سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 5

 

آڪسفورڊ جا مينارَ

 

جنوري 1980ع. المرتضيٰ ۾ اسان جي نظربنديءَ جي ٽئين مهيني منهنجي ڪَن جي تڪليف وري شروع ٿئي ٿي. ٽڪ ٽڪ جهڙا 1978ع واري شروعاتي نظربنديءَ وقت جيڪي آواز ٻُڌبا هئا، سي وري ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا.

تنهن وقت فوجي حڪومت جي اختياريءَ وارن ڪراچيءَ ۾ هڪ ڊاڪٽر موڪليو هو، جنهن تپاسڻ کان پوءِ ڪَن ۽ نَڪ جي وچ واري هڏيءَ جي سوراخ ۾ تڪليف ٻُڌائي هئي، جيڪا هر ٻئي هفتي بابا سان جيل ۾ ملاقات لاءِ هوائي جهاز ۾ سفر سبب وڌي ويئي هئي. هن منهنجي ڪَن منجهه ڪاسٽڪ سان ڏَنڀ ڏنو هو، ته جيئن ڪَنن کان نڙگهٽ ڏانهن ويندڙ ناليءَ جو مُنهن کلي سگهي. هاڻي آئون پنهنجي ڪمري ۾ وري اها ساڳي ڀُڻ ڀُڻ ڀانئيان پئي، جنهن جو زور وڌندو پيو وڃي. شهر جو ڊاڪٽر اچي تپاسي ٿو، پر آواز پوءِ به ٻُڌجن پيا. آئون اختياريءَ وارن کي چوان ٿي، ته اهو ڊاڪٽر گهرايو جنهن ڪراچيءَ ۾ منهنجي آپريشن ڪئي هئي. مونکي اچرج ٿئي ٿو، جڏهن هڪ اهڙو ڊاڪٽر آندو وڃي ٿو، جنهن کي آئون ڪونه ٿي سڃاڻان. هو شريف انسان آهي ۽ هن جو آواز آٿت ڏياريندڙ آهي. ”پريشان نه ٿيءُ، توکي گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون پيون آهن.، منهنجو ڪَن تپاسڻ وقت هو مونکي دلاسو ڏئي ٿو.

”اون!“ آئون رڙ ڪريان ٿي. ”مونکي تڪليف پئي ٿئي.“

”اهو تنهنو رڳو ويچار  آهي.“ هو جواب ۾ چوي ٿو.“ آئون تنهنجي ڪَن ۾ پيو ڏسان.“

ٻئي ڏينهن جڏهن آئون ننڊ مان سجاڳ ٿيان ٿي، ته پنهنجي ويهاڻي تي رَت جا ٽي ڦڙا ڏسان ٿي. ”تو ڪَن جي پردي ۾ سوراخ ڪيو آهي. تو اهو وارن جي ڪانٽي سان ڪيو آهي.“ ڊاڪٽر ڏسي چوي ٿو. وارن جو ڪانٽو؟ آئون وارن جو ڪانٽو ڪَن ۾ ڇو وجهنديس؟ هو نسخي ۾ ٻه دوائون لکي چوي ٿو، ته اهي آئون ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا وٺان.پر اهي گوريون مونکي سمهاري ٿيون ڇڏين. ۽ جڏهن آئون سجاڳ ٿيان ٿي. ته پاڻ کي ڏاڍي گهوماٽيل ڀانئيان ٿي. ٽئين ڏينهن اهو ڏسي امان کي سخت پريشاني ٿئي ٿي،ته آئون نه صبح جو سويل اُٿي باغ ۾ وڃان ٿي، ۽ نه کاڌي ڏانهن ڌيان ڏيان ٿي، ۽ نه ئي وري بُرش سان ڏند صاف ڪريان ٿي.هوءَ ايترو ته پريشان ٿئي ٿي، جو دوائون اڇلائي ڇڏي ٿي.

پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين سُور وڌي ۽ گهٽجي ٿو. جڏهن ته آواز وڌي وڃن ٿا. ٽَڪ، ٽَڪ، ٽَڪ، آئون سُمهي نه ٿي سگهان. سک سان ويهي نه ٿي سگهان.حڪومت جي موڪليل ڊاڪٽر ڄاڻي ٻجهي ڪَن جي پردي ۾ گهاوَ ته ڪونه ڪيو آهي؟ يا اهو ڪنهن غلطيءَ وچان ٿيو آهي؟ ٽڪ، ٽَڪ، ٽَڪ. منهنجي ڪَن مان لڳاتار آواز اچن ٿا، پر آئون پوريءَ طرح ٻُڌي نه ٿي سگهان.

آئون پنهنجو ڌيان اُن کان هٽائڻ لاءِ باغ ۾ ڏاڍي محنت ڪريان ٿي. پگهر ٽِمي منهنجي ڪَن جي پردي جي سوراخ ۾ وڃي ٿو. پُوئيءَ ۾ ڦوهاري جو پاڻي به منهنجي ڪَن ۾ ٽِمي وڃي ٿو. آئون سمجهان نٿي، ۽ نه وري ڊاڪٽر ٻڌايو هو، ته مون کي پنهنجو ڪَن خشڪ رکڻ گهرجي، ته ڦاٽل پردي واري ڪَن ۾ پاڻي وڃڻ سبب تڪليف ويتر وڌي سگهي ٿي. ٽڪ ٽَڪ، ٽَڪ.

رات جو ننڊ نه اچڻ سبب آئون المرتضيٰ ۾ پَسار ڪريان ٿي. 70 ڪلفٽن جيان المرتضيٰ تي ايترا ڀيرا ته پوليس جون چڙهايون ٿيون آهن، جو اتي هرڪا شيءِ ٽِڙيل پکڙيل آهي يا وڃائجي ويئي آهي. بابا وٽ پنهنجن بزرگن جون جيڪي قديم بندوقون هيون، سي حڪومت ضبط ڪري، باغ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ رکيون آهن ۽ اُن جي دروازي تي مُهر هنئي وئي  آهي. فوجي حڪومت جا ماڻهو هر هفتي المرتضيٰ اچن ٿا ۽ خاطري ڪن ٿا ته ڪٿي اُن ڪوٺيءَ جي مُهر سان ڪا هٿچراند ته نه ٿي آهي. اهي ماڻهو شايد سمجهن ٿا، ته انهن قديم بندوقن جي مدد سان آئون ۽ امان ٻاهر نڪري وينديونسين.

آئون هاڻي بندوقن واري ان خالي ڪمري ڀرسان لنگهان ٿي ۽ ان بليرڊ روم ۾ وڃان ٿي، جتي منهنجا ڀائر آڪسفورڊ مان آيل پنهنجي ساٿين کي راند رهڻ لاءِ هُوڪاريندا هئا. بليرڊ روم ۾ هڪ ميز تي هڪ ٿلهي چيني ماڻهوءَ جو ننڍو بوتو رکيل آهي، جنهن جي چؤڌاري ڪيترائي ٻار آهن. حقيقت ۾ اُهو ڊرائينگ روم ۾ هُجڻ کپندو هو. آئون اُن کي کڻي رکي ٿي ڇڏيان. بابا کي اُهو ننڍڙو بوتو ڏاڍو وڻندو هو ۽ هو اڪثر چرچي طور چوندو هو ته، ”مونکي ايترا ٻار هجن، جو آئون ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهيان. پر هن نئين دنيا ۾ يارهن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻي دولت گهرجي. تنهنڪري مون اوهان چئن تي ڪفايت ڪئي آهي.“

آڪسفورڊ، آڪسفورڊ، آڪسفورڊ. هو اسان سڀني کي اهوئي چوندو رهندو هو. آڪسفورڊ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ سٺي ۽ مانائتي يونيورسٽي آهي. آڪسفورڊ انگريزي تاريخ سان ڀرپور آهي. انگريزي ادب، چرچ، بادشاهت ۽ پارليامينٽ، انهن سڀني جو ڪونه ڪو تعلق آڪسفورڊ سان آهي. آمريڪي تعليم تمام سٺي آهي، پر اها هڪ نرم طريقي سان ڏني وڃي ٿي. آڪسفورڊ اوهان کي نيون نيون راهون ڏيکاريندي ۽ اوهان ۾ ضابطي جي سوچ اُڀاريندي. هن اسان جي ڄمڻ وقت ئي اهو فيصلو ڪيو هو. ڄمار ۾ سڀني کان وڏي هجڻ سبب آئون اڪيلي هيس، جنهن فوجي بغاوت جي افراتفريءَ کان اڳ ۾ ئي آڪسفورڊ ۾ تعليم پرائڻ جو اعزاز ماڻيو هو. مير آڪسفورڊ ۾ ٻئي سال جي شروع ۾ اهو تعليمي ادارو ڇڏي، بابا جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ انگلينڊ ۾ تحريڪ هلائي. جڏهن ته صنم اتي ڪڏهن به وڃي نه سگهي. بابا جي پسند جي مادر علميءَ ۾ منهنجا گذاريل ورهيه هن اڳيان وڏيءَ اهميت وارا هئا.

”ٻاويهه ورهيه اڳ آڪسفورڊ ۾ مون پيرن جا جيڪي نشان ڇڏيا هئا، تن تي توکي هلندو ڏسي مونکي ڏاڍو سُٺو لڳي ٿو.“ آئون 1973ع جو سرءُ جي مُند ۾ آڪسفورڊ پهتيس، ته تُرت ئي وزيراعظم هائوس راولپنڊيءَ مان بابا مونکي خط ۾ لکيو. ”ريڊڪلف ۾ تنهنجي موجودگيءَ تي مونکي خوشي ٿي هئي. پر جيئن ته آئون هارورڊ ۾ ڪونه رهيو هوس، تنهنڪري آئون توکي ان ساڳيءَ نظر سان ڏسي نه سگهيس. آڪسفورڊ جي هر دڳ تي اتي جي سرد پٿريلي ڏاڪڻ تي ۽ وڏن وڏن دروازن وارن علمي ڪمرن ۾ تنهنجي موجودگي، مونکي ڄاتل سڃاتل لڳي ٿي. آڪسفورڊ ۾ تنهنجو هجڻ هڪ سَپنو هو، جيڪو سچ ثابت ٿيو آهي. اسين دعاگو آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته، اهو خواب جيڪو حقيقت ثابت ٿيو آهي، ان سبب توکي پنهنجي قوم جي خدمت جو عاليشان وجهه ملندو.“

هن آڪسفورڊ ۾ جيڪو ڏاڍو سٺو وقت گذاريو هو، اهڙو شروع ۾ مونکي نصيب ڪونه ٿيو. هارورڊ ۾ مونکي ۽ مون سان گڏ رهندڙ ساهيڙيءَ کي ڌار ڌار ڪمرا مليل هئا، پر آڪسفورڊ جي ليڊي مارگريٽ هال ۾ منهنجو ڪمرو بنهه ننڍڙو هو ۽ سڀني لاءِ هڪ غلسخانو وري ڏاڪڻ هيٺان هو. اتي مون وٽ ذاتي ٽيليفون ته ڪونه هو، تنهنڪري آڪسفورڊ جي پراڻي سرشتي تي هلڻو پيو ٿي، جنهن مطابق ڪنهن به نياپي پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن ٿي لڳا. هارورڊ ۾ سُڃاڻپ هڪدم ٿي ويئي ٿي، پر مون سان گڏ پڙهندڙن مان جيڪي آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ لاءِ آيا هئا، تن کي ڳولي لهڻ ۾ مونکي ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. ان وچ ۾ بابا وٽان خط ايندا رهيا. هڪ ڀيري هن مون ڏانهن پراڻي روم شهر جي اها تصوير موڪلي، جيڪا 1950ع ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ سندس ڪمري ۾ لڳل هوندي هئي. ”آڪسفورڊ وڃڻ کان اڳ ۾ هن تصوير جي تو وٽ ڪابه اهميت ٿي نٿي سگهي.“ هن المرتضيٰ مان لکيو. ”هاڻي آئون اها تصوير تو ڏانهن موڪليان پيو، ته جيئن تون اها پنهنجي ڪمري ۾ رکين.“ مون اها ڀت تي ٽنگي ڇڏي، ته جيئن اها مونکي اهو ساندهه احساس ڏياري، جيڪو هاڻي پاڪستان جي مٽيءَ کان آڪسفورڊ جي صاف سُٿرين گهٽين تائين پکڙيل هو.

