سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 15

21 آگسٽ 1985ع تي آئون شاهه جي ميت سان گڏ پنهنجي ملڪ پاڪستان موٽيس. حڪومت ڏاڍي بيدليءَ سان لاڙڪاڻي ۾ هن کي دفنائڻ جي اجازت ڏني هئي. حڪومت شايد عوام جي اُن ناراضپي کي تاڙي ورتو هو، جنهن موجب هنن مسلمانن جي رسمن ابتڙ امان، مونکي ۽ عوام کي، بابا جي تدفين ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني هئي. پوءِ به حڪومت هڪ ڀيرو وري هڪ ٻئي ڀُٽي کي ماٺ ميٺ ۾ دفنائڻ جي هر ڪا ڪوشش پئي ڪئي.

مارشل لا اختياريءَ وارن کي ڊپ هو، ته متان عوام ڪاوڙ ۾ اچي وڏي تعداد ۾ ٻاهر نڪري پوي، تنهنڪري هنن شاهه جي ميت کي هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ کان سِڌو موئن جي دڙي ۽ اتان اسان جي خانداني قبرستان تائين هيلي ڪاپٽر ۾ پهچائڻ جو بندوبست ڪيو، جتي اڳواٽ ئي هيلي پيڊ ٺاهيل هو. حڪومت جي مرضي هئي، ته شاهه کي عوام جي نظرن ۽ ڌيان کان لڪائي ماٺ ۾ ۽ تڪڙو دفنايو وڃي.

مون انڪار ڪيو. لاڳيتن اٺن ورهين کان شاهه اُن ڌرتيءَ ڏانهن موٽڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، جتي هن اکيون کوليون هيون. مون پڪو ارادو ڪيو هو ته، هن جي آخري سفر نه رڳو سندس لاءِ، پر اسان لاءِ بامقصد ٿيڻ گهرجي. ۽ هن جي ميت انهن دروازن مان لنگهي، جن سندس بچاءُ ڪيو هو: يعني ڪراچيءَ ۾ 70 ڪلفٽن ۽ لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ. منهنجي مرضي هئي ته آئون کيس انهن ٻنين ڀرسان وٺي وڃان، جتي هن بابا ۽ مير سان گڏ شڪار ڪيا هئا. اسان جين ٻَنين ۽ تلائن ڀرسان، عوام جي وچ مان، جن جي هن پنهنجي نموني پُٺڀرائي جي ڪوشش ڪئي هئي. عوام کي به اهو حق ٿي پهتو، ته ڳڙهي خدا بخش ۾ هن کي پنهنجي پيءُ ڀرسان ويجهو دفنائڻ کان اڳ اهي پاڪستان جي هن سورهي پُٽ جي شانائتي عزت، مانُ مريادا ۽ مهانتا جو وجهه ماڻين.

”مارشل لا اختياريءَ وارن کي چئو ته کين جيڪو به ظلم ڪرڻو هجي سو مون تي ڀلي ڪن. پر آئون اها اجازت ڪڏهن به نه ڏينديس، ته منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي گهر وڃڻ ۽ اتي کيس گهر ڀاتين طرفان آخري غسل ڏيڻ جي اسلامي حق کان محروم رکيو وڃي.“ مون ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ کي چيو. جنهن جو انهن انتظامن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي مڪاني انتظاميا سان رابطو هو. نيٺ حڪومت سان ٺاهه ٿيو. اُن پٽاندر اسان کي شاهه جي ميت کي 70 ڪلفٽن ۾ آڻڻ جي اجازت نه ملي، پر اسين هن کي المرتضيٰ ۾ کڻي وڃي سگهياسين ٿي. مڪاني اختياريءَ وارن جي راءِ پٽاندر اسان جو گهر پري لاڙڪاڻي ۾ هو، جتي عوام جو پهچڻ ڏکيو هو، تنهنڪري اتي سندن هجوم گڏ نه ٿيندا، خاص ڪري آگسٽ جي جهنم جهڙي گرميءَ ۾.

فوج پڪي بندوبست خاطر سنڌ صوبي ڏانهن ايندڙ سڀني رستن کي بند ڪري ڇڏيو. بسن، ٽرڪن، ريل گاڏين ۽ ڪارن کي روڪي سندن جهَڙتي ورتي هئي. سنڌ ۾ فوج کي خبردار ڪيو ويو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي سندن گهرن ۾ نطربند رکيو ويو. ڪراچيءَ جي هوائي اڏي کي گهيرو ڪيو ويو ۽ سپاهين سان ڀريل ٽرڪون، جن ۾ خودڪار هٿيار هئا، شهر جي وڏن رستن تي پئي هليون. ڪنهن به هنگامي کي روڪڻ واسطي ۽ عوام کي ريجهائڻ لاءِ حڪومت مارشل لا جي خاتمي جي تاريخ جو پڻ اعلان ڪيو. زيورچ مان ادا جي لاش سان گڏ منهنجي پاڪستان ڏانهن روانگيءَ جي ڏينهن شام جو ضياءَ جي ٿاڦيل وزيراعظم محمد خان جوڻيجي اعلان ڪيو، ته مارشل لا ڊسمبر ۾ ختم ڪيو ويندو.

ڪاريون پَٽيون، ڪاريون شلوارون، قميصون ۽ چُنيون. اسين ٿوريءَ دير لاءِ ڪراچي ترسياسين ۽ پوءِ سنگاپور جي هوائي جهاز مان لهي، موئن جي دڙي ڏانهن  پڇاڙڪي سفر لاءِ ننڍڙي چارٽرڊ فوڪر جهاز ۾ چڙهياسين. جيئن شاهه جي ڏولي، جنهن تي ڪالعدم پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو پيل هو، جهاز مان لاهي هڪ ٽراليءَ تي رکي وئي، ته 70 ڪلفٽن مان آيل اسان جي ڪيئي ملازمن روئيندي پاڻ کي اُن مٿان اڇلايو. ڪراچيءَ مان اسان جي آيل مِٽن مائٽن ۽ پاري توڙي سميعا ۽ سندس ڀيڻ پڻ ڏاڍو رنو. پوءِ اسان جو جهاز اُن اَٿاهه هُل ۽ ولولي واريءَ تدفين لاءِ اڏاڻو، جنهن جهڙي تدفين پاڪستان ۾ ڪڏهن به نه ٿي هئي.

”هلو، هلو، لاڙڪاڻي هلون. ڇا اوهان کي خبر ڪانهي، ته اڄ شاهنواز کي پيا آڻين. شاهنواز جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو جو پُٽ آهي، جيڪو جوڌو جوان آهي، جنهن پنهنجي حياتيءَ منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ ارپي. اچو. اچو. هلو ته هلون، هلو. هلو ته اڄ جوڌي جو آڌرڀاءُ ڪريون.“ منهنجي ڀاءُ لاءِ لکيل اهو سُندر نظم سڄي پاڪستان ۾ عوام جي وات تي هو.حڪومت جي ڌمڪين هوندي به ڪيترن هفتن کان ماڻهو لاڙڪاڻي ڏانهن ڌوڪيندا پئي آيا هئا، جيڪي ٻنين ۾ رهيل هئا ۽ رستن ڀرسان سمهندا هئا.

