سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: --

صفحو : 23

وزيراعظم ۽ پُڄاڻي

مون 2 ڊسمبر 1988ع تي مسلمان دُنيا ۾ چونڊيل پهرين وزيراعظم عورت طور پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. پاڪستاني جهنڊي جي سائي ۽ اَڇي رنگ واري پاتل وڳي ۾، آئون صدارتي محل ۾ چمڪندڙ جهالرن هيٺان ڳاڙهن غاليچن تي هليس. اُها منهنجي چُرپر نه ، پر اُنهن سڀني ماڻهن جي چُرپر هئي، جن جمهوريت لاءِ قُربانيون ڏنيون هيون.

پاڪستاني عوام عملي طور عورت کي وزيراعظم چونڊڻ بابت ساڙ ۽ متڀيد وارين ڳالهين کي رد ڪيو هو. اُهو هڪ مهانَ اعزاز هو ۽ اوتري ئي مهانَ ذميداري به هئي. آئون ڀانئيان ٿي ته پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ، جادوئي ۽ موهيندڙ گهڙي هئي. آئون مُقدر جي طاقتن کي ساريان ٿي، جن مونکي اُن عهدي تائين ۽ اُن جاءِ تي اُن گهڙيءَ پهچايو هو. مون اُنهن سڀني ماڻهن کي ياد ڪيو، جيڪي منهنجي اڳيان آيا هئا، جن ڀوڳيو هو، جن کي ماريو ويو هو، جلاوطن ڪيو ويو هو ۽ مونکي اهڙا ٻيا به ڪيترائي ماڻهو ياد آيا، جن کي جمهوريت جي سوڀُ لاءِ قتل ڪيو ويو هو. مون خاص طور، پنهنجي بابا کي به ياد ڪيو.

مون هن سياسي ڪردار لاءِ تمنا نه ڪئي هئي، مون اهو عهدو نه گهُريو هو. پر مُقدر جي طاقتن ۽ تاريخ جي قوتن مونکي اڳتي ڌِڪيو هو، ۽ مون پاڻُ کي رعايت ماڻيل ۽ اچرج ۾ ڀانئيو هو. منهنجي چونڊ جو مسلمان دنيا تي گهڻو اثر ٿيو هو. عورت جو ڪردار سندس گهر جي چؤديواريءَ ۾ هئڻ جي تبليغ ڪندڙ مُنجهيل مُلن واريءَ اُن سوچ کي بلڪل رد ڪيو ويو هو. پاڪستان ۽ اُن سان گڏ سڄي مسلمان دُنيا باهمت نئين نظريي جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هئي، جتي جنسي برابريءَ جو اصول سچ پئي بڻيو.

ضياءَ طرفان پنهنجي هڪڙي گهاٽي دوست کي مون بابت هڪ سال اڳ چيل اها ڳالهه ساريندي، ’منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي بينظير ڀُٽو کي جيئرو ڇڏڻ آهي.‘ مون ڏٺو ته، منهنجي حيثيت ۽ منهنجو ڪردار منهنجي مُقدر جو حصو آهن. منهنجي چونڊ سڀني عورتن کي همت ڏني ۽ اسلام جي جديد تشريح واري عڪس کي وڌايو ويجهايو ۽ پاڪستاني عوام کي بهتر زندگيءَ جي اُميد ڏني. منهنجي ڪاميابي افغانستان مان سوويت فوجن جي نڪرڻ ۽ سمورن کنڊن ۾ ڪيترين ئي آمراڻين حڪومتن جي تختي اونڌو ڪرڻ لاءِ هلايل مشهور هچل سان هڪجهڙائپ رکندڙ هئي. آئون نيٺ ٿائيلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، نائيجيريا ۽ مراڪش ملڪن جي ڪيئي اڳواڻن سان مليس، تن مونکي ٻُڌايو ته، جيل ۾ بند هئڻ مهل ۽ بغاوتن دؤران منهنجي آتم ڪهاڻيءَ پڙهڻ سان کين اُتساهه مليو هو.

