شمشير جي زماني
جا رنگ
شمشيرالحيدري
تي تازو اخبارن ۾ مضمون ڇپيا، ٽي.وي تي سندس شخصيت
تي ڳالهايو ويو، ادبي ادارن، ڪلچر وارن ۽ ٻين سندس
ياد ۾ جلسا ڪيا، شمشيرالحيدري تي تازو اخبارن ۾
مضمون ڇپيا، ٽي.وي تي سندس شخصيت تي ڳالهايو ويو،
ادبي ادارن، ڪلچر وارن ۽ ٻين سندس ياد ۾ جلسا ڪيا،
دوستن تقريرون ڪيون، شمشير ته هو ڪونه، جو اُتي
جواب ڏي ها، هو ته گُذارڻ جي تمنا ۾، ان ڏينهن
گُذاري ويو، جڏهن هُن چيو هو ته:
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
سو به دُنيا مان اڄ گذاري ويو.
شمشير لاءِ انهن مضمونن، تقريرن، ٽي.وي جي
پروگرامن ۾ ايڏا ته وڏا ٻول ٻڌڻا پيا، جو مون کي
اهي سڀ پنهنجي تصور ۽ ويچار کان مٿي لڳا. اهڙو
شمشير مون ته ڪونه ڏٺو، نه هو شيڪسپيئر هو، نه هو
سارتر هو، نه هو اياز هو، نه هو مرزا قليچ بيگ هو،
نه هو آسمان کي ڇُهندڙ شاعر ۽ اديب هو. هو صرف ۽
صرف ڌرتيءَ جو فقير ۽ مست ملنگ شاعر هو، جنهن
پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي ۽ ماڻهن سان عشق ڪيو هو. هُو
ان زماني ۾ رلندو رهيو، ڪيئي سپنا ساڀيان ٿيڻ لاءِ
هُن ڪيئي نظم ۽ گيت چيا، جيڪي هُن جڏهن پنهنجي
وجود کان ڌار ڪيا ته سڄي جهان ۾ روشنيءَ جا آثار
پيدا ٿيا، اُميد جا ڪرڻا جاڳيا، پنهنجي وطن لاءِ،
ماروئڙن لاءِ، هيڻن لاءِ هن اهو به چئي ڏنو ته:
نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
شمشير ڪنهن به مسند تي ڀلي پهتو هجي، پر هو هڪ
اهڙو شمشير هو
جيڪو هڪ اهڙي انسان جيان گذاريو، جنهن کي نه ماس
هو نه چم، رڳو هڏا هُيو ۽ ساهه، جنهن مان ڏات جا
سڀ سر چشما ڦُٽي ٿي نڪتا. ماڻهن کي موهيندي آهي
ڏات، ڏات، حسن، حق، سچ ۽ خير جي امين هوندي آهي.
اڄ جڏهن ڏات جو ڏينهون ڏينهن ڪال ٿيندو ٿو وڃي ۽
حق، سچ ۽ خير گهُرندڙ به اهڙي واٽ وٺيو پيا وڃن
جتان ڪير ڪونه موٽيو ته حالت ضرور اهڙي بيهندي،
اهڙا هاڃا ٿيا بري هن ڀنڀور ۾.
شمشير اُنهن ڏينهن ۾ به جوش جذبي سان زندهه رهيو
جڏهن سنڌ جي چوڌاري ون يونٽ جهڙا قهري ڪوٽ پئي
ڏياريا ويا، هُن انهن طاغوتي قوتن سان مهاڏو
اٽڪايو، هُو اُن وقت به سجاڳ هو جڏهن ايم.آر.ڊي جو
آغاز ٿيو هو. هو سنڌ تي مڙهيل اهڙن نظامن جي خلاف
ائين للڪاريندو هو جو سندس ڏات، ڀنڀٽ ڀنڀٽ، شعلا
بنجي اُنهيءَ نظام کي ساڙي، ٻاري اڳتي وڌندي ويندي
هُئي. مون کيس هر هنڌ ٻُڌو هو. هُن جشن روح رهاڻ ۾
جنهن نموني هيءُ نظم
”پڙاڏو سو سڏ“ چيو هو ته سڀني جا وار ڪانڊارجي ويا
هئا. هن جي طويل نظم جا ڪجهه بند هيئن هئا:
ڪڏهين عيسيٰ، موسيٰ آهيان،
ڪڏهين ڪرشن، رام سڏايان،
ڪڏهين احمد نانءُ رکايان،
گوتم بنجي گيان ڪمايان،
طور مٿي ڀي پاڻ پَسايان،
باهه اندر گلزار بنايان،
ڪڏهين ممبر مسجد ٺاهيان،
مومن جا مذڪور ٻڌايان،
ڪڏهين ڪربل ڪنڌ ڪپايان،
زهر پيان، سقراط سڏايان،
ڪڏهين سوريءَ سيج سجايان،
ملڪ مڙئي منصور بنايان،
ڪڏهين دل جي ديڳ دمايان،
ڍونگ سڄي جو ڍڪڻ لاهيان،
ڪڏهين لات لطيفي ڳايان،
سامي ۽ سرمست سڏايان،
ڪڏهين قرب قليچ ڪمايان،
دردن جا درياهه وهايان،
محبت جو دستور هلايان،
الفت جا اعلان ڪرايان،
فطرت جو فرزند سڏايان،
پيار سندو پيغمبر آهيان.
چارڻ بنجي چنگ وڄايان،
ڀنڀٽ باهه پيو ڀڙڪايان،
ظلم ذلالت لعنت لاهيان،
شيخيءَ پيريءَ ڍينگو ڊاهيان،
آزاديءَ جو ناد وڄايان،
امن سندو جهنڊو جهولايان،
شيخ اياز اهو ئي آهيان،
شوق منجهان ”شمشير“ سڏايان،
ماڻهو ليکي شاعر آهيان،
پوءِ به الائي ڇا ڇا آهيان،
جو ئي آهيان، سو ئي آهيان،
(روح رهاڻ 1965ع جشن نمبر)
هيءُ فڪري طرح سان آزاد، صوفي منش هو، جنهن اهڙا
ڪيئي آلاپ آلاپيا آهن، پر سندس اصل مقصد ڪوڙ،
دولاب جي ڍانچن کي ڊاهڻ هو، هُن پاڻ تي ۽ قافلي
وارن تي ڪيترن الزامن کي قبوليو، هُو ڪٿي به نه
جُهڪيو. سندس شاعري هجي، نثر يا ناٽڪ نويسي، هو
سنڌي جديد ادب جي بانين منجهان هو. هُو ماڻهن جهڙو
ماڻهو هو، پر اندران هڪ جوالا مُکي هو جيڪو سڄي
ڄمار ڀڙڪندو رهيو. ان لاءِ هو ڪيترين ئي اخبارن،
رسالن، ادبي ادارن ۽ ٽي.وي ۾ ڪم ڪندو رهيو. قلم جو
پورهيو هُن اِن لاءِ به ڪيو ته جيئن هو سنڌ جي
نوجوان نسل جي ذهن ۾ هڪ مُدي خارج نظام خلاف اهڙي
فڪري انقلاب جو ٻج ڇٽي سگهي جيئن اڳتي هلي هيءُ
سنڌ جو نوجوان نسل اڳتي وڌي سگهي.