بابا مونکي ٻُڌايو هو، ته هارورڊ جي ڀيٽ ۾ آڪسفورڊ مونکي وقت تي ڪم ڪرڻ سيکاريندي. اُن سچائيءَ جي پروڙ مونکي تڏهن پئي هئي، جڏهن سياست، فلسفي ۽ معاشيات جي موضوعن تي هفتي ۾ ٻن گهربل مضمونن لکڻ لاءِ مونکي پاڻ پتوڙڻو پيو هو. هن جو اهو چوڻ پڻ صحيح هو، ته آئون آڪسفورڊ يونين ۾ شريڪ ٿيان.

آڪسفورڊ جي ڪيترين ئي قسمن جي سڀني سوسائٽين ۾، جن ۾ سماجواد، قدامت پسند ۽ آزاد ويچار سياسي انجمنون، تَرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جون انجمنون اچي وڃن ٿيون، سڀني کان وڌيڪ مشهور ”آڪسفورڊ يونين ڊبيٽنگ سوسائٽي“ هئي، اها يونين انگريز پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنس جي نموني تي 1823ع ۾ جوڙي ويئي هئي، ۽ جنهن کي مستقبل جي سياستدانن جي سکيا جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. سياستدان ٿيڻ جي مونکي خواهش ڪين هئي، جو مونکي سياسي زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ جاکوڙ جي ٿوري ڄاڻ هئي. منهنجي خواهش هئي ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ۾ ڪو عهدو وٺان، پر بابا جي خوشيءَ لاءِ آئون آڪسفورڊ يونين ۾ شريڪ ٿيس. بابا جي خواهشن جي پورائيءَ سان گڏ تقرير جي فن به مونکي پاڻ ڏانهن ڇِڪيو هو. سُٺي تقرير جي فن کي ايشيائي ننڍي کنڊ ۾ سدائين زبردست طاقت سمجهيو ويندو هو، جتي اڪثريت اڻپڙهيل هوندي هئي. مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، محمد علي جناح ۽ بابا جي ڳالهايل لفظن تي لکين ماڻهو جهُومندا هئا. آکاڻي ٻڌائڻ، شاعري ۽ تقرير اسان جي روايت جو حصو هئا. ان وقت مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي هئي، ته آڪسفورڊ يونين ۾ ماڻيل تجربو، پاڪستان جي ميدان ۾ لکين ماڻهن سامهون تقرير ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

ٽن ورهين تائين سياسيات، فلسفو ۽ معاشيات ۽ چوٿين سال واپس وڃي عالمي قانون ۽ سفارتڪاريءَ جو پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس پڙهڻ وارن ڏينهن ۾، آڪسفورڊ يونين منهنجي زندگيءَ جي اهم ۽ وڻندڙ سرگرمين جو مرڪز هوندي هئي. آڪسفورڊ جي وچ ۾ سندس باغن ۽ عمارتن، اُتي تهه خاني ۾ ان جي ريسٽورنٽ، ٻن لائبريرين ۽ بليرڊ روم مان آئون اهڙيءَ ريت واقف هيس، جيئن المرتضيٰ جي ڪمرن مان، تقريرن واري هال ۾ اسان ڪيترن ئي مقررن – جهڙوڪ عورتن جي طرفدار ليکڪا جرمين گريئر ۽ ٽريڊ يونين جي حمايتي ارٿر اسڪارگل کي تقريرون ڪندي ٻڌو. منهنجي وقت ۾ آڪسفورڊ يونين ۾ ٻه اڳوڻا انگريز وزيراعظم لارڊ اسٽاڪن ۽ ايڊورڊ هيٿ آيا هئا. تقريرون ڪندڙ شاگرد روايتي لباس پائي، ڪوٽن جي ڪالرن ۾ ڳاڙها گل هڻي، مونکي جينز بجاءِ زوري ريشمي لباس پارائيندا هئا ۽ اسين ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ رات جي مانيءَ کائڻ کانپوءِ لفظن جي جنگ ۾ جُنبي ويندا هئاسين.

قدرت اسان سان ڪهڙا نه کيڏ ٿي ڪري! تقرير بازيءَ جي وڏي ڪمري ۾ اڳوڻن انگريز سياستدانن گلئڊ اسٽون ۽ مئڪملن جي بُوتن جي پاڇي هيٺ، مونکي جنهن پهرين تقرير لاءِ چيو ويو هو، ان جو موضوع هو، ’ملڪ جي چونڊيل اڳواڻ جي معزولي فوج طرفان نه پر آئيني هجڻ گهرجي.‘ ”هن ايوان جي راءِ ۾ نڪسن ڏوهي آهي.“ اها هئي رٿ، جيڪا يونين جي صدر مونکي چيو ته اٿي پڙهه.

”اِها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، ته هڪ اهڙو شخص جنهن پنهنجي صدارت کي بچائڻ لاءِ قانون ۽ امن جي اهميت کي ضروري سمجهيو هو، تنهن پاڻ قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري، سموري ملڪ ۾ بيچيني ۽ افراتفري پيدا ڪئي آهي.“ مون پنهنجو بحث شروع ڪيو. ”پر حقيقت ۾ آمريڪي تاريخ اهڙين متضاد ڳالهين سان ڀري پئي آهي، جنهن بابت آئون اوهان کي جارج واشنگٽن ۽ سندس پيءَ جي ڳالهه ٻڌايان ٿي. جڏهن نوجوان واشنگٽن جي پيءُ کي اها ڄاڻ پهتي، ته ڪنهن سندس شاهه داڻي جي وڻ کي وڍي ڪيرائي ڇڏيو آهي، ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن پُڇڻ گهريو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي. نوجوان جارج ڏاڍي بهادريءَ سان اڳتي وڌي چيو ته، ”بابا، آئون ڪُوڙ ڪونه ڳالهائيندس. اهو ڪم مون ڪيو آهي.“ اهڙيءَ ريت آمريڪين جي شروعات هڪ اهڙي صدر سان ٿي هئي، جيڪو ڪُوڙ ڳالهائي نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي هنن جو صدر هڪ اهڙو شخص آهي، جيڪو وري سچ نٿو ڳالهائي سگهي.“

ويهن ورهين جي ڄمار جي آسان ۽ ڪامل ويساهه سان مون آمريڪي صدر خلاف سزا جوڳين تُهمتن جو وچور ڏنو، جنهن ۾ ويٽنام ۾ ڪانگريس جي جنگي اختيارن جي ڀڃڪڙي، ڪمبوڊيا ۾ ڳجهي بمباري، ٽئڪس گهٽائڻ لاءِ نائب صدارت جي ڪاغذن ۾ تاريخ جي ڦيرگهير، واٽر گيٽ جي معاملي کي لڪائڻ ۾ هٿ هجڻ ۽ سندس سيڪريٽريءَ جي ٽيپن جو پراسرار طريقي تي ميسارڻ جهڙيون تهمتون شامل هيون.

”منهنجا دوستو! غلطي نه ڪريو.“ مون پڇاڙيءَ ۾ چيو. ”اهي ڏاڍيون ڳريون ۽ ڳنڀير تهمتون آهن، نڪسن پاڻ کي لاڳيتو قاعدي قانون کان مٿانهون پئي سمجهيو آهي ۽ جيئن وڻيو اٿس تيئن ڪيو اٿس. هڪڙي انگريز بادشاهه اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري پنهنجو سِر وڃايو. جيڪو انگريزن جو آخري بادشاهه هو. اسين اهڙي سخت ته نه، پر اثرائتي سزا تجويز ڪنداسين. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن نڪسن نفسيات جي هڪ ماهر وٽ ويو، جنهن کيس چيو: جناب صدر، تون شڪ وچان  ٻين سان نفرت نٿو ڪرين، پر حقيقت ۾ ٻين کي ئي توکان نفرت آهي.“ اڄ نڪسن کي نه رڳو ڌِڪاريو پيو وڃي، پر هو پنهنجي سموري ساک وڃائي ويٺو آهي. پنهنجي ئي عوام ۾ ساک وڃائي نڪسن آمريڪي قوم جي اڳواڻيءَ جو اخلاقي اختيار وڃائي ويٺو آهي ۽ اُهو ئي نڪسن ۽ آمريڪا جو به الميو آهي.“

قانوني نقطا، ساک، اخلاقي اختيار، اهي سڀيئي جمهوري اصول، جن کي مون مغرب ۾ پنهنجي رهڻ واري زماني ۾ سچ سمجهيو هو، تن لاءِ اِهو امڪان نه هو، ته اُهي پاڪستان ۾ وڃائجي ويندا: آڪسفورڊ يونين ۾ صدر نڪسن جي ڏوهيءَ هجڻ جي ثابتيءَ واريءَ رٿ جي حق ۾ 345 ۽ ان خلاف 2 ووٽ پيا هئا. پر پاڪستان ۾ ووٽ وسيلي نه، پر بندوق جي زور تي بابا کان حڪومت کسي ويندي.

جڏهن آئون آڪسفورڊ ۾ هيس، تڏهن پاڪستان اتان گهڻو پري هو ۽ جيئن بابا اڳڪٿي ڪئي هئي، ته مون اتي جيڪي خوشيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا، سي منهنجي زندگيءَ جا ڀلوڙ سال هئا. منهنجا دوست مونکي بتيلي ۾ چاڙهي شر ويل نديءَ جو سيئر ڪرائيندا هئا ۽ ووڊ اسٽاڪ ويجهو بلينهائم محل جي ڇانودار وڻن هيٺ ساون ميدانن تي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. هفتي جي موڪل وارن ٻين ڏينهن تي اسين هئڊي رنگ جي ان ايم جي بي ۾ اسٽريٽفورڊ آن ايوان ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما ڏسڻ ويندا هئاسون، جيڪا ريڊڪلف مان گرئجوئشن تي بابا مونکي سوکڙيءَ طور ڏني هئي يا اسين ان ۾ وري لنڊن ويندا هئاسون، جتي بئسڪن روبنس جي نئين کوليل دڪان تي آئون آمريڪي آئيس ڪريم کائي، پنهنجي طلب پوري ڪندي هيس. انهن ڏينهن ۾ جڏهن هر ڪاليج، ٻيڙين جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي خلاف حصو وٺندو هو، ته اسين انهن جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسون. مردن کي ٽوپلا ۽ جيڪٽ پاتل هوندا هئا. جڏهن ته عورتون ٽوپلن ۾ گلدار ڊگهن لباسن ۾ هونديون هيون. امتحانن ۾ روايتي لباس اڇي قميص، ڪارو اسڪرٽ ۽ ٻانهن بنا ڪارو گائون پائبو هو، جنهن کي ڏسي آڪسفورڊ جا ٻيا شاگرد به اسان کي پنهنجي پاسي کان لنگهڻ وقت وڏي واڪ چوندا هئا ”شال ڀاڳ ڀلو ٿئي.“

هارورڊ ۾ ٻاهرين ملڪن جا ٿورا شاگرد هوندا هئا. ريڊڪلف ۾ انهن جو تعداد رُڳو چار هو، جن ۾ هڪ انگريز ڇوڪري به هئي، جنهن کي پرڏيهي چوڻ تي مونکي عجب ٿيندو هو، پر آڪسفورڊ ۾ گهڻا ٻاهريان شاگرد هئا. ڪرڪيٽ جو پاڪستاني رانديگر عمران خان اتي هو. اتي بهرام دهقاني تفتي پڻ هو، جنهن جو پيءُ ايراني هو. ايران ۾ انقلاب اچڻ کان هڪدم پوءِ مئي 1980ع ۾ بهرام کي قتل ڪيو ويو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيانو وڄائي اسان کي وندرائيندو هو. جيتوڻيڪ آڪسفورڊ ۾ ايشيائين کي البت پرڏيهي فرد سمجهي قبوليو ويندو هو، جيڪي ڪنهن به طبقي يا درجي ۾ ڪونه سمائبا هئا. پر سڀني انگريزن جي اها راءِ نه هوندي هئي.

