”آزاد ٿيل انيڪ نين رياستن ۾ فوجي سرشتي جو ڪونه
ڪو نمونو قائم آهي. پوءِ به اهو سرشتو، جنهن جو
بنياد اجتماعي رضامنديءَ تي نه پر جبر تي رکيل
آهي، سو اسلام جي مُک اصولن سان ٺهڪجندڙ نه آهي.
جن جو زور اجتماعي يا رضامنديءَ تي آهي. ٻيو ته
فوجي حڪومتون سدائين بندوق جي زور يا طاقت واپرائڻ
جي ڌمڪيءَ سبب اقتدار تي قبضو ڪن ٿيون، تڏهن ته
اسلام ۾ اقتدار ڳڙڪائڻ يا ڦٻائڻ جو تصور ئي ڪونهي.
تنهنڪري پڌرو آهي ته اسلام ۾ مارشل لا جو سوال ئي
پيدا نٿو ٿئي.“
منهنجي اُن بيان جون فوٽو ڪاپيون پوءِ اخباري
دفترن، وڪيلن ۽ جيل جي ڪوٺڙين ۾ سياسي ڪارڪنن وٽ
پڻ پهچي ويون هيون.
عدالت جي ڪمري ۾ صحافين کي اچڻ جي منع هئي، پر هڪ
انگريز صحافي اهڙي اجازت وٺي آيو هو. هن جي اتي
موجودگيءَ جي ڪنهن کي به ڪَل نه هئي، پر اوچتو هڪ
ماڻهو اندر آيو ۽ هن ڪرنل جي ڪَنُ ۾ ڪجهه چيو.
”ڪٿي؟“ ڪرنل پڇيو. اُن شخص ڪمري جي پُڇڙ ڏانهن
ڪَنڌ سان اشارو ڪيو.
”مونکي پڪ آهي ته تون صحافي آهين.“ ڪرنل جي آواز
جو ڪَڙڪو ٿيو ”صحافين کي هتي ويهڻ جي اجازت ڪانهي.
تون هڪدم هليو وڃ.“
شلوار قميص پاتل اُن شخص جي مون تڪڙي جهَلڪ ڏٺي،
جنهن کي سڀني ڪڻڪائو رنگ جو پٺاڻ پئي سمجهيو ۽
جنهن کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر اماڻيو پئي ويو.
پر گهٽ ۾ گهٽ هن کي ٿوري ڄاڻ ملي وئي هئي. ”مس ڀٽو
ڏاڍي سانت ۽ صحمتنند ٿي لڳي ۽ هن ثابت ڪري
ڏيکاريو، ته سندس خوش بياني ۽ حاضر جوابي سلامت
آهي. ’گارجين‘ اخبار جي صحافي بعد ۾ لکيو.
پوءِ به منهنجي صحت ايتري سُٺي نه هئي، جيتري
ظاهري طرح ڏسڻ ۾ ٿي آئي. منهنجي اها ڪمزور حالت
اُن وقت ويتر خراب ٿي وئي هئي، جڏهن اپريل 1983ع ۾
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن بيوفائي
ڏيکاري هئي. هڪ ڀيرو وري ضياءَ هر هنڌ پئي ويو ۽
هن پنهنجي لاءِ ڪنهن سياسي تَڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي. ضياءَ آگسٽ ۾ ملڪ ۾ اسلامي قانون رائج ڪرڻ جي
پنهنجي نئين رِٿ جي اعلان ۽ اُن موقعي مان فائدي
وٺڻ لاءِ بابا کان حڪومت کَسڻ ۽ 1973ع جو آئين
دفنائڻ کانپوءِ، پهريون ڀيرو سنڌ جي گشت تي نڪتو.
ڳالهه چِٽي آهي ته انهي گشت دوران عوام پنهنجي
ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو مظاهرو ڪيو.
بابا جي حڪومت ۾ سنڌ وڏي ترقي ڪئي هئي ۽ سنڌين کي
ڪسٽمز، پوليس ۽ پي آءِ اي ۾ سرڪاري نوڪريون مليون
هيون. هنن لاءِ يونيورسٽين ۾ جيڪو حصو مقرر ٿيل
هو، تنهن کان وڌيڪ کين ڏنو ويو هو. هنن کي زمينن
جا ٽُڪرا ڏنا ويا هئا ۽ نين ٺهيل اسپتالن، کنڊ ۽
سيمينٽ جي ڪارخانن ۾ هنن وڏو اجورو پئي ڪمايو. پر
ضياءَ جي زماني ۾ اهو سمورو معاملو ابتو ٿي پيو
هو. هڪ ڀيرو وري سنڌ سان ٻيائي پئي ٿي. سنڌ جي
ڪجهه ڀَلين زمينن تي رياست جو قبضو هوندو هو.
ضياءَ جي دؤر ۾ اهي زمينون بي زمين هارين بدران
فوجي عملدارن کي ورهائي ڏنيون ويون هيون. اهي سنڌي
جن صنعت جي انتظامي عهدن تائين ترقي ڪئي هئي، تن
جي جاءِ تي رٽائرڊ فوجي عملدارن کي مقرر ڪيو پئي
ويو. اُن سچائيءَ جي هوندي به ته ملڪي محصول جي
پنجهٺ سيڪڙو اُپت سنڌ جي بندرگاهه ڪراچيءَ مان
ٿيندي هئي، پر اُن جو ٿورو حصو واپس سنڌ صوبي ۾
ايندو هو. سنڌ جي اقتصادي مصيبتن، نفرت ۽ ڪروڌ جي
اها باهه ڀڙڪائي ڀنڀٽ بڻائي ڇڏي، جيڪا بابا جي قتل
سان شروع ٿي هئي. صوبي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو ويچار
هو ته، جيڪڏهن هُو سنڌي نه هجي ها، ته کيس ڦاسي نه
ملي ها.
1979ع ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کان پوءِ بدين ۽
حيدرآباد جي چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي
ڪائونسلرن اهڙيون رٿون منظور ڪيون. جن ۾ بابا جي
سزا جي نِندا ۽ سندس واکاڻ توڙي ساراهه ڪئي وئي
هئي. اُن ڳالهه جو پلاند وٺڻ لاءِ ضياءَ سڄي سنڌ ۾
پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلرن کي نااهل ڪوٺڻ جي
ڪارروائي شروع ڪئي. هاڻي پيپلز پارٽي جي باقي ٿورن
ڪائونسلرن کان ضياءَ منظوري ورتي، ته صوبي جو گشت
ڪرڻ وقت اهي سندس آڌر ڀاءُ ڪن. مونکي تنهن وقت
اچرج ٿيو ۽ ڪاوڙ آئي، جڏهن مون اخبارن ۾ پڙهيو ته
اُهي ماٺ ميٺ ۾ سندس خواهش اڳيان جهُڪي ويا هئا.
آئون ٻاهر نياپو ڪيئن ٿي موڪلي سگهيس؟ 70 ڪلفٽن ۾
ايندي يا اُتان ويندي ملازمن جي جهَڙتي ورتي ويندي
هئي ۽ جڏهن اهي پنهنجي ڪم ڪار سان ڪنهن پاسي ويندا
هئا، ته جاسوس موٽر سائيڪلن تي چڙهي سندن ڪَڍ
لڳندا هئا. نيٺ مون هڪ ملازم کي چيو ته، تون
بيماريءَ جو بهانو ڪري پهريدارن کي ٻڌاءِ ته تون
موڪل تي پنهنجي گهر لاڙڪاڻي پيو وڃين.
