ڪراچي سينٽرل جيل ۾
ڪراچي سينٽرل جيل، 15 آگسٽ 1981ع:
ٽَڙڪيل سيمينٽ. لوهي سيخون. ماٺ. بنهه ماٺ. ائون
بلڪل نويڪلائيءَ ۾ پهچي وئي آهيان. هن ڪُلف لڳل
وارڊ ۾ منهنجي چؤڌاري باقي سڀيئي ڪوٺڙيون خالي
آهن. آئون انساني آواز ٻُڌڻ لاءِ پاڻ پتوڙيان ٿي،
پر اتي رڳو ماٺ جو راڄ آهي.
ڪراچيءَ جي گهِميل ۽ پوسل واري آبهوا ۾ ڪوٺڙي گرم
آهي ۽ ڇِت جي پکي مان به آرام نٿو ملي. بجلي وري
هلي وئي آهي. روزانو بجلي وڃي ٿي. ڪڏهن ٽن ڪلاڪن
لاءِ، ڪڏهن وڌيڪ وقت لاءِ. جيل اختياريءَ وارا
مونکي ٻڌائين ٿا،ته پاور اسٽيشن ۾ ڪا خرابي ٿيڻ
سبب اهو ٿئي ٿو. پر آئون ڄاڻان ٿي ته اها ڳالهه
صحيح ڪانهي. آئون جيل جي ٻين حصن ۾ سڄيءَ رات،
آسمان کي بجليءَ جي روشنيءَ سان چمڪندي ڏسان ٿي.
رڳو منهنجي ڪوٺڙيءَ وارو حصو اوندهه ۾ آهي.
اختياريءَ وارن مونکي اي ڪلاس جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو
آهي، جيڪا اعليٰ سياسي قيدين لاءِ هجي ٿو. پر هڪ
ڀيرو وري مونکي اُن جي فائدن کان محروم رکيو وڃي
ٿو. منهنجي ڪوٺڙيءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي واريون
ڪوٺڙيون، جيڪي گهڻو ڪري ويهڻ لاءِ ۽ رڌپچاءَ لاءِ
واپرائبيون هيون، سي خالي آهن ۽ کين ڪُلف لڳل آهن.
آئون جنهن ڪوٺڙيءَ ۾ آهيان، اها ننڍي ۽ گندي آهي.
پائخاني ۾ گندگيءَ جي نيڪال جو ڪو انتظام ڪونهي ۽
اُتي مکين ۽ ڪاڪروچن جا ميڙ لڳا پيا آهن. اُن جي
ڌَپُ اُن کليل ڪَسيءَ جي ڌَپُ سان ملي ٻِيڻي ٿئي
ٿي، جيڪا جيل جي ميدان مان ٿيندي ٻاهر وڃي ٿي. اتي
پاڻيءَ جي جيڪا باڙدي پيل آهي، تنهن ۾ مئل جيت
چُهٽيل آهن.
صبح جو آئون ڪُنجين جو ڇَڻڪو ۽ ڪُلفن کلڻ جو آواز
ٻُڌان ٿي، جيڪو منهنجي ماني اچڻ جو اُهڃاڻ آهي.
ڪجهه به ڪُڇڻ کان سواءِ خاڪي ورديءَ واري ميٽرن،
جيڪا انهن ڪوٺڙين جي پڇاڙيءَ ۾ پري اڱڻ ۾ سُمهي
ٿي، منهنجي لاءِ کاڌي جا ٽِفن باڪس کڻي اچي ٿي
جيڪي اختياري وارن جي اجازت سان 70 ڪلفٽن مان اچن
ٿا. پهريان ٻٽي ڀيرا آئون جڏهن اهي کولي، منجهن
سٺيءَ طرح رڌل ڪُڪڙ ۽ کُنڀين جو ٻوڙ، ڪباب ۽ سِيخ
ٿيل ڪڪڙ ڏسان ٿي، ته منهنجي نڙي سخت ٿي وڃي ٿي.
مونکي جيتوڻيڪ بُک هجي ٿي، پر آئون رڳو ٻٽي گرهه
کايان ٿي. ۽ مونکي امان جو خيال اچي ٿو، جيڪا ڏاڍي
خبرداريءَ سان اهو کاڌو اسان جي گهر جي پورچيخاني
۾ رَڌي ٿي.
مونکي امان جي ڏاڍي ڳڻتي آهي. هُن کي ڪراچي سينٽرل
جيل ۾ منهنجي ٻئي هفتي ۾ مون سان ملاقات جي اجازت
ڏني وئي هئي ۽ جيتوڻيڪ هن کي جيئرو ڏسي مونکي
خاطري ٿي هئي، پر هن جو مُنهن ڏسي آئون ڏَڪي وئي
هيس. هوءَ هڪڙي هئڊي ۽ اَڀري عورت ٿي پئي هئي. هن
جي چُرپر ۾ ڏَڪڻي ۽ اُنهن وارن ۾ اَڇاڻ آيل هئي،
جيڪي وچ ۾ سِينڌ ڪڍيل سبب هڪ چوٽيءَ ۾ ويڙهيل
هوندا هئا.هوءَ اُن سونهن سان ڀرپور ۽
خوداعتماديءَ واريءَ عورت کان بلڪل ڌار ٿي ڏٺي،
جنهن کي آئون امان ڀانئيندي هيس.
پنهنجي پراڻي ڪوٺڙيءَ ۾ مونکي قيد ۾ ڏسي هن جي
اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. پر اُنهن جيلرن کان
لنوائيندي اسين ٻئي ڪوشش ڪندي بهادريءَ سان مُرڪڻ
لڳيونسين، جيڪي اسان جي چؤڌاري اُن سبب اچي مِڙيا
هئا، ته جيئن اها خبر ٻُڌي سگهن، جيڪا هن هٻڪي
هٻڪي ٻڌائي ٿي. هن مونکي هوريان ٻڌايو ته، کيس اها
کنگهه جيل ۾ شروع ٿي هئي. پهرين هن اهو سمجهيو ته
اها مِٽيءَ جي دَز سبب ٿي هئي، پر پوءِ هن کي
کنگهندي وات مان رَتُ آيو هو. گهڻي تپاس کان پوءِ
جيل جي ڊاڪٽر ۽ جيل عملدارن هن کي ٻڌايو ته کين
سِلهه جي بيماريءَ جو شڪ آهي. اها تشخيص حيرت ۾
وجهندڙ نه هئي. پاڪستان ۾ انيڪ ماڻهن کي سِلهه جي
بيماري آهي، ڇو ته لاڳيتي دَز سبب هنن جي ڦپڙن ۾
پوسر ٿيندي رهي ٿي ۽ صحيح خوراڪ نه ملڻ سبب، هنن
جي جسماني سرشتي تي خراب اثر پوي ٿو. جيل ۾
گندگيءَ سبب قيدي خاص ڪري سِلهه جهڙي موذي مرض ۾ ۽
ٻين بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا. قيدي اڪثر فرش تي
ٿڪندا رهن ٿا، جنهن سبب چؤڌاري جيوڙا پکڙجي وڃن
ٿا.
امان مونکي ٻڌايو، ته سنديس ذاتي ڊاڪٽر ته وڌيڪ
خطرناڪ شڪ ڏيکاريا هئا. جيتوڻيڪ بيماري جي وڌيڪ
تشخيص جي سلسلي ۾، سنديس ڪمزوريءَ سبب ضروري
ٽيسٽون ممڪن ڪونه هيون، پوءِ به هن اُن خيال کي رد
نه ڪيو هو ته اهو ڦڦڙن جو ڪينسر هو. مون هن کي
ڳراٺڙي پاتي ۽ ڪوشش ڪئي ته پنهنجو اُهو اوچتو ڏک
ظاهر نه ڪريان ۽ پنهنجي ماءُ ۽ انهن جاسوسن اڳيان
همت ڏيکارين، جيڪي جيلرن سان گڏ بيٺا هئا ۽ جيڪي
اها ڳالهه جنرل ضياءَ تائين پهچائيندا.
”شايد اهو ڦڦڙن جو ڪينسر نه هجي. ٽيسٽن جو اوسيئڙو
ڪر.“ مون پنهنجي وت آهر مضبوط آواز ۾ هن کي آٿت
ڏيندي چيو.
”هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقتائتو علاج ڪرائبو ته
فائدو ٿيندو.“ هن وڌيڪ ٻڌايو. ”جيڪڏهن ضروري ٿيو
ته آئون پرڏيهه ۾ علاج ڪرائينديس.“
”جيترو به جلد ٿي سگهي، تون ضرور ٻاهر وڃ.“ مون
پاڻ کي چوندي ٻُڌو. منهنجيءَ دل جيتوڻيڪ اُن ويچار
کان ٽُڪرا پئي ٿي، ته هوءَ پاڪستان مان ٻاهر
ويندي.
”پر منهنجي مِٺڙي، تنهنجو ڇا ٿيندو؟ آئون توکي
اڪيلو ڪيئن ڇڏيان؟“
مون هن کي آٿت ڏني ته آئون ٺيڪ آهيان. پر آئون ٺيڪ
نه هيس. هن سان ملاقات کان ٽي ڏينهن پوءِ آئون
پنهنجي بستري تي ليٽي ڪمري جي ڇِت کي گهوريندي
رهيس. اُن زبردست سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙي ويڳاڻائپ جي
اثر هيٺ ڪنهن به چُرپر کانسواءِ آئون پئي هيس.
ڪَسرت، وهنجڻ ۽ ڪپڙن مَٽائڻ تي منهنجيءَ دل ئي نه
پئي ٿي. آئون کائي پئي به نه پئي سگهيس. منهنجا
الله، مون سوچيو. مون پنهنجو پيءُ وڃايو ۽ هاڻي
آئون پنهنجي ماءُ کي به پئي وڃايان. مونکي ڄاڻ هئي
ته مون پنهنجي پاڻ تي ڪَهل پئي ڪيو، پر آئون
پنهنجي مايوسيءَ جي سوچ مان پاڻ ڇڏائي نه سگهيس.
امان جي اُن خوشخبريءَ به منهنجي مايوسيءَ کي
وڌائي ڇڏيو ته، صنم ۽ شاهه سيپٽمبر جي مهيني ۾
شاديون ڪندا. بابا جي قيد واري زماني ۾، هن اسان
کي چتاءُ ڏنو هو ته اسين ڪابه اهڙي ڏيکائي نه
ڏيون، جنهن مان ٻيا سمجهن ته اسين مزا پيا ڪريون.
”جيڪڏهن تون سينيما ڏسڻ وڃين ته برقعو پائي وڃ.“
هن مونکي هدايت ڪئي هئي. هاڻي لڳو ٿي ته منهنجن
گهر ڀاتين پاڻ اهو مڃيو هو، ته آئون سدائين جيل ۾
پئي هونديس. تنهنڪري اهي زندگي گذارڻ جا جَتن ۽
شادين جا جشن ملهائڻ لڳا هئا، ايئن ڄڻ آئون موجود
ئي ڪونه هيس.
مون ٽي ڏينهن پاڻي ڪونه پيتو هو، جنهنڪري مونکي
هيڻائي ٿي پئي ۽ مونکي ڪا واٽ ئي نه ٿي سُجهي.
”ٽُڪر ٽُڪر ٿيڻ لاءِ ضياءَ جي هٿن ۾ نه کيڏ.“
منهنجي اندر جي آواز مونکي چِتايو. مون پاڻي جي
باڙديءَ مان پاڻيءَ جو مَگ ڀري زوري پيتو ۽ هڪ
پاڪستاني اخبار جي ڳجهارت سَلڻ ويٺيس. جيڪا امان
روزانو مون ڏانهن موڪليندي هئي، پر جنهن کان آئون
لنوائيندي هيس، ۽ مونکي اخبار جا اکر ڌنڌلا ڏسڻ ۾
آيا. ڪراچي جيل ۾ اچڻ کان پوءِ مون پهريون ڀيرو
ڏٺو ته مونکي اڌ مٿي ۾ سُور شروع ٿيو هو. منهنجن
ڏندن جي مُهارن ۾ سُور ٿيڻ لڳو هو ۽ ساڳيو حال
ڪَنُ جو به هو.منهنجي مٿي جا وار لاڳيتو ڇَڻندا
پئي ويا.
مونکي بعد ۾ هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو هو، ته منهنجي جسماني
سرشتي جي تال ميل ۾ ڀڃ ڊاهه سبب صحت ڪِري پئي هئي.
عام طرح دل ۽ رَت جي نلين، مُشڪن، هاضمي، ساهه ۽
تنتي سرشتن مان هر هڪ سرشتو پنهنجو پنهنجو حصو کاڌ
خوراڪ مان کڻي ٿو. پر پيڙا ۽ ڇڪتاڻ وقت ٻين جي ڀيٽ
۾ تنتي سرشتو وڌيڪ سجاڳ ٿيو وڃي ۽ پنهنجي حصي کان
وڌيڪ قوت ڇِڪي ٿو. جنهنڪري ٻيا سرشتا ڪمزور ٿيو
وڃن. اُن سبب دل تي سولائيءَ سان اثر ٿئي ٿو ۽
جنهن سبب ڪيترائي سياسي قيدي دل جي بيمارين ۾ وٺجي
وڃن ٿا. اسان جا ارادا بيشڪ مضبوط رهن ٿا، پر اُن
جي قيمت اسان جا جسم چُڪائين ٿا. چؤڌاري ڪيتري ته
بي يقيني هئي.