ڪارا ڪپڙا، وڌيڪ ڪارا ڪپڙا. جيئن اسان جو فوڪر جهاز صبح جو ڏهين بجين کان پوءِ موئن جي دڙي هوائي اڏي تي لٿو، ته اتي چؤطرف ڪاري رنگ جا ڪپڙا هئا ۽ ڪيترن ميلن تائين رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪارا جهنڊا ڏسڻ ۾ ٿي آيا. حڪومت جي رستا روڪ به ماتمي ڪانڌين کي روڪي نه سگهي هئي، جيڪي ڌرتيءَ جا قتل ٿيل سپوت لاءِ پنهنجو ڏک ونڊڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ سخت گرميءَ ۾ سفر ڪري اتي آيا هئا. مسلمانن تي لازم آهي ته جيڪڏهن ڪو هنن جو دشمن مري وڃي، ته سندس تعزيت ڪن ۽ جنازي ۾ شريڪ ٿين. پر ايڏن گهڻن ماڻهن جي ڪنهن کي به اميد نه هئي. اخباري رپورٽن پٽاندر اتي ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو هئا.

”الله اڪبر!“ شاهه جي ڏوليءَ کي جيئن لاهي هڪ ايمبولينس ۾ رکي، کيس برف سان ڍڪيو ويو، ته ماڻهن نعرا هنيا. شاهه جي وفات کان پوءِ سندس سَرير جي طبي چڪاس ٿي هئي. تنهنڪري هاڻي منهنجي مرضي نه هئي، ته هن سان ٻيو ڪجهه ٿئي. ”انا الله وانا عليه راجعون – اسين الله تعاليٰ جا آهيون ۽ واپس اوڏانهن وينداسين.“ ايمبويلسن جيئن هلي ته ماڻهن هٿ ٿي کڻي ميت لاءِ دعا گهري.

ستاويهن ورهين جي ڄمار ۾ شاهه جي مانائتين ۽ شاندار پڇاڙڪين رسمن بابت آئون سمجهان ٿي، ته شايد اهڙيون ڪنهن ملڪ جي صدر جون به ٿيون هُجن. هن جي ڏوليءَ پٺيان هر قسم جون ٻه هزار گاڏيون، موٽرڪارون، موٽرسائيڪلون، ٽرڪون، گهوڙي گاڏيون ۽ ڍڳي گاڏيون هيون،جن تي ڪارا جهنڊا لڳل هئا. اهو جلوس ڏهه ميل ڊگهو هو. هوائي اڏي کان وٺي لاڙڪاڻي تائين اٺاويهه ڪلوميٽر رستي تي عوام هن جي ڏوليءَ تي گلن جي ورکا ڪئي. جتان به هن جي ڏولي لنگهي ٿي، ته ماڻهن جي گوڙ مان ڪيترن ئي کيس سلام ڪيو ٿي. انهن ماڻهن جي مَٿن تي ٽِڪن واريون ٽوپيون پاتل هيون يا سندن قبيلي جي روايت پٽاندر پَٽڪا ٻَڌل هئا.

شاهه جون تصويرون ڪارن فريمن ۾ لڳل هيون، جن تي شاهنواز شهيد لکيل هو. اتي منهنجيون ۽ امان جون تصويرون به هيون.هڪ نه وسرندڙ تصوير ۾ بابا سان گڏ شاهه به هو: ”شهيد جو پُٽ شهيد،“ ان تي لکيل هو. عوام جي دلين ۾ بابا ۽ سندس مصيبتن ۽ اسان لاءِ جيڪو گهُٽيل ڏک هو ۽ جنهن جي پڌرائي ۽ ڏيکاءُ جي اجازت نه هئي. سو ڦاٽي نڪتو هو. عوام ماتم ۽ پِٽڪو ڪيو ۽ اسان جي گاڏين مٿان اُٿلي پيا ۽ ان گاڏيءَ کي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، جنهن تي شاهه جي ميت واري ڏوليءَ رکيل هئي.

سج گهڻو مٿي چڙهي آيو هو، تنهنڪري ظهر جي نماز کان اڳ گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو: ميت کي غسل ڏيڻ، خانداني ڀاتين کي مُنهن ڏيکارڻ، عورتن لاءِ گهر ۾ جنازي نماز پڙهڻ، جن کي ميت سان گڏ قبرستان ۾ڪونه وڃڻو هو، مرداني جنازي نماز پڙهڻ، جنهن جو بندوبست ويجهو فوٽبال راند جي ميدان ۾ ڪيل هو. سج لڙڻ کان اڳ ئي شاهه کي دفنائڻو هو، پر اڃا صنم ۽ مونکي سندس قبر لاءِ جاءِ ڏسڻي هئي. اسان کي بابا جي قبر واريءَ جاءِ ڳولڻ لاءِ وجهه ڪونه مليو هو. هن ڀيري منهنجي مرضي هئي، ته اهڙي جاءِ ڳوليان، جيڪا بابا جي قبر کان گهڻو پري هجي، ته جيئن پوءِ انهن ٻنهي قبرن مٿان مقبرا جوڙائي سگهان. المرتضيٰ ويجهو پهچندي ئي عوامي هجوم ديوار مثل بڻجي ويو.

”تون سِڌو ڳڙهيءَ ڏانهن هل.“ مون پنهنجيءَ ڪار جي ڊرائيور کي چيو. جيئن شاهه جي ڏوليءَ واري ايمبولينس المرتضيٰ جي پڌر ۾ پهتي، ته هو ڪوشش ڪندي اسان کي اُن زبردست هجوم مان ٻاهر ڪڍي ويو. اتان پندرهن ميل پري اسان جي خانداني قبرستان ۾ عوام جو هجوم ٿورو ڇِڊو هو، پر اُهي چؤديواري کان ٻاهر هئا. قبرستان جي کاٻي پاسي پري هڪ ڪُنڊ ۾ صنم ۽ مون گڏجي اها جاءِ ڳولي، جيڪا ڏاڏي جي قبر ڀرسان دفن ٿيل بابا جي قبر کان چڱي فاصلي تي هئي. بابا جي قبر تي فاتحا پڙهڻ کان پوءِ اسين تڪڙيون واپس المرتضيٰ ويونسين.

روڄ راڙو. ماتم. ڏک ۽ ڏُک وچان ساڻُو ٿي ماڻهو المرتضيٰ جي چؤديواري ڀَڃي نه رڳو پَڌر ۾ گهڙي آيا هئا، پر گهر ۾ به. سڄو گهر انهن ۽ اسان جي ساٿين توڙي مائٽن سان سَٿيل هو. اتي عورتون هيون اسان جا گهريلو ملازم هئا. شاهه جي ميت واريءَ بند ٿيل ڏولي اڃا تائين ڊرائينگ روم ۾ رکيل هئي، ڇو ته چؤڌاري وڏو هجوم هو. ”مهرباني ڪري اسان کي جاءِ ڏيو.“ مون ماڻهن کي هٿ ٻَڌي التجا ڪئي، جيڪي هڪ ٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. سمورو انتظام ڊانواڊول ٿيل هو.

