سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 7

 

بابا جو عدالتي قتل

پهرين مارچ، 1980ع:

المرتضيٰ ۾ واريءَ جي گهڙيال ۾ وقت ذرو ذرو ٿي پيو کِسڪي آئون ڀانئيان ٿي ته سڀني انساني تجربن کان ڌار ٿيو، ڪنهن جيئري قبر ۾ پُوريل آهيان. امان نظربنديءَ جي انهن ڏينهن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي مُنهن سوچيندي رهي ٿي. المرتضيٰ ۾ پنج مهينا نظربند رهڻ کان پوءِ آئون اڳي کان وڌيڪ بيقرار ٿي پئي آهيان. ڪا ڄاڻ ئي نٿي پوي ته، اسين ڪڏهن شايد آزاد به ٿينديونسين يا نه. ان جو سارو آڌار ضياءَ تي آهي.

آمريڪي حڪومت پنهنجي پسند جو فيصلو ڪيو آهي. جيئن سيارو ختم ٿي بهار جي مُند شروع ٿئي ٿي، ته ظاهر پيو ٿئي ته آمريڪا جمهوريت آڻڻ بدران ضياءَ جي فوجي آمريت قائم رکڻ جو پهه ڪيو آهي. افغانستان ۾ روسين جي وڌندڙ اثر کي سمجهندي، صدر ڪارٽر مارچ 1980ع ۾ پاڪستان کي چار سؤ ملين ڊالرن جي امداد آڇي ٿو، جنهن کي ضياءَ ”بوهي مُڱ“ چئي رد ڪري ٿو. افغانستان مان پناهگيرن جو وڏو تعداد پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيئن افغانستان ۾ گهرو جنگ تيز ٿيندي، ته هنن جي وڌيڪ ٻوڏ ايندي. اسان جي ملڪ جي دَر تي پناهگيرن ۽ روسي فوجن جي موجودگيءَ سبب ضياءَ لاءِ ٻاهرين امداد جون ٽوڪريون ڀرجي اينديون، جنهنڪري اسرائيل ۽ مصر کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻي آمريڪي امداد وٺندڙ ٽيون ملڪ پاڪستان هوندو. افغانستان تي سوويت حملي کي پاڪستان ۾ ”برزنيف طرفان ضياءَ لاءِ ڪرسمس جي سوکڙي“ چيو وڃي ٿو، ۽ امان ۽ آئون المرتضيٰ ۾ قيد آهيون.

 

صنم اسان سان ملڻ لاءِ اچي ٿي. هن جو اسان کي ڏاڍو اوسيئڙو هو. هن جي چؤڌاري قيد جي اختياري وارن ۽ فوجين جو گهيرو آهي. فوجي اختياري وارن جي لاڳيتي موجودگيءَ کانسواءِ هڪ ڌيءَ کي به پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان ملڻ جي اجازت ڪانهي. امان رَت جي گهٽ دٻاءُ سبب بيمار آهي ۽ پنهنجي بستري ۾ ليٽي پئي آهي. آئون پڇان ٿي ته ڇا اسان جي ملاقات سرڪاري عملي سان آيل عورت جي موجودگيءَ ۾ ٿي سگهي ٿي. آئون ۽ صنم جيئن زنانن ڪمرن ڏانهن وڃون ٿيون، ته آئون پنهنجي پٺيان ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌان ٿي. اها پوليس واري ڪانهي، پر اُهو فوجي عملدار ڪئپٽن افتخار آهي. آئون هن ڏانهن بي يقيني وچان نهاريان ٿي. زنانن ڪمرن ۾ مائٽن کانسواءِ ڪنهن به ڌارئي مرد کي اندر اچڻ جي اجازت ڪانهي.

”جيل قاعدن ۾ به اُهو لکيل آهي ته رُڳو پوليس جي عملي جون عورتون قيدياڻين جي ڪمري ۾ وڃي سگهن ٿيون.“ آئون هن کي تاڪيد ڪريان ٿي.

”آئون موجود رهندس.“ هو چوي ٿو.

”ته پوءِ اسان جي ملاقات بلڪل نه ٿيندي. آئون پنهنجي ڀيڻ کي سڏيان ٿي.“

صنم مون کان اڳواٽ ئي امان جي ڪمري ۾ وئي هئي. تنهنڪري آئون زنانن ڪمرن ڏانهن هلندي رهيس، ته جيئن هن کي ۽ امان کي ٻڌائي سگهان ته ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي. پر آئون پنهنجي پٺيان وري آواز ٻُڌان ٿي. ڪئپٽن افتخار اڃا تائين منهنجي پٺيان پيو اچي.

”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ تون هتي اندر اچي نٿو سگهين“ آئون ٿورو مُنجهندي هُن کي چوان ٿي.

پر هو ڄڻ ٻُڌي ئي نٿو. ”توکي پتو آهي ته آئون ڪير آهيان؟“هو وڏي آواز ۾ چوي ٿو. ”آئون پاڪستاني فوج جو ڪئپٽن آهيان ۽ آئون جتي به گهرندس اتي وڃي سگهندس.“

”توکي سُڌ آهي ته آئون ڪير آهيان؟“ آئون به وڏي آواز ۾ جواب ڏيان ٿي. ”آئون ان شخص جي ڌيءُ آهيان، جنهن ڍاڪا ۾ اوهان جي شرمناڪ مات کان پوءِ اوهان کي واپس آندو هو.“

ڪئپٽن افتخار مونکي ڌَڪ هڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ مٿي کڻي ٿو. مون هيستائين جنهن ڪاوڙ کان پاسو پئي ڪيو، جنهن ڌِڪار کي لڪايو پئي، اِها ڀڙڪو ڏئي ٻاهر اچي ٿي.

”تون پنهنجو هٿ هن گهر ۾ کڻين ٿو بيشرم انسان! تون هن گهر ۾ مون تي اُلر ڪرين ٿو، جنهن تي ان شخص جي قبر جو ڇانوَ آهي جنهن اوهان کي بچايو هو. تون ۽ تنهنجي فوج هندستاني جنرلن جي پيرن ۾ ڪِري پئي هئي. اهوبابا ئي هو جنهن اوهان کي وري عزت ڏني هئي. ۽ تون هن جي ڌيءُ تي هٿ کڻي اُلر ٿو ڪرين؟“

هو پنهنجو هٿ اوچتو هيٺ ڪري ٿو. ”اسين ڏسي رهنداسين.“ هو ٿُڪ اڇلائي ٿو، ۽ پنهنجين کڙين تي ڦِري آڪڙجي ٻاهر وڃي ٿو. صنم جي ملاقات ملتوي ٿي وڃي ٿي.

المرتضيٰ ۾ نظربند ٿيڻ کان پوءِ جلد مون ۽ امان پنهنجي ان نظر بنديءَ خلاف جنهن عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، آئون اوڏانهن خط لکان ٿي. 1979ع ۾ مارشل لا هيٺ عدالتن کي اڃا تائين اختيار مليل هئا، ته اهي فوجي قاعدن هيٺ گرفتارين تي نظر ثاني ڪن. اسان جي گهر ۾ جيڪي ٿيو هو اهو سمورو احوال مون خط ۾ لکيو. جنرل ضياءَ اڪثر چادر ۽ چارديواري جي تقدس بابت ڳالهيون ڪندو هو، پر لڳو ٿي ته، هن کي ۽ نه وري ڪئپٽن افتخار کي ان لاءِ ڪو احترام هو. آئون اهو خط جيلر کي ڏيان ٿي. هو واعدو ڪري ٿو ته اهو خط عدالت ڏانهن موڪليندس ۽ هو ان جي مونکي رسيد ڏئي ٿو. هينئر مونکي ڪو پتو ئي نٿو پوي، ته اها رسيد ڪيتري نه ڪمائتي ثابت ٿيندي.

”آئون سوچيان ٿو، تنهنڪري آئون آهيان“– مونکي آڪسفورڊ ۾ به ان ڏاهپ واري قول کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي ۽ هاڻي ته پاڻ وڌيڪ ڏکيائي ٿئي ٿي. آئون ان وقت به سوچيان ٿي جڏهن آئون سوچڻ نه ٿي گهران. پر جيئن ڏينهن آهستي آهستي گذرن پيا، مونکي ويساهه ئي نٿو اچي ته منهنجو ڪو وجود به آهي. وجود ۾ هجڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته ڪنهن شيءِ تي اثر ڪجي، ڪو ڪم ڪجي ۽ ڪو ردعمل ڏيکارجي.

پر بابا جي هدايت مونکي جيئرو رکندي پئي اچي. سَهپ. عزت. اصول. بابا اسان کي ننڍي هوندي جيڪي آکاڻيون ٻڌائيندو هو، انهن ۾ سدائين ڀٽي گهراڻي جي ماڻهن کي اخلاقي سوڀ ملندي هئي. ”ووڊاسٽاڪ جي جهنگ ۾ ريوپرٽ مون تي حملو ڪيو.“ بابا اسان کي ائنٿوني هوپ جي ناولن جي بدڪردار ”هينزائوجي ريوپرٽ“ جي آکاڻي ٻڌائيندو هو، جنهن سان آڪسفورڊ ويجهو سندس مقابلو ٿيو هو. پنهنجن پيرن تي اٿندي بابا پنهنجي خيالي ترار ڦيرائي هئي. ”هو منهنجي ڪُلهي کي وڍي ٿو، منهنجي ٽنگ ڀڃي ٿو، پر آئون وڙهان ٿو ڇو ته معزز انسان مرڻ گهڙيءَ تائين وڙهندو رهي ٿو.“ اسين اچرج ۾ بابا کي پيا ڏسندا هئاسين، ته هو وري خيالي ترار هلائيندو هو. دشمن کي ترار هڻندو هو ۽ ان گهاوَ جي پرواهه به نه ڪندو هو، جنهن مان رَت پيو وهندو هو. اوچتو هو ترار جي هڪ ئي ڌڪ سان ريوپرٽ کي ماري، ساڻو ٿي ڪُرسيءَ تي ڪِري پوندو هو. ”شانائتو نشان.“ هو قميص مٿي کڻي اسان کي پنهنجي اپينڊڪس جو نشان ڏيکاري چوندو هو.

اُن ۽ خاندان جي اهڙين ٻين آکاڻين کي ٻُڌي مونکي وڏي سگهه ملندي هئي ۽ فوجي بغاوت کان پوءِ مونکي اِها ڳالهه مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونه ٿي نظر آيو، ته بابا فوجي آمر ضياءَ تي ڇو نه سوڀ ماڻيندو. بابا پنهنجين آکاڻين ۾ اسان کي جيڪي اتساهه ڏياريندڙ مقابلن جون ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ اڳتي هلي اسان کي جنهن بديءَ سان منهن ڏيڻو هو، انهن ۾ آئون اڃا تائين فرق سمجهي نه سگهي هئس.

 

سيپٽمبر 1977ع: سِرن جون ٿُلهيون ديوارون، جن تي نوڪدار تارون لڳل آهن، انهن ۾ مٿي ننڍڙيون دريون آهن، تن جي سيخن کي ڪٽ لڳي ويو آهي. ڳرا لوهي دروازا. ڪوٽ لکپت جيل. آئون جيئن ان مان لنگهان ٿي، ته دروازي جا ڪَڙڪاٽ ٻُڌجن ٿا. آئون اڳ ڪڏهن به ڪنهن جيل ۾ اندر نه وئي آهيان.

آئون هڪ ٻيءَ فولادي ديوار ڏسان ٿي، جنهن تي بندوقون جهليو پوليس وارا پهرو پيا ڏين. منهنجي چؤڌاري مرد، عورتون ۽ ٻار آهن، جيڪي دروازي تي ڳاهٽ پيا ٿين. پاڪستاني جيلن ۾ سهولتون ڪونه ٿين. ڪپڙا، بسترو، ٿانوَ ۽ کاڌي تائين جو بندوبست قيدين جي مائٽن کي پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. جن قيدين جا مائٽ اُهي سهولتون پهچائڻ کان لاچار هجن ٿا يا جن کي سخت پورهئي جي سزا مليل هجي ٿي، سي قيدي سي ڪلاس  قيد ۾ رکيا وڃن ٿا. هرهڪ کوليءَ ۾ پنجاهه قيدي رهن ٿا، جيڪي جُونءِ ڀريل تَڏن مٿان فرش تي سُمهن ٿا ۽ جن جي پائخاني لاءِ اتي ئي ڪُنڊ ۾ هڪ سوراخ هُجي ٿو. اهڙن قيدين کي پاڻيءَ جهڙي دال جا ٻه وَٽا ۽ هڪ ماني روزانو ملي ٿي. اهي اتي 100 ڊگري گرميءَ ۾ بجلي جي پَکي کانسواءِ رهن ٿا. هنن جي ٿڌڪار لاءِ نه ڦوهارا هجن ٿا، ۽ نه وري کين وهنجڻ جي اجازت هجي ٿي. پوليس وارا بابا سان ملاقات لاءِ مونکي جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ وٺي ٿا هلن.