13 سيپٽمبر جي تاريخ پري ڪانه هئي، ڇو ته تنهن
ڏينهن منهنجي نظربنديءَ جي مُدت پوري ٿيڻ واري
هئي. جيل جي ميٽرن ڪيترائي ڀيرا مون وٽ اچي ڀُڻڪيو
هو، ته کيس ڄاڻ پئي آهي ته، ڪيترن ئي سياسي قيدين
کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هوائي جهاز جي اغوا
ٿيڻ کان پوءِ جهليل ماڻهن کي ڇڏيو ويو آهي، ته
پوءِ مونکي آزادي ڇو نه ملي آهي؟
اخبارن ۾ هاڻي امان ۽ منهنجي الذوالفقار سان
لاڳاپي جي ڪابه خبر نه آئي هئي. حڪومت طرفان سڀني
تڪليفن ۽ ڪُوڙين ’شاهدين‘ هوندي به اها اسان خلاف
ڪو مقدمو ٺاهي نه سگهي هئي، جنهن سبب اسين عالمي
عوامي راءِ جي عدالت ۾ مثال طور پيش ٿيون ها. ۽
ضياءَ مغرب ۽ خاص ڪري آمريڪا جي اُن زبردست بخشش
کي پنهنجي هٿان وڃائڻ جو جوکو کڻڻ لاءِ تيار نه
هو.
1979ع کان پاڪستان کي آمريڪا وٽان امداد ملڻ بند
ٿي وئي هئي، ڇو ته هنن کي شڪ هو ته پاڪستان وٽ
ائٽمي قوت آهي يا اهو اُن کي ماڻڻ ۾ رُڌل آهي.
تنهنڪري ڪارٽر انتظاميا پنهنجي ائٽمي ڦهلاءُ کي
روڪڻ واري نيتيءَ تي عمل ڪندي، پاڪستان جي امداد
بند ڪئي هئي. پر اهو قدم افغانستان تي سوويت روس
جي حملي کان اڳ کنيو ويو هو. هاڻي پاڪستان جي سرحد
تي روسين جي موجودگيءَ سبب ضياءَ ڪاميابي سان سؤدو
پئي ڪيو، ته جيئن پاڪسان جي ائٽمي پروگرام بابت
آمريڪا جي ڳڻتي گهٽجي وڃي.
ريگن انتظاميا پاڪستان کي ڇهن ورهين ۾ 2. 3 بلين
ڊالرن جي اقتصادي ۽ فوجي امداد آڇي هئي، جيڪا اُن
آڇ جي ٻِيڻ کان به وڌيڪ هئي جيڪا ڪارٽر انتظاميا
طرفان ٿي هئي ۽ جنهن کي ضياءَ هڪدم رد ڪيو هو.
آمريڪا اهو ڪجهه به ڏنو، جنهن جي ضياءَ کي گهڻي
گهُرج هئي: يعني چاليهه ايف 16 جهاز، اها آڇ جيڪا
1981ع جي سرءُ جي مُند ۾ ڪانگريس ۾ پيش ٿيڻي هئي،
سا ضياءَ جي گهرج کان به گهڻي هئي. جيتوڻيڪ اها
اسان مان انهن لاءِ وڏي مايوسي هئي، جن جو ويچار
هو ته ڪميونسٽ خطري کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي
آمريڪا جيڪو سهارو ڏنو هو، تنهن ۾ جمهوريت آڻڻ ۽
انساني حقن جي بچاءُ لاءِ ڳڻتي ڏيکاري، هڪ توازن
آڻڻ کپندو هو.
ضياءَ جي حيثيت وڌيڪ مضبوط پئي ٿي، ڇو ته پناهگيرن
جي امداد لاءِ پاڪستان کي آمريڪا، سعودي عرب، چين
۽ گڏيل قومن جي ارادي جي پناهگيرن واري هاءِ ڪمشنر
۽ ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ٻين عالمي امدادي ادارن
طرفان اَٿاهه امدادي رقمون مليون پئي. هندوڪش جي
قديم واپاري ۽ اسمگلرن جي لَڪن مان جيڪي پناهگير
جنگ بند ٿيڻ تائين پاڪستان ۾ آيا هئا يا مجاهدن جي
باغي فوجن ۾ شامل ٿيا هئا، تن جو تعداد لکن ۾ هو.
سڄي سرحد تي پناهگيرن جون ڪئمپون، اسپتالون، اسڪول
۽ ڀلائيءَ جا مرڪز ٺهي ويا هئا، جنهن سبب حڪومتي
اهلڪارن کي وجهه ملي ويو هو ته، اُن عالمي امداد
مان پنهنجا کيسا ڀرين، جيڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي
پاڻيءَ وانگر اٿلي پئي هئي. گڏيل قومن جي اداري جي
هڪ عملدار جي ڪٿ مطابق امداد جو رُڳو ٽيون حصو
پناهگيرن تائين پهچندو هو. اهو مون بعد ۾ رچرڊ
ريورس جي ڪتاب ”پئسيج ٽو پشاور“ ۾ پڙهيو هو.مجاهدن
کي جيڪي هٿيار مليا، اهي پڻ پاڪستان مان موڪليا
ويا هئا، جنهن سبب ضياءَ ۽ هن جي ماڻهن کي وجهه
ملي ويو هو، ته اهي اهو سامان پاڪستاني فوج جي
بارودخاني ۾ پهچائين ۽ هٿيارن جي وڪري تي وڏيون
ڪميشنون وٺن. بعد ۾ مونکي هڪ ٻئي آمريڪي صحافي
ٻڌايو هو ته، واشنگٽن جي اختياريءَ وارن جو خيال
هو ته، انهن هٿيارن جو به رُڳو ٽيون حصو پنهنجي
منزل تي پهتو هوندو.
افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان جيڪو حصو ورتو هو،
تنهن بابت مونکي شڪ آهي ته سي آءِ اي جو به وڏو هٿ
هو. پر ضياءَ ۽ هن جي حڪومت کي قائم رکڻ ۾ سي آءِ
اي جيڪا دلچسپي ورتي هئي، تنهن جي اندازي جي مونکي
اُوستائين ڄاڻ نه پئي هئي، جيستائين مون آمريڪي
صحافي بوب ووڊورڊ جو لکيل ڪتاب ”نقاب: سي آءِ اي
جون ڳُجهيون جنگيون“ نه پڙهيو هو. ”بيحد شڪي ۽
خطرناڪ صورتحال ۾ ڪنهن به اڳواڻ ڪنهن ملڪ تي حڪومت
نه ڪئي.“ ووڊورڊ لکيو. سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر ڪيسي
چوي ٿو ته، ”قطعي فيصلو ڪندڙ اهميت جنرل ضياءَ جي
اها رضامندي هئي، جنهن هيٺ سي آءِ اي ذريعي فوجي
امداد پهچائي وڃي. ڪيسي، سي آءِ اي ۽ ريگن
انتظاميا سڀني جي خواهش اها هئي، ته ضياءِ جي
حڪومت قائم رهي. هنن اهو به ڄاڻڻ گهريو ٿي ته
ضياءَ جي حڪومت اندر ڇا پيو ٿئي. هاڻي دنيا ۾ سي
آءِ اي جو وڏو مرڪز اسلام آباد ۾ ئي هو.
مونکي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ڪيسي ۽ ضياءَ جي پاڻ
۾ گهَرن لاڳاپن جي ڄاڻ نه هئي. ”آمريڪي ڏيتي
ليتيءَ لاءِ ڪانگريس اها ڳالهه غِير قانوني ڄاڻائي
آهي ته پئسا خرچ ڪري يا رشوتون ڏئي ٻاهرين ملڪن ۾
ڪاروبار ڪجي.“ ووڊ ورڊ لکيو. ”ڪيسي سمجهندو هو، ته
ٻاهرين ملڪن جي اڳواڻن يا جاسوسي ذريعن کي پئسا
ڏيڻ يا نوازڻ جائز هو. اهي رشوتون قانوني هيون.
مثال طور ڪيسي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا ضياءَ جي
پاڪستان ۾ ضرور ويندو هو. تُرت ريگن انتظاميا جي
ٻين ميمبرن جي ڀيٽ ۾ هن جا ضياءَ سان ويجها لاڳاپا
جُڙيا.“
انهن سڀني ڳالهين ضياءَ کي ڦاسيون ڏيندڙ ۽ ظالم
آمر بدران ”عالمي مدبر“ ثابت ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي
هئي. 1978ع ۾ ”ڊيلي ميل“ اخبار جي صحافيءَ سان
چانهه پيئندي ’اسين ماڻهن کي ڦاسيون ڏينداسين‘
جهڙو جيڪو مشهور جملو چيو هو، تنهن جي جاءِ تي
هاڻي هن جا اهي حوالا ڇپجڻ لڳا هئا، ته پاڪستان
وڏيءَ اهميت وارو ملڪ آهي، جيڪو الله جي مُنڪر
ڪميونسٽن خلاف جهاد ۾ رُڌل آهي. ضياءَ جي اُن نئين
پٽاڙ کي ماٺ ميٺ ۾ مڃڻ لاءِ خاص ڪري آمريڪي جيڪڏهن
ڪاوڙيل نه هئا، ته تيار ضرورهئا. مون پهريون ڀيرو
مڪاني اخبارن ۾ ”انٽرنيشنل هيرالڊ ٽربيون“ تان
ورتل هڪ مضمون پڙهيو، جنهن ۾ ضياءَ کي ”سڄڻ آمر“
طور ڄاڻايو ويو هو.
انهن مايوس ڪندڙ اخباري خبرن کان پاڻ بچائڻ لاءِ
مون وري ڪَسرت شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڪوٺڙيءَ اڳيان
سوڙهي گهٽيءَ ۾ روزانو هڪ ڪلاڪ پَسار ڪرڻ لڳيس.
جيتوڻيڪ مونکي بُک نه هوندي هئي، پر تڏهن به آئون
اهو کاڌو زوري کائيندي هيس، جيڪو 70 ڪلفٽن مان
ايندو هو. جيئن آگسٽ پورو ٿي سيپٽمبر جو مهينو
شروع ٿيو، ته مون ۾ اُميد جي ٿوري سوچ اُڀرڻ لڳي.
صنم جي شاديءَ جي تاريخ 8 سيپٽمبر مقرر ٿي هئي ۽
مون اُن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اجازت جي درخواست ڏني، جو
ممڪن هو ته مونکي آزاد به ڪيو وڃي ها.
مون ويچارن ۾ سمجهڻ شروع ڪيو، ته پيرن جو جيڪو
کُڙڪو منهنجي ڪوٺڙيءَ ڀرسان ٿيندو پيو وڃي، سو
منهنجي آزاديءَ جو نياپو آهي. وري کاڌي ڏيڻ لاءِ
منهنجي ڪوٺڙيءَ جو ڪُلف ٿي کليو ۽ جڏهن رات جي
ميٽرن ٿي آئي، تڏهن به مون اهو ٿي ڀانئيو. اُن
ننڍڙي ۽ ڊڄڻي ماڻهوءَ جي پيرن جي هلڪي آواز کي
ٻُڌي به مونکي اهو ئي خيال ٿي آيو، جيڪو هر سومر
ڏينهن صبح جو اتي ايندو هو. اهو جيل جو سپرنٽينڊنٽ
هوندو هو. ڪڏهن هو پنهنجي ڊپٽيءَ سان گڏ ايندو هو،
ته ڪڏهن اڪيلو. هو سدائين ساڳيءَ ڳالهه ڪندو هو.
”تون جيل جي ديوارن اندر رهي پنهنجي زندگي ڇو ٿي
برباد ڪرين، جڏهن ته پارٽيءَ جا ٻيا ماڻهو آزاد
آهن ۽ موجون پيا ڪن؟“ هو مونکي هر هفتي اهو ئي
چوندو هو. ”جيڪڏهن تون ٿوري وقت لاءِ سياست ڇڏڻ جو
راضپو ڏيکارين ته تون آزاد ٿي ويندينءِ.“
حڪومت جو مقصد ڪهڙو هو؟ مونکي سُڌ هئي ته سرڪاري
پٺڀرائيءَ کانسواءِ سپرنٽينڊنٽ ڪڏهن به اهڙين
ڳالهين جي همت نه ڪري ها. پوءِ به جيڪڏهن ضياءَ
مونکي ڇڏڻ گهري ها ته آزاد نه ڪري ها. جيڪڏهن هُن
جي مرضي نه هوندي ته آزاد ڪونه ڪندو. پر مونکي
ڀنڀلائڻ، مون سان ٺاهه جي ڪوشش جوڪهڙو مقصد هو؟ ڇا
هنن واقعي اهو سمجهيو هو ته آئون راضي ٿينديس؟ يا
هنن مونکي هيسائي ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جيئن ايوب
خان، بابا سان ڪيو هو؟
”تون سڀاڻي آزاد ٿي سگهين ٿي،“ سپرنٽينڊنٽ مونکي
چوندو هو. ”رڳو تون ئي پاڻ کي جيل ۾ رکيو ويٺي
آهين. ڇا تون لنڊن يا پيرس وڃڻ نه گهرندينءِ؟ تون
ته نؤجوان آهين ۽ تون پنهنجي جواني جيل ۾ اجائي
پئي وڃائين ۽ ڇا لاءِ؟ تون پنهنجي وقت جو اوسيئڙو
ڪري سگهين ٿي. اهو وقت ايندو، ضرور ايندو.“
هن جي وڃڻ کان پوءِ آئون ڏاڍي منجهيل رهندي هيس،
جيتوڻيڪ هو مونکي جيڪا لالچ آڇيندوهو، تنهن کي مڃڻ
لاءِ مونکي بلڪل خيال نه ايندو هو. مونکي هن جي
ارادن جي ڪابه خاطري نه هئي. ڇا هو منهنجو سڄڻ هو
يا دُشمن؟ هر ڪنهن تي شڪ جي پنهنجي اُن نئين عادت
کان مونکي نفرت هئي. پر آئون جيئري ڪيئن رهي هيس؟
مونکي شڪ هو ته حڪومت مونکي ڌُونڌاڙڻ جي هر ممڪن
ڪوشش ڪئي هئي. مونکي ڀروسو ٿي ويو هو، ته هنن رات
مهل منهنجي ڪوٺڙيءَ جي چؤڌاري اسرار ڀريا آواز
ڪندي مونکي وڌيڪ ستائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
ڀُڻڪاٽ، ٻن مردن ۽ هڪ عورت جا شوڪيءَ جهڙا آواز.