هڪ باضمير، آزاد نسل جي صورت ۾ هو پنهنجي نظم ۾
هيئن چوي ٿو:
ڪير ٿو ڪنهن لاءِ جئي،
ڪير ٿو ڪنهن لاءِ مري،
ڪير ٿو بڻجي زماني جو اسير،
ڪير ٿيندو بي ضمير.
هڪ باضمير صحافي، اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ هو
زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي کان آگاهه هو. مان جڏهن
ساڻس اسپتال ۾ ملڻ ويس ته شمشير زماني جي وفا يا
بي وفا هجڻ سان گڏ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي
کلندي، مُرڪندي ڏٺم، عجيب ماڻهو هو، مون کي سڏ ڪري
چيائين، اُن ويل نصير به گڏ هو:
يار حميد! مولا تي ننگ آ، مون کي ”پُور“ جون ٻيون
سٽون ياد پيون.
زندگي تقدير جو تحفو سهي،
موت آدم زاد جو ورثو سهي،
زندگي ڇو موت ۾ پائي نجات،
موت ڇا جي لئه پيئي آب حيات.
شمشير هڪ مرد مجاهد، هڪ پورهيت وانگر زندهه رهيو.
هو زندگي ۽ موت جي فڪري پهلوءَ کان آگاهه هو.
سندس همسفري ساٿ، تقريباً سال 1960ع کان شروع ٿيو،
جڏهن مان ۽ هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ هئاسين. مون
کيس لطف علي دل جي اخبار
خادم وطن ۾ ڪم ڪندي ڏٺو. مان سندس سامهون مطيع
الرحمان جي انڊس پريس ۾ ويٺو ماهوار روح رهاڻ جي
لاءِ لکت پڙهت جو ڪم ڪندو هئس. خادم وطن ۾ قاضي
خادم به ڪم ڪندو هو. شمشير جڏهن مهراڻ جو اسسٽنٽ
ايڊيٽر ٿيو ته غلام محمد گرامي ايڊيٽر هو. هُن هڪ
ڏينهن منهنجي ٻانهن شمشير جي هٿ ۾ ڏني ته هن کي
رسالي جو ڪم ۽ بيهڪ جون نشانيون سيکار. سنڌي ادبي
بورڊ جي پريس مئنيجر احمد زئي کي چيائين ته هو مون
کي پروف ريڊنگ جي ڪم ۾ ڀڙ ڪري، ابن حيات پنهور ۽
پاڻ گرامي صاحب منهنجي ادبي صلاحيتن جي واڌاري
لاءِ بحيثيت هڪ ايڊيٽر جي، سکيا ڏني.
شمشيرالحيدري منهنجو اُستاد ۽ هن سڄي ادبي سفر جو
همسفر رهيو. منهنجو ڪهاڻين جو ڪتاب ”جاڳ به تنهنجي
جيءَ سان“ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪمپيوٽر ۾ ڦاسي پيو،
شمشير پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اهو ڇپائي پڌرو ڪيو. ان
سڄي ڪم ۾ عزيز مراد علي مرزا، نفيس احمد ناشاد
سندس ٻانهن ٻيلي رهيا.
مان جنهن دور جي ڳالهه ٿو ڪريان اهو دور سکيا جو
دور هو. ڪو ننڍو، ڪو وڏو، ڪو عظيم، ڪو ڦني خان
ڪونه هو، هر ماڻهوءَ پنهنجي سمجهه، عقل ۽ ادراڪ
موجب ڪم پئي ڪيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سموري ويڳاڻي ۽ سنڌ
جو عام ماڻهو يا والي، يتيم ۽ ڇورو ڇنو پئي ڀانيو،
جيئن اڄوڪو دور آهي. سنڌ جو ڪو ليڊر ڦاهي چاڙهيو
ويو. سنڌ جي عظيم نياڻي (بينظير ڀٽو) ۽ سندس والده
کي جيلن ۾ موڪليو ويو. ماڻهن سرعام ڦٽڪا پئي کاڌا.
ون يونٽ کان پوءِ هيءُ سنڌ کي ٻيو جهٽڪو آيو هو،
هتان ئي ايم.آر.ڊي جهڙي تحريڪ اُٻڙڪو کاڌو هو ۽
اهڙي صورتحال بڻي هئي جو سنڌي سياسي خاندانن اڳتي
وڌي ڀرپور نموني حصو ورتو هو. جنهن ۾ سائين قبله
پير صاحب پاڳارو، سائين مصطفيٰ خان جتوئي ۽ سندس
فرزند خاص طرح غلام مرتضيٰ خان ۽ مسرور خان، مخدوم
طالب الموليٰ ۽ سندس فرزند محمد امين ۽ سندس ڀائر
۽ ٻيا ڪيترا خاندان ۽ خانواده انهيءَ اوڙاهه ۾
گهڙي پيا. سنڌ جا اديب ۽ ساڃاهه وند ايم.آر.ڊي جي
موومينٽ جا اُهي سڀ فرنٽ لائين هئا. ضرورت هئي
پرنٽ ميڊيا جي اڳواڻي جي، ڇاڪاڻ ته ضياءالحق جو
هيءُ دؤر به سنڌ لاءِ قهري دور ثابت ٿيو هو.
اخبارون، رسالا ڪجهه ٿڌا ڪجهه گرم هئا.
اُن وقت سائين قبله پير صاحب اڳتي وڌي اعلانِ حق
ڪيو ۽ مهراڻ جي ايڊيٽري هڪ نئين عزم ۽ پاليسيءَ
هيٺ شمشيرالحيدريءَ جي حوالي ڪئي ويئي، جنهن
ايم.آر.ڊي موومينٽ کي وڌيڪ تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ
ايڊيٽوريل، مضمون ۽ خبرون طوفاني انداز سان ڇاپڻ
شروع ڪيون. سندس پهرين هيڊ لائين اها هوندي هئي ته
ايم.آر.ڊي هلچل جو اڄ ڏهون ڏينهن يا ٻارهون ڏينهن.