مون شاهه جو مُنهن کي ڏيکارڻ ٿي گهريو، پر جڏهن اسان جي ملازمن ۽ پارتيءَ ڪارڪنن ڏوليءَ کي ڏاڏا جي ڪمري ڏانهن کڻي وڃڻ لڳا، جتي ميت کي غسل ڏين لاءِ مولوي ويٺو هو، ته روڄ راڙو گهڻو وڌي ويو. ڏک ۽ ڪاوڙ وچان عورتون ۽ گهريلو ملازم پڻ بيحال ٿي ويا ۽ اُهي پنهنجا مٿا ڏوليءَ تي هڻڻ لڳا. عورتن ۽ مردن جي مٿن مان رَت وهڻ لڳو. ”الله جي واسطي هنن سڀني کي پري ڪريو، نه ته اهي پان کي وڌيڪ ڦَٽي ڇڏيندا.“ مون رڙ ڪري چيو. ”شاهه جي ڏوليءَ کي هڪدم ڏاڏا جي ڪمري ۾ کڻي هلو.“

نيٺ سانت ۾ شاهه جي ميت کي مولويءَ ۽ گهريلو ملازمن غسل ڏنو ۽ کيس ڪفن پارايو. ساهه ٻُوساٽيندڙ گرمي 110 ڊگرين کان به مٿي هئي ۽ مونکي اها ئي ڳڻتي هئي، ته ميت کي تُرت دفنايو وڃي. ”شاهه جي سڄي سَرير تي چِير آهن.“ ملازمن جي هڪ ويڳاڻي ماڻهوءَ غسل ڏيڻ کان پوءِ چيو. ”مون کي نه ٻُڌاءِ.“ مون وراڻيو. پر هن ماٺ نه ڪئي. ”هن جي نَڪ تي چِير آهن، هن جي کاڏيءَ تي، هن .،..“ ”چپ ڪر.“ مون رڙ ڪئي. ”گهڻو ٿيو، هينئر هو پنهنجي گهر موٽي آيو آهي.“ منهنجو ڀيڻويو ناصر حسين منهنجي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو، ”جلدي ڪريو، دير پئي ٿئي.“ ماڻهن جي هجوم سبب اسان فيصلو ڪيو، ته شاهه جي ميت کي ڪاٺ جي مضبوط ڏوليءَ ۾ رکي قبرستان کڻي وڃجي.

مون ملازمن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته، شاهه جي ميت کي واپس ڊرائينگ روم ۾ کڻي اچن، ته جيئن ويجها مائٽ اُتي جنازي نماز پڙهن. پوءِ اوچتو مون ڏٺو ته شاهه جي ڏوليءَ کي ماڻهن جي زبردست هجوم وچان ايمبولينس ڏانهن کڻي ويا. ناصر حسين پٺيان ڀڳو. اُن افراتفريءَ ۾ مون کان به روانگيءَ جي رسم رهجي وئي. آئون به ڏوليءَ پٺيان دروازي تائين ڊوڙندي ويس.

آخري سلام، شاهنواز آخري سلام. اُهو وڇوڙو ڪيترو نه تڪڙو، ڪيترو نه ڏکائتو هو. جيئن ايمبولينس رواني ٿي ته، دل چيو ته آئون ٻاهر ڊوڙي وڃان، هن کي جهليان، ۽ شاهه کي ڪهڙيءَ به طرح واپس وٺي اچان. مون نٿي گهريو ته آئون پنهنجي ننڍڙيءَ ڀاءُ کي وڃڻ ڏيان. هاءِ گوگي، تون مون وٽ ترس. گهر جي ٻاهرئين وڏي دروازي مان جيئن ايمبولينس ٻاهر نڪري نظرن کان الوپ ٿي، ته باغ ۾ ويٺل اٽڪل پنج سئو عورتن جو روڄ راڙو هڪ ئي وقت فضا ۾ اُڀريو. منهنجو ڀاءُ سدائين لاءِ موڪلائي ويو هو.

شيعا مسلمانن جو عقيدو آهي ته، هر پيڙهيءَ ۾ هڪ ڪربلا ٿئي ٿو، يعني اهڙو الميو ٻيهر ٿئي ٿو، جهڙو پيغمبر حضرت محمد ﷺ جن جي خاندان سان سندن وفات کان پوءِ 640ع ۾ ٿيو هو.

پاڪستان ۾ به ڪيترن ماڻهن جو اهو عقيدو آهي، ته ڀٽي خاندان ۽ اسان جي حامين تي جيڪي ظلم ٿيا آهن، سي اسان جي نسل جو ڪربلا آهي. بابا کي قتل ڪيو ويو، امان تي ڏاڍ ڪيو ويو، ڀائرن تي ظلم ڪيا ويا، حامين کي تڪليفون ڏنيون ويون. پوءِ به پيغمبر جي ڏوهٽي جي پوئلڳن جيان اسان جو ارادو به ڪڏهن ڪونه لڏيو.

آئون المرتضيٰ جي دروازي جي ڏيڍيءَ ۾ ئي بيٺي هيس، ته آڳنڌ ۾ بيٺل عورتن مان هڪ عورت جو آلاپ ٻين عورتن جي روڄ راڙي ۾ اُڀريو.  جنهن ۾ ڪربلا جي الميي ڏانهن اشارو هو. ”ڏسو، ڏسو، بينظير کي، هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي ميت سان گڏ آئي آهي. هو ڪيڏو نه جوان آهي، ڪيڏو نه سُندر آهي، ڪيترو نه معصوم آهي. هو ظالم هٿان قتل ٿيو آهي. ڀيڻ جي ڏُک کي سمجهو. بيبي زينب کي ياد ڪريو، جنهن کي يزيد جي درٻار ۾ وٺي ويا هئا. بيبي زينب کي ياد ڪريو، جڏهن هن پنهنجي ڀاءُ جي سڳوري ڌَڙ سان يزيد کي بيحرمتيءَ ڪندي ڏٺو هو.

”بيگم ڀٽي جي دل جو ڇا حال هوندو، جنهن اهڙي ٻار کي ڄڻيو هو. ان کي ڏسي سندس دل ڦاٽندي هوندي، هُن جنهن کي پنهنجيءَ هنج ۾ رانديون کيڏايون هونديون. هو سندس اکين اڳيان وڏو ٿيو هو. نصرت هن کي پهريون پنڌ ڪندي ڏٺو هوندو. اها ماءُ جنهن کيس پنهنجي پيار جي ڇانوَ ۾ نپائي وڏو ڪيو هوندو، تنهن جو ڇا حال هوندو.

”مرتضيٰ کي ڏسو. هن جي ساڄيءَ ٻانهن وڍجي وئي آهي. هو پنهنجو اڌ وجود وڃائي ويٺو آهي. هو وري ڪڏهن به اڳي جهڙو نه رهندو…“

عورتن جي روڄَ راڙي، پِٽڪي ۽ سينازنيءَ سبب المرتضيٰ جي ديوارن مان رڙين ۽ دانهن جا پڙاڏا اڀرڻ لڳا. اها آخري موڪلاڻيءَ جي ڦٿڪائيندڙ دانهن هئي. آئون ويڳاڻي ٿيو واپس گهر ۾ ويس. ادا کي اسان جي بزرگن جي قبرستان ۾ دفنايو پئي ويو. آئون وڌيڪ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس.

ناصر حسين:

جنازي نماز کان پوءِ اسين جڏهن ڀٽي خاندان جي قبرستان پهتاسين، ته اتي ماڻهن جو ايترو ته ميڙاڪو هو، جو پير رکڻ جي جاءِ به ڪين هئي. جيئن ايمبولينس مان ڏوليءَ کي ٻاهر آندو ويو ته، مون وڏي اڳين ڪُنڊ کان ڪلهو ڏنو. مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي ته منهنجي پٺيان ڪير هو يا سندن ڪهڙو حال هو. آئون ته پنهنجو پاسو جهليو اڳتي پئي وڌيس. ماڻهن ڏوليءَ کي اڳتي کڻي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ته جيئن اسان تي بار گهٽ پوي.