1974ع ۾ آئون پنهنجي گهر پاڪستان ويس، اتي لاهور ۾ منهنجي بابا اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جتي آئون گهرڀاتين سان مليس. اتي اسلامي دنيا جو هر بادشاهه صدر، وزيراعظم ۽ پرڏيهي کاتي جو وزيرَ موجود هو، جن اٺٽيهن ملڪن، رياستن، امارتن ۽ بادشاهتن جي نمائندگي ڪئي ٿي. ڪانفرنس جي ميمبرن کي بابا جي چوڻ تي ته بنگلاديش کي سفارتي طور منظور ڪيو وڃي. مجيب الرحمٰن پڻ صدر هوري بومدين جي ذاتي جهاز ۾ اتي آيو هو. سربراهي ڪانفرنس بابا ۽ پاڪستان جي وڏي سوڀُ هئي. مجيب ڏانهن سرچاءُ جو هٿ وڌائيندي بابا انهن پاڪستاني جنگي قيدين جي واپسيءَ جي راهه کولي هئي، جن تي بنگالي اڳواڻ جنگي مقدمن هلائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون.

آئون ايشيائي سڃاڻپ جي سوچ سان انگلينڊ موٽي آيس، جتي پهچڻ شرط مونکي نسل پرستيءَ جي پهرئين واقعي جو تجربو ٿيو.

”انگلينڊ ۾ تو ڪٿي رهڻ جو انتظام ڪيو آهي؟“ اميگريشن آفيس منهنجو پاسپورٽ ڌيان سان پڙهندي مون کان پڇيو.

”آڪسفورڊ،“ مون نهٺائيءَ سان وراڻيو. ”آئون اتي پڙهان ٿي.“

”آڪسفورڊ؟“ هن پنهنجا ڀِرُون مٿي ڇڪيندي ٽوڪ مان چيو. مون پنهنجي ڪاوڙ روڪيندي هن اڳيان پنهنجيءَ سڃاڻپ جو ڪارڊ اڳتي ڪيو.

”ڀٽو، مس بينظير ڀٽو، ڪراچي، پاڪستان.“ هن ڌِڪار ڀرئي لهجي ۾ چيو. ”تنهنجو پوليس ڪارڊ ڪٿي آهي؟“

”هي وٺ،“ مون جواب ڏيندي ان تاريخ تائين مڪمل اهو پوليس ڪارڊ هن اڳيان رکيو، جيڪو انگلينڊ ۾ هر ڌارئي کي پاڻ وٽ رکڻو پوي ٿو.

”۽ تون آڪسفورڊ جي خرچ ڀرڻ لاءِ ڇا ڪندينءِ“ هن سٻاجهائيءَ سان پڇيو. دل ۾ آيو ته چوانس پاڻ سان پينسلون ۽ ٽين جو هڪڙو پيالو آندو اٿم، پر چيومانس، ”منهنجا والدين پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پئسا موڪلين ٿا. ”مون هن کي بئنڪ جو ڪتابڙو ڏيکاريندي چيو.

پر اهو گندو ننڍڙو ڪامورو مونکي اتي بيهاريو بيٺو هو ۽ هن وري وري منهنجا ڪاغذ پئي ڏٺا ۽ هڪ ٿلهي متاري ڪتاب ۾ پئي ڏٺو، جنهن ۾ ظاهر آهي ته هن منهنجو نالو ڪونه سُڃاتو هو.

”آڪسفورڊ جي تعليم لاءِ هڪڙي پاڪيءَ (پاڪستاني) وٽ ايتري رقم ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ”هن پنهنجا ڪاغذ مون ڏانهن ڌڪيندي نيٺ پُڇيو. مونکي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ آئون تڪڙا قدم کڻندي هوائي اڏي مان ٻاهر نڪري ويس. جيڪڏهن وزيراعظم جي ڌيءَ سان اميگريشن جي عملي جو اهڙو ورتاءِ آهي، ته پوءِ هنن جو ٻين پاڪستانين سان ڪهڙو ورتاءِ هوندو، جيڪي مون جيان انگريزي ٻوليءَ نٿا ڳالهائين ۽ نه مون جيان تيز تِکا آهن؟

آڪسفورڊ وڃڻ کان گهڻو اڳ بابا مونکي ان ساڙ ۽ ڪِيني بابت ٻُڌايو هو، جنهن جو مغرب ۾ امڪان ٿي سگهيو ٿي. شاگرد طور هن کي پاڻ اهو تجربو ٿيو هو. جڏهن سين ڊيئگو، ڪئليفورنيا جي هڪ هوٽل ۾ اتي جي ڪلارڪ هن کي ڪمرو ڏيڻ کان انڪري انڪار نه ڪيو هو، ته هو پاڪستاني هو، پر هُن جي چمڙيءَ جي رنگ مان هو ميڪيسڪو جو رهاڪو ٿي نظر آيو.

هن هڪ ڀيرو وري مونکي نسل پرستيءَ جي خطرن بابت ڄاڻ ڏني، جڏهن آڪسفورڊ مان لکيل منهنجن خطن ۽ گهرو حوالن ۾ مشرقي انداز بجاءِ مغربي انداز ظاهر ٿيو هو. آئون سمجهان ٿي، ته هن کي ڳڻتي ٿي پئي هئي، ته آئون شايد مغرب جي رنگينين ۾ سمائجي وينديس ۽ پاڪستان واپس نه اينديس. ”اهي (مغرب وارا) حقيقت ۾ ڄاڻن ٿا، ته تون شاگرد طور سدائين سندن ملڪ ۾ ڪين رهندينءَ.“ هن مونکي لکيو. ”هنن توکي ان لاءِ قبوليو آهي، ڇو ته اهي توکي پناهگير ڪونه ٿا سمجهن. پر هنن کي جيئن ئي ڄاڻ پوندي، ته تون هاڻي پاڪستاني يا ايشيائي ڪونه آهين ۽ هنن جي مهانِ ملڪ ۾ تو پناهه ورتي آهي، ته سندن ورتاءُ هڪدم ڦري ويندو. اهي توکي ڌڪار مان ڏسڻ شروع ڪندا. کين اها ڳالهه هرگز مناسب نه لڳندي، ته ڪاميابيءَ جي ڪنهن ميدان ۾ تون سندن مقابلو ڪرين.“

هن جون اُهي تنبيهون منهنجي سوچ ۾ ضروري نه هيون، ڇوته مون ڪڏهن سوچيو به نه هو، ته آئون پاڪستان موٽي نه وينديس. اتي ته منهنجي دل هئي. منهنجو ورثو ۽ ثقافت اتي هئي. ۽ مون اميد پئي ڪئي، ته منهنجو مستقبل سفارتڪاريءَ ۾ هو. بابا جي نگرانيءَ ۾ مون اڳواٽ ئي سفارتڪاريءَ جو ٿورو تجربو ماڻيو هو.

1973ع ۾ پاڪستان کي هٿيارن ڏيڻ تي پيل بندش لاهڻ جي سلسلي ۾ بابا جڏهن سرڪاري دؤري تي آمريڪا آيو هو، ته وائيٽ هائوس جي رات واري مانيءَ جي هڪ دعوت ۾ آئون هينري ڪيسينجر ڀرسان ويٺي هيس. سُوپ پيڻ وقت مون رڳو بي ادب ’هارور لئمپون‘ جي وچئين صفحي تي ان ويڙهيل تصوير بابت پئي سوچيو، جنهن ۾ اهو سگار پيئندڙ سيڪريٽري آف اسٽيٽس پانڊا (رڇ جهڙو جانور) جي کل جي کٿي تي ليٽيو پيو هو. اهو قيمتي پرچو مون هڪدم پاڪستان ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ سميعا ڏانهن موڪليو هو. کاڌو کائيندي مون هارورڊ ۽ ٻين غير تڪراري معاملن بابت هن سان ڪچهري ڪئي هئي، ٻيءَ رات مانيءَ جي هڪ ٻيءَ دعوت ۾ آئون ان وقت بنهه اچرج ۾ پئجي ويئي هيس، جڏهن ڪيسنجر، بابا کي ٺهه پهه چئي ڏنو هو ته ”جناب وزيراعظم، تنهنجي ڌيءَ ته توکان به وڌيڪ ڊيڄاريندڙ آهي.“ بابا اها ساراهيندڙ ٽوڪ ٻُڌي ڀرپور ٽهڪ ڏنو هو.

1974ع ۾ جڏهن بابا، جارج پامپيدو جي دفنائڻ وارين رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فرانس آيو هو، تڏهن اتي ايٽمي توانائي جي معاملي تي به پلانٽ ماڻڻ واسطي پامپيدو سان غير رسمي ٺاهه ڪيو هو. هاڻي هن اهو ڄاڻڻ گهريو ٿي، ته پامپيدو جو جانشين ان بابت ۾ ڳالهين کي اڳتي به وڌائيندو يا نه. ”تنهنجي ويچار ۾ هاڻي صدر ڪير ٿيندو؟“ بابا هڪ رات دوستن سان گڏ ماني کائيندي مون کان پڇيو. ”جيسڪا ديستان،“ مون فرانس جي سياست جي پنهنجي شاندار اڀياس پٽاندر وراڻيو، جيڪو اُن وقت مون ڪرائيسٽ چرچ ۾ پنهنجي استاد پيٽر پلسر جي رهنمائي ۾ پئي ڪيو. خوشقسمتيءَ سان منهنجو جواب صحيح ثابت ٿيو، ڇوته هينري ڪيسنجر ۽ آمريڪا جي گهڻي زور تي به صدر ديستان ٺاهه کي قائم رکڻ قبوليو.

ٽي سال اڳ بابا جڏهن اسان سڀني ٻارن کي ڪميونسٽ رياست جي اڀياس لاءِ چين موڪليو هو، تڏهن اتي منهنجو اهڙو اندازو صحيح ثابت ڪونه ٿيو هو. چين جي وزيراعظم چو اين– لائي سان ملاقات ڪرڻ وقت هن مون کان پڇيو هو، ته منهنجي ويچار ۾ آمريڪا جو ايندڙ صدر ڪير ٿيندو. مون خاطريءَ سان وراڻيو هو ته ”جارج مڪگورن“. ان تي هن چيو ته کيس آمريڪي ذريعن مان ڄاڻ ملي آهي، ته ايندڙ صدر، رچرڊ نڪسن ٿيندو. پر مون وري به ”مڪگورن“ جو نالو ورتو هو. ”تون جڏهن آمريڪا واپس وڃين، ته مون ڏانهن پنهنجا تاثر لکي موڪلجانءِ،“ چو اين لائي مونکي چيو. ان تي مون وري به مڪگورن جو نالو ورتو هو. شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ منهنجي سياسي سياڻپ جو اهو حال هوندو هو.

وري جڏهن 1976ع جي سرءُ جي مند ۾ آئون هڪ سال جو پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس پڙهڻ لاءِ آڪسفورڊ موٽي ويس، تڏهن منهنجو ڌيان پنهنجين صدارتي چونڊن ڏانهن گهڻو هو، جن ۾ وڌيڪ سوڀ ٿي ٿئي. جتوڻيڪ منهنجي مرضي اها هئي، ته تعليمي دنيا کي ڇڏي آئون جلد سفارتڪاريءَ جي نوڪريءَ ۾ شامل ٿيان. پر بابا جي گهڻي خواهش هئي، ته سندس ٻارن وٽ وزيراعظم جو اولاد هجڻ سبب ڪنهن به نوڪريءَ ماڻڻ لاءِ ٻيڻي تعليمي لياقت هجي، ته جيئن ڪير به هن تي يا سندس اولاد تي طرفداريءَ جو الزام هڻي نه سگهي.

منهنجو ڀاءُ مير مرتضيٰ آڪسفورڊ ۾ پنهنجي پهرئين سال ۾ هو ۽ مون سان وڌيڪ وقت گڏ رهڻ ٿي گهريو. پر آڪسفورڊ ۾ هڪ ٻيو سال رهڻ جو وڌيڪ فائدو مونکي آڪسفورڊ جي يونين جي صدارت لاءِ بيهڻ جي رُوپ ۾ مليو هو. ڪيترن ورهين تائين مون يونين جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ خزانچيءَ طور ڪم ڪيو هو ۽ ان جي صدارت جي پهرئين ڪوشش ۾ مونکي ناڪامي ٿي هئي. هن ڀيري آئون سوڀاري ٿي هيس. ڊسمبر 1976ع ۾ منهنجي سوڀ حقيقت ۾ ان ”مٿين شاگردن جي ڪلبن“ کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو، جتي رڳو ڏهه ورهيه اڳ عورتن کي مٿي گئلري ۾ به وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ جتي اڃا به ميمبرن جوتعداد ستن مردن جي مقابلي ۾ هڪ عورت هئي. ان سوڀ سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو، پاڻ بابا کي به حيراني هئي.

