آمر سان مقابلو
1984ع کان 1988ع تائين
جلاوطنيءَ جا سال
”امان!“
”پِنڪي!“ اڙي تون آزاد آهين. مون ته هن ڏينهن جا
سَپنا ٿي ڏٺا!“ جنيوا جي هوائي اڏي مان اسين ٻاهر
اچون ٿيون، ته آئون اُفق جي اَٿاهه پولار ڏانهن
نهاريان ٿي. ٽي ورهيه ساندهه ديوارن اندر قيد رهڻ
کانپوءِ ان نظاري کي ڏسڻ لاءِ منهنجي اکين کي
وسرام ملي ٿو. مونکي ويساهه ئي نٿو اچي ته آئون ڪو
آزاد آهيان.
اسين جڏهن امان جي فليٽ تي پهچون ٿيون، ته اتي فون
جي گهنڊڻي وڳي پئي. ”ها، ها، هوءَ واقعي هتي آهي.“
امان فون تي مير ۽ شاهه کي ٻڌائي ٿي. ”اوهان بي بي
سيءَ تان هن جي آزاديءَ بابت جيڪي ٻُڌو سو صحيح
آهي.“
منهنجن ڀائرن مير ۽ شاهنواز جا آواز ۽ منهنجو آواز
اُتاولائيءَ سبب هڪ ٻئي سان گڏجي سڏجي وڃن ٿا.
”تنهنجو ڇا حال آهي؟“ آئون فون جو رسيور پنهنجي
صحتمند ڪَنُ تي رکي زور سان رڙ ڪريان ٿي. ”الله جو
شڪر جو تون سلامت آهين؟“ مير رڙ ڪري جواب ڏئي ٿو.
”سڀاڻي تو سان ملڻ لاءِ اچان پيو. اتي هڪ هفتو کن
ترس ته جيئن آئون به اچي سگهان.“ شاهه چوي ٿو: ”نه
شاهه، اهو ٿي نٿو سگهي.“ آئون کيس ٻڌايان ٿي.
”ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ مونکي لنڊن وڃڻو آهي.“ تُرت
ملاقات لاءِ آئون ساڻن وچن ۽ اُهي مون سان واعدو
ڪَنُ ٿا.
لاس اينجلس، لنڊن ۽ پيرس مان فون لاڳيتا پيا اچن.
امان جون ساهيڙيون ۽ مائٽ منهنجي آزاد ٿيڻ تي هن
کي فون ڪري واڌايون پيا ڏين. آئون ڪنهن سان به
ڳالهائڻ لاءِ اڃا پاڻ کي تيار نه ٿي سمجهان. مون
رڳو لنڊن ۾ ياسمين ۽ ڊاڪٽر نيازيءَ سان ڳالهايو.
والدين جو هڪ دوست ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ ايران
جو اڳوڻو سفير اردشير زاهدي مَڇين جون لوڻاٺيل
آنيون کڻي آيو. رات جو امان، صني ۽ آئون گهڻيءَ
دير تائين ڪچهري ڪنديون رهيونسين. لڳو ٿي ته ڪابه
ڳالهه ويساهه جوڳي نه هئي. ڪالهه تائين آئون
قيدياڻي هئس ۽ اڄ آئون امان ۽ ڀيڻ سان گڏ آزاد
هئس. اسين گڏ هيونسين. اسين سڀ سلامت هيونسين.
مير! ڳاڙهن وارن واري ننڍڙي ڇوڪريءَ منهنجي ڪوٽ
کان ڇڪيو! ”پنهنجي ڀائٽي فتحي سان مل.“ مير مونکي
چيو. هو منهنجي آزاديءَ جي ٻئي ڏينهن امان جي فليٽ
۾ مون سان ملڻ آيو. ڇا منهنجو ڀاءُ سچ پچ منهنجي
اڳيان بيٺو هو؟ مون هن جا چپ چُرندي ڏٺا، ۽ کيس
جواب ڏيندي پنهنجو آواز ٻُڌو. اسان جي اُن ملاقات
۾ ايترو ته گوڙ هو، جو اسان جا ڪَنُ ٿي ڦاٽا، پر
مونکي ڪجهه به ياد ڪونهي ته مون ڇا چيو. اڻٽيهن
ورهين جي ڄمار ۾ مير ڪيترو نه سُهڻو ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
هن پنهنجي ارڙهن مهينن جي ڌيءَ کي کڻي جڏهن مونکي
چُمي ڏني، ته سندس ڪاريون اکيون ڪڏهن چمڪيون ٿي،
ته ڪڏهن وري منجهن حيا جي لهر ڊوڙي ٿي وئي. ”شاهه
جي اچڻ تائين ترسي پئو،“ مير ٽهڪ ڏيندي چيو. مون
آخري ڀيرو شاهه کي تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هن جي ڄمار
ارڙهن ورهيه هئي. هو تنهن وقت ڇوڪرو ٿي لڳو. هاڻي
هو پنجويهن ورهين جو هو، جنهن کي مُڇون ڏاڍيون
پسند هيون.
مون آلپس جبلن مٿان سج کي چمڪندي ڏٺو ۽ ٿڌي شفاف
هوا کي منهنجو مُنهن ڌوئيندي ڀانئيو. جيتوڻيڪ
منهنجو ڪَنُ بند ۽ نِستو هو، پر اهي سڀ شيون اچرج
۾ وجهندڙ پئي ڏسڻ ۾ آيون. رستي تي ماڻهن ۽ گاڏين
جي اچ وڃ شروع ٿي وئي هئي ۽ مون هيٺ گهٽيءَ ۾ ڌيان
سان چتايو. اُن عمارت ڀرسان مونکي جاسوسن جون ڪي
به گاڏين بيٺل ڏسڻ ۾ ڪونه آيون، ۽ جاسوس به دروازن
پٺيان لڪندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. ڇا اهو سڀ سچ هو؟
ڇا آئون سچ پچ آزاد هيس؟ مون پنهنجو ڳَل مهٽيو.
منهنجي بيچينيءَ مونکي ياد ڏياريو، ته آئون پرڏيهه
۾ ڇو آئي هيس.
انهيءَ وچ ۾ منهنجي آزاديءَ جي خبر انهن جلاوطن
پاڪستانين ۾ پکڙجي وئي، جيڪي يورپ ۾ ٽڙيل پکڙيل
هئا ۽ جن جو انگلينڊ ۾ رهندڙ ٽي لک اٺهتر هزار
پاڪستانين ۾ وڏو تعداد هو. ان ڏينهن ٽپهريءَ جو
جڏهن آئون ۽ صني هوائي جهاز ۾ لنڊن ويونسين، ته
پاڪستانين جو وڏو تعداد منهنجي آڌرڀاءُ لاءِ هيٿرو
هوائي اڏي تي اچي گڏ ٿيو هو. فضا ۾ اُڀرندڙ سياسي
نعرن کي ٻُڌي مونکي لڳو ڄڻ آئون واپس ڪراچي پهچي
وئي هيس.
ياسمين نيازي، هيٿرو هوائي اڏو:
هوائي اڏي تي برطانوي اخبارن جي صحافين سميت ايترا
ته ماڻهو موجود هئا، جن جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي.
هنن بينظير کي ڏسڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڌِڪا پئي ڏنا.
ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ قبر مان اُٿي آيل هجي. هنن
مان ڪنهن به ڪونه ٿي ڄاتو، ته اُهي کيس وري به ڏسي
سگهندا يا نه. ”هوءَ ڪير آهي، فلمي هيروئن يا ٻي
ڪير؟ هڪ انگريز پوليس واري هڪ ٻئي پوليس واري جي
مدد سان ماڻهن جي ميڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي مون
کان پڇيو: ”هوءَ اسان جي سياسي اڳواڻ آهي.“ مون هن
کي ٻڌايو. ”سياسي اڳواڻ؟“ هن اچرج وچان وراڻيو.
”ڇا تو جلاوطني اختيار ڪئي آهي؟“ بينظير جڏهن
دروازي مان ٻاهر آئي تڏهن صحافين کانئس پڇيو. سندس
جواب ٻُڌي نه رڳو انهن پاڪستانين، جيڪي هوائي اڏي
تي اچي گڏ ٿيا هئا، پر انهن لکين ماڻهن پڻ سُک جو
ساهه کنيو، جن اهو ريڊيي تان ٻُڌو هو ۽ اخبارن ۾
پڙهيو هو. ”جلاوطني؟ آئون جلاوطن ڇو ٿيان؟“ هن
وراڻيو. ”آئون انگليند ۾ رُڳو علاج لاءِ آئي
آهيان. آئون پاڪستان ۾ ڄائي آهيان ۽ آئون مرنديس
به پاڪستان ۾. بابا اتي دفن ٿيل آهي. آئون ڪڏهن به
پنهنجو ملڪ ڪونه ڇڏي وينديس.“
انهن لفظن هن جي سڀني هم وطن خاص ڪري غريبن جون
اُميدون وڌائي ڇڏيون. ”آئون اوهان کي ڇڏي ڪونه
ڏينديس.“ هن پنهنجي نياپي ۾ چيو. ”آئون ساهه جي
پڇاڙڪي هِڏڪيءَ تائين اوهان سان گڏ رهنديس. ڀٽو
خاندان پنهنجو وچن نڀائي ٿو.“
لنڊن جي نائٽسبرچ علائقي ۾ ماسي بهجت جي ننڍڙي
فليٽ ۾ گلن ۽ ميون جي ٽوڪرين جا ڍير گڏ ٿي ويا،
جتي مهمانن جي ڪمري ۾ آئون ۽ صني رهيل هيونسين.