پاڪستان ۾ ۽ پرڏيهه ۾ ڪيئي ماڻهن، عوامي طاقت ۽ اوچتو اُٻڙڪا ڏيئي ڦاٽندڙ عوامي حرارت بابت غلط اندازا لڳايا هئا، جنهن کي آمريت جي ڏهاڪن دؤران دٻايو ويو هو. مون جيئن وزيراعظم جو قسم کنيو، ته مونکي يقين ٿيو ته هاڻي حڪومت ڪنهن به رُڪاوٽ کانسواءِ عوامي مسئلا سُلجهائڻ تي ڌيان ڏيئي سگهي ٿي. پر مون هڪدم سمجهيو ته آئون غلطيءَ تي هئس. صدر سميت اُهي ماڻهو، جن منهنجي چونڊ جي مخالفت ڪئي هئي، سي مونکي ڪمزور ڪرڻ ڏانهن جهُڪاءُ رکندڙ هئا.

هڪڙي واقعي سموري سُر تال ۽ ڪردار جي جوڙجڪ ڪئي. قسم کڻڻ واريءَ تقريب ۾، صدر عهدي جو قسم نرالي انداز سان پڙهڻ لڳو، ڪيڏيءَ مهل تمام تِکو، ته ڪيڏيءَ مهل وري سُست، ۽ هُو اَڌ دَمن تي به نه پئي بيٺو. اهو ڄڻ ايئن ٿي لڳو ته، هُن مونکي چيڙائڻ ۽ سڄيءَ دُنيا جي عوام آڏو خوار ۽ بيعزتو ڪرڻ پئي گهُريو. هُن جي مڪر ۽ کيڏ کي سمجهندي، آئون شانَ، مانَ ۽ مهانتا سان قسمنامو پڙهڻ لڳيس، ته جيئن منهنجي ملڪ جا ماڻهو، جن منهنجي ڪُلهن تي انهن واعدن جي پوراءُ لاءِ ذميداري وڌي هئي، سي منهنجو ساڻن ڪيل واعدو ٻُڌي سگهن.

جيئن مون پنهنجي عهدي جو قسم کڻي پُور ڪيو  ته، مون فوجي جنرل جا نِراس مُک ۽ ڪامورن جا ڊِنل چهرا ڏٺا، جيڪي نون ۽ پُراڻن حُڪمن وچ ۾ گهيريل هئا. پر مون اُن وڏي ڪمري ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏٺو، جنهن ۾ منهنجي ماءُ جو مُک ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن جا خوشيءَ ۾ فخر سان ٻهڪيل مُکڙا به هئا. مون جيئن قسم کنيو، ته هڪدم جهاڙُولن واري ڪمري هيٺان ’جيئي ڀُٽو، جيئي ڀُٽو‘ جا نعرا گوُنجڻ لڳا. مون اُن گهڙيءَ ڀانئيو ته بابا پنهنجي حياتي اجائي قربان نه ڪئي هئي. پاڪستاني عوام مون جهڙيءَ پنجٽيهن ورهين جي ناتجربيڪار عورت کي ووٽ ڏيندي ساڻس گڏ بيٺو هو. آئون اُنهن جي محبت ۽ وفاداريءَ سبب دنيا جي سڀ کان ننڍيءَ ڄمار واريءَ چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويس.

حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ کنيل اُنهن اُپائن کي نسبتي سياستَ جي اڀياس سان سمجهندي، جن ڪردار ۽ لاڙن کي ٺاهيو ۽ تبديليءَ جي ابتدا جو اشارو ڏنو هو، مون پاڪستان ۽ دنيا ڏانهن جوهر ۽ علامت ۾ واضح اشارو موڪلڻ جو تحرڪ ورتو. منهنجي حڪومت جي 1989ع جي پهرين هفتي ۾، آئون اُنهن ڳالهين کي عمل ۾ آڻڻ لڳيس، جن لاءِ تبليغ ڪندي رهي هئس… مون هڪدم پورهيت يونينن کي قانوني رُوپ ڏنو، جن تي ضياءَ جنتا بندش وڌي هئي. مون شاگرد يونينن تان پابندي ختم ڪئي. مون غير سرڪاري تنظيمن سميت انساني حقن ۽ عورتن جي حقن لاءِ پاڻُ پتوڙيندڙ گروهن جي آزاد سرگرميءَ تي مڙهيل شرطن ۽ پابندين کي هٽايو. (آئون سرگرم غير سرڪاري تنظيمن ڏانهن فوجي جنتا ۽ اينٽيليجنس جي مخالفت جي سطح تي اچرج ۾ پئجي وئي هئس. انهن کي اِها هورا کورا هئي ته، ڪجهه غير سرڪاري تنظيمون ’سرمايدار دُنيا‘ جون جاسوس ٿي سگهن ٿيون.) مون آزاد، کُليل سنسر کان پاڪ پرنٽ ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا بحال ڪيو. مون پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رياستي ميڊيا کي آزاد ڪيو. جن تي مخالف سياسي جماعتن جي باقاعدي، لڳاتار ۽ ڪاٽَ ڇاٽ توڙي روڪٿام کانسواءِ پُهچ هئي.

مون پنهنجي عهدي وقت امن جو ورثو پوئتي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو وقت سيڙائڻ جو به فيصلو ڪيو. ڊسمبر 1988ع ۾، جنهن مهيني ۾ آئون وزيراعظ۾ چونڊجي آئي هئس، مون وزيراعظم راجيو گانڌيءَ ۽ سندس سُندر زال سونيا گانڌيءَ جو اسلام آباد ۾ آڌرڀاءُ ڪيو. انٽر سروسز انٽيليجينس (آءِ. ايس. آءِ) اهو مؤقف پکيڙڻ ۾ رُڌل هئي ته آئون هندستان ڏانهن ’نرمي‘ رکان ٿي، جنهن سان اسان جو ڪشمير مامري تي تڪرار هلندڙ هو. پر مون انهن جي هٿن ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو. ۽ مونکي پنهنجو ڪم ڪرڻو پيو. مون وزيراعظم راجيو گانڌيءَ ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تنظيم (سارڪ) جي ٻين اڳواڻن سان پُختا سرگرم لاڳاپا جوڙڻ لاءِ پنهنجين ڪوششن تي ڌيان ڏنو.

جڏهن سارڪ اڳواڻَ اسلام آباد جي ڦوهارن وارن سُندر نظارن وچ ۾ هڪڙي ماڳ تي گڏ ٿيا، ته مون کين ٻُڌايو ته، ڪيئن يورپي ڪامن مارڪيٽ ۽ پوءِ يورپي يونين تحت يورپ جون اثرائتيون ۽ سوڀاريون ڪاميابيون ٿيون آهن. مون تجويز ڏني ته، اسان کي پاڻ ۾ گڏجي سارڪ کي ثقافتي تنظيم مان هڪڙي معاشي طاقت ۾ بدلائڻ گهُرجي. آئون سارڪ ۾ نئين چونڊيل، ڄمار ۾ ننڍي ۽ اڪيلي عورت وزيراعظم هئس، ۽ آئون شرميلي نه هئس، تنهنڪري مون پنهنجي مؤقف تي وڌيڪ زور ٿي ڏنو. سمورا اڳواڻ جوشيلا هئا. معاشي سهڪار کي مڃتا ڏيندي، مون تجويز ڏني ته، اسان جي ملڪن وچ ۾ پارليامينٽري ميمبرن ۽ ججن جهڙن چونڊيل گروهن کي مُفت ويزا جي سهولت ڏيڻ کپي. اسان جي گڏجاڻي ڏکڻ ايشيائي اوليتي محصول معاهدي جي تجويز تي ختم ٿي. (منهنجي ٻيءَ حڪومت ۾ مونکي اُن معاهدي ۾ سُڌارو آڻڻ جو اعزاز آهي.)

