سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 3

 

نظربنديءَ جا سال 1977ع کان 1984ع تائين

 

 

پنهنجي گهر ۾ قيد

 

بابا جي وفات کان سَت هفتا پوءِ مئي 1977ع جي پڇاڙيءَ ۾ امان ۽ مونکي سهالا مان آزاد ڪيو ويو. اسين ڪراچيءَ ۾ پنهنجي خانداني گهر 70 ڪلفٽن ۾ موٽي آيونسين.

اتي هر ڪا شيءِ ساڳي هئي. 70 ڪلفٽن جي وڏي در تي نالي واري پِتل جي تختيءَ تي ’ذوالفقار علي ڀٽو، بار ائٽ لا‘ لکيل هو. ان مٿان پِتل جي ٻي تختي هئي جيڪا وقت گذرڻ سبب ٿوري ڦِٽي وئي هئي، ان تي منهنجي ڏاڏي جو نالو سر شاهنواز ڀٽو اُڪريل هو. 1953ع ۾ منهنجي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ ڏاڏي اهو ٻماڙ وڏو بنگلو جوڙايو هو. اسين ٻه ڀينرون ۽ ڀائر اتي عربي سمنڊ جي ٿڌين هوائن ۾ پلجي وڏا ٿياسين، جيڪو اتان چوٿائي ميل تي آهي. ان سانت ۽ امن امان واري گهر تي، جيڪا مصيبت ۽ پيڙا ڪِرڻ واري هئي، سا ڪنهن جي گُمان ۾ به نه هئي.

اُتي باغ ۾، جتي ناريل، کجيءَ ۽ انبن جا وڻ ۽ ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ مان ڏاڍيءَ سِڪ سان آندل ڳاڙهن ۽ هيڊن گلن جا ٻوٽا هئا، روزانو سوين ماتمي اچي گڏ ٿين ٿا. ٻيا سوين ماڻهو پنهنجي اڳواڻ جي خاندان سان تعزيت لاءِ ٻاهر اوسيئڙي ۾ بيٺا آهن. امان اڃا تائين عدت ۾ آهي ۽ ڌارين ماڻهن اڳيان اچي نٿي سگهي. هوءَ پنهنجي بدران مونکي هنن جي آڌر ڀاءَ لاءِ موڪلي ٿي.

گهر ۾ هجڻ جي سوچ اسان جي ڀوائتي سَپني کي ويتر وڌيڪ اگرو بڻائي وڌو هو. بابا کي ڦاسي ڏيڻ کان ٻه راتيون اڳ 70 ڪلفٽن تي فوج ٻيو ڀيرو چڙهائي ڪئي هئي ۽ هنن ڇت ۽ باغ جي جهَڙتي ۽ بابا جي ڪپڙن وارن ڪٻٽن ۾ ڦڙڦوٽ وڌي هئي. اسان جي ملازمن ٻڌايو. ”اوهان وٽ جهَڙتي وٺڻ جو ڪو وارنٽ به آهي؟“ هنن اهو سمجهندي ته شهري قانون موجود آهي، هنن کان پڇيو. ”آئون جهَڙتي وٺندڙ ٽولي سان گڏ آهيان، تنهنڪري ڪنهن به وارنٽ جي ڪابه گهُرج ڪانهي.“ فوجي عملدار وراڻيو، جيڪو پوليس سان گڏ آيل هو. هنن ڏهن ڪلاڪن تائين اسان جي گهر جي جهَڙتي ورتي هئي. منهنجي سمهڻ واري ڪمري مان منهنجا ڪيترائي ذاتي خط ۽ ٻه ڪارا بريف ڪيس به کڻي ويا هئا، جن ۾ بئنڪ آرڊر ۽ رد ٿيل چيڪ پيل هئا، جيڪي مون بابا خلاف حڪومت جي هنيل تهمتن جي رد لاءِ ثبوت ۾ گڏ ڪري رکيا هئا.

”هتي ڳجها ڪٻٽ ۽ ڳجها رستا آهن، سي به اسان کي ڏيکاريو.“ ملازمن کي فوجي عملدارن حڪم ڏنو ۽ جڏهن هنن ٻڌايو ته هتي اهڙي ڪا شيءِ نه آهي، تڏهن کين مارڪٽ ڪئي وئي ۽ جهَڙتي وٺندي سڀني ملازمن کي استقبالي ڪمري ۾ بند ڪري، کيس ڪُلف هنيو ويو هو. صبح جو سويل کير وارو آيو، ته هن کي به ٻين سان گڏ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. اخبارون کپائيندڙ سان به اهائي جُٺ ڪئي وئي. فوج ڇِتي ٿي پئي هئي. ”هن ڪاغذ تي صحيح ڪر.“ هڪڙي عملدار اسان جي هڪ ملازم کي چيو. هن انڪار ڪيو. ”تو ڏٺو ته تنهنجي صاحب جو ڪهڙو حشر ٿيو.“ عملدار هن کي ڌمڪي ڏني. ”جيڪڏهن تون صحيح نه ڪندين، ته تنهنجو به اهڙو ئي حال ڪنداسين.“ اسان جو ماڻهو اهڙو ڊنو، جو هن کڻي صحيح ڪئي.

جڏهن جهَڙتي مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو، ته هڪ ٽرڪ ڦاٽڪ مان اندر آئي. سپاهين اُن مان هڪ ڳاڙهو غاليچو لاهي وڇايو ۽ مٿس ڪيترائي دستاويز پکيڙي رکيا، جيڪي پڻ ٽرڪ مان لاٿا ويا هئا. پوءِ اخبارن وارن کي گهرائي انهن جا فوٽا ڪڍي، بابا خلاف ”ثبوت“ هٿ ڪيا ويا. ڪيترن ئي اهو ٿي سمجهيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي يڪراءِ سفارش مطابق هن جي موت جي سزا کي جنم ٽيپ ۾ ڦيرايو ويندو، ته حڪومت بابا خلاف هڪ ٻيو مقدمي گهَڙڻ جي ڪوشش ڪندي. ٽپهريءَ جو جڏهن جهَڙتي وٺندڙ وڃڻ لڳا، ته پنهنجي ”ثبوت“ سان گڏ اسان جو به ڪيتريون ذاتي شيون کڻي ويا، جن ۾ بابا جو گڏ ڪيل پراڻن نقشن جو ذخيرو به هو.

هاڻي 70 ڪلفٽن تي آئون بابا جي مزار تي حاضريءَ لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻ جي تياري ڪريان ٿي.حڪومت کي خبر پوي ٿي، ته اُهي هوائي جهاز جي اڏامن کي روڪين ٿا، جنهنڪري آئون ريل ۾ وڃان ٿي. هر اسٽيشن تي عوام جا وڏا ميڙ مون سان ملن ٿا. جنهن هنڌ ڪا اسٽيشن ڪانهي، ته اتي ماڻهو ريل جي پَٽن تي سمهي ريل گاڏيءَ کي روڪائين ٿا. ”پلئه ڪبو! پلئه ڪبو!“ هجوم وڏي واڪي چوي ٿو. ”اسان کي پنهنجي اُن سوڳ ۽ ڏک مان اها سگهه پيدا ڪرڻي آهي، جنهن سان اسين چونڊن ۾ ضياءَ کي هارايون.“ ايڏي انبوهه کي ڏسي منهنجي همت وڌي ٿي ۽ آئون هنن کي چوان ٿي: ”عوام جا اهي انبوهه اسان جي سياسي مخالفن لاءِ بهترين جواب آهن، جيڪي کلم کلا اعلان ڪندا وتن ته ’ڀٽو جي طاقت هن جي قبر ۾ دفنائي وئي آهي ۽ ان سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقت به.“

ڪراچيءَ ۾ واپس ايندي، آئون صبح جو نائين کان رات جو نائين بجي تائين ۽ وچ ۾ ڏهن منٽن جي وڇوٽيءَ سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ حامين سان ملاقات ڪريان ٿي. هر ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ آئون اتان اٿي باغ ۾ وڃي پنهنجي بابا جي ساٿين جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿي. مونکي ۽ امان کي ڏسي، جنهن جي عدت جو مُدو پورو ٿي ويو آهي، هنن جي اکين ۾ چمڪ پيد اٿئي ٿي. ماڻهن کي اها اميد ئي نه هئي، ته اسين ٻئي نظربنديءَ ۾ بابا جي وفات واري غم کي جالي به سگهنديون سين يا نه. ڇو ته اسان هنن جي سخت ۽ ڏکي زندگيءَ بجاءِ وڌيڪ سُکي ۽ آرام واري حياتي گذاري هئي. پر اسان کي پنهنجين ئي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي، ته هنن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي آهي. باغ مان ماڻهن جو هڪڙو گروهه وڃي ٿو، ته ٻيو گروهه اچي ٿو.

رات جو آئون پاڻ انتظامي ۽ پاليسي معاملن، شڪايتن ۽ سياسي گرفتارين جي مسئلن ۾ جُنبي وڃان ٿي ۽ انهن جو امان جي پڙهڻ لاءِ تَت ٺاهيان ٿي. آئون ڀانيان ٿي، ته آئون اهي ڪم پنهنجي اسڪولي ساهيڙين سميعا ۽ انهن ٻن نوجوان عورتن – امينا ۽ ياسمين جي مدد کانسواءِ پورو ڪري نه سگهنديس، جيڪي بابا جي موت جي سزا خلاف اپيل جي جنگ ۾ منهنجيون ساٿياڻيون هيون ۽ جن منهنجو ساٿ ڏنو هو.

بابا کي موت جي سزا ڏيڻ واري حُڪم کان اڳ ماڻهن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ جنرل ضياءَ هڪ ڀيرو وري واعدو ڪيو، ته هُو چونڊون ڪرائي ملڪ ۾ فوجي آمريت بجاءِ شهري حڪومت جوڙيندو. پر سوال اهو هو، ته ڇا هو پيپلز پارٽي کي سوڀارو ٿيڻ جي اجازت ڏيندو؟ هن کِلم کلا چيو هو، ته هُو حڪومت جو واڳون انهن کي ڪونه ڏيندو، جن کان هن اُهي ورتيون آهن. ۽ هن رُڳو انهن چونڊن کي مڃيو ٿي، جن جا هن جي پسند مطابق نتيجا ٿي نڪتا.

1977ع ۾ بابا جي حڪومت ڊاهڻ کان تُرت پوءِ ضياءَ اُن ڏُکي صورتحال ۾ ڦاسي پيو هو، چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جي ڊَپ کان هن تنهن وقت چونڊون رد ڪري، پارٽيءَ جي سڀني اڳواڻن کي گرفتار ڪيو هو. هن ڀيري هو ڇا ڪندو؟

سيپٽمبر ۾ پهرين مڪاني چونڊون ٿين ٿيون، جيڪي پيپلز پارٽيءَ کٽي ٿي. پوءِ قومي چونڊون ٿيڻيون آهن، جن ۾ کيس ڪاميابي ماڻڻ جي سخت گهُرج آهي، ته جيئن پنهنجي حڪومت کي جائز ثابت ڪري سگهي. اهو ڄاڻندي ته ان بابت قاعدن ۽ قانونن ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي. اسان جي پارٽيءَ جا اڳواڻ 70 ڪلفٽن ۾ گڏ ٿي ان معاملي تي ويچارين ٿا، ته قومي چونڊن ۾ حصو وٺجي يا سندن بائيڪاٽ ڪجي. ”چونڊن جي ويڙهه ۾ ميدان ڪڏهن به کُليل نه ڇڏجي.“ بابا مون کي جيڪي چيو هو، اُهو ياد ڪندي آئون دليل ڏيان ٿي. ان راهه ۾ کڻي ڪهڙيون به تڪليفون پيش اچن، کڻي قاعدا قانون ڪيترا به ڪُوڙا ڇو نه هجن، پر سدائين مخالف ڌر تي چڙهت ڪجي. اسان جيئن اميد پئي ڪئي، تيئن ئي ٿيو، جو پيپلز پارٽيءَ جيئن چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪري ٿي، ته ضياءَ قاعدن کي ڦيرائي ڇڏي ٿو.

”پاڻ کي سياسي جماعت طور ۾ رجسٽرڊ ڪرايو، نه ته اوهان حصو نٿا وٺي سگهو.“ حڪومت اسان کي اطلاع ڪري ٿي.

اسين انڪار ڪريون ٿا. رجسٽرڊ ڪرائڻ جو مطلب ضياءَ جي فوجي حڪومت کي مڃڻ آهي.

”اسين آزاد اميدوار طور حصو وٺنداسين.“ اسين مخالفت ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ اسان کي ڄاڻ آهي، ته اُن سبب ووٽ تي اسان جي پارٽيءَ جي نشان نه هجڻ سبب اسين ان سماج ۾ هڪ وڏو خطرو مڃيون، جنهن ۾ سرڪاري طرح پڙهيلن جو تعداد ستاويهه سيڪڙو ۽ غير سرڪاري طرح اَٺ سيڪڙو آهي.

