رضاڪارن جڏهن اهي دستاويز ڏٺا، ته سندن اکين ۾
ڳوڙها ڀرجي آيا هئا، پر مونکي سخت ڪاوڙ لڳي هئي.
پهريون ڀيرو اسان کي هڪ اهڙو ثبوت هٿ آيو هو، جنهن
مان اسين جيڪو سدائين ٻڌندا هئاسين، تنهن جي تصديق
ٿي هئي: سياسي مقدمن ۾ فوجي سزائن جا حُڪم ضياءَ
وٽان ئي نڪرن ٿا. اسين هڪدم انهن دستاويزن جي
سموئڻ ۽ سهيڙڻ جي ڪم ۾ لڳي وياسين، ته جيئن اهي
تُرت ڇپجي سگهن. جيڪڏهن ڪا ڳالهه عالمي برادريءَ
کي تحرڪ ۾ آڻي ٿي سگهي ۽ ضياءَ جي فوجي عدالتن کي
رُڳو حڪومت جون آڱوٺي ڇاپ عدالتون ثابت ٿي ڪيو، ته
اهو رُڳو اهي دستاويز ئي ڪري ٿي سگهيا. لارڊ
ايوبري، جنهن منهنجي ۽ امان جي ڇوٽڪاري لاءِ ڏاڍي
مدد ڪئي هئي، تنهن هاڻي انهن دستاويزن جي پڌرائيءَ
لاءِ برطانوي پارليامينٽ ۾ اسان لاءِ هڪ پريس
ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ اسان جي مهم ۾
تيزي اچي وئي.
انساني حقن جي ادارن کان وٺي مزدور اڳواڻن تائين
سڀني باضمير ماڻهن اسان جي سڏ جو جواب ڏنو.
”جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ ٽريڊ يونين جي حقن کي پهچندڙ
جوکن کان اسين پاڻ به سُڄاڻ ٿيندا پيا وڃون، پر
ساڳئي وقت اسان کي پنهنجن انهن ڀائرن ۽ ڀينرن جي
ان جدوجهد جي به واقفيت ضروري آهي. جيڪا اهي ٻين
ملڪن ۾ پيا ڪن.“ ناٽنگهام جي ٽريڊ يونين آرگنائيزر
لارينس پليٽ ٽريڊ يونين جي مشهور مخزن ”ٽي ائنڊ جي
رڪارڊ“ جي ايڊيٽر کي لکيو. ”مزدور اڳواڻ ناصر بلوچ
۽ سندس ساٿي جوابدارن جي زندگي بچائڻ لاءِ، جيڪي
پنهنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن، اڃا به وقت آهي،
تنهنڪري پاڪستاني حڪومت ۽ هتي موجود ان جي
سفارتخاني سان احتجاج ضرور ڪرڻ گهرجي.“
اُن ڳالهه جو وڪيلن کي به ڏاڍو صدمو پهتو ۽ اهي به
ڪنهن ڪارروائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا. ”پاڪستان ۾
مارشل لا جي قاعدن هيٺ خاص فوجي عدالت جوڙي منجهس
انهن چئن ماڻهن جو مقدمو هلائي، کين سزا ڏني ويئي
آهي.“ مشهور انگريز وڪيلن پنهنجي بيان ۾ چيو. ”اهي
عدالتون انهن فوجي عملدارن جي اڳواڻيءَ ۾ جُڙيل
آهن جن کي ڪابه قانوني سِکيا مليل ڪانهي ۽ انهن
مقدمن جي ڪارروائي ڳجهي رکي وڃي ٿي. ثبوت جو سمورو
بار جوابدارن تي رکيو وڃي ٿو ۽ هنن کي ئي پنهنجي
بيگناهي ثابت ڪرڻي پوي ٿي.ٻيو ته اهي پنهنجن مقدمن
لاءِ پنهنجن وڪيلن تائين به نٿا پهچي سگهن.“
”اسين پاڪستاني حڪومت کان گهُر ٿا ڪريون، ته اهي
مقدما ۽ سزائون بند ڪيون وڃن. اسين خاص ڪري جنرل
ضياءَ الحق کي اپيل ٿا ڪريون، ته انهن چئن ماڻهن
کي موت جي سزا جي تصديق نه ڪري ۽ هنن جون جانيون
بچائي. اسين برطانيا جي حڪومت کان پڻ گهر ڪريون
ٿا، جيڪا ضياءَ حڪومت کي اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏئي
ٿي، ته اُها پاڪستاني حڪومت تي زور رکي، ته انهن
چئن ماڻهن جي سزائن تي عمل نه ڪري ۽ آئيندي اهڙا
مقدما نه هلائي.“
اسين سياسي قيدين جي زندگي بچائڻ لاءِ ڳڻتيءَ ۾
هئاسين. پر پاڪستان ۾ موت خلاف اسان جي جنگ هلندي،
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻين جلاوطن اڳواڻن
پنهنجن خاص مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڌيڪ چاهه پئي
ڏيکاريو. انهن اڳواڻن جا فون لاڳيتا باربيڪن ۾
ايندا رهيا، جن ۾ مون سان ملاقات جي درخواست ڪيل
هوندي هئي. انهن مان گهڻا ته بابا جي حڪومت ۾ وزير
به رهيا هئا. باربيڪن ۾ روزانو رُڳو پندرهن
ملاقاتين کي اچڻ جي اجازت هوندي هئي، پر آئون ڪڏهن
ڪڏهن هڪ ئي وقت پنجن يا هن جي جٿي کي گهرائي ڪيترن
ئي سان ملاقات ڪندي هيس: پر اهي سوچي ته اڃا گهڻو
ئي ڪم ڪرڻو آهي، مونکي ڏاڍي چِڙ ۽ بي آرامي ٿيندي
هئي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سدائين گهڻن طبقن جي گڏيل
پارٽي رهي هئي اها ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي
گروهن، جهڙوڪ مارڪسين، جاگيردارن ۽ زميندارن،
واپارين، مذهبي اقليتن، عورتن ۽ غريبن جو اتحاد
رهي هئي. بابا جي وفات کان اڳ اُنهن ڌار ڌار طبقن
وچ ۾ مفادن جا جيڪي اختلاف ٿيندا هئا، سي ختم ٿي
ويندا هئا، پر لنڊن ۾ جلاوطنيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ سياسي
اڳواڻن جي ان ڊَپ سبب ته ملڪ ۾ عوام کين وساري
ڇڏيندو. منجهن عوامي مقصدن بجاءِ لوڀ ۽ هٻچ اچي
وئي هئي. وڏي ڳالهه ته پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ تي
اعلان کانسواءِ جنگ شروع ٿي وئي هئي. انهن پراڻن
پهريدارن جو ويچار هو، ته جيڪڏهن مونکي هڪ ڀيرو
مڃيو ويو ته پوءِ اهي سدائين لاءِ مونکي مڃيندا.
”ڇا منهنجي قسمت اها آهي، ته پهرين پيءُ پٺيان
هلان، پوءِ ماءُ پويان ۽ هاڻي ڌيءُ پٺيان؟“ جڏهن
آئون پهريون ڀيرو لنڊن پهتي هيس ته مونکي ٻڌايو
ويو هو، ته ڪنهن اهو چيو هو.
”توکي فيصلو ڪرڻو پوندو، ته تون ڪنهن جي پاسي
آهين“ هر ٽوليءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ وڌيڪ
اهميت ماڻڻ ۽ نيٺ مٿس قبضي جي تياري شروع ڪئي هئي.
”آئون ڪنهن جي به پاسي ڪونه آهيان.“ مون زور ڏيندي
چيو. ”جيڪڏهن پارٽيءَ ۾ مختلف ٽولين هڪ ٻئي کي ڪڍڻ
بدران اتحاد ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪيو، ته اسين گهڻو
ڪجهه ڪري سگهنداسين.“ مون صبر ۽ عقل کان ڪم وٺڻ جي
ڪوشش ڪئي، ڇو ته مونکي ڳڻتي هئي ته متان اهي
ڪُراڙا ’چاچا‘ مون کان پري نه ٿي وڃن ۽ ٻيو ته
مونکي پنهنجي سياسي حيثيت جي ڪمزوريءَ جي به ڄاڻ
هئي. جيتوڻيڪ آئون جڏهن انگلينڊ ۾ پهتي هيس، تڏهن
پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي، منهنجي نائب
چيئرپرسن جي حيثيت کي ٻيهر مڃڻ جو اعلان ڪيو هو.
