ادا جي
شهادت
ڪٿي آهن سڀ؟ هنن کان وسري ويو ڇا؟ آئون جيئن نيس
جي هوائي اڏي تي اميگريشن وارن ڀرسان لنگهيس، ته
مون چؤڌاري اکيون ڦيرائي ڏٺو.
”واهه!“ هوائي اڏي جي عمارت جي هڪ ٿنڀي پٺيان ٽِپ
ڏئي پڌرو ٿي شاهنواز چيو. هن اڳتي وڌي مونکي ڀاڪر
پاتو. هن جون اکيون شرارت وچان پئي چمڪيون.
”ادا چيو ته اسين لِڪي بيهون.“ امان مُرڪي مونکي
چُمي ڏيندي چيو.
شاهه منهنجو سُوٽ ڪيس کنيو، پر هڪدم اهو هيٺ رکي،
روئڻ هارڪو ٿيندي هُن چرچي وچان چيو. ”گهوڙا ڙي!“
تو هن ۾ ڇا آندو آهي؟ سون آهي ڇا؟“ اسين سڀيئي ٽهڪ
ڏيندا هوائي اڏي مان ٻاهر نڪتاسين.
فرانس جي سامونڊي بندر تي هلڪي هوا ۾ کجيءَ جي وڻن
جون ٽاريون هوريان هوريان پئي جهوميون. گذريل
مهينن جي سخت پريشانيءَ کان پوءِ، گهر ڀاتين سان
ملاقات ڪري ڏاڍي سرهائي ٿي هئي. خاص ڪري منهنجي
شرير ننڍي ڀاءُ سبب، جيڪو سدائين وڏا ٽهڪ ڏيندو هو
۽ ڏاڍو کِلمُک هوندو هو. اسان سڀني ٻارن ۾ هو
مونکي وڌيڪ وڻندو هو ۽ اسان وچ ۾ هڪ خاص اُنس
هوندو هو. اهو هيءُ ته سڀني کان ننڍو هو ۽ آئون
سڀني ۾ وڏي هيس. مون پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ عورتن ۽
مردن کي شاهه ڏانهن اک ٽِيٽ ڪندي ڏسي مون مُرڪي
ڏنو. هُن جو بدن سَنهو ۽ ڪَسرتي هو ۽ مون ڏٺو ته
اسان ڀرسان لنگهندڙ سڀني کيس ساراهيندڙ نظرن سان
ٿي ڏٺو.
شاهه ۽ امان ڪار جي اڳين سِيٽن تي ٿي ويٺا ۽ آئون
پٺيان ٿي ويٺيس ۽ پوءِ اسان جي ڪار تيز رفتاريءَ
سان ڪينس ڏانهن رواني ٿي. شاهه ڳالهائڻ بند ئي
ڪونه ٿي ڪيو. هن مٿي آئيني ۾ ڪڏهن مونکي ٿي ڏٺو،
ته وري ڪڏهن اڳيان رستي ڏانهن. هن جي ڊگهن ۽
گهاٽين پنبڻين هيٺيان سندس اکيون پئي چمڪيون ۽
سونهري وار پئي اُڏاڻا. ڪَلف لڳل قميص ۽ پتلون ۾
هو موهيندڙ ۽ ڦُڙت ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
هن کي اهڙو نؤبنو ڏسي مونکي ڏاڍو سُڪون مليو.
انگليند ۾ اچڻ کان پوءِ ڏيڍ ورهيه جي عرصي ۾
ٿورڙين ملاقاتن ۾ مون هن کي بدن ۾ لٿل ڏٺو هو. پر
هينئر پهريون ڀيرو هُو مون کي ڀريل بُت جو ڏسڻ ۾
آيو هو، جيئن آئون پاڻ به بُت ۾ ڀرجي وئي هيس.
هاڻي هن کي پاڪستان ۾ منهنجي نظربنديءَ بابت ڪابه
ڳڻتي نه هئي، نه وري مونکي هن ۽ مير لاءِ ڪو اُلڪو
هو. گهڻي وقت کان الذوالفقار طرفان نه ڪا ڪارروائي
ٿي هئي، ۽ نه وري اهڙي ڪا دعويٰ ڪيل هئي. تنهنڪري
مونکي لڳو ته اسان جي خاندان کي هڪدم ڪوبه اهڙو
جوکو ڪونهي. ڪينس جي اُس ۾ وهنتل سامونڊي ڪنارن
کان ضياءَ گهڻو پري هو، جتي هينئر شاهه پنهنجي زال
ريحانا سان رهندو هو. ڪار ۾ اسان سياست بابت نه،
پر انبن بابت ڳالهيون ڪيون.
”ڀلا تو اسان لاءِ ڪهڙا انب آندا آهن؟“ شاهه آئيني
۾ مون ڏانهن ڏسندي چيو. ”اسين ٻن هفتن کان سندن
اوسيئڙي ۾ آهيون.“
”سنڌڙي“ مون چيو. ”جيتوڻيڪ مونکي چَؤسا وڌيڪ وڻن
ٿا، اهي ننڍا ۽ وڌيڪ مِٺا به ٿين ٿا.“
”واهه! سنڌي هوندي سنڌڙي توکي پسند ڪونهن؟“ هن
مونکي ٽوڪ هڻندي چيو. ”ڇا توکي پڪ آهي ته تون سنڌ
جي رهاڪو آهين، محترمه؟ ڇا تون اهڙي جوکائتي
غداريءَ جو ڏوهه مڃين ٿي؟“
مون ٽهڪ ڏنو. شاهه سدائين مونکي کِلائيندو هو. هُو
خاندان ۾ هر هڪ کي کِلائيندو هو. مونکي لڳو ڄڻ
منهنجو سمورو ٿَڪ لهي ويو هجي. زندگيءَ لاءِ شاهه
جو ولولو ۽ چاهه ٻين تي به اثر ڪندو هو. هن ۾ اهو
ڪٿان آيو هو؟ اهو اڃا ڄمار جو بلڪل ننڍو هو، جڏهن
اسان سڀئي سياست جي دنيا ۾ گهيرجي ويا هئاسين. هو
جڏهن ڄائو هو، ته بابا پهرين ڀيرو وزير ٿيو هو.
امان اڪثر سرڪاري ڪمن ڪارين سبب بابا سان گڏ هوندي
هئي ۽ منهنجا ڏاڏو ڏاڏي گذاري ويا هئا. ظاهر آهي
ته اسان ٽن ٻارن کانسواءِ ٻئي ڪنهن به هن کي دادلو
ڪونه ڪيو هو. تنهنڪري هن جي مون سان گهڻي دل هوندي
هئي. آئون جڏهن هارورڊ ۾ هيس، ته هن ٻاراڻن اکرن ۾
مونکي ڪيترائي خط لکيا هئا. پوءِ جڏهن هو وڏو ٿيو
ته اسين آرهڙ جي مُند ۾ ٻئي اسڪاش راند رهندا
هئاسين. پڙهڻ لکڻ کان وڌيڪ هن کي راندين جو شوق
هوندو هو. اسڪول ۾ هو بيس بال ٽيم جو خاص رانديگر
هو ۽ گهر ۾ وري هو پنهنجو سَرير سگهارو بنائڻ لاءِ
پِڃريون کڻندو هو. پر بابا جي سوچ ۾ راندين کان
تعليم وڌيڪ اهم هئي.
تنهن ڪري شاهه کي حسن ابدال جي فوجي ڪيڊت اسڪول ۾
موڪليو ويو، ته جيئن هن ۾ ٿورو ضابطو پيدا ٿئي.
اتي ٻين شاگردن کي اچرج ٿيو هو، جڏهن هنن ڏٺو ته
جنهن شاگرد کي هنن وزيراعظم جو دادلو پُٽ ٿي
سمجهيو، تنهن جسماني اهليت ۽ ٻين خطرناڪ آزمائشن ۾
پاڻ کي لائق ثابت ڪيو هو. پر هو حسن ابدال ۾ خوش
ڪونه هو، تنهنڪري هن امان جي خوشامد ڪري بابا کي
راضي ڪيو ۽ ايئن هن کي وزيراعظم هائوس ۾ واپس
گهرايو ويو ۽ اسلام آباد جي انٽرنيشنل اسڪول ۾
داخل ڪرايو ويو.
شاهنواز جي معنيٰ ئي آهي: بادشاهه کي نوازيندڙ.
شاهه ايڏو ته سخي ۽ ٻاجهارو هوندو هو، جو ڪنهن کي
ڄاڻ ئي نه هوندي هئي ته هو ڇا ڪندو. هڪ ورهيه اڳ
پيرس ۾ ٻه ڀيرا هو مونکي هڪڙي ڪيفي ۾ ويهاري
’هيرالڊ ٽريبيون‘ اخبار وٺڻ ويو هو. اهي ٻئي ڀيرا
هو خالي هٿئين موٽي آيو هو ۽ وٽس جيڪي پئسا هئا سي
هو انهن غريبن کي ڏئي آيو هو، جيڪي گهٽيءَ ۾
پنهنجا ٽوپلا جهليو بيٺا هئا. هڪ ڀيري ته هن
پنهنجي قميص به لاهي ڏئي ڇڏي هئي. جيڪڏهن ڪو هن جي
لباس کي واکاڻيندو هو، ته هو هڪدم اهو ان کي ڏيڻ
لاءِ راضي ٿي ويندو هو. ايئن هڪڙي ڀيري هن اهو
سهڻو نئون جيڪيٽ به ڏئي ڇڏيو، جيڪو کيس امان وٺي
ڏنو هو. ننڍپڻ کان ئي هن کي غريبن سان همدردي
هوندي هئي. هن 70 ڪلفٽن جي باغ ۾ هڪ لانڍي ٺاهي
هئي، جنهن ۾ هو ڪيترن ئي هفتن تائين وڃي سُمهندو
هو، ته جيئن غريبن جي محرومين جو کيس احساس ٿئي.