حڪومت حد رکي ٿي، ”آزاد اميدوارن لاءِ 51 سيڪڙو ووٽ کڻڻ لازمي آهي.“ نئون قانون چوي ٿو.

”ڏاڍو سُٺو. اسين چئون ٿا. ”اسين اُهو سيڪڙو کڻنداسين.“

پر چونڊن ٿيڻ جي تاريخ کان هڪ مهينو اڳ 15 آڪٽوبر 1979ع تي پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن جي درخواست تي پيپلز پارٽيءَ جو ميڙ ڪَٺو ٿئي ٿو. چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو سوال ٻيهر اُٿي ٿو. پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي. ”بائيڪاٽ ڪريو! بائيڪاٽ ڪريو!“ 70 ڪلفٽن جي ڪانفرنس واري ڪمري ۾، جيڪو پهرين کاڌي جو ڪمرو هوندو هو، پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ امان تي زور ڀرين ٿا. مونکي خبر آهي، ته هنن مان ڪي نجي گڏجاڻين ۾ مونکي ’مُورک ڇوڪري‘ سڏين ٿا، پر آئون وري ڳالهايان ٿي. ”قاعدن کي لاڳيتو ڦيرائڻ مان لڳي ٿو، ته ضياءَ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺو آهي.“ آئون دليل ڏيان ٿي. ”پر اسان کي پنهنجو اعتماد بحال رکڻ گهرجي. اسان مڪاني چونڊون کٽيون آهن ۽ اسين قومي چونڊن ۾ به سوڀُ ماڻينداسين.“ رات وڏي ٿي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو بحال رکي ٿي.

ٻئي ڏينهن جڏهن ضياءَ کي اسان جي ارادي جي سُڌ پوي ٿي، ته هو وائڙو ٿي وڃي ٿو. چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر 1977ع وارو پنهنجو فيصلو ورجائيندي، چونڊون بلڪل رد ڪري ٿو. هڪ ڀيرو وري پنهنجا سپاهي 70 ڪلفٽن ڏانهن اماڻي ٿو.

”گهر جو گهيرو ڪيو ويو آهي.“ آڌيءَ رات جو اسان جي ملازمن مان هڪ ڄڻو مونکي ٻڌائي ٿو. آئون تڪڙ ۾ سڀئي سياسي دستاويز- پارٽيءَ جا ڪاغذ، ميمبرن جو لسٽون، خط، قيد ٿيل ماڻهن جون فهرستون- کڻي وڃي غسلخاني ۾ ساڙي ٿي ڇڏيان. آئون حڪومت کي بيوس ڪرڻ گهران ٿي. ٿورن ئي منٽن ۾ سپاهي گهر ۾ داخل ٿين ٿا ۽ امان کي ۽ مونکي بندوق جي زور تي لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گهر المرتضيٰ وٺي وڃن ٿا. اسين اتي ڇهن مهينن لاءِ نظربند رهنديونسين.

آئون المرتضيٰ جي ڪمرن اڳيان هلندي ٿي رهان. جيتوڻيڪ ٻه ورهيه اڳ فوجي انقلاب کان پوءِ امان جي اها نئين سياسي نظربندي آهي ۽ منهنجي ستين آهي، پر آئون اُن زوري اڪيلائيءَ سان پاڻ کي هيرائي نٿي سگهان. هر قيد منهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌائي ٿي. شايد منهنجي ڄمار ۾ خاص ڪري المرتضيٰ ۾ نظربند هوندي، ان کانسواءِ ڪي ٻيو سوچي نٿي سگهان.

المرتضيٰ اسان جي خاندان جو مرڪز هو: هي اهو گهر جتي اسين سياري جي موڪلن، رمضان جي سدوري مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ عيد ملهائڻ، بابا جي جنم ڏينهن ملهائڻ، خانداني شادين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن ڪيترن ئي مائٽن سان ملڻ لاءِ، جيڪي صدين کان اسان جي خانداني زمينن تي رهندا پئي آيا، دنيا جي چئني ڪُنڊن مان ڪَهي ايندا هئاسين. هاڻي حڪومت المرتضيٰ کي منهنجي ۽ امان لاءِ سب جيل ڪوٺيو ويو آهي.

حڪومت اولهندي ملڪن جي اخبارن کي ٻڌائي پئي، ته اسين ’گهر ۾ نظربند‘ آهيون. پر اُهو غلط آهي. ”گهر ۾ نظربنديءَ جو دنيا ۾ ڪو دستور ئي ڪونهي. نظربند شخص کي اجازت هجي ٿي، ته هُو دوستن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات ڪري، اخبارن کي انٽرويو ڏئي، شهر ۽ شهر کان ٻاهر ٽيليفون تي ڳالهائي، ڪتاب رکي، ۽ ورلي موٽرڪار ۾ تڪڙو سير ڪري اچي يا ٻاهر گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿئي. سب جيل جي قاعدن هيٺ المرتضيٰ کي جيل سمجهيو ويو آهي، جتي جيل مينوئل جي قاعدن تي عمل ٿئي ٿو. اسان جو ٽيليفون ڪٽيل آهي. مونکي ۽ امان کي ڪمپائونڊ مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڪانهي ۽ اتي ڪنهن به ملاقاتي کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي. البت ڪڏهن ڪڏهن صنم کي ملڻ جي اجازت ملي ٿي.

اسان جي گهر جي چؤديواريءَ اندر ۽ ٻاهر فرنٽيئر فورس جا سپاهي، جيڪي سرحد صوبي جا قبائلي پٺاڻ آهن، پَهرو ڏين ٿا، بابا جي وقت ۾ المرتضيٰ جي پهري لاءِ خاص ڪمانڊوز رکيل هئا. فرنٽيئر فورس هتي رڳو ان ڪري موجود آهي، ته جيئن هن جي بيواه ۽ نياڻيءَ کي اتان ٻاهر نڪرڻ نه ڏين. ضياءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته، ملڪ ۽ دنيا وساري ڇڏي، ته ڀٽو نالي ڪو خاندان هو به يا نه.

پاڪستان ۾ اخبارون اسان جو نالو ورلي ٿيون ڇپين. 16 آڪٽوبر 1979ع کان جنهن ڏينهن ضياءَ ٻيو ڀيرو چونڊون ڪرائڻ کان ڦِري ويو هو ۽ هن امان ۽ مونکي گرفتار ڪيو هو، تڏهن فوجي ضابطن جي وڌندڙ فهرست ۾ هڪڙو واڌارو اهو به ٿيو، ته اخبارن تي مڪمل بندش وڌي وئي. فوجي قانون جي حڪم نمبر 49 مطابق هر ان تحرير جو ايڊيٽر جيڪو ’پاڪستان جي حڪومت، سالميت ۽ سلامتيءَ، يا عوام جي اخلاقي ۽ سماجي امن لاءِ خطرو ثابت ٿيندو، تنهن کي ڏهه ڦٽڪا هنيا ويندا ۽ پنجويهه سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ويندي.‘

اسان جي پارٽيءَ جي اخبار ’مساوات‘ کي، جنهن جون رڳو لاهور شهر ۾ هڪ لک ڪاپيون وڪامجن ٿيون، بند ڪيو ويو آهي ۽ اُن جون پريسون ضبط ڪيون ويون آهن. ٻين اخبارن کي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن يا جيڪڏهن اُهي حڪم جي تعميل نه ڪنديون، ته انهن کي ملندڙ سرڪاري اگهن تي ڪاغذ ۽ اشتهار روڪيا ويندا. ايندڙ ڇهن ورهين لاءِ بابا، امان ۽ منهنجيون تصويرون اخبارن ۾ ورلي ڇپيون وينديون. نه وري انهن ۾ اسان جي نالن کي ڪا سٺي جاءِ ملندي. جيڪڏهن ڪنهن اخبار ۾ اسان سان ٿوري به همدرديءَ واري خبر فوج کي نظر آئي، ته اهڙو صفحو ئي اخبار مان الڳ ڪيو ويندو. هر اخبار جو مواد ڇپجڻ کان اڳ فوج کان منظور ڪرائڻ ضروري آهي. ڪنهن وقت ته اخبار جا سڀئي ڪالم خالي ڇڏيا وڃن ٿا. اهو اخبار وارن جو هڪ طريقو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي، ته ڪنهن ڇپجڻ لائق خبر کي سينسر وارن ڪڍي ڇڏيو  آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقت، ضياءَ کي پنهنجين ظالماڻين سياسي سختين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي لاچار ڪيو آهي. 1977ع ۾ فوجي انقلاب کان پوءِ جيڪو به ماڻهو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو، تنهن کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا. پر آڪٽوبر 1979ع کان فوجي حڪومت حڪم ڪڍيو آهي، ته خود سياسي جماعتون غير قانوني آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، حڪومت جي ڪوشش آهي ته بابا جي پاليسين جي عوامي پُٺڀرائيءَ کي سدائين لاءِ ختم ڪيو وڃي. ’پاڪستان ۾ سڀئي سياسي جماعتون پنهنجين سڀني شاخن، گروهن ۽ ٽولين… سميت ختم سمجهيون وينديون.‘ جنرل ضياءَ جي فوجي قانون جي حڪم نمبر 48 ۾ صاف صاف چيو ويو آهي. هاڻي ڪنهن به سياسي جماعت جو ڪوبه رڪن، يا ڪوبه ٻيو ماڻهو، جيڪو خانگي گفتگو ۾ به اهڙو اظهار ڪندو، ته ان کي چوڏهن سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ويندي. ان حڪم جي جاري ٿيڻ جي گهڙيءَ کان ئي اخبارن ۾ ’پاڪستان پيپلز پارٽي‘ لفظن جي اڳيان ’ڪالعدم‘ لفظ ڄاڻائڻ لازمي آهي. اهڙيءَ ريت اسان جي حيثيت کي گهٽايو ويو آهي ۽ امان ۽ آئون ڪالعدم جمهوريت ۾، هڪ ڪالعدم جماعت جون ڪالعدم اڳواڻ آهيون.

1931ع ۾ لنڊن ۾ جيڪا هندوستانين جي گول ميز ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن ۾ منهنجي ڏاڏي جي تصويرن، منهنجي بابا جي ڄمڻ جي سالگره جي جشن جي تصويرن ۽ المرتضيٰ ۾ اسان جي خانداني تاريخ جو پاڙُون کتل آهن. بابا ۽ هن جون ٽي ڀينرون هتي ڄايون هيون. عورتن جي رهائش لاءِ منهنجي ڏاڏي، جيڪي ڪمرا ٺهرايا هئا، انهن ۾ اهي ٻار ڄاوا هئا ۽ کين ڄڻائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڀرسان موجود هڪ ڳوٺ مان دائي آئي هئي. جيتوڻيڪ پراڻي گهر جي جاءِ تي هڪ وڌيڪ جديد گهر ٺاهيو ويو آهي، پر اهو احساس قائم آهي ته المرتضيٰ ئي ڀُٽن جو صحيح گهر آهي.

وڏي در جي پاسن وارين ڀتين تي آسماني ۽ اڇي ٽائلز جي سِرن تي، 2500 قبل مسيح جي زماني جي گهڻي سُڌريل سنڌو سڀيتا جي ڦِٽل آثارن، موئن جي دڙي جي مردن ۽ عورتن جون تصويرون ٺهيل آهن. ننڍي هوندي آئون سمجهندي هيس ته ان کي ’منهنجو ديرو‘ ٿا سڏين. منهنجن ڀائرن، ڀيڻ ۽ مونکي ڏاڍو فخر هوندو هو ته، اسين موئن جي دڙي جي ڇانوَ ۾ پلجي وڏا ٿيا آهيون، ۽ اسين ان سنڌوءَ جي ڪناري تي رهون ٿا، جيڪو وقت جي شروع ٿيڻ کان وٺي هن ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو رهي ٿو. ٻئي ڪنهن به هنڌ اسان کي ماضيءَ سان اهڙي لاڳيتي لاڳاپي جو احساس نٿو ٿئي، ڇو ته 712ع ڌاري هندستان تي مسلمانن جي ڪاهه کان اسان جي وڏن جو سلسلو ملي ٿو. اسان جي خاندان بابت اسان جي هڪ بزرگ پنهنجين ياداشتن ۾ تفصيل لکيا هئا. اهي يادداشتون منهنجي پڙڏاڏي جي وقت ۾ هڪ وڏيءَ ٻوڏ ۾ ڌوپجي ويون هيون. پر ننڍي هوندي اسان کي ٻڌايو ويو هو، ته اسين هندستان جي ان هندو ويڙهاڪ طبقي راجپوت جي نسل مان آهيون، جيڪو مسلمانن جي ڪاهه وقت مسلمان ٿيو هو، يا وري اسين فاتح عربن جي نسل مان آهيون، جيڪي هندستان ۾ اسان جي سنڌ صوبي مان داخل ٿيا هئا، جنهن کي هنن ”باب الاسلام“ جو نالو ڏنو هو.