صحافين ۽ آڪسفورڊ جي ساهيڙين ۽ دوستن ٽيليفون ڪري
ملڻ جي خواهش ڏيکاري، پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ حامين
به ملاقات لاءِ چيو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي
جلاوطن ڪارڪنن لاءِ لنڊن سياسي سرگرمين جو مرڪز
هو. منهنجا ڀائر هتي رهيا هئا ۽ فوجي بغاوت کان
پوءِ پاڪستان مان جيڪي پيپلز پارٽيءَ جا ڪيترائي
اڳواڻ ڀڄي نڪتا هئا، سي پڻ اتي اچي رهيا هئا. هنن
ملاقات لاءِ لاڳيتا فون پئي ڪيا. ”آئون اوهان جو
رُڳو ڏهه منٽ وقت وٺنديس.“ هنن فليٽ ۾ اچڻ وقت
چيو. پاڪستانين جي انگليند ۾ جيڪا وڏي آبادي رهي
ٿي، تنهن مان ڪيترائي ماڻهو رڳو ٻاهرئين دروازي
تائين ٿي آيا ۽ گهنڊڻي وڄائي ٻاهر گهٽيءَ ۾ ئي
ميڙو ڪري ٿي بيٺا.
ماسي بهجت ۽ چاچا ڪريم ڏاڍا مهربان هئا، پر
صورتحال سَهپ جوڳي نه هئي. اها تنهن وقت ته ويتر
خراب ٿي وئي، جڏهن چاچي بهجت پاڪستانين سان ڀريل
اُن ڪار کي ڏسي ورتو، جيڪا سڄو ڏينهن عمارت ٻاهران
بيٺي هئي. ”هيءُ آزاد ملڪ آهي ۽ توکي ان سچائيءَ
کان بيپرواهه رهڻ نه گهرجي.“ ماسي بهجت مونکي ان
وقت چيو جڏهن اها ڪار هر هنڌ اسان جي پويان پئي
آئي. هن اسڪاٽلينڊ يارڊ ٽيليفون ڪيو ۽ هڪدم پوءِ
اها ڪار الوپ ٿي وئي. اسان کي اُن ننڍڙي سوڀُ تي
سرهائي ڀانئي، ته اسان ضياءَ جي گماشتن کي مجبور
ڪيو هو، ته مونکي اڪيلو رهڻ ڏين. پر منهنجي ڳڻتي
اڃا نه لٿي هئي.
جيتوڻيڪ آئون آزاد هيس، پر فليٽ مان ٻاهر ويندي
مونکي ڊَپُ ٿيندو هو. آئون جڏهن به دروازي مان
ٻاهر نڪرندي هيس، ته پيٽ، ڳچي ۽ ڪُلهن جون رَڳون
سِيٽجي وينديون هيون. آئون ٻه قدم کڻڻ کان پوءِ
مُنهن ورائي ڏسندي هيس، ته متان ڪير منهنجي پٺيان
ته نه پيو اچي. قيد جي چؤديوارين اندر ڪيترائي
ورهيه اڪيلي رهڻ کان پوءِ لنڊن جي ماڻهن سان ڀريل
گهٽين کان به مونکي ڊَپ ٿيندو هو. آئون ماڻهن،
آوازن ۽ گوڙ جي هيراڪ ڪونه هيس. ڊاڪٽر وٽ وڃڻ وقت
زمين هيٺان هلندڙ ريل ۾ چڙهڻ بدران مونکي جيڪا به
پهرئين ٽئڪسي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، تنهن ۾ ٽِپ ڏيئي
چڙهي پوندي هيس، ۽ جڏهن پنهنجي منزل تي پهچندي هيس
۽ گهٽيءَ ۾ لهڻ لاءِ مجبور ٿيندي هيس، تڏهن ٿوري
مفاصلي تي به منهنجي دل ڏَڪڻ شروع ڪندي هئي ۽ آئون
پورو ساهه به کڻي ڪونه سگهندي هيس. منهنجي لاءِ
حقيقي زندگيءَ سان سرچاءُ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو.
آئون خود اعتماديءَ جو ڏيک ڏيندي هيس ۽ پنهنجين
ڳڻتين کي سڀني کان لڪائيندي هيس. مونکي اهو ڪرڻو
پوندو هو. ڪيترائي ورهيه نظربنديءَ ۾ رهڻ سبب ۽
منهنجي خاندان سان فوجي حڪومت جي ورتاءُ سبب ڪيترن
ئي پاڪستانين موجب منهنجي حيثيت هڪ انسان کان به
مٿاهين ٿي پئي هئي. آزاد ٿي انگلينڊ اچڻ سبب
اخبارن وغيره ذريعي منهنجيون جيڪي خبرون پکڙيون
هيون، تن مونکي اتي قومي اڳواڻ جو درجو ڏنو هو:
اهڙو فرد جنهن مارشل لا سان مقابلو ڪيو هو. هائيڊ
پارڪ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڳڻتيءَ جي اوچتي حملي کان
گهٻرائجي ڪِري پوڻ مناسب ڪونه هو. آئون جڏهن به
ٻاهر وڃڻ تي مجبور ٿيندي هيس، ته پاڻ کي اهوئي
چوندي هيس ته، اونهون ساهه کڻ، مضبوطيءَ سان هل،
ڊَپ کي ويجهو اچڻ نه ڏي.
لنڊن ۾ اچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ هڪ ملاقاتي اهڙو
آيو، جنهن جي ڪا اُميد ئي نه هئي. پيٽر گئلبريٿ
تازو ڪراچيءَ مان آيو هو ۽ ماسي بهجت مونکي ٻڌايو
ته، هو ٻنپهرن جي ماني مون سان گڏ کائڻ گهري ٿو.
منهنجي آزادي لاءِ هن جيڪا ڪوشش ڪئي هئي، تنهن جي
مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي. مونکي ته رڳو اها خوشي
هئي، ته آئون پراڻي دوست سان ملاقات ڪنديس. آئون
همت ڪري پنهنجي فليٽ مان نڪري، ٽئڪسي ۾ چڙهي رٽز
هوٽل ڏانهن ويس.
پيٽر گئلبريٿ:
مون هن کي گهرايو ته هو، پر آئون ڏاڍي اُڻتڻ ۾
هوس. اها اهڙي عجب جهڙي صورتحال هئي، جنهن ۾ اوهان
ستن ورهين جي عرصي ۾ ڪنهن سان ملاقات ئي نه ڪئي
هجي. مونکي ٿيندڙ تجربي کان هن جو گهڻو مختلف
تجربو هو. رٽز هوٽل جي ڏيڍيءَ ۾، جتي ماڻهو چانهه
پيئڻ لاءِ گڏجن ٿا، مون ٿورو ڏڪندي هن جو اوسيئڙو
ڪيو.
جڏهن هوءَ آئي ته ايتري ته تندرست ٿي ڏٺي، جو آئون
اچرج ۾ وٺجي ويو هوس ۽ اسين کاڌو کائڻ ويٺاسين.
مونکي ڪنهن خاص ڳالهه جي ڪابه اميد نه هئي. پر
هوءَ بيشڪ مختلف ٿي ڏسڻ ۾ آئي. هن ۾ هڪ نئين قسم
جي خوداعتمادي هئي، هڪ اهڙي ڀرپور ۽ سانت
خوداعتمادي، جيڪا 1977ع ۾ آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ وقت هن ۾
مونکي ڏسڻ ۾ نه آئي هئي.
هوءَ هونئن سدائين موهيندڙ هوندي هئي، پر هاڻي
هوءَ وڌيڪ نمايان ٿي لڳي. هوءَ هر ڪنهن جي نگاهه
جو مرڪز ٿي پئي هئي. مون هن کي واشنگٽن جي نئين
سياسي صورتحال بابت تفصيل سان ٻڌايو ۽ سينيٽر پيل
۽ ٻين هن لاءِ جيڪي ڪوشسون ڪيون هيون، تن جو احوال
ڏنو. مون هن سان اسان ٻنهي ڄڻن جي ڪجهه دوستن بابت
ڳالهايو ۽ هن کي پنهنجي پُٽ جو تصويرون ڏيکاريون.
ٻنپهرن جي ماني کائڻ کان پوءِ اسين جڏهن هن جي
ماسيءَ جي فليٽ ڏانهن وياسين، ته مون هڪ دوست طور
کيس سياست جي جوکائتي زندگي تان هٿُ کڻڻ جي صلاح
ڏني. ”پاڪستان ۾ تنهنجي گرفتاري ۽ قتل جو جوکو
آهي.“ مون هن کي ٻڌايو. ”تون ڇو نٿي آمريڪا اچين ۽
زندگي ۾ ترقيءَ ڪرين؟ شايد هارورڊ جي عالمي معاملن
واري مرڪز ۾ توکي تحقيق جو ڪم ملي وڃي.“
”مون کي اها ڳالهه وڌيڪ وڻي ٿي، ته آئون ڀٽو دؤر ۾
مارشل لا دؤر تي ڪتاب پڙهان ۽ ڄاڻان، ته ان بابت
ٻين ماڻهن جا ڪهڙا ويچار آهن.“ هن مونکي ٻڌايو.