”چونڊن ۾ هڪ ڌر کي کٽڻو ۽ ٻي کي هارائڻو پوي ٿو.“ آمريڪا ۾ 1976ع جي صدارتي چونڊن کان ٿورو وقت اڳ، جن ۾ جمي ڪارٽر هٿان جيرالڊ فورڊ کي شڪست ملڻي هئي. بابا مونکي خط ۾ لکيو. ”توکي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي آهي. پر نتيجي کي شانائتي نموني ۾ قبولڻ گهرجي.“ هڪ مهينو پوءِ بابا وٽان بلڪل ٻئي قسم جو نياپو آيو هو. ”آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“ هن جي تار ۾ لکيل هو. ”تو نهايت سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. تنهنجي شاندار سوڀ لاءِ اسان طرفان دلي واڌايون بابا.“

صدر طور منهنجو ٽماهي مُدو جنوري 1977ع ۾ شروع ٿيڻو هو. موڪلن ۾ جيئن ئي آئون ۽ مير، هوائي جهاز ۾ پنهنجي گهر پاڪستان پئي وياسون، ته منهنجي افق تي ڪوبه لڙاٽ ڪونه هو.

ٻئي ڏينهن پوءِ المرتضيٰ ۾ بابا جي جنم ڏينهن جي جشن ۾ هن جي صلاحڪارن مان ڪنهن هڪ مونکي چيو، ”هلي ضياءَالحق سان مل.“ ۽ پهريون ۽ آخري ڀيرو آئون اُن ماڻهوءَ سان سِڌو مليس، جيڪو ڇهه مهينا پوءِ بابا جي حڪومت کي ڊاهي، کيس موت جي مُنهن ۾ موڪلڻ وارو هو.

مون ٻُڌو هو ته اُن عهدي تي ڪنهن کي ترقي ڏيڻ ۾ ڪي ڏکيائيون سامهون آيون هيون، تنهنڪري بابا جي تجويز ڪيل فوج جي چيف آف اسٽاف سان ملڻ جو مونکي شوق هو. ان اعليٰ عهدي لاءِ ٻين ڇهن جنرلن کي ريٽيو ويو هو، ڇوته فوجي ڳجهي اداري جي ذريعن انهن جي ڪردار مان ڪَنڊا ڪڍيا هئا، ته اهي شراب پيئن ٿا، رنڊيباز آهن، سندن وفاداري شڪي آهي. جنرل ضياءَ ۾ به ڪي خاميون هيون. هن لاءِ افواهه هئا ته هن جا هڪڙي بنياد پرست تنظيم، جماعت اسلاميءَ سان لاڳاپا آهن، جنهن پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ جيڪا ملڪ تي غير مذهبي اڳواڻن بدران مذهبي اڳواڻن جي حڪومت ڏسڻ گهري ٿي. هن لاءِ اسان جي ملڪي سفيرن مان هڪ جي راءِ اها به هئي، ته هو ننڍڙو چور پڻ آهي.

پر گهڻيون ڳالهيون ضياءَ جي فائدي ۾ هيون. اسان جي ڪيترن ئي فوجي عملدارن جي ڀيٽ ۾ هُو اوڀر پاڪستان جي رتوڇاڻ جي الزامن کان آجو هو، ڇو ته گهرو لڙائي جي ڏينهن ۾، هُو ملڪ کان ٻاهر ويل هو. اها پڻ ڄاڻ هئي ته فوج ۾ هن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. چونڊ جي انهي ڊگهي ۽ ورچائيندڙ ڪارروائيءَ ۾ ٻيو ڪوبه معيار ايترو اهم ڪونه هو. جڏهن فوج جي سڀني ادارن ضياءَ جي فائدي ۾ راءِ ڏني، تڏهن بابا هن کي چونڊيو. ”شهري حڪومت کي ڪڏهن به فوج تي پنهنجي راءِ مڙهڻ نه گهرجي. ضياءَ ڀلي سڀني جهونن عملدارن ۾ شامل نه هجي، پر فوج جا جوان هن کي پسند ڪن ٿا.“ بابا چيو. ۽ 5 جنوري 1977ع تي المرتضيٰ ۾ آئون هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان منهان منهن مليس، جيڪو اڳتي هلي اسان سڀني جي زندگين ۾ وڏيون ڦيريون آڻڻ وارو هو.

مونکي ياد پوي ٿو، ته هن کي ڏسڻ سان آئون ڇرڪي وئي هيس. هڪ سپاهيءَ بابت منهنجي جيڪا ٻاراڻي سوچ هوندي هئي، ته هو جيمز بانڊ جي فولادي ڏَؤرن سان ڊگهو ۽ کهرو شخص هوندو، پر منهنجي اڳيان جيڪو جنرل بيٺو هو، سو قد جو بندرو، ڏسڻ ۾ پريشان ۽ بي اثرائتو ٿي ڏٺو، جنهن جي تيل لڳل وارن جي وچ ۾ سِينڌ نڪتل هئي. هو اتساهه ڏياريندڙ فوجي اڳواڻ بدران انگريزي ڪارٽون جو وِلين ٿي نظر آيو. ساڳئي وقت هو مونکي ڏاڍو خوشامديءَ ۽ چاپلوس ٿي لڳو، جنهن هر هر اهو پئي چيو، ته ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي مهانَ انسان جي صاحبزاديءَ سان ملي مونکي وڏي عزت ملي آهي بابا بيشڪ ڪنهن ٻئي اثرائتي شخصيت واري جنرل کي چيف آف اسٽاف ڪري ٿي سگهيو. پر مون بابا کي ڪي به ڪين چيو.

”آئون وڌيڪ زرعي سڌارن جو اعلان ڪرڻ وارو آهيان.“ هن جي جنم ڏينهن شام جو اسان المرتضيٰ جي باغ ۾ سير پئي ڪيو، ته بابا مون کي اعتماد ۾ وٺندي چيو. ”۽ آئون مارچ ۾ چونڊن ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪريان ٿو. آئين مطابق اهي چونڊون آگسٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، پر آئون اوسيئڙو ضروري نٿو سمجهان. اسان آئين هيٺ جيڪي جمهوري ادارا جوڙيا آهن، سي برقرار آهن ۽ پارليامينٽ ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي ڪم ۾ رُڌل آهن. عوام کان اختيار ملڻ سان هاڻي اسين سولائيءَ سان ملڪي سڌارن جي ٻئي ڏاڪي تي عمل ڪنداسون: جهڙوڪ ملڪ جي صنعتي بنياد ۾ واڌارو، نوان ٽيوب ويل کوٽي جديد زراعت بنائڻ، زرعي ٻج جي گهڻي ورڇ ۽ زرعي ڀاڻ جي پيداوار....“ پسار ڪندي هن ڪيترائي ويچار ظاهر ڪيا ۽ هڪ جديد ۽ پاڻ ڀري پاڪستان جو ويچار ويجهي ۾ ويجهو ٿيندو ويو.

هن جا ڪيترائي سُڌارا شروع ٿي ويا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تنظيمي جدوجهد ۾ غريب عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، تن جي شروعات ڪجهه جاگيردارن کان زمينون وٺي، ماڻهن ۾ ورهائي ڏيڻ سان ٿي ويئي هئي. بابا پنهنجن اجتماعي اقتصادي پاليسين تي به عمل شروع ڪري ڏنو هو؛ جن مطابق هن ڪيترين ئي اهڙين صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي انهن جي نفعي کي ملڪ تي خرچ ڪيو، جن تي پاڪستان جي ٻاويهن خاندانن جي هڪ هٽي قائم هوندي هئي. هن جي حڪومت انهن مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪئي، جيڪي صنعتي مالڪن وٽ ملازم هوندا هئا. هن پورهيتن کي پنهنجي يونين ٺاهڻ لاءِ همٿايو، صنعتي انتظاميا ۾ هنن کي نمائندگي ڏني ۽ مستقبل لاءِ نفعو ڏياريو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهي سڀئي ڳالهيون پهريون ڀيرو ٿيون هيون.

ڳوٺاڻن علائقن جي ڪيترن ئي هنڌن تي بجلي پهچائي ويئي هئي. مردن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ پروگرام ٺاهيا ويا هئا ۽ غريبن لاءِ نوان اسڪول کوليا ويا هئا. شهرن جي ڪچن ميدانن تي پارڪ ۽ باغ لڳي ويا هئا ۽ جتي اڳي پيچرا هوندا هئا، اتي پڪا رستا ٺاهيا ويا هئا، ته جيئن صوبن جي وچ ۾ اچ وڃ جي سهولت وڌي. چين سان هڪ ٺاهه هيٺ هندوڪش جبلن مان هڪ نئون وڏو رستو کوٽي ڪڍيو پئي ويو، جيڪو سڌو وڃي چين جي سرحد سان ملندو. بابا پاڪستاني عوام کي جديد خوشحالي ڏيارڻ جو پڪوپهه ڪيو هو.

”هن نئين رستي تي منهنجو گڏهه تِرڪي پوي ٿو.“ بلوچستان ۾ هڪ هاري، بابا کي دانهن ڏني. ”آئون توکي ڀلوڙ گڏهه ڏيکارينديس، جيڪو تنهنجي ڀاڄي ۽ سامانَ جو ٽيڻو بار کڻي تيزيءَ سان مارڪيٽ ۾ پهچائيندو.“ بابا هن کي خاطري ڏياريندي چيو. ٻئي هفتي هن هاريءَ ڏانهن جيپ ڏياري موڪلي.

بابا جي مخالفت بيشڪ هئي. هو انهن صنعتڪارن کي بنهه ڏٺي به نه وڻندو هو، جن جي ذاتي ملڪيتن کي هن قومي ملڪيت ۾ ورتو هو. نه وري اُهي زميندار هن کي پسند ڪندا هئا، جن جي زمينن کي هن انهن هارين ۾ ورهايو هو، جيڪي انهن زمينن تي يارهن نسلن کان پورهيت ٿي رهيا هئا، ۽ جن کي رڳو پاڻ وٽ ان فصل جو اڌ رکڻ جي اجازت هوندي هئي، جيڪو هو پاڻ اپائيندا هئا. جماعت اسلاميءَ جي رُڪنن، جيڪي گهڻو ڪري ننڍا دڪاندار هئا، انهن بابا جي سماجي سڌارن، خاص ڪري گهر کان ٻاهر ڪم ڪندڙ عورتن ۽ عورت– مرد جي ويڇي ميسارڻ جي قانونن خلاف آواز اٿاريو. بابا جي ملڪي ٻَڌيءَ ۽ مضبوطيءَ جي نيتيءَ ان مفاد پرست ٽولي کي ڪاوڙائي وڌو، جن ملڪ کان جدا ٿيڻ گهريو ٿي؛ بلوچستان ۽ سرحد صوبن جا علحدگي پسند، جن آزادي ٿي گهري، قبائلي سردار جن پنهنجن لکن پوئلڳن سان مرڪزي حڪومت جو نه، پر پنهنجو ذاتي قانون لاڳو رکڻ ٿي گهريو.

حقيقت اها آهي ته 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ وقت اُهي جيڪي سڀيئي طبقا موجود هئا، انهن جو 1977ع ۾ به وجود قائم هو؛ مرڪزي حڪومت جا مخالف علائقائي سوچ رکندڙ، اشتراڪين خلاف سرمايدار، تعليم يافتا ۽ روشن ضمير سوچ رکندڙن خلاف جاگيردار ۽ سردار، پنجاب جي شاهوڪار ماڻهن خلاف مفلس صوبن جا عوام، نئين سوچ ۽ فڪر جي حامين خلاف بنياد پرست ۽ انهن سڀني کان مٿي وري هڪ طاقتور طبقو فوج جو هو، جيڪو پاڪستان جو اڪيلو منظم ۽ مضبوط ادارو هو.

ڪجهه مغربي سياسي تجزيو ڪندڙن ۽ پاڪستاني فوج جي ماڻهن جو چوڻ هو، ته اهڙي ڇڙواڳ ۽ ڊانوانڊول آباديءَ لاءِ، جنهن ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد ۽ سالياني آمدني تمام گهٽ آهي، جمهوريت ممڪن ئي ڪانهي. پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهو ته هڪ ٻئي سان ڳالهائي به نٿا سگهن، ڇو ته هر علائقي جي ٻولي ۽ ريتون رسمون جدا جدا آهن. اهڙي آباديءَ کي رُڳو فوجي حڪومت ئي سِڌو رکي سگهي ٿي. پر بابا سوڀ سان جمهوري حڪومت جوڙي، جنهن ۾ فوجي طاقت جي ذريعي نه، پر چونڊن ذريعي فيصلو ٿيو ٿي ته ’ملڪ جي اڳواڻي ڪير ڪندو‘ جهڙي نظريي کي غلط ثابت ڪيو. 1977ع جي سال شروع ٿيڻ وقت ڪنهن جي سوچ ۾ به نه هو، ته هن جي حڪومت کي مارچ ۾ ٻيهر ڪونه چونڊيو ويندو.

