مارشل لا سان جمهوريت جو مقابلو
4 اپريل 1980ع تي جيئن بابا جي سزا جي پهرئين ورسي
ويجهي اچي ٿي، ته عوام جا هجوم المرتضيٰ ڀرسان
لنگهندا ڳڙهي خدا بخش ۾ بابا جي قبر ڏانهن پيا
وڃن. هاڻي اسين پنهنجي نظربنديءَ جي ڇهين مهيني ۾
حڪومت کي درخواست ڪريون ٿيون، ته اسان کي هن جي
مزار تي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر آئون ڄاڻان ٿي
ته اها اجازت نه ملندي. حڪومت بابا ۽ پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي ياد ۾ ڪنهن به عوامي پُٺڀرائي
واري مظاهري کان ايترو ته ڇرڪيل آهي، جو اسان جي
اباڻي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستن جي هڪ سئو ميلن جي نيم
گهيري ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
عوام اڳيان حڪومت کڻي ڪيتريون ئي بندوقون تاڻي
بيهي، پر بابا جو ڊَپُ ضياءَ کي سُک سان رهڻ ڪونه
ٿو ڏئي. سندس حياتيءَ ۾ ئي بابا جي هڪ سياسي مدبر
هجڻ ۽ سماجي سوچ رکندڙ طور واکاڻ ڪئي ويندي هئي.
پر سندس قتل سبب هن پنهنجن ڪجهه نيازمندن جي ذهنن
۾ شهيد جي حيثيت ماڻي ورتي آهي، ته ڪن ۾ وري هڪ
وليءَ جي.
بابا جي قبر تي، جيڪا المرتضيٰ کان ڏهه ميل پري
آهي، معجزا ٿيڻ جون ڳالهيون پڻ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿيون.
هڪ منڊڙو ٻار هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ هڪ سُنڍ زال پٽ
ڄڻي ٿي. بابا جي سزا کان پوءِ ان سال لکين ماڻهو
اسان جي خانداني قبرستان ۾ ڪَهي آيا آهن ۽ اتي قبر
جي خاڪ جو ذرو ۽ گُل جي پَتي کائي دعائون گهرن ٿا.
مڪاني اختياريءَ وارن قبرستان جو طرف ڏيکاريندڙ
نشان به پَٽي اُڇلائي ڇڏيو آهي. پر پوءِ به ماڻهو
اُتي ايندا رهن ٿا.
پوليس ۽ فوج جا سپاهي ماڻهن کي ڊيڄارين ٿا ته، هنن
کان نالا پڇيا وڃن ٿا. جيڪڏهن اهي ڪار يا ٽرڪ ۾
اچن ٿا ته، سندن نمبر نوٽ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن
ماڻهو پنڌ اچن ٿا ته سندن ائڊريسون لکيون وڃن
ٿيون. هنن جي کاڌي جون شيون به اڪثر ضبط ڪيون وڃن
ٿيون ۽ سندن پاڻيءَ جا ٿانوَ ڀڄي ٽُڪرا ڪيا وڃن
ٿا، پوءِ به ماڻهو اتي اچن ٿا ۽ بابا جي تصويرن ۽
سندس قبر تي گلاب ۽ گونٽي جي گلن جا هار ۽ چادرون
چاڙهين ٿا.
بابا جي وفات جي ٻارهي کان اٺ ڏينهن پوءِ، ڪراچيءَ
۾ اسان جي نظربنديءَ خلاف عدالت ۾ مقدمو شروع ٿئي
ٿو. اسان جو وڪيل جڏهن اُن خط جو حوالو ڏئي ٿو،
جيڪو مون هڪ مهينو اڳ صنم جي اچڻ وقت ڪئپٽن افتخار
جي اعتراض جوڳي رَوئي خلاف لکيو هو، ته ايڊووڪيٽ
جنرل اهڙي ڪنهن به خط بابت پنهنجي اَڻڄاڻائي
ڏيکاري ٿو. پر مون وٽ ته جيلر جي صحيءَ ڪيل رسيد
آهي ۽ اسان جو وڪيل اُن کي آڻڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي
مهمليءَ لاءِ چوي ٿو. عدالت ڏانهن لکيل خط کي روڪڻ
ان جي توهين آهي، جنهن جي سزا ڇهه مهينا آهي. هنن
کي ڄاڻ آهي ته مون وٽ ثبوت آهي. عدالت جي توهين جي
الزامن کان پاڻ بچائڻ لاءِ اختياري وارن کي ڪجهه
نه ڪجهه ڪرڻو آهي.
اُن رات امان ۽ مونکي اوچتو آزاد ڪيو وڃي ٿو. آئون
وري ڪڏهن به اُن جيلر کي نٿي ڏسان. بعد ۾ مونکي
ڄاڻ ملي ٿي، ته هن جي ترقي روڪي وئي ۽ کيس ڪنهن
هنڌ سزا طور رکيو ويو هو.
آزادي. پر الائي ڪيستائين، المرتضيٰ مان آزاد ٿيڻ
کان پوءِ امان ڪراچي ۾ رهڻ لڳي. جڏهن ته آئون
هوائي جهاز ذريعي اسلام آباد ويس، ته جيئن پاڻ کي
انهن ڳالهين کان واقف ڪريان، جيڪي اسان جي
نظربنديءَ جي ڇهن مهينن ۾ ٿيون هيون هوائي جهاز
راولپنڊيءَ ۾ هيٺ لٿو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن آئون
ياسمين جي گهر ۾ صبح جو ننڊ مان جاڳيس، ته ويهاڻي
جي ڇَوَ تي بدبودار گند ۽ رَت جا نشان هئا.
منهنجون ساهڙيون هڪدم مونکي اسپتال وٺي ويون. ”تون
ڏاڍي سڀاڳي آهين،“ ايمرجنسي روم ۾ ڊاڪٽر منهنجي
ڪَن جي صفائيءَ کان پوءِ مونکي چيو. ”جهاز ۾ هوا
جي داٻ سبب بيماريءَ جو اهو گند ڦاٽي ٻاهر نڪتو.