ڪڏهن ته آئون پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ئي انهن آوازن
سبب جاڳي اُٿي هيس. پوليس کانسواءِ ڪنهن کي به
منهنجي وارڊ ۾ يا اُن ويجهو اچڻ جي اجازت نه هئي.
مون جيل اختياري وارن کي دانهن ڏني ته اوهين ڄاڻي
ٻجهي منهنجو آرام ڦِٽايو ٿا. ”تنهنجي وارڊ ۾ ڪوبه
ڪونهي.“ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مونکي يقين ڏياريندي چيو.
”اهو تنهنجو وَهم آهي.“
ڇَمڪو، ڇَمڪو. هڪ نئون آواز، ڪنهن عورت جي پازيب
جهڙو ڇَڻڪو. پوءِ ڀُڻڪاٽ. آئون سويل اٿڻ لڳيس ۽
وري ننڊ ڪري نه سگهيس. جڏهن پوڙهي ميٽرن جي جاءِ
تي هڪ نئين ميٽرن آئي، ته مون وري ڪوشش ڪئي. ”تون
رات جو ڪجهه آواز ٻُڌين ٿي؟“ مون جهُور پوڙهي پٺاڻ
مائيءَ کان پڇيو، جيڪا هاڻي پَڌر ۾ سمهندي هئي.
”ماٺ ڪر! تون اهو ڏيکاءُ ڏي، ته تون ڪجهه به نٿي
ٻُڌين!“ هن وراڻيو. هُن جون اکيون چؤڌاري ڦِرڻ
لڳيون ۽ ڏڪندڙ هٿ سندس سنهي خاڪي ورديءَ کي سنوارڻ
لڳا.
”پر اُهو ڪير آهي؟“ مون هن کان پڇيو. اُن ڳالهه جي
نيٺ تصديق ٿيندي ئي مونکي ٿوري ڏڪڻي وٺي وئي.
”اُها ڏائڻ آهي.“ هن ڀُڻڪيو.
”ڏائڻ، اُن عورت جي آتما، جنهن جا پيرا اُبتا هجن
ٿا؟ ڏائڻ جو ڪو وجود ئي ڪونهي.“ مون پوڙهي ميٽرن
کي چيو.
”هن جو وجود آهي.“ هن زور ڏيندي چيو. ”عورتن جي
وارڊ ۾ سڀني هن جو آواز ٻُڌو آهي. تون به اهو
بهانو ڪر، ته تو هن جو آواز ڪونه ٻڌو آهي ۽ پوءِ
هوءَ توکي تڪليف نه ڏيندي.“
ڇَمڪو. ڇَمڪو. اُن رات ۽ ٻين ڪيترين راتين تائين
منهنجي دليل بازي بنهه غائب ٿي وئي. منهنجي وارڊ ۾
اچڻ بدران هوءَ عورتن جي وارڊ ۾ ڇو نٿي ترسي پوي.
آئون اهو سوچيندي هنڌ ۾ ڏَڪي ويس ۽ آواز لاڳيتا
ايندا رهيا.
ڇَڻڪاٽ. ڇَڻڪاٽ. ڪنهن ڪا شيءِ پئي ڇڻڪائي جيڪو لڳو
ٿي ته وارڊ ٻاهران رکيل ڪچري جا دَٻا هئا، جن ۾
پيل ڪچري کي ڪنهن پئي ڦُلوريو. منهنجي ڪوٺڙيءَ
ويجهو وري پيرن جو آواز ايندو رهيو. جيتوڻيڪ وارڊ
جي دروازي جي ڪُلف کلڻ جو ڪوبه آواز ٻُڌڻ ۾ ڪونه
آيو هو. يا الله، اهو ڇا آهي؟ يا الله، منهنجي مدد
ڪر.منهنجي دَر کان بلڪل ٻاهر مون ڪنهن کي پنهنجو
خالي ٽِفن باڪس کڻندي ٻُڌو. پوءِ اُن جو ڍَڪ لٿو ۽
باڪس زور سان اچي ڀِت سان لڳو. يا الله! مون همت
ڪئي ۽ در تائين ويس. ٽِفن باڪس اونڌو ٿيو ڪِچري
۾پيو هو. اتي ڪوبه ڪونه هو.
”تنهنجي ذهن تي وڏو بار آهي،“ ٻئي ڀيري جڏهن جيل
جو سپرنٽينڊنٽ آيو ته هن مونکي چيو. نيٺ هن مونکي
اهو به ٻڌايو ته منهنجي ڪوٺڙيءَ وارو حصو هڪ ڦاسي
گهاٽ جي هنڌ تي ٺاهيو ويو هو، جتي اڳي انگريز
ڏوهارين کي ڦاسيون ڏيندا هئا. ”ٿي سگهي ٿو ته اهو
ڪنهن جو بيقرار روح هجي.“ جيلر اشارو ڏنو. اها
ڳالهه تسلي واري نه هئي ۽ نه وري پٺاڻ ميٽرن جو
ٻڌايل سبب صحيح ٿي لڳو. ”منهنجو مڙس رات جو
چوڪيداري ڪندو هو جنهن کي چورن قتل ڪيو هو.“ هن
مونکي ٻڌايو. هن جون اکيون پئي چمڪيون. ”هن جو
قاتل ڪڏهن به هٿ ڪونه آيو. اهو بيقرار روح ضرور هن
جو ئي آهي.“
منهنجو وهمن ۾ ويساهه ڪونهي ۽ مونکي شڪ آهي ته
حڪومت مونکي چيڙائڻ ۽ هيسائڻ جي اهڙي ڪوشش پئي
ڪئي، جيئن هنن بابا لاءِ راولپنڊي جيل ۾ ڪئي هئي.
پر مون اڳ ويچاريندي ڦاهي گهاٽ جي بيقرار روحن
لاءِ دعا گهُرڻ شروع ڪئي. ٿورن مهينن کان پوءِ اهي
آواز اچڻ بند ٿي ويا. مونکي هينئر به سُڌ نه آهي
ته اُن جو ڪهڙو ڪارڻ هو.
سکر جيل جي ميٽرن مونکي جيڪا دُعا سيکاري هئي، سا
مون پڙهڻ شروع ڪئي. مون قرآن شريف جي سوره پڙهي،
پاڻيءَ جي باڙدي تي دَم ڪئي ۽ اهو پاڻي ٿورو ٿورو
پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي چئني ڪُنڊن ۾ ڇٽڪايو. اُن ڪوٺڙي
جي عجب جهڙي اڏاوت هئي، ڇو ته اُن جون چار ڪُنڊون
نه هيون ۽ مونکي ڊپ ٿيو هو ته منهنجي دعا جو اثر
نه ٿيندو. ڇا مونکي صنم جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي
ٿورڙي مُهلت ملندي؟ مونکي پنهنجي درخواست جو ڪوبه
جواب نه مليوهو. ”قل هوالله اَحد- چئو ته الله هڪ
آهي.“ مون دعا گهري. ٻيءَ اربع کان پوءِ ۽ ٽين
اربع کان اڳ هڪڙي صبح جو سويل پٺاڻ ميٽرن منهنجي
ڪوٺڙي ۾ آئي. ”مون پنهنجيءَ کٽ ويجهو آواز ٻُڌا
آهن.“ هُن مونکي ٻُڌايو. ”انهن چيو آهي ته ’هوءَ
اڄ وڃي پئي.‘“ مون سوچيو ته، پوڙهي مائي چَري آهي.
پر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ جيل جو عملو آيو. ”تون هينئر
جو هينئر وڃين پئي.“ هنن مونکي ٻڌايو. ”توکي
تنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ملي
آهي.“
70 ڪلفٽن، دروازي ڀرسان لڳل پِتل جون پليٽون اڃا
تائين پئي چمڪيون. سر شاهنواز خان ڀٽو، ذوالفقار
علي ڀتو، بار – ايٽ – لا. جيئن پوليس جي قافلي
مونکي دروازي اڳيان اچي ڇڏيو، تيئن مون گذريل ڇهن
مهينن جي ڇڪتاڻ ۾ ٿوري ٺاپر ڀانئي. اڳ مونکي پورو
ڀروسو ٿي ويو هو، ته آئون اهو گهر وري ڪڏهن به نه
ڏسنديس، ڇو ته 70 ڪلفٽن کي حڪومت ضبط ڪندي، يا وري
ڪڏهن به گهر وڃڻ کان اڳ ۾، ماٺ ميٺ ۾ حڪومت مونکي
سکر ۾ ئي ماري ڇڏيندي. پر آئون هتي جيئري هيس. ۽
اهو منهنجو ئي گهر هو. منهنجي ڀيڻ جي شاديءَ سبب
گهر جي ٻاهرين ديوارن تي بجليءَ جي بلبن جون
جهالرون لڳل هيون. اسين ٻئي سلامت هيونسين.
جڏهن ڄاتل سُڃاتل دروازا کليا، ته مون پاڻ ۾
زندگيءَ جي نئين لهر ڊوڙندي ڀانئي. جيئن چوڪيدار
مونکي سلام ڪيو ۽ قافلو اندر آڳنڌ ڏانهن وڌيو، ته
مونکي لڳو ته الله مونکي هڪ ٻيو جيون ڏنو آهي. اها
هُن جي مدد هئي، جو دشمن مونکي مات ڏيئي نه سگهيو
هو. منهنجي اندر طاقت ۽ ارادي جي هڪ نئين سوچ
اُڀرڻ لڳي هئي. اُن وقت آئون ڄڻ ٻيهر ڄائي هيس.
دهل، ناچ. ياسمين ۽ گلاب جا هار. گهر ۾ سمورو عملو
دالان اڳيان اچي گڏ ٿيو هو ۽ هنن دهل وڄڻ تي لوڪ
ناچ ڪندي خوشيون پئي ملهايون. چوڪيدار، راڌا،
خانسامان، سيڪريٽري. مون دوست محمد يعني ميجر
ڊوموءَ کي ڏٺو، جيڪو جيل ۾ بابا سان ملڻ لاءِ جيل
جي پهريدارن کان به وڌيڪ تيز ڊوڙندو ويو هو؛ اتي
بابا جو خاص ملازم عرس هو، جنهن کي بابا جي
گرفتاريءَ وقت فوج مار ڏني هئي ۽ پستول سان کيس
ڌَڪ هنيا هئا؛ بشير ۽ ابراهيم هئا، جيڪي امان ۽
مون سان گڏ سهالا ۾ هئا، جڏهن بابا کي ڦاسي ڏني
وئي هئي؛ لاڙڪاڻي جو نظر محمد هو، جنهن کي بابا جي
ميت دفنائڻ لاءِ ملي هئي.
هنن جي چهرن تي، ناچ ڪندي ۽ راڳ ڳائيندي، مُرڪن جا
هار پکڙجي ويا هئا. آئون جيئن ڪار مان ٻاهر آيس،
ته منهنجي چؤڌاري شاديءَ جو شاندار ماحول هو. اهي
سڀيئي مون ڏانهن ڊوڙندا آيا ۽ هنن منهنجي ڳچيءَ ۾
هار وڌا. ”باقي مهمانن لاءِ رکو،“ منهنجي ڳچي ۽
ڪَنُ هار ۾ ڍڪجي ويا ته مون هنن کي چيو. ”نه، نه،
اهي هار تنهنجي لاءِ آهن،“ هنن وراڻيو. ”توکي گهر
۾ ڏسي اسين ڏاڍا خوش ٿيا آهيون.“
گهر. آئون ته ويساهه ئي نٿي آڻي سگهيس. جيئن اُڪر
ٿيل ڪاٺ جي وڏي دروازي مان منهنجا مائٽ ڊوڙندا
ٻاهر آيا، ته سڄي ماحول ۾ ٽهڪڙن جا گُل ٽِڙي پيا.
اتي منهنجيون ماسيون هيون: لنڊن مان آيل ماسي
بهجت، لاس اينجلز مان آيل منهنجي سئوٽ زينت، بابا
جي موت جي سزا کان پوءِ مون سان گڏ نظربند رهندڙ
سئوٽ فخري به اُتي موجود هئي. پُڦي مانا مونکي
کيڪاريو ۽ هن جي ماٽيجي ڀينرن پڻ کيڪاريو، جن بابا
جي جان بچائڻ لاءِ ضياءَ کي رحم جي درخواست ڏني
هئي ۽ جيڪا قبول نه ٿي هئي. ٻيا مائٽ به هندوستان،
آمريڪا، انگلينڊ، ايران ۽ فرانس مان سفر ڪري پهتا
هئا، تنهنڪري اسان جي گهر جو هر ڪمرو هنن سان ڀريل
هو. ڪجهه مهمان منهنجن ڀائرن جي ڪمرن ۾ پڻ رهيل
هئا، جيڪي گذريل چئن ورهين کان خالي پيا هئا.