شمشير جا اُهي ڏينهن اُهي شينهن هئا، واقعي
انقلابي ڏينهن هُئا، اسين سڀ همسفر شمشير جي
ڪامياب جدوجهد جا ساکي ۽ ساٿي هوندا هئاسين.
شمشير جون گهڻيون ڳالهيون آهن، دل چوي ٿي ته
”شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي.“ پر شمشير اسان
کان موڪلائي ويو آهي پر هو ضرور موٽي ايندو، ڇاڪاڻ
ته هن اهڙي اُميد جي جهلڪ پنهنجي نظم ”آرزو جو
سفر“ ۾ ڏيکاري آهي. هيءُ سندس شاهڪار نظم آهي،
جيڪو ماهوار روح رهاڻ جي 1965ع واري سالنامي ۾
ڇپيو هو:
لامڪانيءَ جي فساني کان وٺي،
لازماني جي زماني کان وٺي،
جسم جي بي انتها تاريڪين ۾،
جاودانيءَ جي سفر ۾، سرگرم آهي ازل جي آرزو
تون به ڪنهن جي ابتدا،
مان به ڪنهن جي انتها،
تنهنجي منهنجي زندگي،
تنهنجي منهنجي ماءُ جي دمدم دعائن جو اثر.
تنهنجي منهنجي زندگي جا صبح و شام،
تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اُميدن جو ثمر،
جسم جو هر هڪ جنم،
ڪئين ڪروڙين آرزو مندن جو موجوده مقام،
بس، ازل جي آرزو آهي مدام،
جاودانيءَ جي سفر ۾ تيزگام،
اي سندم دمدم، دعائن جا نرالا شاهڪار!
زندگي تابندگيءَ جا رازدار!
اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع،
جسم جي تاريڪ راهن کان جدا،
مان ازل جي انتها، ۽ تون ابد جي ابتدا،
اي سندم اميد جا براق، صد صد مرحبا!
شمشير جي زماني جا هي ورق ۽ ٻيا ڪيترائي ورق لکبا
رهبا ۽ ڪئين ڪتاب جڙندا، پر ائين چئبو ضرور ته
”هڪڙو شمشير هو زماني ۾، سو به دنيا مان اڄ گذاري
ويو.“ سنڌ اڄوڪي دؤر ۾ ساڳي يتيماڻي ۽ نڌڻڪي دؤر
مان گذري رهي آهي. موجوده پير صاحب پاڳاري، جتوئي
صاحبن ۽ ٻين قومپرستن وسيلي اُميد جاڳي آهي، پر
اسين شمشير لاءِ واجهايون پيا، من ڪي نوان نسل،
شمشير مان جاڳي پون.
روهه ۾ رولي ويو
الطاف عباسيءَ جي ياد ۾
موت مِهڻو ناهي، پر الطاف جو موت، اسان لاءِ مهڻو
ضرور آهي. اسين موت کي روڪي نه سگهياسين، نه روڪ
ڪئي سين نه بند ٻڌاسين. ايئن موت، اسان جو يار
کنڀي کڻي روانو ٿيو ۽ اسان کي روهه ۾ رولي ويو.
مان موت جي انهيءَ انتهاپسندي تي احتجاج ڪريان ٿو.
شال موت، تو کي ڪو موت اچي!!.
[حيدرآباد جي تعزيتي گڏجاڻي ۾ تقرير مان اقتباس]
اچي ملي ويا!
شخصيت: بردو سنڌي
سدوري سنڌ جا سدورا ماڻهو، جيئن جيئن هيءُ جهان
ڇڏيندا پيا وڃن، اسان پارا ته بنهه نڌڻڪا ٿيندا
پيا وڃن. ڀلائي ۽ چڱائي ۾ ايمان رکندڙ دوست اڄ به
آهن، پر هو هن دور واري ڀلائي ۽ چڱائي واپرائيندي
به ڇرڪن ٿا، ڇو ته الله ڄاڻي سچ ڇا آهي، الائي اها
نيڪي اها چڱائي يا سٺائي بنهه ڳڍيءَ ڳٽ ٿي نه پوي.
اڳ جي ڳالهه ٻي هئي. گرامي، حفيظ، رشيد ۽
ڏيپلائيءَ جهڙا بي ڊپا پر ڏاها، سدورا ۽ مٺا ماڻهو
بنهه جهان مٺو ڪيو ويٺا هئا. اهي اسان جي لڏي جا
يار هئا، هليا ويا ته تازو اسان جي ٻئي يار بردي
سنڌي کي به گهرائي ورتائون. بردي نه صرف طبيعت ۾
مٺاڻ هئي، پر سندس سڄي شاعري جي جيتري مٺاڻ هئي،
مان سمجهان ٿو ته ايتري مٺاڻ جديد ادب جي سڄي
شاعري ۾ به گهٽ هوندي. جيئن چيم يار هو سدورو ۽
نماڻو، سڄي زندگي صبر سان گهاري ڇڏيائين، تيئن مرڻ
به ماٺ ميٺ ۾ قبوليائين. نه سندس بيماريءَ جا ڪي
خاص پڙها آيا، نه سندس علاج لاءِ ڪي وري خاص
اپيلون ٿيون. بيمارين کي ڪيترن سالن کان ڪاٽيائين.
انهيءَ وچ ۾ پيو ملندو هو. ڪڏهن منهن کي مفلر
ويڙهيل ته ڪڏهن جسم ڪوٽن ۾ قابو. سندس زبان تي اثر
ٿيو، پر ان کي ليکيائين به ڪونه. هر وقت ٻين جي
ڳڻتي. ڪڏهن يارن لاءِ ڦٿڪندو، ڪڏهن ٻارن لاءِ.
سندس محبت ۽ پيار جو قائل هوندي به مان محسوس ڪندو
هوس ته ايڏي وڏي قربائتي پياري ماڻهوءَ کي موٽ ۾
اسان ڪجهه به ته نه ڏئي سگهياسين.
بردي جي شاعري سڄي سون آهي. سندس گيت ڪافيون ۽ بيت
سنڌي ادب جو وڏو مٺو سلوڻو ۽ پيارو حصو آهن، خاص
طرح سان سندس سرائيڪي شاعري بنه پيهي ويندي آهي:
خال ڏٺم گل لال سلوڻي، موتي ڏند قطار ڏٺم
چولي لب خوش ٻولي مٺڙا، بلبل دي گفتار ڏٺم
اڳتي چئي ٿو:
راهه مريندي شاهه ڏٺم، آ مَلَڪ ٿئي ميهار ڏٺم.