اهو ڦاٽي اندر به وڃي سگهيو ٿي، جنهنڪري گهڻو
نقصان ٿئي ها.“
آئون ته ڪجهه به سوچي نه پئي سگهيس. پهرين
المرتضيٰ ۾ حڪومت طرفان مون ڏانهن موڪليل ڊاڪٽر
ڏاڍي چالاڪيءَ سان مونکي سمجهايو هو، ته مونکي ڪَن
جي سُور جو وهم آهي ۽ پوءِ وري هن مون تي ان ۾
ڇِلَ جو الزام مَڙهيو هو. هاڻي هن ڊاڪٽر مون کي
ڀاڳوارو سڏيندي رُڳو اها صلاح ڏني هئي، ته آئون
ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڊاڪٽر کان هر پندرهين ڏينهن ڪَن
جي تپاس ڪرايان. ڇا ڊاڪٽر نااهل هئا يا هنن ڄاڻي
ٻُجهي منهنجيءَ حالت کان لنوايو هو؟ ڪنهن به مونکي
ڪونه ٻُڌايو هو، ته منهنجي ڪَن ۾ جوکائتي ڦُرڙي
هئي، جنهن هوريان هوريان اتي جي نازڪ هڏين کي پئي
ڳاريو، جنهنڪري آئون ٿوري ٻوڙي ٿي پئي هيس. بعد ۾
مونکي خبر پئي، ته جراحيءَ کانسواءِ ان لاڳيتي
سوزش ۽ ساڙي سبب آئون بنهه ٻوڙي ٿي وڃان ها ۽
منهنجي مُنهن تي فالج ڪِري ها. پر اڳ ۾ مونکي ڪنهن
به اهو ڪونه ٻڌايو هو.
آئون جڏهن ڪراچي واپس ٿيس، ته امان کي ڏاڍي ڳڻتي
هئي. ”تون حڪومت کي خط لکي ٻاهرئين ملڪ ۾ تپاس
ڪرائڻ جي اجازت گهر،“ هن مون تي زور رکندي چيو.
”تنهنجي صحت جو تنهنجي سياست سان ڪوبه ناتو
ڪونهي.“ مون حڪومت کي اهڙو خط لکيو. پر اسان کي
ڪوبه جواب نه مليو. حڪومت اسان کي پنهنجي
نظرداريءَ ۾ رکڻ گهريو هو.
70 ڪلفن کان ٻاهر فوجي جاسوسن جون گاڏيون چويهه
ڪلاڪ بيٺل هونديون هيون. آئون يا امان جڏهن به
ٻاهر ويونسين ٿي، ته هنن اسان جو پيڇو ٿي ڪيو.
اسان جي گهر جيڪو به آيو ٿي، تنهن جو فوٽو ڪڍيو ۽
سندس ڪار جو نمبر لکيو ٿي ويو. اسان جا ٽيليفون
ٻُڌا ويندا هئا. ڪنهن وقت ٽيليفون ۾ کڙکڙ جا آواز
ٻڌبا هئا، ته ڪنهن وقت اهو بلڪل بند ٿي ويندو.
”تون واپس لاڙڪاڻي وڃ ۽ اتي ٻنيءَ جي حساب ڪتاب جي
پڙتال ڪر.“ مون جڏهن پاڻ کي تندرست ڀانئيو، ته
امان مونکي صلاح ڏني. ”ٻن ورهين ۾ اسان جي خاندان
جي ڪنهن به ڀاتيءَ کي ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو وقت نه
مليو آهي.“
آئون جڏهن پنهنجي ٻنيءَ جي مئنيجرن سان ملڻ ۽ فصل
۽ لاباري جا معاملا چڪاسڻ لاءِ واپس المرتضيٰ ويس،
ته جاسوسن ڪڏهن به منهنجو پيڇو نه ڇڏيو. مونکي ڇا
ڪرڻو هو ۽ ڇا ڏسڻو هو، تنهن بابت مونکي ڪابه ڄاڻ
نه هئي. سدائين بابا ۽ منهنجا ڀائر ٻَنين جي سنڀال
ڪندا هئا.
حساب ڪتاب جا ڪاغذ چڪاسيندي آئون اڪثر ڀانئيندي
هئس، ته آئون اٺن ورهين جي ڇوڪري ٿي واپس
بورچيخاني ۾ پهچي وئي آهيان ۽ اتي بابوءَ کان گهر
جي خرچ پکي کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪريان. هر ڪو
حقيقي ڪم ڪندي ۽ مَن جي لاڳيتي مونجهه مان ويرم کن
لاءِ پاڻ بچائيندي، دل کي ڄڻ اطمينان ٿي آيو. آرهڙ
جي ساڙيندڙ اُس شروع ٿيڻ کان پهرين هر صبح جو آئون
پاڻ کي نين ذميدارين کي سمجهڻ لاءِ جيپ ۾ چڙهي،
زيتون جي باغن ۽ سارين ۽ ڪمند جي ٻنين ۾ ويندي
هيس. آئون تکي اُس کان بچڻ لاءِ مٿي تي رَئو رکي
يا ڪَکن جو ٽوپلو پائي، ٻنين ۾ پئي ڦرندي هئيس.
اهڙيءَ ريت مون واهن ۽ ٽيوب ويلن، آرهڙ ۾ سارين،
ڪپهه ۽ ڪمند، خريف پوک جي ڄاڻ ۽ سم ۽ ڪلر جي
معاملن جي سمجهه ماڻي. جسماني ڪَشالو مرهم ثابت
ٿيو هو.
ڀٽي خاندان جي هڪ فرد کي پنهنجين ٻَنين ۾ ڏسي
هارين، ڪمدارن ۽ منشين سُک جو ساهه کنيو. ”مالڪ جا
پير سونا هُجن ٿا. هاڻي جڏهن تون هتي آئي آهين، ته
اسان جي سَڻائي ٿيندي.“ هنن مان ڪنهن مونکي چيو.
”هاڻي اسين يتيم نه آهيون.“
ٻَنين تي رهندي مونکي سرهائي ٿيندي هئي، پر
لاڙڪاڻي ۾ مردن سان گڏجي ڪم ڪرڻ عجب جهڙي ڳالهه
هئي. ڳوٺاڻيون عورتون ڏاڍن پراڻن ويچارن جون هيون
۽ برقعي پائڻ کانسواءِ گهر مان ٻاهر نه نڪرنديون
هيون ۽ ڪار هلائڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو. پر
منهنجي لاءِ ٻي ڪا راهه نه هئي. منهنجي گهر جي
ڀاتين مان ڪوبه مرد ماڻهو پاڪستان ۾ ڪونه هو. بابا
گذاري ويو هو ۽ ڀائر افغانستان ۾ هئا. اهي جيڪڏهن
پاڪستان ۾ واپس اچن ها، ته کين هڪدم جهَليو وڃي
ها. اسان مان ڪنهن جي به زندگيءَ ۾ روايت جي ڪا
جاءِ نه هئي.