”مون تي قتل جي اُها تهمت ٻيهر هڻي ضياءَ پڌري پَٽ اسان خلاف ٿي بيٺو آهي. ان کان اڳ جو ضياءَ اهو ناممڪن بڻائي، ٻين ٻارن کي هڪدم ملڪ کان ٻاهر هليو وڃڻ گهرجي،“ بابا مونکي چوي ٿو. ”خاص ڪري ڇوڪرا. منهنجي مرضي آهي ته اهي چوويهن ڪلاڪن ۾ هتان نڪري وڃن.“

”ها، بابا،“ آئون اهو ڄاڻندي به چوان ٿي، ته مير ۽ شاهه هن وقت وڃڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندا. اهي بابا جي گرفتاريءَ سبب پنهنجي پڙهڻ ڏانهن ڪهڙو ڌيان ڏيئي سگهندا؟ اهي ته لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ انهن چونڊن جي تياريءَ لاءِ رات ڏينهن محنت پيا ڪن، جن جي ڪرائڻ جو اڃا تائين ضياءَ واعدو پئي ڪيو....

”تو پنهنجي تعليم پوري ڪئي آهي، پر جيڪڏهن تون انگلينڊ واپس وڃڻ گهرين ٿي ۽ محفوظ زندگي گذارڻ چاهين ٿي ته مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. منهنجي توکي اجازت آهي.“ بابا ڳالهائيندو رهي ٿو. ”جيڪڏهن توکي هتي رهڻ پسند آهي، ته ياد رک ته اسان جو ايندڙ وقت وڌيڪ ڏکيو هوندو.“

”بابا، آئون هتي ئي رهنديس ۽ اوهان جي مقدمي ۾ مدد ڪنديس.“ آئون چوان ٿي.

”ته پوءِ توکي مضبوط ٿيڻو پوندو.“ بابا ٻڌائي ٿو.

 

ٻه ٽي ڏينهن پوءِ لاچار ٿي مير انگلينڊ روانو ٿي ويو. هن وري ڪڏهن به پنهنجي بابا کي ڪونه ڏٺو، ۽ نه وري شاهنواز، جيڪو سئٽزرلينڊ جي اسڪول ۾ واپس وڃڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ وڏو سفر ڪري ڪوٽ لکپت جيل ويو هو.

”مونکي پنهنجي پيءُ سان ملاقات جي اجازت ملي آهي.“ شاهه جيل جي پهرئين دروازي تي پهريدارن کي چيو. ”آئون هن کان موڪلائڻ آيو آهيان.“

”اسان وٽ اهڙي اجازت نه پهتي آهي.“ پهريدارن جواب ڏنو. ”اسين توکي اندر وڃڻ نه ڏينداسين.“

ان وقت بابا پنهنجن وڪيلن سان ملڻ لاءِ اندرئين فولادي ديوار جي ڀرسان پئي لنگهيو ۽ هن شاهه کي جيل جي عملي سان حجت ڪندي ٻُڌي ورتو هو.

”تون منهنجو پُٽ آهين. هنن کان ڪابه رعايت نه گهُر ڪر.“ هن منهنجي ڀاءُ کي وڏي آواز ۾ چيو. ”تون پنهنجي تعليم لاءِ وڃ ۽ سخت محنت ڪر، ته جيئن آئون توتي فخر ڪري سگهان.“

ٻن ڏينهن کان پوءِ شاهه ليزن جي آمريڪي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ روانو ٿي ويو. هنن کان پوءِ صنم به جلد ئي هارورڊ واپس هلي وئي. ڏهن ڏينهن کان پوءِ 29 سيپٽمبر 1977ع تي آئون پهريون ڀيرو گرفتار ٿيس.

 

ماڻهو. هر طرف ماڻهن جا انبوهه شلوار قميصن ۾ نؤجوانَ وڻن جي ٽارين ۽ بجليءَ جي ٿنڀن سان چهٽيا پيا آهن. بسن ۽ ٽرڪن جي ڇتين تي لڙڪيا پيا آهن. گهرن جا ڀاتي ڏسڻ لاءِ پنهنجين درين، ڇتين ۽ بالڪنين تي بيٺا آهن. ماڻهن جي انبوهه ۾ اهڙي ته سوڙهه آهي، جو جيڪڏهن ڪير بيهوش ٿي ڪِري ته ڪِرڻ لاءِ جاءِ نه مليس. هجوم اڳيان برقعن ۾ ڪيتريون ئي عورتون آهن، جن مقصد خاطر ٻاهر نڪري اچڻ جي همت ڪئي آهي. سندن گرفتار ٿيل وزيراعظم جي ڌيءُ هنن سان ڳالهائڻ لاءِ آئي آهي.

سياسي جلسي جي ٿلهي تي جيڪا عورت بيٺل آهي، سا ماڻهن لاءِ ايتري اوپري ڪانه ٿي لڳي، جيتري مونکي ڀانئجي ٿي. ننڍي کنڊ ۾ مون کان اڳ به ڪيترين ئي عورتن پنهنجن مڙسن، ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي جاءِ سنڀالي هئي. عورتن سبب ئي سياسي خاندانن جي ميراث ڏکڻ ايشيا جي روايت ٿي وئي هئي. هندستان ۾ اندرا گانڌي، سريلنڪا ۾ سريماوو بندرانائڪي، پاڪستان ۾ فاطمه جناح ۽ خود منهنجي ماءُ، مونکي ڪڏهن ويچار به ڪونه آيو هو ته آئون به ان راهه تي هلنديس.

فيصل آباد جي صنعتي شهر ۾ ٿوري وقت لاءِ ٺاهيل اسٽيج تي بيٺي آئون ڊَپُ ۾ وڪوڙجي وئي هيس. چوويهن ورهين جي ڄمار ۾ مون پاڻ کي سياسي اڳواڻ نه سمجهيو هو ۽ نه وري ڪا مقرر. پر منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به نه هو، ”مِٺڙي، توکي مُهم هلائڻي آهي. تنهنجي بابا جيڪو پروگرام ٺاهيو هو، سو اسان کي پاڻ ۾ ورهائي کڻڻو آهي.“ هڪ هفتو اڳ امان مونکي ڪراچيءَ ۾ چيو هو. ”پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ نظربند آهن يا وري پنهنجن پنهنجن تَڪن ۾ هوندا. هتي رڳو اسان ٻه ڄڻيون آهيون.“

”پر مونکي ته ڪا سُڌ ئي نه آهي ته مونکي ڇا چوڻو آهي.“ مون هن کي چيو هو.

”تون ڳڻتي نه ڪر.“ هن وراڻيو. ”اسين توکي تقرير لکي ڏينديونسين.“

”ڀٽو آزاد ڪريو!“ عوام نعرا هڻن ٿا. اهي ساڳيا نعرا هڪ ڏينهن اڳ راولپنڊيءَ ۾ امان کي ڏسي ماڻهن هنيا هئا. اسٽيج تي آئون هن پٺيان بيٺي هيس. مون ڏٺو پئي  سکيو پئي. ”اوهان دل نه هاريو، جيڪڏهن اوهان جو بابا جيل ۾ آهي، ته اوهان جي امان اڃا آزاد آهي.“ هن عوام جي هجوم کي مخاطب ٿيندي وڏي آواز ۾ چيو. ”مون وٽ نه ٽئنڪون آهن ۽ نه بندوقون، پر مون وٽ مجبور عوام جي اهڙي ناقابل شڪست قوت آهي، جهن جي مدد سان دنيا جي ڪنهن به طاقت سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو.“

هن جو آواز ڳؤرو هو، پر عوام کي خطاب مهل هن جي هٿن ۾ ٿوري ڏڪڻي هئي. اهو ڏسي مونکي هن سان همدردي ٿي هئي. عوامي زندگي ۾ اچڻ جي هن کي ڪابه خواهش نه هئي، هن اهو به نه ٿي گهريو، ته بابا جي جيل ۾ هجڻ سبب پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪريان. هوءَ اڃا تائين لوبلڊ پريشر سبب بيمار هئي ۽ ڏاڍي ڪمزور هئي. پارٽي جي اڳواڻن ۾ جڏهن پارٽيءَ جي سربراهيءَ تي تڪرار ٿيو هو، تڏهن سڀني جي گڏيل راءِ سان اهو عهدو امان کي ڏنو ويو هو، پر هن انڪار ڪيو. پوءِ جڏهن بابا هن کي اها آڇ قبولڻ لاءِ جيل مان خط لکيو هو، تڏهن هن پارٽيءَ جي فيصلي کي مڃيو. پهريون چونڊون جن لاءِ واعدو ڪيو ويو هو رُڳو ٻن هفتن کان پوءِ ٿيڻ واريون هيون ۽ عوام پيپلز پارٽيءَ جي آڌر ڀاءُ لاءِ هر طرح سان تيار هئا.

ضياءَ جي ’آپريشن فيئر پلي‘ سازش ملڪ جي اڪثر ماڻهن لاءِ صاف سُٿري ٿيڻ بدران هڪ ٻيو روپ وٺندي پئي وئي. فوجي بغاوت کي اڃا ٻه مهينا به ڪونه ٿيا هئا، ته ضياءَ جي حڪومت اناج ۽ چانورن جا ڪارخانا، جن کي بابا قومي ملڪيت ۾ ورتو هو، انهن جي اصل مالڪن کي موٽائي ڏنا هئا ۽ ٻين صنعتن کي موٽائڻ جو واعدو ڪيو هو. ان خوشيءَ ۾ سڄي ملڪ جي صنعتڪارن، يونين جي اهم عهديدارن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو هو. رڳو لاهور ۾ پنجاهه هزار پورهيت بيروزگار ڪيا ويا هئا. ”اوهان جو پيءُ ڪٿي آهي هينئر؟“ صنعتڪار انهن پورهيتن کي ٽوڪون هڻي چوندا هئا، جيڪي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ماڻيل نوڪريءَ جي ضمانت وڃائي ويٺا هئا.

ٻين ڪيترن ئي پورهيتن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۽ پگهارن گهٽائڻ جا دڙڪا ڏنا ويا. هارين کي پنهنجي فصل لاءِ، جنهن رقم جي اميد هئي، اُن بدران واپارين پنهنجي مرضيءَ جي رقمن جي آڇ ٿي ڪئي. هڪ ڀيرو وري وڏن زميندارن ۽ ڪارخانيدارن پيداوار جو سمورو نفعو پنهنجي کيسي ۾ ٿي رکيو. 1975ع جي اگهن جي ڀيٽ ۾ بصر پنجوڻي قيمت ۾ ۽ پٽاٽا ٻيڻي قيمت ۾ پئي وڪاڻا. جڏهن ته بيدن ۽ اناج جا اگهه ٽيهه سيڪڙو وڌي ويا هئا. سڄي پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي جلسن ۾ بابا جي نيتين کي بدلائڻ خلاف سخت ڪاوڙ ظاهر پئي ٿي. ”ڀٽي کي آزاد ڪريو. ڀٽي کي آزاد ڪريو.“

فيصل آباد ۾ آئون اها تقرير سوگهو جهلي بيٺي هيس، جيڪا مون اسلام آباد ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ڪيئي ڀيرا پڙهي هئي. مٿي نهار، هيٺ نه ڏس. ڪمري جي آخري حصي ۾ ڏسي تقرير ڪر. آڪسفورڊ يونين ۾ اهو ڪهڙو نه صاف سٿرو طريقو هو. هينئر راند جي ميدان ۾ منهنجي اڳيان ماڻهن جو اڻکٽ هجوم هو. ”فوجي حاڪمن کي نه چيڙاءِ، متان ضياءَ کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو ملي وڃي.“ امان مونکي خبردار ڪيو هو. پر عوام جا هجوم بي قابو هئا. ”مونکي ته ويساهه ئي نٿو اچي، ”اتي پارٽيءَ جي مڪاني رڪن پنهنجا ڀِرونءَ اگهندي چيو. ”مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ايڏو وڏو جسلو ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“

جلسي ۾ ڪنهن منهنجي هٿ ۾ مائڪروفون ڏنو، جنهن جون تارون لائوڊ اسپيڪر ۾ لڳل هيون. انهن تارن مان چڻگون نڪري پئي اڏاڻيون. مون جڏهن ڳالهايو هو، تڏهن اسٽيج تي ويٺل ماڻهن تارن جي چؤڌاري ڪپڙن ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي يا پري منهنجي اڳيان مائڪروفون جهليو بيٺا هئا.