اتي ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه هو، جيڪو اسان کي قبر تائين وٺي وڃي ها. ۽ اسان کي به اها مَت نه هئي ته اسين پاڻ ڪهڙي پاسي پيا وڃون. ڏوليءَ کي اسان ٻيڻي ڳري پئي ڀانئيو، ڇو ته اسان هڪ ٻئي سان همراهيءَ نه پئي ڪئي. ماڻهن جي اَٿاهه هجوم جي ڏَڍ تي ڏولي اسان جي ڪُلهن تي ايئن پئي جُلهي، جيئن سُکان کانسواءِ ڪا ٻيڙي لڏي ٿي. اسان جنهن جاءِ تان پير کنيو ٿي، ته اتي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو پير اچي ٿي پيو. اسين ايترو ته سُستيءَ سان اڳتي پئي وڌياسين، جو ايمبولينس کان قبرستان جي دروازي تائين ڏهه وال رستو اُڪرڻ ۾ اسان کي پنجيتاليهه يا وڌيڪ منٽ لڳي ويا.

اوچتو ماڻهن جي هجوم مان منهنجي اڳيان هڪ هٿ اڀو ٿيو، جنهن مونکي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو. مون ڏٺو ته اهو المرتضيٰ جي ملازمن مان هڪ ڄڻي جو پُٽ هو. آئون اُن هٿ پويان وڌيس ته هو ڦِري قبر جي جاءِ ڏانهن ويو. ماڻهن جو هجوم ڏوليءَ کي اُن پاسي کڻندو هليو. مون پختو ارادو ڪيو ته اُن سخت گرميءَ ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان ۾ آئون پاڻ سنڀاليندس. پوءِ به معجزو اهو ٿيو، جو ان ڌِڪ ڌِڪان ۾ ڪوبه ماڻهو ڪنهن قبر مٿان ڪِريو نه هو.

شاهه جي قبر تائين پهچندي  آئون چڪرائجي ويس ۽ منهنجون ٽنگون هڪ کڏ ۾ ڦاسي پيون. هڪ ڳوٺاڻي جَهٽ ڏيئي مونکي هڪ ڪِٽيل گلاس ۾ پاڻي آڻي ڏنو، جيڪو آئون هڪڙي ڳِيت ۾پي ويس. اُتي ايتري به جاءِ نه هئي، جو شاهه جي ميت کي ڏوليءَ مان ڪڍي اُن هنڌ رکجي ها. اسان کي ڏولي پاسيري ڪري ميت کي قبر ۾ لاهڻو پيو هو. ميت جو منهن آخري ڀيرو ڏسڻ لاءِ ماڻهن کي سَڏ ڪيا ويا، پر بينظير مونکي اُن لاءِ منع ڪئي هئي پوءِ ميت لاءِ آخري دعا پڙهي وئي ۽ ماڻهن فاتحا لاءِ هٿ مٿي کنيا. منهنجي وڃڻ وقت اتي موجود بزرگن چوويهه دعائون پڙهيون. منهنجو ڏکائتو فرض پورو ٿيو هو. اسان شاهنواز کي سندس پڇاڙڪي آرامگاهه تائين پهچايو هو.

 

پنج ڏينهن کان پوءِ مارشل لا اختياريءَ وارن مونکي جهَليو، جنهن تي مونکي ڪوبه اچرج نه ٿيو. ضياءَ جيتوڻيڪ اخبارن کي خاطري ڪرائي هئي، ته شاهه جي ميت سان گڏ واپس اچڻ تي مونکي جهَليو نه ويندو ۽ سنڌ جي وڏي وزير پڻ اهو چيو هو ته، منهنجي اچڻ ۽ واپس وڃڻ تي ڪابه پابندي نه هوندي، پر ڪاوڙيل ڪانڌين جا جيڪي هجوم فوج جون رنڊڪون اُڪري اسان سان تعزيت لاءِ لاڙڪاڻي آيا هئا، تنهن حڪومت کي ڌُونڌاڙي ڇڏيو هو. المرتضيٰ کان پري ٻنين ۾ ۽ ٻاهر رستن ۽ گهٽين ۾ ڪانڌين جا هجوم، فوتيءَ جون مذهبي رسمون نڀائڻ لاءِ لاڳيتو گڏ ٿيندا ويا هئا. تنهنڪري مونکي پڪ آهي، ته حڪومت کي بغاوت جو ڊَپُ وڪوڙي ويو هو.

اهو به سچ آهي ته ادا جي وفات سبب اهي ايترو ته لاچار ٿي پيا هئا، جو کين مارشل لا جي خاتمي جي تاريخ جو اعلان ڪرڻو پيو هو. پر نه هن موت جو ۽ نه ئي ٻين هزارن ماڻهن جي تڪليفن جو پلاند ورتو ويو هو: ”هينئر جڏهن عوام ۾ گهڻو جوش آهي، تڏهن اسان کي ضياءَ کي اقتدار تان لاهڻ لاءِ ڪو جوڳو انتظام ڪرڻ گهُرجي.“ شاهه جي تدفين کان پوءِ شام جو پيپلز پارٽيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن مونکي صلاح ڏني هئي. ٻين وري اُن ڳالهه تي بحث ڪيو هو، ته اسين حڪومت کي ڪنهن به اهڙي بهاني جو وجهه نه ڏيون، جو اها مورڳو مارشل لائي ختم نه ڪري. ڀانئجي ٿو ته ڪنهن ڏک يا ڪاوڙ ۾ به سياست وسري نٿي سگهي. ”مارشل لا ملڪ تي عذاب آهي، تنهنڪري اسان کي هر ممڪن خاطري ڪرڻ گهرجي، ته اهو تُرت ختم ڪيو ويندو.“ مون ٿڪاوٽ سبب پابنديءَ جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو. ”شاهه اهو مقصد ماڻڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي آهي. جيڪڏهن اسان هينئر ڪا هلچل هلائي، ته پوءِ اُهي اِهو چئي سگهندا ته انهن مارشل لا لاهڻ گهريو ٿي، پر کين اها نه لاهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. اسان کي اُن انديشي ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي.“

پوءِ به حڪومت طرفان ڪنهن ردعمل ڏيکارڻ تي مون ڳَڻ ڳوت ڪئي. فوتيءَ جو ٽيجهو ۽ چاليهو هن جي دفنائڻ واري ڏينهن کان شروع ٿئي ٿو. مونکي ڪابه اهڙي خاطري نه هئي، ته آئو چاليهن ڏينهن ۾ آزاد ٿينديس. تنهنڪري عالمن سان گهڻي بحث کان پوءِ اسان فيصلو ڪيو، ته چاليهي جي ڏينهن جي ڳڻپ شاهه جي دفنائڻ واري ڏينهن بدران فرانس ۾ سندس وفات واري ڏينهن کان ڪئي وڃي. ايئن ٽيجهو ۽ چاليهو ذري گهٽ گڏجي ويا هئا.

