو آهي، جو اهو
سمورو واقعو اهڙيءَ حالت ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ريل جي
گاڏي ۾ پوري روشني نه آهي ۽ ڏسندڙ کي انهن ڪردارن
جا مهانڊا به چٽا نٿا نظر اچن. هو رڳو سندن قد ۽
عمر جو اندازو لڳائي سگهي ٿو. ويندي مهل ڪوبه
ڊائلاگ نه آهي. پر ڪنوار جي جسم مان ايندڙ خوشبو،
۽ چوڙين جي جهنڪار اهي ٻه اهم ڊائلاگ آهن. موٽندي
مهل رڳو ٻه مختصر ڊائلاگ آهن. ان کانپوءِ لسڙاٽ
گهوٽ. پڪيءَ عمر جي ڪنوار جي هنج ۾ سڏڪا ڀريندو،
پنهنجي پياريءَ ڀيڻ کي ياد ڪندو (جنهن جي ان اڌڙوٽ
سان شاديءَ ٿي) ۽ ان جي پارت ڪندو سمهي ٿو پوي. ڄڻ
ته ماءُ جي هنج ۾ سمهي ٿو پوي.
هيءُ ننڍي ڪهاڻي. ٽيڪنڪ ۽ موضوع جي لحاظ کان تمام
وڏي آهي نه واقعو، نه ڊائلاگ، رڳو چار ڪردار – جن
جون شڪليون به چڱيءَ طرح نظر نه ٿيون اچن، اها
اڄوڪيءَ سنڌ جي سماجي ناسور، اڻ برابري واري
شاديءَ جو ڀرپور، اونهو ۽ چٽو تاثر ڏئي ٿي. جوان
ڇوڪريءَ جي اڌڙوت سان شادي ۽ پڪيءَ عمر، مينديءَ
رتل ڳاڙهن وارن واريءَ ڪنوار جي لسڙاٽ سان شادي
جنهن کي مپن جي ساول مس آئي آهي، ۽ جيڪو سندس هنج
۾ سمهي ٿو پوي. ڏي وٺ جو ناسور- عورت کي وٿ (Commodity)
بنائڻ جو ناسور ۽ ان مشاهدي کان، انهن اڻ چٽن
ڪردارن جي چتن دردن، ۽ اڻ ڳالهايل مڪالمن کان
متاٿر ٿي فيڊر لائين جو اهو مسافر هڪ خط ٿو لکي،
(جيڪو پاڻ پنجاهه جي پيٽي ۾ آيل هڪ جهونو آهي)
جنهن ۾ پاڻ کان ٽيهه ورهيه ننڍي ڪجهه رقم جي عيوض
پرڻجڻ لاءِ ورتي آهي، ان جي پيءُ کي لکي ٿو، ته
اها رقم ان ڇوڪريءَ کي ڏاج ۾ ڏئي هو پاڻ ان
ڇوڪريءَ سان شادي نه ٿو ڪري سگهي اها اهن هن
شاندار ڪهاڻي جي چوٽ (Climax)
هن ڪهاڻيءَ ۾ حميد، سنڌ جي هڪ اهم دور کي محفوظ
ڪيو آهي. حميد جون ڪجهه ڪهاڻيون ڪردارن واريون
ڪهاڻيون آهن- هونءَ ته حميد جي هرڪهاڻيءَ ۾ انوکا
ڪردار هوندا آهن، متي ذڪر ڪيل ڪهاڻين مان ”زبرو
ڌڪ“، خانو چور نه آهي“، ”راڻا جي رجپوت“ وغيره
ڪرداري ڪهاڻيون آهن، پر حميد جون اهي ڪهاڻيون
ڪردار نگاريءَ سان گڏ ٻين طريقن جي اڀياس م به اچي
سگهن ٿيون. پر حميد جون هن مجموعي ۾ آيل ڪهاڻيون
”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”زوراور“، ”اسان اُڌارا“،
”چور ڪير، ساڌ ڪير“، چوري ساڻ چسن“ ۽ ”اسان تي
الزام“ اچي وڃن ٿيون.