اسان سڀني ۾ اڪيلو شاهه هو، جيڪو هارورڊ ۾ پڙهڻ
لاءِ ڪونه ويو هو، پر هن کي سئٽزرلينڊ جي ليزن ۾
هڪ آمريڪي ڪاليج ۾ موڪليو ويو هو. اتي هو هڪ سُندر
ترڪ ڇوڪريءَ جي ڦَند ۾ ڦاسيءَ پيو هو ۽ هن پنهنجا
ڪيترائي دوست ٺاهيا هئا. پر هو اتي تعليم لاءِ
گهربل معيار رکي نه سگهيو. جنهن لاءِ بابا کي ڏاڍو
ڏُک ٿيو هو. هو مهيني ۾ پندرهن ڀيرا پنهنجن دوستن
سان گڏ وندرائڻ لاءِ شام جو پيرس ضرور ويندو هو.
1984ع ۾ هن ياسمين ۽ مونکي هڪ مشهور وندر ڏسڻ لاءِ
مجبور ڪيو هو.
پوءِ به، اسان سڀني ۾ هن جي ذهين هجڻ تي مونکي شڪ
هو. بابا هن کي پنهنجن جلسن ۾ وٺي ويندو هو،
جنهنڪري مٿس سياست جو گهڻو اثر هو. هن ٻارهن ورهين
جي ڄمار ۾ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ڪئي هئي.
سندس سياسي شعور ڏاڍو تيز هو. هن کي ڄاڻ هوندي هئي
ته، عوام ڇا ٿو سوچي، هنن جي مَن ۾ ڇا آهي ۽ ڪهڙي
ڳالهه سبب سندن رَت ۾ جوش ايندو. ماڻهو ڪنهن نه
ڪنهن ڏات سان ڄمي ٿو، ڪجهه ماڻهن وٽ موسيقيءَ جي
ڏات هجي ٿي، ته وري ڪن وٽ ناچ ۽ فن جي. ۽ هن وٽ
اها ڏات سياست جي هئي.
”شاهه کي ڏسي مونکي پنهنجي جواني ياد اچي ٿي.“
بابا اڪثر مونکي چوندو هو.
ڪينس ۾ اسان جي گهر ڀاتين جي اها ٻيءَ گڏجاڻي هئي.
”جولاءِ کانسواءِ سارو سال اوهان کي جيڪي وڻي سو
ڪريو، پر اُن مهيني اوهان سڀيئي مون سان گڏ رهو.“
امان اسان سڀني کي چوندي هئي. هڪ ورهيه اڳ ڪينس ۾
ماسي بهجت جي گهر ۾ اسان جيڪي موڪلون ملهايون
هيون، اهي ڪي خاص ڪونه هيون. اسان جي پروگرام ۾
ڦيرگهير ٿيندي رهي، جنهن سبب اسين گهڻُ وقت گڏ رهي
نه سگهياسين، مير ۽ مون ته ضياءَ کي اقتدار تان
لاهڻ جي مسئلي تي هڪ ٻئي سان لاڳيتا بحث به ڪيا
هئا.
”ضياءَ پاڪستان ۾ هٿياربند دهشتگرديءَ کي رواج ڏنو
آهي.“ مير پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.
”دهشتگرديءَ جو جواب رُڳو دهشتگردي آهي.“
”دهشتگرديءَ مان ئي دهشتگردي ڦُٽندي.“ مون هن کي
جواب ڏنو. ”اهڙي قسم جي جدوجهد مان عوام کي ڪجهه
به پلئه ڪونه ٿيندو. ڪابه دائمي تبديلي رُڳو عوامي
پُٺڀرائي سان، پرامن سياست ۽ چونڊن ذريعي ماڻڻ
گهرجي.“
”چونڊون؟ ڪهڙيون چونڊون؟ ضياءَ ڪڏهن به اقتدار تان
هٿ نه کڻندو. هن کي رُڳو هٿياربند جدوجهد ذريعي
اقتدار تان لاهي سگهجي ٿو.“ مير جواب ۾ چيو.
”فوجن وٽ سدائين گوريلا فوجين کان وڌيڪ هٿيار هجن
ٿا.“ مون بحث ڪيو. ”رياست جي طاقت سندن مخالفت
ڪندڙ ڪنهن به گروهه کان وڌيڪ ٿئي ٿي. هٿياربند
جدوجهد نه رُڳو ناممڪن آهي، پر ان جا نتيجا
هاڃيڪار نڪرن ٿا.“
جڏهن اسان جا بحث وڌيڪ ۽ تِکا ٿي ويندا هئا، تڏهن
شاهه ماٺڙيءَ ڪري کِسڪي ويندو هو. ڪڏهن تَرڻ لاءِ،
ته ڪڏهن ڪنهن ڪيفي ۾، مطلب ته ان پاسي جتي اسين
ڪونه هوندا هئاسين. ”آئون اوهان جا اهي اجايا بحث
سهي نٿو سگهان.“ هن مونکي چيو. هو. هن سان مير ۽
مون فيصلو ڪيو هو، ته ڪنهن به ڳالهه تي اتفاق نه
ڪنداسين ۽ سياست تي ته بلڪل ڪونه ڳالهائينداسين.
ان سبب شاهه کي ڏاڍي آٿت هوندي هئي.
سياست ۾ شاهه جو چاهه پاڪستان کان مٿانهون هو.
جڏهن هن کي پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، تڏهن
هو وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهيو هو. هن کي
لبنان، لبيا ۽ شام جي سياسي مونجهارن ۾ وڌيڪ چاهه
هوندو هو. ”تنهنجيءَ دل ۾ مسز ٿيچر لاءِ گهڻي
همدردي آهي.“ هو اڪثر مونکي چيڙائيندو هو. ”اهو
صحيح ڪونهي، شاهه. هن جو تعلق ساڄيءَ ڌر سان آهي ۽
منهنجو ڪونهي.“ آئون احتجاج ڪندي هيس ۽ ٻين مثالن
ڏيڻ سان گڏ برطانيا ۾ بيروزگاريءَ جا وڏا انگ به
ڄاڻائيندي هيس. جنهن تي هو پنهنجو ڪَنڌ لوڏيندو هو
۽ پنهنجي اڱر لوڏي مونکي چوندو هو، ته ”نه، نه.
آئون صحيح چوان ٿو. تنهنجي هن سان همدردي آهي، ڇو
ته هوءَ به هڪ عورت آهي.“
هن جو پنهنجو ارادو نه هو، پر حالتن کيس
الذوالفقار جي ڀوائتي دنيا ۾ اُڇلائي ڇڏيو هو، جتي
هر وقت ڳُجهي پوليس سندس پويان هوندي هئي. ڪابل ۾
شاهه جي ذمي الذوالفقار جَٿن جي رضاڪارن کي سکيا
ڏيڻ جو ڪم هوندو هو. هو هر ڪم پنهنجي مزاج مطابق
ڪندو هو، تنهنڪري هن اهو ڪم وڏي اتساهه ۽ چاهه سان
ڪيو هو. هڪڙيءَ رات جڏهن روسي فوج طرفان ڪابل ۾
ڪرفيو لڳل هو، ته هو آڌيءَ رات جو ڪابل جي گهٽين
مان ماٺ ميٺ ۾ هلندو، نيرن مهل پنهنجن گوريلا
ساٿين سان وڃي مليو هو. صبح جو جڏهن مير کي شاهه
ڏسڻ ۾ نه آيو هو، تڏهن هو سخت پريشان ٿيو هو. ”ڀلا
آئون پنهنجن ماڻهن کي ڀڄڻ جو اٽڪلون ڪيئن سيکاري
سگهندس؟“ شاهه جڏهن مليو ته هن سخت ڪاوڙيل مير کي
کِلندي چيو هو.
فوجي بغاوت ۽ بابا جي قتل کان پوءِ اسان سڀني جيان
شاهه به پنهنجو مستقبل وڃائي ويٺو هو. گهڻو وقت اڳ
هن جو تُرڪ ڇوڪريءَ سان مڱڻو ٿيو هو، جيڪو پڻ تنهن
وقت ٽُٽي ويو، جڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کيس
الذوالفقار سان سندس لاڳاپن جي ڄاڻ پئي هئي. هن
ڪاروبار جو ارادو به ڦِٽو ڪيو هو، جيتوڻيڪ تازو هن
ڪا رقم هٿ ڪري فرانس ۾ فليٽ ٺهرائڻ جي به ڳالهه
ڪئي هئي. ”تون ۽ مير ڀلي وڃي سياست ڪريو. آئون
ڪُٽنب لاءِ ناڻُو ڪمائيندس.“ هن اسان سڀني کي هڪ
گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌايو هو.
هن جو جاسوسيءَ جي طريقن سان به ڏاڍو چاهه هوندو
هو ۽ ان موضوع تي هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هئا.
”جڏهن تون ۽ مير پاڪستان ۾ وڃي سياست ڪريو تڏهن
ياد رکجو، ته اوهان جو ڪو ننڍو ڀاءُ به آهي، جيڪو
اوهان جي مدد ڪري سگهندو، جيڪڏهن اوهين کيس جاسوس
کاتي ۾ ڪو وڏو عهدو ڏيندا.“ هن اسان کي چيو هو.
”سياسي اڳواڻ پاڻ کڻي ڪيترو به چاهين، پر سماج جا
مختلف طبقا ڪڏهن به هنن تائين پُهچي نه سگهندا.
نئين دؤر جا سماج وڏن مونجهارن سان ڀريل ٿين ٿا.