سڄي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڀٽي قبيلي جا سوين هزارين ماڻهو رهن ٿا، جن مان گهڻا سنڌ ۾ آهن. اُهي هاري به آهن ته زميندار به. اسان جي خاندان جي ڇاڙ سنڌي ڀُٽن جي مشهور قبائلي سردار، سردار دودي خان جي آڪهه مان هئي. اُتر سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ- ميرپور ڀٽو، جتي چاچا ممتاز جو خاندان رهي ٿو، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، جتي منهنجي پنهنجي خاندان جو قبرستان آهي- اسان جي بزرگن جي نالن تي آهن، جيڪي صوبي جي تمام وڏين زمينن جا مالڪ هوندا هئا ۽ جن جو صدين کان اتي جي سياست ۾ اثر رسوخ رهيو هو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ويجهو نئين ديري ۾ منهنجو پنهنجو خانداني گهر آهي، جتي عيد جي ڏينهن تي بابا ۽ ڀائر ويندا هئا ۽ پنهنجن مهمانن کي روايتي کاڌو – کنڊ ۽ گلاب جي خوشبودار پاڻيءَ ۾ رڌل چانور- کارائيندا هئا. پر منهنجي ڏاڏي جي وقت کان اسان جي خاندان جو صحيح مرڪز لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ رهيو آهي.

1958ع ۾ پهرين زرعي سُڌارن کان اڳ، صوبي ۾ ڀُٽن وٽ گهڻي ۾ گهڻا هاري هوندا هئا. سنڌ ۾ ٻين زميندارن جيان اسان جي زمين جي ماپ ايڪڙن ۾ نه، پر ميلن ۾ هئي. ننڍپڻ ۾ اسين ٻار 1843ع ۾ سنڌ جي انگريز فاتح چارلس نيپيئر جي اِها حيرت جهڙي ڳالهه ڏاڍي چاهه سان ٻُڌندا هئاسين. ”اهي ڪنهن جون زمينون آهن؟“ صوبي جي گشت ڪرڻ وقت هن پنهنجي گاڏي واري کان پڇيو هو. ”ڀٽن جون زمينون آهن.“ جواب مليو. ”جيڪڏهن اهي زمينون ختم ٿين ته پوءِ مونکي ننڊ مان اٿارجان.“ هن حڪم ڏنو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن هو پاڻ ئي جاڳي اٿيو، تڏهن هن کي حيرت وڪوڙي وئي. ”انهن زمينن جو مالڪ ڪير آهي؟“ هن پڇيو. گاڏي واري ساڳيو جواب ڏنو. ”ڀٽو.“ صوبي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريز فوجي اختياري وارن کي هن لاطيني ٻوليءَ ۾ جيڪو نياپو (I "Peccavi" have Sinned) يعني مون گناهه ڪيو آهي، موڪليو ته ان سبب هن جي ڏاڍي مشهوري ٿي هئي. ننڍي هوندي اسين سمجهندا هئاسين، ته اهو ٻِٽي معنيٰ وارو لفظ نه پر ڏوهه جو اقرار هو.

بابا اسان کي خاندان جون ٻيون ڳالهيون به ڏاڍي چاهه سان ٻڌائيندو هو. ”اوهان جو پڙڏاڏو مير غلام مرتضيٰ ڀٽو ڏاڍو سهڻو، نڊر ايڪيهين ورهين جو جوان هو.“ بابا اسان جي پسند جي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. ”سنڌ جون ڪيتريون ئي عورتون کيس پسند ڪنديون هيون. انهن ۾ هڪ جوان انگريزياڻي به شامل هئي. انهن ڏينهن ۾ ٻئي مذهب جي پوئلڳ سان شاديءَ کي حرام سمجهيو ويندو هو. پر انگريزياڻي پنهنجي دل جي ڳالهه کي لڪائي نه سگهي. هڪ انگريز فوجي عملدار ڪرنل ميهيوُ کي جڏهن انهن حرام لاڳاپن جي خبر پئي، تڏهن هن اوهان جي پڙڏاڏي کي پاڻ وٽ گهرايو.

انگريز عملدار کي اُن ڳالهه جي پرواهه نه هئي، ته هو ڀُٽن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ هن کي اُها به پرواهه نه هئي، ته جيستائين نظر وڃي سگهي ٿي اوستائين ڀٽن جون زمينون پکڙيل هيون. اسان جي خانداني ورثي جو انگريزن کي گهٽ احترام هو. هنن کي رڳو اسان جي ڀُوري چمڙي نظر آئي.

”توکي هڪ انگريز عورت جي پيار ماڻڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟“ جڏهن اوهان جو پڙڏاڏو هن جي اڳيان ويو، ته هن کيس تنبيهه ڪندي چيو، ”آئون توکي اهڙو سبق سيکاريندس جو ياد ڪندين.“ اهو چئي ڪرنل چهبڪ کنيو، پر جيئن ئي غلام مرتضيٰ کي چهبڪ هڻڻ لاءِ ڪرنل هٿ مٿي کنيو، ته اوهان جي پڙڏاڏي، عملدار کان چهبڪ ڦري هن کي وهائي ڪڍيو. ڪرنل رڙيون ڪندو هڪڙي ميز هيٺان ان وقت تائين وڃي لڪو جيستائين غلام مرتضيٰ سندس آفيس مان ٻاهر نه نڪتو. پوءِ غلام مرتضيٰ جي مائٽن ۽ دوستن کيس اتان ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ چيائونس ته، ”انگريز توکي ماري ڇڏيندا.“ تنهنڪري اوهان جو پڙڏاڏو پنهنجن ڪجهه ساٿين ۽ انگريز عورت سان، جنهن ساڻس گڏ وڃڻ تي ضد ڪئي هئي، لاڙڪاڻي مان نڪري ويو.

انگريز هڪدم هُن جي ڪَڍ لڳا. غلام مرتضيٰ پنهنجن ساٿين کي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي صلاح ڏني. ”هڪڙو حصو مون سان هلي. باقي ٻيا انگريزياڻيءَ سان گڏ وڃن. پر هن کي ڪنهن به صورت انگريزن جي هٿ چڙهڻ نه ڏبو. اهو عزت جو معاملو آهي.“ ۽ پوءِ هو گهوڙن تي چڙهي جدا جدا طرفن ڏانهن روانا ٿيا ۽ پٺيان ايندڙ انگريزن کي ٺڳڻ لاءِ سنڌو درياءَ جي آرپار ٿيندا اڳتي وڌندا رهيا. انگريز وڏو جوکو کڻندي ان گروهه ويجهو اچي پهتا، جن ۾ انگريزياڻي به هئي. ڇو ته هوءَ تيزي سان سفر نه پئي ڪري سگهي. ان گروهه جي ماڻهن جلدي جلدي هڪ سرنگهه کوٽي ۽ ان ۾ لڪي ويٺا ۽ ان جو مُنهن وڻن جي پنن سان ڍڪي ڇڏيو. پر جڏهن انگريز هنن کي ڳولهيندي سرنگهه تائين اچي پهتا، ته اوهان جي پڙڏاڏي جا ماڻهو مايوس ٿي ويا. هنن غلام مرتضيٰ سان انجام ڪيو هو، ته ڇوڪريءَ ڪنهن به حالت ۾ انگريزن جي هٿ نه چڙهندي. اُهي ڇوڪريءَ کي دشمن کي سونپڻ جي بيعزتي سَهي نه سگهيا ۽ انگريزن کي پنهنجي ويجهو پهچندي ڏسي، اوهان جي پڙڏاڏي جي ماڻهن هن کي قتل ڪري ڇڏيو.“

اُهو ٻُڌي اسان جون اکيون ڦاٽي ويون هيون. پر ڳالهه ته هاڻي شروع ٿي هئي. منهنجو پڙڏاڏو کِسڪي بهاولپور جي آزاد رياست ۾ وڃي لِڪو، پر جڏهن انگريزن رياست جي ضبطيءَ جي ڌمڪي ڏني، ته منهنجي ڏاڏي نواب جي مهمانوازيءَ جا ٿورا مڃيندي وري، سنڌو درياءَ پار ڪيو ۽ افغانستان ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي هو شاهي گهراڻي جو مهمان ٿي رهيو. انگريزن ڪاوڙ ۾ اچي هن جون سڀيئي زمينون ضبط ڪري ڇڏيون. اسان جو خانداني گهر نيلام ڪيو ويو. اسان جا ريشمي غاليچا نيلام ڪيا ويا. اسان جا ڪوچ، جن ۾ پراڻي زماني جو ٻاهران گهرايل ريشم، اطلس ۽ بخمل لڳل هوندو هو، اسان جا خالص سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل ٿانو، مذهبي ڏينهن تي اسين پنهنجن هزارين مٽن مائٽن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ جن وڏين وڏين ديڳين ۾ کاڌو تيار ڪرائيندا هئاسون اهي ديڳيون شاديون وغيره جي لاءِ تنبو ۽ خيما، جن تي زريءَ جو سُهڻو ڀرت ڀريل هوندو هو، اهي سڀئي وڪامجي ويا. غلام مرتضيٰ کي سزا ڏيڻي هئي ۽ تمام سخت سزا ڏيڻي هئي. ڇو ته ڪنهن به انگريز جي بيعزتيءَ جو سوچي به نه پيو سگهجي. هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ ته ڪنهن به ڏيهي ماڻهوءَ کي ان رستي تي به هلڻ جي اجازت نه هوندي هئي، جنهن تي انگريز هلندو هو. ڌڪ هڻڻ ته ڇا، ڪنهن انگريز کي جواب به نه ڏئي سگهبو هو.

نيٺ انگريزن سان ٺاهه جي راهه نڪري آئي ۽ غلام مرتضيٰ واپس لاڙڪاڻي موٽي آيو. پر هن جي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا هئا، هو بيمار ٿي پيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڳرندو ويو. حڪيم زهر جو شڪ ڏيکاريو، پر ڪنهن کي به خبر پئجي نه سگهي، ته زهر ڪنهن ڏنو هو. اسان جي پڙڏاڏي وٽ چڪاس جا اهڙا اوزار هوندا هئا، جن ذريعي کاڌي ۽ پاڻيءَ ۾ زهر جي خبر پئجي ويندي هئي، پر زهر پنهنجو اثر ڏيکاريندو رهيو ۽ ان سبب نيٺ هو ستاويهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن جي وفات کان پوءِ خبر پئي، ته اهو زهر حُقي ذريعي ڏنو ويو هو، جيڪو هو رات جي ماني کائڻ کان پوءِ ڇِڪيندو هو.

آئون اُهي خانداني ڳالهيون ايئن ڏاڍي چاهه سان ٻُڌندي هيس، جيئن منهنجا ڀائر مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ٻڌندا هئا. اسان جي وڏڙن جن مصيبتن کي مُنهن ڏنو هو، سي اسان لاءِ ڄڻ اخلاقي سبق هئا. بابا جي به اها ئي خواهش هئي: وفاداري، عزت، آبرو، اصول.

غلام مرتضيٰ ڀٽي جو پُٽ، منهنجو ڏاڏو سر شاهنواز ڀٽو پهريون شخص هو، جنهن انهن جاگيرداري طور طريقن کان پاڻ ڇڏائڻ جي شروعات ڪئي، جن سبب سڄي سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻُوسٽ هئي. سندس زماني تائين، ڀٽي خاندان جا مرد ڀٽي خاندان ۾ ئي پنهنجين سئوٽ يا ماروٽ ڇوڪرين سان شاديون ڪندا هئا. اسلام عورتن کي ورثي ۾ ملڪيت ڏيڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ زمين کي پنهنجي ئي خاندان ۾ رکڻ جو واحد طريقو شادي هو. بابا جي پنهنجي سئوٽ امير بيگم سان اهڙي ’ڪاروباري‘ شادي ان وقت ٿي هئي، جڏهن پاڻ رڳو ٻارهن ورهين جو هو ۽ هوءَ اٺن يا نون ورهين جي هئي. هن ان شاديءَ کان پهرين ته انڪار ڪيو، پر منهنجي ڏاڏي هن کي انگلينڊ مان ڪرڪيٽ راند جو سمورو سامان گهرائي ڏيڻ جي لالچ ڏني، ته هو راضي ٿي ويو. هنن جي شاديءَ کان پوءِ امير بيگم واپس وڃي اباڻي گهر ۾ رهي ۽ بابا اسڪول هليو ويو. پر عورتن جي خاندان ۾ ان زوري شاديءَ ڪرائڻ جهڙي ناانصافيءَ جو اثر هن جي ذهن تي نَقش رهيو.