”مونکي اميد آهي ته تنهنجو پُٽ ضياءَ جو آڌرڀاءُ
نه ڪندو.“ مون پنهنجو اهو زباني نياپو سنڌ پيپلز
پارٽيءَ جي سرواڻ کي موڪليو. جنهن جو پٽ ڪائونسلر
هو. ”اوهان ڄاڻو ٿا ته اها ڳالهه پارٽي پاليسي
خلاف آهي. مهرباني ڪري اهو نياپو ٻين تائين
پهچايو.“
مون هڪڙو نياپو لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي
ڪائونسلر کي پڻ موڪليو. ”تون ۽ ٻيا وڃي اسپتال
داخل ٿيو يا اوهين لاڙڪاڻي مان ٻاهر هليا وڃو ۽
ڪنهن جي هٿ نه چڙهو.“ مون هن کي چيو. ”پر اوهين
ضياءَ سان ڪڏهن به ملاقات نه ڪريو.“
پوءِ مون جڏهن ٽيليويزن ڏٺي ۽ منجهانئن ڪجهه ڄڻن
کي ضياءَ سان ملندي ڏٺو، ته ڪاوڙ ۾ آئون وائڙي ٿي
ويس. لڳو ٿي ته هنن هڪ گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو هو،
ته پارٽي هنن سڀني خلاف ڪارروائي ڪري نه سگهندي.
مونکي گهڻو صدمو پهتو. هڪ ڀيرو وري سياستدانن
پنهنجي ذاتي لالچ جي پورائيءَ لاءِ پارٽيءَ جي
اتحاد کي هاڃو پئي پهچايو. شايد مون گهڻو پئي
سوچيو. منهنجي اڳيان اُن ڳالهه کانسواءِ ٻيءَ ڪا
راهه نه هئي، ته آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ
صدر کي سياسي ٽيليفون ڪريان، جنهن جي مونکي منع
ٿيل هئي. ”منهنجي مرضي آهي ته تون پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي انهن ڪائونسلرن کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏ،
جن ضياءَ سان ملاقات ڪئي آهي. هنن پارٽيءَ ضابطن
جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،“ مون تڪڙو تڪڙو چيو: ڇو ته
مونکي پتو هو ته منهنجي اُن فون کي ٻُڌو پئي ويو،
جنهنڪري مونکي وقت وڃائڻو ڪونه هو. منهنجو فون
هڪدم بند ٿي ويو. اهو وري ڪڏهن ڪونه ٺهيو.
هاڻي مون وٽ پنهنجن مائٽن جا فون اچڻ بند ٿي ويا.
جن ٿورن ملاقاتين کي ملڻ جي اجازت هئي، سا کانئن
واپس ورتي وئي. گهر جي وڏي دروازي تي جهَڙتي
وٺندڙن گهريلو ملازمن پٺيان باهه ٻاري ڏني. اهي
جڏهن اڱڻ ۾ ايندا هئا يا اتان لنگهندا هئا، تڏهن
سندن بُوٽ ۽ جوراب لهرايا ويندا هئا. هنن جي وارن
جي به جهَڙتي ورتي ويندي هئي.بورچي گوشت ۽ ڀاڄين
جون جيڪي بند ڳوٿريون مارڪيٽ مان آڻيندو هو، تن کي
هو وڍي کوليندا هئا. مورڳو ڪِن ڪچري کي به ڦولهيو
ويندو هو.
اُن مڪمل اڪيلائپ ۾ آئون پاڻ کي وڌيڪ بيمار سمجهڻ
لڳيس. منهنجي ڪَنُ جو سور ويتر وڌي ويو. مون جڏهن
پنهنجو کاٻو ڳل مهٽيو، تڏهن مون اُن کي ٿورو نِستو
ڀانئيو ۽ آواز ۾ وري وڌيڪ کرڙاٽ ٿيندا ويا.
اپريل ۾ هڪ شام جو آئون 70 ڪلفٽن جي ملاقات واري
ڪمري وٽان پئي ويس، ته مونکي لڳو ته فرش اُڀري ڇِت
ڏانهن پيو اچي. مون پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ ڪوچ جي
ٻانهن کان جهليو ۽ بيهي رهيس ته مٿي جي اُها ڦيري
ختم ٿئي. ان بدران منهنجي اکين اڳيان اوندهه جي
ديوار وڌندي آئي. آئون ساڻِي ٿي ڪوچ تي ڪِري پيس.
سڀاڳائيءَ سان ملازمن مان هڪ ماڻهو مونکي ڪِرندي
ڏسي ورتو. ”جلدي ڪريو، تڪڙ ڪريو. مس صاحبا لاءِ
ڊاڪٽر گهرايو.“ هن ڊوڙي جيلر کي چيو. ۽ هڪ ڀيرو
وري مونکي لڳو، ته الله منهنجي حفاظت ڪئي هئي.
سدائين جيان ڪامورا شاهي جي طريقن مطابق علاج جي
سلسلي ۾ اجازت وٺڻ لاءِ حڪومت ڏانهن خط لکي، پوءِ
ڪيترن ئي ڏينهن تائين، ڪڏهن ٻن هفتن تائين اوسيئڙو
ڪرڻ بدران، پوليس ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڊايسٽ اسپتال جي
ايمرجنسي روم مان هڪ ڊاڪٽر کي وٺي آئي. هڪ ڀيرو
وري منهنجي ڪَنُ جو گند ڦاٽي اندر وڃڻ بدران ٻاهر
نڪري آيو هو.
”تنهنجي حالت ڏاڍي جوکائتي آهي.“ ڊاڪٽر منهنجو
ڪَنُ تپاسڻ کان پوءِ مونکي ٻڌايو. ”تون هڪدم ڪنهن
ماهر ڊاڪٽر کي ڪَنُ ڏيکار.“
”جيڪڏهن اوهين منهنجي لاءِ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي
گهُرج جي وضاحت نه ڪندا، ته حڪومت جي اهائي دعويٰ
هوندي ته، منهنجي ڪَنُ ۾ ڪابه تڪليف ڪانهي.“ مون
هن کي ٻڌايو.
اُن نوجوان ڊاڪٽر ۾ ايتري همت هئي جو هن پنهنجي خط
۾ حڪومت کي نهايت واضح لفظن ۾ لکيو، ته مونکي ڪَنُ
جي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي علاج جي گهُرج آهي. حڪومت
مون ڏانهن تپاس لاءِ ڪَن، نَڪ ۽ نڙيءَ جو اهو ماهر
ڊاڪٽر موڪليو، جنهن ٽي ورهيه اڳ منهنجي نڪ جي
اندرينءَ هڏيءَ جي آپريشن ڪئي هئي. اُن ڊاڪٽر جي
مرضي ڪانهي ته هن ڪتاب ۾ سندس نالو پڌرو ڪجي، پر
سچائي اها آهي ته هن نه رڳو مونکي تندرست ڪيو، پر
منهنجي حياتي پڻ بچائي هئي.