اوهان کي هڪ ڀروسي جوڳي ماڻهوءَ جي گهرُج پوندي،
جيڪو اوهان کي ٻڌائي سگهندو ته ماڻهن جا لاڙا ڪهڙا
آهن، هنن جا مزاج ڪهڙا آهن، ۽ عوامي زندگيءَ ۾ ڇا
ٿو وهي واپري. تنهنڪري جڏهن وقت اچي ته اوهين ٻئي
ياد رکجو ته آئون به موجود آهيان.“
”تون ڪينس ۾ گهڻو وقت هوندينءَ؟ هاڻي شاهه مون کا
پڇيو.
”30 جولاءِ تائين هونديس.“ مون وراڻيو.
”نه، نه، نه!“ هن اعتراض ڪيو.“ توکي وڌيڪ وقت رهڻ
گهرجي. 30 تاريخ تي مير وڃڻ وارو آهي ۽ آئون توکي
هرگز وڃڻ ڪونه ڏيندس. تون گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو مون
وٽ رهو.“
”مون کي آسٽريليا وڃڻو آهي.“ مون کيس ٻڌايو.
”توکي ڪنهن به پاسي وڃڻو ڪونهي.“ هن چيو. ”تون مون
وٽ رهندينءَ.“
”چڱو، چڱو.“ مون آڻ مڃي.
مون کي ڄاڻ هئي ته آئون ترسي ڪونه سگهنديس، پر مون
هن جي دل ٽوڙڻ نه پئي گهري. سڄي ڪُٽنب ۾ هو اڪيلو
هو، جنهن مون سان ملڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي.
1984ع جي بهار ۾ آئون جڏهن سياسي ڪم جي سلسلي ۾
پيرس وئي هيس، ته هو اڳواٽ اطلاع کان سواءِ هوائي
جهاز ذريعي اتي پهتو هو. ’دي ريڊ اسٽار‘ اخبار جو
ايڊيٽر اوهان جو انٽرويوءَ وٺڻ گهري ٿو.“ آئون
جنهن هوٽل ۾ رهيل هيس، اتي جي آڌرڀاءُ ڪندڙ خاتون
وٽان هڪ ٻئي پٺيان نياپا پهتا. ”دي ريڊ اسٽارز“
مون ته ان بابت ڪجهه به نه ٻُڌو هو. پر مونکي ته
اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ادارن وٽان انٽرويو لاءِ
گذارشون ٿينديون هيون، جن جي مونکي بلڪل ڄاڻ نه
هوندي هئي. ٽيون ڀيرو ’دي ريڊ اسٽار‘ جي ايڊيٽر جو
فون آيو. مون پاڻ رسيور کنيو. ”تنهنجي ڀيٽ ۾ ملڪي
سربراهن سان ملاقات سولي آهي.“ شاهه ٽهڪ ڏيندي چيو
هو. ”بيروت جي دروز هيڊ ڪوارٽرس ۾ وليد جنبلات سان
ملاقات ايتري ڏُکي ڪانهي، جيتري مس بينظير ڀٽو
سان.“
هُو پيرس ۾ روزانو صبح جو ڇهين بجي منهنجي هوٽل ۾
فون ڪندو هو. ”تون اڃا تائين سُتي پئي آهين؟“ هو
مونکي چرچي مان ٽوڪ هڻندي چوندو هو. ”جلدي اُٿ ته
گڏجي نيرن کائون.“ هن لاءِ ته رات جي کاڌي واريون
سياسي گڏجاڻيون به ڪو مسئلو نه هونديون هيون. پيرس
۾ پهچڻ کان پوءِ رات جي مانيءَ تي مونکي سُڌ سماءَ
کاتي جي اڳوڻي وزير مسٽر نسيم احمد سان ڳالهيون
ڪرڻيون هيون. ”اها گڏجاڻي ڪيڏيءَ مهل ختم ٿيندي؟
شاهه مون کان پڇيو هو. اوڏيءَ مهل کاڌي واري ڪمري
۾ چؤطرف چرپر شروع ٿي وئي ۽ مون ڏٺو ته هڪ قداور ۽
سُندر شخص ڏاڍي شانائتي انداز ۾ اسان ڏانهن پيو
اچي. نسيم احمد جو ته مُنهن ئي لهي ويو. شاهه نه
رڳو اڳوڻي وزيراعظم جو پُٽ هو، پر هو دهشتگرد طور
پڻ مشهور هو. پوءِ هڪدم شاهه سِگار دکائي نسيم
احمد کي ايتريون ته مزيدار ڳالهيون ٻُڌايون، جو هو
کِلندي کيرو ٿي پيو هو. بعد ۾ ياسمين، شاهه ۽ آئون
بهار جي نيم گرم هوا ۾ ننڍڙين پٿرين جي فرش وارين
گهٽين مان ڳالهيون ڪندا هلندا رهياسين، اسان ڪيترن
ئي هوٽلن ۾ ڪافي پيتي ۽ ايئن صبح جا ٽي ٿي ويا.
”آئون سڀنيءَ کي صبح جو ستين بجين کڻڻ ايندس.“
شاهه امان ۽ مون کي اُن فليٽ ۾ ڇڏڻ وقت چيو، جيڪو
امان مهيني لاءِ مسواڙ تي ورتو هو. ”پهريون اوهين
منهنجو نئون فليٽ ڏسڻ هلنديون ۽ پوءِ اسين سمنڊ
ڪناري پڪل گوشت کائڻ هلنداسين. مون سمورا انتظام
ڪري ڇڏيا آهن، اوهان کي رڳو اهو ڪم ڪرڻو آهي ته
اوهين اتي گهمجو ڦِرجو.“
”اتي ريحانا هوندي؟“ مون هن کان پڇيو.
”ها،“ هن وراڻيو. هُن جي اُن جواب مان سندس تازي
گهرو زندگيءَ بابت ڪوبه اهڃاڻ ڪونه مليو هو ۽ پوءِ
هو باقي رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
امان وٽ صنم، ناصر، سندس ڌيءَ آزادي ۽ آئون رهيل
هيونسين. اسان سان گڏ لاس اينجلز مان آيل پندرهن
ورهين جي اسان جي سئوٽ به رهيل هئي. اسين اوڀر جا
ماڻهو گڏ رهڻ جا هيراڪ ٿيون ٿا، تنهنڪري فليٽ ۾
سوڙهه جو ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. مير جيڪو پنهنجن
ٻارن سان شاهه جي فليٽ ۾ ترسيل هو، سو ٿوريءَ دير
لاءِ فاطما سميت اسان وٽ آيو هو. مون فاطما لاءِ
هڪ ننڍڙي سوکڙي، پلاسٽڪ جي گُڏي ۽ ڪجهه ڪتاب آند
اهئا. ٻنپهرن کان پوءِ مون اهي ڪتاب هن کي پڙهي
ٻُڌايا هئا. ان فليٽ ۾ ايئر ڪنڊيشنگ جو ڪو انتظام
نه هو، ۽ اتي ڏاڍي گرمي هوندي هئي، تنهنڪري اسين
سڀيئي ننڍڙي بالڪنيءَ ۾ ويهندا هئاسين. اسان آرهِڙ
جي اها ٺاهوڪي ٽپهري گڏجي گذاري ۽ سُرهائيءَ ڀريل
شام جو اوسيئڙو ڪيوسين. آئون انهن افغان ڀينرن کي
بنهه ڪونه سُڃاڻندي هيس، جن سان ڪيئي ورهيه اڳ هنن
ڪابل ۾ شادي ڪئي هئي.
مير فوزيا سان ڏاڍو خوش ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پر شاهه ۽
ريحانا ۾ اها ڳالهه ڪونه هئي.
”جيڪڏهن آئون توکي ڪا ڳالهه ٻڌايان ته تون مون سان
بحث ته ڪونه ڪندينءِ؟“ شاهه پيرس ۾ گذريل ملاقات ۾
مونکي چيو هو.
”آئون ڪوشش ڪنديس،“ مون جواب ڏنو هو.
”آئون پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيڻ وارو آهيان.“ هن
ٻڌايو.
آئون اچرج ۾ وٺجي ويس. ”چريو نه ٿيءُ، گوگي،“ مون
هن کي خاندان جي پيار واري نالي سان سڏيندي چيو.
”توکي اهو ڪم هرگز نه ڪرڻ گهرجي. اسان جي خاندان ۾
ڪڏهن به ڪنهن کي طلاق نه ملي آهي. تنهنجي شادي ته
مائٽن به نه ڪرائي هئي، جو تون ڪو اهڙو بهانو ڪري
سگهين. تو پاڻ شاديءَ لاءِ ريحانا کي چونڊيو هو.
توکي هر حالت ۾ ساڻس گڏ رهڻ گهرجي.“
”توکي منهنجي ڳڻتي ڪانهي، پر توکي طلاق جو ڏاڍو
اُلڪو ٿيو آهي.“ هن بلڪل صحيح وراڻيو هو.
”ڀلا ڇا ٿيو آهي؟“ مون هن کان پڇيو، ته شايد آئون
مامرو سُلجهائي سگهان. پر هن مونکي اُن وڌندڙ
گهپيءَ جو جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، تن مان مون ڀانئيو
ته اهڙو سُلجهاءُ ممڪن ڪونهي.
هُن ٻُڌايو ته، سندن شاديءَ کان پوءِ ريحانا بلڪل
بدلجي وئي. پهرين هوءَ هن کي ڏاڍي وڻندي هئي ۽
سندس ويجهو هوندي هئي. هو جڏهن پنهنجن گوريلا
ساٿين سان گڏجي ڪم کان پوءِ ٿَڪجي گهر موٽندو هو،
ته هوءَ کيس گرم کاڌو رَڌي ڏيندي هئي، پر هاڻي ته
هوءَ چانهه جو هڪڙو ڪوپ به ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿي.