جيڪڏهن گهراڻي ۾ ڪو مناسب سڱ نه ملندو هو، ته ڀٽي خاندان جون عورتون ڪنواريون ئي ويٺيون هونديون هيون. تنهنڪري منهنجون پُڦيون، جيڪي منهنجي ڏاڏي جي ٻيءَ زال جون ڌيئرون هيون، سڄي ڄمار ڪنواريون ئي رهيون. خاندان جي سخت مخالفت هوندي به منهنجي ڏاڏي پنهنجي ٻيءَ زال جي ڌيئرن کي ڌارين ۾ شاديءَ جي اجازت ڏني هئي. جيتوڻيڪ اهي پيار جون شاديون نه، پر مائٽن طرفان ڪرايل هيون. هڪ نسل پوءِ منهنجي ڀيڻ صنم پهرين ڀٽو عورت هئي، جنهن شاديءِ جو فيصلو پاڻ ڪيو هو. منهنجين اميدن برخلاف آئون پاڻ روايتي طريقي پٽاندر مائٽن جي پسند موجب شادي ڪنديس.

بهرحال، منهنجي ڏاڏي کي ڏاڍو ترقي پسند سمجهيو ويندو هو. هن پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ۽ ڇوڪرين کي پڻ اسڪولن ۾ موڪليو. اها اهڙي ڳالهه هئي جنهن کي ٻيا زميندار خواري ڀانئيندا هئا. ڪيترائي جاگيردار ته پنهنجا پُٽ به ڪونه پڙهائيندا هئا. ”منهنجن پُٽن وٽ زمين آهي، سندن پڪي پختي آمدني آهي، تنهنڪري اُهي نه ڪڏهن نوڪريون ڪندا، ۽ نه وري ٻين جو پورهيو ڪندا. منهنجين ڌيئرن کي به ورثي ۾ زمين ملندي ۽ هنن جي سنڀال سندن مُڙس يا ڀائر ڪندا. تنهنڪري تعليم جو ڪهڙو لاچار آهي؟“ جاگيردارن جي هڪ خاصيت اها به هئي.

انگريز حڪومت واري زماني ۾ منهنجو ڏاڏو بمبئي سرڪار جي ملازمت ۾ هو، جتي هن پڙهيل هندن ۽ شهري مسلمانن جي ترقيءَ جا سامان پاڻ ڏٺا هئا. سر شاهنواز ڀٽي پنهنجن ٻارن کي پڙهائي، ٻين سنڌي زميندارن لاءِ هڪ مثال جوڙيو هو، ته جيئن 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي ۽ آزاد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي سماجي ترقي رڪجي نه وڃي. پنهنجي پيرن مرشدن جي اعتراضن هوندي به هن بابا کي تعليم پرائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ اماڻيو هو. بابا هن کي مايوس ڪونه ڪيو. هن بي. اي. آنرز برڪلي جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان پاس ڪيو ۽ پوءِ آڪسفورڊ جي ڪرائسٽ چرچ ۾ قانون پڙهيو ۽ لنڪنس اِن مان بئريسٽر جي ڊگري وٺي، پاڪستان موٽيو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو.

ٻئي طرف منهنجي ماءُ شهري صنعتڪارن جي نئين طبقي مان هئي، جنهن جا ويچار زميندار طبقي کان وڌيڪ ڪُشادا ۽ روشن هئا. جڏهن ته ڀٽي خاندان جون عورتون اڃا تائين پردي ۾ رهنديون هيون ۽ پنهنجي گهر جي چؤديواري مان ورلي ٻاهر نڪرنديون هيون ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرنديون هيون تڏهن به ڪاري برقعي ۾ ويڙهجي نڪرنديون هيون. پر امان ۽ سندس ڀينرون بُرقعي کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ پنهنجون موٽرڪارون پاڻ هلائينديون هيون. سندن پيءُ ايراني واپاري هوندو هو. هنن ڪاليج ۾ تعليم ورتي هئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عورتن جي پئرا مليٽري فوج، نيشنل گارڊ ۾ آفيسر ٿي رهيون هيون. ڀٽو خاندان جي عورتن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ممڪن ئي نه هيون.

1951ع ۾ جڏهن بابا ۽ امان جي شادي ٿي، تڏهن امان ٻين ڀٽو عورتن وانگر پردو ڪيو ۽ پهرين کيس هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجن مائٽن سان ملڻ جي اجازت هوندي هئي، پر اهي پراڻا طريقا سڀني لاءِ ورچائيندڙ ٿيندا پئي ويا. جڏهن منهنجي ڏاڏي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر مان ڪنهن ٻئي پاسي ويندي هئي، ته ڊرائيور جي غير موجودگي ۾ هوءَ اڪثر امان کي ڪار هلائڻ لاءِ چوندي هئي. وري جڏهن گهر جا ڀاتي المرتضيٰ ۾ وڃي رهيا، ته بابا مرداڻي حصي ۾ رهڻ بدران زناني حصي ۾ امان سان گڏ رهڻ جي خواهش ڏيکاري. 70 ڪلفٽن جڏهن جُڙي راس ٿيو، ته اتي عورتن جي رهڻ لاءِ ڌار ڌار ڪمرا ڪونه هئا. جيتوڻيڪ ڏاڏا اُن گهر سامهون هڪ ٻيو گهر ورتو هو، جتي هو پنهنجن ملاقاتين سان ملندو هو. پاڪستان ۾ هڪ نئون ۽ وڌيڪ روشن دماغ نسل اُڀريو پئي.

اسان جي مرداڻي سڀيتا ۾ ڇوڪرن کي سدائين ڇوڪرين کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي ۽ نه رڳو کين پڙهايو لِکايو ويندو هو، پر ڪي مثال اهڙا به ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جو ماءُ ۽ ڀينرن کان پهرين هنن کي ماني ڏني ويندي هئي. اسان جي خاندان ۾ اهڙي قسم جي متڀيد بلڪل ڪونه هئي. هر موقعي تي منهنجو خاص خيال رکيو ويندو هو. آئون چئن ٻارن ۾ سڀني کان وڏي هيس. منهنجو جنم 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. منهنجي چمڙيءَ جو رنگ ايترو ته گُلابي هو، جو مون تي هڪدم پيار جو نالو ”پِنڪي“ رکيو ويو. منهنجو ڀاءَ مير مرتضيٰ مون کان هڪ ورهيه پوءِ ڄائو هو. صنم 1957ع ۾ ۽ شاهنواز 1958ع ۾ ڄائو هو. پهريون ٻار هجڻ سبب شروع کان ئي خاندان ۾ مونکي هڪ خاص ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي حيثيت مليل هوندي هئي.

آئون تڏهن رڳو چئن ورهين ۽ بابا اٺاويهين ورهين جو هو، جڏهن صدر اسڪندر مرزا کيس گڏيل قومن جي اداري ۾ موڪليو هو. بعد ۾ جڏهن بابا، ايوب خان جي صدارت هيٺ ستن ورهين تائين وزير تجارت، وزير توانائي، پرڏيهي کاتي جو وزير ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جهڙن عهدن تي رهيو هو، تڏهن هو ۽ امان گهڻو وقت گهر کان پري رهندا هئا.

مون بابا کي اخبارن جي پهرين صفحن تي ۽ روبرو ڪيترائي ڀيرا ڏٺو هو: گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان ۽ ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ تقريرون ڪندي، 1960ع ۾ سوويت يونين سان مالي ۽ فني امداد جا ٺاهه ڪندي ۽ 1963ع ۾ منع ڪوٺيل بيجنگ مان واپس ايندي، جڏهن هن اتي چين سان سرحد بابت ٺاهه ڪيو هو. امان گهڻو ڪري هن سان گڏ سفر ڪندي هئي ۽ ٻار گهر ۾ گهرو ملازمن ۽ منهنجي سنڀال ۾ هوندا هئا. ”تون ٻين جو خيال رکجانءِ.“ بابا ۽ امان مونکي چوندا هئا. ”تون سڀني ۾ وڏي آهين.“

منهنجي ڄمار اَٺ ورهيه کن هوندي، جو بابا ۽ امان جي غيرموجودگيءَ ۾ گهر جو سمورو انتظام مونکي سونپيل هو. گهر جي خرچ پَکي لاءِ امان مونکي جيڪي پئسا ڏيندي هئي، سي آئون پنهنجي ويهاڻي هيٺان لڪائي رکندي هئس. جيتوڻيڪ مون اڃا اسڪول ۾ حساب سکڻ مس شروع ڪيا هئا، پر امان جي غير حاضريءَ ۾ آئون روز رات جو بورچيخاني ۾ هڪ اسٽول تي چڙهي ويهندي هيس ۽ اسان جي پراڻي ۽ وفادار ملازم بابوءَ سان گڏ، جنهن کي اسين ميجر ڊومو به چوندا هئاسين، حساب ڪتاب ڪندي هيس. انگ صحيح ايندا هئا يا نه، اهو مونکي ياد ڪونهي. خوش قسمتي سان گهٽ پئسا خرچ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سڄي گهر لاءِ کاڌي جو سامان ڏهن رپين يا اٽڪل ٻن ڊالرن ۾ ايندو هو.

اسان جي گهر ۾ تعليم کي گهڻي اهميت هوندي هئي. ڏاڏي جيان بابا به اسان کي مثالي اولاد ٺاهڻ گهريو ٿي، جيڪو پاڪستانين جو پڙهيل، سِکيل ۽ روشن خيال ٻيو نسل ٿيڻ وارو هو. ٽن ورهين جي ڄمار ۾ مونکي ليڊي جيننگس نرسري اسڪول ۾ ويهاريو ويو ۽ پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي سڀني کان سٺي اسڪول ”دي ڪنوينٽ آف جيزس ايند ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو. ان اسڪول ۾ تعليم جو ذريعو انگريزي ٻولي هئي، جيڪا اسين پنهنجي والدين جي ٻولين- سنڌي يا فارسي يا قومي ٻولي اردوءَ بجاءِ گهر ۾ گهڻي ڳالهائيندا هئاسين. اسڪول ۾ جيڪي آئرش راهبائون پڙهائينديون هيون، انهن اُتي جي پُراڻن شاگردن جي درجن جا نالا ڏاڍا اتساهه ڏياريندڙ رکيا هئا، جهڙوڪ ”تنظيم“، ”مروت“، ”جدوجهد“ ۽ ”خدمت“، پر هنن ڪڏهن به اسان کي عيسائي ٿيڻ جي ترغيب نه ڏني. اهو اسڪول انهن عيسائي مبلغن جي آمدنيءَ جو سٺو ذريعو هو، جن ڪافي امير ۽ دورانديش مسلمانن جي انهن ٿورن خاندان کي پنهنجي مذهب کان ڦيرائڻ جو خطرو کنيو هو، جن پنهنجا ٻار اتي تعليم پرائڻ لاءِ موڪليا هئا.

”آئون اوهان کي رُڳو هڪڙي ڳالهه چوندس، ته اوهين چڱيءَ طرح سان پڙهو.“ بابا اسان کي هر ڀيري اهوئي چوندو هو. جڏهن اسين وڏا ٿياسون، تڏهن اسان لاءِ استاد رکيا، جيڪي اسان کي اسڪول مان اچڻ کان پوءِ، ٽپهريءَ جو رياضي، جاميٽري، الجبرا ۽ انگريزي جي سکيا ڏيندا هئا. بابا دنيا ۾ جتي به هوندو هو، اتان ٽيليفون تي اسڪول رپورٽن جي ڄاڻ وٺندو رهندو هو. خوش قسمتيءَ سان آئون سٺي شاگردياڻي هيس ۽ منهنجي لاءِ هن جا اوچا ارادا هئا ۽ آئون ڀٽو خاندان جي پهرين ڇوڪري هيس، جنهن ٻاهرين ملڪ ۾ تعليم ورتي. ”اوهين سڀئي پنهنجا پنهنجا سُوٽ ڪيس ٺاهي رکو. آئون پاڻ اوهان کي هوائي اڏي تي وٺي هلندس ۽ جهاز ۾ چاڙهي روانو ڪندس.“ جيتري قدر مونکي ياد اچي ٿو، ته هن اسان چئني ٻارن کي ننڍي هوندي کان چوڻ شروع ڪيو هو. ”پِنڪي هتان ننڍڙي گدلي ٻارڙي وانگر ويندي، پر اتان ساڙهيءَ ۾ سُندر مُلوڪ عورت جيان واپس ايندي. شاهنواز پنهنجا ايترا ته ڪپڙا کڻندو، جو هن جو سوٽ ڪيس بند ئي نه ٿي سگهندو. اسين لاچار ٿي بابوءَ کي سڏينداسون، ته ان تي چڙهي ويهي، ته جيئن اهو بند ٿئي.“

اسان جي ڪُٽنب ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٻُڌبي هئي، ته زندگيءَ ۾ اسان کي پنهنجن ڀائرن جهڙا وجهه ڪونه ڏنا ويندا، ۽ نه وري اسلام ۾ اهڙي اجازت هئي. اسان ننڍي هوندي ئي اهو سکيو هو، ته اسلام جي مردن جيڪا تشريح ڪئي ٿي، ان مطابق عورتن تي پابنديون پيل هيون، جيتوڻيڪ اسان جو مذهب اهو نه ٿو چوي. شروع کان ئي اسلام ۾ عورتن لاءِ ڏاڍي ڪشادگي ڏيکاريل هئي: قديم وقت ۾ عرب پنهنجن ڌيئرن کي ڄمندي ئي قتل ڪري ڇڏيندا هئا، پر اسان جي پيغمبر حضرت محمد ﷺ جن اُن جي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ۽ هنن کي پڙهڻ ۽ ورثي ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏنو هو. مغرب ۾ عورتن کي اهي حق گهڻو پوءِ مليا آهن.