مون راجيو گانڌيءَ کي چيو ته، هُن جي ماءُ اندرا گانڌي ۽ منهنجو بابا اُن عمل تي ڏاڍا سُرها ٿيندا. هُنن نِڊرتا سان 1972ع ۾ شملا معاهدي تي صحيون ڪيون هيون، جيڪو ٻالڪپڻ ۾ منهنجي سامهون ٿيو هو. آئون ۽ راجيوَ گانڌي سياسي جائنشينيءَ ۾ ٻالڪ هئاسين، جن جي والدين کي قتل ڪيو ويو هو. اسان ٻئي ڄڻا نؤجوان ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ڄاول ٻارَ هئاسين. تنهنڪري منهنجي ۽ آصف لاءِ راجيو ۽ سونيا سان ڳالهائڻ سولو هو. جڏهن راجيوَ گانڌيءَ کي قتل ڪيو ويو ته آئون ڊِڄي ويس ۽ مونکي ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ آئون هُن جي ڪرياڪرم جون رسمون نڀائڻ لاءِ هندستان ويس.

سارڪ سربراهي ڪانفرنس کان پوءِ، منهنجي ۽ راجيوَ گانڌيءَ وچ ۾ نجي ۽ گڏيل مفادن بابت ڳالهيون ٿيون. مون هُن کي ياد ڏياريو ته هندستان وڏو مُلڪ آهي، تنهنڪري هُن کي پاڪستان سان سرچاءُ جي ڏس ۾ وڏيءَ دل جو مظاهرو ڪرڻ جي گهُرج آهي. مون ياد ڪيو ته ڪيئن هُن جي ماءُ اولهه پاڪستان جي 1971ع جي جنگ ۾ وڃايل علائقن تان غير مشروط طور فوجون هٽائي، شملا معاهدو ڪيو هو. شملا معاهدي جو رُوح اڃا برقرار هو. ڇڪتاڻ، تاءُ ۽ چِڙ وارين سرگرمين هوندي به هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن 1972ع کان پوءِ ڪا مڪمل جنگ نه ڪئي هئي.

ضياءَ دؤر ۾ پاڪستان جي هٿن مان سياچن گليشيئر هندستان جي هٿن ۾ هليو ويو هو. جنرل ضياءَ جيتوڻيڪ اها دعويٰ ڪندي ته ’سياچن تي ڪجهه نٿو ڦُٽي‘ پاڻُ تان شرمندگي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس اُن عمل سان ماڻهن ۽ خاص ڪري فوجَ کي ڏاڍو ڏُک پهتو هو. اسان جا سپاهي، جن کي اسان ’جوان‘ سڏيون ٿا، سي چونڊ مُهم دؤران مونکي هٿن جي اڱرين سان سوُڀ جو ٺاهيل نشان ڏيکاريندا رهيا هئا، جنهن عمل سان اُنهنجي جنرلن جي مؤقف بجاءِ سندن سماجي پاڙن جي عڪاسي نروار پئي ٿي. مونکي پتو هو ته، سڄو پاڪستان ۽ فوجَ به، پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪافي عرصي کان رهيل مامرن جو عزتدار ۽ منصفاڻو سُلجهاءُ پئي چاهيو. راجيو گانڌي راضپو ڏيکاريو ته اسان کي اعتماد بحال ڪرائڻ جي پروگرام جي گهُرج آهي. اسان ڪيتريون ڪميٽيون ٺاهيون، ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اعتماد جي بحاليءَ جي معاهدي تي پهرين صحيح ڪئي، جنهن معاهدي ۾ اهو ڄاڻايل هو ته، ٻئي مُلڪ هڪٻئي جي جوهري ماڳن تي حملو نه ڪندا. اسان گڏيل مفادن پٽاندر فوج ۾ ڪٽوتي ۽ ٻيهر فوجن جي مقرريءَ بابت معاهدن تي به صحيون ڪيون، ۽ اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري پابنديون کڻڻ وارن معاهدن تي به صحيون ڪيون. نيٺ، گليشيئر بابت اسان ٻنهي ملڪن جي مؤقف تي ڪنهن تعصب کانسواءِ ڪارگل تان ملڪي فوجن جي واپسيءَ واري معاهدي جي موادَ تي صحيون ٿيون. (پر اسان ٻنهي ڄڻن مان اصل ۾ ڪوبه اقتدار ۾ نه رهيو، جو اصلي طور اُن دستاويز تي صحيون ڪري.) آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿي ته، ڏکڻ ايشيا ۽ امڪاني طور سڄي دنيا گهڻي مختلف جاءِ بڻجي وڃي ها، جيڪڏهن راجيو گانڌي جيئرو رهي ها ۽ مونکي پنهنجي حڪومت جو مُدو پُورو ڪرڻ ڏنو وڃي ها. اسان هڪٻئي کي سمجهيو هو، ۽ ٻئي گڏجي ڪم ڪري ٿي سگهياسين.