ڪردار نگاري ڪهاڻيڪاريءَ جو اهم شعبو آهي،
پرڪهاڻيءَ ۾ توازن (Balance)
پيدا ڪرڻ ڪهاڻيڪار جي فني مهارت جو ثبوت آهي. حميد
جا ڪردار اهڙا آهن، جهڙا توهان ۽ مو ڏٺا آهن. فطري
(Natural)
۽ اڻ اڀاريل- ”زبرو ڌڪ“ وارو خفتي حجام ”ڪاڪ
ڪنڌيءَ قبرون“ جو شهباز، توڙي ”راڻا جي رجپوت“ جو
ناچو ڇوڪرو ۽ وڏيرو- اهي نه زورائتا ۽ فلسياڻا
مڪالما ٿا ڳالهائن، نه وري پنهنجي وت کان وڌيڪ
ڪرتب ٿا ڏيکارين- اهي هن ئي دنيا جا، هن ئي دور
جا،هن ئي مٽيءَ جا چرندڙ پرندڙ هلندڙ چلندڙ حقيقي
ڪردار آهن. اسان جي دور جي ڪن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين
کي پڙهندي لڳندو آهي ته انهن جا ڪردار نه هن زماني
جا آهن، نه هن ماڳ مڪان جا – ڄڻ خلا مان فرشتا آيا
هجن، ۽ فوق الفطرت (Super
Natural)
مڪالما ڳالهائيندا هجن – جيڪي رڳو فلسفي ۽ تاريخ
جا پروفيسر ڳالهائي ٿا سهگن. حميد نه خلائن جو
ڪهاڻيڪار آهي، آسمانن جو – هو سنڌ جي سر زمين، ان
جي مٽيءَ، ان جي عام ماڻهوءَ جو ڪهاڻيڪار آهي. هن
جار ڪردار حقيقي ۽ فطري آهن. هو پنهنجي ڪردارن تي
ڪابه ڳالهه مڙهي نه ٿو. جهڙا آهن، تهڙا ئي پيش ڪري
ٿو. سواءِ ڪنهن ٺاهه ٺوهه، يا ميڪ اپ ي جي – ان
ڪري حميد جا ڪردار ڇڪائيندڙ ڌيان ڇڪائيندڙ يا ذهن
تي حملو ڪندڙ ڪردارن بدران فطري ۽ حقيقي آهن، جيڪي
پرهندڙن جي ذهن تي حملو ڪرڻ بدران انهن جي دل جي
اونهاين ۾ وڃيو گهر ڪن.
انهن ڪرداري ڪهاڻين ۾، حميد جي ڪهاڻي ’زورآور‘
ڏاڍي ولچسپ آهي. هن ۾ فقط اهو اڄڪلهه اڻ لڀ ڪردار
جيئرو جاڳندو، چُرندو پُرندو نظر ٿو اچي، پر اهو
ماحول پڻ چٽو ۽ پڌرو اکين آڏو اچيو وڃي، جيڪو
اڄڪلهه اڻ لڀ آهي. اهي زمانا هئا. اها سنڌ هئي،
جنهن جا ڪامورا ايماندار هئا. خانداني رٿا بندي به
نه هئي، ان ڪري اهي ڪامورا وڏي عيال وارا به هئا.
سُڪيءَ پڪيءَ پگهار مان وڏا عيال پالڻ ۽ انهن جي
لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪرڻ ناممڪن هيو. ان ڪري ٿيندو
ائين هئو، جو گهر جي وڏن ڀاتين جا ڪپڙا ڪٽائي،
ننڍا ڪرائي ننڍڙن کي پارايا ويندا هئا، ۽ انهيءَ
ڪاروائي کي آلٽر ڪرڻ چيو ويندو هئو. اهي زمانا مون
به ڏٺا ۽ اهڙا آلٽر ٿيل ڪپڙا مون به پاتا. اهڙو ئي
هڪڙو ماهر درزي، ”مامو محمد“ اصل شڪارپور جو، ان
ايماندار آفيسر جي ٻارن لاءِ ڪپڙا آلٽر ڪندي ساڻن
گهرو ٿي ٿو وڃي، ۽ ڄڻڪ گهر جو ڀاتي ٿي ٿو وڃي. اهو
زمانو اعتبار ۽ اعتماد جو هئو.
اهو ڪپڙن آلٽر ڪرڻ وارو درزي – گهر جو ڀاتي ٿي ٿو
وڃي. پاڻ به سئنيما جو شوقين ته ان ڪاموري جي ٻارن
کي به ان شوق تي لاهي ٿو. هن جو تڪيو ڪلام هوندو
هئو ”ير – تون ڪو ڏاڍو زوراور آن“.