”آئون جڏهن بابا سان گڏ هندستان ۾ اندرا گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وئي هيس، تڏهن بابا پنهنجي پلنگ تي سمهڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ فرش تي سُمهندو هو.“ آئون پنهنجي اڳواٽ ٺاهيل تقرير کان وڌيڪ چوڻ لڳيس، ”اوهان فرش تي ڇو ٿا سُمهو؟“ مون هن کان پڇيو، ”هندستان ۾ آئون پنهنجي هنڌ تي ڪونه سمهندس،“ هن جواب ڏنو. ”ڇوته ڪئمپن ۾ اسان جا جنگي قيدي به فرش تي سُمهن ٿا.“ اهو ٻڌندي ئي هجوم جوشيلا نعرا هنيا هئا.

هڪڙي ڏينهن قصور ۾، ته وري ٻئي ڏينهن اوڪاڙا ۾. اسين سرسبز کيتن ۾ وياسين، جتي ڪُڙمين گُڏ پئي ڪئي ۽ پاڻي پئي ڏنو. پنجاب جي زرعي مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو اسان جي آڌرڀاءُ ڪندڙ عوام جي هجومن سبب رستن تي اسان جي رفتار گهٽجي وئي هئي. پنجاب فوجي جوانن جو گهر هو، جيڪي بابا جا جان نثار ووٽر هئا. بابا هنن سان ڏاڍو سُهڻو ورتاءُ ڪيو هو. اولهه پاڪستان ۾ جيڪي سپاهي برفاني خندقن ۾ هوندا هئا، انهن کي گرم پوشاڪون ڏنيون ويون هيون، هنن جا پگهار وڌايا ويا هئا ۽ کين آفيسرن جي عهدن تائين پهچڻ جون گهڻيون سهولتون ڏنيون ويون هيون. هاڻي انهن سپاهين جي خاندانن جا ڀاتي اسان جي پُٺڀرائيءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيا هئا. ضياءَ کي پريشان ڪرڻ لاءِ اسين هن جي ويجهو ٿيندا وياسين.

”توسان مئجسٽريٽ ملڻ لاءِ آيو آهي،“ آئون جڏهن 29 سيپٽمبر تي پنهنجي گشت جي ٽئين منزل ساهيوال پهتيس، ته منهنجي ميزبان پريشان ٿيندي مونکي چيو.

مونکي ته ويساهه ئي ڪونه پئي آيو. اُن گهر جي چؤڌاري پوليس گهيرو ڪري وئي هئي. ٽيليفون جو تارُون ڪٽيون ويون هيون ۽ رکي رکي بجلي ۽ پاڻي به بند ڪيو ويو هو. اُن سڄي پاڙي جي رستن تي پهرو بيهاريو ويو هو، جنهنڪري ماڻهو پنهنجن گهرن تائين نه پئي پهچي سگهيا. آئون جن جي گهر مهمان هيس، اهي زال مڙس به مون سان گڏ نظربند ٿي ويا هئا. اُهي پوءِ پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويا هئا. آئون ڪاوڙ وچان ٽي ڏينهن اتي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ هڪ ڪُنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين هلندي هيس، جنهن جي دروازي تي پوليس جي هڪ عورت کي پهري تي بيهاريو ويو هو.

مون تي ڪهڙيون تُهمتون هيون؟ مون ته ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي. مون ته رڳو پنهنجي پيءُ پاران چونڊن جي اها مهم پئي هلائي، جنهن جي ضياءَ پاڻ اجازت ڏني هئي. جنهن جوکائتي راند ۾ مونکي به گهِليو ويو هو، ان بابت آئون تنهن وقت ڪيتري نه اَڻڄاڻ هيس. ”منهنجي ڌيءَ قيمتي زيورن پائڻ جي هيراڪ آهي. پر هاڻي قيد جا زنجير پائي، هوءَ فخر ڀانئيندي.“ امان ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو، جتي ماڻهن جو تعداد اڳي کان به وڌيڪ هو. اسان سان عوام جي اَٿاهه پُٺڀرائي ڏسي پيپلز پارٽيءَ کي سياسي شڪست ڏيڻ لاءِ ضياءَ جون سموريون اميدون ڌُوڙ ٿي ويون هيون. ڀٽو چونڊن جي مهم ۾ هجڻ بدران قيد ۾ هجڻ سبب وڌيڪ طاقتور ٿي ويو هو.

ٻئي ڏينهن ضياءَ ٽيليويزن تي چونڊن جي ملتويءَ جو اعلان ڪيو.

مون ڀانئيو ته اُن گهڙيءَ کان ملڪ ۾ قانون ختم ٿي ويو هو.

 

24 آڪٽوبر 1977ع: بابا تي قتل جي سازش مقدمي جي شنوائي شروع ٿئي ٿي. قتل جي معمولي مقدمن کان ڌار، جيڪي هيٺين عدالتن ۾ هلن ٿا، اهو مقدمو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلايو ويو، جنهنڪري بابا اپيل جي حق کان محروم ٿي ويو هو. بابا کي جنهن جسٽس ڇهه مهينا اڳ ضمانت تي آزاد ڪيو هو، تنهن کي هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا فرض نڀائڻ کان الڳ ڪيو ويو ۽ پنهنجن خاص چونڊيل ججن جي عدالت جوڙي وئي هئي. ججن جي ان نئين عدالت پهريون ڪم اهو ڪيو، جو بابا جي ضمانت کي رد ڪري ڇڏيو. هاڻي هُو چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ضياءَالحق جي حڪم سان فوجداري الزامن هيٺ گرفتار ٿي ويو هو.

البت آئون آزاد هئس ۽ مون امان سان گڏجي بابا پاران ڪم جاري رکيو. چونڊ جي رد ٿيڻ کان ٿورو پوءَ مونکي نظربنديءَ مان آزاد ڪيو ويو. پارٽيءَ جي هڪ همدرد اسان کي لاهور ۾ اوڌر تي اهڙو گهر ڏنو، جنهن ۾ فرنيچر پيل هو. بابا جي ڪيس جي شنوائيءَ وارن ڏينهن ۾ اسين ان گهر کي پيپلز پارٽيءَ جي گڏجاڻيءَ جو هنڌ ۽ آفيس طور ڪَتب آڻڻ لڳاسين. روزانو اسان مان هڪڙي ان شاندار عمارت ۾ شنوائي تي ويندي هئي، جيڪا 1866ع ۾ انگريزن ٺهرائي هئي. عدالت جي ڪاٺ واري اُڪر ٿيل ڇِت هيٺيان هر هنڌ انصاف جا نشان نظر ٿي آيا ۽ فرش تي ٺاهوڪو غاليچو وڇايل هو. جج جيئن اندر ٿي آيو ته سڀيئي اٿي ٿي بيٺا. هنن جي اچڻ کان اڳ سائي ڪوٽ ۽ اڇي پٽڪي سان چوبدار آيو، جنهن جي هٿ ۾ چانديءَ جي مُٺئي واري ڪاٺ جي عصا هئي. ججن کي ڪارا چوغا ۽ اڇن وارن واريون ٽوپيون پيل هيون. اهي اطلسي ٽنؤرن واري ڇٽيءَ هيٺيان پنهنجن ڊگهين ڪُرسين تي اچي ويٺا هئا. بابا جا وڪيل اڳ ۾ ئي عدالت ۾ موجود هئا، جن کي اڇين پتلونن ۽ ڪَلف لڳل اڇين قميصن تي پاتل ڪارن ڪوٽن مٿان ريشمي جُبا پاتل هئا. عدالت جي ڪمري ۾ ڪاٺ جي بئنچن جي قطارن تي ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن جي وچ ۾ ويٺي مونکي اطمينان رکڻ کپندو هو. ائين ٿي لڳو ته اهو مقدمو انگريزي قانون جي بهتر رواجن مطابق هلايو ويندو،پر ائين ڪونه ٿيو هو.

بابا خلاف اهو مقدمو پهرين فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود جي مڃتا تي جوڙيو ويو هو. مسعود محمود سرڪاري ملازم هو، جنهن کي فوجي بغاوت کان پوءِ هڪدم گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اسان جي اطلاع مطابق بابا خلاف ڪُوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ هن کي سخت ايذاءُ ڏنا ويا هئا. فوج جي نطربنديءَ ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهڻ کان پوءِ مسعود محمود سُلطاني شاهد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو: يعني هڪ اهڙو سرڪاري شاهد، جيڪو ڏوهه ۾ شريڪ هو ۽ جنهن کي ان واعدي تي معافي ملندي، ته هو ٻين شامل ڏوهارين بابت سچ ڳالهائيندو. هاڻي مسعود محمود دعويٰ ڪئي هئي، ته سياستدان قصوريءَ کي مارڻ لاءِ منهنجي بابا کيس حڪم ڏنو هو.

مسعود محمود جو اهو بيان ته، ان سازش ۾ بابا جو سِڌو هَٿُ هو، اڪيلي شاهدي هئي. ڏوهه ۾ ٻيا شامل چار ڄڻا پڻ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا ماڻهو هئا، جن تي به اهو الزام هو ته اُهي حملي ۾ شريڪ هئا ۽ جن ڊائريڪٽر جنرل جي حڪم سان اهو حملو ڪيو هو. فوجي بغاوت کان ٿورو وقت پوءِ مسعود محمود جيان اهي سڀيئي گرفتار ٿي ويا هئا. ان ڏوهه جو ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه هو.

 

فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا چار جوابدار پنهنجن وڪيلن ڀرسان ويٺا هئا، پر بابا جي چؤڌاري جاسوسن جو گهيرو هو ۽ هو اُن ڪاٺ جي پڃري ۾ ويٺو هو، جيڪو خاص ان مقدمي لاءِ ٺاهيو ويو هو. ”مونکي پتو آهي ته تون ڏاڍي آرام پسند زندگيءَ جو هيراڪ آهين، تنهنڪري مون توکي ويهڻ لاءِ بئنچ بدران ڪُرسي ڏني آهي.“ قائم مقام چيف جسٽس مولوي مشتاق حسين پنجن مهينن تائين هلندڙ مقدمي جي پهرئين ڏينهن بابا کي ٽوڪ هڻندي چيو. مولوي مشتاق، جنهن کي ضياءَ اُن وڏي عدالتي عهدي تي مقرر ڪيو هو، سو ضياءَ جي اباڻي ڏيهه جالنڌر، هندستان جو رهاڪو هو ۽ بابا جو پراڻو دشمن هو. هي اُهو ئي جج هو، جنهن ايوب خان سان اختلاف واري وقت بابا تي مقدمو هلايو هو. جڏهن پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جُڙي هئي، تڏهن هن کي چيف جسٽس جي عهدي تان لاٿو ويو هو ۽ کيس ترقي ڏئي  سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ کان انڪار ڪيو ويو هو، ڇو ته وزير قانون، اٽارني جنرل ۽ بابا هن کي ان عهدي لائق ڪونه سمجهيو هو. فوجي بغاوت کان ترت پوءِ ان ضياءَ جي آڇيل چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو قبوليو هو ۽ اهڙيءَ ريت حڪومت جي انتظاميا ۽ عدالتي شعبن وچ ۾ علحدگيءَ تي ٺٺولي ڪئي وئي هئي. هو غير جانبدار ٿي نٿي سگهيو.

عدالت جو ساڙُ پڌرو هو. مقدمي جي پهرئين ڏينهن فيڊرل سڪيورٽي فورس جو ملازم ميان عباس، جيڪو شريف ۽ بهادر انسان هو، اٿي بيٺو ۽ پنهنجي ڏنل شاهديءَ تان ڦِري ويو. ”مونکي ايذاءُ ڏئي مون کان ڏوهه مڃرايو ويو آهي.“ ان اعلان ڪيو. ٻئي ڏينهن هو عدالت ۾ موجود ڪونه هو. فريادي وضاحت ڪئي، ته هو بيمار آهي.