جڏهن بابا پاڪستان ۾ چونڊن ڪرائڻ جي تياري پئي ڪئي، ته آئون واپس آڪسفورڊ وڃي يونين ۾ تقريرن جا مقابلا ڪرائڻ لڳيس. صدر طور مون جيڪو پهريون تقريري مقابلو ڪرايو، تنهن جو موضوع هو ”سرمايداري جي سوڀ ٿيندي.“ ان لاءِ مون يونين جي اڳوڻي صدر ۽ کاٻيءَ ڌر سان تعلق رکندڙ نهايت عزت لائق پاڪستاني طارق عليءَ کي دعوت ڏني، ته ان جي مخالفت ۾ تقرير ڪري. اتر–ڏکڻ ورهاڱي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هڪ ٻئي تقريري مقابلي جو موضوع هو، ’مغرب ٽين دنيا کي نقصان پهچائي گهڻو وقت سلامت رهي نٿو سگهي‘.

جڏهن پاڪستان ۾ نون جماعتن جو ميڙ، جن ۾ علائقائي، مذهبي بنياد پرستن ۽ صنعتڪارن جون جماعتون شامل هيون ۽ جنهن کي پاڪستان نيشنل الائنس سڏيو ويو، پاڻ ۾ متحد ٿيو هو، تڏهن مون پنجين تقريري مقابلي جو بندوبست پئي ڪيو. آڪسفورڊ يونين ۾ روايتي طرح اهو هڪ مزيدار مقابلو هو، جنهن جو موضوع هو ته ”هي ايوان خوشيءَ ۾ جهومڻ بدران ڏُکارو رهندو.“ سموري مقدس تقريري ڪمري ۾ پهريون ڀيرو راڪ موسيقيءَ جو پڙاڏو ٿيڻ لڳو، جڏهن ميگڊيلن ڪاليج جي ٻن دوستن گڏجي اوچي آواز ۾ يونين بابت ”جيسز ڪرائيسٽ سپر اسٽار“ جي ڌُن ۾ هڪ گيت ڳايو ۽ پوءِ مونکي پنهنجن ڪُلهن تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪتا هئا.

وري جڏهن آئون آڪسفورڊ يونين جي صدر جي آفيس کي هلڪي نيري رنگ ڏيارڻ ۽ تقريري پروگرامن جي دعوتنامن کي (پاڪستاني جهنڊي جي رنگن) سائي ۽ اڇي رنگ ۾ ڇپائڻ جي ڪم ۾ رُڌل هيس، تڏهن پاڪستان ۾ اصغر خان، پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اڳواڻ ۽ پاڪستان هوائي فوج جي اڳوڻي سرواڻ اعلان ڪيو هو، ته مخالف اتحاد مارچ چونڊن جي نتيجن کي نه مڃيندو، ڇوته انهن ۾ ڪُوڙا ووٽ هلندا. ان الزام تي مون ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، ڇوته مونکي ڄاڻ هئي، ته بابا چونڊن جي ان طريقي تي عمل ڪندو، جيڪو سڀني جمهوري ملڪن ۾ آهي ۽ هن اعليٰ عدالتن جي اختيار هيٺ اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ٽربيونل ۽ چونڊن جا قانون ٺاهيا آهن، ته جيئن خاطري ٿئي ته چونڊون صاف ۽ شفاف، انصاف ۽ ايمانداريءَ سان ٿي سگهن. پر اصغر خان جي اها عجيب حڪمت عمليءَ ٿي لڳي، جنهن ۾ هن ملڪ جي ماڻهن کي ان لاءِ تيار پئي ڪيو، ته چونڊن ۾ پ.ڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڻٽر سوڀ کي مڃڻ کان انڪار ڪن.

چونڊن جي مهم ۾ ان وقت وڌيڪ مونجهارو پيدا ٿيو، جڏهن اميدوارن جي رجسٽريشن جي آخري تاريخ 18 جنوري تائين انهن سڀني تڪن ۾، جتي بابا ۽هن جا وزيراعليٰ چونڊون وڙهيا ٿي، پاڪستان قومي اتحاد پنهنجو ڪو هڪ به اميدوار ڪونه بيهاريو هو. مون انگلينڊ ۾ جڏهن اها خبر پڙهي، ته مونکي ڏاڍو عجب لڳو هو، ته اهي وزيراعظم ۽ چئن صوبن جي وڏن وزيرن کي مقابلي بنا ڇو ٿا ڇڏين؟ شايد ان ڪري ته پاڪستان قومي اتحاد جي اميدوارن کي ڄاڻ هئي، ته اهي بابا کي هارائي ڪونه سگهندا. تنهنڪري هنن اهڙي خواريءَ کان بچڻ لاءِ اهو ڪيو هو. پر اهو ويچار ڏاڍو عقلمنديءَ وارو ثابت ٿيو. سندس وضاحت نه رڳو کِل جهِڙي هئي پر اخبارن ۾ نمايان طور ڇپي.

”اسان کي رجسٽر ٿيڻ کان روڪيو ويو ۽ ڀڄايو ويو.“ مخالف ڌر رڙيون ڪيون ۽ دعويٰ ڪئي ته سندن اميدوارن کي آخري تاريخ گذرڻ تائين پوليس سوگهو ڪري رکيو هو. هنن جي انهن الزامن تي مون کي انگلينڊ ۾ کِل پئي آئي. مونکي پورو ويساهه ئي نه پئي آيو، ته پاڪستان قومي اتحاد جي اميدوارن کي ڪو ڀڄايو ويو هوندو نه وري چيف اليڪشن ڪمشنر اهو الزام مڃيو. جنهن ثبوت نه هجڻ سبب هنن جا اهي الزام رد ڪري ڇڏيا هئا. جيڪڏهن هنن کي ڀڄائي لڪايو ويو هو، ته اها سندن ئي کيڏ هئي، پر اهو سندن هوشياريءَ وارو داءُ هو. پاڪستان ۾ مختلف سببن خاطر اغوا جون وارداتون عام هيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو ويچار هو، ته پاڪستان قومي اتحاد جي اها دعويٰ اجائي آهي.

انگريزي اخبارن ۽ پڻ پاڪستاني اخبارن ۾، جيڪي هر هفتي منهنجا والدين مون ڏانهن موڪليندا هئا ۽ ايشيا مان نڪرندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ مون چونڊ مهم جون خبرون ڏاڍي ڌيان سان پڙهڻ شروع ڪيون. پاڪستان قومي اتحاد هاڻي وڌيڪ ناراضپو ۽ غير ذميداري پئي ڏيکاري. ڀٽي تي ڪوبه ويساهه ڪري نٿو سگهجي. مخالف ڌر رڙيون ڪرڻ لڳي: ”هاڻي هن جو ارادو آهي ته هر ماڻهوءَ جي ذاتي گهر کي قومي ملڪيت ۾ وٺان ۽ هر عورت جا زيور ۽ جواهرَ ضبط ڪريان. ڀٽو شاهوڪار ماڻهو آهي ۽ هن جو عوام سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هنن ٽوڪبازي ڪئي: ”هو ولايتي سُوٽ ۽ اطالوي بوٽ پائي ٿو ۽ اسڪاچ وسڪي پيئي ٿو.“

ايوب خان جي وزيرن به اهو ساڳيو الزام مَڙهيو هو. بابا تنهن وقت کين جيڪو جواب ڏنو هو، اُهو ٻُڌي مونکي خوشي ٿي هئي، ڇوته هو سچو انسان هو ۽ هن ڪڏهن به نِجي ڳالهيون عوام کان ڪونه لڪايون هيون. ”آئون انڪار نٿو ڪريان، ته روزانو اڙهن ڪلاڪ ساندهه ڪم کانپوءِ آئون ورلي ٿورو پيئندو به آهيان، ”هن لاهور جي هڪ عام جلسي ۾ هُنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو. ”پر ٻين سياستدانن جيان آئون عوام جو رَتُ ڪونه ٿو پيان.“ چونڊن جي نتيجي تي مونکي ڪڏهن به شڪ ڪونه ٿيو. پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ نه وڏا ماڻهو هئا ۽ نه وري سڳورا. انهن مان گهڻا ته بابا کان به ڄمار ۾ وڏا هئا ۽ پنهنجو وقت گذاري چڪا هئا. هنن بابا جهڙي اعليٰ تعليم نه پِرائي هئي ۽ نه وري وٽن حڪومت ۽ عالمي سفارتڪاريءَ جو هن جهڙو گهڻو تجربو هو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ بابا اهڙو اڪيلو فرد هو.

فوجي جنرلن جي حڪومت ۾ مجموعي طرح اهم ماڻهو سياست ڏانهن راغب ڪونه ٿيا هئا. طاقت جو مرڪز سول انتظاميا ۽ فوج هوندي هئي يا وري صنعت. بابا جي مخالفن مان ڪيترائي ننڍڙا ۽ صوبائي ذهنيت رکندڙ ماڻهو هئا، جن جي ڄٽپائي پاڪستان کي ماضيءَ ۾ ناڪام ڪيو هو ۽ هاڻي وري آئندي به ڪندي. هنن جا ڪُوڙ ڏينهون ڏينهن بيهودا ٿيندا ويا. اصغر خان ته اها به دعويٰ ڪئي، ته ڀٽو اهڙو خراب مسلمان آهي، جنهن کي هاڻي ڄاڻ پئي آهي ته روزانو پنج نمازون ڪيئن پڙهجن. مونکي پنهنجين اکين تي ويساهه ئي نه پئي اچي سگهيو، جڏهن مون اهو الزام فيبروريءَ ۾ ”فارايسٽرن اڪانامڪ رِويو“ ۾ پڙهيو. مون پنهنجي گهر ۾ اڪثر پنهنجي والدين سان گڏجي نماز پڙهي هئي. پر ان الزام جو بابا جيڪو منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو، اهو به مونکي ڏاڍو وڻيو. جڏهن هڪ صحافي هن کان پڇيو ته، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جو اڳواڻ ياسر عرفات اوهان سان ملڻ لاءِ ڇو پيو اچي، ته بابا ٽوڪ هڻندي چيو، ”هو مونکي نماز سيکارڻ لاءِ پيو اچي.“

”نظام مصطفيٰ“ جو نعرو هڻي ان ٽولي جي اڳواڻن سياسي مقصد ماڻڻ لاءِ مذهب کي ڏاڍي بيشرمائيءَ سان واپرايو هو. ”پارٽيءَ خلاف ووٽ ڏيڻ جو مطلب ٿيندو ته اوهان الله خلاف ووٽ ڏنو،“ جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ هڪ ڳوٺ ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو. ”پاڪستان قومي اتحاد کي ووٽ ڏيڻ هڪ لک ورهين جي عبادت برابر آهي.“

پر مخالف ڌر جي ڪجهه سمجهدار اڳواڻن کي پوري ڄاڻ هئي، ته اهو مذهبي معاملو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري هنن ان کان پاسو ڪيو هو. اها اجائي مذهبي ڇيڙڇاڙ ڪندي به هنن سڀني کي پوري ڄاڻ هئي، ته اسلام سان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي وابستگيءَ تي ڪوبه حرف نٿو آڻي سگهجي. بابا ئي هو جنهن 1973ع ۾ ملڪ کي پهريون اسلامي آئين ڏنو هو ۽ هن ئي پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت جوڙي هئي. هن جي ئي حڪومت جي زماني ۾ سرڪاري طرح قرآن ڪريم جو مڪمل صحيح مَتن ڇپايو ويو. حج تي ويندڙ ماڻهن جي تعداد تي اڳوڻين حڪومتن جي وڌل پابندي لاٿي ويئي، پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ مذهبي تعليم اسلاميات لازمي ڪئي ويئي هئي. بابا جي حڪومت ٽيليويزن تي عربي ٻوليءَ جا پروگرام ڏيکارڻ شروع ڪيا، ته جيئن پاڪستاني قرآن شريف جي ٻولي سِکي سگهن. ۽ رويت هلال ڪاميٽي جوڙي هئي، ته جيئن رمضان مهيني جي شروع ۽ ختم ٿيڻ ۾ ڪو مونجهارو نه ٿئي. بابا جي حڪومت اُن ڳالهه تي زور آندو هو، ته ريڊ ڪراس جو نالو ۽ نشان بدلائي هلال احمر رکيو وڃي، ته جيئن اهو ادارو عيسائيت بدران اسلام سان جُڙيل رهي.