”پر مون تي پهرين ذميداري پارٽيءَ جي آهي. سياست
پٽاندر منهنجي لاءِ اها وڌيڪ عقلي ڳالهه آهي ته
آئون هتي آهيان. جتي پاڪستاني گهڻا ئي ۾ آهن ۽ گهٽ
ڇڙوڇڙ آهن.“
پوءِ به هُن منهنجي اُن تجويز ۾ وڌيڪ چاهه
ڏيکاريو، ته هوءَ ڪنهن ڪم سانگي آمريڪا ۾ اچي. هن
کي خبر هئي ته پرڏيهي ملڪن جي سفارش ۽ سُڌ سماءُ
جا ذريعا اڃا تائين پاڪستان ۾ قيد سياسي قيدين کي
آزاد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ گهڻي اهميت وارا ٿي سگهن
ٿا. پنڌ وقت ۽ ڳالهائڻ وقت اسان جو واحد مسئلو هن
جو ڪَنُ هو. مونکان وسري ٿي ويو ته هن جو ڪهڙو
ڪَنُ ٻوڙو آهي. آئون هن جي ٻوڙي ڪَنُ ۾ ڳالهائيندو
رهيس.“
جنوريءَ جي آخري هفتي ۾ منهنجي نازڪ ۽ باريڪ جراحي
ٿي، جنهن ۾ پنج ڪلاڪ لڳي ويا. يونيورسٽي هاسپيٽل ۾
آئون جڏهن هوش ۾ آيس، ته مون پنهنجي سرجن مسٽر
گرهام کي ڏٺو. ”مُرڪينس.“ هن مونکي چيو. مون
سمجهيو ته هو مونکي وندرائڻ چاهي ٿو ۽ مون اڌ
بيهوشيءَ جي حالت ۾ سندس حُڪم جي پوئواري ڪئي پوءِ
هن مونکي جُوس جو ڍُڪ پياريو. ”ان جو ذائقو ڪهڙو
آهي؟“ هن پڇيو. ”ڏاڍو سوادي،“ مون وراڻيو. هن
منهنجي چارٽ تي ڪجهه نشان ڪيا. ”تنهنجي آپريشن
ڏاڍي سٺي ٿي آهي،“ هن ٻڌايو. ”تنهنجي مُنهن جي
کاٻي پاسي واري نس کي هاڃو ڪونه پهتو آهي، تنهنڪري
تنهنجي ذائقي جي حس ٺيڪ آهي.“
آئون امان جي اُن عارضي فليٽ ۾ آهستي تندرست ٿيڻ
لڳيس، جيڪو هن ڪالنگهام گارڊنس جي سُندر ۽ وڻڪار
سان ڀريل رستن واري علائقي ۾ ورتو هو. آئون ڪيترن
ئي هفتن تائين هنڌ ۾ سنئين ٿي پئي هيس. جيڪڏهن ڏهن
منٽن کان وڌيڪ وقت ويهندي هيس، ته مٿي ۾ ڌمچر مچي
ويندو هو، چڪر ايندا هئا ۽ دل ڪَچي ٿيندي هئي. نيٺ
جڏهن اٿي ويهڻ جهڙي ٿيس. تڏهن ڪنڌ جُهڪائي ڪتاب
پڙهڻ وقت يا لکڻ وقت ڏاڍي ڏُکيائي ٿيندي هئي ۽ مٿي
۾ ڌان ڌان ٿيڻ لڳندي هئي. آئون اڪثر ڀانئيندي هيس
ته منهنجو مٿو ڦاٽڻ وارو آهي. آئون پنهنجي ڪَنُ ۽
ٻُڌڻ جي تپاس لاءِ ڊاڪٽر وٽ وقت تي ويندي هيس. مون
هن سان اُن بابت ڳالهايو. ”تنهنجو ردعمل انوکو
ڪونهي.“ مسٽر گرهام مونکي خاطري ڏني.
هن ڇهين هفتي منهنجي تپاسڻ کان پوءِ جيڪا خبر
ٻڌائي، تنهن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو هو. ”شايد نون
مهينن کان پوءِ تنهنجي وري هڪ ٻي آپريشن ٿئي.“ نون
مهينن کان پوءِ؟ لنڊن ۾ ايترو عرصو رهڻ لاءِ
منهنجو ڪوبه ارادو ڪونه هو. منهنجي ذهن ۾ ته اڳواٽ
ئي پاڪستان وڃڻ جو ويچار آيو هو، جيتوڻيڪ امان،
ماسي بهجت، صني ۽ ياسمين، انهن سڀني مون تي زور
رکيو هو ته آئون يورپ ۾ ترسي پوان.
”ٿوري وقت لاءِ سياست کي ڇڏي مون سان گڏ رهه. هن
وقت تون واپس ويندينءِ ته ضياءَ توکي قيد ڪندو ۽
پوءِ اتان تنهنجو جيئرو ٻاهر اچڻ ممڪن نه ٿي
سگهندو.“ امان مون سان بحث ڪيو.
”آئون قيدخاني مان به حڪومت خلاف جدوجهد ڪنديس،“
مون وراڻيو.
”ته پوءِ حڪومت خلاف اها جدوجهد هتان ڇو نه شروع
ڪجي؟“ ٻين به مون تي زور رکيو. هنن جي ذهن تي
ڊاڪٽر جي لفطن جو اثر هو. پر آئون اڃا راضي ڪونه
هيس، نَو ڊگها مهينا، آئون پنهنجو وقت سَجايو ڪيئن
ڪنديس؟
منهنجي صحت ٺيڪ ٿيڻ تي مون فيصلو ڪيو، ته آئون
انهن چاليهه هزار سياسي قيدين سان حڪومت جي
بدسلوڪيءَ خلاف عالمي مهم شروع ڪنديس، جيڪي اڃا
تائين پاڪستان جي جيلن ۾ قيد آهن. جيتوڻيڪ آمريڪا
۽ اولهه يورپي ملڪن وٽان پاڪستان کي مالي مدد ملي
پئي، پر ضياءَ انساني حقن جي جيڪا ڀڃڪڙي پئي ڪئي،
تنهن ڏانهن انهن جمهوري ملڪن ٿورو يا وري ڪو ڌيان
ئي ڪونه ٿي ڏنو. مشهور ۽ تازو آزاد ٿيل سياسي
قيدياڻي هجڻ سبب جلاوطنيءَ ۾ منهنجي اهڙي حيثيت
هئي، جو پاڪستان ۾ جيڪو به ٿيو پئي، تنهن جو سمورو
تفصيل پڌرو ڪريان. شايد پوءِ جمهوري ملڪ پنهنجي
سفارش تي عمل ڪندي، ضياءَ کي مجبور ڪري ٿي سگهيا،
ته ڏاڍ وسيلي گرفتاري، ڪنهن تُهمت ۽ شنوائيءَ کان
سواءِ سياسي قيدين کي قيد ۾ رکڻ ۽ گهڻن بيگناهه
ماڻهن کي رڳو سندن سياسي مخالفت سبب موت جي سزا
ڏيڻ کان پاسو ڪري.
راولپنڊيءَ ۾ ارڙهن سياسي قيدين تي فوجي عدالت ۾
مقدمو هلڻ وارو هو. هنن تي حڪومت خلاف سازش جو
الزام هو. ٻيا چوونجاهه قيدي لاهور جي ڪوٽ لکپت
جيل ۾ بند هئا، جن تي پڻ بغاوت ۽ الذوالفقار سان
لاڳاپي ۾ هجڻ جهڙيون تُهمتون هيون. ڪراچي اسٽيل مل
۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مزدور اڳواڻ ۽ ساڻس گڏ
ٻين چئن جوابدارن تي ڪراچيءَ ۾ اُن ڪُوڙي تُهمت
هيٺ مقدمو هليو پئي، ته هوائي جهاز جي اغوا ۾ سندن
به هٿ هو. اهو اهڙو الزام هو، جنهن جي سزا موت ٿي
سگهي پئي. ضياءَ جي ”فوجي انصاف“ جي اها خاصيت
هئي، ته پاڪستان اندر يا پاڪستان کان ٻاهر ٿورڙن
ماڻهن کي به پتو نه هوندو هو، ته ڪو ڪيس هلي به
پيو يا وري جوابدارن خلاف جيڪڏهن ڪو ثبوت هو به
ته، اهو ڪهڙو هو.
مون کي ناصر بلوچ جي گرفتاريءَ جي خبر 1981ع ۾ سکر
جيل ۾ اُتي جي سپرنٽينڊنٽ ٻڌائي هئي. ناصر بلوچ ۽
سندس ساٿي جوابدارن کي فوجي عدالت ۾ آڻڻ ۾ ٻه
ورهيه لڳي ويا هئا. صدارتي حڪم نمبر 4 مطابق، نه
رڳو ڪو شخص اوستائين ڏوهاري هو، جيستائين اهو
بيڏوهي ثابت نه ٿيو هو، پر سرڪاري ڳُجهي قانون هيٺ
عدالت جي ڪارروائيءَ ظاهر ڪرڻ جي پڻ منع هئي.
مونکي هنن جي مقدمي جي رُڳو تڏهن خبر پئي، جڏهن
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مون وٽ ناصر بلوچ وٽان هڪ چِٺي
آئي هئي، جيڪا جيل جي هڪ همدرد پهريدار لِڪائي مون
تائين پهچائي هئي.