بچاءُ واري وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي، ته بابا کي شاهدن جي بيانن جا نقل ڏنا وڃن. چيف جسٽس اُن درخواست جي ”مناسب وقت تائين“ مهمليءَ جو حڪم ڏنو. جڏهن مقدمو اڳتي هليو ته بچاءُ جي وڏي وڪيل مسٽر ڊي. ايم. اعواڻ کي چيف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ گهرايو ۽ هن کي هدايت ڪئي ته ”پنهنجي مستقبل بابت سوچ ويچار.“ جڏهن مسٽر اعواڻ، بابا جي مناسب قانوني بچاءُ تي زور ڏنو، ته چيف جسٽس ان عدالت ۾ هن جي ٻين هلندڙ مقدمن خلاف فيصلا ڏئي، اُن جو وير ورتو. نيٺ مسٽر اعواڻ پنهنجي اصيلن کي ڪنهن ٻئي وڪيل ڪرڻ جي صلاح ڏني.

منهنجي موجودگيءَ ۾ مسعود محمود جي ڊرائيور جيڪا شاهدي ڏني هئي، سا مولوي مشتاق ابتي ڪري ورجائي، ته جيئن بابا ۽ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ۾ لاڳاپو ثابت ٿي سگهي.

”ڇا اهو صحيح آهي، ته تون مسعود محمود کي وزيراعظم سان ملرائڻ لاءِ وٺي ويو هُئين؟“ چيف جسٽس کانئس پڇيو.

”نه.“ ڊَپ ۾ ڏڪندي ڊرائيور وراڻيو.

”لِک، آئون مسعود محمود کي وزيراعظم سان ملرائڻ لاءِ وٺي ويو هئس.“ مولوي مشتاق عدالت جي اسٽينوگرافر کي حڪم ڏنو.

”منهنجو اعتراض آهي، ماءِ لارڊ ”پچاءُ جي وڪيل پنهنجيءَ جاءِ تان اٿندي چيو. ”اعتراض رد ڪجي ٿو.“ مولوي مشتاق اڇن گهاٽن ڀِروئن ۾ گهُنڊ وجهندي ڪاوڙ مان ڇڙٻ ڏني. پوءِ هن شاهد ڏانهن ڏسندي چيو. ”تنهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي، ته توکي ياد ڪونهي. پر تون شايد مسعود محمود کي وزيراعظم سان ملرائڻ لاءِ وٺي ويو هُئين.“

”نه سائين. آئون هن کي وٺي نه ويو هوس.“ ڊرائيور جواب ڏنو.

”لِک، مسعود محمود پاڻ ڪار هلائي وزيراعظم سان ملڻ ويو هو.“ چيف جسٽس اسٽينوگرافر کي حڪم ڏنو.

”مونکي اعتراض آهي.“ بچاءُ جي وڪيل وري اُٿندي چيو.

”ويهي رهه!“ مولوي مشتاق رڙڪندي چيو. وري هن ڊرائيور ڏانهن ڏٺو.

”مسعود محمود ته پاڻ به ڪار هلائي وزيراعظم ڏانهن وڃي پئي سگهيو. هو ڪونه ٿي وڃي سگهيو ڇا؟“ هن پڇيو.

”نه سائين.“ ڊرائيور ڏڪندي چيو.

”ڇو نه؟“ مشتاق ڪَڙڪو ڪندي پڇيو.

”ڇاڪاڻ ته گاڏيءَ جي ڪُنجي مون وٽ هئي، سائين.“ ڊرائيور ڏڪندي وراڻيو.

جان ميٿوز، ڪيوسي. جڏهن نومبر ۾ مقدمي جي ڪارروائي ٻُڌڻ لاءِ آيو هو، ته هُو اهي ڳالهيون ٻُڌي وائڙو ٿي ويو هو. ”مونکي خاص طور اُن ڳالهه تي ڳڻتي ٿي هئي، جڏهن شاهد جي فائدي واري جواب جي وچ ۾، عدالت جي ججن طرفان ڳالهائي، رنڊڪ وڌي ٿي وئي، ته جيئن هو پنهنجو جواب اڌ ۾ پُورو ڪري يا ڦيرائي وڃي.“ هن بعد ۾ هڪ انگريز صحافيءَ کي ٻڌايو. ”بچاءُ جي وڪيلن کي ته گهڻي ڳڻتي هئي. مقدمي جي پڇاڙيءَ ۾ شاهدن جي شاهديءَ جو جيڪو 607 صفحن جو رڪارڊ ٺهيو هو، تنهن ۾ هنن جو اُٿاريل هڪڙو اعتراض به نه ڄاڻايو ويو هو، ۽ نه وري شاهديءَ ۾ اختلافي ڳالهين جو ڪو ذڪر هو، جن ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو.“

اُتي ته غيرجانبداريءَ جو ڪو بهانو به نظر نه ٿي آيو. هڪڙي صبح جو جڏهن آئون عدالت ۾ پهتي هيس، ته مون فيڊرل انويسٽيگيٽو ايجنسيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالخالق کي شاهدن کي اهو سمجهائيندي ٻُڌو هو، ته شاهديءَ ۾ کين ڪهڙيون ڳالهيون چوڻيون آهن. ”هيءَ ڪهڙي قسم جو انصاف آهي؟“ مون وڏي آواز ۾ احتجاج ڪيو. اهو ٻُڌي ماڻهو اچي مِڙيا. ”هن کي وٺي وڃو.“ خالق پوليس کي حڪم ڏنو. ”آئون ڪونه وينديس.“ مون فرياديءَ کي پريشان ڪرڻ لاءِ رڙ ڪندي چيو. ”هن کي وٺي وڃو.“ خالي وري رڙ ڪئي. جيئن پوليس وارا مون ڏانهن وڌڻ لڳا، ته سڄي اڱڻ ۾ ڀُڻڪو ٿيو، ته بابا جيل مان پيو اچي. منهنجي مرضي اها نه هئي، ته بابا اهو ڏسي پريشان ٿئي ته سندس ڌيءَ کي ڌمڪيون پيون ملن ۽ کيس عدالت مان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. تنهنڪري آئون تڪرار کان پاسيري ٿي ويس. پوءِ مون ٻُڌو هو، ته فريادي عدالت ويجهو هڪ گهر مسواڙ تي ورتو هو، جنهن ۾ کاڌي پيتي جي هر ڪا آسائش هئي، ته جيئن شاهدن کي شاهديءَ ڏيڻ لاءِ هدايتون ڏئي سگهن.

بابا جي عدالتي ڪارروائي ٻُڌڻ لاءِ آمريڪا جو اڳوڻو اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ آيو هو. بعد ۾ هن ان مقدمي بابت ”نيشن“ اخبار ۾ هڪ مضمون لکيو هو. ”فرياد جي اُن مقدمي جو سڄو آڌار ڪيترن ئي شاهدن تي هو، جن کي اوستائين نظربند رکيو ويو هو، جيستائين هنن ڏوهه نه مڃيو هو. شاهدن پنهنجو اقرار ۽ شاهديون هر ڀيري ٻُڌائڻ سان پئي ڦيرايون ۽ وڌايون. اُنهن پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي رد ٿي ڪيو. ۽ مسعود محمود (ايف ايس ايف جو ڊائريڪٽر جنرل) کانسواءِ اهي ئي بيان پئي ڏنا، جيئن ٻين ٿي چيو. گڏوگڏ شاهدن جي شاهديءَ مان چار ڌار ڌار نتيجا ٿي نڪتا، ته ڇا ٿيو هو. انهن کي اکين ڏٺل شاهد، سنئين سِڌي شاهدي يا جسماني شاهديءَ جي بلڪل تائيد نه هئي.“ هن لکيو.

منهنجو انصاف ۾ ويساهه هو. منهنجو اخلاقيات جي قاعدن ۽ ضابطن، ساک کڻي شاهديون ڏيڻ ۽ قانوني ڪارروائيءَ ۾ ڀروسو هو. پر بابا جي نقلي مقدمي ۾ انهن مان ڪا به هڪ ڳالهه نه هئي. بچاءُ جي وڪيل، فوجي روزنامچو هٿُ ڪري ٻڌايو هو، ته اها جيپ، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته قصوري تي حملي لاءِ ڪَتب آندي وئي هئي، ڄاڻايل ڏينهن تي مورڳو لاهور ۾ ئي نه هئي. ”ان سفري روزنامچي کي صحيح ثابت ڪونه ڪيو آهي.“ فريادي ڌُر اعتراض اٿاريو. جيتوڻيڪ هنن پاڻ مقدمي جي ڪاغذن سان گڏ اهو روزنامچو به عدالت آڏو آندو هو.

بچاءُ جي وڪيل، فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي سفر جون رسيدون آڻي ڏيکاريون هيون، ته غلام حسين، جنهن تي قتل جي حملي جو انتظام ۽ نظرداريءَ جي تُهمت هئي، اُن ڏينهن ڪنهن ٻئي سرڪاري ڪم سان ڪراچيءَ ۾ هو. حقيقت ۾ انهن رسيدن مان ظاهر هو، ته هو اُن حملي کان ڏهه ڏينهن اڳ ۽ ڏهه ڏينهن پوءِ ڪراچي ۾ ئي هو. ”انهن دستاويزن ۾ ڄاڻي ٻُجهي ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.“ فريادي ڌُر پنهنجي بيان تان ڦرندي چيو. جيتوڻيڪ اڳ هنن توڙي ”سلطاني گواهن“ مان ڪنهن هڪ به ان جو ذڪر نه ڪيو هو.

قتل جو اهو سڄو مقدمو جُڙتو هو، جنهن جي پڪي پختي شاهدي تڏهن ملي، جڏهن بابا جي وڪيلن حقيقي حملي جي آزمائشي رپورٽ جو نقل ورتو هو. حملي ڪندڙن جن طرفن کان گوليون هلائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ڪار ۾ ٿيل گولين جا سوراخ ان طرف ڪونه هئا. اصل قاتل چار هئا ۽ نه ٻه؛ جيئن فريادي ڌُر دعويٰ ڪئي هئي. ٻيو ته سرزمين تي جيڪي خالي ڪاتوس لڌا ويا هئا، سي فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي انهن بندوقن جا ڪونه هئا، جن لاءِ ”سلطاني گواهن“ چيو هو، ته اُهي قتل ۾ واپرايون ويون هيون. ”اسان مقدمو کٽي ورتو آهي.“ بابا جي هڪ وڪيلن جي ڀيڻ ريحانا سرور، جيڪا پاڻ به وڪيل هئي، عدالت جي ڪمري ۾ خوشيءَ وچان مونکي چيو هو.

چانهه جي وقفي ۾ آئون اهو بابا کي ٻُڌائڻ لاءِ هڪدم وٽس ڊوڙي ويس. اُن وقت سلطاني گواهن کي عدالت جي ڪمري ۾ پنهنجن مائٽن سان ڪچهريءَ جي اجازت ڏني وئي هئي. جڏهن ته بابا کي پوليس گارڊ جي زبردست پهري ۾ ڌِڪي پٺيان هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ويهاريو ويو هو. ”بابا، اسان مقدمو کٽي ورتو آهي!“ اسان جي سوڀ ٿي آهي!“ مون هن سان آزمائشي رپورٽ جو ذڪر ڪندي چيو. منهنجي اُتاولائيءَ کي ڏسندي هن جي مُنهن تي جيڪا مُهر ڀري مُرڪ پکڙجي وئي هئي، سا ڪڏهن به مون کان وسري نه سگهندي. ”توکي پتو ئي ڪانهي، پِنڪي!“ هن ٻاجهاري آواز ۾ چيو. ”اُهي مونکي مارڻ گهرن ٿا. تون يا ڪير ٻيو کڻي ڪهڙو به ثبوت آڻي، ان جي هنن کي ڪابه پرواهه ڪانهي. هو مونکي اهڙي قتل جي ڏوهه ۾ مارڻ گهرن ٿا، جيڪو مون ڪيو ئي ناهي.“

آئون بنهه وائڙن جيان هن ڏانهن ڏسڻ لڳيس. مونکي هن تي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو ۽ نه وري مون مٿس ويساهه ڪرڻ گهريو ٿي. اُن ڪمري ۾ هن جي وڪيلن سميت ڪنهن به مٿس ويساهه آڻڻ ڪين ٿي گهريو. ”هن کي تڏهن به اها ڄاڻ هئي، جڏهن آڌيءَ رات جو ڪراچي ۾ ضياءَ جا سپاهي کيس جهلڻ لاءِ آيا هئا. ”تون هتان نڪري وڃ.“ هن جي ڀيڻ جڏهن ان قتل جي الزام جا پهريون ڀيرو افواهه ٻڌا هئا، تڏهن هن بابا کي ليلائيندي چيو هو. ٻين به هن تي اهوئي زور کيو هو. پر هن جو جواب سدائين اهو ساڳيو ئي هو، جيڪو هن هينئر ڏنو هو. ”منهنجي حياتي الله جي هٿ آهي، نه ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾.“ هن مونکي ان ڪمري ۾ چيو. ”الله جڏهن به مونکي پاڻ وٽ گهرائيندو، ته آئون هن وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو ضمير اڇو اُجرو آهي. منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه منهنجو نالو آهي، منهنجي عزت آهي ۽ تاريخ ۾ منهنجي حيثيت آهي. تنهنڪري ان لاءِ آئون ضرور وڙهندس.“