”تنهنجي ڪَنُ ۾ گهاوَ آهي.“ ان ڊاڪٽر منهنجن انهن
شڪن جي تصديق ڪندي چوي، جيڪي چار ورهيه اڳ
المرتضيٰ ۾ منهنجي نظربنديءَ جي عرصي ۾ مونکي
حڪومت جي موڪليل ڊاڪٽر بابت ٿيا هئا. ”گهاوَ سبب
ڪَن جي وچ ۾ ۽ ان پٺيان نڍڙي گول هڏيءَ ۾ گند پيدا
ٿيو آهي.“ ان گند کي پابنديءَ سا صاف ڪرڻ ضروري
هو. جنهنڪري منهنجي مُنهن جي نَسن تي زور گهٽجڻ
سبب اُها نستائي ختم ٿي ويندي. اهڙيءَ ريت جڏهن
گند صاف ٿي ويندو، تڏهن مونکي آپريشن جي گهُرج
ٿيندي. ”توکي اُن نازڪ آپريشن لاءِ پرڏيهه وڃڻو
پوندو.“ هن ٻڌايو. ”اسان وٽ هتي ان جي سهوليت
ڪانهي. هتي تنهنجي کوپڙيءَ کي ڪارائيءَ سان وڍڻو
پوندو. جيڪو جوکائتو عمل آهي. تنهنجي پنهنجي
سلامتي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ تنهنجو پرڏيهه وڃڻ ضروري
آهي.“
آئون وائڙائپ ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳيس. ڇا هن جو اشارو
ان طرف هو ته پاڪستان ۾ اهڙي آپريشن جي معمولي
جوکي کانسواءِ به ڪي ٻيا جوکا هئا. مون کي خبر
هئي ته 1980ع ۾ حڪومت منهنجن ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر
کي چيو هو، ته مونکي ڪَنُ جي وچ ۾ نه، پر اندر
تڪليف آهي ۽ مونکي نفسياتي علاج جي گهُرج آهي.
”تنهنجي تشخيص جي پٺڀرائيءَ لاءِ اسين ڏهه ميڊيڪل
بورڊ ٺاهينداسين.“ هن کي چيو ويو هو. حڪومت لاءِ
اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سُٺو حل هو، جو مونکي
نفسياتي مريض ڄاڻائي اهو قصو ئي ختم ڪري ڇڏي ها.
پر اُن ڊاڪٽر انڪار ڪيو هو. هاڻي اُهو ساڳيو ڊاڪٽر
اُن ڳالهه تي ضد ٻڌي بيٺو هو، ته آئون پاڪستان مان
هلي وڃان.“ آئون اهو آپريشن هتي ڪري سگهان ٿو. پر
مونکي اُلڪو آهي ته اُن وقت تنهنجي بيهوشيءَ کان
پوءِ ڪنهن ٻئي ڪُڌي ڊاڪٽري عمل لاءِ اُهي مون تي
سخت دٻاءَ وجهندا.“ هن مونکي ٻڌايو. ”جيڪڏهن مون
انڪار ڪيو، ته اهي اهو ڪم ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي
سونپيندا. تنهنڪري تنهنجي لاءِ اهو سُٺو آهي ته
تون ڪنهن پرڏيهي ملڪ هلي وڃ.“
مون پرڏيهي ملڪ ۾ علاج جي اجازت ڏيڻ لاءِ حڪومت کي
درخواست موڪلي. پر اُن جو ڪو جواب ئي ڪونه آيو.
مونکي به ٿوري وقت جي گهرج هئي. ”تو ۾ ايتري سگهه
ئي ڪانهي، جو تون بيهوشيءَ جو اثر سَهي سگهين.“
ڊاڪٽر مونکي چيو. ”توکي پنهنجو جسماني سرشتو ٺاهڻو
پوندو.“ امان جيان مونکي به کير، گوشت، ڪُڪُڙ ۽
بيدن جهڙي لحميات سان ڀرپور غذا تي رکيو ويو.
پر منهنجي ڪَنُ جو سُور گهٽ نه ٿيو. مون سمجهڻ
شروع ڪيو ته منهنجي مُنهن جو کاٻو پاسو نِستو ٿيڻ
لڳو هو. منهنجي مٿي ۾ لاڳيتي ڌان ڌان پئي ٿي ۽
ڪَنُ ۾ ٽڪ ٽڪ ٿيڻ سبب، منهنجي لاءِ ڪنهن ٻئي آواز
کي ٻُڌڻ بلڪل ناممڪن ٿي پيو هو. ڊاڪٽر اختياري
وارن کان اجازت وٺي هر هفتي 70 ڪلفٽن ۾ ايندو هو ۽
گند جي صفائيءَ جي ڪوشش ڪندو هو. هن هڪ ڀٽي جي
علاج لاءِ جيڪا ڳڻتي ڏيکاري هئي، تنهن لاءِ هن کي
سزا ڀوڳڻي پئي هئي.
”تون اڪثر ڪار ۾ حيدرآباد ويندو آهين. اهو درست
آهي نه؟“ هن جي پاڙيسري پوليس سپرنٽينڊنٽ کانئس ان
وقت پڇيو هو، جڏهن هن هر هفتي علاج شروع ڪيو هو..
”تون ’ڊيٿ وش‘ فلم ڏٺي آهي؟“ ٻئي ڏينهن اُن فلم جي
وڊيو ٽيپ ڪنهن اَڻڄاتل ماڻهو سندس گهر پهچائي.
پوءِ هن کي ڌمڪين وارا ٽيليفون اچڻ لڳا. ساڳئي وقت
کيس انڪم ٽئڪس کاتي وارن وٽان به نوٽيس پهتو، ته
ٽئڪس ۾ گهوٻي هڻڻ سبب سندس ٽئڪس جي ٻيهر چڪاس
ٿيندي. حڪومت سندس ڌنڌي جي سچائيءَ تي پڻ شڪ ڪندي،
هن کي نوٽيس موڪليو ته ڇو نه کيس اسپتال جي ملازمت
تان هٽايو وڃي. انهن سڀني ڳالهين هوندي به هن همت
نه هاري ۽ منهنجو علاج ڪندو رهيو، جنهن جي مون
گهڻي ساراهه ڪئي. هو ٻاهرين دنيا جو اڪيلو شخص هو،
جنهن سان آئون ڳالهائيندي هيس. جيتوڻيڪ جيئن پوءِ
پيٽر گئلبريٿ کان مونکي پتو پيو، حڪومت جي دعويٰ
ان جي ابتڙ هئي.
پيٽر گلئلبريٿ:
سينيٽر پيل ۽ ٻين سينيٽرن پاڪستان ۾ خاص سياسي
قيدين لاءِ ڊسمبر ۾ ضياءَ کي جيڪو خط لکيو هو،
تنهن جو نيٺ جون مهيني جي پڇاڙي ڌاري پاڪستاني
حڪومت وٽان جواب آيو. ان وقت ضياءَ جيڪي چيو هو،
تنهن جي حوالي سان بينظير جي نظربنديءَ بابت ان جي
جواب ۾ چيل هو:
”هن وقت هوءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ نظربند آهي،
ته جيئن هو اهڙين سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺي
سگهي، جن تي بندش پيل آهي. پوءِ به هن کي هر ممڪن
آسائشون مليل آهن ۽ گهُرج وقت پسند جا
ڊاڪٽر سندس تپاس ۽ علاج ڪن ٿا. هن کي پنهنجن مائٽن
۽ دوستن سان ملاقات ۽ ڳالهائڻ جي اجازت آهي. هُن
کي اٺن ويجهن مائٽن کي رهائڻ جي اجازت مليل آهي،
جن مان هڪ ئي وقت ٽي مائٽ وٽس رهي سگهن ٿا. هن کي
پنهنجي پسند جي چوويهن ملازمن رکڻ جي اجازت آهي ۽
ذاتي واهپي لاءِ وٽس هڪ ٽيليفون به آهي.“
پوءِ تُرت مونکي بينظير جي سئوٽ جو ٽيليفون آيو.
مون هن کان ان خط جي مضمون جي حقيقت بابت پڇيو.
”بلڪل غلط،“ هن رڙ ڪندي چيو. ”هن جي ڪنهن به دوست
کي ساڻس ملڻ جي اجازت ڪانهي. گذريل ٽن مهينن ۾
رُڳو هڪ ڀيرو هن جي ڀيڻ ساڻس ملاقات ڪري سگهي آهي.