اڪثر جڏهن هو گهر ايندو هو، ته هن کي هار سينگار
ڪندي ڏسندو هو ۽ پوءِ هوءَ کيس گهر ۾ اڪيلو ڇڏي
ٻاهر نڪري ويندي هئي.
”آئون ڏاڍو هيڪلو ٿي پيو آهيان.“ شاهه مڃيو. ”مون
وٽ نه گهر آهي، ۽ نه ئي گهر واري. منهنجي وڏي
خواهش اها هئي، ته ڪير ته اهڙو هجي، جنهن سان آئون
ڳالهائي سگهان. جنهن سان گڏ آئون ٽي وي ڏسان. پر
هوءَ اتي ورلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مون ڀانئيو ته جيڪڏهن
اسان جو ڪو ٻار هجي ها، ته شايد زندگي سٺي گذري
ها. پر حالتون ويتر خراب ٿينديون ويون.“
شاهه ۽ ريحانا پهرين به ٻه ڀيرا ڌار ٿيا هئا. هر
ڀيري شاهه پنهنجي ڌيءَ سسئي سبب ساڻس ٺاهه ڪيو هو
۽ هن کي اميد هئي ته ريحانا پنهنجي اڳوڻي زندگيءَ
ڏانهن موٽي ايندي. پر هن مونکي ٻڌايو ته پيرس ۾
اچڻ کان پوءِ هن فيصلو ڪيو هو ته هو اُن شاديءَ
مان سدائين لاءِ پنهنجي جِند ڇڏائيندو. ۽ آئون
ڪنهن ڄَٽ جيان ساڻس اجايو بحث ڪندي رهيس.
”گوگي، هوءَ شايد هيڪلي ۽ ڪاوڙيل آهي.“ مون پنهنجي
ڀاءُ کي چيو. ”شاديءَ کان پوءِ تون انيڪ عرب ملڪن
۾ رهيو آهين. هوءَ توسان گڏ اهڙن ملڪن ۾ رهي آهي،
جتي نه هن جون ساهيڙيون هيون ۽ نه مائٽ. جتي جي
هوءَ ٻولي به نٿي سمجهي سگهي، جتي هوءَ پاڻ کي
ٽيليويزن تي به وندرائي نٿي سگهي، جتي هوءَ نه
خريداري لاءِ ٻاهر نڪري ٿي سگهي، نه فلم ڏسي ٿي
سگهي ۽ نه ٿئيٽر وڃي ٿي سگهي، تنهنڪري هن لاءِ
اُتي ڪا زندگي نه هئي. ساڳئي وقت ننڍيءَ ڄمار ۾
ٻار ڄمڻ سبب کيس جذباتي پريشاني الڳ ٿي هوندي.“
لڳو ٿي ته ريحانا جي مامرن بابت منهنجي راءِ ۾
شاهه کي چاهه هو. ”هن جي مرضي آهي ته آئون آمريڪا
۾ وڃي ڪاروبار ڪريان. هوءَ ته اهو به چوي ٿي ته
هوءَ مونکي آمريڪا وڃڻ جي اجازت به وٺي ڏيندي.“
شاهه مونکي ٻڌايو. ”پر آمريڪا ۾ اوپري ماڻهوءَ
جيان رهڻ مونکي پسند ڪونهي.“
”پر پاڪستان ۾ واپس اچڻ تائين تون يورپ ۾ ڇو نٿو
رهين؟“ آئون هن سان بحث ڪندي رهيس. ”ڏس نه جيڪڏهن
اوهين ٻئي يورپ ۾ هوندؤ ۽ مثال طور پيرس ۾، ته
جيڪڏهن تون اتي موجود به هوندين، ته ريحانا گهٽ ۾
گهٽ ٻاهر وڃي فلمون ڏسي سگهندي يا ساهيڙين سان ملي
سگهندي. هيءُ ملڪ قدامت پسند ڪونهي، جتي عورتون
گهرن ۾ بند هجن ۽ ٻاهر ماڻهن ۾ کين گهوري ڏٺو وڃي.
جيئن ته مير هاڻي سئٽزرلينڊ ۾ رهي ٿو، تنهنڪري
هوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جي پڻ ويجهو هوندي. جيڪڏهن تون
ريحانا کي صحيح ماحول ۾ رکندين، ته شايد هوءَ
پنهنجي مايوسيءَ مان جان ڇڏائي، وري ساڳي تنهنجي
گهر واريءَ ٿي رهي. جيڪڏهن تون چوين ته آئون هتي
ڪجهه ڄاڻ سُڃاڻ وارنکي چئي توکي فرانس ۾ رهڻ جي
اجازت وٺي ڏيان.“
منهنجيءَ اُن ڳالهه ۾ شاهه چاهه ڏيکاريو هو.
”فرانس جوکائتو ملڪ آهي.“ هن چيو هو. ”جيڪڏهن آئون
هتي رهيس ته مونکي بندوق رکڻ جي اجازت وٺڻي
پوندي.“
”مونکي اُن بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي، آئون ڪوشش ڪنديس.“
مون وراڻيو.
اسان جي انهن ڳالهين کانپوءِ هن جي طبيعت ۾ ٺاپر
آئي هئي. پر مونکي تڏهن ڳڻتي وڪوڙي وئي، جڏهن هو
مون کي هڪ دڪان تي وٺي ويو، جتان هُن گوليءَ کان
بچائيندڙ جيڪٽ ورتو هو. ”يورپ ۾ مونکي اُن جي پائڻ
جي گهرُج آهي.“ هن ٻڌايو. ان دڪان تان هن هڪ جيڪٽ
پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو خلاصو جيڪٽ منهنجي لاءِ خريد
ڪيو. ”توکي ڄاڻ ڪانهي شايد آئون ضياءَ جي هٿ چڙهي
وڃان.“
مون هن کي اطمينان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته
سلامتيءَ بابت مونکي به اُلڪو هو. پر هو ضد ڪري
بيٺو.“ مونکي اطلاع مليو آهي ته هو مونکي مارائڻ
چاهي ٿو.، شاهه ٻڌايو.
”پر گوگي، هينئر الذوالفقار تنظيم ڪابل ۾ ڪانهي ۽
ڪيترن ورهين کان ان ڪابه اهڙي حرڪت نه ڪئي آهي.“
مون بحث ڪندي چيو. اُن وقت هن مون ڏانهن مُرڪي
ڏٺو.
”مونکي به اهوئي اطلاع مليو آهي.“ هن آهستي
وراڻيو.
آئون جڏهن سکر جيل ۾ هيس، تڏهن مونکي پنهنجن ڀائرن
جي زندگيءَ بابت هر گهڙيءَ ڀَؤ ٿيندو هو. اهي
حڪومت کي گهربل ماڻهو هئا، جنهنڪري آئون سدائين
ڊَپ ۾ هوندي هيس، ته متان کين ڪو هاڃو نه رسي. هنن
جنهن راهه تي هلڻ شروع ڪيو هو، اتي موت جو نڀاڳو
پاڇو سدائين موجود هو ۽ هنن اها راهه پنهنجي
مرضيءَ مطابق ورتي هئي. پر پوءِ به ڀيڻ طور مونکي
ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي. بابا کي وڃائڻ کان پوءِ،
آئون اُنهن سڀني جي سلامتيءَ لاءِ وڌيڪ ڳڻتيءَ ۾
هوندي هيس، جيڪي منهنجا ويجها ۽ پيارا هئا ۽
منهنجن ڀائرن لاءِ اهو جوکو حقيقي هو.
مير ۽ شاهه سان ٿيل ٻيءَ ملاقات ۾ مونکي ڄاڻ پئي،
ته سندن گهر وارين جي خانداني ملازمن مان ڪنهن کين
زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ اتفاق سان منهنجا ڀائر
بچي ويا هئا، پر سندن ڪُتو پهرين کاڌو کائڻ سبب
مري ويو هو. اُهو ڏوهه مڃيو ۽ پوءِ گوڏن ڀَر جهُڪي
کانئن معافي وٺڻ لڳو هو. ”مونکي مجاهدن پئسا ڏنا
هئا.“ هن مڃيندي ٻڌايو هو. ”هن ضياءَ کي خوش ڪرڻ
ٿي گهريو.“ پوءِ جڏهن مير جي زال فوزيا اُن ملازم
پاران وچ ۾ پئي هئي، ته منهنجن ڀائرن کيس ڇڏي ڏنو.
ٻئي ڀيري اُهي ٻئي ڄڻا ذري گهٽ مارجڻ کان بچي ويا،
جڏهن اُهي هڪ ڪار ۾ اڳيان ويٺل هئا. شاهه کان ڪا
شيءِ هيٺ ڪِرڻ سبب، جنهن وقت اُهي ٻئي ڄڻا ان کي
کڻڻ لاءِ هيٺ جهُڪيا هئا، ته بلڪل اوڏيءَ مهل هڪ
گولي ڪار مان اُن هنڌان تيزيءَ سان نڪري وئي هئي،
جتي ٿورو اڳ هنن ٻنهي ڄڻن جا مٿا هئا.
اُن حملي ۾ اصل نشانو شاهه هو ۽ نه مير. جڏهن
منهنجا ڀائر اڃا ڪابل ۾ ئي هئا، ته هڪ پٺاڻ قبائلي
سردار پاڪستان مان مير سان ملاقات لاءِ آيو هو.