پر اهي ماڻهو پراڻا سياستدان هئا، جڏهن ته آئون
نؤجوان ۽ سندن ڌيئرن جيڏي هيس. فوجي بغاوت کان
پوءِ انهن ماڻهن لنڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي
هلايو هو. آئون ته پاڪستان مان اتي تازو آئي هيس.
هنن کي پنهنجيءَ طاقت جا بنياد پختا ڪرڻ ۾ ورهيه
لڳي ويا هئا. آئون ماضيءَ جا اختلاف ميسارڻ جي حق
۾ هيس ۽ مون پارٽيءَ جي وڌيڪ ڀلائيءَ لاءِ انفرادي
طاقت جي بنيادن ۾ توازن رکڻ چاهيو ٿي. آئون جڏهن
آمريڪا مان واپس آئي هيس، ته مارڪسي ٽولي جي گهڻ
ڳالهائو ماڻهن مون تي حملو ڪيو هو.
”توکي آمريڪا وڃڻ نه کپندو هو.“ اُن ٽولي جي اڳواڻ
مونکي دڙڪو ڏيندي چيو. جيتوڻيڪ منهنجي آمريڪا
رواني ٿيڻ کان اڳ ان بابت هن هڪ لفظ به نه چيو هو.
”آمريڪي ضياءَ جا دوست آهن. هن جي خاتمي لاءِ اسان
کي روسين سان شامل ٿيڻ گهرجي.“
”توکي اهو ويچار ڪيئن آيو، ته آمريڪي يا روسي ڪنهن
جا دوست آهن؟“ مون به بحث ڪيو. ”آمريڪي پنهنجي
جنگي حڪمت عمليءَ پٽاندڙ ضياءَ جي مدد ڪن ٿا. شايد
روسي اڄ اسان جي پُٺڀرائي ڪن، پر سڀاڻي جيڪڏهن
سندن حڪمت عملي بدلجي وئي، ته پوءِ اهي اسان کي
اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيندا. انهن وڏين طاقتن جي ويڙهه
۾ اسان کي پوڻ نه گهرجي. اسان کي ته پنهنجن قومي
حقن لاءِ وڙهڻ گهرجي. عالمي سياست جي ويڙهه ۾ اسين
پُڄي نه سگهنداسين.“
اُن جهيڙي ۾ تُرت صوبائيت جا حامي به گڏجي ويا.
”تون سنڌي آهين. ٻين صوبن بدران تون سنڌ لاءِ آواز
اُٿار، نه ته اهي توکي ڪڏهن به معاف نه ڪندا،“ هنن
مونکي خبردار ڪيو.
”اسان مارشل لا حڪومت جي هٿن ۾ ڇو کيڏون، جيڪا
ورهاڱي جي ڌمڪيءَ کي واپرائي ثابت ڪرڻ چاهيو ٿي،
ته فوج جي طاقت ئي پاڪستان جي اتحاد کي قائم رکي
سگهي ٿي. ”مون ڦُڙتيءَ سان جواب ڏنو، ”اسان وٽ
اهڙا ماڻهو آهن جيڪي چاهين ٿا، ته چئني صوبن ۾
جمهوريت هجي. اَنياءُ آڏو صوبائي حدون نٿيون هُجن.
ڇا اسين هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران جيڪڏهن پنهنجي دشمن
سان وڙهنداسين، ته اسان جون قوتون سُٺي نموني ۾
ڦلدائڪ نه ٿينديون؟“
وطن پرستن ۽ سرڪار جي اثر هيٺ آيل پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي ميمبرن، جن ضياءَ سان ٺاهه لاءِ هر
جائز ناجائز طريقا واپرايا هئا، پنهنجن فائدن لاءِ
آواز اٿاريا. انهن بحثن سبب منهنجي مايوسي ويتر
وڌندي وئي. هڪ طرف پاسي واري ڪمري ۾ اسان جي
رضاڪارن، پاڪستان ۾ اسان جي حامي ماڻهن جون
حياتيون بچائڻ لاءِ هڪ ضروري ۽ ڏُکيو ڪم پئي ڪيو،
ته ٻئي پاسي اُنهن مُدي خارج سياستدانن منهنجو وقت
پئي وڃايو، جن کي عوام جي پريشانين، بدران پنهنجين
انفرادي پريشانين جو ويچار هو.
نيٺ آئون پنهنجي ڪاوڙ کي ان وقت روڪي نه سگهيس،
جڏهن هڪ ڏيهه نيڪال پوڙهو ’چاچو‘ مون وٽ باربيڪن ۾
آيو. هو سانت سان صوفي تي ٿي ويٺو ۽ هن مون کان
گهر ڪئي، ته آئون هن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
پنجاب جو صدر ڪريان ۽ کيس پنهنجي پسند جا ٻيا
عهديدارَ کڻڻ جي اجازت ڏيان. ”آئون اهو ڪم نٿي ڪري
سگهان.“ مون حيرانيءَ مان کيس چيو، جنهن کي پنجابي
سياستدانن ۾ ڪا مشهوري به نه هئي ۽ جنهن فوجي
بغاوت کان پوءِ پنهنجو سمورو وقت لنڊن ۾ سلامتيءَ
سان گذاريو هو. ”ان سبب پارٽيءَ ۾ ناراضپو ٿيندو ۽
قابليت پٽاندر ۽ عام راءِ مطابق اسين جيڪي فيصلا
ڪنداسين، تن تي خراب اثر پوندو.“
”تو وٽ ان کانسواءِ ٻيو چارو ئي ڪونهي.“ هن
سرپرستيءَ واري انداز ۾ چيو. ”مارڪسي تو سان
ڪاوڙيل آهن. صوبي پرستن پنهنجون جماعتون ٺاهيون
آهن. تون مونکي پارٽيءَ مان ڪڍڻ جي همت نٿي ڪري
سگهين.“
”پر اها ڳالهه پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اصولن
خلاف آهي.“ هن جي انهي مطالبي تي آئون اڃا تائين
ششدر هيس.
”اصول“. هن چٿر مان وراڻيو. ”اصول برابر ٺاهوڪا
آهن. پر ماڻهو سياست ۾ اقتدار ماڻڻ لاءِ اچن ٿا.
جيڪڏهن تون مونکي صدر مقرر نٿي ڪرين ۽ منهنجي پسند
جا ماڻهو نه ٿي ڏين، ته پوءِ آئون ٻيون راهون
ڳوليندس. شايد آئون پنهنجي پارٽي ٺاهيان ۽ پوءِ
آئون تنهنجو وڏو مخالف ثابت ٿيندس.“
مون پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌندي ڀانئيو، جو خاص مفادن
وارن انهن گروهن کي ننڍين وڏين ڳالهين تي وڙهندي
ٻُڌي مون پنهنجو وقت وڃايو هو. اهو پاڪستاني سياست
جو پراڻو گُر هو. پنهنجي لاءِ شڪار ڦاساءِ. مٿس
دٻاءُ وجهه. جيترو ٿي سگهي ته هر عهدي تي قبضو ڪر.
ڊپ ۽ ڊَپ ڏئي ڪم ڪڍ. ڌمڪائينس . انهن پراڻن طريقن
جي مونکي ڄاڻ هئي. ”چاچا“، مون شوڪارو ڀريندي ۽
پنهنجي ڪرسيءَ تان اڳتي جهُڪندي هن کي چيو. ”تون
پاڻ ڄاڻين ٿو ته جيڪڏهن تون پارٽيءَ کي ڇڏي
ويندين، ته پارليامينٽ جي هڪڙي سِيٽ کٽڻ به تنهنجي
لاءِ ڏُکي ٿيندي.“
”واقعي؟ واقعي؟“ منهنجو اهو رُکو جواب ٻڌي هن اچرج
وچان ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو ۽پوءِ هو وڏيون ٻرانگهون
ڀريندو ڪمري مان ٻاهر هليو ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾
پارٽيءَ مان به. هڪ ٻيو آزار. مون پنهنجي ذهن مان
اهو ٿُڏڻ کان پهرين ويچاريو. جڏهن به ڪو پارٽي ڇڏي
ٿي ويو، ته موکي هرگز خوشي نٿي ٿي. پر پوءِ مون
ڀانئيو هو ته سياست ۾ ڪابه ڳالهه مستقل نٿي هجي.