هن جي سئوٽ فخري کي به بينظير سان ملڻ ۾ ڏاڍي
ڏُکيائي ٿي هئي. هوءَ ته ٻاهر باغ ۾ وڃي نه ٿي
سگهي. هوءَ اڪيلي آهي ۽ بيمار آهي. مونکي هن جي
ڏاڍي ڳڻتي آهي.“
مون سينيٽر پيل ڏانهن خط لکيو. ان وقت اتفاق سان
پاڪستان جو پرڏيهي وزير ۽ واشنگٽن ۾ اڳوڻو سفير
يعقوب خان شهر ۾ آيل هو. يعقوب خان جا واشنگٽن ۾
ڪيترائي دوست هئا ۽ هو اتي هڪ سِڌي ڳالهه چوندڙ ۽
بي رياءُ مشهور هو. مونکي پڪ هئي ته بينظير سان
ٻچاپڙائيءَ واري ورتاءُ ۾ يعقوب به شريڪ هوندو.
جڏهن سينيٽر پيل پرڏيهي وزير کان بينظير سان ان
ورتاءُ بابت سرڪاري بيان ۽ انهن نين حقيقتن جي وچ
۾ ظاهري فرق بابت پڇا ڪئي ته يعقوب ڳنڀير ٿي ويو،
لڳو ٿي ته هن کي سچ پچ ڏاڍو ڏک پهتو هو. تنهنڪري
هن پاڪستان پهچي ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ جو واعدو
ڪيو.
21 جون 1983ع. سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ منهنجي
جنم جي ٽيهين سالگرهه. سدائين پُراميد هجڻ سبب مون
هوم سيڪريٽريءَ کي خط لکيو هو ته، ڪيترن مهينن کان
مون وٽ ڪوبه ملاقاتي نه آيو آهي، تنهنڪري مونکي
اجازت ڏني وڃي ته آئون پنهنجي جنم ڏينهن تي اسڪول
جي ساهيڙين سان ملاقات ڪريان. منهنجي خوشي ۽
حيراني جي حد ئي نه رهي، جڏهن حڪومت مون کي اهڙي
اجازت ڏني.
شام جو سميعا، سنديس ڀيڻ ۽ پاري مون وٽ ڊوڙنديون
آيون. هنن وٽ چاڪليٽ ڪيڪ هو، جيڪو پاري ڏاڍيءَ
محنت سان ٺاهيو هو. پوليس وارين جي چؤڪس نظرن هيٺ
اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتا ۽ چُميون ڏنيون. ”الله
جو شڪر جو ڪيڪ سلامت آهي.“ سميعا چيو. ”هنن سڀني
شين جي ايڏي ته جهَڙتي ورتي، جو اسان کي اُلڪو ٿي
پيو ته متان اُهي توکان اڳي ڪيڪ ڪاٽي ڇڏين.“
انگلينڊ ۾ منهنجن دوستن وڪٽوريا شوفيلڊ ۽ ٻين به
مونکي ڪونه وساريو هو. مونکي پوءِ خبر پئي ته جيئن
منهنجي سالگرهه ويجهي آئي، ته وڪٽوريا تڏهوڪي
آڪسفورڊ يونين جي صدر کي خط لکي، سندس اوڏانهن
ڌيان ڇڪايو هو ته نظربنديءَ ۾ منهنجي اها ٽين
سالگرهه هئي. 21 جون تي آڪسفورڊ يونين ۾ هڪ منٽ
لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. اها مريادا گهڻو ڪري
رُڳو فوتي اڳوڻي صدر لاءِ ارپيل هوندي هئي. اُن
وقت هڪ ٻيو پراڻو دوست ۽ ڪئمبرج يونين جو اڳوڻو
صدر ڊيوڊ جانسن، آڪسفورڊ يونين جي تقريرن واري
ڪمري ۾ موجود هو. هن پوءِ لنڊن جي ويسٽ منسٽر ايبي
۽ سينٽ پال ڪيٿيڊرل جي سڀني عبادتگاهن ۾ آچر ڏينهن
جي عبادت ۾ منهنجي لاءِ دعائن گهرڻ جو انتظام ڪيو.
اهي دعائون ڳڻتيءَ ۽ دوستيءَ جو ڏاڍو پيارو اظهار
هيون.
منهنجي سالگرهه وقت حڪومت جي هڪ عملدار جيڪا ڳڻتي
ڏيکاري، سا وڌيڪ شڪي ٿي لڳي. ”مهرباني ڪري اڄ شام
جو ستين بجي تيار رهجو.“ جيل جي عملدارن مان هڪڙي
مونکي چيو. ”اسين اوهان کي گورنمينٽ ريسٽ هائوس ۾
وٺي هلنداسين.“
”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
”ڇو ته مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اوهان سان ملڻ چاهي
ٿو،“ هن اهو ڏاڍي خوشيءَ سان چيو.
”مارشل لا ائڊمنسٽريٽر؟ آئون جنرل سان ملاقات لاءِ
ڪونه وينديس.“ مون کيس ٻڌايو.
جيل جو عملدار حيران ٿي ويو. ”پر اوهان کي هلڻو
پوندو. اوهان قيدي آهيو.“ هن وراڻيو.
”مون کي پرواهه ڪانهي.“ مون چيو. ”آئون هن سان نه
ملنديس. اوهين مونکي گهلي اتي وٺي هلندا، تڏهن به
آئون اتي دانهون ڪنديس. رڙيون ڪنديس ۽ سڀني کي
پريشان ڪنديس. جن مونکي قيد ڪيو آهي، تن وٽ آئون
ڪونه هلنديس.“
اُهو ٻُڌي جيل جو عملو پوئين پيرين ڀڳو ۽ ڀڻڪندو
ويو ته، ”مونکي ڪوبه عقل ڪونهي، ته جنرل عباسيءَ
سان ملاقات کان انڪار منهنجي حق ۾ سٺي ڳالهه
ڪانهي.“ پر مون پرواهه نه ڪئي. اسان مان جيڪي
ضياءَ جا مخالف هئا، تن جو ڌڪاريل فوجي حاڪمن سان
ڪنهن به قسم جو لاڳاپو رکڻ، ڄڻ وڪامي وڃڻ برابر
سمجهيو ويندو. پر هنن وٽ هلي وڃڻ ته مورڳو سندن
حاڪميت کي مڃڻ ۽ کيس منظوري ڏيڻ برابر سمجهيو
ويندو.
ان رات مون سُوٽ ڪيس ۾ پنهنجو سامان رکيو، ڇو ته
مونکي پڪ هئي ته حڪومت طرفان جوابي ڪارروائيءَ ۾
مونکي واپس جيل اماڻيو ويندو. مون جيل لاءِ گهربل
شيون هٿ ڪيون. قلم، ڊائريون، جيتمار دوائون وغيره-
پر مونکي جيل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ڪوبه ڪونه آيو.
ان بدران مون کي حد کان وڌيڪ اچرج ٿيو، جڏهن مارشل
لا ائڊمنسٽريٽر پاڻ مون سان ملاقات لاءِ 70 ڪلفٽن
۾ آيو.
انهن مغرور فوجي حاڪمن جي، جيڪي ٻين کي گهرائڻ ۽
کين حڪم ڏيڻ جا هيراڪ هُجن ٿا، اها ڳالهه ڪڏهن به
ٻُڌڻ ۾ نه آهي ته انهن پاڻ وڃي مخالف ڌُر جي اڳواڻ
سان ملاقات ڪئي هجي. مون اَويساهيءَ وچان 70 ڪلفٽن
۾ اڇن وارن واري جنرل کي خاڪي ورديءَ ۾ ويٺل
پهريون ڀيرو ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڏٺو. سندس نياپو
سدائين ساڳيو هوندو هو.