”فوجي عدالت جو اسان سان ايترو ته ساڙ آهي، جو
اڳواٽ ئي ٻڌايو ويو آهي ته اسين جيئري ئي قبر ۾
دفنائجي ويا آهيون.“ هن مون ڏانهن مئي 1983ع ۾
لکيو هو. ”اٺن ڪلاڪن تائين ڪارروائي هلندي، اسان
کي خاص ڳالهين کي لکڻ جي اجازت نه آهي، ۽ نه پاڻي
پيئڻ جي. گڏوگڏ ڪاڪُوس ۾ وڃڻ ۽ نماز پڙهڻ جي به
موڪل نه آهي. اسان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾
ٻيڙيون پيون آهن. جڏهن اسان جي بچاءَ جو وڪيل
عدالت ۾ حاضر ٿي نٿو سگهي، ته ڪارروائي اهو چئي
هلائي وڃي ٿي، ته اسان کي رُڳو جوابدار ۽ فريادي
گهرجن،“ هن جو مقدمو فيبروري 1984ع تائين به پورو
ڪونه ٿيو هو.
مون کي هڪ ٻئي مزدور اڳواڻ اياز سمون جي پڻ ڳڻتي
هئي، جنهن کي ڊسمبر 1983ع ۾ صدر ضياءَ جي سياسي
حمايتيءَ جي قتل جي ڪُوڙي تهمت هيٺ جهليو ويو هو.
هن جو مقدمو فوجي عدالت ۾ هلڻو هو. پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي راءِ مطابق ناصر بلوچ وانگر اياز سمون
کي به ان ڪري جهليو ويو هو، ته جيئن ڪراچيءَ جي
صنعتي شهر ۾ مزدورن جي هلچل کي چيڀاٽي سگهجي. ناصر
بلوچ جي مقدمي وانگر اياز سمون تي لڳل الزام جي
سزا به موت هئي. اسان کي ڪجهه ڪرڻو هو ۽ تڪڙو.
جڏهن آئون هنڌ ۾ اٿي ويهڻ جهڙي ٿيس، تڏهن جيل ۾
ورتل پنهنجن يادداشتن ۽ پاڪستان مان اسان جي
همدردن جي موڪليل بيانن پٽاندر، مون ٻين سياسي
سختين جي فهرست جوڙڻ شروع ڪئي. ايمنسٽي انٽرنيشنل
کي ڄاڻ پهچائڻ جي اهميت جي خبر مونکي پوءِ پئي
هئي، جڏهن انساني حقن جي ان اداري جڳ مشهور
پاڪستاني وڪيل رضا ڪاظم لاءِ عالمي عوامي راءِ کي
سجاڳ ڪيو هو. رضا ڪاظم کي سندس اباڻي شهر لاهور
مان جهليو ويو هو ۽ وٽانئس پوءِ ڪوبه اطلاع ڪونه
مليو هو. ايمنسٽي ان سلسلي ۾ ”تڪڙي ڪارروائي“ جو
سڏ ڏنو، جنهن تي مغربي ملڪن جي سڀني اخبارن لکيو
هو.
”پاڪستان ۾ لاهور شهر جي رضا ڪاظم جو تازو وڃائجڻ
ڀوائتو مثال آهي،“ مارچ ۾ ’نيشن‘ اخبار جي مضمون
ذريعي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو
ڏڪائيندڙ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ويو هو. ”… آمريڪا هر
ورهيه پاڪستان کي 525 ملين ڊالرن جي فوجي ۽
اقتصادي امداد ڏئي ٿو، پر ان ملڪ بابت ڏاڍي اَڍنگي
لاپرواهي ڏيکاري آهي… شايد سيڪريٽري آف اسٽيٽس
آمريڪا جي ان قانون کي وساري ڇڏيو آهي، جيڪو
ٻاهرئين امداد بابت آهي ۽ جنهن جو هڪ حصو هن ريت
آهي ته ”ڪنهن به ملڪ جي اُن حڪومت کي امداد نه ڏني
وڃي… جيڪا لاڳيتو عالمي طرح منظور ٿيل اهڙن انساني
حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي رهي ٿي: جهڙوڪ: اذيت ڏيڻ … تهمت
کانسواءِ ڊگهي نظربنديءَ ۾ رکڻ ۽ ڪنهن فرد جي
زندگي، آزادي ۽ سلامتيءَ جي حقن جي ضمانت ڏيڻ کان
انڪار.“
اهو مضمون بلڪل صحيح وقت تي ڇپيو هو ۽ مونکي مارچ
۾ واشنگٽن جي ”عالمي امن لاءِ ڪارنيگي ٽرسٽ“ ۾
تقرير جي دعوت ڏني وئي. مون پاڻ سان سياسي قيدين
بابت ڪاغذن جا ڍير ۽ پنهنجو ايڊريسن جو پراڻو ڪتاب
کنيو ۽ ياسمين سان گڏجي آمريڪا رواني ٿي ويس.
هڪڙي ڏينهن صبح جو آئون ڪانگريس جي عمارت ۾ ڪمرن
اڳيان پئي ويس. هارورڊ جي شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾
آمريڪا جي جمهوريت جو فائدو وٺندي آئون واشنگٽن
وئي هيس، جتي مون ويٽنام جي جنگ ۾ آمريڪا جي ڪردار
خلاف احتجاج واريءَ مهم ۾ حصو ورتو هو. هينئر وري
آئون پنهنجي ئي ملڪ ۾ جمهوريت جي موت خلاف احتجاج
ڪرڻ آئي هيس. پهرئين ڀيري مون ڪونه ڳالهايو هو، جو
ڊپ هو ته متان پرڏيهي شاگردياڻي هجڻ سبب سياسي
سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي مونکي ملڪ نيڪالي ملي. هاڻي
مون ڀانئيو ته آئون گهڻو ڪونه ڳالهائي سگهي هيس.
آئون هڪ هفتي تائين انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي
خاتمي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ واريءَ
گهُرج تي لاڳيتو ڳالهائيندي رهيس- جن ۾ سينيٽر
ايڊورڊ ڪئنڊيءَ ۽ سينيٽر ڪليبورن پيل به شامل هو،
جنهن جا مون ٿورا مڃيا، جو هن منهنجي آزاديءَ لاءِ
ڪوشش ڪئي هئي، ۽ هر ان سان به ڳالهائيندي رهيس،
جيڪو منهنجي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ مونکي مليو ٿي.
ڪئپيٽل هل تي ٻين سان ملاقت لاءِ پيٽر گئلبريٿ
منهنجي مدد ڪئي. ڪئليفورنيا جي سينيٽر ايلن
ڪرينسٽن، نيويارڪ جي ڪانگريس مئن اسٽيفن سولارز،
اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميمبرن، نيشنل سيڪيورٽي
ڪائونسل جي صلاحڪارن سان مون گڏجاڻيون ڪيون. مون
اڳوڻي اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ سان به ڳالهايو،
جيڪو بابا جي مقدمي جي ڪارروائي ٻُڌڻ لاءِ
پاڪستان آيو هو. مون سينيٽر مڪگورن سان به
ڳالهايو، جنهن جي مون هارورڊ ۾ پڙهڻ وقت مدد ڪئي
هئي. هاڻي مونکي اميد هئي، ته پاڪستان ۾ انساني
حقن جي بحاليءَ لاءِ هو منهنجيءَ ڪوشش جي پٺڀرائي
ڪندو.
واشنگٽن ۾ قانون ٺاهيندڙ مجلس جي ميمبرن اڳيان
پاڪستان جو مسئلو اڳواٽ ئي موجود هو. 1981ع ۾
پاڪستان لاءِ 2. 3 بلين ڊالرن جي آمريڪي امداد
منظور ٿي هئي، جنهن کي گهٽائڻ جو اُلڪو هو، ڇو ته
پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي تصديق ڪانه ٿي هئي.
ماضيءَ ۾ ان مسئلي تي سينيٽ ۾ بحث ٿيو هو، ته
پاڪستان کي اها امداد ڏيڻ لاءِ اهو نه ڏٺو وڃي ته
وٽس ”ايٽم بم“ آهي، بلڪ اها ڳالهه سامهون رکي وڃي،
ته اُن بم جي آزمائش به ڪئي وئي آهي يا نه. 1984ع
۾ منهنجي اتي پهچڻ وقت سينيٽر جان گلن ۽ سينيٽر
ايلن ڪرينسٽن هڪ ترميم ذريعي اهو شرط ختم ڪرايو ۽
فيصلو ٿيو ته پاڪستان کي اها امداد اُن وقت ڏني
ويندي، جڏهن آمريڪا جو صدر پاڻ لکيت ۾ تصديق ڪندو،
ته پاڪستان وٽ ”ائٽمي هٿيار“ نه آهي، ۽ نه وري ان
کي ٺاهڻ ۽ سندس تجربي لاءِ اهڙو سامان ماڻيو آهي.
28 مارچ تي فارين ريليشنس ڪميٽي اها ترميم يڪراءِ
منظور ڪئي.
آئون ائٽمي معاملي تي بحث لاءِ واشنگٽن وئي هيس.