جڏهن ان ڪاموري کي خبر پئي ٿي ته اهو مامو سندس
ٻارن کي پڙهڻ کان ”کاري“ سئنيما تي وٺي ٿو وڃي ان
ڳالهه تي ڪاوڙ جي مامي کي ڏاڍي ڇنڊ ٿر ڪڍي.
ان ڳالهه تي ڪاوڙ جي، مامو بنا موڪلائن جي هليو ٿو
وڃي.
ڪامورو جڏهن گشت مان موٽي ٿو ته گهر ڀاتين کي
ٻڌائي ٿو ته مامو سخت بيمار آهي، ۽ ايئن سڄو ڪُٽنب
تيار ٿي شڪارپور ٿو پهچي. اتي دل ڀڄائيندڙ ملاقات
ٿئي ٿي.هڪ پاسي مامو ٿو روئي، ته ٻئي پاسي ڪامورو.
جڏهن ڳوٺ پهچن ٿا ٽه اطلاع ٿو ملين ته مامو گذاري
ويو. حميد جي هيءَ ڪهاڻي به انساني همدرديءَ تي
ٻڌل آهي ۽ ان جي چوٽ ڏاڍي دل ڇهندڙ آهي.
اهڙي ئي هڪ ٻي ڪهاڻي جيڪا پڻ ڪردار واري ڪهاڻي
آهي، اها
آهي، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“ ان ڪهاڻيءَ جو مرڪزي
ڪردار هڪ سيٺ آهي. جنهنجي سڄي عمر اوڙي پاڙي وارن
جون ملڪيتون ڦٻائڻ ۾ گذري آهي. جو ڪو مِٽ مائٽ يا
پاڙي وارو مري ٿو وڃي ته هيءَ ڪمال فنڪاريءَ سان
يتيمن ۽ رنن زالن جي ملڪيت هڙپ ڪيو ڇڏي، شهباز خان
ظاهر ۾ ٻي روپئي وارو ڊاڪٽر آهي. پر اندر ۾ کوٽ
اٿس، ڪهاڻي هڪ اتفاق تي ختم ٿي ٿئي، جڏهن سندس
ستايل مائٽ رات جو گند ڪچري رکڻ لاءِ کڏ ٿا کوٽن
ته هيءُ تڪڙ ۾ بندوق کڻڻ لاءِ ڪاٺ جي ڏاڪڻ تان لهي
ٿو، ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٽڙڪو ڏئي ڀڄي ٿي پوي، ۽ هيءُ
انهيءَ کڏ ۾ ڪري ٿو پوي ۽ اهائي سندس قبر ٿي وڃي
ٿي، هن ڪهاڻيءَ ۾ حميد ڪجهه مزاح جو به رنگ ڀريو
آهي، جڏهن شهباز خان سمهندو هئو ته سندس ڳچي گم ٿي
ويندي هئي ۽ ماڻهو چوندا هئا ته هن جي منڍي ڪير
وڍي ويو.
جيتوڻيڪ هن ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي، اوچتي ۽ غير فطري
آهي، پر تنهن هوندي به ان ۾ ڪردار نگاري ايتري ته
چٽي ۽ جيئري جاڳندي آهي، جو پڄاڻي اهڙو تاثر ڇڏي
ئي نه ٿي.
اهڙي ئي هڪ جيئري جاڳندي ۽ چرندڙ پرندڙ ڪردار جي
ڪهاڻي آهي. چُڪ !
چُڪ ڪڍڻ وارو سيٺ محمد هاشم اصل ۾ کَلُن جو واپاري
آهي، چُڪ ڪڍڻ سندس سائيڊ بزنيس آهي. محمد پڃل هڪ
غريب مزور آهي جيڪو وٽس چڪ ڪڍرائڻ اچي ٿو. محمد
هاشم پهرين ته کيس لنوائي ٿو، پر جڏهن پڃل ڪجهه
پئسا ٿو باسي ته ان جي چُڪ ڪڍڻ تي راضي ٿئي ٿو.
پڃل جو ڪردار دلچسپ آهي. چُڪ نڪرڻ کان پوءِ ”ائين
لڳو ڄڻ ڇنائي ڀڳو هجي. هو ڊوڙندو وڃي، ۽ نوڙي زمين
تان ڪا ٺڪري يا پٿر کڻي وري سڌو ٿي، پٺيان
اڇلائيندو ويو.“
”سيٺ واهه واهه ٿي وئي، ڏسو نوبنو پيو لڳان، هي
ڏس...!