”مون کي پتو آهي ته تون بيمار آهين.“ هو مونکي
چوندو هو. ”اها ڳالهه ته آئون فوج ۾ آهيان، تنهن
جو مطلب اهو ڪونهي ته مونکي ڳڻتي ڪانهي. ياد رک ته
صدين کان اسان جي گهراڻن جا پاڻ ۾ لاڳاپا رهيا
آهن. مونکي اها ڳالهه وڌيڪ اطمينان ڏيندي ته
تنهنجو علاج ملڪ کان ٻاهر ٿئي. پر اسين ڪنهن به
قسم جا سياسي مونجهارا ڪونه سَهنداسين.“
مون بااخلاق رهڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ڇو ته اُن وقت
پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جو ڪوبه فائدو ڪونه هو. منهنجو
ويچار هو ته جنرل عباسي منهنجن ارادن کي سمجهڻ ۽
اُهو جانچڻ لاءِ آيو هو، ته جيڪڏهن مونکي پرڏيهه
وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته آئون ڇا ڪنديس. مون هن
تي اهو اثر ويهاريو، ته آئون پنهنجي علاج لاءِ
ڳڻتيءَ ۾ آهيان ۽ پوءِ يڪدم واپس اينديس. ڪنهن حد
تائين اها ڳالهه صحيح به هئي، ڇو ته تنهن وقت
جلاوطنيءَ ۾ رهڻ جو منهنجو ڪوبه ارادو ڪونه
هو.منهنجي ته خواهش ئي اها هئي ته هر ممڪن وجهه
وٺي حڪومت کي سختيءَ سان چيڀاٽي ڇڏيان.
اُن وقت مونکي اُن ڳالهه جي سمجهه نه هئي، ته
حڪومت تي ڪهڙي پابندي آهي. منهنجي ڊاڪٽر اها ڳالهه
لکي ڏني هئي ته، مونکي پرڏيهه ۾ علاج جي گهُرج آهي
۽ جيڪڏهن نظربنديءَ ۾ مونکي ڪجهه ٿي پيو، ته پوءِ
اها سموري ذميداري حڪومت تي ايندي. گڏوگڏ سينيٽر
پيل ۽ سينيٽ فارين رليشنس ڪميٽي ۽ شايد يعقوب خان
طرفان به امڪاني زور پيو هجي. 1983ع ۾ جيئن آرهِڙ
جي مُند اڳتي وڌي، ته منهنجي نظربندي نه رڳو حڪومت
کي پريشان ڪيو، پر ان جا ابتا اثر به پڌرا ٿيا.
البت 70 ڪلفٽن جي اڪيلائپ ۾ مونکي انهن جي ڪابه
سُڌ نه هئي اُٽلندو هڪ ڀيرو وري مون سياست ۾ حصو
وٺي پنهنجي ممڪن آزاديءَ کي ڏُکيو بڻائي ڇڏيو هو.
ضياءَ جي گشت وقت سنڌ ۾ جيڪي هنگاما ٿيا هئا، تن ۾
اڃا ٺاپر نه آئي هئي. وري جو پاڪستان جي آزاديءَ
واري ڏينهن 14 آگسٽ ۽ اها تاريخ ويجهو آئي، جيڪا
ضياءَ هڪ ڀيرو وري ٻين ڪُوڙين چونڊن ڪرائڻ لاءِ
چونڊي هئي، ته ايم آر ڊي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ
پنهنجي ٻي عوامي هلچل هلائڻ جو اعلان ڪيو. ايم آر
ڊيءَ جي اُن سڏ جو نتيجو جانچڻ لاءِ مون 70 ڪلفٽن
۾ ڌيان سان اخبارون پڙهيون ۽ بي بي سيءَ تان خبرون
۽ تبصرا ٻُڌا. مون وڏو جوکو کڻي پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي انهن اڳواڻ سان نياپن ذريعي رابطو ڪيو،
جيڪي مڊايسٽ اسپتال ڀرسان هڪ ڳجهي جاءِ ۾ ڪندا
هئا. مون پنهنجي ڳوٺاڻي ضلعي لاڙڪاڻي ڏانهن به
سياسي هدايتون موڪليون ۽ فنڊ جي انتظام لاءِ سندن
مدد ڪئي.
اڳين هلچلن کان ايم آر ڊيءَ جي اُن هلچل نئون روپ
ورتو هو. ماضيءَ ۾ ’احتجاجي تحريڪ‘ جا لفظ ٻُڌڻ
سان حڪومت سياسي ڪارڪنن پٺيان هٿ ڌوئي پوندي هئي ۽
کين هزارن جي تعداد ۾ جهلي، ڪنهن دم کڻڻ کان
روڪيندي هئي: جنهنڪري عوامي اڳواڻيءَ ڪندڙ ڪوبه
ڪونه هوندو هو. هاڻي ايم آر ڊي اڳواڻن کي آزاد
ڇڏيو ويو هو، ته اهي ڀلي پاڻ گرفتاريون ڏين- ۽ هنن
پاڻ کي گرفتار به ڪرايو. ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن جي
پُٺڀرائي لاءِ جڏهن عوام گڏ ٿيا هئا، ته پوليس کين
به ڪجهه نه ٿي چيو. ان هلچل ۾ سنڌ جو زميندار طبقو
به شريڪ ٿي ويو. هنن پارٽيءَ جي حامين کي گهربل
جاين تي پهچائڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ لاريون ڏنيون ۽ بهتر
رابطي لاءِ پنهنجن ڪمدارن ذريعي سهوليتون ڏنيون.
ان هلچل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي
ڪجهه اڳواڻن پهرين ٿوري هٻڪ ڏيکاري، خيال اهو هو
ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ جتوئي،
آمريڪي ۽ فوجي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون آهن، جن
ضياءَ جي تختو اونڌي ڪرڻ لاءِ هن جي پٺڀرائي ڪئي
آهي. اهڙي ريت جتوئيءَ جو اقتدار قائم رهندو ۽ وري
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت جي ويجهو به اچڻ
ڪونه ڏنو ويندو. مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي
اڳواڻن کي اها ڳالهه زور ڏئي سمجهائي، ته ان هلچل
۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ضياءَ خلاف هلندڙ هلچل
وقت متحد رهڻ وڌيڪ اهم آهي، ۽ پوءِ جيڪڏهن ضروري
ٿيو ته پاڻ ۾ جيڪو اتفاق جُڙيو آهي، تنهن تي
ويچاريو ويندو.
اُن هلچل جيئن زور ورتو، ته مون پارتيءَ جي
عهديدارن کي لِڪ ڇپ ۾ ڪيترائي خط موڪليا، جن ۾ مون
کين سمجهايو ته پرڏيهي سفارتڪارن کي ڇا چوڻ گهرجي
۽ اخبارن ۾ ڪهڙيون خبرون ڏجن. مون هنن تي زور ڏنو،
ته ان هلچل کي زور شور سان اڳتي وڌائيندا هلو ۽
حڪومت کي ڪوبه اهڙو وجهه نه ڏيو، جو اها اسان کي
تباهه ڪري. مونکي پتو هو، ته جيڪڏهن انهن نياپن جي
حڪومت کي سُڌ پوي ها، ته مونکي پرڏيهه ۾ موڪلڻ
بدران واپس جيل ۾ موڪلي ڇڏي ها. پر منهنجي لاءِ هر
ٻيءَ ڳالهه کان اُتم پاڪستاني عوام جي آزادي هئي.