ماڻهو هليا وڃن ٿا، ماڻهو شامل ٿين ٿا. ماڻهو وري
ٺاهه ڪن ٿا. اهم ڳالهه اِها هجي ٿي ته ڪا سياسي
جماعت پنهنجي نسلي مزاج جي وضاحت ڪري. لنڊن ۾ اسان
جي ڪم سبب پاڪستان ۾ عوام جا حوصلا وڌيا پئي ۽
پارٽيءَ کي سگهه پئي ملي. اها ئي وڏي اهم ڳالهه
هئي. خاص ڪري ڊسمبر 1984ع ڌاري، جڏهن پتو پيو هو
ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي گهڻي ۾ گهڻي سگهه جي
گهُرج آهي.
آمريڪا طرفان زور پوڻ تي ضياءَ مارچ 1985ع ۾ چونڊن
جو فيصلو ڪيو. پر ان کان پهرين اعلان ڪيو ويو، ته
هو 20 ڊسمبر تي قومي ريفرينڊم ڪرائيندو. اُن کي
اسلامي ريفرينڊم جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ لفظن جي
چونڊ اهڙي ڪئي وئي، جو اُن ۾ چالاڪيءَ کان ڪم ورتل
نه هجي ها، ته هوند کل جهڙو لڳي ها. ان ۾ چيل هو
ته، ”پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءَ الحق پاڪستان
جي قانون کي اسلامي احڪامن پٽاندر، جيئن قرآن ڪريم
۽ رسول الله ﷺ جن جي سُنت ۾ ڄاڻايل آهن، بنائڻ
لاءِ جيڪو عمل شروع ڪيو آهي، ڇا ان جي پاڪستاني
عوام تصديق ڪري ٿو.“ ڇا هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنهن جي
آبادي پنجانوي سيڪڙو مسلمان هئي، ڪو ماڻهو ان خلاف
راءِ ڏئي سگهيو ٿي؟ ”نه“ ووٽ جو مطلب هو اسلام
خلاف راءِ ڏيڻ. پر سياست پٽاندر ”هائو“ جوکائتي
راءِ ٿئي ها. ضياءَ اعلان ڪيو ته اُن چونڊ جي پڪي
۽ قطعي راءِ سبب هو پنجن ورهين تائين پاڪستان جو
صدر رهندو.
سمورو نظام لڙاٽيل ڪُوڙ ۾ ويڙهجي ويو هو، ته جيئن
ضياءَ کي اهو اختيار ملي، جنهن جي کيس سخت گهُرج
هئي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٻئي فوجي آمر هن
کانسواءِ ايترو وقت حڪومت نه ڪئي هئي ۽ ضياءَ ڪوبه
موقعو هٿان ڇڏڻ نه ٿي گهريو. ضياءَ اعلان ڪيو ته
”نه“ ووٽ جي سلسلي ۾ جيڪو به مهم هلائيندو، تنهن
کي ٽي ورهيه سخت پورهئي سان سزا ۽ پنجٽيهه هزار
ڊالر ڏنڊ وڌو ويندو. ٻيو ته انهن ووٽن جي ڳڻپ جو
ڪم ڳجهي طرح فوج ڪندي ۽ سندن نتيجن تي ڪنهن به
ديواني عدالت ۾ مقدمو هلائي نه سگهبو. ڇا هن واقعي
اهو سوچيو هو، ته اهو اُن ووٽ کي جائز ۽ منصفاڻو
ثابت ڪري سگهندو؟
”بائيڪاٽ“ اسان ’عمل‘ ۾، اخباري ملاقاتن ۾، تقريرن
۾، بيانن ۾ تاڪيد ڪيو. ”بائيڪاٽ،“ پاڪستان ۾ ايم
آر ڊيءَ جي ميمبرن اصرار ڪيو، جتي ٻن مذهبي جماعتن
پڻ ريفرينڊم کي ”اسلام جي نالي تي ٺڳي“ چئي ان کي
نِنديو هو. ”ووٽ ڏيو! اوهان کي ان لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ
جي به گهُرج نه هوندي.“ لائوڊ اسپيڪرن تان ان جو
جواب آيو، جيڪي حڪومت ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ ڪُنڊن تي
هڻي ڇڏيا هئا. حڪومت جا گماشتا بلوچستان ۾ افغان
پناهگيرن کي لارين ۾ ڀري پولنگ اسٽيشنن تائين
پهچائيندا رهيا ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن جا ٻيا ماڻهو
پولنگ جي ٻين جاين تائين رسائيندا رهيا.
اڳڪٿيءَ مطابق پاڪستان جي سرڪاري اخبارن ٻڌايو، ته
ٻه ڪروڙ ماڻهن مان چوهٺ سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنو، جن
مان ڇانوي سيڪڙو ماڻهن ”هائو“ چيو. پر اسلام آباد
۾ ’گارجين‘ اخبار جي عيوضيءَ جي ڪٿ مطابق ڏهه
سيڪڙي کان به گهٽ ماڻهن ووٽ ڏنو هو. ’رائيٽر نيوز
سروس‘ به اهو ٻڌايو. بائيڪاٽ لاءِ اسان جيڪو سڏ
ڏنو هو. تنهن ڪم ڏيکاريو. ”جيڪڏهن جنرل اسلام جي
ڍال کانسواءِ ايماندار ۽ همت سان پاڻ کي آزمائش
لاءِ سامهون آڻي ها، ته هوند پڪ سان هارائي وڃي
ها.“ لنڊن جي اخبار ’دي ٽائيمس‘ 12 ڊسمبر تي
پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو. ”جنهن سبب هُن ائين نه
ڪيو.“
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي اڳواڻ ڏيهه نيڪالي
هئا، تن سان گڏجي واپس پاڪستان وڃڻ لاءِ مون کي
ڪنهن اهڙي وجهه جو اوسيئڙو هو. شايد اهڙو وقت اچي
ويو هو. ”هيءُ وقت آهي ته اسين ضياءَ الحق خلاف
احتجاجي مهم شروع ڪريون.“ اتر لنڊن ۾ پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳوڻي وزير جي گهر ۾ سڏايل
گڏجاڻيءَ ۾ پارٽيءَ جي وڏيرن اتفاق ڪندي چيو. ”ان
ريفرينڊم ضياءَ جي غير مقبوليت جا وَکا سڄي دنيا ۾
پڌرا ڪري ڇڏيا اهن“ ٻين وري ان سان اتفاق نه ڪيو.
”عوام شايد اسان جي سڏ جو جواب نه ڏئي.“ بحث هلندو
رهيو. ”گهڻي وقت جي سُستيءَ سبب عوام ماٺار ۾ آهي.
اسان کي کليل ميدان ۾ لهڻ گهرجي.“ انهيءَ بحث
هلندي ”چاچن مان هڪڙي مون ڏانهن ڏسندي چيو. ”آئون
اُن جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو.“ هن ٻڌايو. ”مس بينظير
کي واپس موڪلڻ گهرجي، جنهن سبب هرڪو ماڻهو ٻاهر
نڪري ايندو.“
”ٺيڪ آهي.“ مون اتفاق ڪيو. ”سياسي طرح منهنجو اتي
وڃڻ صحيح آهي، ته پوءِ اسان سڀني کي اتي وڃڻ لاءِ
منصوبو ٺاهڻ گهرجي. اسين ڇو نه ڏهن ڏينهن جي عرصي
۾ روزانو هڪ جي حساب سان ڌار ڌار وقت تي اتي
پهچون، ته جيئن آهستي آهستي طاقت جو ڀنڊار ٺهي؟“
سڄي ڪمري ۾ ماٺار ڇانئجي وئي. ”تون واپس وڃ! آئون
واپس نٿو وڃي سگهان.“ هڪ ٻئي پٺيان سڀني احتجاج
ڪيو. هنن الزامن جي فهرست، قيد جي سزائن ۽ ڦاسين
تي ڳالهايو، جيڪي پاڪستان ۾ منجهانئن هر هڪ خلاف
تجويز هيٺ هيون. مونکي اچرج لڳو. اهي مونکي واپس
موڪلڻ لاءِ بلڪل تيار هئا، پر اڳرائيءَ جي گڏيل
مهم شروع ڪرڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ نيڪنيت نه هئا.