مخالف ڌر جي انهي مهم ۾ بنيادپرستيءَ جون اهي ڳالهيون پڙهي آئيون ايتري پريشان نه ٿي هيس. منهنجو ويچار هو ته اڪثر عوام کي ڄاڻ هئي، ته بنياد پرستن جي ٻُڌايل شريعت لاڳو ٿيڻ سان انساني حقن ۽ اقتصادي ترقيءَ جا جيڪي هنن فائدا ماڻيا هئا، سي وڃائي ڇڏيندا: مثال طور بئنڪ جو نظام ختم ڪرڻو پوندو، ڇوته اسلامي تعليم هيٺ نفعي وٺڻ کي وياج سڏيو ويو آهي ۽ عورتن کان اها آزادي ڦُري ويندي، جنهن لاءِ کين بابا همٿايو هو.

هن عورتن لاءِ فارين سروس، سول سروس ۽ پوليس سروس جي راهه کولي هئي. هُن عورتن جي تعليمي واڌاري لاءِ اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي اعليٰ عهدي تي هڪ عورت کي رکيو هو، ۽ هُن سنڌ جي گورنر لاءِ هڪ عورت کي ٿاڦيو هو ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر هڪ عورت ٿي هئي. ٽيليويزن تي عورتن کي پهريون ڀيرو خبرون پڙهندي ڏٺو ويو.

هن ته امان کي به ملڪي ڪمن ۾ ڀرپور حصي وٺڻ لاءِ همٿايو هو. 1975ع ۾ گڏيل قومن طرفان عورتن جي جيڪا عالمي ڪانفرنس ميڪسيڪو شهر ۾ ٿي هئي، ان ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي هن ڪئي هئي. مونکي ان وقت ڏاڍو فخر ٿيو هو، جڏهن هوءَ ڪانفرنس جي وائيس پريزيڊنٽ چونڊي ويئي هئي. هاڻي هوءَ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصي وٺڻ واري هئي، جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو، ته بابا جو رَويو انهن عورتن لاءِ ڪيترو نه همٿائيندڙ هو، جن سياست ۾ حصو ٿي ورتو.

پر چونڊن جو ڏينهن جيئن ويجهو آيو، ته پاڪستان قومي اتحاد جا پاڪستان پيپلزپارٽيءَ تي حملا سخت ٿيندا ويا. اصغر خان چيو ته 8 مارچ تي آئون حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان پيپلزپارٽيءَ جي انهن اڳواڻن کي قيدي ڪئمپ ۾ موڪليندس، جيڪي مونکي نٿا وڻن. هن بابا کي مارڻ جون ٻٽاڪون به هنيون هيون.

”آئون ڀٽي کي اٽڪ جي پل تي ٽنگي ڦاسي ڏيان؟ يا آئون ڀٽي کي لاهور ۾ بجليءَ جي ٿنڀي ۾ لڙڪائي ماريان؟“ مخالف اڳواڻ چيو هو. حقيقت ۾ ان ڳالهه مونکي لوڏي وڌو هو. افواهه هئا ته اصغر خان جا مائٽ فوج ۾ ننڍا عملدار هئا، جن 1974ع ۾ حڪومت تي قبضي جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. ڇا هن فوج ۾ وري ڦوٽ ٿي وڌي؟

پر آڪسفورڊ ۾ مون اهو ئي پئي سوچيو. بابا پاڪستان ۾ جمهوريت آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. پر لڳو ٿي ته جمهوريت ۾ پاڻ کي ضابطي هيٺ رکڻ جي جيڪا گهُرج آهي، ان مان سڀئي ماڻهو واقف ڪونه هئا. ڪراچيءَ جي هڪ پاڙي ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اميدوار ڀتين تي اشتهار هڻايا هئا، جن ۾ ڏيکاريل هو ته بابا مشين گن سان پاسي ۾ بيٺل ٻار کي قتل پيو ڪري.

”مخالف ڌر جو ورتاءُ گهڻو خراب رهيو آهي، ايتريقدر جو مون جهڙي غير سياسي فرد کي به خبردار رهڻو پوي ٿو.“ فيبروري ۾ ڪراچيءَ مان اسڪول جي هڪ ساهيڙي پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هو.... ”هاڻي ته اڳي کان به وڌيڪ سڄي ملڪ سمجهيو آهي، ته اسان کي تنهنجي بابا جي ڪيتري نه گهرج آهي. الله نه ڪري، پر جيڪڏهن ڪنهن ٻي حڪومت واڳون سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ته آئون سمجهان ٿي ته اها اسان جي قوم کي تباهه ڪري ڇڏيندي.“

چونڊن جي رات آئون ڪرائيسٽ ڪاليج سامهون مير جي ڪمري ۾ ويس ۽ فون ڀرسان انتظار ۾ ٿي ويٺيس. لنڊن ۾ پاڪستان جي سفير ۽ بابا جي هڪ وزير واعدو ڪيو هو، ته جيئن ئي چونڊن جا نتيجا مليا، ته اسين اوهان کي اطلاع ڪنداسين. مير اندازو ڪري پئي ٻڌايو، ته پيپلزپارٽي قومي اسيمبليءَ جون 150 کان 156 تائين نشستون کٽيندي. فون جي گهنڊڻي وڄڻ تي ڄاڻ پئي ته بابا جو فون آهي. هن جو آواز گهُٽيل هو. هن ٻڌايو ته پيپلزپارٽي 200 نشستن مان 154 نشستون کٽيون آهن. ”مبارڪون هجن بابا. اوهان سبب آئون ڪيتري نه خوش ٿي آهيان.“ مون فون ۾ دانهن ڪندي چيو. پيپلزپارٽيءَ جي سوڀ سبب مونکي جيترو جوش آيو هو، اوتروئي چونڊن جي ڇڪتاڻ کان آجي ٿي ويئي هيس. ايئن ڪونه ٿيو هو.

اڳ ڏنل ڌمڪيءَ مطابق پاڪستان قومي اتحاد دعويٰ ڪئي، ته قومي چونڊن جي نتيجي ۾ ڦيرڦار ڪئي ويئي آهي؛ تنهنڪري هنن ٽن ڏينهن کانپوءِ صوبائي اسيمبليءَ جي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ ڇڪتاڻ وڌي ويئي.

اوچتو سڄي ڪراچيءَ ۾ نوجوانن جا جَٿا اسڪوٽرن تي ڊوڙڻ لڳا ۽ سئنيمائن، بئنڪن، شراب جي دڪانن ۽ انهن گهرن کي، جن تي پيپلزپارٽيءَ جا جهنڊا لڳل هئا، باهيون ڏيڻ لڳا. هڪ گهر کي باهه ڏيئي اتي رهندڙ تيرهن ڀاتين کي ساڙيو ويو ۽ جڏهن منجهانئن عذاب ۾ ڦاٿل هڪ ڀاتي پاڻي گهريو، ته غنڊن هن جي وات ۾ پيشاب ڪيو. پيپلزپارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن کي ڦاسي ڏني ويئي ۽ کيس بجليءَ جي ٿنڀي ۾ ٽنگيو ويو، جنهن جو لاش پوليس اچي لاٿو. پيپلزپارٽي جي ڪيترن ئي وزيرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي موت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ سندن ٻارن کي اسڪولن مان اغوا ڪرڻ جا دڙڪا ڏنا ويا هئا.

ڪراچيءَ ۾ ڀَوء ۽ ڊَپُ پکڙجي ويو هو. آئون روز صبح جو پنهنجي ٽپال جي دٻي مان پاڪستاني اخبارون کڻڻ کان اڳ سينٽ ڪئٿرائين ڪاليج جي ڪامن روم ۾ وڃي انگريزي اخبارون ڏسندي هيس. مير ۽ آئون انهن اخبارن کي پڙهڻ ۾ جُنبي ويندا هئاسين ۽ اسان کي ويساهه ئي ڪونه ايندو هو. اسان آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ جمهوريت ڏٺي هئي، جتي سياسي مخالفن وچ ۾ اهڙي غنڊاگردي ۽ دهشتگرديءَ جو نالو نشان ڪونه هو. پاڪستان قومي اتحاد جي انهن تدبيرن اسان کي ڊيچاري ڇڏيو هو ۽ انهن جي نتيجن بابت اسان جا شڪ شبها وڌڻ لڳا هئا. اهو ظاهر هو ته پاڪستان قومي اتحاد کي چونڊن ۾ ڪابه دلچسپي ڪين هئي. لڳو ٿي ته هنن جي انهن لاڳيتن هنگامن اهڙي راهه ورتي پئي، ته جيئن ملڪ ۾ فوجي حڪومت ٺهي سگهي. فوج کي بنيادي اهميت هئي، پر فوج جي وفاداريءَ تي شڪ جو ڪو سبب ئي نه هو. بابا فوج ۾ ڏاڍو مقبول هو ۽ هن ڇهن وڏن فوجي عملدارن کي ريٽي ضياءَ کي فوج جو سربراهه بڻايو هو، تنهنڪري لڳو ٿي، ته بابا جي ضياءَ به پُٺڀرائي ڪندو. اسان جي تهذيب ۾ پنهنجي مربيءَ ۽ مهربان سان بيوفائي نه ڪبي آهي. پر اصغر خان فوج کي پنهنجي پاسي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پنهنجو اهو خط هر طرف موڪلي ڏنو، جنهن ۾ فوج کي حڪومت تي قبضي لاءِ لکيو هو. پر ان جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. مورڳو بري، بحري ۽ هوائي فوجن جي سربراهن هڪ بيان ڪڍي، بابا جي چونڊيل حڪومت جي پُٺڀرائي ڪئي. پاڪستان قومي اتحاد جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي هئي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽن هفتن جي هنگامن کانپوءِ پاڪستان قومي اتحاد لاهور ۾ هنگامن ۽ ڦرمار جي ڪوشش ڪئي. هڪ ڀيرو وري ويهن کان ٽيهن ماڻهن جا جٿا اسڪوٽرن تي موڪليا ويا، جن بازار ۾ دڪانن تي پٿر اڇلائي، دڪاندارن کي ڊَپُ ڏياري، پنهنجا دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. غنڊن ڪٿي ڪٿي بئنڪن ۽ بسن تي پيٽرول هاري باهه ٿي ڏني ۽ پوءِ هڪدم اتان ڀڄي ٿي ويا.

آڪسفورڊ ۾ اخبارن پڙهڻ کانپوءِ مونکي ۽ مير کي پاڪستان قومي اتحاد کان سخت نفرت ٿي، جن هنگامن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جمهوريت مطابق مات مڃڻ بدران انهن پراڻي ذهنيت جي سياستدانن دهشتگردي ۽ افواهن پکيڙڻ تي زور رکيو. ”بيگم ڀٽو پنهنجا سُوٽ ڪيس کڻي هلي ويئي آهي.“ پاڪستان قومي اتحاد هڪ افواهه اهڙو به پکيڙيو.“ ڀٽو به جلد هن پٺيان ويندو.“

بابا کي پيپلزپارٽيءَ جي قوت جي گهڻي خاطري هئي. هن صوبائي چونڊن ڪرائڻ جي نئين تاريخ ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن انهن ۾ پاڪستان قومي اتحاد کي اڪثريت ملي، ته پوءِ ٻيهر عام چونڊون ڪرايون وينديون. پر پاڪستان قومي اتحاد جي اڳواڻن ته مورڳو هن سان ويهي ڳالهائڻ کان به انڪار ڪيو. هنن کي رُڳو بابا جي استعيفيٰ جي گهُرج هئي. ظاهر آهي ته جمهوري طريقي سان ڪرايل چونڊن ۾ وڏي اڪثريت ماڻڻ کانپوءِ حڪومت ۾ اچڻ سبب هن انڪار ڪري ڇڏيو.