جيل جي عملدارن جي شڪ کان پاڻ بچائڻ لاءِ آئون
وڌيڪ ڪمزور هجڻ جو بهانو ڪندي هيس. هونئن به
منهنجي طبيعت ئي اهڙي آهي، جو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سب مون
۾ ڪنهن قدر سگهه اچي وڃي ٿي، پوءِ کڻي آئون ڪيتري
بيمار ڇو نه هجان. پر 1983ع ۾ سنڌ ۾ بغاوت هلندي
جڏهن جيل جو عملو هفتيوار چڪر تي ايندو هو، ته
آئون ڄاڻي ٻجهي اکين هيٺ غاليچي ۾ کپائي ويهندي
هيس، ته جيئن اهي منهنجي جوش ۽ ولولي کي ڏسي نه
سگهن ۽ کين پڪ ٿئي ته آئون اهڙي ته اگهي آهيان، جو
ٻي ڪا ڳالهه سوچي نٿي سگهان.
انهيءَ وچ ۾ جتوئي مون تي زور پئي رکيو، ته آئون
عوام لاءِ امان کان ڪو نياپو گهرايان. ڏاڍي
ڏکيائيءَ کان پوءِ ڪنهن امان سان فون تي ڳالهايو.
”اوهان بينظير کي چئو ته منهنجي نالي تي ڪو بيان
ڏئي.“ هن چيو. پوءِ آئون بجلي واري ٽائيپ رائيٽر
اڳيان ٿي ويٺيس ۽ بجليءَ جي اک ٻُوٽ هلندي اَٿاهه
طاقتور فرد جيان ٽائيپ ڪرڻ لڳس. منهنجين آڱرين مان
لفظ تيزيءَ سان ڊوڙندا ڪاغذن تي پکڙجڻ لڳا.
”منهنجا محب وطن ۽ بهادر هموطنو، منهنجا مانائتا
ڀائرو ۽ پياريون ڀينرو، منهنجون دلير ڌيئرو ۽ نِڊر
فرزندو (مون عوام لاءِ امان جو نياپو ٽائيپ ڪرڻ
شروع ڪيو، جيڪو پوءِ اردو ۽ سنڌيءَ ٻولين ۾ ترجمو
ٿيو هو ۽ لڪ ڇپ ۾ سڄي صوبي ۾ ورهايو ويو هو.) …
اسان جي هلچل جو مقصد ملڪي قانونَ جي نافرماني
آهي. ڇهن ورهين جي ڊگهي عرصي تائين اسين ظلم، ڏاڍ
۽ پيڙا کي مُنهن ڏيندا پيا اچون. جمهوريت جي
بحاليءَ لاءِ اسان جي مطالبي کان ڪيترائي ڀيرا
لنؤايو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ واڙيو
ويو آهي ۽کين موت جون سزائون ڏنيون ويون آهن. هاڻي
گهڻو ئي ڪجهه ٿيو. تنهنڪري اسين بسن ۽ ريلوي جي
ڊرائيورن کي گذارش ڪريون ٿا، ته اوهين بسون نه
هلايو، ريلون نه هلايو. پوليس وارن کي اسان جو
رُڳو ايترو چوڻ آهي، ته اوهين دادوءَ ۾ پنهنجن
ڀائرن جي مثال جي پيروي ڪريو ۽ معصوم عوام تي
گوليون نه هلايو. جيڪي اوهان جا ئي ڀائر آهن.
اوهين هن هلچل کان بلڪل نه ڊڄو. اها هلچل اسان جي
عوام، غريبن ۽ ٻارن لاءِ آهي ته جيئن اُهي مفلسي،
بُک ۽ بيماريءَ جي زندگي نه گهارين. اوهين پنهنجي
پارليامينٽ، حڪومت ۽ آئين لاءِ جدوجهد ڪريو، ته
جيئن فيصلا غريب عوام جي حق ۾ ٿين ۽ نه فوجي حڪومت
۽ سندس ڇاڙتن جي حق ۾ …“
ضياءَ الحق خلاف نفرت ۽ ڌِڪار جي اها هلچل وڏو
ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي ۽ چؤڌاري پکڙجي وئي. ريلوي
اسٽيشنن تي ڦرلٽ ٿي. ٽرڪن ۽ بسن هلڻ بند ڪيو. ٿاڻن
کي ساڙيو ويو. سون ماڻهن پنهنجيون جانيون وڃايون.
پاڻ ضياءَ کي ظاهري طرح آڌر ڀاءُ ڪندڙ انبوهه ذري
گهٽ قتل ڪري ٿي ڇڏيو. هڪ هيليڪاپٽر جنهن ۾ ماڻهن
سمجهيو هو ته ضياءَ آهي، جڏهن دادو لٿو تڏهن عوام
اُن ۾ ويٺل ماڻهن تي حملو ڪري ڏنو. حقيقت ۾ ضياءَ
هڪ ٻئي هيليڪاپٽر ۾ هو، جيڪو اتان رخ ڦيرائي ڪنهن
ٻئي هنڌ وڃي لٿو هو. پوءِ جڏهن هن کي ريسٽ هائوس ۾
ڏٺو ويو هو، تڏهن به هو مارجي وڃڻ کان ذري گهٽ بچي
ويو هو.
سنڌ جي اها بغاوت تُرت ٻين صوبن تائين به پکڙجي
وئي. بلوچستان صوبي جي ڪوئيٽا ۾ ۽ سرحد صوبي جي
پشاور جي وڪيلن جي انجمنن سياسي بيان بازيءَ تي
پيل بندش جي ڀڃڪڙي ڪندي چونڊن ڪرائڻ جي گهُر ڪئي.
لاهور ۾ پوليس هاءِ ڪورٽ جا سڀئي دروازا بند ڪري،
وڪيلن کي احتجاجي جلوس ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ
مٿن پٿر وسايا ويا. پوءِ به بابا جي وڪيلن مان هڪ
وڪيلياڻي طلعت يعقوب جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن جو جلوس
ڪنهن نموني ٻاهر آيو. ”اوهان مان جيڪي گهر ۾ ويهڻ
گهرن ٿا، تن لاءِ هيءُ چُوڙِيون آهن.“ طلعت يعقوب
پنهنجيون شيشي جون چوڙيون اُڇلائيندي ۽ پاڪستاني
جهنڊو جهولائيندي، لاهور ۾ وڪيل انجمن جي اڪثر مرد
وڪيلن کي رڙيون ڪندي چيو. ”آئون توهان کي آزاديءَ
لاءِ سڏيان ٿي.“ سوين وڪيل ساڻس وڃي مليا ۽ ڀڃڪڙي
ڪندي، اهي جمهوريت جي حق ۾ نعرا هڻندا اڳتي وڌندا
ويا ۽ پوليس جي گهيري ۾ ڦاسي پيا.
ان ملڪي بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ آڪٽوبر جي ٻئي هفتي
۾ فوج پنهنجيون توبون ۽ ٽئنڪون ڪَتب آنديون، جنهن
جي نتيجي ۾ خاص ڪري سنڌين جي دلين ۾ سخت ڪاوڙ ۽
ڪروڌ پيدا ٿي پيو. چيو ويو ته اُن ۾ اٺ سؤ ماڻهو
مارجي ويا هئا. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ بيٺل فصل ساڙي رک
ڪيا ويا. عورتن جي لڄالُٽ ڪئي وئي، جنهن سبب ٻارهن
ورهيه اڳ بنگلاديش ۾ فوج جيڪي هاڃا ڪيا هئا، تن جو
اگريون يادون اڀري آيون هيون. ڪاوڙ ۽ ڪِروڌ جي رَک
مان سنڌي قوميت جنم ورتو. ٻين اقليتي صوبن ۾ پڻ
علحدگيءَ جي هلچل اڀرڻ لڳي. ضياءَ جي ظلم ۽ ڇهن
ورهين جي مارشل لا سبب پاڪستان جو ڪمزور ۽ نازڪ
وفاق ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو هو.