فارين ريليشنس ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر چارلس
پرسيءَ سان ملاقات وقت آئون ان اوچتي حملي لاءِ
بلڪل تيار ڪونه هيس، جڏهن هن مون کان پڇيو هو ته،
ڇا آئون ائٽمي معاملي سبب امداد کي گهٽائڻ جي حق ۾
هيس. ”سينيٽر، امداد کي گهٽائڻ سبب اسان جي ٻن
ملڪن وچ ۾ رڳو غلط فهميون ٿينديون،“ پل کن جي هٻڪ
کان پوءِ مون کيس چيو. ”اسان جي ٻنهي ملڪن جي
ڀلائي اُن ۾ آهي ته امداد ڏيڻ لاءِ اهو شرط وڌو
وڃي، ته پاڪستان ۾ انساني حق ۽ جمهوريت کي بحال
ڪيو ويندو.“ اهو ٻُڌي سينيٽر پرسي، جيڪو بابا کي
سڃاڻيندو هو، مُرڪي ڏنو ۽ اُن راءِ تي هن منهنجا
ٿورا مڃيا. آئون هڪ ٻيءَ گڏجاڻي ۾ وڃڻ لاءِ رواني
ٿيس.
انهن ملاقاتن وچ ۾ آئون فارين رليشنس ڪميٽيءَ ۾
پيٽر گلئلبريٿ جي آفيس ۾ ويس. ”تون ڏاڍو تڪڙو
ڳالهائين ٿي.“ پيٽر مونکي سيکاريندي چيو. ”تون
آهستي ڳالهاءِ. هڪڙي ڳالهه تي زور ڏي.“ مون هن جي
هدايت تي پُورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ
اڪيلائيءَ جي ڪيترن ئي ورهين کان پوءِ ماٺ جي انهن
ورهين ۾، جتي لفظن کي گهٽي روڪيو ويو هو. اُهي
ڇلڪي ٻاهر نڪري آيا هئا. ”بينظير ڀٽو ايئن ڳالهائي
ٿي، ڄڻ کيس وري وجهه نه ملندو … هن جي آڻچٽي
برطانوي لهجي ۾ جملا تيزي سان ٻاهر نڪرن ٿا، جن جي
ڏاڍي سٺي سهيڙ هجي ٿي، پر اهي هُن جي واتان هڪ ٻئي
پٺيان ڊوڙندا نڪرن ٿا، جن سان گڏ سنديس هٿ ڏڪن ٿا،
جيڪي شفاف پيشانيءَ کي ڇهندا وارن کي ٺاهين ٿا.“
ڪارلا هال بلڪل صحيح لکيو هو. مون ايئن ٿي ڳالهايو
ڄڻ مونکي وري وجهه نه ملندو. ۽ آئون هڪدم گهٻرائجي
به ويندي هيس. منهنجو حافظو نظربنديءَ جي ورهين
کان اڳ تيز هوندو هو. سو هاڻي ڪمزور ٿي ويو هو.
آئون اڪثر تاريخن ۽ نالن ۾ مُنجهي پوندي هيس. ڪڏهن
اهي مونکي ياد هوندا هئا، ته ڪڏهن مون کان وسري
ويندا هئا. آئون اڃا تائين پاڻ کي ماڻهن وچ ۾ بي
آرام ڀانئيندي هيس. جيتوڻيڪ آئون ڪوشش ڪندي هيس،
ته گهڻي ۾ گهڻن سرڪاري عملدارن ۽ صحافين سان ملان،
پر مونکي لڳو ته صحافين سان ملاقات وقت مونکي ڊپ
ٿيندو هو. هڪڙي ڏينهن سينيٽر ڪرينسٽن سان
ڳالهائيندي مون اوچتو ڀانئيو، ته منهنجا ٻئي ڳل
ڳاڙها ٿي ويا آهن. انهن جي گرمائش منهنجي سڄي
مُنهن تي پکڙجي وئي، جو منهنجي پيشانيءَ تي پگهر
جا قطرا نڪري آيا. ”تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه.“
هن ڳڻتيءَ وچان پڇيو. ”ها، ها آئون بلڪل ٺيڪ
آهيان.“ مون کيس اطمينان سان چيو.
ڪارنيگي ٽرسٽ ۾ تقرير واريءَ رات آئون خاص گهٻرايل
هيس. مونکي ٻُڌڻ لاءِ اتي رياست ۽ بچاءَ کاتي جا
عملدار، ڪانگريس جا ميمبر، اڳوڻا سفير ۽ صحافي
موجود هئا. اُن وقت مغرب جي اخبارن ضياءَ کي
لاڳيتو ”سڄڻ آمر“ ۽ هڪ اهڙو شخص پئي ڄاڻايو، جنهن
پاڪستان ۾ ”استحڪام“ آندو هو. هاڻي اُهو ذمو
منهنجو هو، ته آئون ضياءَ جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين
کي پڌرو ڪريان ۽ مرڪزي فوجي راڄ سبب پاڪستان جي
استحاڪم کي اڳتي هلي جيڪي جوکا رَسڻا هئا، تن تي
ڳالهايان. اهڙيءَ ريت اتي موجود اثرائتا ميمبر
ضياءَ تي زور آڻي ٿي سگهيا، ته اسان جي سياسي
قيدين کي آزاد ڪري، آزاد چونڊون ڪرائي ۽ پاڪستان ۾
جمهوريت بحال ڪري. هنن جي اُها مدد وڏي اهميت واري
هئي.
”ڌيرج ڌر“ مون پاڻ کي تنهن وقت هدايت ڪئي، جڏهن
آئون تقرير واري ٿَلهي ڏانهن وڌيس. ”کڻي سمجهه ته
تون آڪسفورڊ يونين ۾ آهين.“ پر آئون سانت ۾ رهي نه
سگهيس. آڪسفورڊ يونين ۾ جيڪي تقريري مقابلا ٿيندا
هئا، سي ذهانت جون جنگيون هونديون هيون. هاڻي مون
پنهنجي ذهن تي هزارن سياسي قيدين جي زندگيءَ جو ۽
پنهنجي ملڪ جي سياسي آئيندي جو بار ڀانئيو، ”جنرل
ضياءَ جي ناجائز حڪومت کي جيڪا هٿي ڏني وئي آهي،
تنهن سبب پاڪستان ۾ اسين ڏاڍا پريشان ۽ ناراض
آهيون.“ مون اُن معزز ايوان کي ٻڌايو. ”جنگي
معاملن بابت اوهان جي ڳڻتي جو اسين قدر ڪريون ٿا،
پر اسين اوهان کي اهوئي چونداسين، ته پاڪستاني
عوام کان مُنهن نه موڙيو.“
تقرير ڪندي وچ ۾ مون ايوان ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو
۽ ڀُلجي پيس. سڄي ايوان ۾ ماٺار هئي ۽ آئون
مايوسيءَ وچان پنهنجن ڪاغذن کي اُٿلائڻ لڳيس. اهو
مون ڪيئن ڪيو؟ دل چيو ته زمين ڦاٽي پوي ته جيڪر
آئون منجهس سَمائجي وڃان. مون هر ممڪن ڪوشش ڪري
پاڻ ۾ خود اعتماديءَ آندي ۽ تقرير ٻيهر شروع ڪئي.
اتي حڪومت جا جيڪي وڏا عملدار ويٺا هئا، تن کي مون
چيو ته، آمريڪي امداد انساني حقن جي بنياد تي ڏيو.
سوال جواب واري اجلاس ۾ مون اطمينان سان ڳالهايو.
۽ تقرير کان پوءِ تاڙين جي آواز ۾ آئون پنهنجي
جاءِ تي وڃي ويٺيس. هاڻي منهنجو وجود اهو اڳوڻو
ڪونه هو، پر اُن لاءِ مونکي سخت ڪوشش ڪرڻي پئي
هئي.
واشنگٽن مان آئون ۽ ياسمين نيويارڪ ويونسين.
پاڪستاني سفارتخاني کي اچرج ۽ ڊَپ ٿيو، جڏهن
’ٽائيم‘ رسالي جي ايڊيٽرن نيويارڪ ۾ ٽائم- لائف
عمارت ۾ مونکي ملاقات جي دعوت ڏني. پاڪستان جي
مخالف ڌر جي آئون پهرين اڳواڻ هئس، جنهن کي پهريون
ڀيرو اهڙي دعوت ڏني وئي هئي. پر ٻيو ته منهنجي
حيثيت بهتر هئي. هارورڊ ۾ والٽر اساڪسن به مون سان
گڏ پڙهندو هو، جيڪو هينئر ’ٽائيم‘ جو ايڊيٽر هو.
مون هن کي واشنگٽن مان فون تي چيو هو، ته هو اهڙي
گڏجاڻي جو انتظام ڪري، آئون جڏهن ياسمين سان گڏ
’ٽائيم لائف‘ عمارت ۾ پهتيس، ته اُتي ٿوري ڦڙڦوٽ
پئجي وئي.
اسان جي لفٽ جڏهن ستيتاليهين طبق تي پهتي ۽ اسين
ماني کائڻ واري خانگي ڪمري ۾ ويونسين، ته اتي جيڪي
ايڊيٽر ويٺل هئا، سي اسان کي ڏسي وائڙا ٿي ويا.
مونکي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي آيو ته ڇا ڪجي ۽ مون
سمجهيو هو ته اسين ڪنهن غلط جاءِ تي پهتيون
هيونسين.
”ٻاهر اوهان سان والٽر ڪونه مليو؟“ ماٺ جي اُن
ماحول ۾ ڪنهن چيو. ”هو هيٺ اوهان جو اوسيئڙو پيو
ڪري.“
”مون هن کي ڪونه ڏٺو.“ مون وراڻيو.