بيبي خديجا ﷦، جنهن پهرين اسلام مڃيو هو، بيواهه عورت هئي. هوءَ پنهنجو ڪاروبار پاڻ هلائيندي هئي ۽ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اڃا ننڍيءَ ڄمار جو هو ته کيس پنهنجي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيائين ۽ پوءِ ساڻس شادي به ڪيائين. مسلمانن جي شروعاتي لڙائين ۾ اُمه عماره مردن سان گڏجي ڪافرن سان وڙهي هئي ۽ هن پنهنجي بهادريءَ سان حضور ﷺ جن جي جان بچائي هئي. ڏکڻ هندستان جي رياست احمد نگر جي حڪمران چاند بيبي، مغل شهنشاهه اڪبر کي شڪست ڏئي، کيس پاڻ سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. شهنشاهه جهانگير جي راڻي ۽ هندستان جي حقيقي حڪمران نورجهان ملڪي انتظامي معاملن جي ماهر سمجهي ويندي هئي. اسلامي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون ملن ٿيون، جن ملڪي معاملن ۾ مردن وانگر ڪاميابي ماڻي هئي. اهڙي راهه ورتائڻ لاءِ اسلام نه هنن کي منع ڪئي هئي ۽ نه مونکي منع ڪري ٿو. قرآن شريف ۾ سوره عنڪبوت ۾ فرمايل آهي ته ”مون هنن تي حڪمرانيءَ لاءِ هڪ عورت ڏني آهي، ۽ هن کي سڀئي شيون گهڻي انداز ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ هن جو تخت تمام طاقتور آهي.“ سوره النساء ۾ وري اهو چيو ويو آهي ته ”مردن کي سندن ڪمائيءَ جو حصو ڏنو ويو آهي ۽ عورتن کي سندن ڪمائيءَ جو.“

روزانو ٽپهريءَ جو اسڪول جي ڪمن کان پوءِ اسان کي قرآن شريف جون اُهي ۽ ٻيون سورتون مولوي صاحب پڙهائيندو هو، جيڪو اسان کي ديني تعليم ڏيڻ لاءِ رکيل هو. قرآن شريف عربيءَ ۾ پڙهڻ ۽ اُن جا سبق سمجهڻ سڀ کان اهم ڪم هوندو هو. اسان جو ڪيترو ئي وقت ڏُکيو عربيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ ويندو هو، جنهن جي الف – ب ساڳي اردو الف – ب جهڙي هئي، پر جنهن جو صرف نحو ۽ معنيٰ اهڙيءَ طرح مختلف هئي، جيئن انگريزي، فرانسيسي کان مختلف هجي ٿي.

”بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.“ مولوي اسان کي سيکاريندو هو ۽ قرآني احڪام ٻڌائيندو هو ته، ”سدائين پنهنجي ماءَ پيءُ جي عزت ڪريو ۽ سندن حڪم مڃيو.، امان به اسان کي اُهوئي چوندي رهندي هئي. مولوي اسان کي اُهو به سيکاريو هو ته، ”هن دنيا ۾ اسين جيڪي عمل ڪريون ٿا، تن جو اجورو مرڻ کان پوءِ ٻيءَ دنيا ۾ ملندو. اوهان کي باهه جي ماٿريءَ مٿان وار جهڙي سنهيءَ پل تان لنگهڻو پوندو. اوهان کي خبر آهي ته وار ڪيترو سنهو ٿئي ٿو؟“ هو هڪ اچرج ۾ وجهندڙ انداز سان چوندو هو. ”جن ماڻهن ڏوهه گناهه ڪيا آهن، سي ان دوزخ جي باهه ۾ ڪِري سڙي ويندا. پر جن چڱا ڪم ڪيا هوندا، اهي اها پل اُڪري بهشت ۾ ويندا، جتي کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهن ٿيون.“

امان وري مونکي عبادت جا ارڪان سيکاريا هئا. هوءَ پنهنجي عقيدي جي ڏاڍي پابند هئي.هوءَ دنيا ۾ کڻي ڪٿي به هوندي هئي يا ڇا به ڪندي هئي، پر روزانو پنج وقت نماز ضرور پڙهندي هئي. جڏهن آئون نون ورهين جي هيس، ته هوءَ منهنجي ڪمري ۾ اچي مونکي فجر جي نماز پاڻ سان گڏ پڙهائيندي هئي. اسين ٻئي وضو ڪري، مصلي تي قبلي سامهون ويهي، الله جي حضور ۾ سجدو ڪنديون هيونسين.

منهنجي امان شيعا فرقي جي هئي، جيئن اڪثر ايراني آهن، جڏهن ته اسان جي ڪُٽنب جا باقي ڀاتي سُني هئا. پر اُن سبب ڪوبه کِٽراڳ نه ٿيو. شيعا ۽ سُني هزارين ورهين کان گڏوگڏ رهندا پيا اچن. هنن هڪ ٻئي ۾ سڱاوتيون به ڪيون آهن. اسان جا اختلاف ٿورڙا هئا. اصل اصول اهو هو ته سڀئي مسلمان پوءِ کڻي سندن فرقو ڪهڙو به هجي الله جي اڳيان ڪَنڌُ جهڪائين ٿا. هنن جو ايمان آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ محمد ﷺ جن آخري پيغمبر آهي. قرآن شريف ۾ هڪ مسلمان جي اها ئي تعريف ڪيل آهي ۽ اسان جي خاندان ۾ ان کي اهميت ڏني وڃي ٿي.

محرم جي مهيني ۾، جڏهن پيغمبر جي پوٽي حضرت امام حسين ﷦ کي ڪربلا، عراق ۾ شهيد ڪيو ويو هو، آئون ورلي ڪارا ڪپڙا پائي امان سان گڏجي، عورتن جي مجلس ۾ ويندي هيس. ”ڌيان سان ٻُڌجانءِ.“ امان مونکي چوندي هئي، ڇو ته شيعن جون اهي مذهبي رسمون سُنين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت هونديون هيون. آئون مجلس پڙهندڙ کي ويچار سان ڏسندي هيس، جيڪا ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ ان غمگين واقعي جو بيان ڪندي هئي، جنهن ۾ حضرت امام حسين ﷦ ۽ سندس ڪجهه ساٿي، غاصب يزيد جي فوجن جي گهيري ۾ اچي، بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا هئا. امام حسين ﷦ جو ڪَنڌُ مبارڪ قلم ڪيو ويو ۽ هن جي ڀيڻ بيبي زينب کي اگهاڙي مٿي يزيد جي درٻار ۾ آندو ويو، جتي هن پنهنجي ڀاءُ جي سِر سان، ظالم کي راند رهندي ڏٺو هو. هنن جو نسل جيڪو اڄ شيعا ٿو سڏجي، انهن ڪڏهن به ڪربلا جي ان ڏکائتي واقعي کي وساريو ڪونهي.

”ٻُڌو معصوم ٻار پاڻيءَ لاءِ پيو روئي.“ ذاڪرياڻي ڏک ڀرئي جذباتي آواز ۾ چوندي هئي. ”ٻار جي روئڻ جو آواز ٻُڌي هن جي ماءُ جو ڇا حال ٿيو هوندو. هوڏانهن هن سُهڻي مرد کي ڏسو، جيڪو گهوڙي تي چڙهيو پاڻي کڻڻ پيو وڃي. هو واهه جي ڪناري وٽ جهُڪي  ٿو. اسين هن کي جهُڪندي ڏسون پيا. ڏسو! ڏسو! سپاهي هن تي ترارن سان حملا پيا ڪن…“ هن جي ان چوڻ تي عورتون پنهنجي ڇاتين تي غم وچان هٿڙا هڻي ماتم ڪنديون هيون. اهو بيان ايترو ته چٽو ۽ اثرائتو هوندو هو، جو آئون به اڪثر روئي ڏيندي هيس.

بابا پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ٻارن کي ويهين صديءَ ۾ آڻڻ جو پختو ارادو ڪيو هو. ”ڇا ٻار خاندان ۾ شاديون ڪندا؟“ هڪڙي ڏينهن مون امان کي بابا کان اهو پُڇندي ٻڌو. ان جي جواب ٻُڌڻ لاءِ آئون ساهه روڪي بيٺس. ”منهنجي مرضي ڪانهي ته منهنجا پٽ پنهنجين سئوٽن سان شاديون ڪري، کين گهرن جي چؤديوارين ۾ ڇڏي ڏين ۽ نه وري پنهنجين نياڻين کي پنهنجن ئي مائٽن جي گهرن جي چؤديواري اندر دفن ٿيڻ کي آئون پسند ڪندس!“ اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو اطمينان ٿيو. ”پهرين هنن کي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ گهرجي. پوءِ هو پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪري سگهندا.“

هن جو اُهو جواب مونکي ان ڏينهن وڌيڪ وڻيو هو، جڏهن منهنجيءَ ماءُ مونکي پهريون ڀيرو برقعو پارايو هو. اسين ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي ويندي مهل ريل گاڏيءَ ۾ هئاسين، جو امان پنهنجي بيگ مان هڪ سنهو ڪارو برقعو ڪڍي، ان ۾ مونکي ويڙهيو. ”هاڻي تون ٻار ڪونه آهين.“ هن ٿورو ڏکائتي انداز ۾ مونکي چيو. پراڻن خيالن وارن زميندار خاندانن جي ڌيئرن جي صديون پراڻي ان رسم کي جيئن امان پورو ڪيو، ته مون ننڍپڻ جي وهيءَ مان نڪري جوانيءَ جي دؤر ۾ پير رکيو. پر اهو ڪيترو نه نراس ڪندڙ دؤر ثابت ٿيو. آسمان، وڻن ٽڻن ۽ گلن جا رنگ جهَڪا پئي نظر آيا. منهنجين نظرن اڳيان هرڪا شيءِ لڙاٽيل هئي. ريل گاڏيءَ مان جيئن ئي آئون لٿيس، ته مٿي کان وٺي پيرن تائين چادر ۾ ويڙهيل هجڻ سبب آئون هلي نه پئي سگهيس. گهُٽ سبب منهنجي مُنهن مان پگهر وهڻ لڳو.

”اڄ پِنڪي پهريون ڀيرو بُرقعو پاتو آهي.“ المرتضيٰ پهچڻ تي بابا کي امان ٻڌايو. گهڙيءَ کن لاءِ بابا ماٺ ٿي ويو هو. ”هن کي برقعو پائڻ جي ڪا گهُرج ڪانهي.“ بابا نيٺ وراڻيو. ”پاڻ سڳورن ﷺ جن خود فرمايو آهي ته بهترين پردو اکين جو پردو آهي. ڇڏيو ته کيس سندس اخلاق ۽ ذهن مان سڃاتو وڃي ۽ نه سندس لباس مان.“ پوءِ آئون ڀٽو خاندان جي پهرين عورت هيس، جنهن دائمي مُنهن اونداهيءَ مان ڇوٽڪارو ماڻيو هو.