”ضياءَ پهرين شاهنواز جي سِسي گهري ٿو.“ هن ٻڌايو
هو ”حُڪم ٿيو آهي ته پهرين شاهه کي ۽ پوءِ مرتضيٰ
کي قتل ڪيو وڃي.“ اهو هو به سچ. مير اُن جي چِٽائي
مون سان ايئن ڪئي هئي. ”آئون سياستدان وڌيڪ آهيان،
پر اهو شاهه آهي جيڪو هر وقت گوريلن کي جسماني
سِکيا ڏيندو رهي ٿو. شاهه جنهن وٽ فوجي مهارت آهي،
شاهه جيڪو وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
”آئون الله کان دعا گهران ٿي، ته اوهان ڪڏهن به
جهاز ۾ پاڪستان ڀرسان نه لنگهو.“ مون شاهه کي چيو
هو. ”جيڪڏهن هوائي جهاز اغوا ٿيو، ته اوهين ٻئي
ضياءَ جي قبضي ۾ هوندؤ.“ اهو ٻُڌي شاهه کِلي ڏنو
هو. ”تون اُن موت کان بچي نٿي سگهي، جيڪو تنهنجي
لاءِ آيل آهي، ته پوءِ تون ڇا به ڪرين، پر کانئس
پاڻ بچائي نٿي سگهين. پر ضياءَ ڪڏهن به اسان تائين
پهچي نه سگهندو، ۽ نه ئي هو اسان وٽان اهي نالا
وٺي سگهندو، جيڪي کيس گهربل آهن. اسين جتي به وڃون
ٿا، ته پاڻ سان گڏ زهر جون شيشيون کڻون ٿا. جيڪڏهن
ضياءَ مونکي جهليو ته آئون اهو زهر پيئي ڇڏيندس.
اهو سيڪنڊن ۾ معاملو ختم ڪيو ڇڏي. آئون بيعزتيءَ ۽
غداريءَ بدران موت کي وڌيڪ پسند ڪريان ٿو.“
ڪينس جي شام ڏاڍي وڻندڙ هئي. ان وقت اسين شاهه جي
نئين فليٽ ۾ پهتا هئاسين، جيڪو فيشن ايبل
ڪيليفورني علائقي ۾ هڪ ڊگهي پهاڙي رستي جي چوٽيءَ
تي هو. ريحانا ۽ شاهه ڇهه مهينا اڳ ان فليٽ ۾ وڃي
رهيا هئا. اهو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو هو، جڏهن مون هن
کي اتي رهائش جي اجازت وٺي ڏني هئي. ريحانا ۽ هن
جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو هو ۽ ٻئي فرانس جي اوسي پاسي
سئر ڪندا رهيا. ڪينس ۾ رهڻ کان اڳ هنن مونٽي ڪارلو
۾ رهڻ لاءِ سوچيو هو. هينئر هو مونکي وڏي فخر سان
پنهنجو اهو فليٽ گهمائڻ لاءِ وٺي هليو. هن مونکي
سَسئي جو ڪمرو ڏيکاريو ، جنهن ۾ کِل جهڙيون گُڏيون
ديوار تي ٽنگيل هيون ۽ ڪتابن واري ڪٻٽ مان ڪپڙي جي
ٺهيل جانورن جهاتيون پئي پاتيون. هن مانيءَ کائڻ
وارو حصو ۽ ويهڻ وارو ڪمرو ڏيکاريو، جتان ٻاهر هڪ
کليل چبوترو هو ۽ جنهن کان پري ڀونوچ سمنڊ چلڪاٽ
ٿي ڏٺا. اهو فليٽ ڏاڍو ٺاهوڪو هو ۽ اتي جو سمورو
ماحول ذهن تي ڪنهن فلم جو عجب جهڙو اثر ڇڏيندڙ ٿي
لڳو.
آئون ريحانا سان ڏاڍيءَ سِڪ وچان مليس، جو مون
اميد پئي ڪئي ته هن ڀيري آئون سندس حجاب کي ٽوڙي،
ساڻس ويجهو لاڳاپو رکنديس. هن کي سدائين جيان نئين
فيشن مطابق لباس پاتل هو، جيڪو سمنڊ تي سئر بدران
ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ پائي وڃڻ جهڙو هو. پر اسان جي
خاندان ۾ سدائين سادا ڪپڙا پائڻ کي پسند ڪيو ويندو
هو. جڏهن شاهه اسان کي ٿڌي شربت جا گلاس ٺاهي پئي
ڏنا، ته مون ريحانا سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ
شرميلي هئي يا کيس ڪو چاهه نه هو، تنهن بابت آئون
ڪجهه به چئي نٿي سگهان. پر تُرت هوءَ اسان وٽان
اٿي ڪمري جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجيءَ ڀيڻ ڀرسان وڃي
ويٺي. جسماني طرح اهي ٻئي ڀينرون ڏاڍيون سُندر
هيون، پر سندن اندر ۾ ڇا هو، تنهن بابت مونکي ڪو
پتو نه هو.
مون ننڍڙي سسئيءَ کي هن جو سوکڙيون ڏنيون ۽ ٿوريءَ
دير لاءِ آئون کيس وندرائيندي رهيس. شاهه رڌڻي ۾
ويو ۽ پڪنڪ لاءِ ٽوڪريءَ ۾ سامان رکڻ لڳو. ماسي
بهجت ۽ چاچا ڪريم به اچي ويا هئا. آئون شاهه جي
ميز تي خاندان جي ڀاتين ۽ سسئيءَ جون تصويرون رکيل
هيون. چمڙي جو هڪڙو ڳاڙهو فائيل ميز تي رکيل هو.
تازن گلن وارو گلدان هڪ ٻيءَ شيشي جي ميز تي رکيل
هو. شاهه جي زندگيءَ جي اها ترتيب ڏسي مونکي ڏاڍي
سُرهائي ٿي هئي. ”زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون کي
ڏاڍي سُرهائي ٿي آهي.“ شاهه ٿوريءَ دير لاءِ
منهنجي ڀرسان ويهندي چيو هو. ”منهنجي لاءِ هر ڪم
صحيح پيو ٿئي.“
”مونکي جهل، مونکي جهل!“ منهنجين ٻن ڀائٽين سمنڊ
ڪناري ڊوڙندي مونکي چيو. آئون هنن پٺيان اهو بهانو
ڪري ڊوڙي هيس، ته آئون کين جهلي نه سگهنديس. نيٺ
شاهه ڪوئلا ٻاريا ۽ جڏهن ڪُڪڙ پچي راس ٿيو ته اسان
سڀني جي بُک وڌي وئي هئ. ”پهرين تون کڻ.“ هن مونکي
اڌ جيترو ڪُڪڙ ڏيندي چيو. ”نه گوگي، آئون ايترو
کائي نه سگهنديس.“ مون اعتراض ڪيو، ”نه، نه، نه،“
هن زور سان چيو. ”توکي اهو سڀ کائڻو پوندو.“
مون خاندان جي سڀني ڀاتين ڏانهن ڏٺو، جن ٽهڪ ڏئي
هڪ ٻئي سان ڳالهيون پئي ڪيون. ڪيترا ورهيه ٿي ويا
هئا جو اسان ڪراچيءَ کان ٻاهر سمنڊ ڪناري اها
گڏجاڻي ڪئي هئي، جتي هنن تڪڙو کاڌو کائي کپائڻ جي
ڪوشش ٿي ڪئي، ته متان شڪاري پکي لامارو ڏئي اهو
کائن ڦُري نه وڃن. ڪنهن اهو سوچيو به نه هو، ته
ايترو پري فرانس جي سامونڊي ڪناري تي اسين پاڻ
وندرائڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري گڏجنداسين؟ پر خاندان جي
ڀاتين جي اها گڏجاڻي سُٺي هئي. هڪ اونهارو اڳ اسان
۾ جيڪا سخت ڇڪتاڻ ٿي هئي، سا هن ڀيري نه ٿي ڏٺي.
مون پنهنجين ڀاڄائين کي ڳوليو. ريحانا ۽ فوزيا
پنهنجي مُنهن هڪ ٻئي کان ڌار ويٺيون هيون، مير
سئٽزرلينڊ ۾ رهندو هو ۽ شاهه فرانس ۾ ۽ ٻئي ڀينرون
هڪ ٻئي سان گهٽ ملنديون هيون. پر هتي اسان جيان
کين به پنهنجين انيڪ ساروڻين کي پاڻ ۾ ونڊڻ جو
وجهه مليو هو.
”اُٿو ته ڪيسينو ۾ هلون.“ چاچا ڪريم صلاح ڏني.
آئون ڏاڍي ٿڪل هيس. پر شاهه مون ڏانهن مُرڪي ڏٺو.
”پاڻ سڄيءَ رات چرچا ڀوڳ ڪنداسين. تون ضرور
اچجانءِ، پِنڪي!“
”ٺيڪ آهي. آئون اينديس، “ مون هن کي چيو آئون
پنهنجي اُن ڀاءُ کان انڪار ڪري نٿي سگهيس.
”تون مَهان آهين ۽ سڀاڻي جو ڪم نه وسارجانءِ.“ هن
مونکي اسان جي اها رٿ ياد ڏياريندي چيو، جنهن
مطابق منهنجي جنم ڏينهن لاءِ امان طرفان اسان کي
سوکڙيون خريد ڪرڻيون هيون. ”آئون هتي جي بازار جو
ماهر آهيان. سڀاڻي جنهن وقت به اسين ننڊ مان سجاڳ
ٿينداسين، ته آئون توکي خريداري ڪرائڻ لاءِ نيس
وٺي هلندس.“
رٿون. انيڪ شاندار رٿون. شاهه ۽ ريحانا کاڌي جا
ٿانوَ کڻي سمنڊ ڪناري تان پنهنجي فليٽ ڏانهن روانا
ٿيا. ماسي بهجت ۽ چاچا ڪريم پاڻ سان صنم ۽ ناصر کي
ڪار ۾ وٺي ويا. مير ۽ فوزيا، امان، منهنجي سئوٽ ۽
مونکي اسان جي فليٽ ۾ ڇڏي فاطما کي سمهارڻ لاءِ
شاهه جي فليٽ ڏانهن ويا. ”شاهه ۽ آئون اڌ ڪلاڪ ۾
اوهان کي وٺڻ اينداسين، “ مير ويندي وقت رڙ ڪري
چوي. هو اڪيلو موٽي آيو.