”پر اوهان چوڪيدار کان نطر بچائي هتي ڪيئن پهتيون
آهيو؟“
”ضياءَ جي پاڪستان ۾ اوهان کي اهڙي سِکيا ملي
ويندي.“ مون مُرڪندي چيو.
ٻنپهرن جي مانيءَ تي انهن ايڊيٽرن مون کان ايترا
ته سوال پڇيا، جو مونکي انهن جي لذيذ کاڌن کائڻ جو
وجهه ئي ڪونه مليو، جيڪي هارورڊ ۾ پڙهڻ واري زماني
کان منهنجا وڻندڙ کاڌا هوندا هئا. ”پاڪستان کي
جيڪا آمريڪي امداد ڏني وڃي ٿي، تنهن لاءِ ڪيترائي
پاڪستان سمجهن ٿا ته اها ضياءَ لاءِ آهي.“ مون هنن
کي ٻڌايو، ”اوهين سڀيئي صحافي اوڏانهن ڌيان ڇڪائي
اُن غلط فهميءَ جي خاتمي ۾ مدد ڪري سگهو ٿا.
پاڪستان ۾ جيڪي سياسي قيدي آهن، تن لاءِ اوهان جا
بيان سندن زندگي بچائي سگهندا.“
آمريڪا ۾ اسان جي ٻن هفتن جي رهائش ۽ لنڊن ڏانهن
واپسيءَ جي وقت تائين مونکي اتي جيڪا شهرت ملي،
تنهن جي مونکي اميد ئي نه هئي. 3 اپريل تي سينيٽ
فارين رليشنس ڪميٽي آمريڪي امداد بابت پنهنجي
اڳوڻي يڪراءِ فيصلي کي ڦيرائيندي، ائٽمي گهُرجن
خلاف سخت موقف اختيار ڪيو، ۽ هنن هڪ نئين ترميم
منظور ڪئي، جنهن مطابق پاڪستان کي ان شرط تي امداد
جاري رکي وئي، ته صدر اهڙي تصديق ڪندو ته پاڪستان
وٽ ڪوبه ايٽم بم ڪونهي ۽ ٻيو ته آمريڪي امداد سبب،
”اهو جوکو به گهٽجي ويندو ته پاڪستان مستقبل ۾
ايٽم بم جي صلاحيت ماڻيندو.“ جيتوڻيڪ مونکي ان جي
اصل سبب تي شڪ هو، ڇو ته اها تبديلي ريگن انتظاميا
طرفان سخت دٻاءَ برابر هئي. پر سينيٽر پرسي منهنجي
سبب پنهنجي راءِ بدلائي هئي، جنهن جو هن مهرباني
ڪري کلي عام مڃيو به هو.
آئون جڏهن لنڊن موٽي آيس تڏهن مون باربيڪن ۾ هڪ
فليٽ ورتو، جيڪو سينيٽ پال ڪيٿڊرل لڳ هڪ قلعي جهڙي
عمارت ۾ هو. اتي مون پاڻ کي محفوط سمجهيو. هيٺ
ورانڊي ۾ سلامتيءَ جو اهڙو انتظام هو، جو اتي هر
ايندڙ ملاقاتي جو اڳواٽ ئي اعلان ٿيندو هو ۽
منهنجو ڏهين طبق وارو فليٽ پاڪستاني جاسوسن جي
پُهچ کان گهڻو پري هو. اُن عمارت ۾ ڊاڪٽر نيازي ۽
ياسمين جو به گهر هو ۽ سڄو ڏينهن اسين هڪ ٻئي جي
گهر ۾ پيا ايندا ويندا هئاسين.
تُرت انگلينڊ ۽ ٻاهرين ملڪن جي ٻين حصن لاءِ
باربيڪن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حقيقي مرڪز بڻجي
ويو، جتان حُڪم نڪرڻ لڳا. فليٽ ۾ تُرت پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي شاخن جي فائيلن جا انبار گڏ ٿي
ويا، جيڪي آمريڪا، فرانس، ڪينيڊا، جرمني،
سئٽزرلينڊ، ڊينمارڪ، سوئيڊن، آسٽريا، آسٽريليا،
سعودي عرب، بحرين ۽ ابوظهبي ۾ هيون. اتي پاڪستاني
رضاڪارن جو سچار ۽ ايماندار عملو ڦُڙتيءَ سان ڪم
ڪرڻ لڳو. انگلينڊ ۾ رهندڙ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ
سمبلينا ٽائپ جو ڪم ڪندي هئي. جلاوطن سرگرم رڪن
شاگردياڻي ناهيد ٽيليفون جا جواب ڏيندي هئي ۽ صفدر
عباسيءَ جي مدد ڪندي هئي، جيڪو قانون جو شاگرد هو
۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو
ڪميٽيءَ جي ميمبر ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ جو پُٽ هو.
هو پاڪستان مان آيل خطن جا جواب ڏيندو هو. بشير
رياض جنهن بابا جي حياتي بچائڻ جي مهم هلائڻ ۾
منهنجن ڀائرن جي مدد ڪئي هئي، اسان جو اخباري
عيوضي هو ۽ اخبارن ۾ اسان جا بيانَ ۽ انٽرويو
ڇپائڻ جو بندوبست ڪندو هو. اُن گروهه ۾ ڊاڪٽر
نيازي به شامل ٿي ويو، ۽ هن هڪ ٻئي جلاوطن صفدر
همداني ۽ سُڌسماءَ کاتي جي اڳوڻي وزير مسٽر نسيم
احمد سان گڏجي اهو انتظام ڪيو، ته جيئن اسان بابت
ڄاڻُ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن تائين پهچي.
ياسمين سدائين جيان هر ڪم ڪيو ۽ مدد ڪئي. اسان
فليٽ جي هڪ سُمهڻ واري ڪمري ۾ دفتر ٺاهيو، جتان
اسان پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مسئلي تي
خط لکڻ ۽ رپورٽون ڪڍڻ لڳاسين.
اسان گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، انساني
حقن لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس ايليٽ ابرامس،
پرڏيهي ملڪن جي وزيرن، وڪيلن جي انجمنن ۽ واپارين
جي عالمي ادارن ڏانهن سياسي قيدين جون تصويرون،
سندن مقدمن جا تفصيل ۽ خط موڪلي ڏنا. اسان برطانيا
جي پارليامينٽ جي ميمبرن سان گڏجاڻيون ڪيون.
ايمنسٽي انٽرنيشنل وارن سان ملياسين ۽ عالمي
اڳواڻن جي عيوضين سان سندن سفارتخانن معرفت ملاقات
ڪئيسين. ناصر بلوچ جي زندگي بي يقيني ۾ ڦاٿل هئي.
ساڳي طرح ڪيترن ٻين جي به اهائي حالت هئي، پر اسين
ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويا هئاسين.
پاڪستان ۾ هر هنڌ وڪيلن جي انجمنن جي احتجاج
کانپوءِ به ٽن نوجوانن کي، جن تي هڪ پوليس واري کي
قتل جي ڪُوڙي تهمت هئي، خاص عدالت ۾ ڳجهي طرح
مقدمو هلائي، آگسٽ ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي. ”جيڪڏهن
يورپ ۽ اتر آمريڪا جا سياسي حلقا ۽ اخبارون انهن
ٽن نؤجوانن ۽ ٻين هزارن قيدين جي قسمت ۾ چاهه
ڏيکارين ها، ته هوند اهي تازا قتل نه ٿين ها.“ مون
حڪومتن ۽ اخبارن جي ميمبرن کي لکيو، جن جو تعداد
اسان جي فهرست ۾ وڌندو پئي ويو. ”مغربي ملڪن کي
گهرجي ته اُهي پنهنجو اثر وڌائين ۽ آواز اُٿارين،
ته جيئن انهن سياسي قيدين جون حياتيون بچائي
سگهجن، جيڪي ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺا آهن … مهرباني
ڪري هن سچائيءَ جي سڏ تي تڪڙو ۽ اثرائتو قدم کڻو.“
انهيءَ تي پارليامينٽ ۾ مزدور جماعت جي هڪ ميمبر
ٽوني بين لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي هڪ احتجاجي
خط لکيو. هن مون ڏانهن اُن جو نقل ۽ حڪومت جي
عيوضي انفرميشن منسٽر قطب الدين عزيز وٽان آيل
جواب به موڪليو. ”مس ڀٽو جي ان الزام ۾ ڪابه سچائي
ڪانهي، ته پاڪستاني جيلن ۾ چاليهه هزارن کان به
وڌيڪ قيدي بند آهن ۽ جن جي حالت خراب آهي.“ قطب
الدين عزيز لکيو. ”پاڪستاني جيلن ۾ قيدي برابر
آهن، جيئن ڪنهن به ٻئي ملڪ جي جيلن ۾ هجن ٿا، پر
اُهي قيدي سزا سبب بند آهن يا وري مٿن ڏوهي هجڻ جو
شڪ آهي. اسان جي ملڪي جيلن جون حالتون ڪيئي
اُسرندڙ ملڪن جي جيلن کان وڌيڪ خراب ڪونهن…
جيتوڻيڪ پاڪستان جي حڪومت انهن تي سختي ڪري ٿي،
جيڪي دهشتگردي ۽ قتل جا ڏوهي آهن، پر اها هر هڪ جي
معاملي ۾ قانون مطابق عمل ڪري ٿي.“ حڪومت جي اُن
عيوضي پاڪستان جي وڪيلَ انجمنن جي اُن لاڳيتي
احتجاج جو ذڪر ڪونه ڪيو، جيڪو ضروري قانوني
ڪارروائيءَ جي کوٽ سبب اُنهن ڪيو پئي.