بابا سدائين مونکي اُن سچائيءَ جي پَرک ڏَسيندو هو، ته آئون به هن مهان دنيا جو حصو آهيان، جيتوڻيڪ ورلي هن جا سبق مونکي سمجهه ۾ ئي ڪين ايندا هئا. 1963ع ۾ پرڏيهي کاتي جي وزير جي خانگي ريلوي گاڏي ۾ مون هن سان گڏ سفر پئي ڪيو، ته هن مونکي ننڊ مان جاڳائيندي چيو، ”هي سمهڻ جو وقت ڪونهي.“ هن تاڪيد ڪندي چيو. ”ڏاڍو المناڪ حادثو ٿيو آهي. آمريڪا جي جوان صدر کي گولي هنئي وئي آهي.“ جيتوڻيڪ منهنجي ڄمار اٽڪل ڏهه ورهيه هئي ۽ آمريڪا جي صدر بابت مون گهڻو ڪي ڪونه ٻڌو هو، تڏهن به صدر جان ايف ڪينيڊيءَ جي حالت بابت تازي خبر ملڻ تائين هن مونکي پنهنجي ڀرسان ئي ويهاريو هو. بابا صدر ڪينيڊيءَ سان وائيٽ هائوس ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس آزاد سماجي خيالن سبب هن جو مداح هوندو هو.

پاڪستان ۾ جڏهن ٻاهرين ملڪن جا وفد ايندا هئا، تڏهن اڪثر بابا اسان ڀينرن ڀائرن کي ساڻن ملاقات ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. هڪڙي ڏينهن هن جڏهن اسان کي ٻڌايو ته، اڄ اوهان کي چين جي ”مهانَ شخصيت“ سان ملاقات ڪرڻي آهي ته آئون ڏاڍي اُتاولي ٿي هيس. بابا اڪثر چيني انقلاب ۽ ان جي اڳواڻ مائوزي تنگ جي ڏاڍي واکاڻ ڪندو هو، جنهن پهاڙن ۽ ريگستانن مان پنهنجين فوجن جي اڳواڻي ڪندي، پراڻي راڄ جو اَنت آندو هو. مونکي پڪ هئي ته انهن مان هڪ شخص ضرور مائو هوندو، جنهن جي ٽوپي، چيني انقلابيءَ جي ذاتي سوکڙي، بابا جي ڪپڙن واري ڪمري ۾ رکي هئي. ان موقعي تي مون اهو لباس پاتو هو، جيڪو هر سال بابا نيويارڪ جي ”سيڪز ففٿ اوينيو“ مان آڻيندو هو، جتي اتي جي عورت ملازم وٽ اسان جي بدن جي ماپ هوندي هئي. پر مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، جڏهن انهن ”اهم چيني ماڻهن“ ۾ مائو شامل ڪونه هو، پر چيني وزيراعظم چو اين لائي ۽ هن جا ٻه وزير چن يي ۽ ليو شائوچي هو، جيڪو پوءِ ثقافتي انقلاب جي ڏينهن ۾ جيل ۾ وفات ڪري ويو هو.

منهنجين اميدن مطابق رڳو چو اين لائي ڪراچيءَ ۾ ’اڪيلو مهمان‘ ڪونه هو. حقيقت ۾ اسان جي ملاقات رڳو هن سان ڪين ٿي هئي. امان کي خبر هئي ته رات جي مانيءَ تي هڪ اهم شخصيت اچڻ واري آهي، ڇو ته گهر جي ٻاهرين ديوار تي روشنيءَ جي جهُومر لڳي پئي هئي. جڏهن هڪ لموزين دروازي مان اندر آئي، ته اسان مٿان ماڙيءَ جي درين مان ڏٺو، ته صدر ايوب خان ۽ هڪ آمريڪي معزز 70 ڪلفٽن ۾ آيا آهن. اسان شهر ۾ جيڪي فلمون ڏٺيون هيون، انهن پٽاندر مون هڪدم آمريڪي شخص کي سڃاڻي ورتو. ”اوهان کي باب هوپ سان ملي ڪا خوشي ٿي؟“ ٻئي ڏينهن مون امان کان لاپرواهيءَ مان پُڇيو. ”ڪير؟“ امان وراڻيو. ”باب هوپ“ مون چيو. ”تون ڪا ڀورڙي آهين.“ هن مونکي ٻڌايو، ”اهو آمريڪا جو نائب صدر هربرٽ همفري هو.“ بعد ۾ مونکي خبر پيئ، ته هربرٽ همفري ڪوشش ٿي ڪئي، ته ويٽنام ۾ آمريڪي فوجين لاءِ بيڊمنٽن راند جا ريڪٽ موڪلي پاڪستان، آمريڪا جي حمايت ڪري. پر بابا، جيڪو ويٽنام جي گهرو جنگ ۾ ٻاهرين شرڪت جو مخالف هو، تنهن ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.

جڏهن منهنجي ڄمار ڏهه ورهيه ۽ صنم جي ست ورهيه ٿي، تڏهن اسان کي ملڪ جي اُتر ۾ ديال جي وڻن سان ڍڪيل اڳوڻي انگريز هل اسٽيشن مريءَ جي رهائشي اسڪول ۾ موڪليو ويو. اسان جي نگران ماسترياڻي تڪڙو چتاءَ ڏئي انگلستان وڃڻ واري هئي. رهائشي اسڪول جو تڪڙو سُلجهاءُ هو ۽ بابا جي به اها مرضي هئي، ڇو ته هن جو خيال هو ته اتي جي پڙهائيءَ مان اسان کي سٺو تجربو ٿيندو. مونکي پهريون ڀيرو پنهنجو هنڌ وڇائڻو پيو هو. پنهنجيون جُتيون پاڻ پالش ڪرڻيون پيون هيون ۽ وهنجڻ ۽ ڏندن ڏيڻ لاءِ ڪمري ٻاهران نلڪي مان پاڻي آڻڻو پيو هو. ”منهنجن ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر جيان سمجهجو.“ بابا راهبائن کي چيو هو ۽ واقعي هنن اهوئي ڪيو ۽ سخت قاعدن جي ڪنهن به ڀڃڪڙيءَ تي صنيءَ (صنم) ۽ منهنجي ڪَن مَهٽُ ڪئي هئي.

بابا پنهنجن خطن ذريعي مريءَ ۾ اسان جي سياسي سِکيا جاري رکي. جڪارتا ۾ جيڪا غير وابستا ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن مان واپس اچڻ کان پوءِ هن اسان کي هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن ۾ هن گڏيل قومن جي اداري ۾ وڏين طاقتن جي ٻيائيءَ ۽ نتيجي ۾ ٽين دنيا جي ملڪن کي ڪا اهميت نه ڏيڻ جي موضوع تي تفصيل سان روشني وڌل هئي. هڪڙي راهبا، صنم ۽ مونکي اسڪول جي باغ ۾ هڪڙي بئنچ تي ويهاري اهو سڄو خط اسان کي پڙهي ٻڌايو. جيتوڻيڪ اسان کي ان جي مضمون جون تمام ٿورڙيون ڳالهيون سمجهه ۾ آيون هيون.

مريءَ ۾ اسان جي ٻئي ۽ آخري سال ۾ صنم ۽ مون سياست جا شروعاتي سبق سِکيا. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڪشمير جي معاملي تي هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي. ڪشميري عوام جي حق خوداختياريءَ لاءِ ۽ هندستان جي ڏاڍائيءَ خلاف ڳالهائڻ لاءِ بابا جڏهن گڏيل قومن جي اداري ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪنوينٽ آف جيزس ائنڊ ميري جي راهبائن، ڀارتي حملي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجين شاگردياڻين کي تيار ڪرڻ شروع ڪيو. مريءَ مان رستو سِڌو ڪشمير وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن اهو پئي سوچيو ته ڀارتي فوجون پاڪستان ۾ ڪاهي اچڻ لاءِ اهوئي رستو استعمال ڪنديون.

جتي اسين پهرين رات جي ماني کائڻ کانپوءِ راند رهنديون هيونسين يا ائنڊ بلائٽن جا ڪتاب پڙهنديون هيونسين. اتي هاڻي اوچتو هوائي حملي کان بچاءَ جون مشقون ڪرڻ لڳيونسين. اُتي بليڪ آئوٽ به ٿيندو هو. راهبائن اسڪول جي وڏين شاگردياڻين تي ذميداري رکي، ته اُهي پنهنجين ننڍڙين ڀينرن کي پناهه گاهن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ڪن. ۽ مون وري صنيءَ کي ٻڌايو، ته رات جو پنهنجا سليپر پيرن سان ٻڌي ڇڏي، ته جيئن انهن کي ڳولڻ لاءِ سنديس وقت خراب نه ٿئي. اسان جي اسڪول جون ڪيتريون شاگردياڻيون سرڪاري ڪامورن ۽ فوجي عملدارن جون ڌيئرون هيون ۽ اسان دشمن جي هٿ چڙهڻ جي صورت ۾ وڏي اتساهه سان هڪ ٻئي تي ڪُوڙا نالا رکيا هئا. ٻاراڻي جوش ۾ اسان سڀني کي اهو پئي لڳو، ته اسان کي اتان ڀڄائي جبلن ۾ کڻي ويندا. سترهن ڏينهن جي جنگ ۾ حملي جو اهو ڊپ ڏاڍو حقيقي ۽ خوفائتو ڀانئبو هو.

پاڪستان ۾ حالتن کي آمريڪا ويتر بگاڙي ڇڏيو. اهو ڄاڻندي ته هنن ڪميونسٽن جي خطري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي جيڪي هٿيار ڏنا هئا، سي هندستان خلاف واپرائجن پيا، ته جانسن جي حڪومت سموري ننڍي کنڊ کي هٿيار ڏيڻ تي بندش وجهي ڇڏي، پر هندستان، سوويت يونين وٽان هٿيار ورتا پئي. اسان جا سپاهي 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي اداري طرفان جنگبنديءَ جي اعلان تائين ڪاميابيءَ سان جنگ ڪندا رهيا. لڳو ٿي ته ملڪ کي سوڀ ٿي آهي. اسان نه رڳو ڀارتي فوجن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو هو، پر هنن جي ڀيٽ ۾ اسان سندن وڏي علائقي تي قبضو پڻ ڪيو هو.

پر اسان جي آڪڙ جٽاءُ نه ڪيو. روس جي ڏاکڻي شهر تاشقند ۾ ٺاهه لاءِ جيڪي ڳالهيون ٿيون هيون، تن ۾ صدر ايوب خان اهي سڀيئي شيون وڃائي ڇڏيون، جيڪي اسان جنگ جي ميدان ۾ ماڻيون هيون. تاشقند ٺاهه مطابق ٻنهي ملڪن پنهنجن فوجن کي جنگ کان اڳ واريءَ جاءِ تي واپس موڪلڻ مڃيو. بابا کي بڇان لڳي ۽ هن پرڏيهي کاتي جي وزير واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ٺاهه تي صحيحن کان پوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن هندستاني وزيراعظم لال بهادر شاستري دل بيهڻ سبب گذاري ويو، تڏهن بابا ٽوڪَ وچان چيو، ته هن جي دل ضرور خوشيءَ سبب بيهي رهي هوندي.

اُن ٺاهه جي شرطن جي جڏهن ماڻهن کي خبر پئي، تڏهن پنجاب ۽ سنڌ صوبن ۾ وڏا مظاهرا ٿيا، جن ۾ پوليس طرفان ڏاڍيون سختيون ڪيون ويون. ان هوندي به اهي مظاهرا ٿيندا رهيا ۽ ڀٽو ڪُٽنب جي زندگي سدائين لاءِ بدلجي وئي.

جون 1966ع ۾ ايوب خان نيٺ بابا جي استعيفيٰ منظور ڪئي. ايوب ۽ بابا وچ ۾ جيڪي اختلاف هئا، سي هاڻي پڌرا ٿي پيا هئا ۽ هڪ سياسي اڳواڻ طور بابا جي عوامي حمايت گهڻي وڌي وئي. پرڏيهي کاتي واري وزير جي ذاتي ريلوي گاڏيءَ ۾ اسان لاڙڪاڻي تائين آخري سفر ڪيو، تڏهن ماڻهو وڏي جوش ۽ اتساهه وچان اسان جي ريل سان گڏ ڊوڙندا رهيا ۽ گاڏي جي هٿين کي جهلي ان تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا . اهي گاڏيءَ جي ڇت تي ۽ ريل جي پَٽڙين ويجهو عمارتن تي چڙهي ويٺا ۽ نعرا هڻڻ لڳا. ”فخر ايشيا زنده باد، ڀٽو زنده باد.“

لاهور ۾ بابا ريل گاڏيءَ مان لهي پنجاب جي گورنر وٽ ٻنپهرن جي مانيءَ تي ملاقات لاءِ ويو هو. آئون تنهن وقت ڏڪي وئي هيس، جڏهن ڪنهن رڙ ڪري چيو هو، ته ڀٽي صاحب جي قميص تي رَت جو نشان آهي. منهنجي دل ان وقت تائين ڄڻ بيهي رهي هئي. جيستائين بابا ماڻهن جي انبوهه مان مشڪندو ۽ هٿ لوڏيندو واپس نه آيو هو. هن جي قميص ڦاٽي پئي هئي ۽ جسم تي ٿوري رَهڙ جو نشان هو. سندس ٽاءِ به ڪانه هئي. پوءِ خبر پئي ته اها هزارين رپين ۾ نيلام ٿي هئي. جڏهن هو پرڏيهي کاتي جي وزير جي گاڏي ۾ چڙهي آيو، ته ماڻهن سڄي ريل گاڏيءَ کي لوڏڻ شروع ڪيو ۽ اهي لوڏا ايترا ته وڌندا ويا، جو اسان سمجهيو ته اسين ريل مان هيٺ ڪِري پونداسين.