پوءِ به ريگن انتظاميا پنهنجي خاص ماڻهوءَ جي پُٺي
ٺپريندي آئي. ’نيوز ويڪ‘ لکيو آهي ته، ”واشنگٽن
پنهنجي عالمي حڪمت عمليءَ ۾ ضياءَ کي پنهنجو گُڏو
سمجهي ٿو.“ مون پنهنجي روزنامچي ۾ 22 آڪٽوبر تي
لکيو. ”هڪ مغربي جاسوس ذريعي جي چوڻ مطابق سي آءِ
اي پاڪستان ۾ پنهنجيون ’اصلي‘ سرگرميون وڌائي
ڇڏيون آهن. گذريل هفتي ’نيوز ويڪ‘ لکيو هو ته
ضياءَ جي ڊهندڙ حڪومت کي سي آءِ اي ٽيڪ ڏيو بيٺي
آهي. اهي خاطري چاهين ٿا ته ضياءَ جو حشر ايران جي
شاهه جهڙو نه ٿئي. گذريل ڏيڍ ورهيه ۾ مصر ۾ جاسوسي
ڪندڙ ’آمريڪي ڀُوتن‘ جو وڏو تعداد قاهرا مان نڪري
اسلام آباد ۾ پهچي ويو آهي. اُن رپورٽ جي پڇاڙيءَ
۾ ڄاڻايل آهي ته ’اُن مان پڌرو ٿئي ٿو ته ضياءُ
رُڳو تڏهن اقتدار ڇڏيندو، جڏهن کيس ان لاءِ مجبور
ڪيو ويندو.“
۽ آئون 70 ڪلفٽن ۾ ئي نظربند رهيس. منهنجي
نظربنديءَ جو اُهو پنجون ورهيه هو.
اوندهه. منهنجي ذهن ۾ ڌَڌڪا ۽ دانهون. انڌڪار جون
هڪ ٻئي پٺيان لهرون. سنڌ بغاوت کان تُرت پوءِ،
هڪڙي ڏينهن بستري ۾ جڏهن منهنجي اک کلي ته مون
پنهنجيءَ نبض تي ڊاڪٽر جو هٿ ڏٺو ۽ هن جي مُنهن تي
مُرڪ. هن مونکي ٻڌايو ته منهنجي ڪَنُ جي صفائي
لاءِ بيهوشيءَ جي جيڪا دوا ڪَتب آندي وئي هئي،
تنهن جو مون تي خراب اثر ٿيو هو. پر اُن اوچتي
صورتحال ۾ امداد وٺڻ لاءِ ٻي ڪا راهه به نه هئي،
ڇو ته 70 ڪلفٽن ۾ ٽيليفون ڪَٽيل هو. وري هڪ مهينو
پوءِ مون تي مٿي جي ڦيريءَ جو سخت حملو ٿيو، جنهن
سبب مونکي ڀنواٽيون پئي آيون ۽ منهنجيءَ دل سخت
ڪچي ٿي پئي هئي. وري ڊاڪٽر کان طبي امداد وٺڻ لاءِ
ڪا راهه ئي نه هئي.
منهنجي ڪَنُ جي علاج کان پوءِ آئون ڪيترن ڏينهن
تائين بُخار ۾ ورتل هيس.ان حالت ۾ مونکي کنگهه هئي
۽ پگهر پئي نڪتا. ڊاڪٽر منهنجو ڪَنُ تپاسيندي
فيصلو ڪيو ته منهنجي ٻُڌڻ جي اٽڪل اڌ جيتري قوت
ضايع ٿي وئي آهي. ”جيڪڏهن مون هن جو علاج
نظربنديءَ ۾ ڪيو، ته پوءِ آئون مريض جي صحت جو ذمو
کڻي ڪونه سگهندس.“ ڊاڪٽر نومبر ۾ هوم سيڪريٽريءَ
کي اطلاع ڏنو ۽ درخواست ڪئي ته کيس وڌيڪ علاج
اسپتال ۾ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ”سياري جي مُند جي
اوچتي شروع ٿيڻ سان جيڪڏهن نَڪ يا نڙيءَ ۾ ٿوري به
تڪليف ٿي ، ته سندس ٻُڌڻ جي حِس کي وڌيڪ هاڃو
رَسندو. جراحيءَ لاءِ ڪي اپاءُ نه وٺڻ تائين ڪيترن
ئي مونجهارن جو جوکو موجود آهي، جن ۾ مُنهن جي
نَسن جو نِستو ٿيڻ به ممڪن آهي.“ نيٺ اسپتال ۾
علاج ڪرائڻ جي اجازت ملي ۽ باقي علاج وڌيڪ سُٺي
نموني ڪرائڻ لاءِ مونکي جسماني ۽ نفسياتي طرح پاڻ
کي سهيڙڻو هو.
آئون نظربنديءَ ۾ ايترو ته گهڻو عرصو رهي هيس، جو
آئون هر ڪنهن ۽ هر شيءِ تي شڪ ڪندي هيس. پنهنجي
حياتي ڪنهن اوپري شخص کي سونپڻ جي ويچار کان ئي
مونکي ڊَپ وَڪوڙي ٿي ويو، پوءِ ڀلي اهو شخص انگريز
سرجن ڇو نه هجي. تنهنڪري ٻيڻي خاطريءَ لاءِ ته
مونکي آپريشن جي گهُرج به هئي يا نه. مون پنهنجو
طبي رڪارڊ لِڪ ڇپ ۾ ڊاڪٽر نيازيءَ ڏانهن لنڊن
موڪلي ڏنو. هن منهنجي طبي پرک جي تصديق ڪئي. پوءِ
به آئون اڃا به وڌيڪ مونجهاري ۾ ڦاٿل هيس. سڄي
پاڪستان ۾ هزارين سياسي قيدي جيلن ۾ اهڙين حالتن
هيٺ بند هئا، جن جو ذڪر به نٿو ڪري سگهجي،
منجهانئن ڪيترن کي ته موت جي سزا مليل هئي.
جيتوڻيڪ آئون پڻ قيد ۾ هيس، پر مون ڀانئيو ته
آئون ئي سندن همت ۽ سُڪون جو وسيلو آهيان. مون ڏکن
۽ ڏُکيائين ۾ هنن جو ساٿ ڏنو آهي، اهي منهنجي ڪارڻ
ئي اُتي آهن ۽ آئون هنن سبب هتي آهيان. جيڪڏهن
آئون کين ڇڏي وينديس، ته ڇا اهي پاڻ کي بيوس ۽
لانجهو ڪونه ڀانئيندا؟ ڇا اهي پاڻ کي هيڪلو نه
سمجهندا؟
ڊسمبر جو مهينو جيئن ئي پورو ٿيو ته مونکي پوري پڪ
ٿي، ته حڪومت تُرت مونکي آزاد ڪندي. سنڌ ۾ بغاوت
هلندي مونکي اختياريءَ وارن وٽان ڪابه ڄاڻ نه پهتي
هئي. مونکي سُڌ هئي ته حڪومت اُن سخت مصيبت ۽
پريشانيءَ وقت اهو ڄاڻندي مونکي آزاد نه ڪندي، ته
متان آئون اهي خبرون پرڏيهي ملڪن تائين پهچايان.
پر هاڻي اهي فساد گهٽجي ويا هئا، تنهنڪري هنن وٽ
هينئر ڪوبه بهانو ڪونه هو.