منهنجي پهرين حڪومت جي اوائل ۾، آئون پاڪستان کي ماضيءَ جيان برطانوي ڪامن ويلٿ جو ميمبر ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چُڪي هئس. برطانوي حڪومت طرفان افغان جنگ دؤران ۽ جمهوريت جي بحاليءَ ۾ پاڪستان جي پُٺڀرائيءَ سبب منهنجي پارٽي اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي. آئون ۽ راجيو گانڌي ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ 1989ع ۾ ملائيشيا جي شهر لئنگڪاويءَ ۾ ڪامن ويلٿ جي رٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ملڻ جو پروگرام جوڙيو هو، پر هندستان ۾ وقت کان اڳ چونڊن اُن عمل ۾ رنڊڪ وڌي، ۽ پوءِ راجيو گانڌيءَ کي ڏُکاري انداز ۾ قتل ڪيو ويو. هُن جي قتل کان پوءِ، پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ لاڳاپا بگڙيا.

مون هندستان جي نئين وزيراعظم وي. پي. سنگهه ڏانهن هندستان سان سُٺا لاڳاپا رکڻ جي خواهش جي اظهار لاءِ هڪڙو وفد موڪليو. پر، وزيراعظم سنگهه پاڪستان تي والاريل ڪشمير ۾ بغاوت ۽ رتوڇاڻ پکيڙڻ جا نامناسب الزام هڻڻ لڳو. (جيتوڻيڪ پاڪستانين جي ڪشميرين سان همدردي هئي، پر اُن وقت اُها اُڀريل بغاوت مقامي سطح جي ۽ برلن ديوار ڊهڻ واري واقع کان پوءِ سڄي دنيا ۾ ٿيل اُٿل پُٿل ۽ اُڀار سان ٺهڪجندڙ هئي. تنهن وقت اهو لڳو ٿي ته آزاديءَ جون قوتون اڳتي پيون وڌن. جيڪڏهن خودمختياريءَ واري هلچل پولينڊ، هنگري ۽ اوڀر جرمنيءَ ۾ وڌي ويجهي پئي ته، پوءِ ڪنهن کي ڪشمير ۾ اُن اُڀار تي ڇو پئي اچرج ٿيو؟)