ديدارن ديد خريد ڏٺم، ليک ”بردي“ حسين هزار ڏٺم.
سندس شاعري ۾ جيتري حجت، اُڇل ۽ بي ساختگي آهي،
اها بردي جو خاصو آهي.
ڪيوين ڪران هڻ چين نهين يَر،
موهي دل محبوب دي ناز
خونوي چشمان تير چلايا،
کيس دل سهڻي ول نه رجهايا
پئي ڳل ڦاهي زلف دراز!
بردو، سنڌي شاعريءَ ۾ سڄي سنڌ کڻي آيو، خاص طرح
ٻهراڙي جيڪا نج سڄي ساري سنڌ آهي، اُتان جي ماڻهن
جا مسئلا، اُتان جون ڳالهيون اُمنگون، آرزوئون ۽
حسرتون ۽ اُتان جا مٺڙا ڳيچ ۽ ان سان گڏ قصا
ڪهاڻيون. سندس مشهور گيت ”پرين چڙهه پيهي تي“ ڏسو:
تُري ڳنا هي تو لئه ڳوليم، هو سڄڻ هو هور
سيڪيل آڀون ڏاڍا ريها، کاءُ ڙي من جا چور
ڪر نه اسان کئون عار ـــ پرين چڙهه پيهي تي
ڳيرن ڳوٺ ٻڌو آ ويجهو، هور ڙي ڳيرا هور
وهيا ته ڏس وڻراهه ۾ هوريان، ويٺا اورن اور
پاڻ ۾ ونڊيون پيار ـــ پرين چڙهه پيهي تي
مون کي سندس ’سانوڻ آيو‘ گيت ياد آهي، جڏهن سُر
سان ٻڌايائين ته سندس لڙڪ به لڙيا ته ٻاهر ڪڪر به
رُنا.
جوڳي بادل، جوڳين وانگي، آيا سڀ سنسار اورانگهي
کنوڻ کڀيي جو اک جهمڪائي، گهوري جوڳين گهمائي
پوءِ نکيڙي ڳڻتيءَ ۾، اک روئي رعد پسائي آ
بردو شاعر هو ته قصه گو ڪهاڻيڪار پڻ سندس مشهور
ڪهاڻي ”انڌير نگري“ ڪنهن کان به وسرندي. سندس
زندگي هڪ اُستاد جي سدوري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ نه
شڪوو آهي نه شڪايت، نه رُوساما نه پرچاءُ. پاڻ
پنهون هو ته پاڻ سسئي، پئي ڏونگر ڏوريائين. بردو
مون کان نه ته وسرندو، جو منهنجي جيءَ جڙيل يارن
منجهان هڪ هو. هيءَ سٽون منهنجي جيءَ ۾ لڪل هيون.
ڏاڍو دير سان هٿ آيون، جڏهن هو وڇڙيل ڪونج وانگر
بنهه وڇڙي ويو:
ولر وهي ويس، وڇڙيل جيئن ڪا ڪونج اڪيلي ڪُرڪي
ڳاٽ کڻي ۽ سوئي ڳچڙي، موت اڳيان ٿي مرڪي
او منهنجي آس نماڻي
او ڪين وسارج ڄاڻي،
اچي مل هاءِ!
رهنديون سندس ڳالهيون
ثميره زرين
وڏڙن کان ٻڌو اٿم ته ماڻهو نه رهندو پر وڃي
رهنديون سندس ڳالهيون. حفيظ ويو ته چار ڏينهن سندس
پچار ڪئي سين. بيگم چنا گذاري ويئي ته ڪي ڏينهن
کيس پچاريوسين. گراميءَ جا گفتا به ٻه چار هليا.
هاڻ ثميره سفر هلي ته ڳالهين جو بهانو مليو اٿئون.
چڱو ته پوءِ اچو سندس پچار ڪريون، ڪو زوردار ڏک جو
اظهار ڪريون، اکين کي زور ڏئي ڳوڙها ڳاڙيون، لفظن
جو طلسم ٻڌون. سندس ڳڻ ڳايون، ڪنهن يادگار قائم
ڪرڻ جو ڪوڙو عزل ڪريون. سندس پونئيرن سان لکن جي
همدردي ڪريون، اچو ته اُهو سڀ ڪجهه ڪريون جيڪي
ماضيءَ ۾ پنهنجي اديب/ ليکڪ برادريءَ جي ساٿيءَ جي
غم ۾ ڪندا رهيا آهيون. توڙي اهو وقتي ڇو نه هجي.
وقت سان ته اسين هلي رهيا آهيون. وقت سان ته اسين
هلي رهيا آهيون. وقت سان ساٿ ڏئي، وقت جي اديبن کي
ساراهيون اٿئون، مري ويا ته گهوريا، پويان اهي
سکڻي پچار ڪريون، ۽ ڀيڻ ثميره زرين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ
ايترا ته اکر ساراه وارا ۽ يادگار چئون جون هر هڪ
اسان کي ساراهي.
ڀيڻ ثميره لاءِ مون وٽ ساراهه طور هي اکر آهن ته
هوءَ سنڌي ادب جي اها ڪهاڻيڪار نياڻي هئي، جنهن جي
قلم مان اسان جون پنهنجيون، اوهان جون، سڀني جون
ڪهاڻيون نڪتيون، جنهن پنهنجن ڏکن فڪرن کي ترڪ ڪري
ٻين جي ڏکن ۽ فڪرن کي پنهنجو ڪري ڪهاڻيون لکيون.
سندس شروع واريون ڪهاڻيون خواب آهن، جيڪي هن اسان
سڀني لاءِ ڏٺا ۽ پويون ڪهاڻيون، حقيقتون آهن، جن ۾
اُها ڪڙائي به آهي جي ڪو چکي چيت ڪري. ثميره سنڌي
جي نياڻين جي علامت هئي ۽ رهندي.