محمد پڃل جيڪو اڳ ۾ شِيخ ٿيو پيو هو ، سو آرام سان
نوڙيو، وري سڌو پئي ٿيو، وري نئڙي وري سڌو پئي ٿو،
ڄڻ چاٻي اچي وئي هجيس.“
حميد جا اهي جملا، پڃل جي ڪردار، ۽ ان جي چرپر کي
وڊيو فلم وانگر ڪهڙيءَ نه چٽيءَ ريت ٿا بيان ڪن.
اتي سيٺ هاشم کي دورو ٿو پوي، هو اهڙي زبردست ۽ بي
رحم ماڻهوءَ کي بيوس ۽ لاچار ٿو ڏسي.
”هي سيٺ ته اهو سيٺ هئو مزور لاءِ موت هو. سندن.
مزوري ائين ڳهي ويندو هئو جو ڪجهه ڪڇي نه سگهندا
هئا. اڄ هو لاچار بيٺو هو نه چري نه پُري.“ ”محمد
پڃل کلڻ تي هو، پر نه کليو.“
پڃل سمجهيو ته سيٺ کي چڪ پئي آهي. هو اندران پوتڙو
کڻي آيو ۽ وٺي اهو عمل پئي دهرايائين جيڪو سيٺ
هاشم چڪ ڪڍڻ لاءِ ڪندو هئو، ائي ”پرو“ (سيٺ جو
نوڪر) ظاهر ٿيو ۽ سيٺ جو حال ڏسي ڏند ڪڍڻ لڳو.
ٽهڪ ڏيڻ تي هو جو پڃل آهستي چيس، ”ڀيڻان نه
کلجانءِ بي موت مارجي ويندين. سيٺ فوٽو ڪونه پيو
ڪڍائي چُڪ پئي اٿس چُڪ.“
ان گنڀير صورتحال ۾ به حميد ظرافت جي جهلڪ ٿو
ڏيکاري، جيڪا ان مزور طبقي جي ان بي رحم سيٺ تي
اونهي طنز آهي.
پر سيٺ هاشم کي چُڪ نه پئي هئي، هن کي ته اٽئڪ (Attack)
ٿيو هئو ”هو ٻوٿ ڀر وڃي کَلُن ۾ ڪريو.“
”انهيءَ ويڙهه سيڙهه ۾ سيٺ ته جهڙوڪر کَلُن ۾
ويڙهبو ويو“
اهو جملو اهڃاڻ (Symbolic)
آهي. ۽ هن شاندار ڪهاڻيءَ جي چوٽ (Climax)
انساني ڪمزوريءَ تي ٿئي تي، جڏهن محمد پڃل مئل سيٺ
جي کيسي مان پنهنجو ڏنل سوا رپيو ڪڍي ڀڄي ٿو وڃي،
۽ کيس ان بادشاهه جي ڳالهه ياد ٿي اچي، جيڪو ظالم
۽ ڏوهاري ماڻهوءَ کي جيئري ئي کَلُن ۾ ويڙهائي
ڇڏيندو هئو.
هن مجموعي جي ڪهاڻي ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ جيڪا
هن مجموعي جي نالي واري ڪهاڻي آهي، اها جيتوڻيڪ
سنڌي سماج جي هڪ اهم موضوع تي آهي، پر ايترو ڀرپور
تاثر نه ٿي ڇڏي، سنڌ ۾ اڃا ائين ٿئي پيو، ته
نياڻين جا پيءُ لالچ ۾ اچي، پئسن تي ڌيءَ مڱائي
ڏين ۽ وري مڱڻو
ٽوڙي پئسا وٺن، ۽ اهو سلسلو هلندو رهي، جيتوڻيڪ هن ڪهاڻيءَ جو موضوع جاندار
۽ انوکو آهي، پر حميد ان ۾ اهو رنگ ڀري نه سگهيو
آهي، جيڪو حميد جي ٻين ڪهاڻين ۾ آهي، ۽ هيءَ ڪهاڻي
اهڙو ڀرپور تاثر نه ٿي ڇڏي جيڪو حميد جي ڪهاڻي ۾
هوندو آهي، ۽ هئڻ گهرجي، لڳي ٿو ته هڪ
آفيسر، پنهنجي عزيز ڇوڪريءَ تي پهرينءَ نظر ۾ عاشق
ٿي ٿو پوي، ۽ آخر ۾ سهڻي ميهار، سسئي پنهونءَ ۽
مومل راڻي جيان ٻئي ڄڻا گڏ ٿا مرن.