آئون ڪنهن قدر جنس جي ٻَنڌڻ کان مٿانهين هيس. سڀني
کي ڄاڻ هئي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن مونکي
زميندار خاندان جي زندگيءَ جي طريقن مان ٻاهر نڪرڻ
تي مجبور ڪيو هو. انهن خاندانن ۾ نوجوان عورتن جي
سختيءَ سان حفاظت ڪئي ويندي هئي ۽ اهي ڪنهن مرد
مائٽ کانسواءِ ڪڏهن به پنهنجي گهر مان ٻاهر نه
نڪرنديون هيون. اسان جي روايتن مطابق عورتون
خاندان جون عزتون آهن. هنن کي ۽ سندن عزت آبروءَ
کي بچائڻ لاءِ خاندان وارا پنهنجين عورتن کي
چؤديواري اندر پردي ۾ رکن ٿا.
منهنجيون چار پُڦيون، جيڪي منهنجي ڏاڏي جي پهرئين
گهر واريءَ مان هيون. اُن روايت کي قائم رکنديون
آيون. ڀٽي خاندان مان ڪوبه ويجهو مائٽ هنن سان
شاديءَ لاءِ مناسب نه هو. تنهنڪري اهي حيدرآباد ۾
پنهنجي گهر جي چؤديواريءَ ۾ پردي ۾ رهنديون هيون.
خاندان ۾ سندس گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي؛ ڇو ته سڀني
کي ڄاڻ هئي، ته انهن جي شادي ڇو نه ٿي آهي. هي
سدائين خوش ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ کين ٻئي ڪنهن به
قسم جي ڄاڻ نه هئي. ”هنن جي چهرن تي ڳڻتيءَ جون
لِيڪون ئي نه ٿيون ڏسجن.“ امان جڏهن انهن سان ملي
ايندي هئي، ته مون کي ٻُڌائيندي هئي.
منهنجي لاءِ اها ورچائيندڙ حياتي هئي، پر منهنجيون
پُڦيون گهڻو سُرهيون ٿي ڏٺيون. هنن عربي پڙهي،
قرآن شريف پڙهڻ سِکيو هو، رڌ پچاءُ جو ڪم سِکيو
هو. پتائي گجرن جو لذيذ اچار ۽ مٺائيون ٺاهينديون
هيون، ڪپڙا سِبنديون هيون ۽ سئيٽر اُڻينديون هيون.
اهي ورزش لاءِ گهر جي چؤديواري ۾ پنڌ ڪنديون هيون.
ڪڏهن ڪڏهن بجاج سندن پسند لاءِ نَون ڪپڙن جا ٿان
دَر تي ڇڏي ويندو هو. اهي پراڻي نسل مان هيون.
آئون نئين نسل جي هيس.
شام جو آئون المرتضيٰ ۾ شاگردَ وفدن ۽ ٻين
ملاقاتين سان ملندي هيس، جيڪي مون کي انهن ماڻهن
جون خبرون ٻڌائيندا هئا، جيڪي اڃا تائين قيدخانن ۾
پيا هئا. انهن وٽان مون کي فوجي حڪومت جي مخالفت
جو پڻ احوال ملندو هو. اسين انهن ماڻهن ۽ خاندانن
جون فهرستون ٺاهيندا هئاسين، جن سان قيد ۾ ملڻو هو
۽ جن جي دلداري ڪرڻي هوندي هئي. ٽپهريءَ جو مون کي
ايترو وقت ملندو هو، جو آئون بابا جي قبر مٿان
ڇانوَ لاءِ شاميانو ٺهرائڻ ۽ امان جي ان تجويز تي
ڌيان ڏيڻ لڳيس، ته المرتضيٰ ۾ لڳل ڪاٺ جي پراڻين
درين جي جاءِ تي شيشي جون دَريون هجڻ گهرجن. ”آئون
ٿڌڪار بدران ڏسڻ کي پسند ڪريان ٿي.“ المرتضيٰ ۾
اسان جي ڊگهي نظربنديءَ جي وقت اسان کي بجلي وڃڻ
سب جيڪو تجربو ٿيو هو، تنهن کي ويچار ۾ رکندي هن
مون کي چيو هو. ”الائي اسين هتي ٻيهر نظر بند
رهون؟ اسان کي به تيار رهڻ گهرجي.“
مون پاڻ کي اوڀر جي هڪ اڻڄاڻ روايت ۾ پڻ ڌِڪجندي
ڀانئيو. اتي اڪيلي ڀٽو هجڻ سبب اوچتو مون کي
ڳوٺاڻن پنهنجو ’وڏو‘ سمجهيو. اهي ٻَنيءَ ۾ ٺهيل
ڪچي گهر جي آڳنڌ ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پنهنجن
جهيڙن ۽ معاملن جو نبيرو ڪرائيندا هئا. جاگيرداري
دؤر جي ان دستور مطابق قبيلي جي سردار کي پنهنجن
ماڻهن جي هر فيصلي جو اختيار هُجي ٿو. قبائلي
انصاف جو اهو مختصر سرشتو قبيلن جيان اڃا تائين
ڳوٺاڻين ايراضين ۾ قائم آهي. جيتوڻيڪ آئون سچ پچ
ته ڀٽو قبيلي جي سردار نه هيس، پر پوءِ به ماڻهو
مون وٽ اچڻ لاءِ زور رکندا هئا. پاڪستان ۾ انصاف
ڏاڍو دير سان ملي ٿو، اهو ڏاڍو مهانگو هجي ٿو ۽
منجهس ڏاڍي بي ايماني ٿئي ٿي. پوليس لاءِ چيو وڃي
ٿو ته اها پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ ماڻهن کي جهلي ٿي
۽ کانئن رشوت وڍي پوءِ کين ڇڏي ٿي. تنهنڪري ماڻهو
پنهنجن ڄاڻ سڃاڻ خاندان جي ڪيل فيصلن مان راضي هجن
ٿا. پر اٺ ورهيه مغربي ملڪن ۾ رهڻ کان پوءِ مون
ڀانئيو هو، ته ڳوٺاڻي زندگيءَ جا مونجهارا
سُلجهائڻ جي مون ۾ لياقت ڪانهي.
”هن جي سئوٽ منهنجي پُٽ کي چاليهه ورهيه اڳ قتل
ڪيو هو.“ هڪڙي صبح جو آئون واڻ جي کٽ تي عدالت ڪرڻ
لاءِ ويٺي هيس، ته هڪ ڪُراڙي شخص، جنهن جي وات ۾
ڏند به ڪونه هئا، منهنجي اڳيان بيان ڏنو. ”ان وقت
اوهان جي وڏي چاچي جيڪو فيصلو ڪيو هو، تنهن مطابق
هن جي خاندان ۾ جيڪا به پهرين ڇوڪري ڄمڻي هئي،
تنهن سان منهنجي شادي ٿيڻي هئي ۽ اها ڇوڪري ڄائي
آهي. هن کي ڏس، پر هو مون سان اُها ڇوڪري ڪونه ٿو
پرڻائي.“
مون اُن اٺن ورهيه ڄمار جي ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو،
جنهن پاڻ کي پنهنجي پيءَ جي پٺيان پئي لِڪايو.