بابا کي اها ڄاڻ هئي: اوهين ڪنهن ماڻهوءَ کي قيد ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن فڪر کي نه. اوهين ڪنهن شخص کي شهر مان نيڪالي ڏيئي سگهو ٿا، پر ڪنهن ويچار کي نه. اوهين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن سوچ کي نه. پر ضياءَ جي اکين تي انڌ جا کوپا چڙهيل هئا ۽ هُن عوام ڏانهن هڪ ٻئي نياپي موڪلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اوهين پنهنجي وزيراعظم کي ڏسو. هو به هر عام انسان جيان گوشت ۽ رَت جو ٺهيل آهي. هاڻي کيس پنهنجن اصولن مان ڪهڙي چڱائي ٿيندي؟ هو به اهڙيءَ طرح مري سگهي ٿو، جيئن اوهين مري سگهون ٿا. ڏسجو ته اسين اوهان جي وزيراعظم سان ڇا ٿا ڪريون. ويچاريو ته اسين اوهان سان ڇا ٿا ڪري سگهون. منهنجي بابا مونکي اهو ٻُڌائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي، ته آئيندي ڇا ٿيڻ وارو آهي. پر لڳو ٿي ته، مون سندس لفظ تمام پري کان پئي ٻُڌا. ۽ مون انهن کي اتي ئي رهڻ ڏنو هو. ٻيءَ صورت ۾ آئون هر ان نئين الزام خلاف ويڙهه نه ڪري سگهان ها، جيڪو هڪٻئي پٺيان هن تي هنيو ويو هو. هن جي عزت بچائڻ جي اها ويڙهه منهنجي پنهنجي ويڙهه ٿي پئي هئي.

 

ڪراچيءَ ۾ بابا جي گرفتاريءَ جي ٻئي ڏينهن ضياءَ مارشل لا جو حڪم نمبر 21 ڪڍيو هو، جنهن مطابق قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي حڪومتن جي سڀني ميمبرن کي چيو ويو هو ته 1970ع کان 1977ع تائين (پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وارو عرصو) اُهي سمورا مالي تفصيل حڪومت کي ڏيو، جن ۾ سموري جائداد جي خريداري، زرعي اُپت، مشينري، زيورن، انشورنس پاليسين وغيره جا انگ اکر ڄاڻايل هجن. اُن حڪم جي ڀڃڪڙيءَ لاءِ ست ورهيه سخت پورهئي جي سزا ۽ جائداد جي ضبطي هئي.

جيڪڏهن فوجي حڪومت سمجهيو، ته اها سمورا جائداد ۽ دولت سياسي اثر ذريعن ٺاهي وئي آهي، يا سرڪاري ملڪيت کي ناجائز ڪَتب آندو ويو آهي، ته اهڙي ڏوهاري ڌر کي، ڪنهن به چونڊيل يا مقرر سياسي عهدي لاءِ نااهلي ڪوٺيو ويندو.

نااهليءَ جي اُن ڏاڍائيءَ جو ڳٽ ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ واسطي، مارشل لا اختياري وارن اهو نئون قانون، پارليامينٽ جي انهن ميمبرن کي ڊيڄارڻ لاءِ واپرايو، ته جيئن اهي فوجي حڪومت کي مڃين. نااهليءَ جو شڪار ٿيندڙن لاءِ اپيل جو رُڳو هڪڙو رستو کليل هو ۽ اهو هو اها ٽربيونل، جيڪا ان ساڳي حڪومت جوڙي هئي، جنهن هنن کي پهرين نااهل قرار ڏنو هو. البت جن حڪومت سان سهڪار ٿي ڪيو، انهن کي عجب آهي ته ٻيهر اهل ڪو ٻيو ٿي ويو.

نااهل سياستدانن جي جيڪا پهرين فهرست پڌري ڪئي وئي هئي، تنهن ۾ سڀني کان پهرين منهنجي ماءُ جو نالو ڏنل هو، جيتوڻيڪ هن کي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيندي رُڳو ٽي مهينا ٿيا هئا. هن کي ڪيترائي ڀيرا اُن ٽربيونل اڳيان حاضر ٿيڻو پيو هو، جتي هن خلاف ڪنهن به الزام هڻڻ کان حڪومت لاچار هئي. هر ڀيري هُن جي شنوائي مهمل ڪرڻي پئي هئي. پر 1977ع جي سرءُ ۽ سياري جي مُندن ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو نشانو بابا هو، جنهن جي نيڪناميءَ جي خاتمي لاءِ ضياءَ سَندرو ٻَڌيو بيٺو هو.

”ڀُٽي پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪنن کي موٽر سائيڪلون ۽ سائيڪلون وٺي ڏيڻ لاءِ سرڪاري فنڊ واپرايا. مسٽر ڀٽي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجن گهرن ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ لڳرائڻ لاءِ سرڪاري پئسا خرچ ڪيا. مسٽر ڀٽي اسان جي ٻاهرين سفارتخانن ذريعي سرڪاري فنڊ مان ذاتي واهپي لاءِ ٿانوَ ۽ ڪپڙا گهرايا هئا.“

حڪومت بابا تي رشوت، سرڪاري فنڊن جي ناجائز واهپي ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيترائي الزام هڪ ٻئي پٺيان هڻندي وئي، اهو ڄاڻندي ته قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند هجڻ سبب انهن الزامن کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ هن کي ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي، هنن هڪ ٻيو اُپاءُ اهو به ورتو هو، جو هن جي پرسنل سيڪريٽريءَ کي به قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. پر بابا ڪاغذن کي فائيل ڪرڻ جو جيڪو انتظام ڪيو هو، سو اسان خلاف سَٺ کان به وڌيڪ مقدمن ۾ خوفناڪ هٿيار ثابت ٿيو.

ڪراچيءَ ۾ بابا جي ڪاغذن مان مونکي هر اهو ڪاغذ مليو، جيڪو هن تي هنيل هر تهمت کي رد ڪرڻ لاءِ مونکي گهربل هو. آئون روزانو گهرو حساب ڪتاب جو تفصيل چڪاسي، منجهانئن گهربل نقل وڪيلن ڏانهن هڪدم ڏياري موڪليندي هيس ۽ معلوم ڪندي هيس ته ٻيو ڇا گهرجي. بابا هرهڪ خرچ جو رڪارڊ محفوظ ڪري ڇڏيو هو، ايستائين جو 1973ع ۾ ٿائلينڊ جي سفر ۾ چويهه ڊالرن ۾ ورتل ڪپڙي جي رسيد يا 1975ع 218 ڊالرن ۾ اٽالين وال پيپر پيسٽ جي رسيد به محفوظ هئي. مونکي اهو ڄاڻندي اچرج ٿيو ته هن پڙهڻ جي عينڪ به پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ورتي هئي، جيتوڻيڪ وزيراعظم جي صحت جي سار سنڀال جو ذمو حڪومت تي هو. پر الزامن بابت اسان جو ترديدون ڪڏهن به اخبارن ۾ نه ڇپيون باقي الزام ضرور ڇپبا هئا. اسان اهي ترديدون سائڪلو اسٽائل ڪرائي عوام ۾ ورهايون هيون.

اسان هڪ ڪتابڙو پڻ لکرايو هو، جنهن کي پوءِ جُلد ٻَڌايو ويو هو ۽ جنهن جو عنوان هو: ”ڀٽو؛ افواهه ۽ حقيقت“. ان ۾ بابا خلاف اٿاريل افواهه ۽ اصل حقيقتون ڄاڻايون ويون هيون. اهڙا ننڍڙا ڪتاب ڇاپي ورهائڻ جوکائتو ڪم هو؛ ڇوته هر اهو مواد، جيڪو بابا جي فائدي ۾ هو، اهو حڪومت موجب ’فتنو فساد‘ هو ۽ جن ماڻهن اهڙي مواد کي ڇاپيو ۽ ورهايو ٿي، تن کي قيد جي سزا ملڻ ۽ اهو مواد ضبط ٿيڻ جو انديشو هو. اهي ترديدون پاڪستاني توڙي پرڏيهي صحافين لاءِ ڪارائتيون هيون، جن کي حڪومت بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف ڪيل پروپئگنڊا ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. پر اڃا به ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي گهُرج هئي.

”اسان کي عوام ڏانهن نياپو موڪلڻ گهرجي. ته اُهي هڙتال ڪن، مظاهرا ڪن، ۽ احتجاج ڪن.“ مون نراسائيءَ مان پارٽي اڳواڻن کي چيو، جيڪي اسان جي مسواڙي گهر ۾ رات جو ڳجهي گڏجاڻيءَ ۾ آيا هئا. پر ڀَؤ سبب اهي ڳنڀير ٿي ويا. ”جيستائين پارٽيءَ طرفان ڪو فيصلو نه ٿئي، تيستائين ڪوبه اهڙو ڪم ناهي ڪرڻو.“ هو اهوئي چوندا رهيا. هنن جي اها لاپرواهي ڏسي مونکي ۽ ٻين نوجوان ميمبرن کي ڏاڍي مايوسي ٿي. ”ته پوءِ هلون ته پيرن فقيرن جي مقبرن تي دعائون گهرون.“ مون اهو سوچي صلاح ڏني، ته حڪومت، جيڪا هر هڪ کي مذهبي تعليم ڏيارڻ جا انتظام پئي ڪرائي، سا ڪڏهن به پيرن فقيرن جي مقبرن ۽ درگاهن ۾ اسان کي دعائون گهرڻ وقت گرفتار ڪرڻ جي همت ئي نه ڪندي. اهو ويچار سڀني کي پسند آيو. سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ درگاهن ۾، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن گڏ ٿي، بابا جي ڇوٽڪاري لاءِ قرآن خواني ۽ دعائون گهرڻ لڳا. پر منهنجو ويچار غلط هو. حڪومت مزارن ۽ درگاهن ۾ به اسان کي سخت تڪليفون پهچايون.

پوءِ گرفتاريون ٿيون ۽ ڪوڙن جا سَٽڪا شروع ٿي ويا. ڊسمبر 1977ع تائين ڪل سَت سؤ ماڻهن کي جهَليو ويو. لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر خالد احمد جي مقدمي مان پتو پوي ٿو ته، فوجي بغاوت کانپوءِ حڪومت مسعود محمود ۽ ٻين سرڪاري عملدارن کان بابا خلاف ڪُوڙيون شاهديون ڏيارڻ لاءِ هنن سان ڪهڙيون نه جُٺيون ڪيون هيون. لاهور ۾ خالد احمد جي گهر فوج جا ٻه ماڻهو ضياءَ طرفان لکيل حڪمنامو کڻي آيا هئا. اها ڳالهه مونکي هن جي زال عذرا ٻڌائي. ”جيڪڏهن آئون سڀاڻي توکي فون نه ڪريان، ته سمجهجانءِ ته ڪا خرابي ٿي آهي.“ هن گهر مان ويندي مهل پنهنجيءَ زال کي چيو. ٻئي ڏينهن هن وٽان ڪابه خبر نه آئي. هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ نيٺ هن جڏهن اسلام آباد ۾ پنهنجي مڙس کي ڳولي لڌو، ته کيس گهڻو صدمو پهتو. ”آئون ان ڏينهن کي وساري ئي نٿي سگهان.“ هن مونکي ٻڌايو ”هن جي مُنهن ڇار جهڙو هو، چَپ خشڪ ٿي ڦاٽي پيا هئا، وات مان اڇي گجي نڪري چَپن چؤڌاري ڄمي وئي هئي، ۽ نازڪ عضون تي بجليءَ جا جهَٽڪا ڏنا ويا هئا. هنن جي مرضي هئي ته هو عدالت ۾ مسٽر ڀٽي خلاف ڪُوڙي شاهدي ڏي.“

خالد کي پنجن مهينن تائين انڌاري ڪوٺڙيءَ ۾ قيد رکيو ويو. روزانو شام جو عذرا هڪ باغ ۾ ويندي هئي، جتان قيدخاني جو ٿَلهو نظر ايندو هو. ”هن کي ڪسرت لاءِ روزانو اڌ ڪلاڪ جي مهلت ملندي هئي.“ هن ٻڌايو. ”آئون هن جي رڳو هڪ جهَلڪ ڏسڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ بئنچ تي ويٺي هوندي هيس ۽ خاطري ڪندي هيس ته هو اڃا جيئرو سلامت آهي.“

خالد احمد ۽ شايد ٻين ڪيترن جي زندگي امان جي اُن درخواست سبب بچي وئي، جيڪا هن بابا جي گرفتاريءَ کان هڪدم پوءِ سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي ۽ جنهن ۾ مارشل لا جي ان قانوني اختيار تي اعتراض ڪيو هو، جنهن هيٺ هن کي نظربند رکيو ويو هو. نومبر 1977ع ۾ سپريم ڪورٽ مارشل لا جي قانوني جواز کي بحال ڪندي پڌرو ڪيو، ته اهو قرآني قانون مطابق گهُرج جو قانون‘ آهي،ڇو ته قرآن ۾ اجازت ڏنل آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن مسلمان کي کائڻ لاءِ ڪي به نه ملي، ته جيئري رهڻ لاءِ هن کي سُوئر جو گوشت کائڻ جائز آهي. پر عدالت اهو پڻ پڌرو ڪيو ته، مارشل لا رُڳو ٿورڙي مُدت يعني نَون مهينن لا جائز آهي، جنهن عرصي جي حڪومت کي گهُرج هئي؛ ته جيئن آزاد ۽ انصاف وارين چونڊن جا انتظام ٿي سگهن.