ڪهاڻي ”چوري ساڻ چسن!“ ۾ تمام چٽائيءَ سان سنڌ جي
وڏيرڪي ۽ پوليسي ماحول جي چٽسالي ڪئي وئي آهي. هڪ
هڪ ڪردار، هڪ هڪ واقعي ۽ هڪ هڪ ماڳ مڪان جو بيان
اهڙيءَ طرح لکيو اٿس جو پڙهندڙ ڄڻ پاڻ کي ان ماحول
جو حصو ٿو محسوس ڪري، پوليس ڪيئن ماڻهن کي ”ڌاڙيل“
جو الزام هڻي ۽ ايڪسيڊنٽ ڏيکاري مارائي ٿي ڇڏي.
ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۽ چوٽ ڏاڍي دکدائڪ آهي ۽ ڏاڍي
اثرائتي پڻ،
ڪهاڻي م زميندار ان جي هارين سان روشن، پوليس
آفيسر، شوقيه چور جيڪو پوءِ عشق جي اري ۾ اچي ٿو
وڃي ۽ آخر ۾ ”ايڪسيڊنٽ“ ۽ مري ٿو وڃي اهي سڀ اهڙا
ته فطري ۽ حقيقي ٿا لڳن جو ڪهاڻي، ڪهاڻي نه پر
حقيقت پئي لڳي ڪهاڻي جي پڄاڻي ايڏي ته دکدائڪ ۽
اثرائتي آهي، جو پڙهندڙ جون رڙيون نڪريو وڃن. جڏهن
رستي تي پيل ڪتي جي لاش کي ڏسي، هن کي پنهنجو هاري
ٿو ياد اچي، جيڪو ان ڪتي جان ماريو ويو هئو، ته هو
ڊرائيور کي چوي ٿو ”شمن ڏس ڪنهن جو لاش آهي.“
۽ شمن چوي ٿو ”سائين هي لاش نه آهي. پر مئل ڪتو
آهي توهان هروڀرو ڇرڪي ويا آهيو،
ڪهاڻي ”اسان تي الزام“ اهڙي وڏيرڪي سماج جي ڪهاڻي
آهي. جتي عورتن کي شادي ڪرڻ کان سواءِ وهاريو
ويندو آهي، ۽ اهي مجبور عورتون ذهني مونجهارن (Complexes)،
وهمن ۽ وسوسن جو شڪار ٿي وينديون آهن. هن ڪهاڻيءَ
جي ”پڦي زليخا“ به اهڙين حالتن جو شڪار آهي، جيڪا
”شهزادي“ جا خواب ڏسندي رهي، ۽ ڏسندي ڏسندي سندس
وار اڇا ٿي ٿا وڃن ۽ سندس ڀائر ملڪيت وڃڻ جي ڊپ
کان سندس شادي نه ٿا ڪن.
هن ڪهاڻيءَ ۾ حميد پڦي زليخا جي داخلي ڪيفيتن ۾
مونجهارن جي تمام سٺي چٽسالي ڪئي آهي.
ڪهاڻي ”ريب فريب زندگيءَ جا“ هڪ اهڙي نوجوان جي
ڪهاڻي آهي، جيڪو (Frustrated)
آهي. سندس پيءُ چيڙاڪ ۽ نامهربان آهي.ڳالهه ڳالهه
تي کيس ڇينڀ ٿو ڪڍي. نوجوان جنهن ڇوڪريءَ سان شادي
ڪرڻ ٿو چاهي، سندس پيءُ ان جي آڏو ٿو اچي. نيٺ
نوجوان انتهائي قدم ٿو کڻي، ۽ گهر وارن کي خودڪشي
ڪرڻ جو دڙڪو ڏيئي اسٽيشن تي ريل گاڏي هيٺيان پاڻ
کي ختم ڪرن لاءِ اچي ٿو، اسٽيشن جو ماحول تڏهن جو
آهي، جڏهن سنڌ ۾ اڃا بجلي عام نه ٿي هئي. گاسليٽ
جون بتيون ۽ گولا ٻرندا هئا. هن ڪهاڻيءَ ۾ حميد
روشنيءَ جي اثر (Light
effect)
کان ڪم ورتو آهي، ۽ انهن روشنين کي اُهڃاڻ طور
استعمال ڪيو اٿس. هو سوچي ٿو ته مون کي بچائڻ لاءِ
منهنجا گهر وارا نه آيا ته مان هنن لاءِ ڇو مران
نيٺ هو خودڪشيءَ جو ارادو ترڪ ڪري ٿو.