ليليٰ! نشيلي! اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتا ۽ ٽهڪ ڏنا
۽ رڙيون ڪيون. هنن کي ٻيهر ڏسڻ جي مونکي ڪا اُميد
ئي نه هئي. ۽ نه وري هنن کي ئي ڪا اهڙي اميد هئي.
هاڻي اهو ڊَپ ختم ٿي ويو هو، ته آئون جيل مان ڪڏهن
به جيئري واپس نه اينديس.
گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ جهڙي نعمت. پيرن هيٺان نرم
نرم غاليچا، پيئڻ لاءِ اُجرو ۽ ٿڌو پاڻي. منهنجي
خاندان جي دعوت. آئون ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون سُمهي
به نه سگهيس؛ ڇو ته مون آزاديءَ جو هڪ پل به وڃائڻ
نه ٿي گهريو. امان رات ٿيندي ئي وڃي سُتي هئي،
جڏهن ته آئون فجر تائين صنم سان ڳالهيون ڪندي
رهيس. تُرت صنم وڃي سُتي. ۽ امان ننڊ مان سجاڳ ٿي.
آئون هنن جو ۽ ٻين ويجهن مائٽن جو وقت سيڙائي ڪونه
سگهيس.
مون وٽ جيڪو وقت بچيو هو، تنهن ۾ مون ’ايشيا ويڪ‘،
’فار ايسٽرن اڪانمڪ رِويو‘، ’ٽائيم‘ ۽ ’نيوز ويڪ‘
جا پراڻا پرچا پڙهي ڇڏيا. مون پنهنجي سمهڻ واري
ڪمري جي ديوارن کي به ڇَندي ڦوڪي اَڇو اُجرو ڪيو.
مونکي خبر پئي، ته آخري ڇاپي هڻڻ وقت حڪومت منهنجا
اهي ڪيترائي خط چورائي کڻي وئي هئي، جيڪي بابا
مونکي اُن وقت لکيا هئا، جڏهن آئون پرڏيهه ۾
پڙهندي هيس. انهن چورايل سامان سان گڏ منهنجن
ڀائرن، ڀيڻ ۽ منهنجا ڪي ناياب فوٽا، منهنجا زيور
جن ۾ هڪ قيمتي مُنڊي به هئي، جيڪا مونکي امان ڏني
هئي ۽ منهنجي ڏاڏي جي سوني سرميداڻي به غائب هئي.
پر منهنجي سُمهڻ واري ڪمري ۾ جيڪا ڦڙڦوٽ وڌي وئي
هئي، تنهن ڪارڻ آئون ڏاڍي پريشان ٿي هيس. آئون
ڪمري جي ڀتين تان هنن جي آڱرين جا نشان مٽائڻ لاءِ
کين مَهٽيندي رهيس. الله جو شڪر ڪر، جو هي ڪمرو ۽
هي گهر سلامت آهي. آئون پاڻ کي پِرڀائيندي رهيس.
اڃا ٻٽي مهينا اڳ توکي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته
تون اتي ويندينءِ به يا نه. ”اهي توکي واپس جيل ۾
ڪونه وٺي ويندا، نه،“ منهنجي سئوٽ چيو. اهو
ساريندي ته اهو پاڪستان هو، نه ڪي سئن فرانسسڪو.
هن جي اُن اميد کي مڃڻ لاءِ مون پاڻ کي اجازت نه
ڏني. جيتوڻيڪ اها هڪ ڏاڍي ڏُکي ڳالهه هئي.
70 ڪلفٽن ۾ هر ڪا شيءِ معمول مطابق ڏسڻ ۾ پئي آئي،
ڏاڍي فرحت ڏيندڙ ۽ روايتي انداز واري. گهر جو عملو
پئي آيو ۽ ويو ۽ هنن باغ ۾ رنگ برنگي تنبوئن ۾
کاڌي جون ميزون ۽ مهمانن لاءِ ڪُرسيون پئي رکيون.
صنم جي هٿن تي، گهر جي ٻين عورتن جي هٿن تي
مينديءَ سان نازڪ گلڪاري ڪڍڻ لاءِ آيل عورتن ميندي
هنئي. ميندي هڻندڙ عورتن منهنجيءَ ڀيڻ جي هٿ جي
تَريءَ تي سُهڻا ۽ وڻندڙ نقش چِٽيا ۽ پوءِ مينديءَ
مٿان ليمي جي رَس ۽ کنڊ جو ليپ ڏنو.
پاڪستاني معيار مطابق صنم جي شاديءَ ۾ گهڻا دعوتي
ڪونه هئا، رُڳو پنج سؤ مهمان هئا. ۽ سڀيئي ريتون
رسمون به ڪونه ٿيون هيون. مينديءَ جي رسم يا نڪاح
جي رسم لاءِ مونکي وجهه ئي ڪونه مليو، جو آئون
نئين ريشمي شلوار قميص ٺهرائي سگهان ها. گهر ۾ آيل
ٻين عورتن کي به اهڙو وجهه ڪونه مليو هو، پر اُن ۾
ڪو هرج نه هو. مون پنهنجي ڪَٻٽ ۾ نه ڪپڙا ڏٺا هئا،
۽ نه ڪيتري وقت کان مون ڪي ٻيا ڪپڙا پاتا هئا.
تنهنڪري منهنجي پراڻي گلابي ريشمي شلوار قميص
مونکي بلڪل نئين ٿي لڳي.
”امان زور پئي رکي ته آئون ميڪ اپ ڪريان.“ صنيءَ
منهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ايندي چيو. ”۽ مونکي
ساڙهي به پائڻي آهي. منهنجي مرضي آهي ته شاديءَ ۾
آئون نيري جينز پايان. تون ئي ڪجهه ڪر.“
”شادي هڪ ڀيرو ٿئي ٿي،“ مون وراڻيو. ”امان ڪيترائي
ڏُک ڏٺا آهن، هن جو چيو مڃي، کيس خوش ڪر.“
”هيءَ ڪنوار چنڊ کان به وڌيڪ اڇي آهي. هائو هيءَ
آهي، هيءَ آهي.“ منهنجي واپس اچڻ تي پهرينءَ رات
سڄي گهر ۾ انهن ڳيچن جي گُونجار هئي. ”هيءُ ڪنوار
چنڊ کان به وڌيڪ اڇي آهي.“ اسان جي مائٽ عورتن صنم
جي مينديءَ تي هن جي ساهيڙين سان گڏجي اهي ڳيچ
ڳايا ۽ ناچ نچيون. مون پنهنجي آزاديءَ جو ڪوبه پَل
اجايو وڃائڻ نه ٿي گهريو. ۽ مونکي اها به ڄاڻ نه
هئي ته اها آزادي گهڻو وقت هلندي، تنهنڪري آئون
پنهنجي مائٽن ۽ ساهيڙين سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويس.
اسان جون دنيائون ڪيتريون نه ڌار ٿي پيون هيون. پر
ڪهڙي دنيا حقيقي هئي؟ مون پنهنجي جيل جي ڪوٺڙيءَ
جو ذڪر ڪندي اُن کي ٻه ڀيرا ”گهر“ سڏيو هو.
مينديءَ جي رسم ۾ جڏهن صني پنهنجي ٿيندڙ مُڙس ناصر
حسين سان گڏ سائي رنگ جي ٽِڪن ڀريل گاديلي تي اچي
ويٺي، ته هوءَ ڏاڍي سُندر پئي لڳي. اها شادي جيئن
ته مائٽن جي مرضيءَ پٽاندر نه ٿيڻي هئي، تنهنڪري
هنن ۾ ٿوري ڇڪتاڻ ٿي ڏٺي. پر رسمون پوريون ڪرڻيون
هيون. صنيءَ پنهنجي مٿي تي رَئو رکي گهونگهٽ ڪيو
ته جيئن هن جو گهوٽ شاديءَ کان اڳ سندس مُنهن نه
ڏسي سگهي. جيتوڻيڪ هن گهُونگهٽ کڻي مون سان ٿورو
ڳالهايو، جو آئون هن جي ڀَر ۾ ويٺي هيس.
”اي ناصر، اي ناصر، اسان جا ٿيندڙ ڀيڻويا، صنم سان
شاديءَ کان اڳ توکي سَت شرط پورا ڪرڻا آهن.“ اسان
آڏو صنيءَ جي ساهيڙين ۽ مائٽن ڳائڻ شروع ڪيو.
”پهريون شرط اهو آهي ته صنم کاڌو نه پچائيندي.“
”آئون هن لاءِ بورچي آڻيندس.“ ناصر جواب ڏنو.
”صنم ڪپڙا ڪونه ڌوئيندي.“ ڪنوار وارين ڳايو.
”آئون ڪپڙا ڌوٻيءَ ڏانهن موڪليندس.“ ناصر جواب ۾
ڳايو. ايئن هن هر شرط جو جواب ڏنو، جنهن کانپوءِ
هن طرفان شرط ڏنا ويا.
ٻنهي طرفن کان مائٽن مينديءَ جا ڀريل ٿالهه آندا
هئا، جن تي چانديءَ جا ورق لڳل هئا ۽ ڏيئا پئي
ٻريا. ناصر جي مائٽن مان هر هڪ صنم جي تريءَ تي
رکيل سوپاريءَ جي تَڙ تي مينديءَ جي چِپٽي گهوري
ٿي. امان ۽ اسان وري اها ساڳي رسم ناصر سان ڪئي.
اُهو جشن اوچتو تڏهن رڪجي ويو، جڏهن اسان جي گهرو
ملازمن مان هڪ ڄڻو اوچتو اسان وٽ آيو. ”دروازي تي
پوليس آئي آهي.“ هن ٻڌايو ۽ سڄي ڪمري ۾ ڀوائتي
ماٺار ڇانئجي وئي. هن ٻڌايو ته پوليس منهنجي لاءِ
آئي آهي. پر اسان جي ميجر ڊومو ٻڌايو ته پوليس
وارن امان جو پڇيو هو. سڀني مهمانن کان ٿڌا شوڪارا
نڪري ويا. امان ٻي نظربندي ڪڏهن به سَهي نه
سگهندي.
”دوست محمد، هنن کي اندر وٺي اچ. آئون اهو ڪونه
چاهينديس ته منهنجن مهمانن جي موجودگيءَ ۾ پوليس
دروازا ڀڃي اندر اچي.“ امان سُڪون سان چيو. پوليس
اندر آئي، پر اهي به چڱا ويڳاڻا پئي ڏٺا. ”اوهين
منهنجي لاءِ ڇو آيا آهيو؟“ امان هنن کان پڇيو.
بيمار هوندي به هن جو آواز مضبوط هو. هنن ڊڄندي
امان کي مارشل لا جو حڪمنامو ڏنو. الله جو شڪر جو
اهو هن جي گرفتاريءَ جو نه، پر پنجاب بدريءَ جو
هو. هن جو پنجاب وڃڻ لاءِ ڪوبه ارادو ڪونه هو ۽
ضياءَ کي اها ڄاڻ هئي. هن رڳو اسان کي ڌمڪائڻ
گهريو ٿي ۽ ڀٽي خاندان جي خوشين ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ کين
تباهه ڪرڻ گهريو ٿي.
۽ اهي ڌمڪيون بند نه ٿيون. ٻيءَ صبح جو امان جن
ڳائڻن کي شادي ۾ ڳائڻ لاءِ گهرايو هو، انهن وٽان
شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اوچتو نياپو پهتو. هنن
ٻڌايو ته کين اختياري وارن وٽان مائڪروفون واپرائڻ
جي اجازت نه ملي هئي. مارشل لا هيٺ لائوڊ اسپيڪر
واپرائڻ جي روڪ هئي. اسان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي ته
اُن لاءِ واقعي حڪومت مخالفت ڪئي هئي يا ڳائڻن پاڻ
هِمت هاري هئي.
اهي ڌمڪيون ۽ دڙڪا اسان جي مهمانن کي ملڻ لڳا، جن
جي گاڏين جا نمبر حڪومت جي انهن جاسوسن پئي لکيا،
جيڪي 70 ڪلفٽن پريان گاڏيءَ ۾ ويٺا هئا. حڪومت اڳ
۾ ئي مهمانن جي فهرست وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. امان
جي سيڪريٽري روئيندي مڃيو هو، ته حڪومت کيس دڙڪو
ڏنو هو، ته جيڪڏهن هن اسان کي فهرست نه ڏني ته اُن
جا اگرا نتيجا نڪرندا.
ان شاديءَ بابت ملڪ وارن کي بهرحال ڄاڻ نه ڏيڻي
هئي. اخبارن ۾ ڀٽي جو نالو اوستائين ڇپڻ جي اجازت
نه هئي، جيستائين خبر هن خلاف نه هجي؛ جيتوڻيڪ
پاڪستان ۾ صحافي اهڙين بندشن جا هيراڪ ٿي ويا هئا.