مون هندستاني وزيراعظم کي ٻُڌايو ته، پاڪستان اُن ڏس ۾ ذميدار آهي. مون هُن کي افغان، عربن ۽ پاڪساني ويڙهاڪ گروهن طرفان 1990ع ۾ مليل آڇ واريءَ ڳالهه نه ٻُڌائي. آءِ. ايس. آءِ جي سُٺن عملدارن کي ڪَتب آڻيندي. هنن مونکي ٻُڌايو ته، ’هڪ لک ويڙهاڪ مُجاهد‘ (جنهن اصطلاح سان آئون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا متعارف ٿي چُڪي هئس) ڪشمير جي آزاديءَ واريءَ هلچل جي مدد لاءِ ڪشمير ۾ وڃڻ لاءِ تيار هئا، ۽ ڪنهن قدر وڏيءَ هندستاني فوج کي شڪست ڏيڻ تي پُراميد هئا. اهو ڄاڻندي ته قوم کان ٻاهر مختلف قومن طرفان پُٺڀرائي ۽ مدد ڪشميري ماڻهن جي مدد بجاءِ کين نقصان ئي پهچائيندي، مون اُن ويچار تي روڪ وڌي. مون آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي ٻُڌايو ته اُهي ورهايل ڪشمير کي ڌار ڪندڙ ڪنٽرول لائين تي بيٺل فوجن کي هدايتون ڏين، ته ڪوبه افغان مُجاهد پاڪستاني حدن مان ڪشمير ۾ نه وڃڻ کپي.

مون سمورن سياسي قدين کي ڇڏڻ جي جيڪا ڪارروائي ڪئي، تنهن جا منهنجي ڪُٽنب تي تُرت ۽ ذاتي اثر پيا هئا. مون نه رڳو سمورن سياسي قيدين کي ڇڏڻ جو حُڪم ڏنو، پر صدر غلام اسحاق خان کي عام معافيءَ ڏيڻ جي صلاح به ڏني هئم. اُن معافيءَ ۽ ڇُوٽ ۾ منهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽي سميت هزارين ٻيا ڪارڪن ۽ اڳواڻ به شامل هئڻ واريءَ ڳالهه کي ڄاڻندي، صدر اسحاق خان اسان جي خاندان ۾ ڏڦيڙ ۽ ڏار وجهڻ جو ٻج پوکڻ جو فيصلو ڪيو. هُن رُڳو شرطي معافي ۽ ڇُوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني، جنهن جو مطلب هو ته منهنجي ڀاءُ تي اڃا به ڪجهه خاص شرطن پٽاندر عدالتن ۾ ڪيس هلائي سگهجن ٿا. اهڙيءَ ريت سمورن عملي مقصدن لاءِ، منهنجو ڀاءُ مرتضيٰ ڀُٽو، نواز شريف حڪومت ۾ جيل جي ڌمڪيءَ کي مُنهن ڏيڻ کانسواءِ مُلڪ ۾ موٽي نه سگهيو. (نواز شريف تي پنجاب جو ضابطو هو، ۽ هُو فوجي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ کيڏيو پئي) مون جيئن ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي ڀاءُ کي پاڪستاني پاسپورٽ به ڏنم، پر هُن جو پاڪستان موٽڻ وارو عمل اڃا به جوکي ۽ رولڙي ۾ هو.

مون مُرتضيٰ کي ٻُڌايو ته آئون وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر سان هُن بابت ڳالهائي چُڪي آهيان. هڪڙي وڻندڙ ۽ چمڪندڙ ڏينهن تي چيڪرس ۾ ٽِڙيل ۽ مهڪيل گُلن واري باغيچي ۾ پسار ڪندي، مون مارگريٽ ٿيچر سان مرتضيٰ ڀٽو جي لنڊن ۾ رهڻ واري امڪان تي ڳالهايو. اها وزيراعظم ٿيچر جي مهرباني هئي، جنهن منهنجي وينتيءَ کي مڃيو. پوءِ به مرتضيٰ چُرپر کان لاچار هو. هُن چيو. ”آئون نٿو ڄاڻان ته، فوج ۾ موجود مُلا ڪيتري عرصي تائين توکي اقتدار ۾ رهڻ ڏيندا. تنهنڪري منهنجي لاءِ وچ اوڀر ۾ رهڻ ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ ٺيڪ ٿيندو.“ مونکي ڀروسو آهي ته، جيڪڏهن مرتضيٰ ڀٽي کي منهنجي حڪومت جي اوائل ۾ پاڪستان موٽڻ جي اجازت ڏني وڃي ها، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻنهي ڌُڙن وچ ۾ پوءِ اُڀريل اندروني ڇڪتاڻ ۽ تاءُ کان بچي سگهجي ها.