مير اسان کي ٻڌايو ته، ”اسان سمنڊ ڪناري جنهن
کِلمُک شاهه کان موڪلايو هو، سو جڏهن فليٽ تي پهتو
ته سخت ڪاوڙيل ٿي ڏسڻ ۾ آيو. مون هن کان ان بابت
پڇيو، پر شاهه جي جواب ڏيڻ کان اڳ ريحانا رڙ ڪري
چيو. ’نڪري وڃ! هيءُ منهنجو فليٽ آهي!‘ هوءَ رڙيون
ڪندي رهي. هوءَ ڄڻ چري ٿي پئي هئي. ’تون نه وڃ.‘
گوگيءَ مونکي چيو. پر مون سندن وچ ۾ پوڻ مناسب نه
سمجهيو. مون سوچيو ته، جيڪڏهن آئون ۽ فوزيا هتان
هليا وينداسين ته شايد هن جي ڪاوڙ گهٽجي وڃي.“
”ته پوءِ فوزيا ڪٿي آهي؟“ امان پڇيو.
”هوءَ هيٺ ڪار ۾ ويٺي آهي ۽ ڏاڍي ڪاوڙيل آهي.“ مير
وراڻيو. ”هوءَ هينئر ئي پنهنجي گهر جنيوا وڃڻ گهري
ٿي. مون هن کي سمجهايو ته آڌيءَ رات ٿي وئي آهي ۽
هتي منهنجي ڀيڻ به آيل آهي. هوءَ چوي ٿي ته اسين
وڃي هوٽل ۾ رهون، پر مون انڪار ڪيو آهي ۽ ٻڌايو
آهي ته اسين گهرڀاتي روزانو ڪونه ٿا ملون، تنهنڪري
آئون ساڻن گڏ رهڻ گهران ٿو. پر اسان کي پنهنجيون
دليون ملول ڪرڻ نه گهرجن، اچو ته پنهنجي اڳواٽ
رٿيل پروگرام مطابق ٻاهر گهمڻ هلون.“
”اوهين سڀيئي ڀلي وڃو.“ مون صنم، ناصر ۽ مير کي
چيو. ”آئون ٿڪجي پئي آهيان.“
”مونکي پڙهي ٻُڌاءِ. پُڦي. مونکي پڙهي ٻُڌاءِ.
پُڦي.“ ٻئي ڏينهن فاطما هر ڀيري ائين چئي مونکي
چيڙايو هو. صنم، ناصر ۽ مير صبح جو ڇهين بجي ڌاري
موٽيا هئا ۽ اسين سڀيئي دير سان سُتا هئاسين. آئون
اڃا راتوڪن ڪپڙن ۾ ئي گهر ۾ پئي هليس، ته هڪ وڳي
کان ٿورو پوءِ مون ٻاهرئين دَر جي گهنٽي وڄندي
ٻُڌي.
”هاڻي پُڦي ڪپڙا مٽائي سامان وٺڻ ويندي.“ مون
فاطما کي اهو سوچي چيو، ته شاهه مونکي نيس وٺي هلڻ
لاءِ آيو هوندو.
پر ان بدران سُمهڻ واري ڪمري ۾ صنم ڊوڙندي آئي.
”تڪڙ ڪر، اسان کي هلڻو آهي.“ مون اڃا پُورا ڪپڙا
به ڪونه مٽايا هئا ۽ آئون اتي بيٺل هيس ته هن
مونکي پنهنجي ڌيءَ ڏيندي چيو.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”ريحانا چوي ٿي ته گوگي ڪا شيءِ کاڌي آهي.“ صنم
اهو چئي ڪمري مان تيزيءَ سان ٻاهر نڪري وئي.
منهنجي ٽنگن ڏَڪڻ شروع ڪيو. پاڻ ۾ سگهه آڻڻ لاءِ
مون هڪ وڏو ساهه کنيو.
”ڇا هو بيمار آهي؟ هن جي حالت نازڪ آهي ڇا؟“ هوءَ
جيئن وڏي ڪمري مان تڪڙي تڪڙي هيٺ پئي وئي، ته مون
وڏي آواز ۾ کانئس پڇيو.
”اسان کي ڪا ڄاڻ ڪانهي، اسين اهو ته ڏسڻ وڃون
پيا.“ هن به وڏي آواز ۾ چيو ۽ الُوپ ٿي وئي.
آئون اُتي ئي بيٺي رهيس. فاطما ۽ ڪڪيءَ سان گڏ.
پوليس. پوليس کي فون ڪريان. ڪِڪيءَ کي پنهنجيءَ
هنج ۾ کڻندي آئون هنگامي صورتحال جو فون نمبر
ڳولڻ لڳيس. مون اُن نمبر تي فون ڪيو، ته ٻئي پاسي
کان فرينچ ٻوليءَ ۾ رڪارڊ ٿيل جواب مليو. مون فون
نمبرن جو ڪتاب جهَٽ ڏئي کنيو ۽ اسپتالن جا نمبر
ڏسڻ لڳيس، ته ايتري ۾ امان ۽ صنم ڊوڙنديون اندر
آيون. مير ۽ ناصر ريحانا سان گڏجي شاهه جي فليٽ
ڏانهن ويا هئا. گهٽيءَ ۾ ڪنهن ٽئڪسيءَ نه ملڻ سبب
امان ۽ صنم فون ڪرڻ لاءِ واپس ڊوڙنديون آيون هيون.
”امان، تون فرينچ ٻوليءَ وڌيڪ سُٺي ڄاڻين ٿي،
جيڪڏهن اسين پوليس کي اطلاع ڏئي نٿا سگهون، ته
ڪنهن اسپتال ۾ ئي فون ڪريون.“ مون کيس تڪڙو تڪڙو
چيو.
”ڇو نه اسين پاڻ اتي هلي ڄاڻ وٺون، ته هو ڪهڙي حال
۾ آهي.“ هن وراڻيو.
”نه، امان. احتياط سُٺو ٿيندو. تو کان ٽونيءَ جو
واقعو وسري ويو ڇا.“ مون هن کي اسان جي هڪ ڄاڻ
سڃاڻ ڇوڪريءَ جو واقعو ياد ڏياريو، جنهن ڪيترائي
ڪئپسول کاڌا هئا ۽ اسپتال ۾ دير سان پهچڻ سبب سندس
جان بچي نه سگهي هئي. مون پاڻ اهڙو ساڳيو سبق اُن
وقت سِکيو هو، جڏهن 70 ڪلفٽن کي پوليس گهيرو ڪيو
هو. اهو وقت پُڇڻ جو ڪونه هو، ته پوليس ڇو آئي هئي
پهرين سڀيئي ڪاغذ ساڙي ڇڏيو، پوءِ بيشڪ پڇو.
امان فون جو ڪتاب کنيو. هن ڪوشش ڪري هڪ اسپتال ۾
فون ڪيو. اتان کيس هڪ ٻيءَ اسپتال ۾ فون لاءِ چيو
ويو. هن ٻيءَ اسپتال ۾ فون ڪيو، جتان پڻ ساڳيو
جواب مليو. هن ٽئين اسپتال ۾ فون پئي ڪيو ته مير
اندر آيو.
هو ڏاڍو ڏُکارو ۽ ملول ٿي لڳو. هن جهيڻي آواز ۾
اهو ئي چيو، جيڪو هو چئي نه پئي سگهيو. مون هن جي
وات مان اهي لفظ نڪرندي ٻُڌا، ”هو گذاري ويو.“
”نه،“ مون هانءُ ڦاڙي رڙ ڪئي، ”نه.“
امان جي هٿ مان فون ڇڏائجي هيٺ ڪِري پيو.
”امان آئون سچ ٿو چوان.“ مير ڏاڍي ڏکائتي انداز ۾
ڀُڻڪيو. ”مون مُئل ماڻهو ڏٺا آهن. شاهه جو جسم
بَرف ٿيو پيو آهي.“
امان اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
”تڪڙ ڪري ڪا ايمبولينس گهرايو.“ مون چيو. ”الله جي
واسطي اسپتال ۾ ٽيليفون ڪريو. شايد هو اڃا جيئرو
هجي. هن کي هوش ۾ آڻي سگهجي ٿو!“ منهنجي ڪَڇ تي
جيڪا ڪِڪي هئي. تنهن بابت مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نه
پئي آيو. فاطما منهنجي اُکڙ سان چُهٽيل هئي ۽ هن
مُنهن مٿي ڪري مونکي پئي ڏٺو.
امان ٽيليفون فرش تان کنيو. ٽئين اسپتال وارن اڃا
تائين فون ڪٽيو نه هو. ”اسان کي ٻڌايو ته ڪنهن
پاسي وڃون.“ آپريٽر اسان جون رڙيون دانهون ٻُڌي
پڇيو. اسين به ڊوڙندا ٻاهر نڪتاسين.
ويهڻ واري ڪمري ۾ ڪافي پيئڻ واري ميز ڀرسان غاليچي
تي شاهنواز ڪِريو پيو هو. هن کي گذريل رات واري
ساڳيءَ اڇي پتلون پاتل هئي. هن جو سُندر ڳاڙهو هٿ
کليل هو. هو يوناني ديوتا ايڊونس جهڙو ڏسڻ ۾ ٿي
آيو، جيڪو سُتو پيو هو. ”گوگي!“ مون رڙ ڪري هن کي
جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پوءِ مونکي هن جو نَڪ ڏسڻ
۾ آيو، جيڪو سندس گلابي رنگ بجاءِ چُن جهڙو اَڇو
هو.