هڪ ٻئي ڀُٽي جي قبر، تازي مٽيءَ جو هڪ ٻيو دڙو. آئون پاڻ سان گُل کڻي ويس ۽ شاهه جي قبر تي اڳ ۾ رکيل ڍير گلن ۾ مون اهي به گل رکيا. اتي سوين ماڻهن سان گڏ قبرستان جي سخت گرميءَ ۾ مون مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحا پڙهي. اُن تازي پيل مٽيءَ تي نِهارڻ سان ئي دل ٽُٽي پيئي: شاهنواز.

ٽيجهي جي ٻئي ڏينهن رات جو صنم ۽ فخريءَ کي واپس ڪراچي وڃڻو هو. مون المرتضيٰ ۾ پنهنجي ڏُک سان هيڪلو گهارڻ نه چاهيندي، ساڻن گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي لاءِ اها آٿت هئي ته صنم ۽ آئون گڏ ته آهيون. پر هڪ ڀيرو وري اسان جي ذاتي ڏُک کي سياست رد ڪري ڇڏيو.

ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي هزارين حامين اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. اُن هجوم سبب اسين پنهنجيءَ ڪار تائين به پهچي نه ٿي سگهياسين. نيٺ پارٽيءَ ڪارڪنن اسان کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ وٺي، ميڙاڪي وچ مان رستو ٺاهي، ٻاهر وٺي ويا. عوام جو ايڏو ته وڏو هُجوم هو، جو انهن وچ مان 70 ڪلفٽن تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا. اسان جي ڪار پٺيان جيڪي ماڻهو جيپن ۽ موٽر سائيڪلن تي هئا، تن ٻن آڱرين سان فتح جو نشان پئي ڏيکاريو. پر هنن ڪابه سياسي نعريبازي نه ڪئي. نعرا سُرهائيءَ جو اُهڃاڻ آهن، جڏهن ته اتي هر ماڻهوءَ کي شاهه جو ڏُک هو.

70 ڪلفٽن جو باع به عوام سان سَٿيل هو. آئون اتي ويس ۽ مون عوام جا ٿورا مڃيا، جو هنن ڏک ۾ اسان جو ساٿُ ڏنو ۽ اتحاد ۽ ٻَڌيءَ ڏيکاري هئي. هنن مان ڪيترائي ڄاتل سڃاتل چهرا هئا، جن ۾ عورتون ۽ مرد به شامل هئا، جيڪي پنهنجن سياسي نظرين سبب ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ رهيا هئا. ”اسين ادا جي ويچارن سان اتفاق ڪريون يا نه، پر هو اهڙو انسان هو، جنهن ظالماڻي راڄ جو مقابلو ڪيو هو.“ مون کين ٻڌايو. ”هن جي ضمير کيس تڏهن ماٺ ڪري ويهڻ جي اجازت نه ڏني هئي، جڏهن پاڪستان ۾ ظلم جو راڄ هو.“

ٻه ٻيا نؤجوان - ناصر بلوچ ۽ اياز سمون، جن جمهوريت لاءِ پنهنجيون جانيون نڇاور ڪيون ۽ فوجي ظلم جو شڪار ٿيا، سي به منهنجا ڀائر هئا. اُهي مون سان گڏ هوندا هئا، منهنجو بچاءُ ڪندا هئا ۽ مونکي پنهنجي ڀيڻ سمجهندا هئا. ٻئي ڏينهن مون هنن جي گهر ڀاتين سان ڳالهايو. اسان سان جيئن ٻين ماڻهن 70 ڪلفٽن ۾ اچي تعزيت ٿي ڪئي، مون سوچيو ته آئون به سندن گهر وڃي ساڻن تعزيت ڪريان. انهن مائرن ۽ ڀينرن جي ڏُک ۾ شريڪ ٿيان، جن پنهنجا پُٽ ۽ ڀائر وڃايا هئا. پر آئون هنن وٽ وڃي نه سگهيس.

27 آگسٽ تي فجر جو پوليس 70 ڪلفتن کي گهيرو ڪيو. هڪ ڀيرو وري 70 ڪلفٽن کي سب جيل ڪوٺيو ويو ۽ ان چؤڌاري پوليس ۽ فوج جو پهرو مقرر ڪيو ويو، جن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا هئا. مونکي نوي ڏينهن جي نظربنديءَ جو حڪمنامو ڏنو ويو. بعد ۾ حڪومت دعويٰ ڪئي ته مون سندن چِتائن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو هو ته، آئون ’حساس علائقن‘ ۾ ’دهشتگردن‘ سان ملاقات نه ڪريان. حڪومت جن هنڌن کي ’حساس علائقو‘ سمجهيو هو، سي ملير ۽ لياري هئا. اُهي ڪراچيءَ جا ڏاڍو پُٺتي پيل غريب علائقا هئا، جتي جي رهاڪن- ناصر بلوچ ۽ اياز سمون جي گهر ڀاتين سميت ضياءَ جي حڪومت ۾ گهڻا ظلم سَٺا هئا. اها ڪا اچرج جي ڳالهه نه هئي، جو ضياءَ انهن کي ”حساس“ سمجهيو هو ۽ رڳو هُن دهشتگرديءَ جو بهانو نه واپرايو هو. جيڪڏهن دهشتگرديءَ جو مطلب اهو ورتو وڃي، ته هڪ اقليت، طاقت جي ڏَڍ تي اڪثريت کان پنهنجا ويچار مڃائڻ گهري ٿي، ته پوءِ ضياءَ ۽ سندس فوج پنهنجا وکا پڌرا ڪيا هئا.

واشنگٽن ۾ ريگن انتظاميا منهنجي نطربنديءَ تي ”هراس“ ظاهر ڪيو. ”آئيني حڪومت جوڙڻ لاءِ پاڪستان همت ڀريا اُپاءُ ورتا آهن … مس بينظير جي گهر ۾ نظربنديءَ کي ان عمل جي ابتڙ ڏٺو ويندو.“ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪ عيوضي کي اهو چوندي ٻُڌايو ويو هو. برطانوي پارليامينٽ جو رد عمل ان کان وڌيڪ سخت هو. ميمبر پارليامينٽ مئڪسن مئڊن ۽ لارڊ ايوبوري، منهنجي لاءِ ضياءَ سان ڳالهايو. پر هڪ ڀيرو وري ٽيليفون يا ٻاهرين دنيا سان ڪنهن به رابطي کانسواءِ آئون ڄڻ لاڪپ ۾ هيس. پهريان ٻٽي ڏينهن صنم ۽ ناصر مون سان گڏ هئا ۽ ساڳيءَ ريت منهنجي سئوٽ لالي به، جيڪا مون وٽ ان رات رهيل هئي ۽ غلطيءَ وچان حڪومت جي ڄار ۾ ڦاسي پئي هئي. پر 2 سيپٽمبر تي حڪومت منهنجي گهر جي انهن ڀاتين کي زوريءَ اتان ڪڍيو ۽ آئون 70 ڪلفتن ۾ بلڪل اڪيلي رهجي ويس.

ڏينهن هفتن ۾ بدلبا ويا ۽ مون ڪوشش ڪئي، ته شاهه جي موت کي قبوليان. تنهنڪري مون گهر ۾ پيل پراڻي مخزن کي ورجائي پڙهيو، پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ۽ بي بي سيءَ تان هلندڙ خبرن جو هر بليٽن ٻُڌو. هڪ هنڌ ٻَڌجي ويهڻ سبب ڏاڍي مايوسي ٿي هئي. مون تي پنهنجي ڏُک جو گهڻو بارُ هو، تنهنڪري منهنجي مرضي هئي ته آئون پاڪستان ۾ اُن وقت مان فائدو وٺان. مارشل لا لهڻ ۾ ٽن مهينن کان به گهٽ عرصو بچيو هو. تنهنڪري ضياءَ جي سياسي مخالفت کي مناسب طريقي سان منظم به ڪرڻو هو. منهنجي گرفتاريءَ کان اڳ مون چئني صوبن جي پارٽيءَ اڳواڻن سان ملاقاتن جو ارادو ڪيو هو، پر هاڻي اهي ملاقاتون رد ڪرڻيون پيون هيون.