صنيءَ جي مڱڻيءَ تي هنن لکيو هو، ته ناصر جو ڏاڏو
اسان جي ڏاڏي وانگر ڪنهن وقت جهونا ڳڙهه جو
وزيراعظم هوندو هو. ”جهونا ڳڙهه رياست جي ٻن اڳوڻن
وزيراعظمن جي پوٽيءَ ۽ پوٽيءَ جي شادي.“ اخبارن جي
سرخيءَ ۾ چيو ويو. صنم جي شاديءَ ۽ ڪراچي جيل مان
منهنجي عارضي آزاديءَ بابت خبر لڳي ته ”ڀيڻ جي
شاديءَ ۾ ڀيڻ شريڪ ٿي.“
70 ڪلفٽن جي دروازن کان اندر اسان جو پختو ارادو
هو، ته صنم جي شادي اسان جو ذاتي ۽ خانداني معاملو
هو. منهنجي ڀيڻ ڏاڍيون تڪليفون سَٺيون آهن. سياست
سان ڪوبه چاهه نه هوندي به هن کي گهِلي سياست ۾
آندو ويو هو، ڇو ته هن جي نالي ۾ ڀٽو لفظ شامل هو.
هن بابا جي قتل ٿيڻ کان ٻه مهينا پوءِ هارورڊ
يونيورسٽيءَ مان بي اي جو امتحان پاس ڪيو هو. هن
کي آڪسفورڊ ۾ داخلا ملي هئي، پر هوءَ پنهنجي تعليم
تي پورو ڌيان نه ڏئي سگهڻ سبب پاڪستان موٽي آئي
هئي. پر ڇو؟ پاڻ هڪ قيديءَ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ
هو 70 ڪلفٽن ۾ اڪيلي رهيل هئي. هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ
ڪڏهن جيل ۾ هيون ته ڪڏهن جيل کان ٻاهر. هن جا ڀائر
جلاوطن. هن جون اوائل کان ٿوريون ساهيڙيون هونديون
هيون ۽ ڀٽو هجڻ سبب کيس اها ڳالهه پسند نه هوندي
هئي، ته ماڻهن جو مٿس ڌيان ٿئي ۽ اهي کانئس سنديس
بابا بابت سوال پڇندا رهن. هوءَ هاڻي انهن ٿورڙن
ماڻهن ۾ اُٿندي ويهندي هئي، جن کي هوءَ ورهين کان
سڃاڻندي هئي؛ انهن ۾ ناصر به هو، جيڪو شاهنواز ۽
مير سان گڏ اسڪول ۾ پڙهيو هو.
”صنم سان شادي نه ڪر. حڪومت توکي برباد ڪري
ڇڏيندي،“ ناصر جي چاچي کيس تنبيهه ڪئي هئي، جڏهن
هن اُن شادي ڪرائڻ لاءِ مائٽن کي چيو هو. ”اهو
منهنجو فيصلو آهي، نه ڪي اوهان جو.“ هن جواب ۾ چيو
هو. ”آئون اُن ڇوڪريءَ سان پيار ڪريان ٿو، اُن
لاءِ جيڪا به قيمت چُڪائڻي پوندي، سا آئون ڏيندس“
۽ اها هن کي ڏيڻي پئي. حڪومت جنهن ماڻهو خلاف هئي،
تن کي سزا ڏيڻ جا اُن وٽ ڪيترائي طريقا هئي: ٽئڪس
جي جاچ پڙتال ڪرڻ، پرمٽون رد ڪرڻ، فارم جي زمينن
جو پاڻي بند ڪرڻ. ناصر جي ڪمزوري پاڪستان ۾ سندس
ڪامياب ڪاروبار هو. تُرت هن جي مقاطعن جا واڪ
نامنظور ڪيا ويا. جنهنڪري هن جو ڪاروبار پنجهتر
سيڪڙو گهٽجي ويو هو. هينئر ناصر ۽ صنم لنڊن ۾ رهن
ٿا، جتي کين نئين سر ڪاروبار شروع ڪرڻو پيو هو.
پوءِ به هنن جي شادي شاندار ٿي هئي.
صنم جي مٿي تي قرآن شريف جو ڇانوَ ڪندي امان ۽
آئون هن کي وٺي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿيونسين ۽ سامهون
وڏي ڪمري ۾ ويونسين، جتي نڪاح لاءِ چبوترو ٺاهيو
ويو هو. اُن موقعي تي صنم کي جيڪا ساڙهي پاتل هئي،
تنهن جو رنگ سائو هو، جيڪو خوشيءَ جو اُهڃاڻ آهي.
”ڇا توکي ناصر حسين ولد نسيم عبدالقادر، مُڙس طور
قبول آهي؟“ اسان جي سئوٽ عاشق علي ڀٽي هن کان
پڇيو. صنم امان ۽ مون ڏانهن ڏسي مُرڪيو ۽ ماٺ ڪري
ويٺي رهي. هن کي ڄاڻ هئي ته عاشق علي ٻين ٻن شاهدن
اڳيان اهو سوال وري کانئس ٽي ڀيرا پڇندو. هن وري
پڇيو ۽ صنم وري به ڪو جواب نه ڏنو. اسلامي احڪامن
مطابق اها خاطري ڪبي آهي ته ڪنوار چڱيءَ طرح سمجهي
سوچي شادي لاءِ راضپو ڏيکاري. ٽيون ڀيرو پُڇڻ کان
پوءِ نيٺ صنم قبوليت ڏني ۽ نڪاح نامي تي صَحي ڪئي.
عاشق علي اها خوشخبري انهن ماڻهن کي وڃي ٻڌائي،
جيڪي هڪ ٻئي ڪمري ۾ ويٺا هئا. مولوي نڪاح جون
دعائون پڙهيون، ۽ منهنجي ڀيڻ ، ڀٽي خاندان جي
پهرين عورت هئي، جنهن پنهنجي پسند جي ماڻهوءَ سان
شادي ڪئي.
ناصر جا ٻه ويجها دوست هن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا ۽
هو چبوتري تي اچي ڪنوار ڀرسان ويٺو. ناصر جي سئوٽن
۽ سندس دوستن، گهوٽ- ڪنوار مٿان ريشمي شال جهلي ۽
ٻين عورتن هڪ آئينو هنن وچ ۾ رکيو، تنهن وقت
منهنجن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، جڏهن صنم ۽ ناصر
آئيني ۾ هڪ ٻئي کي ڏٺو. اها اهڙي روايتي گهَڙي
هئي، جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار ساٿيءَ طور پهريون ڀيرو هڪ
ٻئي کي ڏسن ٿا.
سڄو چبوترو گلاب، گونٽي ۽ ياسمين جي گُلن سان
سَٿيل هو، جن جي سُرهاڻ چؤڌاري پکڙجي وئي هئي. صنم
۽ ناصر آسماني رنگ جي بخمل واري صندليءَ تي ويٺا
هئا ۽ سندن چؤڌاري مصري، بادمان، سونهري رنگ ڏنل
بيدن، اخروٽن ۽ روپن ورقن سان پِستن جا ڀريل ٿالهه
رکيل هئا.گهوٽ ۽ ڪنوار ڀرسان چانديءَ جي شمعدانن ۾
ڏيئا پئي ٻريا، ته جيئن سندن زندگيءَ ۾ روشني قائم
هجي. صنم جي پرڻيل سئوٽن، جوڙيءَ مٿان مصريءَ جون
تَڙون پئي گهوريون، ته جيئن هنن جي حياتي سُٺي
گذري. سڄي ماحول ۾ ٽهڪڙا ۽ مُرڪون پکڙجي ويون.
امان ۽ آئون، صني ۽ ناصر سان ويٺيون هيونسين، ته
مهمان هڪ هڪ ٿي اسان وٽ آيا ۽ مبارڪون ڏيڻ لڳا.
هنن مان ڪيترائي جيل ۾ رهيا هئا ۽ اهو سندن مُنهن
مان پڌرو هو. اهي هيڻا هئا ۽ سندن منهن لَٿل هئا.
”تون ڪيڏي نه تندرست ٿي لڳين.“ هنن مونکي چيو. شال
هنن جو اهو ئي مقصد هجي، ڇو ته مون اهوئي پئي
گهريو، ته آئون هنن کي اهڙو ڏيکاءُ ڏيان، جيئن
بابا سپريم ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ وقت ڏيکاءُ ڏنو هو، ته
حڪومت مونکي ڀَڃي ڀوري نه سگهي آهي. ”اوهان کي ڏسي
مونکي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي.“ هن هر ڀيري پاڻمرادو
اهو ئي پئي ڀُڻڪيو. منهنجو ڳاٽ جيتوڻيڪ اوچو هو،
پر اندر ۾ آئون ڏڪيس پي.
ڇا مونکي وري جيل ۾ واپس وڃڻو پوندو؟ سرڪار وٽان
مون تائين اهڙي ڪابه ڳالهه نه پهتي هئي. گوڙ ۾
مونکي منهنجو وڪيل مجيب ڏسڻ ۾ آيو، جنهن مونکي
ٻڌايو ته ايندڙ صبح جو کيس سنڌ جي هوم سيڪريٽريءَ
سان ملاقات ڪرڻي آهي. جيئن ته منهنجي نظربنديءَ جي
مُدت هڪ هفتي اندر پوري ٿيڻ واري هئي، تنهنڪري هن
مونکي ٻڌايو ته، هو واسطيدار عملدارن کان اجازت
وٺندو، ته اها مدت 70 ڪلفٽن ۾ پوري ٿئي، جتي آئون
رهي پئي هجان.
مهمانن جي موڪلائڻ کان پوءِ، مون مخزنون ۽ اخبارون
ميڙي گڏ ڪيون ۽ جيت مار دوائون به کنيون، ته
جيڪڏهن پوليس مونکي وٺڻ لاءِ اچي، ته اهي به پاڻ
سان لِڪائي، جيل ۾ کڻي وڃان. آئون سڄي رات جاڳندي
رهيس ۽ پڇاڙيءَ ۾ هارورڊ ۽ آڪسفورڊ جي پنهنجي
پراڻي دوست پيٽر گئلبريٿ کي خط لکڻ ويٺيس. امان
مونکي ٻڌايو هو، ته آمريڪي سينيٽ فارين رليشنز
ڪميٽيءَ ۾ ڏکڻ ايشيا جي شعبي جو ذمو پيٽر کي
سونپيل آهي ۽ هوپاڪستان ۾ آيو هو. هن ڪراچي سينٽرل
جيل ۾ مون سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هن جي
درخواست جو حڪومت ڪوبه جواب نه ڏنوهو. بعد ۾ پيٽر
پاڻ مونکي ٻڌايو ته ڇا ٿيو هو.
پيٽر گئلبريٿ، آگسٽ 1981ع:
مون پاڻ سان پاڪستان ۾ سينيٽر ڪليبورن پيل جو خط
آندو هو، جيڪو سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ ۾
اقليتي اڳواڻ آهي. خط ۾ حڪومت کي گذارش ڪيل هئي،
ته مونکي بينظير سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. مون
پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي وزارت ۽ آمريڪي سفارتخاني
کي پڻ سخت تاڪيد ڪيو، جيڪو اُن وقت ڀٽو وارن جو
بلڪل مخالف هو.
حڪومت نه سينيٽر پيل جي گذارش جو، ۽ نه منهنجي
درخواست جو ڪو جواب ڏنو. جيتوڻيڪ ڀٽو وارن سان ملڻ
لاءِ آمريڪي سفارتخاني منهنجي دل ٽوڙڻ جي هر ڪا
ڪوشش ڪئي، پر آئون ڪنهن به صورت ۾ 70 ڪلفٽن پهچي
بيگم ڀٽي سان مليس. هن جو رنگ هئڊو ٿيو ويو هو ۽
هوءَ ڏاڍي ٿڪل پئي لڳي. هن کي بينظير جي ڏاڍي ڳڻتي
هئي، جيڪا گذريل پنجن مهينن کان سکر ۽ ڪراچي جيلن
۾ قيد هئي.
بيگم ڀٽو مونکي ڪراچي بوٽ ڪلب ۾ صنم، فخري ۽ پاڻ
سان گڏ ماني کائڻ جي دعوت ڏني. اسين جيئن 70 ڪلفٽن
مان ٻاهر آياسين، ته هن مونکي مُرڪڻ لاءِ چيو.، ڇو
ته گهٽيءَ جي هن پاسي کان سيڪيورٽي جي ماڻهن هڪ
ڪار مان ٽيليفوٽولينس سان اسان جون تصويرون پئي
ڪڍيون. مون سُٺي سياستدان وانگر هٿ لوڏي هنن کي
ڀليڪار چيو.
ماني کائيندي سمورو وقت آئون پِنڪي بابت سوچيندو
رهيس،جيڪا قيد ۾ هئي. مون هن کي آخري ڀيرو جنوري
1977ع ۾ آڪسفورڊ ۾ ڏٺو هو، تنهن وقت پِنڪي آڪسفورڊ
يونين جي صدر چونڊجي آئي هئي ۽ هن صدر جي آفيس ۾
نوَن آيل شاگردن جو ڪو فيصلو پئي ڪيو.