”منهنجي ڌيءَ جڏهن ڄائي هئي، تڏهن هن مون کي هڪ
لفظ به نه چيو هو.“ ڇوڪريءَ جي پيءَ ٻڌايو. ”مون
سمجهيو هو ته هن اسان کي اهو ڏوهه بخش ڪري ڇڏيو
آهي، جيڪو ڪيترائي سال اڳ ٿيو هو. جيڪڏهن مون کي
ڄاڻ هجي ها، ته هو نينگريءَ جي گهُر ڪندو، ته آئون
پنهنجي ڌيءَ کي اهڙي لاڏ ڪوڏ سان هرگز نه پاليان
ها. هاڻي اسين سانباها پيا ڪريون، ته هن جي ان هنڌ
شادي ٿئي، جتان هن جي سڱ جي گهُر ٿي آهي. اسان هنن
سان وچن ڪيو ۽ زبان ڏني آهي. اها اسين ڪيئن ٿا
ڀَڃي سگهون؟“
اُن ننڍڙي غريب ڇوڪريءَ تي اُهو تڪرار ٻُڌي آئون
ڏڪي ويس. ڳوٺن ۾ عورتن جي قسمت سدائين سُٺي نٿي
هجي. ڪنهن جو ڪو ڀاڳ ڀلو ٿيو ته واهه، نه ته ڪنهن
کان به ڪا پڇا نٿي ٿئي. ”توکي اها ڇوڪري نه ملندي،
پر عيوض: ۾ توکي هڪ ڳئون ۽ ويهه هزار رپيا ملندا.“
مون ڪُراڙي شخص کي چيو. ”اهو منهنجو فيصلو آهي.
ڇوڪريءَ جي مڱڻي ٿيڻ کان اڳ ۾ توکي اها دعويٰ ڪرڻ
کپندي هئي.“ ڇوڪريءَ جي عيوض هڪ ڳئون! ريڊ ڪلف ۾
عورتن جي تحريڪ جي بحثن ۾ ڪڏهن به ان تي ويچار
ڪونه ٿيو هو. پر هيءُ پاڪستان هو ۽ ڪُراڙو شخص سخت
ڪاوڙجي پيو هو ۽ ڪُر ڪندو هليو ويو.
منهنجي اُن فيصلي سان ٻئي ڏينهن هڪ ٻيو ڏَچو ٿي
پيو. ”منهنجي گهر واريءَ کي ڀڄايو ويو آهي.“ هڪ
شخص مون کي دانهن ڏني. هن جي سُهري وڌيڪ دانهون
ڪندي چيو. ”اسان تي مصيبتن جا پهاڙ ڪِريا آهن.
اسين مري ويا آهيون. منهنجي ڌيءَ جا ٻار سڄو ڏينهن
پنهنجي ماءُ لاءِ دانهون ڪُوڪُون پيا ڪن. تون ڪا
مدد ڪر، ته هوءَ اسان وٽ موٽي اچي.“
”اوهان جو ڪنهن ۾ شڪ آهي؟“ مون پڇيو. هنن جڏهن مون
کي ٻڌايو، تڏهن مون هڪ ماڻهوءَ کي اُن ڳوٺ ڏانهن
اتي جي وڏڙن سان ان بابت ڳالهائڻ لاءِ موڪليو. ان
نؤجوان عورت کي ڪاميابيءَ سان موٽايو ويو. پر هوءَ
سخت ڪاوڙيل هئي.
”آئون پنهنجي مڙس سان هرگز نٿي رهڻ گهران. منهنجو
ڪنهن ٻئي شخص سان پيار آهي.“ هن مون ڏانهن اهو
نياپو موڪليو. ”هيءُ ٽيون ڀيرو آهي جو آئون ڀڳي
آهيان ۽ مون کي موٽايو ويو آهي. مون سمجهيو هو ته
تون عورت هئڻ سبب منهنجي ڏک کي سمجهي، مون سان
همدردي ڪندينءِ.“
آئون ته دنگ رهجي ويس. مون کانسواءِ هر ماڻهوءَ کي
ڄاڻ هئي، ته سخت قبائلي روايتن هيٺ جيڪڏهن ڪا عورت
پنهنجي مڙس کي ڇڏڻ گهري ٿي، ته هن لاءِ ’ڀڄائي
وڃڻ‘ کانسواءِ ٻي ڪا راهه ئي ڪانهي. هڪ ڏکايل عورت
پنهنجي مرضيءَ سان گهر ڇڏي نٿي سگهي. بعد ۾ مون کي
ڄاڻ ملي ته ان غريب نؤجوان عورت وري ڪڏهن به پاڻ
بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. قبائلي روايتن ۾ مساوات ۽
آزاديءَ جي انساني قدرن جي وچ ۾ جيڪو تڪرار آهي،
تنهن جو ويچار مون کي پهريون ڀيرو آيو هو.
جمهوري پاڪستان ۽ فوجي آمريت واري پاڪستان جي فوج
۾ به ويڇو وڌندو پئي ويو. مون جڏهن لاڙڪاڻي جي
ٻنين ۾ فيصلا پئي ڪيا، تڏهن ٻئي پاسي هر صوبي ۾
ضياءَ جي جوڙيل خاص فوجي عدالتن ۾، جتي قانوني
تعليم کان اڻڄاڻ هڪ مئجسٽريٽ ۽ ٻه ٻيا عملدار
هوندا هئا، ماڻهن کي موت ۽ جنم ٽِيپ جون وڌ ۾ وڌ
سزائون مليون پئي. ٻين به سَون سرسري فوجي عدالتن
۾ ناانصافي پئي ٿي. جتي قانون کان اڻڄاڻ هڪ اڪيلو
عملدار، رُڳو شاهديءَ پٽاندر اتي جو اتي هڪ سال
تائين سخت پورهئي جي سزا ۽ پندرهن ڪَوڙا هڻڻ جو
حڪم ڏيندو هو. منهنجا ڪيل فيصلا آخري ڪونه هوندا
هئا ۽ انهن تڪرارن جو نبيرو عدالتن ۾ ٿي پئي
سگهيو، جڏهن ته فوجي عدالتن ۾ ڏوهارين کي نه وڪيل
ڪرڻ جو ۽ نه اپيل جو ڪو حق مليل هوندو هو. جيڪڏهن
ڪنهن ڏوهاري في ڪَوڙو ڏهه هزار روپيا رشوت ڏني ٿي،
ته رُڳو ان صورت ۾ هو اُن سزا کان جان بچائي ٿي
سگهيو. مارشل لاءِ جو ڦاهو تنگ پئي ٿيو.