عدالت جي ججن اُهو پڻ حڪم ڏنو، ته فوجي عدالتون جيڪي فيصلا ڪنديون، تن تي نظرثانيءَ جا جيڪي اختيار اعليٰ ديواني عدالتن کي مليل هئا، سي قائم رهندا. ديواني عدالتن جي ان نظرثانيءَ واري شرط کانسواءِ سياسي ڪارڪنن ۽ سرڪاري ملازمن سميت هزارين ماڻهن کي، جيڪي فوجي انقلاب کان پوءِ گرفتار ڪيا ويا هئا، پنهنجي نظربنديءَ تي نظرثاني لاءِ اپيل جو حق ملي نه سگهي ها. جيتوڻيڪ اهي اپيلون- منهنجي نظربنديءَ وقت ڪيل اپيلن سميت- عدالت ۾ دير سان پهچنديون هيون، پر اُن وقت ديواني عدالتن سبب دادرسيءَ جي ٿوري اميد ٿي هئي.

ڊسمبر 1977ع ۾ هاءِ ڪورٽ خالد احمد کي آزاد ڪيو، ڇوته هن خلاف ذرڙو به ثبوت نه مليو هو. هن جي گرفتاريءَ جو حڪم به ڪونه هو. ”اسان کي مٿان حڪم مليا هئا.“ فوجي عملدارن چيو هو، پر جيئن ته فوجي حڪومت عدالت جي اُن فيصلي کان پوءِ به بابا کي ٻيهر جهَليو هو، بلڪل اهو ئي هنن خالد سان به ڪيو. هن جي آزاد ٿيڻ کان هڪ هفتو پوءِ ان اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪڙي دوست چتاءَ ڏنو، ته توکي سرڪاري گاڏي ۽ هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ غلط واپرائڻ جي ڏوهه ۾ مارشل لا حڪم نمبر 31 هيٺ وري جهَليو ويندو. هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ! ”مون هن کي منٿ ڪئي، ته ملڪ مان هليو وڃ.“ عذرا اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ٻڌايو. ان رات هن جو مُڙس لنڊن روانو ٿي ويو. هن خلاف مقدما اڃا تائين هلن پيا، جنهنڪري هو ملڪ کان ٻاهر رهڻ تي مجبور آهي. عذرا اڪيلي پنهنجن ٻارن کي نپائي وڏو ڪيو آهي. هن ۽ ٻين ڪيترن ئي خاندانن جي پيڙا جي شروعات ڊسمبر 1977ع ۾ ٿي هئي. جيڪا ٻه هفتا پوءِ هڪدم چوٽ تي پهچي وئي هئي.

 

ڳوڙها آڻيندڙ گئس. دانهون ڪُوڪون. ماڻهن جي ڀَڄ ڀڄان. منهنجي ڪُلهي ۾ شديد سُور. ”امان، تون ڪٿي آهين؟ تون ٺيڪ ته آهين نه؟ امان!“

 

16 ڊسمبر 1977ع: هندستان اڳيان فوج جي آڻ مڃڻ جي ورسي. قذافي اسٽيڊيم لاهور. امان ۽ مون فيصلو ڪيو آهي، ته ذهن تان مقدمي جو بار لاهڻ لاءِ ڪرڪيٽ مئچ هلي ڏسجي. اسان وٽ عورتن واري حصي ۾ ويهڻ جو ٽڪيٽون آهن. پر اسين جڏهن اتي پهتيوسين، ته سڀئي دروازا بند آهن، رڳو هڪڙو دروازو کليل آهي، جنهن مان اسين اندر وڃون ٿيون. ماڻهو جيئن ئي اسان کي ڏسن ٿا، ته اهي تاڙيون وڄائين ٿا ۽ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. پر ڪرڪيٽ جا رانديگر اوچتو ميدان مان ڀڄي وڃن ٿا ۽ جتي ڪرڪيٽ ٽيم بيٺي آهي، اتي پوليس وارا گوڏن ڀر بيهي رهن ٿا.

”شُون.“ منهنجي مُنهن ڀرسان ڪا ڳري شيءِ تيزيءَ سان لنگهي ٿي. ”ڳوڙها گئس!“ ڳوڙها گئس! آئون رڙيون ٻُڌان ٿي. ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ آهي ۽ اُهي ڪُلف ڏنل دروازن ڏانهن ڀڄن ٿا. آئون نه ساهه کڻي سگهان ٿي ۽ نه ڏسي سگهان ٿي. اسان جي پاسي ايندڙ زهريلي گئس جي وڏي دونهين ۾ منهنجو ساهه ٻُوساٽجڻ لڳي ٿو. ڇا ڦڦڙن ۾ گهاوَ ٿي سگهن ٿا؟ منهنجو ڪُلهو؟ ان ڌڪ سبب آئون ذري گهٽ ڪِرڻ تي آهيان. منهنجي چؤڌاري اوندهه ۾ پوليس وارا ماڻهن تي لٺيون وسائيندا، کين زمين تي ڪيرائيندا پيا وڃن.

”امان!“ آئون سڏ ڪريان ٿي. ”امان!“

آئون ڏسان ٿي ته هوءَ لوهي جهنگلي تي جهُڪيل آهي. منهنجو آواز ٻُڌي هوءَ پنهنجو مٿو مٿي کڻي ٿي. هن جي مٿي تي لڳل گهاوَ مان رَت پيو ٽِمي.

”اسپتال. امان کي هڪدم اسپتال پهچائڻو آهي،“ آئون رڙ ڪريان ٿي. ”نه.“ ، امان ماٺڙي ڪري چوي ٿي. ”پهرين اسين مارشل لا ائڊمنسٽريٽر وٽ هلنديونسين.“

رَت هن جي چهري تان هيٺ وهندو سندس لباس تي ڳاڙهيون لِيڪون پيو ٺاهي. اسين ماڻهن جي گوڙ مان اڳتي وڌنديون هڪ ڪار تائين پهچون ٿيون. ”اسان کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي گهر وٺي هل.“ هوءَ چوي ٿي. اتي دروازي تي اسان کي پهريدار ڏسي وائڙا ٿي وڃن ٿا ۽ اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت ملي ٿي. امان جيئن ڪار مان هيٺ لهي ٿي، ته اسان پٺيان جنرل جي جيپ اچي بيهي ٿي.

”جنرل توکي اڄوڪو ڏينهن ياد آهي؟“ هوءَ پنجاب ۾ ضياءَ جي رکيل مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اقبال آڏو ويندي چوي ٿي. ”اڄوڪي ڏينهن اوهان ڍاڪا ۾ هندستاني فوجن اڳيان هٿيار ڦِٽا ڪيا هئا ۽ اڄ اوهان منهنجو رَت وهائي پاڻ کي وري شرمندو ڪيو آهي. اوهان کي عزت ۽ مانُ مريادا لفظ جي ڪابه خبر ڪانهي. جنرل اوهان کي رُڳو بيعزتيءَ جي ڄاڻ آهي.“ هو وائڙو ٿيندي امان ڏانهن ڏسي ٿو.

”امان وڏي شانُ سان واپس اچي ڪار ۾ چڙهي ٿي. اسين سِڌو اسپتال وڃون ٿيون، جتي هن جي گهاوَ کي بند ڪرڻ لاءِ ٻارهن ٽانڪا هنيا وڃن ٿا. اُن ڏينهن ٽپهريءَ جو مونکي گهر مان ۽ امان کي اسپتال ۾ گرفتار ڪن ٿا.

ٻئي ڏينهن ضياءَ ٽيليويزن تي نروار ٿئي ٿو ۽ پنجاب جي حڪومت کي اُن واقعي جون واڌايون ڏئي ٿو. بابا جڏهن ان واقعي بابت ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته ”لعنت آهي،“ ته هن کي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو. ”هن کي وٺي وڃو، جيستائين هن کي ڪا مَت اچي.“ چيف جسٽس چوي ٿو. ٻئي ڏينهن بابا بيجا عدالتي تحقيقات لاءِ درخواست ڪري ٿو. درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

 

لاهور ۾ ضروري گهرو شين کان وانجهيل گهر ۾ آئون گرفتار هيس ۽ امان اسپتال ۾ مونکي پهريون ڀيرو ويچار آيو، ته اسانجا حوصلا چيڀاٽڻ لاءِ ضياءَ ڪهڙي حد تائين وڃي سگهندو. منهنجي ذهن ۾ ذرو به شڪ نه هو، ته ڪرڪيٽ ميچ ۾ اسان تي جيڪو حملو ٿيو هو اهو اڳواٽ ئي رٿيل هو. پوليس پاڻ سڀني دروازن تي تالا چاڙهي ڇڏيا هئا، ته جيئن اسين هنن جي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺين وچ ۾ ڦاسي پئون. مطلب پڌرو هو. عورتن کي ڪڏهن به اهڙي طرح نه سزا ڏني وئي آهي، ۽ نه ڊيڄاريو ويو آهي. اسين هڪ اهڙي دؤر ۾ پئي وياسين، جنهن جهڙو پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪونه آيو هو. سائڪلواسٽائيل مشينن ۽ ٽائيپ رائيٽرن وچ ۾ لاهور جي نظربنديءَ واري ڏينهن حقيقت ۾ ڏاڍا اونداها هئا.

هڪ هفتي اندر امان به مون وٽ هلي آئي هئي. هن جي مٿي تي پَٽيون ٻڌل هيون، ڇا پيو ٿئي، اسان اَويساهيءَ وچان هڪ ٻئي کان پڇيو. ڇا اسين جيڪي ڏسون پيا سو سچ آهي؟ اسان جا ذهن ان کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئا. پر مونکي پڪ آهي ته ان سموري عرصي ۾ اهوئي اسان جو سهارو هو. هر نئون ظلم اسان لاءِ صدمو هو- ۽ پڪي ارادي جو نئون ڌماڪو هو. منهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ، سوچڻ ۽ پختي ارادي ۾ بدلجي ويو. اهي ڇا ٿا سمجهن. ڇا اهي منهنجي بيعزتي ڪري سگهندا؟ ڪوشش ڪري ڏسن، اها سوچ منهنجي هن تي نقش ٿي وئي.

مون نئين سال جو پهريون ڏينهن پاڪستان ۾ نطربنديءَ هيٺ گذاريو. هڪ ورهيه اڳ آئون آڪسفورڊ مان واپس پنهنجي گهر المرتضيٰ آئي هيس ۽ بابا جي جنم ڏينهن تي ضياءَ سان ملي هيس. هاڻي پنهنجي جنم ڏينهن تي بابا جيل ۾ بند هو. امان ۽ آئون روزانو پنهنجي پندرهن ڏينهن جي نطربنديءَ واري حڪم کي چڪاسي ڏسنديون هيونسين. امان پنهنجو وقت پنهنجي سِر سوچيندي گذاريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيليويزن ڏسندي هئي، جيڪا اسين آوازَ ٻُڌڻ لاءِ کولي ڇڏينديون هيونسين.