”هن کي آڪسيجن ڏيو!“ مون ايمبولينس جي ماڻهن کي رڙ
ڪندي چيو، جن سندس نبض پئي ڏٺي. ”هن جي ڇاتيءَ تي
مالش ڪريو!“
”هيءَ ته مري ويو آهي.“ منجهانئن هڪڙي چيو.
”نه! نه! ڪوشش ڪريو! ڪوشش ڪريو!“ مون رڙيون ڪيون.
”پِنڪي، هيءُ ته برف ٿيو پيو آهي.“ مير چيو. ”هن
کي مُئي ڪيترائي ڪلاڪ ٿي ويا آهن.“
مون ڪمري ۾ چؤڌاري نهاريو. ڪافيءَ جي ميز پاسيري
ٿي پئي هئي. پاسي واريءَ ميز تي هڪ ٿالهيءَ ۾ ڀوري
رنگ جو پاڻيٺ پيل هو. ڪوچ جو اڌ گاديلو هيٺ پئي
لڙڪيو ۽ گلدان هيٺ ڪِريل هو. منهنجيون اکيون هُن
جي ميز ڏانهن کَڄي ويون، جتي چمڙي جو فائيل موجود
ڪونه هو. مون اهو ٻاهر بالڪنيءَ ۾ ڳوليو، جتي سندس
ڪاغذ پکڙيل پيا هئا. فائيل به کليل هو.
ڪا خطرناڪ غلطي ٿي هئي. اتي شاهه ڪيتري وقت کان
مئل پيو هو، منهنجي خبر رُڳو الله کي هئي، پر ڪنهن
کي به ڄاڻ نه ڏني ويئي هئي ۽ ڪنهن سندس ڪاغذن جي
پڙتال لاءِ چڱو وقت ورتو هو.
مون پوءِ ريحانا ڏانهن نِهاريو. هوءَ ان عورت جهڙي
بلڪل نه ٿي ڏٺي، جنهن جو مُڙس گذاري ويو هجي يا
جنهن کيس بچائڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي هجي. هُن کي اڇا
اُجرا ڪپڙا پاتل هئا، اڇي جيڪٽ تي ذرڙو به گُهنج
نه هو، وارن ۾ ڦڻي ڏنل هئي ۽ ڪپڙن جو هر ڌاڳو
پنهنجي جاءِ تي هو. هن پنهنجي هارسينگار ۾ گهڻو
وقت ورتو هوندو، جڏهن ته منهنجو ڀاءُ فرش تي مُئو
پيو هو؟ هن واپس مون ڏانهن اهڙين اکين سان نهاريو،
جن ۾ ڳوڙهن جو نالو نشان ڪونه هو.
هن جا چَپَ چُريا، پر هن ڇا ٿي چيو، تنهن بابت
آئون ڪجهه به ٻُڌي نه سگهيس.
”زهر.“ هن پاران سندس ڀيڻ فوزيا چيو. ”هن زهر پيتو
هو.“
مون کي ته ويساهه ئي ڪونه آيو هو. اڳئين رات هو
ايترو ته خوش هو، جو اسان هن کي اڳ اهڙو خوش ڪڏهن
به نه ڏٺو هو. هن آئيندي لاءِ جيڪي رٿون ٺاهيون
هيون، تن ۾ هڪ رٿ آگسٽ ۾ افغانستان وڃڻ جي به هئي.
انهن رٿن بابت هو ڏاڍو پرجوش ۽ پراميد هو. ڇا ائين
هو؟ ڇا شاهه جي انهن رٿن بابت ضياءَ کي ڄاڻ ملي
وئي هئي، جو هن کيس اڳواٽ مارايو؟ يا هن کي پنهنجي
وڻندڙ آمر جي خوشيءَ لاءِ آمريڪي سي آئي اي وارن
قتل ڪيو هو؟
”الله کي مَڃو، گهٽ ۾ گهٽ شاهه جي ميت تي ڪپڙو ته
وجهو.“ صنم چيو ۽ ڪير اڇي پلاسٽڪ جو ٽُڪر کڻي آيو.
”پُڦي، پُڦي ڇا ڳالهه آهي؟“ ننڍڙي فاطما منهنجي
قميص کان ڇڪيندي مونکان پڇيو. ”مٺڙي، ڪجهه به
ڪانهي.“ مون بيخياليءَ مان ٽن ورهين جي فاطما کي
وراڻيو. سسئي پڻ ويڳاڻي ۽ مُنجهيل پئي ڏٺي. هوءَ
ويهڻ واري ڪمري ۾ ڦيريون ڏئي، پنهنجي پيءُ جي ميت
ڀرسان وڃي ٿي ويٺي. ”ٻارن کي ته هتان ٻاهر ڪڍو.“
امان چيو. آئون اُنهن کي سَسئي جي سمهڻ واري ڪمري
۾ وٺي ويس ۽ کين ڪتابَ ڏئي آيس.
پوليس جڏهن شاهه جي ميت کڻڻ لاءِ آئي، ته مير مون
کي رَڌڻي ۾ اماڻي ڇڏيو. ”تون هتي نه بيهه.“ هن
چيو. رڌڻي ۾ مون اسٽوو تي ٿانوَ ۾ اڌ وڍيل ٽماٽو ۽
تريل بيدو پيل ڏٺو. اهو ڪنهن ٺاهيو هو ۽ ڪنهن لاءِ
هو؟ اتي کير جي بوتل به رکيل هئي. اُن ڏينهن ڏاڍي
گرمي هئي ۽ کير ڦِٽي ويو هو. اهو کير فرج مان ڪڍي
ٻاهر ڇو رکيو ويو هو؟ ”هو شاهه کي کڻي ويا.“ مير
رڌڻي ۾ واپس ايندي ٻڌايو. ”پوليس وارا چون ٿا ته
موت دل بيهڻ سبب ٿيو آهي.“
هن اکين مان ڳوڙها اگهندي منهن ورائي ڇڏيو ۽ جڏهن
هن اهو ڳوڙهن پُسيل ڪاغذ رڌڻي جي پاڻيءَ واري
گينڊيءَ ۾ اڇلايو، ته کيس ڪا چمڪندڙ شيءِ ڏسڻ ۾
آئي. اها زهر جي خالي شيشي هئي.
فرينچ اختياريءَ وارن ڪيترن ئي هفتن تائين شاهه جي
ميت کي پاڻ وٽ رکيو هو. اسين سڀيئي امان جي فليٽ ۾
گڏ هئاسين ۽ اهو اوسيئڙو اسان سڀني لاءِ وڏي پيڙا
هو. مسلمان هجڻ سبب اسان کي چوويهن ڪلاڪن ۾ ميت
دفنائڻي هئي. پر شاهه جي ميت جون ڪيتريون ئي طبي
چڪاسون پئي ٿيون. اسان کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي آيو،
ته اسين پاڻ ڇا ڪريون. تنهنڪري اسان ڪنهن وقت رُنو
ٿي، ته ڪنهن وقت پولار ۾ پئي ڏٺو. ڪنهن کي به کاڌي
جو، ۽ نه پيتي جو يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو ڪو ويچار
هو. اسان وٽ صنم جو ٻار هو، مير جي ڌيءُ هئي ۽
گهڻو ڪري سسئي به هئي، جنهن کي فوزيا تڏهن اسان وٽ
ڇڏي ويندي هئي، جڏهن پڇا ڳاڇا لاءِ کيس ٿاڻي تي
گهرايو ويندو هو. ”اسان کي پينگهه تي گهماءِ.“
ننڍڙيون مونکي ليلائينديون هيون ۽ آئون کين ڀرسان
ئي پينگهن واري پارڪ ۾ وٺي ويندي هيس. ورلي مير به
مون سان گڏ هلندو هو. جڏهن ڇوڪريون راند پيون
رهنديون هيون، ته مير ۽ آئون بينچ تي ويٺي ماٺ
ڪريو، سمنڊ ڏانهن پيا ڏسندا هئاسين.
مونکي سسئي جو ڏاڍو ڏک هو. هوءَ پنهنجي پيءُ جي
گهڻو ويجهو هوندي هئي. هُو هن کي صبح جو ننڊ مان
جاڳائيندو هو، کيس نيرن ڪرائيندو هو ۽ پاٽيءَ تي
به ويهاريندو هو. هن کي ٽن ورهين جي ڪچڙيءَ ڄمار ۾
پنهنجي پيءُ جي وڇڙڻ جي سمجهه اچي ويئي هئي. مير
جڏهن فاطما کي وٺڻ لاءِ آيو هو، ته هن زور ڏئي چيو
هو: ”بابا.“ وري جڏهن ڪار سمنڊ ڪناري لائيپول وٽان
لنگهي هئي، جتي اسان پڪل گوشت کاڌو هو، ته سسئي رڙ
ڪري چيو هو، ”بابا شاهه، بابا شاهه“ شاهه جي ميت
جنهن غاليچي تي پيل هئي، تنهن جو اهو ٽڪرو پوليس
وڍي کڻي وئي هئي. تنهنڪري جڏهن ريحانا ان غاليچيءَ
جي جاءَ تي ٻيو غاليچو وڇايو، ته سسئي ان هنڌ
ڏانهن، جتي هن شاهه کي پڇاڙو ڀيرو ڏٺو هو، اشارو
ڪندي چيو، ”بابا شاهه، بابا شاهه،“ هوءَ هر ڀيري
اهي لفظ چوندي رهندي هئي. جڏهن به مير ۽ آئون کيس
واپس فوزيا وٽ وٺي ويندا هئاسين، ته اسان کي چُهٽي
پوندي هئي. هن گهر ۾ واپس وڃڻ نه ٿي گهريو ۽ ٻئي
ٻانهون اسان جيءَ ڳچيءَ ۾ وجهي، اسان کي چنبڙي
پوندي هئي. ”وڃ، ڪِڪي وڃ.“ جنهن وقت فوزيا هن کي
پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هئي، ته آئون کيس هوريان چوندي
هيس. پر سسئي ويتر چُهٽي پوندي هئي. اسين زور ڏئي
هن جا هٿ ڇڏائيندا هئاسين.