مارشل لا حڪم نمبر 77: 27 مئي 1980ع. ملڪ دشمني ۽
هٿياربند فوجن جي اهلڪارن کي ڀنڀلائڻ جي ڏوهن جا
مقدما هاڻي ديواني عدالتن بدران فوجي عدالتن ۾
هلايا ويندا، جن جي سزا ڦاسي يا ڪَوڙا ۽ سخت
پورهئي سان قيد هوندو.
مارشل لا حڪم نمبر 78: بي دريافت سياسي قيدين کي
ٻارنهن مهينن تائين نظربند رکي سگهجي ٿو، پر هڪ
نئين تبديليءَ سان، پنهنجن گهرن ۾ يا رستن تي
گرفتار ٿيل ماڻهن کي ڪنهن به سبب ٻُڌائڻ جي ڪابه
گهُرج ڪانهي. ”نظربنديءَ جا سبب يا بنياد ڪنهن به
ماڻهو کي ڪونه ٻُڌايا ويندا“، حُڪم ۾ ڄاڻايل آهي.
مارشل لا اختياري وارن موجب ”حالتن کي نظر ۾
رکندي“ نظربنديءَ جي مُدت کي هاڻي وڌائي سگهبو.
هاڻي ڪنهن به مرد يا عورت کي اپيل جي حق کانسواءِ
ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪنهن اهڙي الزام هيٺ گرفتار ڪري
سگهجي ٿو، جنهن جي هن کي ڪا ڄاڻ ڪانهي ۽ کيس
اڻڄاڻايل عرصي تائين قيد ۾ رکي سگهجي ٿو. 19 جون
تي لاهور ۾ انهن نون قاعدن کي واپس وٺڻ ۽ شهرين جي
حڪومت جوڙڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وڪيلن هڪ
جلوس ڪڍيو. ڇهاسي وڪيلن تي لٺيون وسايون ويون ۽
هنن کي جهَليو ويو. ساڳيءَ ريت آگسٽ ۾ ڪراچيءَ ۾
ڪيترن ئي ماڻهن کي 1973ع جو آئين بحال ڪرڻ جي
سلسلي ۾ مظاهرو ڪندي جهَليو ويو، جن ۾ ٻارهن وڪيل
به هئا. حڪومت مزدور انجمن جي اڳواڻن ۽ شاگردن کي
به گرفتار پئي ڪيو ۽ لڳو ٿي ته ان ظلم ۽ ڏاڍ جو ڪو
اَنت ئي ڪونهي.
آرهڙ ۾ آئون جڏهن ڪراچي موٽي آيس، تڏهن امان مون
کي گهڻو خبردار رهڻ جو اشارو ڏنو هو، پر حڪومت
ڪوبه جوکو کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. آگسٽ ۾ اسين هڪ
دوست خاندان جي شاديءَ ۾ لاهور ويونسين، ته اسان
جي هوٽل کي پوليس گهيرو ڪري وئي ۽ اسان کي پنجاب
صوبي مان نيڪالي ڏني وئي. اسان کي هٿياربند پوليس
جي نظربنديءَ ۾ هوائي اڏي تائين وٺي ويا ۽ ڪراچي
ويندڙ هوائي جهاز ۾ چاڙهيو ويو.
پڌرو هو ته فوجي بغاوت ۽ مارشل لا کي ٽي ورهيه ٿيڻ
کان پوءِ به ضياءَ عوام کي زوري مڃائڻ ۽ سندن
پُٺڀرائي وٺڻ ۾ اڃا تائين ناڪام ويو هو. ضياءَ کي
ڪابه سياسي پٺڀرائي نه هئي. هن کي رڳو فوج تي قبضو
هو. پاڪستان قومي اتحاد جا سياستدان، جن 1977ع جي
چونڊن ۾ بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالف
ڪئي هئي ۽ جن مان ڪجهه پوءِ ضياءَ جا وزير به ٿيا
هئا، پڻ هن کان ڦِري ويا هئا. جڏهن بابا جي وفات
کان ڇهه مهينا پوءِ ضياءَ هنن جون وزارتون ختم ڪري
ڇڏيون هيون ۽ سڀني سياسي جماعتن تي بندش وجهي ڇڏي
هئي. تڏهن پاڪستان قومي اتحاد وارا سياسي ڌٻڻ ۾
ڦاسي پيا هئا.
نتيجي ۾ آڪٽوبر 1979ع ۾ جڏهن امان ۽ مونکي
المرتضيٰ ۾ نظربند ڪيو ويو هو، تڏهن جلدئي پاڪستان
قومي اتحاد جي ڪجهه جماعتن ضياءَ خلاف پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ سان سهڪار شروع ڪري ڏنو هو. هنن جي
ان پيشقدميءَ کي پهرين اسان سياسي کيڏ سمجهيو هو،
ته جيئن اهي فوجي حڪومت جو راضپو ماڻي سگهن.
”جيڪڏهن تون اسان کي وزارتون ڪونه ڏيندين، ته اسين
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڏانهن وينداسين.“ هنن ضياءَ
کي اثرائتي انداز ۾ چيو هو. هاڻي 1980ع جي سرءُ جي
مند ۾ وري اسان جي پراڻي مخالف پاڪستان قومي اتحاد
سرچاءُ جون ڳالهيون شروع ڪيون هيون. هن ڀيري هنن
ڳالهين کي ڳنڀيرتا سان ٻُڌڻو پيو هو.
سياسي پُٺڀرائي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ضياءَ ۽
سندس باقي رهيل ٿورن حامين رشوتون ڏيڻ شروع ڪيون.
روزانو ضياءَ طرفان لوڀ لالچ ڏيڻ جون خبرون اچڻ
لڳيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ مسڪين اڳواڻ
جي پُٽ ڌوڪيءَ کي، جيڪو سائيڪلن جي دڪان ۾ پورهيو
ڪري روز ٻه روپيا ڪمائيندو هو، هڪ هزارين رپين جي
آڇ ڪئي وئي، ته پيپلز پارٽيءَ کي ڇڏي مسلم ليگ ۾
شامل ٿي. اها جماعت پاڪستان قومي اتحاد ۾ شامل
هئي، جنهن اڃا تائين ضياءَ جي پُٺڀرائي پئي ڪئي.