بابا سان منهنجي مقرر ملاقات جو ڏينهن آيو ۽ گذري ويو ۽ مونکي ڏاڍو اداس ڪري ويو. هن کي ڏسي ۽ هُن وٽان هيڊن ڪاغذن تي منهنجي لاءِ لکيل هدايتون وٺي مونکي سدائين خوشي ٿيندي هئي، جيڪي هن پنهنجي کوليءَ ۾ گڏ ڪري رکيون هيون. ان وقت هن جي کولي مونکي ڏاڍي خراب لڳندي هئي، ڇوته ان جو فرش گندو هو ۽ اتي پاڻيءَ جو پُورو بندوبست به نه هو. مونکي گهٽ خبر هئي ته اڳتي هلي هن کي ان کان به وڌيڪ خراب ۽ گندين کولين ۾ رهڻو پوندو.

اختياريءَ وارن هن کي ذهني مريضن ڀرسان رهايو هو، جيڪي سڄي رات رڙيون پيا ڪندا هئا. هنن اها به خاطري ڪئي هئي ته بابا انهن سياسي قيدين جا آواز چٽا ٻُڌي سگهي، جن کي قيدخاني جي اڱڻ ۾ ڪُوڙا هنيا ويندا هئا. ڪڏهن ته انهن قيدين جي وات اڳيان مائڪرو فون رکيو ويندو هو. پر حڪومت هن جا حوصلا ٽوڙي نه سگهي. ”منهنجا حوصلا مضبوط آهن،“ قيد ۾ هن سان هڪ ملاقات وقت بابا مونکي خاطري ڏيندي چيو. ”آئون ڪاٺ جو ٺهيل ڪونه آهيان، جيڪو سولائيءَ سان سڙي وڃي.

 

پر قيد کان ٻاهر ظلم ۽ ڏاڍ جي باهه جا ڀَنڀٽ ٻرڻ لڳا هئا، جڏهن جنوري 1978ع جي اوائلي ڏينهن ۾ حڪومت ڪيترن ئي ماڻهن جو پهريون عام قتل ڪيو هو. امان ۽ منهنجي گرفتاريءَ کان اڳ، پاڪستان پيپلز پارٽي بابا جي جنم ڏينهن 5 جنوريءَ تي جمهوريت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. ملتان ۾ ڪالوني ٽيڪسٽائيل مل جي پورهيتن، جن کي مل جي مالڪن سدائين کان ملندڙ بونس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، تن هڙتال ڪئي هئي ۽ اُن ڏينهن تي مظاهري جو فيصلو ڪيو هو. پر کين اهو وجهه ڪڏهن به ملي نه سگهيو.

جمهوريت جي ڏينهن کان ٽي ڏينهن اڳواٽ ئي فوج ڪارخاني جي دروازن کي ڪُلف ڏئي بند ڪري ڇڏيو ۽ ڇِت تي چڙهي هيٺ انهن پورهيتن تي گوليون هلايون، جيڪي اتي ڦاٿا پيا هئا. ننڍي کنڊ ۾ اهڙو بدترين قتل عام اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. اسان کي ٻڌايوويو هو، ته سوين ماڻهومارجي ويا هئا. ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي ته ڪيترا ڪجهه ماڻهن چيو ته ٻه سئو. ڪن وري ٻڌايو ته ٽي سئو مئل ماڻهن کي ٻنين ۽ گندين نالين ۾ اڇلايو ويو هو. ضياءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پُٺڀرائي ڪندڙ پورهيت طبقي جي ماڻهن کي چتاءُ ڏنو هو ته”جهڪي وڃو يا موت قبوليو.“

جمهوريت جو ڏينهن ظلم ۽ ڏاڍ جو بدترين ڏينهن ثابت ٿيو هو. سڄي ملڪ مان پيپلز پارٽيءَ جي هزارين حامين کي جهَليو ويو هو ۽ سموري ملڪ کي بيرحمي وڪوڙي وئي هئي. جنهن به ماڻهو ”جيئي ڀٽو،“ يا ”جمهوريت زنده باد“ چيو ٿي ته ان کي ڪوڙا ٿي هنيا ويا.

جنهن به ماڻهوءَ پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو ٿي چاڙهيو، تنهن کي ڦٽڪا ٿي لڳا. ڪوڙا هڪدم هنيا ٿي ويا، اڪثر سزا ملڻ جي هڪ ڪلاڪ اندر. ڇو ته اڃا تائين ديواني عدالتن کي اپيلن ٻُڌڻ جو اختيار هو. ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيدين جون ٻانهون ٽنگون ڇِڪي، هنن کي نوڙيءَ سان ڪاٺ ۾ ٻَڌو ويندو هو. پوءِ ڊاڪٽرن کي گهرائي هنن جي نبض چڪاسي ويندي هئي، ته جيئن مرڻ جي حالت تائين پهچڻ کان اڳ ڪُوڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن. قيدين کي اڪثر هوش ۾ آڻڻ لاءِ لُوڻ سُنگهايو ويندو هو، ته جيئن سزا جا مقرر ڪوڙا، جيڪي گهڻو ڪري ڏهن کان پندرهن تائين هوندا هئا، هڻي سگهجن.

جيل کان ٻاهر به عام ماڻهن اڳيان ڪَوڙن جي اها سزا عام ٿيڻ لڳي هئي. فوج جون گهمندڙ عدالتون، جن ۾ هرهڪ ۾ مارشل لا جو هڪڙو عملدار هوندو هو، بازارن ۾ پيون گهمنديون هيون ۽ ٿڏي تي فيصلو ڪري انهن واپارين کي سزائون ڏينديون هيون، جيڪي تور ۾ گهوٻي هڻندا هئا، وڌيڪ قيمت وٺندا هئا يا خراب مال وڪڻندا هئا. سکر ۾ هڪ فوجي عملدار حڪم ڏنو، ته منهنجي اڳيان ڪوبه هڪڙو ماڻهو حاضر ڪريو. ”ڪَوڙن هڻڻ لاءِ اسان کي ڪونه ڪو ماڻهو گهرجي. هن چيو. دڪاندار مُنجهي پيا هئا ته ڇا ڪجي. نيٺ اهي ان عملدار کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ وٽ وٺي ويا، جنهن تي شڪ هو ته هو کنڊ ڳري اگهه ۾ وڪڻي ٿو. جيتوڻيڪ بازار ۾ هرهڪ دڪاندار اهڙي ڏوهه جو ڏوهاري هو، پر ان ماڻهوءَ کي جهلي اتي جو اتي عام ماڻهن جي وچ ۾ ڦٽڪا هنيا ويا.

مون اهڙي ظلم ڏسڻ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اُميد نه ڪئي هئي. مون سماج جو جيڪو روپ آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ ڏٺو هو ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي 1973ع جي آئين هيٺ جيڪو تجربو ٿيو هو، اهو سمورو غائب ٿيندو پئي ويو.

جنهن ڏينهن اسان جي نظربنديءَ جو مُدو ختم ٿيو، ان ڏينهن ان گهر جا دروازا کولي مئجسٽريٽ کي اندر اچڻ ڏنو ويو هو. پر اسان کي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هئي. هن آزاديءَ بدران اسان کي پندرنهن ڏينهن جي نظربنديءَ جو هڪ نئون حڪمنامو ڏنو. هڪ ٻيو قانوني مثال ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. بابا جي شهري حڪومت واري دؤر ۾ نظربند رکڻ جا حڪم تمام گهٽ نڪرندا هئا. ڪنهن کي به هڪ سال جي عرصي ۾ ٽن مهينن کان مٿي نظربند نه رکيو ويندو هو ۽ چوويهن ڪلاڪن اندر عدالتن ۾ درخواستن جي شنوائي ٿيندي هئي. هاڻي پاڪستان جي هڪ نئين ڀوائتي تاريخ قلمبند پئي ٿي.

آزادي. نظربندي. شهر نيڪالي. نظربندي، بابا جي مقدمي جي سموري وقت ۾ حڪومت پنهنجا ڏاڍائيءَ وارا اختيار واپرائڻ سبب امان ۽ مونکي ڏڪائي ڇڏيو هو. هنن اسان کي آزاد ڪري وري هڪدم نظربند ٿي ڪيو، جنهن سبب ڪنهن به قسم جي رٿا ٺاهڻ ممڪن نه هو. 1978ع جي پهرين ڪجهه مهينن ۾ مونکي هر هر نظربند رکيو ويو. ائين ٿي لڳو ته حڪومت کي به ڄاڻ نه هئي ته آئون اچان پئي يا وڃان پئي.

جنوريءَ جي وچ ڌاري امان ۽ مونکي لاهور ۾ اسان جي نظربنديءَ مان ڇڏيو ويو. آئون هڪدم هوائي جهاز ذريعي ڪراچي پهتيس، جتي مونکي انڪم ٽئڪس اختياريءَ وارن اڳيان حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو هو. الزام ڪهڙو هو؟ منهنجي ڏاڏي جي ملڪيت ۽ قرض جو تفصيل ڏيڻ، جنهن تڏهن وفات ڪئي هئي، جڏهن منهنجي ڄمار چار ورهيه هئي. آئون ته هن جي وارث به ڪين هيس ۽ ڪنهن به شهري يا فوجي قانون هيٺ پنهنجي ڏاڏي جي جائداد بابت سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ آئون جوابدار ڪونه هيس. پر اختياريءَ وارن کي ان جي پرواهه نه هئي. نوٽيس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنل هو،ته ڀڃڪڙيءَ سبب منهنجي خلاف پاڻمُرادو هڪ طرفو فيصلو ڏنو ويندو. آئون 70 ڪلفٽن ۾ آڌيءَ رات جو پهتيس.

”ٺا! ٺا!“ آئو رات جو ٻين وڳي هنڌ مان ڇِرڪ ڀري اٿيس. ”ڇا آهي اهو؟“ مون سخت پريشانيءَ وچان رڙ ڪئي. چار مهينا اڳ منهنجي ڪمري ۾ ڪمانڊو جي اوچتو گهڙي اچڻ سبب مون جيڪا ڦڙڦوٽ ڀانئي هئي، حقيقت ۾ اُن مان اڃا تائين منهنجي جِند آزاد نه ٿي هئي. ”پوليس سڄي گهر کي گهيرو ڪري وئي آهي.“ دوست محمد پري کان رڙ ڪري مونکي ٻڌايو. آئون ڪپڙا بدلائي هڪدم هيٺ لٿيس.

”اسان صبح جو ستين بجي لاهور ويندڙ جهاز ۾ اوهان جي سِيٽ بُڪ ڪئي آهي. ”پوليس عملدار ٻڌايو. ”اوهان کي سنڌ صوبي مان نيڪالي ڏني وئي آهي.“

”ڇو؟“ مون پڇيو. ”آئون ته هتي اجهو هاڻي پهتي آهيان، ته جيئن اوهان جي حڪومت طرفان مڙهيل تُهمتن جا جواب ڏئي سگهان.“

جنرل ضياءَ انگلينڊ جي وزيراعظم ڪئلهان کي ڪرڪيٽ مئچ ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو آهي.“ عملدار ٻڌايو.

هڪ ڀيرو وري منهنجي وات مان ڪو لفظ ئي نه نڪتو. ”اُن عمل سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟“ مون هن کان پڇيو. ”مونکي ته اها به ڄاڻ ڪانهي، ته ڪا ڪرڪيٽ مئچ به ٿيڻي آهي.“

”چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ڪنهن به گڙٻڙ کي پسند ڪونه ڪندو. اوهين شايد اها مئچ ڏسڻ وڃو، تنهنڪري هن اوهان جي شهر نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو آهي.“ عملدار وراڻيو. ڇهين وڳي صبح جو پوليس جي پهري ۾ مونکي هوائي اڏي تي پهچايو ويو ۽ لاهور ويندڙ جهاز ۾ چاڙهيو ويو. ان ڏينهن مونکي ڪراچيءَ ۾ ڇونه روڪيو ويو هو؟

ٻه ڏينهن پوءِ لاهور ۾ مون پنهنجين ساهيڙين سان ٻنهپرن جي ماني پئي کاڌي، ته پوليس ان گهر کي گهيرو ڪري وئي. ”توکي پنجن ڏينهن لاءِ نظربند ڪجي ٿو.“ گرفتار عملدار مونکي ٻڌايو. ”ڇو؟“ مون هن کان پڇيو.