ڀيڻ ثميره لاءِ يادگار اکر ته معنيٰ نه رکن پر مون
لاءِ سندس يادگار اُها آخري فون تي ٿيل گفتگو آهي،
جنهن جو هيءُ جملو مون لاءِ سڀ ڪجهه آهي، ’مٺا
ڀاءُ، ڀلي ڀائر ڀينرن کي وساري ڇڏين پر ڀينرون پل
لاءِ به ڀائرن کي نه ٿيون وساري سگهن‘. جنهن ۾ هن
مون کي جيڪي به چيو اُهو منهنجي لاءِ عظيم سرمايو
آهي. سندس گفتگو ۾ جيڪي ڏک ۽ درد ڀريل هو، تنهن
اُن وقت به مون کي روئڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن مون
سندس موت جو ٻڌو ۽ اڄ به ڪيو آهي، جڏهن هيءُ ٻه
اکر لکيا اٿم، ڄاڻان ٿو ته هي ڳوڙها وقتي آهن، پر
سندن ڏک منهنجي لاءِ دائمي آهي اُن ۾ ڪو به ڇل ڦند
ڪونهي ڇاڪاڻ ته مون ڀيڻ وڃائي آهي، جيڪا ٿي سگهيو
ٿي ته اڳتي هلي اڃا به نياڻين کي وڌيڪ سجاڳ ڪري
ها. جيڪو به ڀينرن ۽ نياڻين وارو هوندو اهو ئي ان
جو احساس ڪندو. ٿي سگهيو ٿو ته ان احساس هيٺ ئي
اسين گهٽ ۾ گهٽ هن نياڻيءَ جي وفات تي سچي ڏک جو
اظهار ڪريون، سندس پچار دائمي ڪري ڇڏيون، سندس
اهڙا ڳڻ ڪايون جو اها امر ٿي وڃي. ابتدا ئي اتان
ڪريون ته به سمجهان ٿو ته هر اديب ساٿيءَ جي انتها
سٺي ٿيندي ۽ عظمت جو اهڃاڻ هوندي.
ريموٽ ئي گُم ٿي ويو
قمر شهباز
قمر اسان جي قلم قبيلي جي سرواڻن مان هو. قلم جا
ڌڻي پنهنجو پاڻ ئي سرواڻ، پر پنهنجي پاڻ ۾ نفي ٿين
ته ڪجهه به ناهن بچندا قلم جي قبيلي يا ڪُڙم جا
پاڻ مڃائيندڙ فرد ها دور ۾ ٿورا، پر ڏاڍا مڙس
هوندا آهن. قلم ائين جهليندا ڄڻ هٿ ۾ تلوار هُجين
هنن جي رڳو قلم لهرائڻ سان ڪئين ئي گهايل هنن جي
قلم مان نڪتل شعر، بيان ٿيندڙ حرف ڪن جي آبرو ۾ ڪن
جي لاءِ آب حيات هوندا آهن.
قمر کي ڏسي خدا جي قدرت تي يقين ايندو هو. خدا جي
ههڙي جوڙ ٿورن کي نصيب ٿيندي آهي. خواتين ڏسن ته
اپالو ديوتا سندن تصور مان ٻاهر نڪريو اچي. عام
ماڻهو ڏسي ته چوي ته هيءَ گورو ڪٿان آندو اَٿو.
قلم کڻي ته ڪيئي ڪهاڻيون ڪيئي ڊراما، ڪيئي نظم
نڪريو نروار ٿين سندس هڪ ڪهاڻي جو ڪردار ”راڄي“ جا
راڄن جي لبن تي رهجي ويل ڪهاڻي آهي. ٽي ويءَ تي به
ڏٺيسين سندس ڪيئي ڪهاڻيون ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيون.
”شڪست“ سندس يادگار ڪهاڻي آهي. تازو سندس ڪهاڻي
”ڪُلهي ڍُرڪي پيل ڪنڌ“ ”سِپُون“ (هند) ۾ ڇپي سالن
کان ڪيترائي رسالا، ”مهراڻ“ ”روح رهاڻ“ ”سهڻي“
ڪونج“ .نئين دنيا“ ”سپون“
سندس قلم جي آبرو جا شاهد آهن ۽ سندس نظمن ۽ گيتن
جي گونجار جا گواهه آهن. سندس چيل وايون ڪورس
سانگ، جي صورت ۾ سُر ۽ سنگيت جا شاهڪار آهن. قمر ۽
اسان جيتريون گهڙيون گڏ گهاريون آهن، اوتريون
ڪهاڻيون، قصا ۽ داستان آهن. چئني درويشن جا داستان
هڪ ئي درويش قمر اِهي قصا ورجائي کڻي ٻُڌائي ته
ڏينهن کُٽي ويندا پر راتيون به پوريون نه پونديون.
اَڄ نه اُهو فور اِن ون وارو درويش رهيو آهي، ۽ نه
اُهي پَل ۽ گهڙيون موٽي سگهن ٿيون، ۽ نه وري مان
اُهو داستان گو ٿي سگهان ٿو، جيئن قمر هو. مان
اُهو سُر سنگيت وارو شاعر به نه ٿو سگهان. مان
ڪيئن قمر ٿي سگهان ٿو، جيڪو اپالو ديوتا هو. هُو
هڪ اڻ اُڏندڙ طويل ٽهڪ هو، جيڪو منهنجي ڪنن ۾ اڄ
به ٻُري رهيو آهي. هن دنيا جي اسٽيج تي پرفارم
ڪندڙ، ون ايڪٽ پلي ۾ هر وقت متحرڪ رهندڙ اَڄ اُهو
اداڪار خاموش ٿي ويو آهي. سندس ٽهڪ صرف هوائن ۾
رهجي ويا آهن. سندس ساٿي صداڪار اَداڪار سندس
انتظار ۾ آهن ته رڳو قمر اچي ته ڊرامو اڳتي هلي
ڊرامي جو هيءُ منظر هڪ فريز ٿيل منظر جيان آهي
.”اڙي، هي ته ريموٽ ئي گم ٿي ويو آهي،“ قمر اُتي
ئي يادگيرين جي انبار ۾ ڄمي بيهي رهيو آهي. منٽ اڌ
کان پوءِ اِهو فريز ٿيل منظر به ٻين فريز ٿيل
منظرن جيان گُم ٿي ويندو!
هم سفر ۽ هم رڪاب
شخصيت: ناصر مورائي
29- مارچ رات جا پوڻا ٻارنهن کن ٿيا هوندا ته فون
جي گهنٽي وڳي، ڪراچيءَ کان خواجه سليم جو نينگر
آذر هو.
”چاچا ناصر اڄ ڏهين وڳي رات جو گذاري ويو، بابا
اوڏانهن ويل آهي، چيو اٿئين ته توهان کي خبر ڪريان
ته توهان ايڏانهن اخبارن ۾ خبر ڪريو، صبح جو ڏهين
وڳي جنازو کڄندو.“
مان پهريائين نه وسامجي ويس، هوش ۾ آيس ۽ خيال ڪيم
ته هن وقت ڪهڙي اخبار ملندي، گهڻو تڻو آخري ڪاپي
دير سان ويندي آهي، فون تي نياز پنهور پنهنجي نياز
نئڙت سان کيڪر ڪئي. کيس ٻڌايو ته ناصر مورائي
گذاري ويو. ناصر جي نصرت ۽ تحريڪي ڪارڪن هجڻ سان
گڏ سندس ادبي ڪاوشن جو ذڪر ڪيم. هن ڪجهه وڌيڪ
تفصيل گهريا ته ڪٿي دفنائيندا ۽ ڪيڏي مهل کڻندا
وغيره. هن چيو ته ڪاپي روڪيل رهندي توهان پڇا ڪري
ٻڌائيندا.