غلام مصطفيٰ جتوئي جهڙي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي
طاقتور رڪن، سنڌ صوبي ۾ پارٽيءَ جي صدر ۽ اڳوڻي
وزيراعليٰ کي ضياءَ پاڻ پنهنجي حڪومت جو وزيراعظم
بنائڻ جي آڇ ڪئي هئي. ضياءَ جي ان نئين سياسي
گروهه بنديءَ مان وڏو خطرو اهو پيدا ٿيو هو، ته
عوام کي اها ڳالهه سوچڻ لاءِ بيوقوف بنايو وڃي، ته
ضياءَ جي نفرت واري فوجي حڪومت جو غير فوجي حل
ڳولي لڌو ويو آهي.
”ضياءَ طرفان اسان کي نقصان پهچائڻ کان اڳ اسان کي
گهرجي ته اسين پاڻ هن جا رستا بند ڪيون.“ جتوئيءَ
کي وزيراعظم جي آڇ ٿيڻ کان پوءِ سيپٽمبر ۾ امان
مون کي چيو هو. ”جيتوڻيڪ مون کي ان خيال کان سخت
نفرت آهي، پر پاڪستان قومي اتحاد اسان ڏانهن جيڪي
تجويزون موڪليون آهن، تن تي اسان کي سوچڻ گهرجي.“
پهرين ته مون کي ڊَپُ وڪوڙي ويو هو. ”انهيءَ ڪري
پارٽيءَ جا اڳواڻ سخت ناراض ٿيندا.“ مون احتجاج
ڪندي چيو ”اسين ڪيئن ٿا وساري سگهون، ته پهرين
پاڪستان قومي اتحاد ئي هو، جنهن پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ خلاف چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هنيا هئا.
اهو پاڪستان قومي اتحاد ئي هو، جنهن فوجين کي ملڪ
تي قبضي واسطي راهه ڏيکاري هئي. اهي ماڻهو تڏهن
ضياءَ جا وزير هئا، جڏهن هن بابا جو انت آندو هو.“
”پر پوءِ اسان لاءِ ٻيءَ ڪهڙي واٽ آهي؟“ امان چيو.
”اڄ جتوئي آهي، سڀاڻي ٻيا هوندا. جڏهن مثالي
حالتون نه هجن، تڏهن توکي ڪَٺور حقيقتن کي مُنهن
ڏيڻو پوندو.“
هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي انتظامي ڪاميٽي
جي ٽيهن ميمبرن جي ڳجهي گڏجاڻي ڪوٺائي. اسان کي
ڄاڻ هئي، ته امان وڏو خطرو پئي کنيو، ڇو ته سياسي
گڏجاڻين تي بندش پيل هئي. پر اسان جي ماٺڙيءَ ۾
ويهڻ کي حڪومت اڳيان جهُڪڻ برابر سمجهيو وڃي ها.
ٻين گڏجاڻين جيان اها گڏجاڻي به 70 ڪلفٽن تي
گهرائي وئي هئي. پارٽيءَ جا اڳواڻ پري پري کان –
سرحد ۽ بلوچستان صوبن مان آيا هئا ۽ اڳڪٿيءَ مطابق
اهو بحث ڏاڍو اُگرو ٿيو هو.
”پاڪستان قومي اتحاد وارا قاتل آهن. قاتل آهن.“
سنڌ جي هڪ ميمبر چيو. ”جيڪڏهن اسين اڄ هنن سان
ڏيتي ليتي ڪنداسين، ته سڀاڻي سِڌو جنرل ضياءَ سان
ڏيتي ليتيءَ ۾ اسان کي ڪهڙو لاچار ٿيندو؟“
”پر جڏهن جاپان چين تي حملو ڪيو هو، تڏهن چيانگ
ڪائي شيڪ سان مائوزي تنگ سهڪار ڪيو هو.“ پوڙهي شيخ
رشيد جواب ڏنو. جيڪو پارٽيءَ ۾ مارڪسي ويچارن جو
حامي هو. جيڪڏهن اهي قومي فائدي لاءِ سهڪار ڪري ٿي
سگهيا، ته پوءِ آئون چوندس، ته اسان کي به قومي
اتحاد سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.“
اُن تجويز جي حق ۾ اُن خلاف اهو بحث تيز ٿيندو
ويو. ”اسين مڃون ٿا ته اُهي مطلبي ۽ لوڀي آهن.“
مون راءِ ڏني. ”پر اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟ اسين
ويهي اوسيئڙو ڪريون، ته اهو وجهه اسان جي هٿن مان
کِسڪي وڃي يا وري اسان کي قومي اتحاد جي اُها ڪَڙي
گولي کائڻي پوندي ۽ اسان کي پاڻ اُن جي اڳڀرائي
ڪرڻي پوندي. تنهنڪري منهنجي تجويز آهي ته اسين
ٺاهه ڪريون ۽ پنهنجي پارٽيءَ سُڃاڻپ وڃائڻ کان
سواءِ ڪو ڌار اتحاد جوڙيون.“
ستن ڪلاڪن جي بحث کان پوءِ نيٺ سچائين کي مڃيو ويو
۽ اسان مان هر هڪ لاچار ان تجويز کي مڃيو، ته
پاڪستان قومي اتحاد پاران ٺاهه جي ڳالهين جو جواب
ڏنو وڃي. اهڙيءَ ريت جمهوريت کي واپس آڻڻ جو خاڪو
ٺاهيو ويو.
”هاڻي اسان ٻنهي جو ساڳئي وقت قيد ۾ وڃڻ مناسب
ڪونهي، تنهنڪري تون سياست ۾ اڳرائي نه
ڪجانءِ.“امان مونکي چيو. ”اهڙيءَ طرح اسان مان
ڪابه هڪ پارٽيءَ جي اڳواڻِيءَ لاءِ ٻاهر رهي
سگهندي.“
مون لاچار ٿي اها ڳالهه مڃي، پر ساڳئي وقت مون
ٿورڙو آرام به ڀانئيو. جيتوڻيڪ ايم آر ڊيءَ
(جمهوريت موٽائڻ لاءِ جوڙيل تحريڪ) ٺاهڻ ۾ سياسي
چڱائي هئي، پر بابا جي اڳوڻن دشمن سان اتحاد کي
مڃڻ ۾ مونکي ڏکيائي ٿي هئي. ساڳئي ريت اڳوڻين
مخالف جماعتن جي اڳواڻن کي پڻ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ سان ڳالهائيندي ڏکيائي پئي ٿي. مخالف ڌرين
جا اڳواڻ گهڻو شڪي ٿين ٿا ۽ پارلياماني گڏجاڻين ۾
هڪ ٻئي سان سِڌو ڳالهائڻ بدران رُڳو قاصدن معرفت
ڳالهائين ٿا.