تڏهن کان هن جي زندگي هڪ اهڙي طرف ڇِڪجي وئي آهي،
جنهن جي نه اُميد هئي ۽ نه ئي اها ڳالهه سمجهه ۾
اچي ٿي. آئون اهو ئي سوچيندو رهيس، ته هوءَ جڏهن
واپس پنهنجي گهر پهتي هئي، ته هن پنهنجي پيءُ کي
اقتدار تان لهندي، کيس جيل ويندي ۽ ڦاسي چڙهندي
ڏٺو هو. ۽ پوءِ پِنڪي ڪيتري وقت تائين اهڙين
ڀوائتين حالتن هيٺ جيل ۾ بند رهي. جيئن ته آئون
اڪثر انساني حقن جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ ڪندو رهان
ٿو، تنهنڪري مونکي ڄاڻ آهي ته اهي تڪليفون ٿينديون
رهن ٿيون. پر پوءِ به منهنجي لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو
ٿي پيو هو، ته اهي تڪليفون هڪ دوست کي پهچايون
پيون وڃن. بوٽ ڪلب مان وڃڻ وقت مون بيگم ڀٽي کي
بينظير لاءِ هڪ ڊگهو ۽ ٿورو ڳنڀير خط ڏنو هو، جيڪو
مون هڪ رات اڳ لکيو هو.
آمريڪا ۾ واپس پهچي مون فارين رليشنز ڪميٽيءَ لاءِ
هڪ رپورٽ ٺاهي، جيڪا آئنده پاڪستان کي وري امداد
ڏيڻ بابت هئي. رپورٽ ۾ دليل ڏنا ويا هئا، ته امداد
ڏيڻ سبب آمريڪا کي بدنام فوجي آمريت جي پُٺڀرائي
ڪندڙ سمجهڻ جو اُلڪو آهي، جنهنڪري ايران ۾ جيڪو
آمريڪي تجربو ٿيوهو، تنهن جي ورجاءُ جو امڪان
ٿيندو. مون انساني حقن جي نيتيءَ تي زبردست زور
ڏنو ۽ اشارو ڏنو ته اسان جي امداد جو مقصد ڪنهن
ملڪ جي ڀلائيءَ سان گڏ حاڪمن جي ڀلائيءَ به آهي.
نجي طرح مون سينيٽر پيل ۽ ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر
چارلس پرسيءَ کي ڀٽو عورتن سان ٿيندڙ ورتاءُ بابت
ڄاڻ ڏني. هنن ٻنهي ڄڻن مدد جي خواهش ڏيکاري.منهنجي
مرضي هئي ته بينظير کي خبر پوي ته هن کي وساريو نه
ويو هو.
ڪراچيءَ ۾ سِج مس نڪتو هو، ته مون پيٽر جو اوهو
مزيدار خط ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ هن جي زال اين کي
ياد ڪيو ۽ سندس پُٽ ڄمڻ جي خبر تي خوشي ڀانئي.
گذريل وقت جون ساروڻيون وري اڀري آيون هيون. مون
واپس هن کي خط لکيو:
10 سيپٽمبر 1981ع
پيارا پيٽر،
گذريل رات صنيءَ جي شادي هئي. سڄو گهر گهَري نِنڊ
۾ سُتل آهي. هن وقت صبح جا ڇهه ٿيا آهن ۽ مون وٽ
آزاديءَ جا ٻه ٽي ڪلاڪ آهن. آئون توکي جلدي اهو
لکي ڄاڻائڻ گهران ٿي، ته تنهنجي خط مونکي ڪيتري نه
خوشي ڏني آهي. تو وٽان اهو ٻُڌي، پنهنجن دوستن
وٽان اهي خبرون ٻُڌي ۽ اهو ڄاڻي ته تون ڪهڙي نه
ڪامياب زندگي پيو گذارين، تنهن تي آئون ڏاڍي خوش
ٿي آهيان. تنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جيمي جي ڪاميابيءَ
لاءِ آئون سدائين دعاگو آهيان.
هارورڊ مان، ماضيءَ مان اهو آواز ٻُڌي، هڪ طرح سان
ڏاڍي بيقراري ٿي پئي آهي، جيڪو معصوميت واري زماني
کي ڌيان سان ٻُڌڻ لاءِ واپس پيو سڏي. ڇا هنن اسان
کي اهو سيکاريو هو، ته زندگي ايڏن ڀوائتن جوکن ۽
المين سان ڀرپور ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اسان جيڪي لفظ
پڙهيا هئا يا ڪونه پڙهيا هئا، تن جو مطلب گهٽ ۾
گهٽ آئون هينئر چئي سگهان ٿي، ته اُهي منهنجي ذهن
۾ نه ويٺا هئا: آزادي ۽ خودمختياريءَ تي اسان جيڪي
مضمون لکيا هئا، پنهنجن استادن کي ڏيکارڻ ۽ گريڊ
ماڻڻ لاءِجيڪي مقالا لکيا. پر اسان کي انهن لفظن
جي اهميت جي ڄاڻ هئي، جن کي اسان لکي محفوظ ڪيو
هو. اسان کي ڄاڻ هئي ته اهي ڪيترا نه قيمتي آهن:
هوا جهڙا قيمتي جيڪا اسين ساهه ۾ ڇِڪيون ٿا؛ پاڻي
جهِڙا جيڪو اسين پيون ٿا. پر پوءِ اهي اُگريون
حقيقتون برف سان ڍڪيل ورمونٽ ۽ هارورڊ جي صحنن ۾
تمام پراڻيون ٿي لڳيون …
پوءِ صبح جو آئون امان جي سمهڻ واري ڪمري ۾ چانهه
کڻي ويس. ”تون مون وٽ ترس.“ هن چيو. ”شايد اسين
ٻئي گڏجي مجيب واتان ڪا خوشخبري ٻُڌون.“ اُن کان
تُرت پوءِ منهنجو وڪيل اتي آيو، جنهن ٻُڌايو ته
هوم سيڪريٽري هن جي درخواست رد ڪئي هئي. جيستائين
آئون اُن واعدي تي صَحي نه ڪنديس، ته آئون سياست
تي پيل بندش جي ڀڃڪڙي نه ڪنديس، ته آئون جيل ۾ ئي
رهنديس. هن کي اهو ئي چيو ويو هو.
صبح جو ڏهين بجي پوليس وارا آيا. منهنجا مائٽ ۽
گهر جا ملازم آڳنڌ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ موڪلائڻ
لڳا. اهي ڪار پٺيان ڊوڙندا آيا، جيئن اها ڪلفٽن
کان هيٺ لهي، ايراني سفارتخاني، ڪلفٽن گارڊنس، جتي
ٻارڙن لغڙ پئي اڏايا، سوويت سفارتخاني، لبيا جي
سفارتخاني ۽ اٽليءَ جي سفارتخاني وٽان لنگهي،
سدائين جيان ڪار اڌ خالي پُٺين گهٽين مان تيزيءَ
سان جيل ڏانهن رواني ٿي وئي.
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ جيلر جي ڪُنجين جي ڇَڻڪي ۽
ڪُلفَ کلڻ جا ڄاتل سڃاتل آوازن منهنجو آڌر ڀاءُ
ڪيو. پَڪين سِرن جي اوچين ديوارن ۾ لڳل ننڍڙن لوهي
دروازن مان آئون ڦُڙتيءَ سان لنگهندي ويس. درين
کانسواءِ ڪَچن لنگهن مان آئون ڳاٽ اوچو ڪيو پنهنجي
وارڊ ڏانهن وڌندي ويس. مون اُهو ڪونه ٿي گهُريو
ته، ڪو ائين سوچي، ته ٻن ڏينهن جي آزادي مونکي
جهِيڻو ڪري ڇڏيو آهي. مونکي اها پڻ اميد هئي ته،
اُهي منهنجي جهَڙتي ڪونه وٺندا، 70 ڪلفٽن ڇڏڻ کان
اڳ مون پنهنجي بئگ ۾ مخزنون ۽ اخبارون وجهي ڇڏيون
هيون.
آئون پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ پهتيس، ته سدائين جيان بجلي
اَلُوپ هئي. پاڻمرادو مون اُن جي شڪايت لکي. پوءِ
ٻن ڏينهن تائين آئون بيمار هيس ۽ مونکي معدي ۾
تڪليف ٿي پئي. ”آئون چئي نٿي سگهان، پر آئون ڏاڍي
بيمار هيس.“
ٽئين ڏينهن 13 سيپٽمبر تي خوش قمستيءَ سان مون پاڻ
۾ سگهه ڀانئي. هڪڙو جيلر اُميد مطابق ڊسٽرڪٽ مارشل
لا ائڊمنسٽريٽر جو مايوس ڪندڙ حُڪم کڻي آيو، ڪراچي
سينٽرل جيل ۾ منهنجي نظربنديءَجي مُدت ۾ وڏيڪ ٽن
مهينن جو واڌارو ڪيو ويو هو.
هاڻي مون اربع ڏينهن واريءَ دعا، هفتي ۾ هڪ ڀيرو
گهرڻ بدران روزانو گهُرڻ شروع ڪئي. اڳ سدائين اُن
دعا جو اثر ٿيندو هو. شايد روزانو گهرڻ سبب منهنجي
ڪوٺڙيءَ جا دروازا ٻيءَ اربع کان پوءِ ٽين اربع
کان اڳ سدائين لاءِ کُلي وڃن. منهنجي خيال ۾ اُن
دعا جو اثر هاڻي 30 سيپٽمبر يعني اربع تي ٿيڻ
کپندو هو. نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيءَ تاريخ اها هوندي
جڏهن آڪٽوبر جي شروع ۾ مارگريٽ ٿيچر پاڪستان ۾
ايندي.
ضياءَ کي ڪنهن نه ڪنهن تاريخ تي مونکي آزاد ڪرڻو
هو ۽ آئون سدائين انهن تاريخن کي ڳولڻ جي ڪوشش
ڪندي هيس، جن مان ڪنهن هڪ تاريخ تي مونکي آزادي
ملڻ جي اميد هئي. آئون مارگريٽ ٿيچر کي سُڃاڻندي
هيس. آئون راولپنڊيءَ ۾ پرائيم منسٽر هائوس ۾ بابا
سان گڏ هن سان پهريون ڀيرو ملي هيس، تڏهن هوءَ
مخالف ڌر جي اڳواڻ هئي. وري جڏهن آئون آڪسفورڊ
يونين جي صدر ٿيس، تڏهن لنڊن ۾ هائوس آف ڪامنس ۾
هن جي آفس ۾ چانهه تي ساڻس ٻيو ڀيرو ملاقات ٿي
هئي. جيڪڏهن ٿيچر جي هتان ٿي وڃڻ کان پوءِ به
مونکي آزادي نٿي ملي، ته پوءِ شايد مون کي عيد
ڏيهاڙي تي آزاد ڪيو وڃي، جيڪا اُن ورهيه 19 آڪٽوبر
تي هئي.حڪومت سدائين رمضان جي پڇاڙيءَ ۾ مذهبي
ڏَڻن جو احترام ڪندي، ڪجهه قيدين کي آزاد ڪندي
هئي.
انهن تاريخن مان ڪنهن به تاريخ تي مونکي آزاد نه
ڪرڻو هو. 25 سيپٽمبر 1981ع تي ضياءَ جي فوجي حڪومت
جي هڪ وزير چوڌري ظهورالاهيءَ کي لاهور ۾ ڪنهن
گولي هڻي قتل ڪيو هو. هيءُ اهو شخص هو جنهن ضياءَ
کان اُهو قلم سوکڙيءَ ۾ ورتو هو، جنهن سان هن بابا
جي موت جي وارنٽ تي صحي ڪئي هئي ۽ بابا کي ڦاسي
اچڻ کان پوءِ مٺائي ورهائي هئي. اُن ساڳئي ڪار ۾
هن سان گڏ اُن حملي ۾ مولوي مشتاق حسين به زخمي
ٿيو هو، جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس
هو، جنهن بابا کي موت جي سزا ڏني هئي. اُن ڪار ۾
بابا جي مقدمي ۾ پيش ٿيندڙ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر
ايم اي رحمان به هو، جنهن کي ڪا رَهڙِ به نه آئي
هئي.
اخبار ۾ ظهور الاهيءَ جي قتل جي خبر پڙهي مون اُن
کي الاهي عذاب ڀانئيو هو. ”هاڻي هن جي زال، ڌيءَ ۽
خاندان کي خبر پوندي ته ڏک جو احساس ڇا ٿو ٿئي.“
مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو، ”آئون خوش نه ٿي
آهيان، ڇو ته ڪوبه مسلمان ڪنهن جي موت تي خوش نٿو
ٿئي. زندگي ۽ موت ته الله جي اختيار ۾ آهي. پر اهو
ڄاڻندي اطمينان ٿئي ٿو، ته بديءَ جي سزا ضرور ملي
ٿي.“
منهنجو اهو اطمينان ڪافُور ٿي ويو. حڪومت دعويٰ
ڪئي ته اُن تازي تشدد جي ذميدار هڪ ڀيرو وري
’الذوالفقار تنظيم‘ هئي ۽ پوءِ گرفتاريون شروع ٿي
ويون. قتل کان هڪ ڏينهن پوءِ مير، بي بي سيءَ کي
انٽرويوءَ ڏيندي اُن قتل جو ذمو الذوالفقار جي
نالي مڃيو. مير اهو چڱو نه ڪيو. اُن قتل تي جيڪڏهن
بحث ٿئي ها، ته هوند ظهور الاهي جو اهڙو بڇڙو
ڪردار پڌرو ٿي سگهي ها، جيڪو هن بابا جي موت جي
سلسلي ۾ نڀايو هو. پر اُٽلندو سمورو ڌيان
الذوالفقار جي فرضي ميمبرن کي ڳولي لهڻ تي ڏنو ويو
هو.