نيٺ اسين سلامتيءَ سان گهر پهتاسين، ته سياست جون وڌيڪ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. اسان ننڍن ٻارن کي هاڻي ’سرد جنگ‘  ’هٿيارن تي پابندي‘ جهڙا اصطلاح ٿورڙا سمجهه ۾ اچڻ لڳا. اسان کي گول ميز ڪانفرنس ۽ سربراهي گڏجاڻين جي ڳالهين ٻُڌڻ جي ائين واقفيت ٿي وئي هئي. جيئن ٻين ٻارن کي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ اسڪور سان واقفيت هوندي هئي. پر 1966ع ۾ جڏهن بابا، ايوب خان کان ڌار ٿيو، تڏهن ”شهري آزادي“ ۽ جمهوريت“ جا لفظ اڪثر ٻڌبا هئا، جيڪي پاڪستان جي اڪثريت لاءِ غير حقيقي هوندا هئا، جن کي ايوبي دؤر ۾ سياست ۾ حصي وٺڻ کان پري رکيو ويندو هو. نيٺ بابا 1967ع ۾ پنهنجي هڪ جماعت ’پاڪستان پيپلز پارٽي‘ ٺاهي.

”روٽي، ڪپڙا، مڪان“ اُهي سادا واعدا هئا، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلسن جلوسن ۾ نعري طور ڪتب اچڻ لڳا، جن کان پاڪستان جا لکين ماڻهو محروم هوندا هئا. مسلمان الله آڏو پنهنجو ڪَنڌُ نوائين ٿا. پر اسان جي ملڪ جو غريب عوام اڃا تائين اميرن جي اڳيان پاڻ جهڪائي ٿو. ”اٿي کڙا ٿيو! ٻين اڳيان ليٿڙون نه پايو! اوهين انسان آهيو ۽ اوهان جا به حق آهن!“ بابا پاڪستان جي ڏورانهن ۽ نڌڻڪن ڳوٺن ۾، جتي اڳ ڪوبه سياستدان ڪونه ويو هو، ماڻهن جي انبوهه کي ٻڌائيندو هو: ”جمهوريت جي گهُر ڪريو، جنهن ۾ غريب جي ووٽ جو به ايترو ئي وزن آهي، جيترو امير جي ووٽ جو آهي.“

”ڀٽو ڪير آهي؟ ڀٽو ڇا آهي؟ ماڻهو ڇو ٿا چون، ته هن کي ٻُڌڻ لاءِ هرڪو ماڻهو وڃي ٿو. جڏهن ته رڳو ٽانگي وارا، رڪشا وارا ۽ ريڙهي وارا هن جي جلوس ۾ هجن ٿا.“ ايوب خان جي هڪ گورنر سرڪاري اخبارن ۾ سوال اٿاريو. اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، جو منهنجي اڳيان هڪ مقصد هوندو هو. جيتوڻيڪ اسان پنهنجن گهرن ۾ بچاءُ واري حياتي گذاري ٿي ۽ وڏن ۽ خاص اسڪولن ۾ تعليم ٿي پرائي، پر مون ماڻهن کي پيرن اُگهاڙو ۽ پٺڻ اگهاڙو ڏٺو هو. وارن ۾ چيڙهه پيل ڇوڪرين کي ۽ سُڪل سڙيل ٻارن کي ڏٺو هو. ڇا غريبن کي ماڻهن ۾ به شمار نٿو ڪري سگهجي؟ قرآن شريف جي تعليم مان اسان کي خبر پئي هئي، ته اسلام جي تعليم مطابق سڀئي ماڻهو الله آڏو برابر آهن. اسان جي والدين پڻ اسان کي اهو سيکاريو هو ته: هر هڪ ماڻهوءَ جو ادب ۽ احترام ڪريو ۽ ڪنهن کي به پنهنجي اڳيان جهُڪي، پنهنجن پيرن ڇُهڻ يا پٺئين پيرين وڃڻ جي اجازت نه ڏيو.

”اهو ڪو الله جو قانون ڪونهي، ته هتي پاڪستان ۾ رڳو اسين غريب هجون.“ بابا غريب عوام جي انبوهن کي ۽ اتي بيٺل شرميلين عورتن جي ميڙن کي لاڳيتو ٻڌائيندو رهيو. ”اسان جو ملڪ شاهوڪار آهي. اُن ۾ گهڻا وسيلا ۽ ذريعا آهن، ته پوءِ منجهس غريبي، بک ۽ بيماري ڇو آهي؟“ اهو هڪڙو اهڙو سوال هو، جيڪو ماڻهو هڪدم سمجهي ويندا هئا. ايوب پاڪستان جي اقتصادي حالتن کي سُڌارڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو نه ٿيو هو. جڏهن ته هن جو گهراڻو ۽ ٻيا ٿورا خاندان امير ٿي ويا هئا. ايوب جو گروهه پاڪستان جي هر بئنڪ، انشورنس ڪمپني ۽ وڏي صنعت جو مالڪ ٿي ويو هو. ان ظلم ۽ تعديءَ سبب پهرين سوين ۽ پوءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو بابا جي جلسن ۾ ڇڪجي ايندا هئا، جيڪو سماجي ۽ معاشي سُڌارن جي ڳالهه ڪندو هو.

70 ڪلفٽن ۾ اسان جي گهر جي پهرئين طبق تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو دفتر ڪم ڪرڻ لڳو. يارهن ۽ چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ منهنجي ڀيڻ ۽ مون وڏي اتساهه سان چار چار آنا فيءَ ڏيئي، پارٽيءَ جي رڪنيت ورتي، ته جيئن اسين پڻ پنهنجي ميجر ڊومو بابو جي مدد ڪري سگهون، جيڪو ماڻهن جي وڌندڙ تعداد کي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وٺي ايندو هو، جيڪي روزانو ٻاهر دروازي تي قطارن ۾ بيٺا هوندا هئا. پر روزاني جي ان ڳڻپ ۾ اسان اهو به ٻڌو ته ايوب حڪومت، بابا کي تمام وڏي رشوت جي آڇ ڪئي آهي. ”تون جوان آهين، ۽ تنهنجي لاءِ اڃان سڄي ڄمار پئي آهي. تون ايوب کي هن جو وارو پورو ڪرڻ ڏي ۽ پوءِ تنهنجو وارو ايندو. تون اسان سان ڪم ڪر، نه ڪي اسان خلاف ۽ اسين توکي سهوليتون ڏينداسون.“ ايوب ۽ هن جا ساٿي بابا کي چوندا هئا. اهڙائي ساڳيا لفظ پوءِ مونکي به هڪ ٻئي آمر جي ايلچين کان ٻڌڻا پيا هئا. جڏهن ايوب جي رشوتن جي آڇ بابا کي ماٺ نه ڪرائي سگهي. تڏهن هن کي موت جا دڙڪا ملڻ شروع ٿيا.

اُن وقت مونکي ڏاڍ ۽ ڏمر جي دنيا جي ڪا سُڌ ئي نه هوندي هئي. هڪ پاسي سياست جي دنيا هئي، جنهن ۾ بابا رهندو هو ۽ وري ٻئي پاسي ٻارن جي دنيا هئي: اسڪول ۽ رانديون، سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙون ۽ ٽهڪڙا. پر اهي ٻئي دنيائون تڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جڏهن بابا تي خوني حملي جون خبرون اسان تائين پهچڻ لڳيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي مقبول بنائڻ لاءِ بابا جڏهن رحيم يار خان، سانگهڙ ۽ ٻين جاين تي ويو، ته ايوب جي حامين مٿس گوليون هلايون. شڪر آهي جو هنن جا نشانا خطا ٿي ويا. سانگهڙ ۾ بابا جي ساٿين اڳتي اچي، سندس جان بچائي ۽ پاڻ گولين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا.

اسان جي گهر ۾ هِراس پکڙجي ويو، پر مون پنهنجي ڊَپُ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن مان ڪهڙي چڱائي ٿيندي؟ پاڪستان ۾ سياسي زندگي گذارڻ جا اهي ئي نتيجا هئا: موت جا دڙڪا، رشوت ۽ ڏاڍ ڏمر. اُها ئي مُلڪ ۾ حالت هئي. مون پاڻ کي ڊڄڻ جي اجازت ڪين ڏني. حقيقت ۾ مون ڪوشش ڪئي هئي، ته آئون ڪجهه به نه ڀانئيان. ۽ ان وقت به جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٺهڻ کان يارهن مهينا پوءِ ايوب، بابا ۽ پارٽيءَ جي ٻين وڏن اڳواڻن کي گرفتار ڪري قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. آمرن جو اهوئي طريقو آهي، جتي به احتجاج ٿئي ان کي چيڀاٽيو وڃي. جتي به اختلاف ڪندڙ هجن، کين گرفتار ڪيو وڃي. ڪهڙي قانون هيٺ؟ اسين پاڻ قانون آهيون.

1968ع جا اهي رتوڇاڻ ۽ جهيڙيندڙ واقعا رڳو پاڪستان ۾ ڪونه ٿيا هئا. سڄي دنيا ۾ انقلاب جي لهر پکڙجي وئي هئي: پيرس، ٽوڪيو، ميڪسيڪو شهر، برڪلي ۽ راولپنڊي جي ڪاليجن ۾ شاگردن فساد پئي ڪيا. پاڪستان ۾ اهي دنگل ان خبر سبب پکڙجي ويا هئا، ته بابا کي گرفتار ڪري پاڪستان جي خوفناڪ ميانوالي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. اتان هن کي ڪڍي وري ساهيولا جيل ۾ رکيو ويو، جتي سندس ڪوٺڙيءَ ۾ ڪُوئن جو ڏاڍو آزار هوندو هو. وڳوڙن کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيون.

انهي عرصي ۾ مونکي پنهنجي تعليمي زندگي جو ڏکيو وقت ڏسڻو پيو هو. مونکي گذريل ٽن ورهين جي پڙهائيءَ سميت او ليول جي امتحان ڏيڻ ۽ ريڊڪلف ۾ داخلا لاءِ امتحان جي تياري ڪرڻي هئي. مون بابا کي چيو ته، مونکي برڪلي ۾ پڙهڻ جي درخواست ڏيڻ جي اجازت ڏي، جتي هو پاڻ پڙهيو هو. پر هن اها ڳالهه نه مڃي. ”ڪيليفورنيا جي آبهوا سٺي آهي.“ هن سمجهايو هو. ”پر ميساچوسٽس جي برف ۽ ٿڌاڻ توکي پڙهڻ تي مجبور ڪندي.“

امتحان نه ڏيڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو، ڇو ته اُن جو انتظام انگلينڊ مان سال ۾ هڪ ڀيرو ڊسمبر مهيني ۾ ٿيندو هو. ”تون ڪراچي ۾ ئي رهه ۽ امتحان جي تياري ڪر.“ امان مونکي چيو ۽ پاڻ ننڍن ٻارن سميت لاهور رواني ٿي وئي، جيئن اتي هاءِ ڪورٽ ۾ بابا جي غير قانوني نظربنديءَ خلاف درخواست داخل ڪري سگهي. آئون 70 ڪلفٽن ۾ اڪيلي هيس، جنهن کان پري ڪاروباري مرڪزن ۾ جهيڙا ۽ ڦَڏا پئي ٿيا.

بابا جي جيل ۾ هجڻ جي ڳڻتيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ آئون پاڻ پڙهائي ۾ جُنبي ويس. مون پنهنجن انهن استادن جي رهنمائيءَ ۾ هر مضمون کي بار بار پڙهيو، جيڪي روزانو گهر ۾ ايندا هئا. شام جو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ويجهو سنڌ ڪلب ۾، جيڪا ڪنهن وقت رڳو انگريزن لاءِ هئي ۽ جتي ڏيهي ماڻهن ۽ ڪُتن کي اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ جيڪا هاڻي امير پاڪستانين جي راند رهڻ جي ڪلب هئي، آئون پنهنجين ساهيڙين فيفي، تهمينا، فاطما، ۽ سميعا سان ملڻ ويندي هيس. اتي اسين اسئڪاش راند رهنديون هيونسين ۽ تلاءُ ۾ ترنديون هيونسين، جيتوڻيڪ اسان سڀني کي اها به خبر هئي ته حالتون ايتريون سٺيون ناهن، جيتريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جڏهن کان ايوب سان بابا جي اڻبڻت شروع ٿي هئي، تڏهن کان منهنجين ساهيڙين کي هنن جي مائٽن ۽ سڄڻن حڪومت جي چُرچ تي خبردار پئي ڪيو، ته ڀٽو وارن سان سُڃاڻپ خطري کان خالي ڪونهي. سميعا جي بابا کي انسپيڪٽر جنرل تنبيهه ڪئي هئي، ته سندس ڌيءُ جي مون سان ڏيٺ ويٺ سبب سندس خاندان ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندؤ. سميعا ۽ ٻين ساهيڙين ڏاڍي بهادريءَ سان منهنجو ساٿ ڏنو، جيتوڻيڪ مون ڏٺو ته اسڪول جي ٻين شاگردياڻين اسان کي پاسو ڪرڻ شروع ڪيو هو.