آئون پاڻ به هاڻي سفر لائق ٿي وئي هيس. جيتوڻيڪ
ڊاڪٽر جو پهرين ويچار هو ته هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان
اڳ هو منهنجي ڪَنُ ۾ نالي وجهي ڇڏيندو. پر هاڻي هن
جو چوڻ هو ته جهاز جي اڏامڻ ۽ لهڻ وقت مون کي رُڳو
ٻن گورين کائڻ جي گهُرج ٿيندي. اوائل ۾ ڪَنُ جي
علاج ڪرائڻ وقت منهنجي تڪليف ۽ ڳڻتيءَ سبب مون تي
جيڪو خراب اثر ٿيو هو، سو حڪومت جي اُن فيصلي سبب
گهڻو گهٽجي ويو هو ته، صنم روزانو مون سان ملاقات
ڪري سگهندي. ڊاڪٽر حڪومت تي زور وڌو، ته جيڪڏهن
مونکي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ته
منهنجي صحت جي بحالي ناممڪن بڻجي ويندي.
ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ اختياري وارن صنم ۽ مون کان
اسان جي پاسپورٽن، ويزا فارمن ۽ فارين ايڪسچينج
فارمن جو پڇيو. هنن اسان کي تيار رهڻ لاءِ چيو. پر
جنهن ڏينهن اسان کي وڃڻو هو، تنهن ڏينهن ڪوبه اسان
کي وٺڻ ڪونه آيو. مون اُهو وقت ذاتي معاملا نبيرڻ
۾ گذاريو. مون پنهنجي غير حاضريءَ ۾ گهرن جي
سارسنڀال جو بندوبست ڪيو ۽ ٽئڪسن جو حساب ڪتاب ٺيڪ
ڪيو. هڪ ٻئي هوائي جهاز جو وقت آيو ۽ اهو به نڪري
ويو.
اسان جي جهاز جي ٻي اڏام 10 جنوري 1984ع تي فجر
وقت رٿيل هئي. اڳ ۾ اطلاع ڏيڻ کان سواءِ اختياري
وارا رات جو ساڍي يارهين بجي 70 ڪلفٽن تي آيا.
”اوهان کي اڄ رات روانو ٿيڻو آهي.“ هنن ٻڌايو.
”اوهان وٽ سامان ٻَڌڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلاڪ اڃا آهن.“
مون سندن اهي لفظ لاپرواهيءَ سان ٻُڌا. مون تڙ تڪڙ
۾ عوام لاءِ آخري نياپو ٽائيپ ڪيو. ”پارٽي جا
بهادر ڪارڪنو ۽ پيارا هم وطنو.“ مون انهن لفظن سان
شروعات ڪئي، ”بيماريءَ جي سلسلي ۾ هن سفر تي رواني
ٿيڻ کان اڳ آئون اوهان جي دعائن سان وڃڻ جي اجازت
گهران ٿي…“ پنهنجي سامان کي سهيڙيندي آئون ساڻِي
ٿي پيس. ۽ مون پنهنجي ٻلي هڪ سفري ٿيلهي ۾ کنئي.
گذريل ستن ورهين ۾ مون سان اهو ئي ڪجهه ٿيندو رهيو
هو، جو ڪي چڱيون شيون به رُڃ ٿي لڳيون.
ٻاهر آڳنڌ ۾ صنم هڪ بي نشان ڪار ۾ منهنجو اوسيئڙو
پئي ڪيو. هوائي اڏي ڏانهن ويندي اسان کي رستن تي
ڪوبه ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. اتي اسان کي هڪ پاسيري
ڪمري ۾ ويهاريو ويو. مون پاڻ کي ٿوري به اُتاولائي
ڏيکارڻ جي اجازت نه ڏني. مون تازو اوريانا
فيلاچيءَ جو لکيل ڪتاب ”انسان“
(The Man)
پڙهي پورو ڪيو هو. ان جي هيري جو جهاز جيئن اڏامي
ٿو، ته ان پٺيان هوائي فوج جا جهاز اماڻي، کيس
هوائي اڏي تي واپس موٽايو وڃي ٿو.
اسان کي سوئيز هوائي جهاز ۾ ويهارڻ لاءِ پوليس وٺي
وئي. مسافرن واري ڏاڪڻ تي چڙهندي مونکي هوائي جهاز
۾ آڌرڀاءُ ڪندڙ عورت جي مُنهن تي مُرڪ ڏسڻ ۾ آئي.
آئون اها مُرڪ ڪڏهن به نه وساري سگهنديس. اها مُرڪ
ڪنهن پوليس يا مارشل لا يا جيل جي عملدار جي نه
هئي. اها مُرڪ هڪ شهري، هڪ ٻئي انسان جي هئي.
هوائي جهاز جو دروازو بند ٿي ويو. رات جو اڍائي
بجين صنم ۽ آئون سئٽزرلينڊ ڏانهن روانيون ٿيونسين.
اسان پويان ڪي به جهاز ڪونه آيا. مونکي ڪابه سُڌ
نه هئي ته مارشل لا جي ستن ورهين واري عرصي کان
پوءِ ضياءَ مونکي آزاد ڪرڻ لاءِ اُهو وقت ڇو
چونڊيو هو پوءِ پيٽر گلئلبريٿ مونکي ٻڌايو:
ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري فارين رليشنس ڪميٽي مونکي
چيو ته، آئون ڏکڻ ايشيا جو سفر ڪري علائقائي
سلامتيءَ جي معاملن بابت ڪميٽيءَ جي ورتل جائزي تي
هڪ رپورٽ ٺاهيان. مون پاڻ سان يعقوب خان لاءِ هڪ
خط پڻ کنيو. جنهن تي ڪميٽيءَ جي چيئرمين چارلس
پرسي ۽ سينيٽر پيل جو صَحيون ٿيل هيون، جنهن ۾ کيس
ياد ڏياريو ويو هو ته، سندس حڪومت جي چوڻ مطابق
بينظير کي سندس دوستن سان ملاقات جي اجازت هئي.
’مسٽر گئلبريٿ، مس بينظير ڀٽي جو ذاتي دوست آهي ۽
اهي ٻئي هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهيا
آهن،‘ هنن جي خط ۾ ڄاڻايل هو. انهن سينيٽرن لکيو
هو ته مونکي هن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.
مون پاڪستان اچڻ جو اهڙو پروگرام رٿيو هو، ته جيئن
آخري منزل ڪراچي ۾ ٿئي. هن ڀيري آمريڪي سفارتخاني
منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي. مونکي ٻڌايو ويو هو ته
بينظير سان مون کي ملاقات جي اجازت ڏيڻ لاءِ جنرل
ضياءَ پاڻ فيصلو ڪيو هو.
آئون 9 جنوري تي رات جو دير سان ڪراچي پهتس.
بينظير سان ملاقات لاءِ منهنجي درخواست جو ڪوبه
جواب نه ملڻ سبب مون ٻئي ڏينهن صنم سان ملاقات جو
بندوبست ڪيو. آئون ڏاڍو مايوس هوس ۽ هڪ ڀيرو وري
مون بينظير کي هڪ ڊگهو خط لکيو.
ٻئي ڏينهن صبح سوير مونکي آمريڪي قونسليٽ مان فون
پهتو ته هڪدم هليو اچ. آئون جڏهن اتي پهتس ته ڊپٽي
ڪائونسل جنرل مونکي ٻڌايو ته، آڌيءَ رات کان ٿورو
پوءِ بينظير کي هوائي اڏي ڏانهن وٺي ويا ۽ کيس
سوئيز هوائي جهاز ۾ چاڙهيو ويو هو. صنم به ساڻس گڏ
هئي.
مون کي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. قونسليٽ جي ڪار
مونکي 70 ڪلفٽن ڏانهن کڻي وئي. اتي سدائين موجود
پوليس جا پهريدار غائب هئا. سڄو گهر بند پيو هو.
بينظير آزاد هئي. |