دهشتگرد! خوني! سياسي قاتل! اخبارن ۾ سُرخيون
لڳيون. هڪ ڀيرو وري حڪومت سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ
لاءِ الذوالفقار کي ڪَتب آندو. پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جا نؤجوان اڳواڻ هڪ ٻئي پٺيان گرفتار ٿيڻ
لڳا ۽ ٻين سَون کي جهلڻ جا وارنٽ نڪتا، چئن
نؤجوانن کي هريپور جيل ۾ وٺي ويا، جتي هنن کي سخت
عذاب ڏنا ويا. بعد ۾ مونکي ڄاڻ پئي ته انهن مان هڪ
نؤجوان جو پيءُ احمد علي سومرو ڏاڍي خراب حالت ۾
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ميمبر سان وڃي ملاقات
ڪئي. هن پوليس کي وڏي رشوت ڏني، ته جيئن هو رُڳو
پنهنجي پُٽ کي پري کان ڏسي سگهي، ته اهو جيئرو به
آهي يا مري ويو آهي. اخبارن جي رپورٽن مطابق رڳو
هريپور جيل ۾ 103 نؤجوان قيد هئا. اُن شهر ڀرسان
هڪ ٻئي شهر ۾ ٻه سؤ قيد هئا.
عورتون به وري گرفتار پئي ٿيون. جن ۾ ناصرا رانا
شوڪت به هئي، جنهن کي واپس لاهور قلعي ۾ وٺي ويا
هئا. هڪ ڀيرو وري پيپلز پارتيءَ جي جنرل
سيڪريٽريءَ جي زال کي بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا ويا هئا
۽ ٽيويهن ڏينهن تائين هن کي ننڊ نه ڪرڻ ڏني هئي ۽
هن کان رُڳو پُڇاڻو ٿيندو رهيو. ”ان قتل ۾ پنهنجي
مُڙس کي ڦاساءِ.“ هن کي حڪم ڏنو ويو. ”بيظير کي
ڦاساءِ، بيگم ڀٽي کي ڦاساءِ.“ هن بهادر عورت جيڪي
عذاب سٺا، سي سوچ کان مٿي آهن. اُن کان پوءِ هن کي
ايندڙ مهيني تائين هڪ اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو،
جتي پائخاني جي ڪابه سهولت نه هئي. اتي رڳو هڪ
ٿالهه رکيل هو، جيڪو اُهي هفتي ۾ ٻه ڀيرا
بدلائيندا هئا. هن سڄو سيارو سيمينٽ جي فرش تي هڪ
سُئيٽر سان، هنڌ ۾ سَوڙ کانسواءِ سُمهي گذاريو ۽
ذري گهٽ نمونيا ۾ مرڻ واري هئي. پوءِ نيٺ جڏهن هن
کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، تڏهن هوءَ نه هلي سگهي
پئي، ۽ نه ئي ڳالهائي سگهي ٿي.
ظلم ۽ ڏاڍ جي اُن نئين حملي دؤران مارگريٽ ٿيچر
ملڪ ۾ آئي. ٻه ورهيه اڳ اخبارن ۾ بي بي سيءَ جي هڪ
رپورٽ ڇپي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو، ته بابا جي
موت واري سزا جي معافيءَ لاءِ سڄي دنيا ضياءَ کي
اپيلون ڪيون هيون، جيڪي هن رد ڪيون هيون. تنهنڪري
اهو سوچي به نه پيو سگهجي، ته مغرب جي ڪنهن حڪومت
جو اڳواڻ پاڪستان جي دؤري تي ويندو. پر افغانستان
تي سوويت روس جي حملي، مغرب جا اهي سڀيئي شرط رد
ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي اُٽلندو بي بي سيءَ جي رپورٽ
مطابق برطانيا، ضياءَ جي نيڪناميءَ لاءِ هر ڪا
ڪوشش پئي ڪئي. البت اها ڳالهه اطمينان واري هئي،
ته دنيا جي اخبارن اُن حقيقت کي سمجهي ورتو هو،ته
ضياءَ اڃا تائين اڳي جيان بيشرم قاتل هو،جيڪو رُڳو
ٻاهرين طاقتن جي مدد سان پنهنجي عهدي کي چنبڙيل
هو. پوءِ به اخبارن ۾ اهو پڙهي صدمو پهتو هو، ته
افغان پناهگيرن جي ڪئمپن کي ڏسڻ کان پوءِ مارگريٽ
ٿيچر، ضياءَ کي سَند ڏيندي اعلان ڪيو هو ته ”هو
آزاد دنيا جو آخري بُرج آهي.“
ريگن انتظاميا آمريڪي امداد جي بحاليءَ لاءِ
ڪانگريس ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال کي جنهن نموني
بگاڙي سامهون آڻڻ جي مُهم پئي هلائي، تنهن بابت
خبرون پڙهي منهنجي مايوسي ويتر وڌي وئي هئي. ”ٿي
سگهيو ٿي ته ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اُن
(امداد) جي مخالف ڪري ها، پر اڪثر عام ماڻهو اُن
جو مخالف ڪانهي، ڇو ته هنن سمجهيو آهي، ته مُدي
خارج هٿيارن سبب پاڪستان جي سلامتيءَ کي وڏو جوکو
آهي.“ پاڪستان لاءِ نامزد سفير رونالڊ اسپيئرس
سيپٽمبر ۾ سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ اڳيان تصديق
ڪندي ٻڌايو هو. هن جو اهو چوڻ بلڪل غلط هو، ڇو ته
پاڪستان پيپلز پارٽي ”اڪثر عام ماڻهن“ جي اڪيلي
نمائنده جماعت هئي، ٻيو ته اسين رڳو ٻاهرين امداد
جا نه اڳ مخالف هئاسين ۽ نه هاڻي آهيون. پر اسين
رُڳو اُن امداد خلاف آهيون. جنهن جو مقصد اهو آهي
ته پاڪستان تي فوجي قبضو قائم هجي. پوءِ به اها
دليل بازي اونڌي ٿيندي رهي. انڊر سيڪريٽري آف
اسٽيٽ جيمس بيوڪلي، جنهن جي ذمي امداد جو انتظام
هو، تنهن پڻ تصديق ڪئي ته چونڊون ”پاڪستان جي
سلامتيءَ جي مفاد ۾“ ڪونهن، ڄڻ اسين جمهوري
پارٽيءَ وارا هڪ آمر کان به وڌيڪ دشمن آهيون!
تڏهن مونکي اها ڄاڻ نه هئي، ته انهن بيانن پٺيان
ڪجهه آمريڪي سياستدانن، مسٽر بيوڪلي جي خيالن جي
ماٺ ميٺ ۾ مخالفت پئي ڪئي. پيٽر گلئبريٿ اُن پختي
ارادي سان واشنگٽن واپس ويو هو، ته هو اتي پاڪستان
۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو کڻندو ۽ منهنجي
آزادي لاءِ ڪوشش ڪندو. سينيٽر پيل سان گڏ ڪم ڪندي
پيٽر صاف سُٿري حڪمت عملي جوڙي. جڏهن به آمريڪي
سينيٽ ۾ پاڪستان جو سوال ٿي اُٿيو، تڏهن اُن سان
گڏ انساني حقن ۽ منهنجي نظربندي به بحث هيٺ ٿي
آئي. آمريڪي انتظاميا ۽ ضياءَ جي آمريت کي اهڙو
وجهه ئي ڪونه ڏيڻو هو، ته اهي پاڪستان ۾ سياسي
قيدين کي وساري ڇڏين. نيٺ هنن کي اها اميد نظر
آئي، ته حڪومت تي دٻاءُ وجهي کيس لاچار ڪيو وڃي،
ته اُها منهنجي ۽ ٻين قيدين جي بيواجبي نظربنديءَ
جي معاملي بابت تڪرار هلڻ بجاءِ آزاديءَ جو سولو
فيصلو ڪري.
مونکي اهو بعد ۾ پڙهڻ جو وجهه مليو هو ته سينيٽر
پيل، جيڪو پاڪستان جي بحال ڪيل امداد جو مخالف هو،
ڪيئن نه پنهنجي اُن حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرايو هو.
”ضياءَ جي حڪومت کي آمريڪي امداد جي نهايت نمايان
علامت ايف 16 آهي.“ ’انڊيا ٽوڊي‘ جي رپورٽ مطابق
سينيٽر پيل، انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽس بيوڪلي کي
چيو. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڀروسو آهي ته پاڪستان
۾ انساني حقن جي پائمالي حدون اورانگهي وئي آهي.
ڇا تنهنجي ويچار ۾ هنن جو اهو چوڻ صحيح آهي؟“ جڏهن
مسٽر بيوڪلي اُن جو مبهم جواب ڏنو هو، تڏهن سينيٽر
پيل واضح لفظن ۾ چيو، ”ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته صدر
ضياءَ ڦاهي چاڙهي قتل ڪيل اڳوڻي وزيراعظم ڀٽي جي
بيواهه ۽ نياڻيءَ سان انتقامي جنگ پيو وڙهي.“
سينيٽر هن تي حملو ڪيو. ”مونکي اچرج آهي ته
انتظاميا، پاڪستان جي حڪومت وٽ ڀٽي عورتن جي قيد ۽
ساڻن ٿيندڙ جُٺين تي ڪو آواز به اٿاريو آهي يانه
؟“ جواب ۾ انڊر سيڪريٽري بيوڪلي ”خانگي حڪمت عملي“
ذريعي ڪوشش جو واعدو ڪيو، جيڪي ڪجهه به نه ڪرڻ
لاءِ ڳجها لفظ آهن. پر گهٽ ۾ گهٽ سينيٽر پيل
پنهنجي بيان جي سچائيءَ کي ثابت ڪيو.
نئين انتظاميا طرفان ڪيل گذارشن ۽ افغانستان بابت
ڏيکاريل ڳڻتيءَ بابت آمريڪي ڪانگريس جي روايتي
لحاظ سينيٽر پيل ۽ ٻين جي اٿاريل انهن اعتراضن جي
اهميت کي وڌائي ڇڏيو هو، جيڪي هنن ضياءَ جي انساني
حقن جي ريڪارڊ ۽ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي
سلسلي ۾ ڪيا هئا. ڪانگريس جيتوڻيڪ تجويز ڪيل سموري
امداد جو خاڪو منظور ڪيو هو، پر تڏهن به سينيٽر
پيل پنهنجي ساٿين کي اها ڳالهه مڃائڻ ۾ سوڀارو ٿيو
هو ته اهي اُن ۾ اها ترميم ضرور ڪن ته ”پاڪستان ۾
مڪمل شهري آزاديون هڪدم بحال ڪيون وڃن ۽ نمائنده
حڪومت تُرت جوڙي وڃي.“ جيتوڻيڪ پيل جي اُن ترميم
جو اثر عملي طرح ڪو گهڻو نه ٿيو هو، پر اها ضياءَ
جي آمريت جي پيشانيءَ تي ڪارائتو ڌَڪ هو.
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ عيد آئي ۽ هلي وئي، پر مونکي
آزادي نه ملي. پٺاڻ ميٽرن مونکي ٻڌايو ته، اُن
موقعي تي جيڪي قيدي آزاد ٿيا، تن ۾ سياسي قيدي به
هئا. اهو ٻُڌي مونکي خوشي ٿي ته اهي آزاد ٿي
پنهنجن مائٽن سان وڃي مليا. جيل جي عملي مان ڪيترن
ئي عيد جي موقعي تي مونکي مبارڪون ڏنيون. هڪ جيلر
جي زال مون کان منهنجي قميص گهرائي، ته جيئن هوءَ
عيد لاءِ منهنجا ڪپڙا سِبي سگهي. جڏهن ته هڪ ٻئي
جيلر مون ڏانهن نياپو ڪيو، ته هو اختياري وارن تي
زور وجهندو، ته منهنجي ڪوٺڙيءَ واري بلاڪ جي بجلي
جلد بحال ٿئي. ”مونکي اميد آهي ته جڏهن سُٺا ڏينهن
ايندا، تڏهن چڱن ماڻهن کي ضرور ياد رکيو ويندو.“
مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو.
عيد جي موقعي تي هڪ سياسي قيديءَ کي آزاد ڪري، ٻين
ڏهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پئي ويو. مون اخبارن ۾
پڙهيو ته شاگرد اڳواڻ لالا اسد کي جهلڻ لاءِ پوليس
ڇاپا پئي هنيا. لالا اسد پارٽيءَ جو سچو حمايتي هو
۽ مون دعا پئي گهري ته شال هُو پوليس جي هٿ نه
چڙهي. 1981ع ۾ منهنجي آزاد رهڻ واري عرصي جي
پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن آئون انهن شاگردن کي سَندون ڏيڻ
لاءِ خيرپور وئي هيس، جن کي فوجي حڪومت خلاف
احتجاج سبب قيد جون سزائون مليون هيون، ته مون
لالا اسد جي پُٽ جي جنم سالگرهه ۾ وڃڻ جو بهانو
ڪيو، جنهن جو نالو بابا جي نالي تي ذوالفقار هو.
لالا اسد پاڻ بابا جي پُٺڀرائيءَ سبب ٻه ورهيه قيد
جي سزا ڪاٽي هئي. هن جو بابا اڳوڻي اولهه پاڪستان
جو وزير هو، جنهن پاڪستان لاءِ محمد علي جناح سان
گڏ جدوجهد ۾ حصو ورتو هو. هن مون سان ملاقات لاءِ
چيو. هو بيمار ۽ بستري داخل هو، تڏهن به اُهو
ڪُراڙو شخص مون وٽ آيو ۽ هن مونکي منٿ ڪئي ته آئون
سندس پُٽ تي زور رکان، ته هو سياست تان هٿ کڻي.