”او ليول امتحان ۾ تنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ آئون دعاگو آهيان.“ بابا 28 نومبر تي ساهيوال جيل مان مون کي خط لکيو هو. ”مونکي سچ پچ فخر آهي ته منهنجي ڌيءَ اهڙي ذهين آهي، جو پندرهن  ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي، جيڪي مون ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ڏنا هئا. ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“

جيتوڻيڪ هو اڪيلائپ جي قيد ۾ بند هو، پر بابا مونکي يقين ڏياريو ته کيس خاص ڳڻتي منهنجي تعليم جي هئي. ”آئون ڄاڻان ٿو ته تون گهڻو پڙهين ٿي، پر تون ادب ۽ تاريخ ٿورڙو وڌيڪ پڙهه.“ هن جي خط ۾ لکيل هو. ”تو وٽ اهي سڀيئي ڪتاب آهن، جن جي توکي گهُرج آهي. تون نيپولين بوناپارٽ بابت پڙهه، جيڪو جديد تاريخ جو بيحد مڪمل انسان هو. تون آمريڪي انقلاب ۽ ابراهام لنڪن بابت پڙهه. جان ريڊ جو ڪتاب ’ڏهه ڏينهن جن دنيا کي لوڏي ڇڏيو’ پڙهه، بسمارڪ ۽ لينن، اتاترڪ ۽ مائوزي تنگ بابت پڙهه، اوائلي دؤر کان هندستان جي تاريخ پڙهه ۽ سڀ کان وڌيڪ اسلام جي تاريخ پڙهه.“ جيل جي ڪاغذ تي صحي هئي: ’ذوالفقار علي ڀٽو‘

مون پنهنجي خاندان سان گڏ لاهور ۾ رهڻ ٿي چاهيو، پر اهو ناممڪن هو. صنم مونکي ٽيليفون تي ٻڌايو، ته هر ٻئي يا ٽئين ڏينهن امان، بابا جي گرفتاريءَ خلاف عورتن جي احتجاجي جلوسن جي اڳواڻي پئي ڪئي. هن اها به خاطري پئي ڪئي، ته احتجاج ڪندڙ هر عورت وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ پُسيل ٽوال هجڻ گهرجي، ته جيئن ايوب جي پوليس جي اڇلايل ڳوڙها آڻيندڙ گولن کان بچاءُ ٿي سگهي. پوليس ڪيترائي ڀيرا انهن جلوسن تي لٺيون هلائي، کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندي هئي. تڏهن به اهي مظاهرا جيئن جو تيئن وڌندا پئي ويا. ايوب فوج کي حڪم ڪيو، ته ٻاهر نڪري احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو، پر سپاهين عورتن جي گرفتاريءَ کان انڪار ڪيو ۽ هٿ لوڏي هنن جي همت وڌائي. ايوب جي زماني ۾ به عورتن جي عزت رکي ويندي هئي.

نيٺ جڏهن ڊسمبر ۾ امتحانن ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن ڪنوينٽ آف جيزس ائنڊ ميري ڪلفٽن ۾ ئي ويٽيڪن سفارتخاني ۾، اسان کان امتحان وٺڻ جو بندوبست ٿيو. ڪراچيءَ جي ڪاروباري مرڪز کان پري هجڻ ۽ اُن جي تقدس سبب اهو سلامتيءَ وارو هنڌ هو. برطانيا ۾ شاگردن ڪيترائي ڏينهن صاف سُٿرن ڪمرن ۾ ويهي امتحان ڏنو ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ رومي چرچ جي مرڪز ۾ اسين پي آياسين ۽ وياسين.

انهيءَ وچ ۾ جهيڙا هلندا رهيا ۽ ايوب خلاف عوام جي ڪاوڙ تنهن وقت چوٽ چڙهي وئي، جڏهن پوليس مظاهرو ڪندڙن تي گوليون هلايون، جن ۾ ڪيترائي موت جو کاڄ ٿي ويا. هاڻي سڄي پاڪستان ۾ احتجاج ڪندڙن هڪ آواز ٿي گهر ڪئي، ته ايوب استعيفيٰ ڏي ۽ بابا ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

بابا جي گرفتاريءَ کان ٽي مهينا پوءِ پاڪستان ۾ ايتري افراتفري پکڙجي وئي، جو ايوب خان لاچار ٿي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو. ايتري ۾ افواهه پکڙيا ته جنهن جهاز ۾ بابا کي لاهور مان سندس گهر لاڙڪاڻي ۾ آڻڻو هو، تنهن کي ڪيرائي بابا کي قتل ڪيو ويندو ۽ ظاهر ڪيو ويندو ته اهو حادثو اتفاق سان ٿيو. انهي تي امان هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ان سازش کي پڌرو ڪري، ان کي ناڪام ڪري ڇڏيو. جهاز بدران بابا کي ريل گاڏيءَ ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو. آئون پنهنجيءَ ڄمار ۾ اڳ ڪنهن کي به ڏسي ايترو خوش نه ٿي هيس. پر ايوب جي خلاف جدوجهد ته اڃان شروع ٿي هئي.

بابا جي آزاد ٿيڻ کان تُرت پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ڪاميابيءَ جو جلوس نڪتو. ”هيٺ لهو،“ بابا رڙ ڪري مونکي ۽ صنم کي چيو. اسان جي کليل ڪار ماڻهن جي گوڙ مان آهستي پئي هلي، جن ”جيئي ڀٽو“ ۽ ”گرتي هوئي ديوار ڪو آخري ڌِڪا دو“ جا نعرا پئي هنيا. ايتري ۾ ايوب جي هڪ گماشتي بابا تي سِڌي گولي هلائي. هڪ معجزو ٿيو. گولي هلي نه سگهي، پر عوام معاف ڪندڙ نه هو.

مون بابا جي ٻانهن مان جهاتي پائي اُن نؤجوان کي پئي ڏٺو، جنهن کي ماڻهن ڏاڍو ماريو هو. هر طرف کان ماڻهن هن جي ڳچي، مٿو، ٻانهون ۽ ٽنگون پئي ڇڪيون ۽ سندس وات مان گهڻو رَت پئي وهيو. ”تون نه ڏس،“ بابا مونکي هيٺ ڌِڪيندي ڪاوڙ مان چيو. آئون گوڏن ڀَر اوڪڙو ٿي ويٺيس ۽ بابا ماڻهن کي رڙ ڪندي چيو ته، ”قاتل کي نه ماريو، هن کي جيئرو رهڻ ڏيو.“ لاچار ٿي هنن کيس ڇڏي ڏنو، پر اهو نظارو ڪيترن مهينن تائين منهنجين اکين اڳيان پئي ڦريو.

اُن وقت به منهنجي اها ساڳي حالت ٿي هئي، جڏهن مون بابا کي ايوب خان جي آمريت ۽ ڏاڍائيءَ جي طاقت خلاف لاڳيتو احتجاج ڪندي، بک هڙتال ۾ ڳرندي ڏٺو هو. هُن کي ڏينهون ڏينهن بدن ۾ لهندو ڏسي لاڙڪاڻي جا سڀيئي ماڻهو ڊَپُ ۾ وٺجي ويا هئا. ’مهرباني ڪري بابا جي ڳالهه مڃ.‘ آئون دل ئي دل ۾ ايوب خان کي چوندي هيس. مونکي اهو به عجب لڳو، ته بابا سان گڏ ٻيا ويٺل ماڻهو ايترا تندرست ڇو ٿا ڏسجن. ”اهي رات جو جڏهن پنهنجن ڪمرن ۾ واپس ٿا اچن، ته ماني گهرائي ٿا کائين.“ اسان جي ملازمن مان هڪڙي مونکي اُن جو راز ٻڌايو. ”پر پنهنجي پيءُ کي نه ٻُڌائجان.“

بک هڙتالين جا اهي گروهه کنڀين وانگر سڄي پاڪستان ۾ وڪيلن جي انجمنن اڳيان ۽ شهرن جي رُڌل رستن تي ڏسڻ ۾ پئي آيا. روزانو ماڻهن جا انبوهه انهن بک هڙتالين جي اخلاقي پُٺڀرائي ۽ ايوب جي استعيفيٰ جي گهُر ڪندا هئا. اهو سمجهندي ته پاڻ سندس پوليس به ان صورتحال تي ضابطو نٿي آڻي سگهي. ايوب نيٺ 25 مارچ 1969ع تي اقتدار تان هٿ کنيو. پر اها سوڀُ ڪُوڙي هئي. اقتدار قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي سونپڻ بدران، جيئن پاڻ هن جي پنهنجي آئين ۾ لکيل هو، ايوب خان پنهنجيءَ فوج جي چيف آف اسٽاف کي پاڪستان جو نئون اڳواڻ مقرر ڪيو. هڪ ڀيرو وري پاڪستان هڪ فوجي آمر جي چنبي ۾ اچي ويو هو، جنهن هڪدم سڀئي شهري قانون معطل ڪري، ملڪ ۾ فوجي قانون لاڳو ڪري ڇڏيو.

منهنجي ماءُ مونکي ٻڌايو ته، ”ريڊڪلف مان تنهنجي لاءِ خط آيو آهي.“ مون ڏڪندڙ هٿن سان کانئس اُهو لفافو ورتو. آئون سچ پچ وڃڻ گهران ٿي؟ ڪاليج وارن بابا کي چتاءَ ڏنو هو ته، ريڊڪلف ۾ داخلا لاءِ سورنهن ورهين جي ڄمار ننڍي آهي، تنهنڪري مونکي اُن لاءِ هڪ ٻيو سال اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي. پر مونکي ترسائڻ لاءِ بابا کي ڪوبه سبب نظر ڪونه آيو. هن پنهنجي هڪ دوست جان ڪينٿ گيلبرائٿ کي مدد لاءِ چيو، جيڪو هندستان ۾ سفير رهي چڪو هو ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ اقتصاديات جو پروفيسر هو. مون لفافو کوليو. مونکي اجازت ملي هئي، ته 1969ع جي سرءُ ۾ آئون اتي وڃان.

روانگيءَ وقت بابا مونکي سِپ جي کَل سان ڍَڪيل هڪڙو سُهڻو قرآن شريف سوکڙيءَ ۾ ڏنو. ”آمريڪا ۾ تون ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ڏسندينءِ، جيڪي توکي اچرج ۾ وجهي ڇڏينديون، ته ڪي وري توکي ڏڪائي به ڇڏينديون.“ هن چيو. ”پر مونکي خبر آهي ته تو ۾ سرچاءُ جي سگهه آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي، ته تون پنهنجو ڌيان پڙهائيءَ ڏانهن رکجانءِ. پاڪستان ۾ گهٽ ماڻهو آهن، جن کي اهڙو وجهه ملي ٿو، جيڪو توکي مليو آهي، ۽ تون ان مان ضرور فائدو وٺجانءِ. تون اهو ڪڏهن به نه وسارجانءِ، ته توڏانهن اتي جيڪي پئسا موڪلبا سي زمين جي اُپت مان هوندا. اهي انهن ماڻهن وٽان هوندا، جيڪي انهن زمينن تي پگهر وهائين ٿا ۽ محنت ڪن ٿا. اهو هنن جو توتي قرض هوندو. اهڙو قرض جيڪو الله جي مهربانيءَ سان هنن جي زندگيءَ کي سُکيو بنائڻ لاءِ تون پنهنجي تعليم کي ڪَتب آڻي لاهيندينءَ.“

آگسٽ جي پڇاڙيءَ واري هڪ ڏينهن آئون 70 ڪلفٽن جي هڪ اُڪريل ڪاٺ جي دروازي وٽ بيٺي هيس، جڏهن امان منهنجي مٿي تي منهنجي نئين قرآن شريف جو ڇانوَ ڪيو. مون قرآن شريف وٺي چُميو ۽ اسين ٻئي آمريڪا وڃڻ لاءِ هوائي اڏي ڏانهن روانيون ٿيونسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org