”اسين اها مهم صحيح طريقي تي هلايون يا وري بلڪل
ئي نه هلايون.“ مون چيو. ماٺ. چؤڌاري ماٺار هئي.
پوءِ به ريفرينڊم ۾ ضياءَ کي جيڪو ڌَڪ لڳو هو،
تنهن تي اسان سڀني کي ڏاڍو اطمينان ٿيو. 5 جنوري
1985ع تي بابا جي جنم تاريخ تي پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ سڄيءَ دنيا ۾ سوڀُ جا جلوس ڪڍي جمهوريت جو
ڏينهن ملهايو. ان موقعي تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ
۾ تقرير ڪندي مون لنڊن ۾ هڪ گڏجاڻيءَ جي صدارت
ڪئي، جنهن ۾ اسان هڪ سيمينار ۽ مشاعري جو انتظام
ڪيو. ماحول ۾ ڏاڍي بيچيني هئي ۽ مسواڙ تي ورتل هال
ماڻهن سان سَٿيل هو. مون پنهنجي تقرير هڪ انقلابي
شاعر جي گيت تي ختم ڪئي. سڄي هال ۾ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جا جهنڊا جهولڻ لڳا ۽ اتي موجود سڀيئي ڄڻا
گيت جون مصرعون وڏي آواز ۾ ورجائڻ لڳا، ”مان ڏوهي
هان، مان ڏوهي هان، مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن.“(1)
سيمينار هلندي مونکي امان جو ٽيليفون آيو. صنم کي
اُن وقت ڌيءَ ڄائي هئي. شملا ۾ ’ڌيءَ ڄائي آهي،‘
خراب خبر لاءِ اشارو هو. پر مون پيپلز پارٽيءَ جي
حامين اڳيان ان خوشخبريءَ جو اعلان ڪندي چيو،
”شهيد ڀٽي جي جنم ڏينهن تي اها خوشخبري آئي آهي،
ته منهنجيءَ ڀيڻ صنم کي ڌيءَ ڄائي آهي. هن جو نالو
آزادي رکيو ويو آهي. اُن لفظ جي معنيٰ آهي:
ڇوٽڪارو.“ ان تي خوشيءَ جا هُوڪرا ٿيا. سيمينار جي
فلم ٺاهي وئي، جنهن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون لِڪ ڇپ
۾ پاڪستان موڪليون هيون.
ٽي ڏينهن پوءِ آئون، امان ۽ صنم وٽ هيس. جڏهن
ضياءَ اعلان ڪيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون
چونڊون فيبروريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿينديون، ته انهن
چونڊن جي بائيڪاٽ جو معاملو ريفرينڊم کان وڌيڪ شڪي
هو. مارشل لا اڃا قائم هو ۽ سياسي جماعتن تي بندش
پيل هئي. قومي اسميبليءَ ۾ نمائندگي ماڻڻ لاءِ
اسان جا اميدوار پارٽيءَ عيوضين بدران انفرادي
حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو وٺي ٿي سگهيا. پوءِ به اهي
پهريون قومي چونڊون هيون، جيڪي 1977ع جي فوجي
بغاوت کان پوءِ ضياءَ ڪرائڻ گهريون ٿي. ڇا اسين
انهن ۾ حصو وٺون؟
”بائيڪاٽ“. لنڊن ۽ پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي ميمبرن ضياءَ جي اعلان تي ويچاريندي
فيصلو ڏنو. پر منهنجو سُک ڦِٽي پيو هو. ”ميدان
ڪڏهن به خالي نه ڇڏجي.“ بابا هر ڀيري چوندو هو.
مونکي ڪابه سُڌ نه هئي ته آئون ڇا ڪريان ۽ نه وري
اها ڄاڻ هئي ته پاڪستان ۾ ايم آر ڊيءَ جي ميمبرن
جو ڪهڙو ارادو هو. يورپ ۾ ايئن رهندي ڏاڍي مايوسي
ٿي هئي، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ ڏاڍي چرپر هئي.
سدائين جيان ضياءَ پنهنجا قانون ڦيرائيندو رهيو.
12 جنوري تي هن ريڊيي تان هڪ قومي پروگرام ۾ اعلان
ڪيو، ته پيپلز پارٽيءَ ۽ ايم آر ڊيءَ جي سرگرم ۽
اهم ميمبرن کي چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان مورڳو نااهل
ڪوٺيو ويندو ۽ اهڙي طرح اهي اميدوار به نه ٿي
سگهندا. ٽي ڏينهن پوءِ هن وري پنهنجو اهو ارادو
ڦيرايو ۽ چيو ته منجهانئن گهڻا چونڊن ۾ اميدوار
طور بيهي سگهن ٿا. اها ڳالهه آئون سَهي نٿي سگهيس.
”آئون سمجهان ٿي ته مونکي واپس وطن موٽڻ گهرجي.“
مون امان کي تنهن وقت چيو، جڏهن صنيءَ جي ڌيءُ
رُنو پئي. ”چونڊن بابت آئون سينٽرل ايگزيڪيوٽو
ڪميٽيءَ سان ڳالهائڻ گهران ٿي. اسان کي فيصلو ڪرڻو
آهي ته سياسي سوڀ سُٺي نموني ملڪ ۾ يا ملڪ کان
ٻاهر رهي ماڻي سگهجي ٿي.“
مون سمجهيو هو ته هوءَ منهنجي واپس وڃڻ جي فيصلي
جي مخالفت ڪندي. الاءِ منهنجي لاءِ ضياءَ جي مَن ۾
ڇا هو. پر هن هڪ منٽ لاءِ سوچيو ۽ پوءِ هُن منهنجي
ڳالهه مڃي. ”تون صحيح آهين.“ هن چيو. ”وقت آيو آهي
ته پاڪستان ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن سان مشورو ڪجي.“
مون ۽ امان واري واري تي پارٽيءَ جي هڪ نائب سان
ڳالهائڻ لاءِ ٽيليفون تي نمبر بُڪ ڪرايا، جنهن ۾
ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا. اسين هن سان ته ڳالهائي
ڪونه سگهيونسين، البت منهنجي سئوٽ فخري فون تي ملي
وئي. ”اسان جي ملازمن کي چئو، ته 70 ڪلفٽن ۾ صفائي
ڪري ڇڏين.“ مون هن کي ٻڌايو. ”آئون ٽن چئن ڏينهن ۾
اتي پهچي وينديس.“ پوءِ جڏهن آئون جهاز جي اڏام جا
وقت وٺي موٽيس، تڏهن فون جي گهنڊڻي وڳي.
”70 ڪلفٽن فوج جي گهيري ۾ آهي.“ ڊاڪٽر نيازي
ٻڌايو. مونکي هينئر ڪراچيءَ مان خبر ملي آهي، ته
تنهنجي ۽ تنهنجي امان جي نظربنديءَ جا حڪم نڪتا
آهن. سڄي ملڪ جي هوائي اڏن کي پڻ گهيرو ڪيو ويو
آهي ۽ لنڊن ۽ فرانس مان جيڪا به عورت برقعي ۾ اچي
ٿي، تنهن جي جهَڙتي ورتي وڃي ٿي.
جيڪڏهن مونکي هڪدم جهلي نظربند ڪيو ويو ۽ آئون ان
گڏجاڻيءَ ۾ بهرو وٺي نه سگهنديس، ته چونڊن ۾ حصو
وٺجي يا نه، ته پوءِ منهنجو واپس وڃڻ اجايو ٿيندو.
يورپ مان آئون ٽيليفون ته ڪري ٿي سگهان. پوءِ به
آئون پاڪستان ۾ ڳالهائڻ لاءِ ٽيليفون تي ڪوشش ڪندي
رهيس. مونکي پڪ ٿي وئي هئي، ته چونڊن ۾ اسان کي
ضياءَ جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ مون ايم آر ڊيءَ جي
گڏجاڻين ۾ ان راءِ جي نمائندگيءَ ڪرڻ پئي گهُري.