ناصر جي ڪراچيءَ واري گهر تي فون ڪيم. غمزده
ڀاڄائي فون کنيو. کيس وَرَ جي وڇڙڻ جو وڏو ڏک هيو،
”ادا بس دير ئي نه لڳي ڏهن منٽن ۾ قصو پورو ٿي
ويو“. هن اڌمن ۽ جذبن کي روڪيندي چيو. پوءِ
ٻڌايائين، ”مڪلي تي کيس دفن ڪبو، هتان شنگريلا
اپارٽمنٽس مان اٺين وڳي صبح جو جنازو کڄندو ۽ ڏهين
وڳي مڪلي ۾ امام بارگاهه وٽ دفنائبو“. ’ڪاوش‘ فون
ڪيم. نياز اُٿي ويو هو. هڪ نوجوان ڳالهايو. ڪاپي
برابر روڪيل هئي. نياز خبر ته لکائي ويو هو، وڌيڪ
گهربل تفصيل مون کيس لکايا، نوجوان اوچتو سوال
ڪيو، ”سائين توهان لکايو آهي ته هو نثر جو اديب
هو، شاعريءَ جو به ٻڌايو“.
”ناصر نثر ۾ ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ شاعري واري ٻولي
استعمال ڪئي هجي ته
اها ٻي ڳالهه آهي. باقي ناصر شاعر جي جامي ۾ اها
اڻ ٿيڻي هئي“. مون چيو، ”ابا، عجب ڳالهه ٿا ڪيو.
هو ڪهاڻيڪار هو، ناول نگار هو، اينٽي ون يونٽ
تحريڪ جو وڏو ڪارڪن سنڌي ٻولي واري تحريڪ جو اهم
ڪردار پر شاعر نه هو“.
ڳالهه ختم ٿي وئي. مونکي ايڏانهن ڪو خيال ئي نه
ويو ته هن هڪ ڌڪ سان ڪو مامرو ئي ٻيو ڪري ڇڏيو.
صبح جو ڪاوش ۾ خبر ڇپي، ”راشد مورائي گذاري ويو“.
ٻه ماڻهو هڪ خبر سان مري ويا، ناصر جي تصوير ٽنگيل
ئي رهي، ٻيو جيئري ئي موري ۾ گذاري ويو. سندس
تصوير اڃان ڪانه ٽنگي هئي. صبح جو مڪلي تي وڃڻ کان
اڳ ’شام‘ اخبار جي نوجوان صحافي الياس، تاج جويي
جي خبردار ڪرڻ تي مون سان ڳالهايو. خبر کي وڌيڪ
واضح ڪيو ويو. تصوير ڏني وئي تعزيتي پيغام ڏنا ويا
ڪجھه ڳالهه بڻي.
مڪلي تان موٽيس. طبيعت ائين جواب ڏنو جو سمجهيم
حيدرآباد واري ڊرائنگ روم ۾ منهنجي تصوير ته اڳ ۾
ئي ٽنگيل آهي. باقي نوشهري واري اوطاق تي لڳڻي
هئي. بهرحال اهڙا جهٽڪا دوستن جي وڃڻ تي اڳ به آيا
هئا. مرحوم نسيم کرل جي تدفين جي موقعي تي به اهڙي
حالت ٿي هئي.
شام ٿي مس ته خواجه سليم، ڪراچي، ٺٽو، ڪراچي،
حيدرآباد هلندڙ بسن جيان ٺڪاءُ ڪيو.
”ڀلا تدفين ۽ ٽيجهي جي اطلاع واري خبر هلرائي
اٿئي“. سليم وقت جي بيوقتن ٺڪائن کان بيخبر رهڻ
لاءِ بنهه ٻوڙو ٿي ويو آهي. نيٺ اشارن ڪناين ۽
رڙين ڪندي سمجهايم، ”ڪاوش جي شفٽ ۾ ڪي ماڻهو اچن ۽
سي به سيبتا ته صحيح احوال ڏجي“.
اٺين وڳي رات جو فون ڪيم، نياز پنهور ملي ويو جيڪو
نه رڳو انچارج آهي پر سيبتو ۽ سياڻو ساٿي به آهي.
مان اڃان غلط خبر جي شڪايت ڪيان ته هو ويچارو کلي
پيو. ”سائين، خبر ته ويٺل نينگر کي ڏنم. اندرين
خبر بالڪل صحيح هلي آهي. پر نالو تبديل ٿي ويو. جو
جيڪي به نوجوان هتي ويٺا هيا تن ناصر مورائي جو
شايد نالو ئي نه ٻڌو هو. هنن راشد مورائي جو نالو
۽ شاعري ٻڌي هئي. هنن سوچي ويچاري فيصلو ڪيو ته
اها ڀل مون کان ٿي آهي. سائين خبر ته هلي وئي پر
اڄ سڄو ڏينهن ويل ۾ رهيو آهيان. راشد مورائي ۽
سندس عزيز قريب ۽ دوست ته پريشان ٿيا پر اسان سان
سڀني سٺي ڪئي آهي“.
مون کيس تدفين ۽ ٽيجهي جو اطلاع ڏنو. هن ويچاري
خبر هلائي،
تعزيت ڪندڙن جا نالا ڏنا، ڪجھه اڳئين ڏينهن ڏنا
هيا، جيڪي راشد مورائي جي کاتي ۾ هليا ويا.
پر منهنجي لاءِ اها وڏي خبر هئي ته راشد مورائي ان
خبر تي رنج جو اظهار نه ڪيو پر ڄاڻايو هو ته کيس
هن خبر وسيلي خبر پئي ته ڪيترا سندس چاهيندڙ ۽
پيار ڪندڙ آهن جن ساڻس رابطو ڪيو ۽ پيغام موڪلي
همدرديءَ جو اظهار ڪيو.
پر جي ناصر جيئرو هجي ها ۽ سندس موت متعلق ڪا غلط
خبر ڇپجي ها ته شايد هن دؤر ۾ ايترا تعزيتي پيغام
نه ملن ها جيترا راشد مورائي لاءِ جاري ٿيا يا
سندس پونيئرن کي مليا.