سرڪاري اخبارن ۾ جيتوڻيڪ ڍنڍورا ڏنا پئي ويا، ته هاڻي 31 ڊسمبر تي مارشل لا ختم ڪيو ويندو، پر ضياءَ جي ڏاڍ  ڪٺورتا ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو. منهنجي آزاديءَ لاءِ لاهور ۾ جيڪي گڏجاڻيون ٿيڻيون هيون، تن تي پابندي مڙهي وئي هئي. 21 آڪٽوبر تي ايم آر ڊيءَ جا جيڪي اڳواڻَ  ڪراچيءَ جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اچڻا هئا، تن کي واپس موٽايو ويو يا وري شهر ۾ اچڻ جي کين اجازت نه ڏني وئي. گڏجاڻيءَ جي ڏينهن واريءَ رات جو ايم آر ڊيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي جيل اماڻيو ويو. پوءِ به ضياءَ پاڪستاني عوام جي نمائندي هجڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو.

سياست. سياست. سياست. مون 70 ڪلفٽن جي نظربنديءَ ۾ سياست جو وڳو ڏاڍو ڳرو ڀانئيو هو. ان سياست ڪيئن نه مونکي پنهنجي اڪثر خاندان کان پري ڌِڪي ڇڏيو هو، خاص ڪري شاهنواز کان، جيڪو هينئر لاڙڪاڻي جي مٽيءَ هيٺ دفن ٿيل هو. ”وقت ڪڍي مون وٽ اچ. تون وقت ڇو نه ٿي ڪڍين؟“ هو ڪيترائي ڀيرا مونکي لنڊن ۾ فون تي چوندو هو ۽ وري پاڻ ئي منهنجي جواب جو نقل ڪندي چوندو هو ته، ”اڙي گوگي، مونکي آمريڪا وڃنو آهي، ڊينمارڪ وڃڻو آهي. بريڊ فورڊ، برمنگهام، گلاسڪو ۾ خاص گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻو آهي…“ جيڪر آئون ٿورو صبر ۽ ويچار ڪريان ها، يا کيس وڌيڪ وقت ڏيان ها. پر پوءِ مُقدر کي ڪوبه ڦيرائي نٿو سگهي. هن جي مقدر ۾ ئي اُهو لکيل هو. پوءِ به منهنجي لاءِ اُهو مڃڻ ڏاڍو ڏُکيو ٿي پيو هو ته، هو هن دنيا مان هليو يو آهي.

اڱڻ کان پرتي هُن جو ننڍڙو ڪمرو بلڪل اهڙوئي هو، جهڙو اَٺ سال اڳ هو ڇڏي ويو هو. اسلام آباد جي هاءِ اسڪول وارو هن جو ساليانو ڪتاب اڃا تائين ڪتابن جي شيلف تي، جانبازيءَ جي ڪارنامن وارن سندس وڻندڙ ناولن ۽ اُن قرآن شريف ڀرسان رکيل هو، جيڪو بابا کيس ڏنو هو. مير جو ڪمرو به اڳي جهڙو ئي هو، جنهن ۾ هڪ ديوار تي چِي گويرا جو پوسٽر لڳل هو ۽ ميز جي خاني ۾ سندس هارورڊ وارو ساليانو ڪتاب رکيل هو.منهنجن ڀائرن جي ڪمرن کي هاڻي ڪُلف لڳل هئا. ساڳيءَ ريت منهنجي ڀيڻ، بابا ۽ امان جا ڪمرا به بند ٿيل هئا. سڄي گهر ۾ حڪومتي هٿچراند کانسواءِ ٿورن ڪلاڪن لاءِ بجليءَ جي روشنيءَ رُڳو منهنجي ڪمري ۾ هئي: هيڏي سڄي گهر جي رُڳو هڪ ڪمري ۾.

سَسئي کي ڏسڻ ۽ شاهه جي ڌيءَ کي پاڻ وٽ آڻڻ لاءِ منهنجي دل ڏاڍي  ڇِڪ ڏني، ته جيئن هوءَ پنهنجو خانداني گهر ڏسي ۽ پنهنجي ورثي جي سِکيا وٺي سگهي. هن کي پنهنجو پيءُ هرگز وسارڻ نه گهرجي، ۽ کيس سيکارجي ته سندس پيءُ ڪهڙن اصولن جي پُٺڀرائي ڪئي هئي ۽ پنهنجي ملڪ کي هن ڇا ڏنو هو. هنجو فخر ڀِريو پر ڏکائتو ورثو هو. شايد اهو سڀ مُقدر جو لِکيو هو. ”شاهه هن کي سَسئي ڇو ٿو سڏي؟“ هڪڙي ڏينهن اسين حيدرآباد ويونسين، ته ڊاڪٽر عباسي مون کان پڇيو هو.“ اُهو ڏاڍو ڏکارو نالو آهي. توکي سسئي جو داستان ياد آهي، جنهن پنهونءَ سان پيار ڪيو هو، پر منجهن وڇوڙو ٿي ويو هو. سسئي هن جي ڳولا ۾ جبل ۽ بيابان جهاڳيندي رهي. ”سسئي، سسئي“، بيابان ۾ هڪ هنڌان هن پنهونءَ جو سڏ ٻُڌو هو. پر جڏهن هوءَ اُن هنڌ پهتي، ته زمين ڦاٽي پئي۽ هوءَمنجهس پُورجي وئي. ”پر شاهه کي سَسئي نالي سان ايترو ته پيار هو، جيترو کيس پنهنجي ڌيءَ سان، تنهنڪري هن اُهو ئي نالو رکيو.

ڇا اسان کي ڪڏهن اُها به ڄاڻ پوندي، ته شاهه جي قتل ۾ ڪنهن جو هٿ هو؟ آئون 70 ڪلفٽن جي نظربنديءَ ۾ اُن ڳالهه تي سوچيندي هيس، جيڪا شاهه جي ميت کي موئن جي دڙي ڏانهن کڻي وڃڻ وقت سميعا مونکي هوائي جهاز ۾ ٻُڌائي هئي. هن چيو هو ته اُن قتل کان هڪ مهينو اڳ هڪ ماڻهو ڪراچيءَ ۾ ڪيئي اخبارن جي دفترن ۾ ويو هو ۽ هُن اتي شاهه جي تازين تصويرن جو پڇيو هو. جنهن مان هو ستاويهن ورهين جي ڄمار واري شاهه کي سڃاڻي سگهي؟

مون 22 آڪٽوبر تي صبح جو سوير بي بي سيءَ تان خبرون پئي ٻڌيون، ته منهنجو سارو جسم سِيٽجي ويو. خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪينس ۾ پوليس ريحانا کي جهَلي مٿس فرينچ قانون هيٺ تُهمت رکي آهي ته ”هوءَ هڪ فرد کي خطري مان ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي هئي. “ وڌيڪ تفصيل ڪونه ڄاڻايا هئا.