پاڪستان قومي اتحاد جون دهشتگرديءَ واريون حرڪتون آڪسفورڊ ۾ مون تائين به پهچڻ لڳيون. مارچ جي پڇاڙيءَ ڌاري هڪڙي ڏينهن آئون جڏهن بوڊلين لائبرري مان واپس موٽيس، ته اسڪاٽلينڊ يارڊ جي هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي اوسيئڙي ۾ ڏسي مونکي ڊپ ٿيو هو. ”مس ڀٽو، آئون توکي ڊيڄارڻ نٿو گهران، پر اسان کي اهڙيون خبرون مليون آهن، ته توکي ڪو جوکو رَسي سگهي ٿو،“ انگريز عملدار مونکي ٻڌايو.

مونکي پڪ ٿي ته ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جو اسڪاٽلينڊ يارڊ وارن ايترو پري آڪسفورڊ ۾ ڪو ماڻهو موڪلي منهنجي ڀلائيءَ جي ڳالهه مون تائين پهچائي هئي. تنهنڪري اُن ڏينهن کان جونَ مهيني تائين، جنهن ڏينهن مون آڪسفورڊ ڇڏي، آئون سندن ڏنل هدايتن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندي رهيس. مثال طور ڪار جي دروازي کولڻ کان اڳ اُن هيٺان ڏسندي هيس، ته ڪا ٺڪاءِ ڏئي ڦاٽڻ واري شيءِ ته رکيل ڪانهي. ڪُلف کي چڪاسيندي هيس، ته متان ان سان ڪنهن هٿ چراند ته نه ڪئي آهي. اسڪاٽلينڊ يارڊ جي هدايتن مطابق آئون پنهنجي اچ وڃ جا وقت به ڦيرائيندي رهيس. جيڪڏهن منهنجو ڪلاس ڏهين بجي لڳندو هو، ته آئون ان لاءِ جلدي ساڍي نائين بجي يا وري دير سان نَوَ لڳي پنجونجاهه منٽن تي ويندي هيس. آئون اڄ به سلامتيءَ جي انهن اپائن تي عمل ڪريان ٿي، جيڪي اسڪاٽلينڊ يارڊ مونکي سيکاريا هئا.

اپريل جي شروع ڌاري پاڪستان ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن ۾ ٿوري ماٺار آئي هئي. لڳو ٿي ته اهي فساد ختم ٿي ويا هئا. پر اتان پهتل خبرن مان پتو پيو، ته انهن نئين ۽ منحوس صورت ورتي هئي.

منهنجي ساهيڙي سميعا لکيو ته، ماڻهن وٽ ٻُڪ ڊالرن جا اچي ويا آهن ۽ اهي نوڪريون ڇڏيو پيا وڃن. منهنجي سئوٽ فخري ۽ هن جي ٻين ڄاڻ سڃاڻ وارن جي نوڪرن به اهو ئي ڪيو. ”پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن ۾ شامل ٿيڻ سبب اسان کي سُٺو پگهار ملي ٿو،“ نوڪرن هنن کي ٻڌايو هو. هن اهو پڻ لکيو هو، ته مارچ کان آمريڪي نوٽن جي گهڻائيءَ سبب چور بازار ۾ ڊالرن جي قيمت ٽيهه سيڪڙو ڪِري پئي آهي. ڪراچيءَ ۾ خانگي بسن ۽ لارين جي ڊرائيورن هڙتال ڪئي ۽ ڪارخانن ۾ ملازمن جي نه پهچڻ سبب اتي ڪم جي رفتار گهٽجي ويئي. پر اُهي ساڳيون بسون ۽ لاريون پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن ۾ ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ موجود هيون.

ايشيائي ماڻهن جو سدائين بغاوتي نظرين ڏانهن جهُڪاءُ رهيو آهي. پر بابا ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ٻين ميمبرن کي پورو ويساهه هو، ته افراتفريءَ جي ان صورتحال ۾ آمريڪا جو هٿ آهي. مون پاڻ اهو سمجهيو هو. جڏهن لارين جا ڊرائيور هڙتال تي ويا هئا ۽ معاشي ابتري جي حالت ساڳي چليءَ جهڙي هئي، جڏهن اتي سي آءِ اي جي آڀارڻ تي فوج، صدر آلندي ۽ هن جي جمهوري طريقي تي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو. اسان جي جاسوسي ادارن، آمريڪي سفارتڪارن ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي ميمبرن وچ اڪثر گڏجاڻين جون خبرون ڏنيون هيون.

پاڪستان قومي اتحاد جي ڪرايل هڙتالن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ اثرن تي پڻ شڪ هو. بابا جڏهن اقتدار ۾ آيو هو، تڏهن کيس ڄاڻ پئي هئي ته 1958ع ۾ آمريڪين سخت ڳجهه ڳوهه ۾ پاڪستاني فوج سان مشقون ڪري، هنن کي اها سکيا ڏني هئي، ته هڙتال ذريعي حڪومت کي بي اثر ڪيئن ڪبو آهي. انهن مخفي مشقن کي ’وهيل جام آپريشن‘ سڏيو ويو هو. هاڻي پاڪستان قومي اتحاد وارن ملڪي هڙتال جو سڏ ڏنو هو: ’آپريشن وهيل جام‘

مونکي اهو ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو، ته پاڪستان جي جمهوري طريقي سان چونڊيل حڪومت کي آمريڪا ڊاهڻ ۾ رُڌل آهي. پر مونکي هينري ڪيسنجر جي اها راءِ ياد ٿي آئي، جيڪا هن 1976ع جي آرهڙ ۾ پاڪستان اچڻ وقت بابا کي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڏني هئي. ان وقت مسئلو اهو هو ته بابا، فرانس کان ائٽمي ريپروسيسنگ پلانٽ وٺڻ لاءِ ڳالهين جو پختو ارادو ڪيو هو، ڇو ته ان پلانٽ سبب پاڪستان کي ان وقت توانائي ملي ها، جڏهن تيل جي چوٽ چڙهيل قيمتن، مغربي شاهوڪار ملڪن جي اقتصادي حالتن تي به خراب اثر وڌو هو. هوڏانهن ڊاڪٽر ڪيسنجر به انهن ڳالهين نه ڪرڻ لاءِ بابا کي سمجهائڻ جو پختو ارادو ڏيکاريو هو. لڳي ٿو ته آمريڪي حڪومت سمجهيو ٿي، ته ان پلانٽ ذريعي ائٽمي صلاحيت، جنهن کي بعد ۾ ’اسلامي بم‘ چيو ويو هو، ماڻي ويندي، جيڪا آزاد دنيا جي بهترين مفادن جي بلڪل خلاف هئي.

اُها گڏجاڻي سوڀاري نه ٿي هئي ۽ جڏهن بابا واپس گهر موٽيو، ته هو ڏاڍو ڪاوڙيل ٿي لڳو. ”هينري ڪيسنجر مون سان ڏاڍي آڪڙ ۽ اَڍنگي نموني ڳالهايو آهي.“ هن مونکي ٻُڌايو. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽس صاف چيو هو، ته ريپروسيسنگ پلانٽ جو ٺاهه آمريڪا کي قبول ڪونهي. اهو ٺاهه رد ڪرڻ گهرجي يا وري کيس ڪيترن ئي ورهين تائين روڪيو وڃي، جيستائين ائٽمي صلاحيت بدران ڪا ٻي ٽيڪنالاجي هٿ نه اچي. اُن گڏجاڻيءَ ۾ هينري ڪيسنجر بابا کي ذهين مُدبر سمجهي، سڄڻ طور چتاءُ ڏنو ته: فرانس سان ان ٺاهه تي ٻيهر ويچاريو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ ان جي ’خوفناڪ نتيجي جو عبرتناڪ مثال‘ قائم ٿيندو.

هاڻي اُها گفتگو مونکي ذهن ۾ سمائجي وئي هئي. جيتوڻيڪ ٽي مهينا اڳ جمي ڪارٽر آمريڪا جو صدر بڻيو هو ۽ هينري ڪيسنجر جي جاءِ تي سائرس وانس هاڻي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هو، پر آمريڪي انتظاميا ۾ ڦير گهير جو مطلب اهو ڪونه هو، ته آمريڪا جي سڀني اقتداري ادارن ۾ تبديلي ٿي هئي. مون سياسيات جو ست ورهيه اڀياس ڪيو هو، جنهن پٽاندر مونکي ڄاڻ هئي، ته سي آءِ اي خودمختيار ادارو هو ۽ سندس حڪمت عملي ڪا رات وچ ۾ ڪين ٺهي هئي.

ڇا اُها هنن جي حڪمت عملي هئي، ته جيڪڏهن اُهي بابا کي ريپروسيسنگ پلانٽ جو ٺاهه رد ڪرڻ لاءِ راضي نٿي ڪري سگهيا، ته پوءِ مورڳو منجهانئس ڇوٽڪارو ماڻين؟ ڇا بابا مقرر تاريخ کان پورو هڪ سال اڳ چونڊن جو اعلان ڪري، بيخيالي ۾ سندن هٿ مضبوط ڪيا هئا؟

سي آءِ اي وٽ بابا بابت جيڪا مڪمل ڄاڻ هئي، سا آئون ويچارن ۽ سوچن ۾ ڏسي پئي سگهيس: هي اهو ماڻهو آهي، جنهن ويٽنام جنگ هلندي آمريڪي نيتيءَ خلاف ڳالهايو هو؛ جنهن ڪميونسٽ چين سان باقاعدي لاڳاپن کي وڌايو هو، جنهن 1973ع جي جنگ ۾ عربن جي پُٺڀرائي ڪئي هئي ۽ ٽين دنيا جي ڪانفرنس ۾ وڏين طاقتن کان آزادي ماڻهن جي وڪالت ڪئي هئي. ڇا هو ايترو مغرور ٿيندو پيو وڃي؟ جاسوس هڪ ٻي ڳالهه پڻ ٻڌائي. اها اسلام آباد ۾ ٻن آمريڪي سفارتڪارن وچ ۾ ٿيل گفتگو جي ٽيپ هئي. ”پارٽي ختم ٿي ويئي؛ هو به هليو ويو؛“ هڪڙي سفارتڪار بابا جي حڪومت جو حوالو ڏيندي چيو هو. ”سائين، پارٽي ختم ڪانه ٿي آهي.“ بابا قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي انهن کي جواب ڏنو هو. ۽ ”اها اوستائين ختم نه ٿيندي، جيستائين مون هن عظيم قوم لاءِ پنهنجو مقصد نه ماڻيو آهي.“

انهي وچ ۾ ڀاڙي تي ورتل بنياد پرستن جا رولاڪ ٽولا بنهه هيٺ لهي آيا هئا. ”ڀٽو هندو آهي، ڀٽو يهودي آهي.“ هنن نعرا هنيا هئا. ڄڻ ته ٻئي مذهب هڪٻئي سان ٺهڪجندڙ هئا. جيتوڻيڪ منهنجي مسلمان بابا جو انهن مان ڪنهن به هڪ سان تعلق ڪونه هو.

”هتي جيڪا صورتحال آهي، ان بابت سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته ڇا لکان،“ بابا لکيو. مونکي اها ئي ڄاڻ آهي جيڪا آئون اخبارن ۾ پڙهان ٿي ۽ اهي ئي اخبارون تو وٽ به پهچن ٿيون. مارننگ نيوز وڌيڪ صحيح خبرون ڏئي ٿي ۽ تاءُ ڏياريندڙ خبرن کان پاسو ڪري ٿي. تنهنڪري تون به ايترو ئي ڪي ڄاڻين ٿي، جيترو آئون ٿي ڄاڻان.