منهنجي وزيراعظم واري دؤر ۾، اسان جمهوريت جو ٻج پوکيو ۽ اُنهن جمهوري ادارن کي تاتيندي، سنڀال ڪندي ۽ اَڏيندي وڌايو ويجهايو، جيڪي اوائل ۾ ڪمزور بڻيل هئا، پر اُها اُميد ضرور هئي ته، اُهي هڪڙي ڏينهن مُستقل طور آزاد ۽ منصفاڻي سياسي سرشتي ۾ اُسرندا ۽ وڌندا ويجهند.ا مونکي سيکاريو ويو هو ته، اسلام انصاف ۾ يقين رکي ٿو، جيڪو سُڌريل سماج جي سرگرميءَ لاءِ ضروري عنصر آهي. تنهنڪري مون آزاد عدليا جي پيڙهه وارو پٿر رکندي، قانوني سرشتي ۽ انتظامي سرشتي وچ ۾ عليحدگيءَ جو حُڪم ڏنو.

پر اسان معاشي سطح تي جيڪو ڪم ڪيو، سو حقيقت ۾ غير معمولي ۽ انقلابي هو. انگلينڊ ۾ منهنجي جلاوطنيءَ دؤران مون ڏٺو ته وزيراعظم ٿيچر جي پاليسين ڪيئن نئون وچيون طبقو ٺاهيو هو. منهنجي حڪومت ۾ پاڪستان، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ پهريون مُلڪ بڻجي ويو، جنهن ۾ سرڪاري ادارن کي نجي تحويل ۾ ڏيڻ جي سرگرمي شروع ٿي هئي. اسان پنهنجن مالياتي ادارن کي به ضابطي ۾ آندو ۽ نوان سُٺا قائدا جوڙيا. اسان معيشيت کي عدم مرڪزيت وارو بڻايو ۽ ڪامورڪي رشوت مان آزاد ڪرايو. جنهنڪري، نيٺ پنجن هزار ڊالرن کان مٿي ڪنهن به قرض لاءِ مالياتي وزير کان منظوري وٺڻي پوندي هئي.

اسان پاڪستان ۾ ڳوٺن کي بجليءَ ڏيڻ لاءِ فنڊ ڏنا، تنهن وقت اها ناقابل قبول حالت هئي، جو سڄي سال ۾ رڳو 260 ڳوٺن کي بجلي ڏني ويندي هئي، جڏهن ته مُلڪ ۾ اٽڪل اَسي هزار اهڙا ڳوٺ هئا، جن ۾ بجلي نه هئي. اسان رستا ٺهرائڻ ۽ پنهنجي ماڻهن کي صاف ۽ پيئڻ لائق پاڻيءَ پهچائڻ لاءِ فنڊ ڏنا. عام ماڻهو هڪڙي ٽيليفون لڳرائڻ لاءِ ويهن ورهين تائين اوسيئڙو ڪندا هئا، ۽ مونکي اچرج هوندو هو ته ماڻهو قرضن، ٽيليفونن ۽ بجليءَ کانسواءِ ڪيئن ٿا ڪاروبار ڪن. مون وزارت کي اُهي مامرا سُلجهائڻ جو حُڪم ڏنو. اسان 1989ع ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبل لنڪ متعارف ڪرايو. اسان موبائيل فون متعارف ڪرايا. اسان پاڪستان ۾ سي. اين. اين جا پروگرام ڏيکاري، پرڏيهي دنيا لاءِ عوام جا ذهن کوليا، جيڪا تنهن وقت رڳو ٻين ملڪن جي هوٽلن ۾ هلندي هئي. مون تڏهن جيڪا ڪوشش ڪئي پئي، تنهن موجب پاڪستان کي تڪڙو جديد دؤر ۾ داخل ڪرڻو هو.