اسان کي جڏهن شڪ ٿيو يا پڪ ٿئي پئي، ته ضياءَ جي
فوجي عدالتن موت جي سزائن ڏيڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن
اسان سڀني گهڻي محنت ڪئي ٿي. اسين لفافا، ٽڪليون ۽
خطن جا ٿَها آفيس مان ڪڍي رهڻ واري ڪمري ۾ آڻي،
اتي رات ڏينهن لفافن تي ائڊريسون هڻي، کيس بند ڪري
ٽپال ۾ موڪليندا هئاسين. جيڪي رضاڪار اسان سان گڏ
روزانو ڪم ڪندا هئا، تن ۾ ٻيا رضاڪار به شريڪ ٿيا
جهڙوڪ پاڪستاني فوج جو اڳوڻو ميجر ۽ پوليس جو
سپرنٽيندنٽ، جيڪي اُن وقت اتي جلاوطن هئا. ڪم تڪڙو
اُڪلائڻ لاءِ چانهه ۽ ڪافيءَ جا بيشمار ڪوپ پيتا
ويندا هئا. ضياءَ مشاهدو ڪندڙ ٻاهرين ماڻهن کي ملڪ
۾ اچڻ کان لاڳيتو انڪار پئي ڪيو، ته جيئن پنهنجي
ظلم کي دنيا کان لڪائي سگهي. اسان هن جي انهن
ڏاڍاين جي پڌرائيءَ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ قيدين
طرفان دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جو سڏ ڏنو.
هڪ سياسي قيديءَ جي گرفتاريءَ ۽ انهن حالتن بابت،
جن هيٺ کيس جهلي مٿس مقدمو هلايو پئي ويو، تنهن جي
اسان وٽ خاص ڄاڻُ ۽ دستاويزي ثبوت هجڻ لازمي هو.
اڪثر اهي ماڻهو جن وٽ صحيح ۽ مڪمل تفصيل هئا، سي
پاڻ ئي قيدي بڻيل هئا.
ڏاڍي ڏکيائيءَ کان پوءِ اسان ماڻهن جو ڳجهو ڄار
جوڙيو، جن جيلن مان اسان ڏانهن تفصيل موڪلڻ شروع
ڪيا. قيدي سوالنامن جا فارم ڀري، لِڪ ڇپ ۾ اسان
ڏانهن لنڊن ۾ موڪلڻ لڳا. اسان جيل جي همدرد عملي
کان ڪم ورتو. محفوظ گهرن ڏانهن خط اماڻيا. پاڪستان
مان ايندڙ ماڻهن سان رابطو ڪيو، جن جا مائٽ جلاوطن
هئا. هوائي ڪمپنيءَ جي همدرد عملي جي مدد ورتي ۽
ڪي خط ابوظهبيءَ ۽ سعودي عرب موڪليا ويا، جتان وري
اتي جي ٽپال کاتي ذريعي اهي پاڪستان ويندا هئا، ته
جيئن حڪومت جي اَکُ کان بچي سگهن. پوءِ اسان وٽ
ڄاڻُ اچڻ شروع ٿي. ڪراچي سينٽرل جيل مان لاڙڪاڻي
جي ٽيويهن ورهيه ڄمار جي شاگرد سيف الله خالد جو
هٿ اکر خط پهتو. هو ناصر بلوچ ۽ ٻين سان گڏ تُهمتي
هو. ان خط جي تفصيل مطابق هن کي سندس ”سياسي
ويچارن“ سبب 1981ع ۾ جهليو ويو هو ۽ پُڇا ڳاڇا وقت
مٿس سخت ڏاڍ ڪندي چيو ويو هو ته، ’هوائي جهاز اغوا
جي ڏوهه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ کي به
ڦاساءِ.‘ ٻين سڀني سياسي قيدين جيان هن کي پڻ هڪڙي
جيل مان ڪڍي ٻئي جيل ۾ موڪليو ويو هو ۽ ڪيترن
مهينن تائين بيدريافتو رکيو ويو هو.
”مون کي ٻه ڏينهن ارزولي جيل ۾ رکيو ويو هو. هڪ
هفتي تائين اڻڄاڻ هنڌن تي، چار ڏينهن بالاحصار
قلعي ۾، وارسڪ ڪئنٽومينٽ ۾ ڏهه ڏينهن، هڪ ڏينهن
پشاور سينٽرل جيل ۾، ڇهه ڏينهن فيڊرل انويسٽگيشن
ايجنسي ڪراچي ۾، هڪ مهينو سينٽرل انٽيليجينس
ايجنسي سينٽر ڪراچي ۾، هڪ مهينو بلديا ايذاءُ گهر
ڪراچي ۾.“ هو علم سياسيات جو شاگرد هو، جيڪو
پنهنجي گرفتاريءَ کان ٽي ورهيه پوءِ به اڃا تائين
جيل ۾ پيو هو. ۽ هن کي ڊپ هو ته کيس موت جي سزا
ملندي. هينئر هو ڪراچي سينٽرل جيل ۾ بند هو، جتان
هن لکيو هو ته، ”مون کي ڏهن ڏينهن تائين سزا جي
ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو ۽ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا مونکي مار
ڏني ويندي هئي. پُڇاڻي وقت بلبن جي تيز روشني
منهنجي نطر ڪمزور ڪري ڇڏي، جنهن سبب منهنجي مٿي ۽
اکين ۾ لاڳيتو سور رهڻ لڳو. مونکي ٻيڙيون ٻڌي رکيو
ويو. جيل جي ڊاڪٽر تجويز ڏني هئي، ته مونکي علاج
لاءِ سول اسپتال موڪليو وڃي. ٽن مهينن کانپوءِ
آئون اتي هاڻي هرنيا جي آپريشن لاءِ آيو آهيان.“
ٻين ڪيترن ئي سياسي قيدين وانگر سيف الله خالد جي
زندگي به حڪومت جي هٿُ ۾ هئي. ”منهنجي ۽ مون سان
گڏ ٻين جوابدارن جي زندگي جوکي ۾ آهي، ڇو ته
فريادي موت جي سزا جي گهُر ڪئي آهي.“ ان شاگرد جي
خط جي پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ لکيل هو. ”آئون ايمنسٽي کان
اپيل ڪريان ٿو ته، اُهي ان معاملي کي کڻي اسان جي
زندگي بچائين.“
ناٽنگهام، گلاسڪو، مانچيسٽر، بريڊفورڊ. ”مون
انگلينڊ ۾ چؤڌاري ڦري پاڪستانين جي جماعتن سان
ڳالهايو ۽ پنهنجي مُهم کي وڌائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ
حمايت ورتي. جرمني ڊينمارڪ هر مهيني هڪ ڀيرو وري
امان کي ڏسڻ لاءِ سئٽزرلينڊ ڏانهن. آئون پاڻ سان
هر هنڌ قيدين جي فهرست کڻي ويندي هيس. مون ڊينمارڪ
۾ اڳوڻي وزيراعظم اينڪور جارجسين سان پڻ ملاقات
ڪئي، جيڪو بابا کي سُڃاڻندو هو، مون فرانس جي
سياسي اڳواڻن سان ڳالهايو، جرمني ۾ اتي جي گرين
پارٽي وارن سان گڏجاڻي ڪئي. مون ڏاڍي ڏک سان انهن
ٽن نؤجوانن جي نالن اڳيان ”شهيد“ لکيو، جن کي آگسٽ
۾ ڦاسي ڏني وئي هئي.
انگلينڊ ۾ هر ڀيري موٽي اچڻ سان مونکي ڊَپ وٺي
ويندو هو، ته اميگريشن وار واپس موڪلي ڇڏيندا. اُن
زماني ۾ برٽش اميگريشن وارا پاڪستانين کي هوائي
اڏي تي ويزا ڏيندا هئا، جيڪا رڳو هڪ ڀيرو اچڻ لاءِ
هوندي هئي. آئون جڏهن انگلينڊ ۾ پهريون ڀيرو پهتي
هيس، ته اميگريشن جي عملدارن پنجيتاليهه منٽ مون
کان سوال پڇيا، ته آئون ڪٿي رهنديس ۽ ڇا ڪنديس.
”آئون رُڳو سيلاني آهيان.“ مون هنن کي تنهن وقت ۽
پوءِ به هر ڀيري خاطري ڪرائي هئي ۽ آئون سُک جو
ساهه کڻندي هيس جڏهن اهي نيٺ منهنجي پاسپورٽ تي
ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا. پر تُرت ان ۾ ايترا ته
ٺپا لڳي چڪا هئا، جو منهنجي پاسپورٽ جا صفحا ئي
ختم ٿيل هئا. مون کي خبر هئي ته ضياءَ مون کي نئون
پاسپورٽ ڪونه ڏيندو. هر ڀيري اميگريشن جي عملدارن
جي سوالن پڇڻ وقت آئون دعائون گهرندي هيس ۽ کين
چتائيندي هيس، جڏهن اهي ٿلهي ڪاري ڪتاب ۾ منهنجي
نالي کي ڳوليندا هئا، ته جيئن اهي منهنجي دل جو
ڌڙڪو ٻُڌي نه وٺن. انهيءَ هوندي به سياسي قيدين جي
بچاءَ جي اُن مهم ۾ اسان گهڻي ترقي ڪئي هئي.