”ڇا مِس ڀٽو ٿي ڳالهائي.“ نيٺ فون مليو، ته ايبٽ
آباد مان اچرج ۾ ورتل هڪ آواز چيو.
”هائو، هائو“ مون بيچينيءَ وچان وراڻيو. ”ڇا ايم
آر ڊي چونڊن لاءِ ڪو فيصلو ڪيو آهي؟“
”هائو.“
”ڪهڙو فيصلو؟“ مون گهُٽيل ساهه ۾ پڇيو.
”بائيڪاٽ ڪبو.“ هن وراڻيو.
جيڪڏهن پارٽيءَ ۽ مخالف ڌُر جو اهو گڏيل فيصلو هو،
ته ٺيڪ هو ۽ پوءِ آئون لنڊن واپس ويس، جتي مون
سنڌي ۽ اردوءَ ۾ پنهنجو نياپو رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾
عوام کي چيو ويو ته اهي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪن. اهو
نياپو به لڪ ڇپ ۾ پاڪستان موڪليو ويو، جيڪو هزارن
جي تعداد ۾ سنڌ، پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ورهايو
ويو هو.
25 فيبروريءَ تي آئون لنڊن ۾ ٽيليفون ويجهو ٿي
ويٺيس، ته جيئن قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۽ ٽي
ڏينهن پوءِ صوبائي اسيمبلين جي رٿيل چونڊن جو
احوال وٺان. پاڪستان ۾ چونڊن واري ڏينهن وڏو هُل
هنگامو ٿئي ٿو ۽ هر پاسي جشن جهڙو ماحول هجي ٿو.
رستا ۽ گهٽيون ماڻهن سان ڀريل هجن ٿيون، جتي
گهورڙيا پنهنجن گاڏن تي بوتلون، مٺايون، سمبوسا،
پڪوڙا ۽ کاڌي جون ٻيون شيون وڪڻندي ڏسبا آهن. ووٽ
وجهڻ وارن هنڌن تي ماڻهن جا انبوهه اچي گڏ ٿين ٿا،
جيڪي پنهنجو ووٽ ڏيڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان اچيو ڳاهٽ
ٿين. پاڪستانين کي ڪڏهن به ترتيب سان قطار ٺاهي
بيهڻ جي سمجهه ئي نه آهي. پر ٽيليويزن تي جيڪي ووٽ
ڏيندڙ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، سي شايد سرڪاري ملازم هئا،
جن کي ٽيليويزن تي ڏيکارڻ لاءِ آندو ويو هو. اُهي
هڪ سنهي قطار ۾ هڪٻئي پٺيان ڏاڍي آرام سان بيٺا
هئا. اتي کاڌي جي شين جا ٺيلها به ڏسڻ ۾ ٿي آيا.
سچائيءَ اها آهي، ته ضياءَ جنهن عمل کي چونڊون
سڏيو هو، سو نفرت جوڳو هو. ’ٽائيم‘ مخزن جي ايشيا/
پئسفڪ ڇاپي ۾ لکيو ويو: ”سياسي جماعتن جي غير
موجودگيءَ ۾، چونڊ مُهم هلائڻ لاءِ نه ڪي موضوع
هئا، نه ڪي جلسا جلوس ٿيا ۽ نه ئي قومي مسئلن کي
بحث هيٺ آندو ويو هو. اميدوارن کي چؤديواريءَ کان
ٻاهر جلسن ۽ جلوسن ڪڍڻ جي روڪَ هئي. هنن کي
مائيڪرو فون، لائوڊ اسپيڪر واپرائڻ ۽ ريڊيي يا ٽي
وي تان تقرير جي به اجازت نه هئي. حڪومت اميدوار
کي وڌ ۾ وڌ اها اجازت ڏني هئي، ته هو هر دروازي تي
وڃي ماڻهن سان ملي ۽ ايترن ماڻهن سان ملاقات ڪري
جيڪي هڪڙي ڪمري ۾ آرام سان ويهي سگهن. ڪجهه پُر
اميد اميدوارن ان سلسلي ۾ مسجدن کي ڪَتب آڻڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي، جن کي هڪدم نااهل ڪوٺيو ويو هو.“
حڪومت اعلان ڪيو ته ٽيونجاهه سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنا
هئا. جڏهن ته اسان جي ڪَٿ مطابق ڏهه کان چوويهه
سيڪڙي تائين ماڻهن ووٽ ڏنا هئا. هڪ ڀيرو وري ايم
آر ڊيءَ جي سڏ ڪم ڏيکاريو: جيتوڻيڪ اهو ايترو
سوڀارو ڪونه ٿيو هو، جيترو ريفرينڊم ۾ ٿيو هو. هن
ڀيري ڪامياب بائيڪاٽ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضياءَ
مارشل لا جو قانون ڪڍيو، جنهن مطابق، چونڊن ۾
بائيڪاٽ واري لاءِ سخت پورهئي سان سزا رکي وئي
هئي. پڇاڙيءَ ۾ ڪوبه اهڙو اڳواڻ موجود ڪونه هو،
جيڪو بائيڪاٽ جو سڏ ڏيئي ها. ’ٽائيم‘ لکيو، ”چونڊن
کان اڳ آخري ڏينهن، حڪومت اٽڪل ٽي هزار سياسي
مخالفن کي جهليو، جن ۾ ملڪ جي هر سياسي شخصيت شامل
هئي ۽ جن کي چونڊن ٿيڻ تائين جيلن ۾ يا وري گهرن ۾
بند رکيو ويو هو.“
پوءِ به اهي چونڊون مارشل لا ۽ ملڪ ۾ اسلامي قانون
رائج ڪرڻ واري ضياءَ جي نيتيءَ کي رد ڪرڻ جو
زبردست پڙاڏو هيون. هن جي ڪابينا جي نَون وزيرن
مان، جيڪي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺا هئا،
ڇهن وزيرن هارايو. هن جي ٻين ساٿين سان به ساڳيءَ
جُٺ ٿي. صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ۾ جن بنياد
پرست اميدوارن جي مدد مذهبي پارٽين ڪئي هئي، تن کي
به سخت شڪست ملي هئي. جماعت اسلاميءَ جي اڪيهٺ
اميدوارن مان رُڳو ڇهه اميدوار ڪامياب ٿيا. جڏهن
ته اُهي اميدوار جن اسان جي بائيڪاٽ جي اعلان
کانپوءِ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان پنهنجو ناتو
ڄاڻايو هو، تن ٻاونجاهه سِيٽن مان پنجاهه نشستون
کٽي زبردست سوڀ ماڻي هئي. ”پاڪستان پيپلز پارٽيءَ،
جنهن جي اڳواڻ ڀُٽي جي ايڪٽيهن ورهين جي ڌيءَ
بينظير ڀٽو آهي ۽ جيڪا هينئر لنڊن ۾ جلاوطن آهي،
اٺن ورهين کان غير قانوني هوندي به اڃا تائين ملڪ
جي مضبوط جماعت آهي.“ ’ٽائيم‘ صاف اکرن ۾ لکيو.
ضياءَ بابت اهي اميدون ته هو ملڪ ۾ سچ پچ جمهوريت
آڻڻ چاهي ٿو، چونڊن ٿيڻ کان پوءِ هڪ هفتي ۾ ئي
ڊَهي ويون هيون. نئين چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي
گڏجاڻيءَ کان اڳ ۾ ضياءَ آئين ۾ ڪيئي ترميمن جو
اعلان ڪيو. انهن ترميمن ذريعي هن پنهنجي صدارتي
عهدي جي پنجن ورهين واري عرصي جي ٻيهر تصديق ڪئي.
۽ نه رُڳو وزيراعظم، هٿياربند فوجن جي اڳواڻ ۽
چئني صوبن جا گورنر رکڻ جا پاڻ کي بيپناهه اختيار
ڏنا، پر پنهنجي مرضيءَ تي قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ
جو اختيار پڻ پاڻ وٽ رکيائين.