”مون صنم (منهنجي ڀيڻ 1975ع ۾ ريڊڪلف ۾ داخل ٿي هئي) ۽ مير کي خط لکيا آهن، ته هن آرهڙ جي مُند ۾ ڪنهن به دوستَ کي دعوت نه ڏين. الائي هنن کي منهنجا خط مليا به يا نه، ڇو ته ڪيترا خط گم ٿي ويا آهن. جيڪڏهن توکي هيءُ ملي ته هنن کي ٻُڌائيجان.“

پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ، بابا جي ان آڇ کي ساندهه رد ڪندا رهيا، ته معاملي جو امن ڀريو حل ڳولڻ لاءِ ڳالهيون ڪجن. لٽمار ڪرڻ، باهيون ڏيڻ ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڪيترن ئي حامين کي مارڻ سبب، بابا پاڪستان قومي اتحاد جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ تي مجبور ٿيو هو. اهڙيءَ ريت دهشتگرديءَ کي ٿورو وقت ٻُنجو ڏيڻ سبب شايد ملڪ ۾ ٺاپر ٿئي ها. پر 20 اپريل تي گهڻو وقت اڳواٽ رٿيل ”ڦيٿا روڪ هڙتال“ سبب ڪراچيءَ جي رستن تي هڪ گاڏي به ڪانه هلي هئي. ٽرڪ ڊرائيورن هڙتال ڪئي هئي ۽ دڪان، بئنڪون مارڪيٽون ۽ ڪپڙي جا ڪارخانا بند هئا. 21 اپريل تي بابا آئين مطابق فوج کي شهري انتظاميا جي مدد لاءِ ٻاهر آندو، ته جيئن ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ ٻيهر امن قائم ٿئي. ان سبب هنگاما گهٽجي ويا. 22 اپريل تي پوري ملڪ ۾ مظاهرن ۽ هڙتالن جو جيڪو سڏ ڏنو ويو هو، ان تي عمل بلڪل نه ٿيو. ۽ نه وري هڪ هفتو پوءِ اهو لانگ مارچ ٿيو، جنهن ذريعي پاڪستان قومي اتحاد ۽ 20 لک ماڻهن کي آڻي وزيراعظم جي گهر تي گهيرو ڪرڻو هو. لانگ مارچ جي ان ناڪامي پاڪستان قومي اتحاد جي سدائين لاءِ چيلهه ڀڄي ڇڏي. ۽ جڏهن بابا راولپنڊي جي گهٽين مان ڪار ۾ لنگهيو ته ماڻهن جي انبوهن کيس خوشيءَ وچان کيڪاريو هو.

پر پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن وڏو نقصان پڻ پهچايو هو: هزارين ڪارون ۽ بسون ساڙيون ويون هيون. ڪراچي ۾ ڪارخانا بند هئا يا پٺ تي پئجي ويا هئا. ڪروڙين روپين جي ملڪيت تباهه ڪئي وئي هئي. ڪيتريون ئي حياتيون ذيان ٿي ويون هيون. مون ان وقت سک جو ساهه کنيو هو، جڏهن 3 جون تي اخبارن ۾ اها خبر ڇپي ته پاڪستان قومي اتحاد وارن نيٺ بابا سان ڳالهين تي راضپو ڏيکاريو آهي. ۽ بابا وري پنهنجي حڪومت کي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو ويچار ظاهر ڪيو آهي.

لڳو ٿي ته پاڪستانين کي عقل اچي ويو هو. چئن ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ بابا فوج کي واپس گهرائي ورتو ۽ هفتو پوءِ هنگامن مهل جن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جهليو ويو هو، تن کي ڇڏيو ويو. بابا جي ان اعلان کانپوءِ ته نيون چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون، پاڪستان قومي اتحاد جا ڪيترائي ضدي اڳواڻ به مستقبل بابت پر اميد ٿي ڏسڻ آيا. ”مونکي اميد جا ڪِرڻا نظر اچن ٿا. اچو ته دعا ڪريون ته اها رڃ نه هجي.“ نيوز ويڪ جي 13 جون واري پرچي جي لکڻ مطابق مخالف ڌر جي هڪ اڳواڻ بابا سان ملاقات کانپوءِ چيو هو.

آمريڪا سان پڻ لاڳاپا سڌرڻ لڳا هئا. پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد، آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هائوس سائرس وانس سان ملاقات لاءِ پئرس روانو ٿي ويو. هو پرڏيهي جوڙيل 50 صفحن جي رپورٽ به پاڻ سان گڏ کڻي ويو، جنهن ۾ اسان جي حڪومت کي ڊاهڻ ۾ آمريڪا تي جيڪي شڪ هئا، انهن جا سبب ڄاڻايا ويا هئا. بابا مونکي ٻڌايو ته سيڪريٽري وانس اهي ڪاغذ هڪ پاسي رکندي چيو هو ته، ”نه عزيز احمد، اسين پاڪستان سان نئون باب شروع ڪرڻ گهرون ٿا. اوهان جي ملڪ سان اسان جي جيڪا ڊگهي ويجهي دوستي رهي آهي، تنهنجو اسان وڏو قدر ڪيون ٿا.“

ڇا بابا جي حڪومت کي ڊاهڻ ۾ آمريڪين ڪو حصو ورتو هو؟ اسان کي ان جو ثبوت ڪڏهن به هٿ نه ايندو. ان وقت کان وٺي مون آمريڪا ۾ پنهنجن دوستن ذريعي ڪوشش ڪئي ته ’فريڊم آف انفرميشن ائڪٽ‘ وسيلي وڌيڪ ڄاڻ وٺان. پر آئون ان ۾ سوڀاري ٿي نه سگهيس. سي آءِ اي ڇهه دستاويز موڪليا، جن مان هڪ ۾ چين ان امداد جو تجزيو ڪيل هو، جيڪا پاڪستان کي 1965ع ۾ هندستان سان جنگ وقت ملي هئي ۽ جڏهن بابا پرڏيهي وزير هوندو هو. هڪ تار هئي جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾ راولپنڊي مان هڪ غير فوجي محافظ قافلي جي چرپر جي ڄاڻ ڏنل هئي، رڳو هڪڙي دستاويز ۾ بابا ۽ پيپلزپارٽي جو ذڪر ڪيل هو، جيڪو به رڳو هن جي 1973ع واري مزاحمت بابت هو.

”ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪنهن لکيت بابت تنهنجي درخواست جي جواب ۾ اسين سي آءِ اي جي ڪنهن به اهڙي تحرير جي هجڻ جي نه تصديق ڪري ٿا سگهون، ۽ نه وري انڪار،“ دستاويزن سان آيل خط ۾ لکيل هو. ”اهڙي ڄاڻ جي جيسين تائين سرڪاري طرح تصديق نه ڪئي وئي آهي، تيسين تائين اها قومي سلامتيءَ جي سببن خاطر ڳجهي رکي ويندي. تنهنڪري اسين اهڙي تحرير جي نه تصديق ڪري ٿا سگهون ۽ نه انڪار. ان سبب ذوالفقار علي ڀٽو بابت دستاويزن لاءِ تنهنجي درخواست جي ان حصي کان انڪار ڪجي ٿو....“

پاڪستان ۾ 1977ع ۾ جيڪي به ٿيو، تنهن جو سبب اهو هو، جو اتي اهڙا ماڻهو هئا جن اهوڪرڻ گهريو هو. جيڪڏهن پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ پنهنجي فائدي بدران قومي فائدي لاءِ ڪم ڪن ها، بابا جي فوج جو سربراهه پنهنجي فائدي بجاءِ قوم جي فائدي ۾ ڪم ڪري ها، ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪونه ٿئي ها. اهو اسان سڀني جي سِکڻ لاءِ اهو سبق هو ۽ آهي. آمريڪا پنهنجي قومي فائدي لاءِ ڪم ڪيو هو، پر اسان مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي سموري تهمت آمريڪا تي مَڙهي پنهنجي جِند آجي ڪن ٿا. اسان ۾ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو نه هجن ها، جن ٻين جا هٿ مضبوط ڪيا هئا، ۽ جن پنهنجي ملڪ جي خدمت بدران پنهنجي لاءِ اقتدار جا وجهه ڳولين ها، ته پاڪستان جي چونڊيل حڪومت کي ڪڏهن به ڪو نقصان نه پهچي ها.

پر آڪسفورڊ ۾ شاگردياڻيءَ طور مونکي اِها ڳالهه اڃان سمجهه ۾ نه آئي هئي.

پنهنجي جنم جي چوويهين سالگرهه تي جڏهن صبح جو منهنجي اَک کلي، ته سج پوري طرح سان پئي چمڪيو. جون جي 21 تاريخ واري آرهڙ جي ڏينهن گرم رهڻ جو نياپو ٿي ڏنو ۽ مونکي اڳ ڀانئيندي سرهائي پئي ٿي، ته آئون پاڪستان واپس وڃڻ کان اڳ ڪوئين ايلزبيٿ هائوس جي باغ ۾ سالگرهه جي ۽ موڪلاڻيءَ جي هڪ وڏي پارٽي ڏيڻ واري هيس. منهنجي آڪسفورڊ ائڊريس بوڪ ۾ جن جا به پتا لکيل هئا، انهن سڀني کي دعوت ڏني ويئي هئي ۽ اتي جيڪو ميڙَ ڪٺو ٿيو هو، اُن کي ڏسي ڄاڻ پئي هئي ته سڀئي آيا آهن. اسٽرابيري ۽ ڪِريم جي پيالن تي اسان ماضيءَ جون خوشگوار ساروڻيون ڪيون ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجن پنهنجن گهرن جو ائڊريسون ڏنيون.

آڪسفورڊ ڇڏڻ تي مونکي ۽ ڪيترن دوستن کي ڏاڍو ڏک هو. مونکي پنهنجي اُن هئڊي رنگ جي ننڍي ڪار ڇڏڻ جو پڻ ڏک هو، جنهن لاءِ مير چيو ٿي، ته سرءُ جي مند ۾ آئون توکي وڪڻائي ڏيندس. چئن ورهين تائين منهنجي اُن ننڍڙي ڪار پنهنجن دوستن جي نياپن لاءِ هڪ نوٽيس بورڊ جو ڪم ڏنو هو. پر آئون پاڻ به پاڪستان ۾ پنهنجي لاءِ اوسيئڙي ۾ ويٺل اميدن واسطي ويچاريو هو، جن ۾ هڪ رٿ اها هئي ته آئون آرهڙ جي مند ۾ وزيراعظم جي دفتر ۾ ۽ پڻ صوبن وچ ۾ عام مفادن واري جوڙيل ڪائونسل ۾ ڪم ڪريان، ته جيئن مونکي عام صوبائي معاملن جي ڄاڻ ملي سگهي. هن مونکي اهو به ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ ويندڙ پاڪستاني وفد ۾ مونکي شامل ڪيو ويندو، جنهن سبب منهنجي چڱي سڃاڻپ ٿيندي، نومبر ۾ آئون پاڪستان موٽي وينديس ۽ ڊسمبر ۾ پرڏيهي وزارت جي ٿيندڙ امتحان لاءِ تياري ڪنديس. منهنجي لاءِ صاف سٿرو ۽ پوريءَ طرح سان رٿيل مستقبل هو.

ظاهر آهي ته بابا منهنجي موٽڻ تي ايترو ئي سرهو هو، جيترو آئون گهر وڃڻ تي هئس. ”آئون توسان واعدو ڪريان ٿو، ته پنهنجي اختيار مطابق هر ڪوشش ڪندس، ته تون وقت وڃائڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ ٻيهر رهڻ جي هيراڪ ٿي وڃين.“ هن خط ۾ لکيو هو. پوءِ تون ڀلي پنهنجي سر رهجان. البت توکي منهنجن ننڍڙن چرچن ۽ کل ڀوڳ کي سَهڻو پوندو. بدقمستيءَ سان هن ڄمار ۾ آئون پنهنجي طبيعت کي ڦيرائي نٿو سگهان، پر آئون پنهنجي پهرئين ٻار سان سٺي ورتاءُ جي سخت ڪوشش ڪندس. ڏکي ڳالهه اها آهي ته تنهنجو سڀاءُ به مون جهڙو ئي آهي ۽ تنهنجين اکين ۾ به ڳوڙها ائين ڀرجي اچن ٿا، جيئن منهنجن اکين ۾، ڇوته اسين ٻئي هڪڙي ئي هَڏ چَم جا ٺهيل آهيون.

”اچو ته هڪٻئي کي سمجهڻ جو پاڻ ۾ پڪو واعدو ڪريون. تون بامقصد فرد آهين. ڪو بامقصد فرد ڀلا اهو ڪيئن چاهيندو، ته رِڻ پَٽ ۾ گرمي نه هجي ۽ جبل برف کان خالي هجن؟ توکي تنهنجن قدرن ۽ ذاتي اخلاقيات ۾ تنهنجي سج جي روشني ۽ انڊلٺ نظر ايندي. پاڻ ٻئي گڏجي هڪ ساراهڻ جوڳي ڪارنامي لاءِ ڪم ڪنداسين. شرط رک ته پاڻ اهو ڪنداسين.“

25 جون 1977ع تي، بابا ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين سان ملڻ لاءِ مير ۽ آئون هوائي جهاز ۾ راولپنڊي ڏانهن اُسهياسون. شاهنواز سئزرلينڊ جي اسڪول مان ۽ صنم هارورڊ مان گهر واپس پئي آيا. اهو آخري ڀيرو هو جو اسان جي گهر جا سڀ ڀاتي وري هڪ هنڌ گڏ ٿيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org