بي بي سيءَ تان ريحانا بابت اُها خبر ٻُڌڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ مون هتي جي اخبارن ۾ پڙهيو، ته مونکي شاهه جي وفات جي تحقيقات ۾ موجود هجڻ لاءِ سَمن مليو آهي. ۽ مون تي وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڪهڙو سَمن؟ مونکي ڪوبه سَمن ڪونه مليو هو. ”اهو بلڪل غلط آهي، ته آئون جاچ ۾ حاضر ٿيڻ نٿي گهران.“ مون گهرو کاتي کي خط ۾ لکيو. ”آئون اُتي حاضر ٿيڻ گهران ٿي، پر اِهو اوهان جي اختيار ۾ آهي، نه منهنجي. مهرباني ڪري فرانس جي عدالت کي ٻڌايو، ته آئون حاضر ٿيڻ گهران ٿي، پر اوهين مونکي ڇڏڻ نٿا چاهيو.“

مونکي 3 نومبر تي آزاد ڪيو ويو. ”اڄ آئون اهڙي ڏکئي سفر تي وڃان ٿي، جيڪو مونکي ڌارئين ملڪ جي عدالت ۾ وٺي ويندو، جتي منهنجي پياري ڀاءُ شاهنواز جي موت جي تحقيقات ٿيندي.“ مون پنهنجن ساٿين لاءِ بيان ڪڍيو، جيڪو مونکي عام ٽائيپ رائٽر تي ٽائيپ ڪرڻو پيو هو. هن ڀيري حڪومت سڄي 70 ڪلفٽن ۽ اُن جي ننڍي گهر جي بجلي بند ڪري ڇڏي هئي. ”جيترو به ٿي سگهيو آئون ضرور موٽي اينديس.“ مون بيان جي پڇاڙيءَ ۾ چيو. ”الله گهُريو ته آئون ٽن مهينن ۾ موٽي اينديس… کڻي اُن جا ڪهڙا به نتيجا نڪرن.“

 

آئون شاهدي ڏيڻ لاءِ جڏهن فرانس ۾ پهتيس، ته اُتي موسم ڏاڍي سُٺي هئي، پر مهنجيءَ دل ڏاڍي ويڳاڻي هئي. اها تڏهن ويتر ويڳاڻي ٿي هئي، جڏهن مونکي شاهه جي موت ۽ ريحانا جي گرفتاريءَ بابت ڄاڻ جو پتو پيو هو.

ريحانا 22 آڪٽوبر تي پنهنجو پاسپورٽ کڻڻ لاءِ ٿاڻي تي وئي. شاهه جي وفات کان پوءِ پوليس هن جو پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيو هو. ڪيترن ئي مهينن جي اڻپوري پڇا ڳاڇا کان پوءِ، جنهن ۾ ريحانا انٽرپول ۽ فرانس جي پوليس کي اهوئي ٻڌايو هو، ته جڏهن ادا موت جي ٻه واٽي تي هو، ته هن نه ڪجهه ٻُڌو هو ۽ نه ئي ڪجهه ڏٺو هو. ريحانا جي وڪيل ڏاڍا سُٺا دليل ڏنا هئا، ته سندس پاسپورٽ کيس موٽائي ڏنو وڃي. ٿاڻي تي وڃڻ کان اڳ هوءَ فرانس جي وڃڻ جي سموري تياري ڪيو ويٺي هئي. پر هن اُتي هڪڙو نئون شڪ جاڳايو.

پنهنجي پهرئين بيان تان ڦِرندي ريحانا اُن ڳالهه کي مڃيو، جنهن جي لاش جي طبي چڪاس جي رپورٽ ذريعي رُڳو پوليس کي ڄاڻ هئي، ته شاهه هڪدم وفات نه ڪئي هئي. تنهنڪري پوليس هن کان وڌيڪ پڇا ڪئي ۽ مٿس تُهمت رکي ته هن هڪ فرد کي جوکي ۾ ڏسي به سندس واهرُ نه ڪئي هئي. پوءِ پوليس هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. پاسپورٽ ملڻ بجاءِ ريحانا کي گرفتاريءَ جو وارنٽ مليو ۽ کيس نيس جي سينٽرل جيل ۾ اماڻيو ويو.

شاهه جي موت جي اُن راز ڦاٽڻ سبب گهر ڀاتين کي ويتر ڏُک وڪوڙي ويو هو. منهنجن ٻنهي ڀائرن وٽ جيڪو زهر هوندو هو، تنهن بابت شاهه مونکي ٻڌايو هو ته اُن جو اثر هڪدم ٿئي ٿو. مير جي زهر جي شيشيءَ کي فرانس ۽ سوئيز جي پوليس چڪاسيو هو ۽ شاهه جي اُن دعويٰ جي تصديق ڪئي هئي: يعني اُهو زهر جيڪڏهن پاڻيءَ ملائڻ کانسواءِ ورتو وڃي ته هڪدم اثر ڪندو. اسان سڀني لاءِ اها ڳالهه ايتري ڏکي نه هجي ها، جيڪڏهن شاهه ڪنهن تڪليف کانسواءِ هڪدم وفات ڪري ها، پر اُٽلندو انهيءَ ڄاڻ اسان جي ڏُک کي گهڻو وڌائي ڇڏيو.

پورو مهينو آئون رات جو ڀوائتا سَپنا ڏسندي هيس. ”مونکي بچاءِ!“ شاهه سَڏ ڪري چوندو هو. ”مونکي بچاءِ!“ ٻين سپنن ۾ هو مونکي سخت سيءَ سبب ڏڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ آئون هن لاءِ بلينڪٽ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي هيس. ڏينهن جو اڪثر منهنجيءَ دل ڪَچي ٿيندي هئي ۽ آئون ڊوڙي وڃي پُوئيءَ ۾ اُلٽيون ڪندي هيس. شاهه جي ڀوائتي موت چؤڌاري جيڪي اُلجهيل سوال هئا، تن اسان جو ساهه نپوڙي ڇڏيو هو. ريحانا هن جي مدد ڇو نه ڪئي هئي؟ ۽ هن هر ڀيري اهو ڇو پئي چيو، ته شاهه  آپگهات ڪيو آهي؟ خاص ڪري مسلمانن لاءِ اها ڏکائتي تُهمت آهي، جن جو عقيدو هُجي ٿو ته رُڳو الله زندگي ڏئي ٿو ۽ اهوئي موٽائي وٺي ٿو. اسان کي شاهه جي جيئرو رهڻ واريءَ خواهش جي ڄاڻ هئي. هو ڪڏهن به آپگهات نه ڪري ها ۽ اهڙو ڊگهو ۽ ڀوائتو موت ڪوبه ماڻهو راضپي ۽ سُرهائيءَ سان نه قبوليندو، جهڙو هن جو ٿيو هو.

اسان سڀنيءَ کي پورو ڀروسو ٿي ويو هو، ته شاهه کي قتل ڪيو ويو هو ۽ اسان اُن قتل لاءِ رُڳو هڪ اڻڄاڻ ماڻهوءَ کي جوابدار ڪيو. آئون ڪارلٽن هوٽل ۾ خانگي طرح پوليس جي اُن عملدار سان به ملي هيس، جنهن اُن مقدمي ۾ کؤجنا ڪئي هئي. پوليس کي پڻ روڪيو ويو هو. ”زهر بابت تون وڌيڪ ڄاڻ وٺي سگهين ٿي؟“ هن مون کان پڇيو هو. ”جسم ۾ اُن جو ذرڙو به نه مليو هو.“ مون پنهنجي طور ان بابت هر ڪا ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ مون ڳجهي نموني اُن زهر جي ڄاڻُ هٿ ڪئي، جيڪا اڃا تائين منهنجي ذهن تي ڇانيل آهي.