هن جي نئين حڪومت سبب ڪهڙو فرق ٿيو هو؟ ڪجهه به
نه. جيتوڻيڪ مغربي حڪومتن جي دٻاءُ هيٺ ضياءَ
ظاهري طرح ”شهري“ حڪومت جوڙي هئي، پر اڃا تائين
مارشل لا قائم هو. جيتوڻيڪ هن پاڻ کي وڌيڪ مقبوليت
جهڙو ’صدر‘ جو لقب ڏنو هو. پر هو اڃا ائين مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر ۽ فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف هو،
جنهن جو مطلب اهو هو ته قومي اسيمبلي فوج جي قبضي
۾ هئي. ضياءَ صدارت جي عهدي سنڀالڻ کان ”ڪيترائي
مهينا“ پوءِ مارشل لا ختم ڪندو ۽ ساڳئي وقت فوج جي
چيف آف اسٽاف جي عهدي تان پڻ استعيفيٰ ڏيندو. هن
”ٽائيم“ کي انٽرويو ڏيندي چيو. ”آئون جڏهن 23 مارچ
تي صدر جي عهدي جو قسم کڻندس، تڏهن آئون ڀانئيان
ٿو ته منهنجو ظاهري ڏيک ڪنهن شهريءَ جهڙو هجڻ
گهرجي.“ هن ايئن چيو ڄڻ لباس مٽائي هو عوام کي
بيوقوف بڻائي ڇڏيندو. هو ائين نه ڪري سگهندو.
ايندڙ هڪ ورهيه تائين مارشل لا ڪونه لهندو. ضياءَ
اڃا تائين فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف آهي ۽ ڪجهه
موقعن تي ورديءَ بدران ڊگهي شيرواني پائڻ سبب هن
جي ڪُوڙن ۾ ڪوبه فرق نٿو اچي.
چونڊن ٿيڻ کان چار ڏينهن پوءِ 1 مارچ تي اياز سمون
کي موت جي سزا ڏني وئي.
5 مارچ تي ناصر بلوچ کي ڦاسي ڏني وئي.
اسان جڏهن ناصر بلوچ جي موت جي ڄاڻُ ٻُڌي، ته اسان
سڀني کي گهڻو ڏک پهتو. ضياءَ ته قومي ۽ صوبائي
اسيمبلين جي تازو چونڊجي آيل نون ميمبرن جي رحم
وارين درخواستن ڏانهن به ڪو ڌيان نه ڏنو. ڪراچي
سينٽرل جيل جي ڪيترن ئي ٻين سياسي قيدين آخريءَ
گهڙيءَ ۾ به ناصر بلوچ لاءِ رحم جون درخواستون
موڪليون هيون. پر ضياءَ انهن جو جواب اهو ڏنو هو،
جو کين ٻين جيلن ۾ موڪلي ڇڏيو. اسان جڏهن اُن
مامري بابت ڳجها دستاويز پڌرا ڪيا، تڏهن عالمي
دٻاءُ هيٺ مجبور ٿي، هن ٻين ٽن جوابدارن جي موت
وارين سزائن ۾ گهٽتائي ڪئي. پر ناصر بلوچ لاءِ
ڦاسيءَ جو ’حڪمنامو‘ ڏنو. اسلام آباد مان ’گارجين‘
جي نمائندي لکيو ته، ”مزدور اڳواڻ فوج خلاف ۽
’جيئي ڀٽو‘ جا نعرا هڻندو. ڦاسيءَ جي تختي تي
چڙهيو.“
مون ڏاڍي ڏک ۾ خطن جو اُهو فائيل ڏسڻ شروع ڪيو،
جيڪي اسان موڪليا هئا ۽ ڪجهه ناصر بلوچ وٽان اسان
وٽ پهتا هئا. مون اهي خط ورجائي پڙهيا، جيڪي هن
سگريٽن جي خالي پاڪيٽن تي لکي، ڪراچي سينٽرل جيل ۾
پنهنجي موت جي ڪوٺڙيءَ مان لِڪ ڇپ ۾ مون ڏانهن
موڪليا هئا. ”شل الله اوهان کي ۽ بيگم صاحبا کي
صحت ۽ وڏي ڄمار ڏئي، ته جيئن اوهين پاڪستان جي
غريب عوام جي رهنمائي ڪري سگهو.“ هن پنهنجي خط جي
شروع ۾ لکيو هو. ”اسين چيئرمين شهيد ڀٽي جيان
پنهنجين ڪوٺڙين ۾، پنهنجا ڏينهن ڏاڍيءَ بهادريءَ ۽
همت سان ايئن گهاريون پيا، جيئن هن گذاريا هئا ۽
غاصب فوجي حڪومت اڳيان ڪڏهن به پنهنجو ڪَنڌُ نه
جهڪايو هو. اسين ڪڏهن به فوجي حڪومت کان زندگيءَ
جي خيرات ڪونه گهرنداسين. اسين پنهنجي زندگيءَ کان
وڌيڪ پارٽيءَ جي عزت کي اهم سمجهون ٿا. اسين اوهان
جي سوڀُ لاءِ دعاگو آهيون. شال الله اوهان جي مدد
ڪري.“
آئون ڪيئي مهينن تائين ناصر بلوچ لاءِ دعائون
گهُرندي رهيس. هاڻي شديد ڏُک هيٺ مون اڪيلائيءَ ۾
سندس روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعائون گهريون. اسان
پارٽيءَ جي هڪ جلاوطن اڳواڻ جي گهر ۾ هن جي روح کي
ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني به ڪئي. مون ڀانئيو
هو ڄڻ مون کان منهنجو ڀاءُ وڇڙي ويو هجي. هو
ڪراچيءَ جي ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل غريب وسندي ملير جو
رهواسي هو. جتي هو پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت پنهنجي
ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندو
هو. ناصر بلوچ کي خاص ڪري پنهنجين نياڻين تي ڏاڍو
فخر هوندو هو ۽ هو اڪثر انهن بابت ڳالهائيندو هو.
انهن مان هڪ جي شادي 1983ع ۾ اُن وقت ٿي هئي، جڏهن
آئون 70 ڪلفٽن جي سب جيل ۾ بند هيس. مون هن جي
شاديءَ جي خرچ لاءِ فخريءَ معرفت هنن ڏانهن ڪجهه
رقم به موڪلي هئي. هينئر جڏهن آئون هن جي گهرڀاتين
کي تعزيتي خط لکڻ ويٺيس، ته آئون سندن ڏُک پنهنجو
ڏُک ڀانئڻ لڳيس. ٻين ڪيترن کي به ائين ئي ڀانئيو
هو. پوءِ مون برطانيا جي اخبارن ۾ پڙهيو هو، ته
اُن رات جڏهن ناصر کي ڦاسي اچڻي هئي، تڏهن ڪراچي
سينٽرل جيل ٻاهران ماڻهن جا انبوهن کي روڪڻ لاءِ
پوليس جا وڌيڪ جَٿا گهرايا ويا هئا ۽ جڏهن هن جا
گهرڀاتي سندس ميت کي دفنائڻ لاءِ کڻي وڃڻ لڳا،
تڏهن اتي ايترا ته ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، جو انهن
ڪانڌين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس کي ڳوڙها آڻيندڙ
گئس جا گولا اڇلائڻا پيا هئا. ضياءَ جي نئين شهري
حڪومت جي شڙوعات رَت ۾ ٻريل هٿن سان ٿي هئي. ڇا
هنن جو ٻيو شڪار اياز سمون هوندو؟
”آئون اوهان کي اياز سمون جي زندگيءَ بچائڻ ۾ مدد
لاءِ هي خط لکان ٿو. هو نيا دؤر موٽرز ۾ مزدورن جو
نمائندو هو، جنهن کي فوجي عدالت ڳجهي طرح مقدمو
هلائي. 1 مارچ 1985ع تي موت جي سزا ڏني هئي.“ اسان
وٽ جن ماڻهن جا پار پتا هئا، تن کي ڊاڪٽر نيازي
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انساني حقن واري ڪميٽيءَ
طرفان لکيو. هڪ ٻيو جلاوطن صفدر همداني، جيڪو اسان
جو ڪو آرڊينيٽر هو ۽ جيڪو سمنڊپار ملڪن ۾ اسانجين
شاخن سان لکپڙهه ڪندو هو ۽ سينٽرل
YMCA
۾ رهندو هو، تنهن پنهنجي خط ۾ لکيو: ”اياز سمون
مقدمي جي اهم تفصيلن جي روشنيءَ ۾ مهرباني ڪري
اوهان پنهنجيون ڪوششون هن طرح تيز ڪندا: (الف)
پنهنجي تَڪ جي ميمبر پارليماينٽ / پارليامينٽ جي
اهم ميمبر سان ملاقات، (ب) پارليامينٽ جي ميمبر
سان ملاقات لاءِ وفدن جو انتظام، (ٻ) درخواست تي
صحيحون وٺڻ، (ت) انساني حقن جي تنظيمن سان رابطو ۽
(ٿ) اخبارن سان رابطو.