انهي عمل ۾ وڌيڪ مونجهارو هڪ اُگري بحث سبب به
ٿيو، جنهن نئين اتحاد کي ڪجهه وقت لاءِ لوڏي وڌو
هو، خاص ڪري ايم آر ڊيءَ جي تجويز هيٺ چارٽر جي
لفظن تي ٿيو، ته ڇا 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي به
هئي يا نه، ۽ ڇا بابا جي موت کي ڄاڻائڻ لاءِ ’سزا‘
يا ’قتل‘ جو لفظ واپرائجي يا نه. انهي تڪرار ختم
ڪرڻ ۾ آڪٽوبر 1980ع کان فيبروري 1981ع تائين جو
وقت لڳو ۽ نيٺ انهن ڏهن سياسي جماعتن وچ ۾ گهڻي
بحث کان پوءِ ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان ٺاهه جو مسودو
ٺهيو.
محمد خان جوڻيجي جي مسلم ليگ وقت تي ڦِري وئي، ڇو
ته جنرل ضياءَ هن کي وزيراعظم چونڊيو هو. 5
فيبروري 1981ع جي رات جو 70 ڪلفٽن ۾ نيٺ ٻين
جماعتن جي اڳواڻن ۽ نائبن جي پهريون ڀيرو روبرو
گڏجاڻي ٿي.
مون بابا جي اڳوڻن مخالفن ڏانهن نهاريو، جيڪي هن
جي بيواهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽
نياڻيءَ سان سياسي ٺاهه لاءِ ان وقت سندس گهر ۾
ويٺا هئا. سياست ڪيڏو نه عجب ڌنڌو آهي! پاڪستان
جمهوري پارٽيءَ جو اڳواڻ نصرالله خان تُرڪي ٽوپي
پايو امان جي ساڄي پاسي کان ويٺو هو. منهنجي
سامهون اصغر خان جي معتدل جماعت تحريڪ استقلال جو
نمائندو ۽ ڀريل چهري وارو قصوري ويٺو هو. جمعيت
العلماءِ اسلام جا سُونهارين سان مذهبي اڳواڻ ڪمري
۾ هڪ طرف ويٺل هئا. ٻئي پاسي کاٻيءَ ڌر جي ننڍي
مزدور جماعت جو اڳواڻ فتحياب علي ويٺو هو. هن کي
ڪَلف لڳل اڇو ڪُڙتو ۽ سوڙهو پاجامو پيل هو. اتي
اٽڪل ويهارو کن ماڻهو هئا، جن مان گهڻن جو تعلق
اڳوڻي پاڪستان قومي اتحاد سان هو. مون کي هر ڀيري
پنهنجي پاڻ کي تاڪيد ڪرڻو ٿي پيو، ته اصل ڳالهه
اها آهي ته ضياءَ کي لاٿو وڃي، ۽ ڌار سوچن هوندي
به هڪ مضبوط سياسي اتحاد ٺاهي، ضياءَ کي چونڊن
ڪرائڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پر اهو ڏکيو عمل هو.
ملاقات واري ڪمري ۾ مخملي ديوارن ۽ ڇِت ۾ ٽنگيل
جهاڙن وچ ۾ سگريٽن ۽ جوشيلين تقريرن جا دُونهان
اُٿڻ لڳا ۽ اها گڏجاڻي ايڏي ته ڊگهي ٿي، جو وري
صبح جو به اها ڪوٺائڻي پئي هئي. هڪ ڏاڪي تي اڳوڻي
پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اڳواڻ 1977ع جي هنگامن
کي جائز ڪوٺڻ جي ڪوشش هئي. آئون پنهنجي ئي گهر ۾
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي اها اڻ سِڌي تنقيد ٻُڌي
اچرج ۾ پئجي وئي هيس.
”اسين هتي گڏ ٿيا آهيون، ته جيئن جمهوريت لاءِ
اتحاد جوڙڻ جي مسئلي تي ڳالهايون ۽ نه ان ڪري ته
اوهين اسان لاءِ ڇا ٿا سوچيو ۽ اوهان لاءِ اسين ڇا
ٿا سوچيون.“ مون ٿڌي آواز ۾ چيو.
”بلڪل، اسان کي مستقبل ڏانهن نهارڻ گهرجي، نه ڪي
ماضيءَ ڏانهن.“ نصرالله خان اسان ٻنهي کي ماٺ
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
پوءِ به انهن سياستدانن کي بابا جي چينيءَ جي ڪوپن
۾ ڪافي پيئندي، صوفن تي ويهندي ۽ سندس فون
واپرائيندي، مون کان سَٺو نه ٿيو، جنهن تي هنن سڄي
ملڪ ۾ پنهنجن ڪيترن ئي دوستن کي اها ڇيڙيندڙ خبر
پئي ٻُڌائي ته، ”آئون 70 ڪلفٽن ۾ آهيان! هائو سچ،
ڀٽي صاحب جي گهر ۾!“
ياسمين، امينا ۽ سميعا مونکي ماٺ ڪرائڻ تي زور
ڀريو. ”اهي تو وٽ آيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
جي طاقت جي پُٺڀرائي آهي.“ سميعا چيو.
”تو اهو اتحاد ٺاهڻ گهريو هو.“ امينا وڌيڪ چيو.
”اها سياسي عقلمندي آهي، تنهنڪري انهن تڪليفن کي
ميٺ محبت ۾ مُنهن ڏي.“
مون پنهنجا اعتراض پڌرا نه ڪيا ۽ نه وري ٻين
اڳواڻن پنهنجا اعتراض نروار ڪيا، جن نيٺ هڪ هڪ ٿي
ٺاهه تي صحيحون ڪيون: جنهن مطابق سڀيئي جماعتون
متحد ٿيون ۽ 6 فيبروري 1981ع تي ايم آر ڊي ٺهي.
ايم آر ڊي جي ٺاهه تي صحيحن ٿيڻ جي خبر، جيڪا
ڪيترن ماڻهن بي بي سيءَ تان ٻُڌي، تنهن سڄي ملڪ ۾
نئون جوش جاڳايو. ان سبب عوام تي جيڪو نفسياتي اثر
ٿيو، تنهن مان ڪيترن ئي سمجهيو ته اهو مارشل لا
حڪومت جي ناانصافين خلاف احتجاج جو ڄڻ هڪ اشارو
آهي. سڀ کان پهرين سرحد صوبي جا شاگرد ٻاهر نڪتا.
ضياءَ هڪدم اسان تي بندش وجهڻ جا حُڪم ڪڍيا، ته
جيئن اسين انهن گهائل شاگردن وٽ وڃي نه سگهون.
تُرت اهو ناراضپو سنڌ ۽ پنجاب ۾ به پکڙجي ويو، جتي
ان وڌندڙ احتجاجي تحريڪ ۾ پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ وڪيل
به شامل ٿي ويا. ملتان، بهاولپور، شيخوپورا ۽
ڪوئيٽا ۾ به شاگردن جا احتجاجي مظاهرا ٿيڻ لڳا.