”جيڪڏهن اهو زهر نِج نموني ورتو وڃي، ته هڪدم اثر ڪندو.“ بيان ۾ چيو ويو. ”جيڪڏهن پاڻيءَ وغيره ملائي ورتو وڃي، ته اُن جو اثر بلڪل ڦِري ويندو. ٽيهن منٽن کانپوءِ اهڙو ماڻهو سَنتولن وڃائي ويهندو ۽ کيس مٿي ۾ سُور ٿيندو. هن کي سخت جسماني ٿڪاوٽ ۽ اُڃ لڳندي. هڪ ڪلاڪ ۾ سَرير وائڙپ ۽ ڏڪَڻ شروع ڪندو۽ ساڻس گڏ دل ۾ معدي جي چؤڌاري سُور ٿيندو. پوءِ سارو جسم سِيٽجي پوندو. مرڻ کان اڳ هن کي سخت وڍ ڀانئبا. جسم جي نِستي ٿيندڙ اُن سخت حملي مهل به اهو ماڻهو هوش ۾ هوندو. هن جو نڙگهٽ کانگهارن سان ڀرجي ويندو، جنهنڪري کيس ساهه کڻڻ لاءِ سخت ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. هن جي موت جو وقت مختلف هوندو، چئن کان سورهن ڪلاڪن ۾.“

شاهه جي موت جي اُها  ذهني ڀوڳنا سڄي ڪُٽنب ۾ پکڙجي وئي. پهرين مير جي فوزيا سان شادي ٽُٽي وئي. سسئي به اسان کان ڌار ٿي وئي. آئون جڏهن عدالت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ نيس پهتي هيس، ته ريحانا جيل ۾ هئي ۽ سسئي وري فوزيا وٽ هئي، جنهن اسان کي هن تائين پهچڻ جي اجازت ئي نه ڏني هئي. اسان جي پيڙا جو ته ڪو ڇيهه ئي نه هو، سسئي اسان جو رَت هئي. سسئي اسان منجهان هئي. هوءَ بلڪل شاهه جهڙي لڳندي هئي، خاص ڪري سنديس اکيون. هاڻي شاهه بجاءِ اسان وٽ سَسئي هئي ۽ سسئي اسان کان پري ٿيندي پئي وئي.

اسان ريحانا سان قانون پٽاندر فيصلي جي ڪوشش ڪئي: يعني سسئي سال جا نَو مهينا هُن وٽ ۽ باقي ٽي مهينا اسان وٽ رهندي ۽ هن جي تعليم جو سڄو خرچ اسين ڀرينداسين. پر ريحانا کي اُن فيصلي سان ڪوبه چاهه نه هو. هڪ ڀيرو وري اسان کي عدالت ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. پر قانوني ڪارروائيءَ به اُن پيڙا مان اسان جي جِند ڇڏائي نه سگهي.

عدالت فيبروري 1988ع ۾ امان کي اهو حق ڏنو هو، ته هوءَ هر هفتي جي پڇاڙيءَ ۾ سسئي سان ملي،  پر اُن فيصلي تي عمل ٿي نه سگهيو. سسئي کي ريحانا ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي ناناڻي گهر اُماڻي ڇڏيو هو. الاءِ هوءَ هينئر ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي؟ آئون جڏهن هن لاءِ سوچيان ٿي ته، منهنجيءَ دل ۾ درد جون سَٽون اُڀرن ٿيون. جيڪر اسان کي رڳو اها خاطري ٿئي ته هوءَ خوش آهي، تندرست آهي، کيس ڪوبه ڏک ڪونهي، پر اسان کي ڪجهه به ٻڌايو نٿو وڃي. آئون ته اهوئي سپَنو پئي ڏسان، ته هڪڙي ڏينهن سَسئي اسان وٽ ايندي. پنهنجي نالي واريءَ سسئيءَ جيان، هوءَ جبل ۽ بيابان جهاڳيندي اُن ڪُٽنب کي ڳولي لهندي، جيڪو ساڻس پيار ڪري ٿو. اسين سدائين هن جو اوسيئڙو ڪنداسين.

ٻن ورهين جي قانوني ڪارروائيءَ کان پوءِ، جون 1988ع ۾ فرانس جي عدالت فيصلو ڏنو ته جوکي ۾ ڦاٿل هڪ شخص جي واهرُ نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ريحانا تي مقدمو هلندو. اُن ڏوهه جي سزا هڪ کان پنجن ورهين تائين قيد هئي. اسان جي مايوسيءَ لاءِ عدالت اهو به فيصلو ڏنو ته، اسان اڻڄاڻ ماڻهن تي قتل جو جيڪو الزام رکيو هو، تنهن جو جوڳا ثبوت نه هجڻ سبب اُن کي بحال نٿو ڪري سگهجي. پر گهٽ ۾ گهٽ شاهه تان آپگهات جي بدناميءَ جو ٽِڪو لهي ويو هو. عدالت جي فيصلي ڏيڻ کان تُرت پوءِ بي بي سيءَ پنهنجي پروگرام ۾ ريحانا جي وڪيل پاران اُهو چوندي ٻڌايو ته، ريحانا پاڻ هاڻي مڃيو آهي ته، شاهه کي قتل ڪيو ويو هو.

سسئي کي به اسان سڀني جيان ڪڏهن به ڄاڻ نه پوندي، ته هن جي پيءُ ڪيئن وفات ڪئي هئي. جولاءِ 1988ع ۾ اسان کي ڄاڻ ملي، ته ريحانا پنهنجن مائٽن ۽ سسئي سان گڏ رهڻ لاءِ فرانس ڇڏي آمريڪا هلي وئي آهي. اها به ڄاڻ پئي ته فرانس جي حڪومت ”انساني همدرديءَ“ سبب ريحانا کي سندس پاسپورٽ موٽائي ڏنو هو. اسان جي وڪيلن جي بيانَ پٽاندر لڳو ٿي، ته ريحانا کي مارسيلز ۾ آمريڪي نائب سفير وٽان ويزا ماڻڻ ۾ به ڪا تڪليف نه ٿي هئي. اسان کي ٻڌايو ويو، ته جيڪڏهن مقدمو هليو تڏهن به اهو 1989ع کان اڳ ڪونه هلندو. پوءِ به اسان جا وڪيل شڪ ڏيکارين ٿا، ته ريحانا مقدمي جي ڪارروائيءَ ۾ حاضر رهڻ لاءِ شايد ئي فرانس موٽي.

 

پنهنجن سياسي عقيدن سبب هڪ ٻيو ڀُٽو مارجي ويو. هڪ ٻيو سياسي سرگرم ڪارڪن خاموش ٿي ويو. پر اسين اڳتي وڌندا پيا وڃون. ڏُک اسان کي سياسي ميدان مان ڪونه ڀڄائيندو ۽ نه وري جمهوريت ماڻڻ کان اسان کي روڪيندو. اسان جو الله ۾ ايمان آهي ۽ اهوئي اسان جو فيصلو ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org