تازو ممتاز مهر جو هڪ خط، ’سوجهرو‘ ۾ پڌرو ٿيو
آهي. ان ۾ ڊاڪٽر ثمرين شيخ جي خيال سان اتفاق ڪيو
اٿائين، ”اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ جيڪي اديب ۽ شاعر
هيرو هئا، سي گهڻي ڀاڱي هاڻ زيرو آهن“.
دنيا جون سڀئي قومون، ڪنهن به فرد جي قوم لاءِ ڪيل
ڪنهن به هڪ ئي ڪارنامي تي نازان ٿي ايترو ته انهن
کي مان ۽ سنمان ڏينديون آهن جو هو نه رڳو سڄي ڄمار
پر مُئي کان پوءِ به وٽن زندهه رهندا آهن.
هن صاحب مون سان گڏ ٻين دوستن جو به ذڪر ڪيو آهي.
جيڪي هاڻ زيرو آهن. مان ڀاءُ ممتاز مهر کي ڇا
چوان. گهٽ ۾ گهٽ مون، ڪڏهن به پاڻ کي هيرو نه
سمجهيو آهي. ماهتاب محبوب ته مونکي، ’هڪ ادبي
هيرو- هڪ ادبي ولين‘ جي نالي سان ياد ڪيو، ڄڻ مان
ڪو ادبي دنيا جو ايڪٽر هجان ۽ اهو مضمون مون پاڻ
’ويريون‘ ۾ هلايو. ليکڪ پنهنجي دور سان وابسته هجي
ٿو. پڙهي لکي پنهنجي وت آهر وارو وڄائي رمندو رهي
ٿو. ڪو جيئري ئي مري وڃي ٿو ڪو سچ پچ مري به
محاوري طور ئي سهين زندهه نه ٿو رهي. ناصر اڄ
زندهه ڪونهي ڪوشش اها آهي ته مُئي کان پوءِ به
تاريخ جي صفحن تي کيس ماري ڇڏجي. ناصر مورائي ڪير
هو. هو ته اسان جو پنهنجو ناصر هو. ون يونٽ واري
دؤر جو هڪ جيالو ڪارڪن. هن سنڌي ٻولي جي بچاءُ
لاءِ پمفليٽ ۽ پوسٽر ورهايا دوستن سان گڏجي صحيون
ورتيون ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ، گام گام تي اهي پمفليٽ
کڻي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيڻ لاءِ پهتو. سرڪاري يا
يونيورسٽين جي جلسي گاهن ۾ ٻه چار دوست ساڻ ڪري
اسٽيج تي چڙهي وقت جي حاڪمن آڏو بيهي نعرا هنيا.
سزا وار بڻيو ڪڏهن ڪلارڪي واري نوڪري چٽ، ته ڪڏهن
آفيسري چٽ، ڪڏهن ڪوآپريٽو اسٽور تلڪ چاڙهي جي
مئنيجري چٽ، ته ڪڏهن اوقاف کاتي جي اڪائونٽنٽ ۽
ڪيشيئر واري نوڪري ختم. سندس انهن نوڪرين جي وٺي
ڏيڻ ۾ منهنجي والد صاحب جو هٿ هو. سفارشي مان هيس.
روز روز سرڪار جي ناراضگي ڏسي بابو سائين به تنگ
ٿي پيو. ”ڇا تنهنجا سڀ دوست سرڪار جا مخالف آهن؟“
کيس خبر تڏهن پئي جڏهن ڏٺائين ته کوڙي کي ئي گهمرو
آهي. جڏهن ڪمشنر صاحب کيس منهنجي خلاف به سي آءِ
ڊي جون رپورٽون ڏيکاريون، والد صاحب سڄي لڏي کي ته
ڪجھ نه چيو، پر مون کان لاتعلقي ڏيکاري. اهو دؤر
مزاحمتي دؤر هو. سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي سنڌ
جي نوجوانن جو رت ٽهڪيو پي. پر وهڪرو ڪهڙي پاسي
هجي ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي. ترقي پسند ادب اسان
سڀني جو کاڄ هو. پر سنڌ ۾ ڦهلجندڙ هن ٽهڪندڙ وهڪري
جو رُخ، ترقي پسند جي دائري کان به گهڻو اڳي نڪري
سنڌ پرستي ڏانهن وڌندو پي ويو. ون يونٽ هڻي سڀني
جون پاسيراٽيون ڪڍي وڌيون هيون. سماجي اقتصادي ۽
سياسي رُخ انهن قائم ڪيل ڪتابي ڊيفينيشنس ۽ ٻه
ٻڪان چار واري منطقي دائري کان ٻاهر هو. هر هڪ
نوجوان پنهنجو مورچو سنڀاليو هو. ناصر مورائي به
پنهنجي طبيعت ۽ منطق وارو جولاني ماڻهو هو. اسان
سڀني کان وڌيڪ بهادر هو. سمجهوتي ۽ مصلحت پسندي
کان ونءُ ويندڙ. هيءُ شخص ڪنهن ڪنهن وقت ايڏو ته
ڏکيو ٿي پوندو هو جو کيس سنڀالڻ مشڪل هوندو هو.
جڏهن مسئلا پيدا ڪري وجهندو هو ته ويڻ اسان کي
ڪڍڻا پوندا هيا. هو زماني ۾ هلندڙ وهنوار جو باغي
هو. زماني جي سوختي پڻي، ڏنجهن ۽ ٻيائيءَ ڪري هو
هر نظرئي جو باغي هو خاص طرح سياست، سماجي ۽ مذهبي
شڪل ۾ آيل آپدائن جي خلاف جهنڊو جهولائيندي دير نه
ڪندو هو. ڪامريڊي نظام جو قائل ٿيندو پئي ويو.
دوستيون هن لاءِ معنيٰ نه رکنديون هيون. نيٺ هو هڪ
ڏينهن رشين ايمبسيءَ ۾ مترجم جي حيثيت سان ’طلوع‘
رسالي ۽ هڪ خبرنامي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو هو. هاڻ ڪامريڊي
نظام جو قائل ۽ پرچارڪ بڻجي چڪو هو پر جيئن چيو
اٿم ته هو سمجهوتو ڪرڻ نه ڄاڻندو هو ڪوبه ادارڪ
ٿيس اهو سندس حاڪم ستارو هوندو هو. هن اوچتو اهو
من مانڊاڻ ڀوري ڇڏيو ۽ اسٽيل مل ۾ داخل ٿيو.