”الله جو شُڪر آهي. جو ايم آر ڊي شروع ٿي آهي.“
ٽئڪسي ڊرائيورن، دڪاندارن ۽ ننڍن واپارين ڀُڻڪڻ
شروع ڪيو. ”ضياءَ جو وقت نيٺ پُورو ٿيو.“ اسان جي
بورچي ڪراچيءَ جي ايمپريس مارڪيٽ مان واپس اچي
ٻڌايو ته، ”ايم آر ڊيءَ جي سَڏ تي ڪاسائي به هڙتال
لاءِ تيار آهن.“
ضياءَ ڄاتو ٿي ته کيس سُوڙهو گهٽيو ويو آهي. هن
سڄي پاڪستان ۾ سڀيئي يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيون ۽
پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻيءَ تي بندش وجهي
ڇڏي. پر مظاهرا ٿيندا رهيا، جن کي ’ٽائيم مئگزين‘
مخالفت جي جوکائتي لهر، جنهن سان جنرل ضياءَ کي
مُنهن ڏيڻو پيو آهي‘ لکيو هو.
27 فيبروري تي لاهور ۾ ايم آر ڊيءَ جي ڳجهي گڏجاڻي
ڪوٺائي وئي. ضياءَ هڪدم ردعمل ڏيکاريندي 21
فيبروري تي ايم آر ڊيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي
گرفتار ڪري ورتو. ايم آر ڊي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي
ٻين ميمبرن کي حڪمناما پهچايا ويا ۽ کين پنجاب مان
نيڪالي ڏني وئي. ”… پنجاب ۾ تنهنجي موجودگيءَ سبب
عوام جي سلامتي ۽ امن امان ۽ پڻ عوام جي فائدي کي
ڇيهو رسڻ جو انديشو آهي.“ پنجاب جي گورنر منهنجي
لاءِ پنهنجي حُڪم ۾ لکيو.
پنهنجين سياسي سرگرمين کي گهٽائڻ لاءِ، مون امان
سان جيڪو ٺاهه ڪيو هو، تنهن تي هاڻي هن وڌيڪ زور
ڏنو. ”تون هينئر ڪوبه سياسي ڪم نه ڪر. جيڪڏهن آئون
گرفتار ٿي وڃان، ته توکي اڳواڻي ڪرڻي آهي.“ هن
مونکي سختيءَ سان چيو. صورتحال ايتري ته جوکائتي
ٿي وئي هئي، جو ذري گهٽ ضياءَ جو تختو اونڌو ٿيڻ
وارو هو، پر آئون بندش هيٺ سڙي کامي رهي هيس.
ايتري ۾ منهنجي ماءُ کي لاهور ۾ ايم آر ڊيءَ جي
ڳجهي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو ويو. ان شهر
ڏانهن ويندڙ سڀني رستن کي پوليس بند ڪري ڇڏيو هو.
پوءِ به ايم آر ڊيءَ جا ڪيترائي ارڪان ڳجهن رستن
تان سفر ڪري گڏجاڻي ۾ ويا هئا. امان برقعو پائي
ڏاڏيءَ جي ويس ۾، پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن جي
تيرنهن ورهين جي پُٽ سان پنهنجي پوٽي طور ريل
گاڏيءَ ۾ لاهور وئي.
پوليس گڏجاڻيءَ جي هنڌ ڇاپو هڻي ميمبرن کي گرفتار
ڪيو، جن ۾ امان به هئي، جنهن کي واپس ڪراچي اماڻيو
ويو. پر ان کان اڳ ئي ايم آر ڊي پنهنجي آخري
تنبيهه جاري ڪئي، ته مارشل لا ختم ڪيو وڃي ۽ ٽن
مهينن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. ”اسين مطالبو ڪريون ٿا
ته، ضياءَ هڪدم اقتدار تان هٿ کڻي؛ ٻي صورت ۾ عوام
جي اَٿاهه قوت سان مارشل لا حڪومت کي ختم ڪيو
ويندو.“ ايم آر ڊي لاهور ۾ اعلان ڪيو.
ايم آر ڊي سڄي پاڪستان ۾ زبردست هڙتالن ۽ مظاهرن
لاءِ 29 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي. پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي ڪجهه ڪائونسلرن، جيڪي 1979ع جي مڪاني
چونڊن ۾ چونڊيا هئا، انهن هڙتال وقت پاڻ استعيفيٰ
ڏيڻ ۽ ضياءَ کان استعيفيٰ جو مطالبي تي راضپو
ڏيکاريو هو. هاڻي ضياءَ جي زوال ۽ پاڪستان ۾
جمهوري راڄ جُڙڻ جو وقت ويجهو پئي آيو. وقت ضياءَ
جي هٿن مان نڪرندو پئي ويو.
2 مارچ 1981ع:
آئون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي آهيان. مون
سان گڏ پارٽيءَ جا ڪارڪن به آهن. ايتري ۾ فون جي
گهنٽي وڄي ٿي. فون تي ابراهيم خان آهي، جيڪو ڪراچي
۾ رائيٽر جو نمائندو آهي.
”اُن خبر بابت تنهنجو مؤقف ڇا آهي؟“
”ڪهڙي خبر؟“
”پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو هڪ هوائي جهاز
اغوا ٿيو آهي.“
”ڪنهن ڪيو؟“ آئون ڇِرڪ ڀريندي پُڇان ٿي. پي آءِ اي
جو جهاز اڳ ڪڏهن به اغوا ڪونه ٿيو هو.
”اڃا ته ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانهي.“ هو چوي ٿو. ”ڪير
به چئي نٿو سگهي ته اغوا ڪندڙ ڪير آهن. اهي جهاز
ڪهڙي پاسي وٺيو پيا وڃن يا اهي ڇا ٿا چاهين. آئون
ڪوشش ڪري اوهان کي تازي ڄاڻ کان واقف ڪندس. پر
اوهان مونکي پنهنجو ردعمل ٻُڌائيندا؟“
”اغوا جي ڪارروائيءَ جي جيتري به نِندا ڪجي سا گهٽ
آهي. پوءِ کڻي اهو جهاز هجي يا قوم.“ مون پاڻمرادو
وراڻيو. جڏهن آئون فون رکان ٿي، ته پيپلز پارٽيءَ
جا ڪارڪن اميد وچان مون ڏانهن نهارين ٿا.
”اسان جو هڪڙو هوائي جهاز اغوا ٿيو آهي.“ آئون
چوان ٿي. ”مونکي رُڳو ايتري خبر پئي آهي.“ |