جڏهن ريل گاڏي اسٽيشن تي اچي ٿي ته سندس نظر هڪ
گُلر تي پوي ٿي جيڪو ريل جي پٽي ڏي ڊوڙي ٿو ۽
گاڏيءَ هيٺان اچڻ وارو آهي.
هو کيس بچائڻ لاءِ ريل جي پٽي ڏي ڊوڙي ٿو ۽ ريل
هيٺان ٿو اچي وڃي ۽ بيهوش ٿي وڃي ٿو.
هوش ۾ اچڻ سان ڏسي ٿو ته سندس ماءُ پيءُ ۽ گهر
وارا سندس چوڌاري آهن، هو اطمينان محسوس ٿي ڪري،
پر پڇي ٿو ته گُلر بچي ويو.
۽ پوءِ هو گلر جي ”ڪئون ڪئون“
ٻڌي ٿو ۽ هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي.
حميد جي هن ڪهاڻيءَ جي چوٽ (Climax)
پڻ دکدائڪ ۽ اثرائتي آهي ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ به هن
”جانورن سان رحم“ وارو موضوع اختيار ڪيو آهي.
حميد جي ڪهاڻين تي مجموعي نظر وجهبي ته معلوم
ٿيندو ته حميد جون ڪهاڻيون ن خلائي آهن ۽ نه
تصوراتي – هن جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن.
انهيءَ ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون جتي حميد جنم ورتو،
پليو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. حميد جا ڪردار ڪي آسماني
ڪردار نه آهن، پر اُهي به ڌرتي جا ڪردار آهن. حميد
جا ڏٺل وائٺل، ڪهاڻين جو ماحول به حميد جي ارد گرد
جو ماحول آهي انهي ڌرتيءَ، ۽ انهي ماحول ۾، ۽ انهن
ڪردارن سان حميد جي ننڍپڻ،نوجوانيءَ ۽ جوانيءَ جو
يادون وابسته آهن هن انهي
ڌرتيءَ، ماحول
۽ ڪردارن جو اونهو اڀياس ڪيو آهي. هو انهن جو حصو
آهي، ۽ اُهي حميد جو حصو آهن، حميد جو انهن سان
جذباتي لڳاءُ آهي. هو انهن کي رومانوي انداز ۾ پيش
ٿو ڪري. ”دربان“ جي کجي هجي، ”ويرين“
واريون حويليون هجن، ۽ ”ڌوپار“ وارا ٻار هجن،
”تنهنجو سفر منهنجو سفر“ ۽ ”ريب فريب زندگيءَ جا“،
واريون ريلوي اسٽيشنون هجن، ”راڻا جي رجپوت“ جا
ناچو ۽ وڏيرا هجن ”زورآور“ وارو درزي هجي يا ”چُڪ“
وارو سيٺ... اهي سڀ حميد جي شخصيت جو حصو آهن. مان
حميد جي ويجهي دوست جي حيثيت ۾ ان ڳالهه جو شاهد
آهيان ته حميد جون سڀ ڪهاڻيون، انهن جا ڪردار ۽
انهن جو ماحول حميد جي ماضيءَ جو اڻ وسرندڙ حصو
آهن. جن کي حميد هميشه لاءِ محفوظ ڪري ۽ جيئرو ڪري
ڇڏيو آهي.
سنڌي ادب ۾ هيءُ دور، ڪهاڻيءَ جي نئين جنم جو دور
آهي. ڪيترائي بي مثال ڪهاڻيڪار حميد جا سهيوڳي
آهن، پر مان ايترو چوندس ته حميد کي اها مڃتا نه
ملي آهي. جنهن جو هو لائق آهي. (ادبي دنيا ۾ ايئن
ٿيندو آهي). حميد جي ڪهاڻين جي باري ۾، هڪڙي ڳالهه
پوري يقين سان چئي سگهجي ٿي، ته حميد پنهنجي
سهيوڳين ۾، هڪ انوکي اسلوب جو مالڪ آهن، جنهن جي
ڪهاڻين جا ڪردار، ماڳ ۽ انهن جو ماحول سنڌ جي
سماجي تاريخ جي هڪ اهم باب آهي. |