ڪينس ۾ شاهه جي ميت جو اوسيئڙو وڏيءَ پيڙا جهڙو
هو. اتي جي هر شيءِ مونکي هن جي يادگيري ٿي ڏياري.
مون شاهه کي هر هنڌ ٿي ڏٺو. ڪارلٽن هوٽل ۾ ڪچهريون
ڪندي، رستن تي هلندي، هن جي وڇوڙي جو عذاب تنهن
وقت ته ويتر وڌي ويو هو، جڏهن پاڪستان جي اخبارن ۾
لاڳيتو مٿس تُهمتون هنيون پئي ويون. سرڪاري اخبارن
لکيو هو ته شاهه مايوس، ڀاڄوڪڙ ۽ آپگهات ڏانهن
لاڙو رکندڙ انسان هو. انهن اخبارن لکيو ته، جنهن
رات هن وفات ڪئي هئي، تنهن رات هو نشي ۾ هو.
ليبارٽري ۾ هن جون جيڪي آزمائشون ٿيون هيون، تن جي
رپورٽن ان دعويٰ کي رد ڪيو هو. پر انهن رپورٽن
پٽاندر اسان جيڪي انڪاري بيان ڏنا، تن کي پاڪستان
جي اخبارن ۾ خاص جاءِ نه ڏني وئي. هاڻي جڏهن شاهه
پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو هو، ته اسان جي دشمنن
اسان جي مانُ مريادا جي تباهيءَ واسطي هر ڪا ڪوشش
ڪئي هئي ۽ ادا جي ميت وٺڻ جي اوسيئڙي اسان جي پيڙا
کي ويتر وڌائي ڇڏيو هو.
”آئون شاهه کي پنهنجي ڳوٺ ۾ دفنائڻ لاءِ پاڪستان
کڻي وڃڻ چاهيان ٿي.“ مون هڪڙي ڏينهن ٻنپهرن جو گهر
ڀاتين کي چيو.
امان ڄڻ چري ٿي پئي. ”اڙي پِنڪي، تون واپس وڃي نٿي
سگهين.“ هن رڙيون ڪندي چيو. ”مون پنهنجو پُٽ وڃايو
آهي، هاڻي پنهنجي ڌيءَ کي وڃائڻ نٿي گهران.“
”شاهه منهنجي لاءِ هر ڪم ڪيو هو، پر هن ڪڏهن به
پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ مونکي نه چيو هو.“ مون
وراڻيو. ”هن کي واپس لاڙڪاڻي وڃڻ جي ڏاڍي خواهش
هئي. هو اڪثر پڇندو هو ته بابا ڪٿي دفن ٿيل آهي،
ته جيئن هو ويچار ۾ اهو هنڌ ڏسي سگهي. آئون هن جي
ميت کي ڳوٺ کڻي وينديس.“
”مير، هُن کي ٻڌاءِ ته تون واپس نٿي وڃي سگهين.“
امان منهنجي ڀاءُ کي ليلائيندي چيو.
”جيڪڏهن تون واپس ويندينءِ ته آئون به هلندس.“ ادا
چيو ۽ مونکي ڊيڄارڻ لڳو ته آئون اهو ويچار ڇڏي
ڏيان، ڇو ته اسان سڀني کي ڄاڻ هئي ته ضياءَ ضرور
هن کي به قتل ڪرائيندو.
”اوهين نه وڃو، آئون وينديس.“ ماسي بهجت ٻڌايو.
”ائون به وينديس.“ صنم چيو.
”آئون به وينديس،“ ناصر چيو.
”ٺيڪ، سڀ گڏجي هلنداسين. پر آئون وينديس.“ مون
چيو. ”آئون نٿي چاهيان ته شاهه جي تدفين لِڪ ڇپ ۾
ٿئي. منهنجو ارادو آهي ته هن کي اُها سموري عزت ۽
مريادا ملي، جنهن جو هو حقدار آهي.“
جيئن ته لاش جي طبي چڪاس جي پوري ٿيڻ ۾ دير هئي،
تنهنڪري آئون ٿورن ڏينهن لاءِ لنڊن واپس ويس، ته
جيئن باربيڪن ۾ ڪم ڪار جي سار لهان. پارٽيءَ دفتر
۾ سوين ماڻهو مون سان تعزيت لاءِ آيا هئا. شاهه جي
وفات جو پاڪستاني برادريءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو،
جنهن جو هنن حقيقي اظهار ڪيو. ساڳئي وقت هنن ۾ اهو
شڪ به پکڙيل هو، ته منهنجي ڀاءُ جي موت ۾ ضياءَ جو
به ضرور هٿ هو. مونکي دوستن ٻڌايو ته پاڪستان ۾
اهو ڏُک گهڻو هو، سڄي ملڪ ۾ شاهه جي روح کي ثواب
پهچائڻ لاءِ پرپٺ جنازي نمازون پڙهيون ويون هيون.
جڏهن ته هزارين ماڻهو 70 ڪلفٽن تي قرآن خوانيءَ
لاءِ آيا هئا. جن اخبارن ۾ اهڙا الزام هئا ته شاهه
نشي جهڙين شين واپرائڻ سبب وفات ڪئي هئي، تن کي
ماڻهن ساڙيو پئي. سنڌ ۾ هن جي ڏُک ۾ سمورو ڪاروبار
بند ٿي ويو هو. جولاءِ جي ساڙيندڙ گرميءَ هوندي به
ٻن هفتن کان ماڻهو لاڙڪاڻي ۾ ايندا رهيا هئا. اتي
سڀيئي هوٽلون هنن سان ڀريون پيون هيون ۽ هاڻي
ماڻهو ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ڳاهٽ هئا.
آئون جڏهن واپس ڪينس ويس، ته لاش جي طبي چڪاس کان
پوءِ اسان جي روانگيءَ جي انتظامن بابت لنڊن ۽
ڪراچي سان رابطي واسطي مونکي پنهنجي ذهني
پريشانيءَ کي ضابطي ۾ رکڻو پيو هو. ڇو ته شاهه جي
پڇاڙڪي سفر ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين اسان سان گڏ هلڻ
گهريو هو. پاڪستان جي سرڪاري اخبارن شاهه جي ميت
واپس ملڻ ۽ پاڪستان ۾ اسان جي واپسيءَ بابت جيڪي
مونجهارا گهڙيا پئي، تن جي رد لاءِ مون اخباري
بيان ڏيڻ جا انتظام ڪيا، ته جيئن اسان جي همدردن
کي صحيح ڄاڻ ملي سگهي.
اسان جي پيڙا اڃا ختم نه ٿي هئي. فليٽ هيٺان
گهٽيءَ ۾ ٻين ڪيترن ئي ڪارن وچ ۾ ڪنهن به ظاهريءَ
سبب کانسواءِ امان جي ڪار جو دروازو ڀڃي کوليو ويو
هو. مون جيڪي خط ۽ دستاويز پاڻ سان آندا هئا ۽
جيڪي پٺئين سيٽ تي هڪ بريف ڪيس ۾ پيا هئا، سي رُڳو
اهي اتان چورائي ويا هئا؛ جنهنڪري اسان جي ڳڻتي
وڌي وئي هئي ۽ اسان پاڻ کي غير محفوظ پئي سمجهيو.
اهڙو امڪان زور وٺندو پئي ويو، ته شاهه کي حڪومت
جي گماشتن قتل ڪيو هو. ڪا اهڙي ضمانت به نه هئي ته
اهي ڪينس مان هليا ويا آهن. اسان پنهنجي ڳڻتي
فرانسيسي حڪومت کي به ٻُڌائي ۽ کين پنهنجي بچاءُ
لاءِ چيو ۽ هنن اُن سلسلي ۾ پختو انتظام ڪيو.
نيٺ جڏهن شاهه جي ميت اسان کي ملي، ته اسان هن جي
جنازي نماز پڙهي. مون ويچاريو هو ته آئون پنهنجي
ننڍڙيءَ ڀاءُ کي ڏسنديس، جنهن جو مُک منهنجي ذهن
تي چِٽيل هو: ٽامڻي مُنهن، سَنهو ۽ سدا موچارو،
اڇو سُوٽ پاتل، ڇو ته هن کي اڇو رنگ ڏاڍو وڻندو
هو. پر پيتيءَ ۾ جيڪو لاش رکيل هو، سو بلڪل ڪنهن
اوپري ماڻهو جو ٿي لڳو. شاهه جو مُنهن چُن جهڙو
اڇو ۽ ڦوڪيل هو. طبي چڪاس لاءِهن جي چهري تي جيڪي
ڪيترائي چَهڪ ڏنا ويا هئا، تن کي لڪائڻ لاءِ مٿن
پائوڊر ٿَڦيو ويو هو. اهو ڏيک دل ڏاريندڙ هو.
هاءِ الله، منهنجا پيارا گوگي. هنن تنهنجو هيءُ
ڪهڙو حال ڪيو آهي؟ سڄي ڪمري ۾ روڄ راڙي جو آواز
هو. بيخياليءَ ۾ آئون پنهنجو مُنهن پِٽڻ لڳيس ۽
سُڏڪا ڀريندي ايترو ته رُنيس، جو منهنجي هِڏڪي
ٻَڌجي وئي. اسان کي زوريءَ ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو
ويو. اسان ڪوشش ڪري پاڻ سنڀاليو ۽ ڪار ڏانهن
ويونسين. جتي اخباري فوٽوگرافر اسان جي اوسيئڙي ۾
بيٺل هئا. |