اياز سمون خلاف اُن ڪُوڙي مقدمي جا تفصيل تڏهن
پڌرا ٿي ويا هئا، جڏهن پاڪستان مان اسان جي هڪ
همدرد اُن مقدمي تي پوليس جي رپورٽ لِڪ ڇپ ۾ اسان
ڏاهن موڪلي هئي. اياز سمون کي موت جي سزا ڏيڻ جو
سبب اهو هو، جو هن تي حڪومت جي حمايتي ظهور الحسن
ڀوپاليءَ کي سندسن آفيس ۾ 1984ع ۾ قتل ڪرڻ جو
الزام هو. پوليس جي رپورٽن مطابق ملزم پنجويهن کان
ٽيهن ورهين جي ڄمار جو، قد آور، بُت جو ڀريل ۽
ڪَڻڪائو رنگ شخص هو. شاهدن جي چوڻ مطابق هو جڏهن
واردات جي جاءِ تان ڪار ۾ چڙهي ڀڳو هو، ته هُن جي
هڪ ڪُلهي جي گهاءُ مان گهڻو رَت پئي وهيو.
اُن تفصيل جي ڪابه ڳالهه اياز سمون سان لاڳو ٿي نه
پئي سگهي. هو رنگ جو ڪارسرو هو، بُت جو سنهو ۽ قد
پنج فوٽ چار انچ ڊگهو. هن جي ڄمار ٻاويهه ورهيه
هئي ۽ گرفتار ٿيڻ وقت هن کي ڪوبه گهاءُ لڳل ڪونه
هو. پر اهڙي تفصيل جي حڪومت کي پرواهه نه هئي. هنن
ڀوپاليءَ جي قاتلن کي سزا ڏيڻ لاءِ ايڏي ته چُستي
ڏيکاري، جو هڪ نه پر ٽن ڌار ڌار فوجي عدالتن ٽن
مختلف جوابدارن تي مقدمو هلايو ۽ اُنهن سڀني کي
اُن ساڳيءَ ڏوهه جو ڏوهي ڪوٺيو هو!
پر اسان کي اياز سمون جي بيگناهيءَ جي ثبوت جي
گهُرج هئي؛ سچي ثبوت جي. اهو ڪپڙي جي هڪ ٽُڪري تي
اسان تائين پهتو، جيڪو اياز سمون جي موت جي
ڪوٺڙيءَ مان لِڪ ڇپ ۾ سندس وڪيل اسان ڏانهن موڪليو
هو. ان تي اياز سمون جي رَت جو نمونو هو. پاڪستان
۾ پوليس ان رَت هاڻل ڪپڙي جو گهڻُ نماءُ ڪيو هو،
جيڪو اُن ڪار مان مليو هو، جيڪا قتل جي واردات کان
پوءِ هٿ ڪئي وئي هئي. ڪار مان مليل رَت جي چڪاس
ڊاڪٽر شيرواني ڪئي هئي، جنهن جي داخلا پوليس رپورٽ
۾ هئي. اياز سمون جي رَت جي چڪاس ڪڏهن به نه ٿي
هئي، ته جيئن خبر پوري ها ته اها رپورٽ حملي ڪندڙ
جي رَت سان ملي به آئي ٿي يا نه. لنڊن ۾ اسان کي
هڪ پيٿالاجسٽ مليو، جنهن کي اسان اياز سمون جي رَت
جي نموني جي چڪاس لاءِ چيو. اسان کي ثبوت ملي ويو
هو، جيڪو اسان مختلف ماڻهن ڏانهن موڪليو: سمون جي
رَت جو نمونو اهو ساڳيو ڪونه هو، جيڪو ڪار مان
مليل رَت جو هو. پر موت جي سزا قائم رهي.
اياز سمون 23 مارچ تي ڪراچي سينٽرل جيل مان لکيو،
”منهنجي پياري ڀيڻ، آئون ٿورائتو آهيان جو اوهان
کي خط لکڻ جو وجهه مليو آهي. اسان جو عزم پهاڙن
کان وڌيڪ مضبوط ۽ هماليا جبل کان اوچو آهي.
انقلابي ڪڏهن ڪنهن به رُوپ ۾ آمرن اڳيان نه جهُڪيا
آهن. زندگي الله جي ڏنل آهي ۽ نه ضياءَ جي.
”ظالم جي هٿ وس رهڻ بجاءِ آئون ڦاسيءَ تي چڙهڻ
وڌيڪ پسند ڪندس. آڻُ مڃڻ اسان جو اصول ڪونهي. اسين
مارشل لا جي ڊَپ کان، ڪنهن گڏهه کي گهوڙو سَڏڻ ۽
نه وري ڪاري کي اَڇو چوڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون.
منهنجي پياري ڀيڻ، اياز سمون توکي خاطري ڪرائي ٿو،
ته دهشتگرد ضياءَ الحق منهنجي سِسي ته لاهي سگهي
ٿو، پر هو ان کي جهُڪائي نٿو سگهي … اسين شهيد
پنهنجو رَت وهائيندا رهنداسين. هڪڙي ڏينهن پرهه
جون باکون. اسان جي رَت سُڳنڌ عوام تائين
پهچائينديون. انشاءَ الله … اسين جيئرو رهنداسين ۽
سدائين لاءِ جيئرو رهنداسين. اوهان جو ڀاءُ اياز
سمون.“
آئون اياز سمون جي مقدمي جي ڄاڻ پاڻ سان هر هنڌ
کڻي ويس. اپريل ۾ واپس آمريڪا به ويس، جتي هارورڊ
۾ مونکي راما ميهتا ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏئي
گهرايو هو. اتان نيويارڪ ۾ به ويس، جتي مونکي
پرڏيهي لاڳاپن جي ڪائونسل ۾ ڳالهائڻ جي دعوت مليل
هئي. پوءِ اتان جون مهيني ۾ اسٽراسبورگ ويس، جتي
مون يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن اڳيان تقرير ڪئي.
”اياز سمون، هڪ مزدور اڳواڻ ۽ پارٽي حمايتي، اڄ
پنهنجي موت- ڪوٺڙيءَ ۾ سڙي ڳري پيو، هن تي اهڙي
ڏوهه جو الزام آهي، جيڪو هن ڪيو ئي ڪونهي. هن کي
پنهنجو مقدر ڪوهيڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي پيو. هن کي اها به
ڄاڻُ آهي ته سندس رَت جو نمونو به اُن واقعي ۾
حملو ڪندڙ ماڻهوءَ جي رَت جي نموني سان نٿو ملي،
جنهن واقعي جو کيس ملزم سڏيو ويو آهي.“ مون
اسٽراسبورگ ۾ هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو.
”جڏهن نسل پرستيءَ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف
دنيا جي ضمير کي ڪنهن ٻئي هنڌ انصاف مطابق جاڳايو
ويو آهي، ته پوءِ اهو ضمير انهن فوجي عدالتن جي
اُنهن قتلن کي ڏسي پنهنجيون اکيون نه ٻوٽي، جيڪي
هڪ اهڙي ملڪ ۾ پيا ٿين، جيڪو پاڻ مغرب کان چڱي
خاصي امداد وٺي ٿو.“
1985ع جي بهار مُند ۾ منهنجي آمريڪا وڃڻ کان ٿورو
اڳ، الذوالفقار جي تُهمت هيٺ گرفتار ڪيل سڀني
چوونجاهه قيدين کي، جيڪي لاهور ۾ بند هئا، جنم ٽيپ
جون سزائون ڏنيون هيون. هنن سان گڏ ٻين چاليهن
ماڻهن کي به سندن غير حاضريءَ ۾ اها سزا ڏني وئي
هئي، جن ۾ منهنجا ڀائر مير ۽ شاهنواز به شامل هئا.