ڪي سال اسان جي ڪا خاص ميل ملاقات نه ٿي. اسٽيل مل
واري گهر ۾ مان پنهنجي ٻچن ٻارن کي ساڻ ڪري ساڻس
ملڻ ويس. ناصر جو
Combination
نمبر ڪجھ ٻيو هو. هن دفعي هو هڪ مذهبي ماڻهو هو پر
سنڌيت وارو علم، اَلم واري مذهبي علم سان گڏ کنيو
بيٺو هو. اتي سنڌين کي گڏ ڪري انهن لاءِ هڪ تنظيم
ٺاهي هيائين. سنڌ اندر ٿيندڙ نئين اٿل پٿل ۽ بي
سبب ٿيندڙ ناحق ۽ ناانصافي لاءِ واڪو ڪرڻ سندس
ڏانوَ وٽان هو. اهو سندس وس ۾ به هيو. ايترو ٿيو
جو سندس گهر تي حملو ٿيو. کيس ڊيڄارڻ ۽ هراسڻ لاءِ
مٿس به حملي جا آثار پيدا ٿيا پر هو ڊنو نه. هاڻ
اسان جو ملڻ جلڻ گهڻو ٿيندو هو، جو مرحوم اشفاق
قاضي سان گهڻي هوندي هيس. ’روح رهاڻ‘ واري زماني ۾
19 روپ محل واري پراسرار ماحول ۾ نپجندڙ دوستي
ڪيئي گل گونچ ڪڍيا هيا. اشفاق سان منهنجو ته عشق
هو. هن هڪ چوياري کڻي ٺاهي خواجه سليم اڳيئي ساڻن
گڏ هو. خيرپور مان ڊوڙي ڊُڪي پهچڻ وارو چوٿون ڄڻو
مان هيس. جيتوڻيڪ مان ناصر سان پنهنجي ياري جي هام
اڄ تائين هڻي نه سگهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي نظر
۾ ياري باشي وقت گذارڻ جو نالو آهي. ناصر منهنجو
همسفر منهنجو هم رڪاب هو ۽ آهي. ڇاڪاڻ ته همسفر ۽
هم رڪاب هجڻ جو تصور پراڻي ڪامريڊشپ جيان هميشه گڏ
هجڻ آهي. سليم ۽ اشفاق به هم سفر ۽ هم رڪاب رهيا ۽
آهن. هي اهو زمانو هيو جو دوستي جا به آثار نظر
آيا. هڪ ڏينهن چيائين، ”اچ ته وري ’روح رهاڻ‘
ڪڍون“.
مون کيس چيو هو، ”يار، ڇا ’روح رهاڻ‘ انهي رنگ ۾
نڪري سگهندو. ڪٿي اڳيون اڀاريل سج بنهه اُلهي نه
وڃي“.
هن گهڻو ئي يقين ڏياريو پر دور بدلجي چڪو هو.
ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تي ڪٽ چڙهندي پئي وئي. لاهڻ
لاءِ وڏي محنت ۽ وقت جي ضرورت هئي. هڪ ڏينهن آيو
ته نوڪري ڇڏي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي آيو. ڊيلٽا
ڪميونيڪيشن جي نالي سان ادارو قائم ڪيائين. شروعات
ڀٽائيءَ جي سر واري رسالي ڇاپڻ سان ڪيائين. ”اچ ته
هاڻي ’روح رهاڻ‘ ڪڍون“.
’روح رهاڻ‘ سان هو ذهني طرح اهڙو ته لاڳاپيل هو جو
اٿندي وهندي
’روح رهاڻ‘ جي دور کي ياد ڪندو هو. سندس ادبي ۽
ذهني اوسر ’روح رهاڻ‘ جي 1960ع واري پهرين پرچي
کان معاون ايڊيٽر جي حيثيت سان ئي شروع ٿي. نئين
دور ۾ 1963ع کان 1964ع تائين به معاون ايڊيٽر
رهيو. پوءِ به هميشه سندس ساٿ پڇاڙي تائين رهيو.
’روح رهاڻ‘ جي نئين سر نڪرڻ واري خيال مون کي
اتساهيو پر جيسين ٻئي تيار ٿيون ته بدر ابڙي وارن
بنا پڇا جي ’روح رهاڻ‘ رسالو ڪڍيو، جيڪو هلائي به
نه سگهيا. ناصر مليو ته پرچو کنيو آيو. مان خاموش
هيس. ٻيو پرچو ڏيکاريندي چيائين، ”ٿئي دل خوش هاڻ
سج اُلهي ويو يا نئون اُڀرندو؟“.
هاڻ جڏهن ’روح رهاڻ‘ ڪڍڻ جو ور ور سوچيان پيو ته
اهو خيال آيو اٿم ته جي ’روح رهاڻ‘ رسالو نڪتو
پوءِ ڪهڙو به نڪتو منهنجو همسفر ۽ هم رڪاب ناصر
ضرور خوش ٿيندو.
ناصر ڪيترن سالن کان نه پي لکيو پر ڇا مهر صاحب
سڀني اهڙن اديبن کي جيڪي نه لکي رهيا آهن. زيرو
ڪري ڇڏيندو. ڀل هو، زيرو نه هجن پر وقت شايد اڳتي
هلي قوم کي ادراڪ ۽ شعور بخشي ۽ هو کين هيرو قرار
ڏئي. في الحال ناصر منهنجي لاءِ سچ ۽ حق جي راهه ۾
مارجي ويل اهو سپاهي آهي جنهن جي تدفين ۾ سندس
عزيزن، قريبن سان گڏ اديب صرف ٽي هيا چوٿون جسقم
جو هڪ تحريڪي اڳواڻ هو. سندس ٽيجهي تي پندرنهن کن
اديب ۽ سندس ساٿي هيا. باقي گهڻي ڀاڱي عزيز قريب
هيا. ناصر اسان جهڙن جو هم رڪاب ۽ همسفر آهي. جن
کي ڪنهن به سند جي ضرورت نه آهي. هو هر جنگ جي
ميدان ۾ ڪٿي پاڻي پيئاريندي، ڪٿي ملم پٽي ڪندي ۽
ڪٿي رڳو جهنڊا جهولائيندي مارجي ويندا آهن.
تدفين وقت ناصر لاءِ نه مون وٽ گلن جي چادر هئي نه
جهول ۾ ڪي ڪجهه هيو. سليم ۽ مان سندس خاموش ٿيل
جسم آڏو ڪي گهڙيون چپ چپات ۾ بيٺا هياسين ۽ پوءِ
بس. چوڌاري سانت ئي سانت هئي. سامهون ڌرتيءَ جو
منهن کليل هو.
آڌي ٿي آواز نه آيو، چارڻ چنگ اڪيلو آ،
ڌڙڪ نه ڌرتيءَ جي دل هاڻي اچڻو ڄاڻ سويلو آ
(قمر شهباز) |