”منهنجو ارادو آهي ته پارليامينٽ ذريعي ۽ هر ٻئي
موقعي مان فائدو وٺندي برطانوي حڪومت تي زور رکان،
ته پاڪستان جي حڪومت کي چوي، ته اها سياسي مخالفن
خاص ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان سياسي مخالفت
ڪندڙن خلاف پنهنجيءَ موتمار مهم کي ختم ڪري.“
هائوس آف ڪامنس جي هڪ ميمبر ميڪس ميڊن نومبر ۾
مونکي لکيو. مون وٽ اليٽ ابرام جو پڻ جواب پهتو،
جيڪو آمريڪا ۾ انساني حقن لاءِ اسٽيٽ سيڪرٽريءَ هو
۽ جنهن کي مون ناصر بلوچ ۽ سيف الله خالد بابت
لکيو هو. ”شهرين خلاف فوجي عدالتن جي ناانصافي
وارين ڳجهين ڪارروائين بابت ۽ هن مقدمي جي سلسلي ۾
اهو پريشان ڪندڙ الزام ته جوابدارن کي سخت عذاب
ڏئي، اقرارناما صَحي ڪرايا ويا هئا، آئون اوهان جي
ڳڻتيءَ ۾ شريڪ آهيان.“ مسٽر ابرام لکيو ”… مهرباني
ڪري خاطري رکو ته پاڪستان ۾ اسان جا سفارتڪار انهن
مقدمن جو ڌيان سان اڀياس ڪندا رهندا.“
باربيڪن ۾ آئون روزانو صبح جو ستين بجي اُٿي فليٽ
جي صفائي ڪندي هيس ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئيندي هيس ۽
ڏينهن جو کاڌو رَڌيندي هيس. مهريءَ جي دال جا سادا
ٻوڙ رَڌڻ لاءِ اسٽوو تي چاڙهي ڇڏيندي هيس. بشير
رياض لنڊن جي پاڪستاني پاڙن مان اسلامي طريقي تي
حلال ڪيل گوشت ۽ ڪُڪڙيون آڻيندو هو. پوءِ دفتري ڪم
شروع ٿيندو هو. ٽپال تي ڏاڍو خرچ ايندو هو. آئون
ڪوشش ڪري خرچ سنڀاليندي هيس. منهنجن پئسن جو ٻه
ڀاڱي ٽيون حصو مسواڙ تي ويندو هو ۽ باقي ٽيليفون
جي بل، ٽپال وغيره تي خرچ ٿيندو هو، فليٽ کي
سينگارڻ لاءِ امان مونکي هڪ رقم ڏني هئي، جنهن مان
مون هڪ پراڻو غاليچو ورتو، رڌ پچاءَ جا ٿانوَ ۽
شيڊن سميت ڪجهه ليمپ به خريد ڪيا. آفيس ۾ جيڪو
سياسي ڪم پئي ٿيو، تنهن تي اها پئسا صحيح طرح خرچ
ٿيا هئا.
تُرت اسان پنهنجي اردوءَ ٻوليءَ ۾ مخزن ’عمل‘ جو
افتتاح ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه صفحا انگريزيءَ ۾ هوندا
هئا. اها مخزن هر مهيني عالمي ادارن پرڏيهي
سفارتخانن ۽ جلاوطن ماڻهن ڏانهن اماڻبي هئي، ته
جيئن اهي پاڪستان جي تازي صورتحال کان واقف ٿي
سگهن. رسالي جي ڇپائيءَ تي گهٽ خرچ ايندو هو. بشير
رياض اُن جو ايڊيٽر به هوندو هو، ته ان لاءِ
اشتهار به وٺندو هو، ۽ ناهيد وري ان جي خريداريءَ
لاءِ هر اُن ماڻهوءَ کي مجبور ڪندي هئي، جيڪو سندس
هٿ چڙهندو هو. اسان اهو رسالو لِڪ ڇپ ۾ پاڪستان
موڪليو، هو، جتي سرگرم ڪارڪن اُن جي ڪجهه حصن جا
تصويري نقل ڪرائي، پارٽيءَ جي همدردن ۾ ورهائيندا
هئا. اهي نقل جيلن ۾ به ويندا هئا، ته جيئن سياسي
قيدين کي خبر پوي، ته کين وساريو نه ويو هو. هنن
جي همت ۽ حوصلي وڌائڻ لاءِ ’عمل‘ اَملهه ثابت ٿيو
هو. قيدي رسالي جو قدر ڪندا هئا، پر حڪومت ان جي
سخت مخالف هوندي هئي.
”اڄ آئون ڪم تي ڪونه ايندس.“ اسان جي خوشنويس
اوچتو بشير کي فون تي چيو. ”ڇو؟“ بشير گهٻرائجي
پڇيو. خوشنويس کانسواءِ ’عمل‘ ڪيئن ٿي ڇپجي سگهيو.
ان وقت تائين اردو ڇپائيءَ پراڻي نموني ۾ ٿيندي
هئي. ”اوهان وٽ ڪم نه ڪرڻ لاءِ سفارتخاني مونکي
وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.“ خوشنويس مڃيو. وري
جڏهن پريس واري فون ڪري ٻڌايو، ته حڪومت هن تي به
دٻاءَ وڌو آهي، ته اسان ويچاريو ڄڻ ’عمل‘ جو آخري
ڏينهن اچي ويو هجي. پر اهو پريس وارو پارٽيءَ جو
همدرد نڪتو، جنهن نه رڳو حڪومت جو دٻاءَ مڃڻ کان
انڪار ڪيو، پر هو اها ڳالهه مڃڻ تي راضي ٿيو، ته
رات جو پريس هلائي اسان جو ڪم ڪندو. بشير لنڊن مان
نڪرندڙ پاڪستاني اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ خوشنويسن کي
مڃائڻ ۾ پڻ سوڀارو ٿيو ته اهي پنهنجي ڪم سان گڏ
اسان وٽ به ڪم ڪندا. جڏهن به حڪومت انهن مان ڪنهن
هڪ کي واپس وٺي ويندي هئي، ته بشير ڪنهن ٻئي کي هٿ
ڪري ايندو هو ۽ ايئن ’عمل‘ ڇپجندو رهيو.
پاڪستان ۾ ضياءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مارشل لا جون
ٻانهون کُنجڻ لڳو ۽ عوام کي چتاءُ ڏيڻ لڳو ته اهي
سندس چنبي ۾ ڦاٿل آهن. اسان اڃا ’عمل‘ ۾ ناصر بلوچ
سان جُٺين ۽ ڏُکيائين بابت مضمون پئي ڇپيا، ته
پاڪستان مان اسان وٽ اهي بدسؤڻ خبرون اچڻ شروع
ٿيون ته هن کي ۽ سندس ساٿي جوابدارن کي موت جي سزا
ڏني ويندي. انهن ڀوائتين اُلڪن جي تصديق 5 نومبر
1984ع جي ڏڪائيندڙ ۽ سرد هوا واري صبح جو ٿي، جڏهن
فوجي عدالت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي فتويٰ جو اعلان ڪيو.
ناصر بلوچ ۽ ٻين کي ”ڳچيءَ ۾ رسو وجهي مرڻ تائين“
سزا ڏني وئي هئي.
باربيڪن ۾ اسين وري هنگامي حالتن هيٺ ڪم ۾ جُنبي
وياسين ۽ موت جي سزا وارن انهن قيدين جي جان بچائڻ
لاءِ اسان عالمي جماعتن ڏانهن اپيلن پٺيان اپيلون
موڪليون. اسان جي ڪاوڙ ان وقت گهڻي وڌي وئي، جڏهن
پاڪستان مان اسان جي هڪ همدرد لڪ ڇپ ۾ اسان ڏانهن
ڳجها دستاويز موڪليا. جن مان پتو پيو ٿي، ته موت
جي انهن سزائن ۾ سنئون سڌو ضياءَ جو هٿ هو. انهن
دستاويزن مطابق فوجي عدالت پهرين رڳو ناصر بلوچ کي
موت جي سزا ڏني هئي، جنهن جو اطلاع سنڌ جي مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر کي ڏنو ويو هو ۽ هن ان تي ڪوبه
اعتراض نه ڪيو هو. پر اوچتو هن پنهنجو ارادو
ڦيرائي ڇڏيو ۽ فوجي عدالت کي حڪم ڏنو هو ته اها
”پنهنجي فيصلي تي ٻيهر سوچي.“ رُڳو ضياءَ، هن جو
عملدار ئي کيس پنهنجي ارادي کي ڦيرائڻ لاءِ حُڪم
ڏئي سگهيو ٿي.
ٻيو ته اسان وٽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي آفيس
جو اهو ڪاغذ به هو، جنهن تي هُن پنهنجي جوڙيل
عدالت جي ڏنل فتويٰ کان ”پورا ڏهه ڏينهن“ اڳ 26
آڪٽوبر تي موت جي انهن چئن سزائن جي تصديق ڪندي
صَحي ڪئي هئي. موت جي سزا هيٺ انهن ماڻهن جي اڳيان
رُڳو هڪ ئي راهه کليل هئي، ته اهي ضياءَ کي صدر
طور رحم جي درخواست ڪن. اها ڪهڙي نه واهيات ڳالهه
هئي، کين اُن ماڻهو کي عرض ڪرڻو هو، جنهن سندن موت
جي سزا جي اڳواٽ ئي تصديق ڪري ڇڏي هئي. |