هڪ ڀيرو وري حڪومت پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ
دهشتگرديءَ جو نعرو واپرايو هو. ”ايمنسٽي
انٽرنيشنل کي ڪيترن ئي ورهين کان ان مسئلي تي ڳڻتي
رهي آهي، ته پُر امن سياسي مخالفت ڪندڙ ماڻهن کي
جهلڻ لاءِ مٿن الذوالفقار سان شامل هجڻ جي عام
تهمت هنئي وڃي ٿي.“ 1985ع ۾ ايمنسٽي پنهنجيءَ
رپورٽ ۾ الزام هنيو. ستر کان وڌيڪ قيدين کي ڦاسين
تي چاڙهيو ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ قيدين کي موت جي سزا
ڏني وئي هئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي
111 لاڊرڊيل ٽاورس، باربيڪن
لنڊن
EC2
جون
اياز سمون جي زندگي بچايو
پيارا ميمبر، پاڪستان جي هن بيگناهه ٻاويهن ورهين
جي پُٽ جي جان بچائڻ لاءِ مهرباني ڪري اوهان ڪو
تڪڙو قدم کڻو ۽ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪريو…
اوهان پنهنجي سڃاڻپ واري ماڻهوءَ سان هڪدم رابطو
ڪريو. اڄ اياز سمون جي رحم جي درخواست پيش ٿيڻ
واري آهي. مهرباني ڪري تمام تڪڙو قدم کڻو، ڇو ته
وقت ٿورڙو آهي.
ضياءَ ڏانهن خط موڪليا ويا . تارون. سفارتي حُجتون
ٻاهريان دٻاءُ. 26 جون 1985ع تي اياز سمون کي ڦاسي
ڏني وئي.
هڪ اوچتو ٺڪاءُ! رڌڻي ۾ ڇا پئي ٿيو؟ ضرور ڪنهن
دريءَ کي کليل ڇڏي ڏنو هوندو، اهو سوچي آئون
باربيڪن ۾ پنهنجي رڌڻي ۾ ويس، ته جيئن هوا جو زور
تي هيٺ ڪِريل شين کي کڻي مٿي رکان. اتي هرڪا شيءِ
پنهنجي جاءِ تي رکيل هئي.
ڇا اهو اياز سمون جو روح ٿي سگهيو ٿي؟ مون اچرج
وچان سوچيو. مون پوءِ نماز پڙهي هن جي روح کي ثواب
پهچايو.
ٻئي ڏينهن صبح جو ناهيد، بشير رياص، صفدر،
سمبلينا، ياسمين ۽ بيگم نيازيءَ سان گڏجي مون
پنهنجو ڪم شروع ڪيو. اسان انهن سڀني ماڻهن کي خط
لکيا، جن اياز سمون جي مقدمي ۾ چاهه ورتو هو. اسان
انهن تعزيتي خطن جا پڻ جواب لکيا، جيڪي اسان کي
مختلف ذريعن، جهڙوڪ هائوس آف لارڊس جي لارڊ
ايوبوري، آمريڪا مان ايليٽ ابرامس ۽ بروسيلز مان
ڪارل وين ميرٽ وٽان پهتا هئا، جنهن يورپين
پارليامينٽ جي سوشلسٽ گروپ سان گڏجي ان اقتصادي
سهڪار جي ٺاهه کي رد ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي هئي،
جيڪو پاڪستان سان ٿيڻ وارو هو.
”مسٽر اياز سمون جي موت جي سزا جو ٻُڌي مونکي ڏاڍو
ڏُک پهتو. جيتوڻيڪ مونکي ان تي اچرج بلڪل نه ٿيو
هو.“ لارڊ ايوبوري لکيو هو. ”ان مان پڌرو ٿئي ٿو
ته ضياءَ تي انساني همدردين جي اپيلن جو ڪو اثر ئي
ڪونه ٿو ٿئي. ۽ مونکي افسوس آهي ته ضياءَ ڄاڻي ٿو
ته پاڻ جيڪي به ڪري ٿو، تنهن جو آمريڪا وٽان ملندڙ
انعامن اڪرامن ۽ ريگن انتظاميا جي اُن پختي يقين
تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو، جيڪا پاڪستان کي ’آزاد
دنيا‘ جو حصو ڏسڻ گهري ٿي.“
اسان پنهنجي ڏُک ۾ ڏاڍي خاموشيءَ سان ڪم پئي ڪيو،
ته اوچتو وڏي ڪمري ۾ زورائتو ڦهَڪو ٿيو، جتي اسان
ڪاغذ، فائيل ۽ لفافا سَٿي رکيا هئا. اسان سڀني کان
ڇِرڪ نڪري ويا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳاسين.
”ضرور ميز تان ڪو فائيل ڪِري پيو هوندو.“ اهو
چوندو بشير وڏي ڪمري ڏانهن ويو.
”ڪجهه به ڪونه ڪِريو آهي.“ مون اڳئين رات وارو
واقعو ياد ڪندي چيو.
”اوهان جو چوڻ صحيح آهي.“ واپس ايندي هُن ٻڌايو.
”ڇا اوهان ڀانئيو ٿا، ته اهو اياز سمون جو روح
آهي.“ مون ٻين کان پڇيو.
”شل الله جي مٿس رحمت هجي.“ بيگم نيازيءَ چيو،
جيڪا سخت مذهبي ويچارن واريءِ عورت آهي.“ اسان کي
فليٽ ۾ هن لاءِ قرآن خواني ڪرڻ گهرجي، جنهنڪري
سندس روح کي سُڪون ملندو ۽ هو آرام سان رهي
سگهندو.“
ناهيد هڪدم اُن جو انتظام ڪيو ۽ ٽپهريءَ جو اسان
جي فليٽ ۾ ڪيتريون ئي پاڪستاني عورتون اچي گڏ
ٿيون. اسان سڀني ڪلاڪن جا ڪلاڪ قرآن شريف جا
ڪيترائي ڀيرا ورد ڪيا. اياز سمون جي روح وري ڪڏهن
به آواز نه ڏنو.
1 جولاءِ تي آئون ڏکڻ فرانس ڏانهن وڃڻ واري هيس،
ته جيئن امان ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين سان گڏ موڪل
ملهائي سگهان. پر ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم سبب رنڊڪ
پئي ٿي: مثال طور سياسي گڏجاڻيون، پاڪستان مان
ايندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سان
ملاقاتون، جيڪي پنهنجا پروگرام ڦيرائي نه ٿي سگهيا
۽ وغيره وغيره.
امان فون تي مونکي ٻڌايو، ته شاهنواز کي ڏاڍو ڏُک
ٿيو هو، جو آئون سندس ان دعوت ۾ پهچي نه سگهي هيس،
جنهن ۾ هن ٽانڊن تي پڪل گوشت کارائڻ جو انتظام ڪيو
هو. مير کي به اُن جو ڏک ٿيو هو. منهنجي آزاد ٿيڻ
کان پوءِ اسان ٻٽي ڀيرا ملاقات ڪئي هئي. هنن سڀني-
مير، شاهه، سندس ننڍڙين ڌيئرن فتحي ۽ سسئي ۽ سندن
افغان گهر وارين فوزيا ۽ ريحانا – سان ملاقات لاءِ
منهنجي ڏاڍي خواهش هئي، پر اُن مهيني جي وچ ڌاري
آئون وٽن وڃڻ جهڙي ٿي سگهي هيس.
17 جولاءِ جي صبح مون پنهنجا ڪپڙا هڪڙي سُوٽ ڪيس ۾
وڌا ۽ آئون هوائي اڏي ڏانهن رواني ٿيس. گذريل
مهيني جي ذهني پريشانيءَ ۽ المين کان پوءِ منهنجي
لاءِ ٻن هفتن جو گهربل سُڪون ۽ آرام ڪينس ۾ هو.
آئون اوسيئڙو نه ڪري سگهيس. مون گهڻا موت ڏٺا هئا.
|