”آئون گهڻو وقت جيئرو ڪونه رهندس.“ لالا اسد جي
بابا مونکي ٻڌايو. ”جڏهن ڀٽو صاحب جيل ۾ هو، ته
مون پنهنجي پُٽ جي سياسي سرگرمين ۾ ڪڏهن به دخل نه
ڏنو هو. هاڻي جڏهن وزيراعظم هن دنيا ۾ ڪونهي، تڏهن
آئون چاهيان ٿو ته، منهنجو پُٽ منهنجي سارسنڀال
لهي ۽ پنهنجي گهر واريءَ ۽ ٻار کي سنڀالي. آئون
جڏهن هيءَ جهان ڇڏي وڃان، پوءِ هو تنهنجي ۽ تنهنجي
پارٽيءَ جي ڪم لاءِ آزاد هوندو. پر حياتيءَ جي هنن
آخري ڏينهن ۾ مونکي پنهنجي پُٽ جي گهرُج آهي.“ مون
هن سان وچن ڪيو، ته آئون لالا اسد سان ڳالهائينديس
۽ مون هن سان ڳالهايو به. منهنجي وڃڻ کان پوءِ اتي
ڇا ٿيو هو، تنهن جي مونکي ڪابه ڄاڻ ڪانهي، ڇو ته
هڪ مهيني کان پوءِ مونکي جهلي، سکر جيل ۾ وٺي ويا
هئا. هاڻي هڪ ورهيه پوءِ لالا اسد کي الذوالفقار
جو اڳواڻ سمجهي ڳوليو پيو وڃي. آئون چئي نٿي
سگهان، ته اهو الزام ڪيتريقدر صحيح آهي.
دهشتگردي. تشدد. ڇا انهن جو اَنت به ٿيندو يا نه؟
رڳو گذريل ٿورن مهينن ۾ ٽي صدر قتل ڪيا ويا آهن:
بنگلاديش جو صدر ضياءَ الرحمان، ايران جو صدر
رجائي ۽ ويجهڙائي ۾ 6 آڪٽوبر تي مصر جو صدر
انورالسادات. صدر سادات، هن جي خاندان ۽ سندس
پرتشدد موت جو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ننڍي هوندي
آئون هن کان اڳي صدر جمال عبدالناصر جي سخت مداح
هيس. هن سوئيز جنگ ۾ انگريزي بيٺڪي راڄ ۽ آمريڪي
حاڪميت خلاف جيڪا ويڙهه ڪئي هئي، تنهن کان آئون
ڏاڍي متاثر ٿي هيس. مونکي ناصر پربت جيڏو لڳندو
هو، جنهن ماضيءَ جي متروڪ بادشاهن ۽ شهنشاهن جي
مِٽيءَ مان مساوات جي نئين دنيا اَڏڻ جو واعدو ڪيو
هو. مون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي بابا جي لائبريريءَ ۾
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي هن بابت لکيل ڪيترائي ڪتاب
پڙهيا هئا، جن ۾ پاڻ سندس لکيل ڪتاب ”انقلاب جو
فلسفو“ به هو.
آئون سادات جي ڪا گهڻي مداح نه هيس، جيڪو پنهنجي
ڀروسي جوڳي اڳواڻ خلاف ٿي ويو هو ۽ جنهن 1970ع ۾
مصر جي صدارت جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ، هن جي
پاليسين کي پٺتي ڌِڪي ڇڏيو هو. پر پنهنجي ڪوٺڙيءَ
۾ سادات جي موت جي خبر پڙهي، آئون ڏڪي وئي هيس.
بابا جيتوڻيڪ اُن امن جو سخت مخالف هو، جيڪو سادات
اسرائيل سان ڪيو هو، پر بابا جي جان بچائڻ لاءِ
سادات اپيل ڪئي هئي. ايران جي شاهه ۽ سندس ٻارن کي
به مصر جي صدر پاڻ وٽ پناهه ڏني هئي، جيتوڻيڪ اُن
جي مخالفت به ٿي هئي. ۽ جڏهن شاهه ڪينسر جي
بيماريءَ ۾ مُئو هو، ته سادات هن کي دفنائڻ لاءِ
سرڪاري طرح حڪم ڏنو هو. دنياداريءَ جي سياست ۾
اهڙي روحاني دريادليءَ ورلي نظر ايندي. هن سياسي
اختلافن ۽ تڪرارن کان نٽائيندي اهو ئي ڪيو، جيڪو
هن جي خيال ۾ صحيح هو. هاڻي هو به هن دنيا مان
هليو ويو هو.
مونکي مايوسي وڪوڙي وئي هئي. هر رات آئون جڏهن
ڀَرت ڀرڻ ويهندي هيس، ته مونکي مٿي ۾ سخت سُور
ٿيندو هو. 21 نومبر جي رات جو منهنجي ڀاءُ شاهه جي
جنم تاريخ تي، اوچتو منهنجي نڙي گهٽجي وئي ۽ اکين
۾ ڳوڙها تري آيا. آئون اُٿي وڃي هنڌ تي ليٽيس پر
پنهنجا ڳوڙها جهلي نه سگهيس، جيڪي اکين مان لارُون
ٿي وهڻ لڳا هئا. منهنجا ڀائر ڪٿي هئا؟ اهي ڪهڙي
حال ۾ هئا؟ عيد کان تُرت پوءِ مير ۽ شاهه ٻنهي ڄڻن
ڪابل ۾ ٻن افغان ڀينرن – فوزيا ۽ ريحانا سان شادي
ڪئي هئي، جيڪي اتي جي ڪنهن اڳوڻي سرڪاري ملازم جون
ڌيئرون هيون. هنن بابت اسان کي رڳو ايتري ڄاڻ هئي.
آئون ڏاڍو خوش ٿيس ته انهن ڏکين ڏينهن ۾ منهنجن
ڀائرن کي پيار، همدردي ۽ جذباتي سُڪون جو ڪو وسيلو
ملي ويو هو. پوءِ آئون ايترو ملول ڇو هيس؟
آئون اڌ جاڳ ۽ اڌ ننڊ جي حالت ۾ پئي هيس. مون
سَپنو ڏٺو ته مير ڳجهيءَ طرح پاڪستان ۾ آيو آهي.
هو افغانستان مان نڪري، جابلو لَڪن مان هلي، سنڌو
درياءَ جهاڳي آيو آهي ۽ 70 ڪلفٽن ۾ هڪ ڪَٻٽ ۾ لڪو
پيو آهي. فوج گهر تي ڇاپو هڻي ٿي. فوج جيئن ڪَٻٽ
کولي ٿي ۽ کيس ڏسي ٿي، ته اوڏيءَ مهل منهنجي اک
کُلي ٿي وڃي.
مون غلط شڪار جو سَپنو ڏٺو هو. ٻيءَ صبح جو مون
پڙهيو، ته پوليس گولي هڻي لالااسد کي ماري ڇڏيو.
منهنجي مٿي ۾ سُور گهڻو وڌي ويو. اخبار جي رپورٽ
مطابق ڪراچيءَ جي فيڊرل بي ايريا ۾، لالا اسد
پوليس سان چڪريءَ ۾، هڪ سپاهيءَ کي گولي هڻي مارڻ
کان پوءِ، پاڻ به پوليس جي گولين جو کاڄ بڻجي ويو
هو. ڪيترن ئي مهينن تائين مونکي اصل سچائيءَ جو
پتو نه پيو. حقيقت ۾ لالا اسد اُن وقت هٿين خالي
هو. سپاهي هڪ ٻئي سپاهيءَ جي گولي لڳڻ سبب مُئو
هو. لالا اسد جڏهن اُن حملي مان پاڻ بچائي نڪرڻ جي
ڪوشش ٿي ڪئي ته، هن کي بيرحميءَ سان گولي هڻي
ماريو ويو هو.
لالا اسد به مري ويو. هاڻي هن جو رَتُ به جنرل
ضياءَ جي ورديءَ تي هو. لالا اسد جو والد ڇا
سوچيندو هوندو. پنهنجي حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾،
پُٽ کي پنهنجي سارسنڀال لهندي ڏسڻ بدران هاڻي هو
هن جي لاش کي ڏسندو. اهو ظلم نيٺ ڪڏهن ختم ٿيندو؟
”سڄي ملڪ ۾ الذوالفقار جي دهشتگردن جون گرفتاريون
ٿين پيون ۽ پوليس هزارين ماڻهن کي جهليو آهي.“ 26
نومبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي. سڄي ملڪ ۾ پوليس گهرن،
نؤجوانن جي هاسٽلن ۽ هوائي اڏن جي نظرداريءَ پئي
ڪئي. ڪراچيءَ مان ٻاهر ويندڙ سڀني رستن جي خاص
هنڌن تي جهَڙتيون ورتيون پئي ويون. اخبارن مطابق
پوليس ڪارن جي درين تي لڳل ڪارن شيشن مان اندر ڏسڻ
لاءِ خاص دوربينون پئي ڪَتب آنديون. پوليس ميڪ اپ
ڪندڙ آرٽسٽن سان به لاڳاپي ۾ هئي ته جيئن ”روپوش
ٿيندڙ“ ماڻهن کي ويس بدلائڻ کان روڪي سگهي.
منهنجي ڳڻتي ويتر وڌي وئي هئي. لالا اسد جي موت جي
ڏک مون کي ويڳاڻو ڪيو هو. مون دعا گهُري ته هو
مونکي انهن دَڙڪن جي معافي ڏئي، جيڪي مون کيس
ڪيترائي ڀيرا ڏنا هئا. 70 ڪلفٽن ۾ هن ۽ ٻين شاگرد
اڳواڻن جون تصويرون رکڻ سبب مون سخت پيڙا ڀانئي
ٿي. اُهي تصويرون گهر تي آخري ڇاپي هڻڻ وقت پوليس
کڻي وئي هئي ڇا هنن انهن تصويرن ذريعي کيس سُڃاتو
هو؟
مون پنهنجن هٿن پٺيان، اکين توڙي ڳلن چؤڌاري ۽
پيشانيءَ تي ڄاريءَ جهڙيون لِيڪون ڏٺيون. مون
سوچيو ته اهي سکر ۾ گرم خشڪ موسم ۽ هوائن سبب ٿيون
آهن، پر لڳو ٿي ته اهي لِيڪون سدائين رهنديون.
آئون تيزيءَ سان وڏي ڄمار جي پئي ٿيس.
11 ڊسمبر تي، جنهن ڏينهن منهنجي نطربنديءَ جو مُدو
پورو ٿيڻو هو، مون پاڻ کي ڪنهن نئين حڪم ملڻ لاءِ
تيار ڪيو. مونکي ڄاڻ هئي، ته پوليس جي وٺ پڪڙ کان
پوءِ مونکي آزاد ڪونه ڪيو ويندو. منهنجي ماني هڪ
ڪلاڪ اڳ ۾ ئي پهچي وئي هئي ۽ گڏوگڏ منهنجي
نظربنديءَ جو حڪم به اچي ويو هو. پر پتو پيو ٿي ته
سينيٽر پيل جو نياپو به پاڪستان ۾ پهچي ويو هو. ٻه
هفتا پوءِ هڪ ٽپهريءَ جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اوچتو
مون وٽ آيو. ”پنهنجو سامان ٻَڌي تيار ڪر.“ هن
ايندي شرط چيو. ”توکي پوليس جي نظرداريءَ ۾ سڀاڻي
صبح جو پوڻين ڇهين وڳين لاڙڪاڻي وٺي ويندا.“
اُن ڏينهن موڪلائڻ وقت ميٽرن روئي ڏنو هو. پٺاڻ
ميٽرن روئيندي، مونکان معافي ورتي هئي ته متان
سنديس بيوقوفيءَ سبب مونکي ڪو ڏک پهتو هجي. اهو
ڏسي مون پاڻ به روئي، جيتوڻيڪ مون چاهيو هو ۽
سوچيو هو ته مونکي هتان ڪڍي، وڃي گهر ۾ نظربند
ڪندا، پر ڪراچي سينٽرل جيل ۾ وڇايل ڳُجهي ڄار مان
نڪرڻ سبب مونکي اوچتو ڏَڪڻي وٺي وئي. اتي جا همدرد
جيلر ورلي ’انٽرنيشنل هيرالڊ‘، ’ٽريبون‘، ’ٽائيم‘
يا ’نيوزويڪ‘ جا پرچا مون ڏانهن موڪلڻ جي اجازت
ڏيندا هئا، جيڪي آئون ڏاڍي چاهه سان پڙهندي هئس.
ڪراچي ۾ آئون پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ جي پڻ ويجهو
هيس. هاڻي المرتضيٰ جي ڳوٺاڻي اڪيلائي ۾ آئون هنن
سڀني کان پري هونديس.
27 ڊسمبر 1981ع تي پرهه ڦٽيءَ جو ئي پوليس مونکي
وٺڻ لاءِ آئي. مون پنهنجي ڀوائتي ۽ گهِميل ڪوٺڙيءَ
تي پڇاڙڪي نِهار وڌي. اها ڇڏڻ تي مونکي نراسائي ڇو
ٿي هئي؟ پر آئون بلڪل ايئن ملول هيس. نظربنديءَ جا
سالَ به پنهنجو اثر ڇڏين ٿا. آئون ڪنهن اَڄاتل اثر
کان ڊڄي وئي هيس. |