”اڄ داتا صاحب جو عُرس آهي.“ عملدار ٻڌايو- ان جي مونکي به ڄاڻ هئي، جو داتا صاحب اسان جو بزرگ ولي آهي. ”تون شايد هن جي مزار تي حاضري ڏين.“

وري آئون پنهنجي ماءَ سان گڏ نظربند رهيس. امان پنهنجن ئي سوچن ۾ ويٺي هوندي هئي، ته آئون ڪمري ۾ پَسار پئي ڪندي هيس. اسان جي ٽپال روڪي وئي هئي. اسان جو فون ڪَٽيل هو. فيبروريءَ جي شروع ۾ جڏهن مونکي آزادي ملي، ته آئون هڪدم بابا سان ملاقات لاءِ ويس، ڇوته نظربنديءَ جي انهيءَ مُدت ۾ آئون اهڙيون ٽي قيمتي ملاقاتون وڃائي ويٺي هيس. پر مون عدالت جي ڪابه شنوائي نه گسائي هئي.

جيتوڻيڪ چيف جسٽس دنيا جي اخبارن کي خاطري ڏني هئي، ته مقدمي جي ڪارروائي ”ڏينهن جي پُوري روشني ۾ ٿيندي.“ پر 25 جنوريءَ تي بابا جي شاهدي شروع ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪمري ۾ ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه هئي. دنيا کي قانوني ڪارروائي ٻُڌڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر بچا جو بيان ٻڌڻ لاءِ اتي ڪوبه ڪونه هو. عدلت جي ساڙ کان مايوس ٿي، بابا اڳواٽ ئي پنهنجا وڪيل واپس ورتا هئا. هاڻي هن بيان ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو هو، ۽ باقي ڪارروائيءَ وقت ۾ ماٺ ڪيو ويٺو هو. پنجاب جي ان چيف جسٽس ان ڳُجهي ڪارروائيءَ جو فائدو وٺندي، سنڌين خلاف پنهنجي نسلي ڪِروڌ جو اظهار ڪيو، ڇو ته بابا جو لاڳاپو پڻ سنڌ سان هو. ان ساڙ سبب بابا ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ اختياري وارن مقدمي جي ٻيهر ٻُڌڻيءَ جو مطالبوڪيو. پر اُن جو ڪو نتيجو نه نڪتو.

انهن ڏينهن ۾ مون مقدمي جي سلسلي ۾ ڪم پئي ڪيو، ته امان وري قصور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وئي هئي، جتي هن بابا بُلهي شاهه جي درگاهه تي دُعا گهري هئي. ”منهنجي مرضي آهي ته اوهان سنڌ ۾ وڃو.“ بابا ڪوٽ لکپت جيل ۾ مونکي چيو هو. ”تون ۽ تنهنجيءَ ماءُ پنجاب ۾ گهڻو وقت گذاريو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي برک ڪارڪنن کي چئو، ته اوهان جي گشت جو انتظام ڪن.“

ڪراچيءَ مان لاڙڪاڻي ڏانهن وڃڻ لاءِ سَنڀرندي مونکي ڏاڍي ڳڻتي ٿي هئي. مون بهانو ڪيو، ته آئون پنهنجن بزرگن جي مزارن تي دعائون گهرڻ لاءِ وڃان ٿي. امان مون ڏانهن ڪراچيءَ ۾ هڪ نياپو موڪليو هو، جنهن ۾ مونکي خبردار رهڻ لاءِ چيو ويو هو. ”ضياءَ کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ، نه هن تي تنقيد ڪر. پنهنجو ڌيان مهانگائي جهڙن مسئلن تي رک. اتي تنهنجي هٿ ۾ پارٽيءَ جو جهنڊو هوندو ۽ توکي ئي پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻي پوندي.“ هوءَ لڪ ڇپ ۾ ملتان وئي هئي، جتي هن ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ قتل عام ۾ مارجي ويل پورهيتن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي هئي. هن مون ڏانهن انهن خاندانن جا نالا موڪليا هئا،جن جا مرد ڀاتي گرفتار ڪيا ويا هئا. هن مونکي انهن خاندانن وٽ وڃڻ لاءِ لکيو ۽ انهن کي سندن ٻارن جي تعداد مطابق رقمون ڏيڻ لاءِ پئسا موڪليا. ”جيڪڏهن ڪارڪن اڪيلو ڪمائيندڙ آهي، ته هن جي گهر جي ائڊريس هٿ ڪر، ته جيئن سندس آزاد ٿيڻ تائين، اسين هر مهيني ڪا رقم هن جي گهر ڀاتين ڏانهن موڪلي سگهون.“ هن لکيو ۽ آخر ۾ هن صلاح ڏني ته، ”تون مرسڊيز ڪار ۾ سفر ڪجانءِ. اها ڪار مضبوط، هلڻ ۾ تِکي ۽ ڀروسي واري آهي. پنهنجي سموري پيار سان، تنهنجي امان.“

’مساوات‘ اخبار منهنجي روانگيءَ ۽ انهن شهرن جي نالن جو اعلان ڪيو، جتي مونکي وڃڻو هو. آئون 14 فيبروريءَ تي سنڌ جو پهريون گشت ڪرڻ لاءِ رواني ٿيس. مون سان گڏ هڪ تقريرون لکندڙ، هڪ صحافي ۽ ’مساوات‘ اخبار جو فوٽو گرافر هو. پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي عورت شعبي جي اڳواڻ بيگم سومرومنهنجي بچاءُ لاءِ مون سان گڏ هلي.

ٺٽو، جتي سڪندراعظم پنهنجي فوج سميت ترسيو هو ۽ حيدرآباد، جتي جي مَنگهن مان هوا گذري گهرن کي ٿڌو ڪري ٿي؛ سموري رستي تي اسان جي ڪار چؤڌاري عوام جا ميڙ هئا. ضياءَ عام سياسي جلسن تي پابندي وجهي ڇڏي هئي، تنهنڪري جتي به اسان کي وڏا گهر ٿي مليا، ته اسان اتي چؤديواريءَ ۾ اهڙا جلسا ٿي ڪيا. مون هرهڪ گهر جي ڇت تي چڙهي هيٺ پڌر ۾ عوام جي ميڙ تي نظر ٿي ڪئي ۽ چيو ٿي، ”منهنجا ڀائرو ۽ بزرگو،“ جيئن ته حڪومت مائڪروفون ۽ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي وڌي هئي، تنهنڪري مونکي وڏي سڏ ڳالهائڻو پيو ٿي. ”آئون چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو طرفان اوهان کي سلام ڪريان ٿي. هن خلاف غيرقانوني ڪارروائي عوام خلاف غيرقانوني ڪارروائي آهي.“ ٿرپارڪر، سانگهڙ جتي به ممڪن هو، مون وڪيلن جي ڪائونسلن ۽ صحافين کي پڻ خطاب ڪيا ۽ حڪومت جي بيقاعدگين ۽ بابا ۽ پيپلزپارٽيءَسان ٿيندڙ ناانصافين جي موضوعن تي تقريرون ڪيون.

سانگهڙ مان روانگيءَ کان پوءِ اوچتو فوجي لارين اسان جي ڪار اڳيان ۽ پٺيان رستو روڪي ڇڏيو. اسان کي بندوقون ڏيکاري هڪ گهر ۾ وٺي ويا، جتي اسان کي رات جو ترسايو ويو.

”اوهان کي اڳتي سفر ڪرڻ جي اجازت ڪانهي.“ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسان کي ٻڌايو.

”تنهنجو اهو حڪمانو ڪٿي آهي؟ مونکي اهو لکيت ۾ گهرجي.“ مون هن کي چيو. هن وٽ لکيت ۾ ڪجهه به نه هو.

”حڪومت هن کي رڳو اسان جي ڊيڄارڻ لاءِ موڪليو آهي.“پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ چيو، جيڪو اسان سان سفر ۾ گڏ هو. ”هلو ته اڳتي هلون.“ ٻئي ڏينهن اسين نوابشاهه ڏانهن روانا ٿياسين. جتي وڏي ۾ وڏو جلسو ٿيڻو هو. اسان جي ڪار جيئن خيرپور- نوابشاهه جي سرحد تي پهتي، ته اتي سپاهين رستو بند ڪري ڇڏيو هو. هينئر هنن وٽ لکيت ۾ حڪم هو.

18- فيبروريءَ تي مونکي نوابشاهه مان نيڪالي ڏئي، ڪراچي موڪليو ويو ۽ شهر ڇڏڻ جي منع ڪئي وئي. هڪ ڀيرو وري مون بابا سان پندرهين ڏينهن واري ملاقات گُسائي ڇڏي.

 

مارچ 1978ع ”مونکي ضياءَ جي هڪ ماڻهوءَ ٻڌايو آهي، ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڀُٽي صاحب کي موت جي سزا ڏيندي.“ ڪراچيءَ ۾ هڪ صحافي مونکي ٻڌايو. عادت مطابق مون اها ڄاڻ لاهور ۾ امان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي اڳواڻن کي پهچائي. جيتوڻيڪ مون ان ڳالهه تي ويساهه آڻڻ ڪونه ٿي گهريو، پر اهڙا اهڃاڻ هر هنڌ نروار ٿيڻ لڳا.

مارچ جي اوائل ۾ ٽن ڏوهارين کي، جيڪي سياسي قيدي ڪونه هئا، لاهور ۾ عام ماڻهن اڳيان ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. عام ماڻهن اڳيان ڦاسي! ان سزا جا اعلان سڀني اخبارن ۽ ٽيليويزن تي ڪيا ويا. اهي ڦاسيون کليل ميدان ۾ ڏيڻيون هيون، جن لا ايترا ته ڍنڍورا ڏنا ويا، ڄڻ ڪو تماشو ٿيڻ وارو هجي. اهو ڀوائتو ڏيک سڏڻ لاءِ، جنهن ۾ ڪارا ٽوپ پاتل ٽي ماڻهو ڦاهيءَ جي رَسيءَ ۾ پئي لڙڪيا. ٻه لک ماڻهو اچي مِڙيا هئا. آئون هاڻي سمجهان ٿي، ته تنهن وقت حڪومت بابا کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ کي نفسياتي طرح تيار ڪرڻ گهريو ٿي. پر مون ان کي رڳو بد سنئوڻ ليکيو. مونکي رڳو اها ڳالهه ياد رهي، جڏهن هڪ سال اڳ چونڊن جي مهم هلائيندي اصغر خان واعدو ڪيو هو ته، ”آئون ڀٽي کي اٽڪ پُل ۾ ٽنگي ڦاسي ڏيان يا بجلي جي ٿنڀي ۾؟“

عدالت جي فيصلي لاءِ ميدان تيار پئي ٿيو. سڀني سرڪاري عمارتن ۽ بئنڪن تي سادن ڪپڙن ۾ سپاهي مقرر ڪيا ويا. سپاهين سان ڀريل فوجي گاڏيون راولپنڊيءَ ۾ پهرو ڏيڻ لڳيون. سنڌ جي گهٽين ۽ رستن تي توبن واريون ٽرڪون ڦِرڻ لڳيون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ گرفتاري شروع ٿي وئي، جيڪي بيڏوهي هئا ۽ جن کي رُڳو ان لاءِ اڳواٽ سوگهو ڪيو ويو هو، ته متان بابا جي سزا جو اعلان ٻُڌي، اهي ڪا بدامني ڪن. الزام اهو هو ته ”جيئن ته تون... (نالو لکو) ڀٽو مقدمي جي فتويٰ جي اعلان تي بدامني پکيڙي سگهين ٿو،تنهنڪري توکي هن ذريعي نظربند ڪجي ٿو....“ جيڪڏهن عدالتون آزاد هيون ۽ مقدمو انصاف سان هليو هو، جيئن ضياءَ دعويٰ ڪئي هئي، ته پوءِ حڪومت کي فتويٰ جي اڳواٽ ڄاڻ ڪيئن پئي هئي؟

پنجاب مان اسي هزار، سرحد صوبي مان ٽيهه هزار ۽ سنڌ مان سَٺ هزار ماڻهن کي جهَليو ويو. سمجهه ۾ نه ايندڙ تعداد! ايترا ته گهڻا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا، جو انهن جي نظربنديءَ لاءِ حڪومت پاڪستان ۾ هر هنڌ ڪئمپون کوليون هيون. گهوڙيسواريءَ جي ميدانن کي چؤڌاري خاردار تارون ڏئي، اتي هٿياربند پهريدار بيهاريا ويا هئا ۽ راندين جي اسٽيڊيم ۾ عارضي قيد خانا کوليا ويا هئا. عورتن کي پڻ جهَليو ويو هو، جن ۾ ڪِن سان گڏ ٻار به هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org