اسان جي سُڌارن کان لنئوايو نه ويو.عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊَ جهڙن ادارن اسان جي ڪوششن کي واکاڻيو. گڏيل عرب امارتن جي صدر هز رائيل هائينيس شيخ زيد بن سلطان النهيان سخاوت ڪندي ملتان آئل ريفائينري جوڙڻ لاءِ اسان جي مدد ڪئي. اسان بلوچستان ۾ گوادر بندرگاهه، مڪران سامونڊي ڪناري سان گڏوگڏ آرسي ڊي هاءِ وي، اورماڙا نيول، پسني ۽ غازي بروٿا ڊئم، سيندڪ سون ۽ ٽامو منصوبو به جوڙيو. اسان مُلڪ ۾ سياحت لاءِ دروازا کوليا ۽ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن جي کاڻين کي نجي ملڪيت ۾ ڏنو ۽ سندن برآمد کي همٿايو.

اسان ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ ٿيڻ لاءِ سيڙپڪاريءَ جي ٿڏي تي سرگرميءَ لاءِ سهوليتون ڏنيون. اسان نجي سيڙپڪار بئنڪن، مڪمل بئنڪن ۽ انشورنس ڪمپنين کي قانوني مڃتا ڏني ۽ مونکي انتهائي گهڻو فخر آهي ته، اسان سماجي حصي ۾ سيڙپڪاريءَ کي گهڻو وڌايو، ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ بهترين مثال جوڙيندي، منهنجي پهرين دؤر ۾ 18000 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ٺهيا.

معاشي ترقي انتهائي شاندار ۽ نسبتي تڪڙي هئي. پاڪستان ۾ پرڏيهي ۽ نجي سيڙپڪاري وڌي. غير روايتي شين جي برآمد ۾ پنجويهه سيڪڙو واڌ ٿي. اسان آمريڪا سان پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل معاهدي ۾ سُڌارو آندو، جنهن سان پاڪستان جي ڪپهه برآمد ۾ شاندار ڇال ۽ اُڀار ۾ مدد ملي.

بهرحال. مونکي سڀني کان وڌيڪ جنهن عمل تي فخر آهي، سو عورتن ۽ ڇوڪرين جي اُنهن حقن جي واڌ ويجهه ۾ ڪاميابيءَ هئي، جنهن کان اسان جي سماج ۾ گهڻي عرصي کان لنوايو ويو هو ۽ کين اڪثر کُلي عام بيعزتو ڪيو ويندو هو. مون پنهنجي ڪابينا ۾ ڪيئي عورتن کي مقرر ڪيو ۽ عورتن جي وزارت جوڙي اسان يونيورسٽين ۾ عورتن جا اڀياسي پروگرام جوڙيا.اسان جيلن ۾ بند عورتن لاءِ کين قانوني مشوري تائين سُٺي پهچ ۽ نمائندگيءَ تائين رسائيءَ جي خاطري ڪئي.

اسان رُڳو عورتن کي قرض ڏيڻ واسطي عورتن جي ترقياتي بئنڪ ٺاهي، جتان لاءِ اهل عورتن کي به قرض ڏنا ويندا هئا. اسان خانداني منصوبا بندي، خوراڪ بابت صلاحڪاري ۽ ٻار جي نگهداشت ۾ ڄم روڪ وارين سرگرمين ۾ عورت جي سکيا ۽ مدد لاءِ ادارا جوڙيا ۽ اسان عالمي راندين ورن موقعن ۾ عورتن جي شرڪت کي قانوني حيثيت ڏني ۽ کين همٿايو، جن راندين وارن موقعن تي ضياءَ جي فوجي آمريت وارن ورهين ۾ بندش وڌي ويئي هئي.

اها اهڙي سماج ۾ پُختي ابتدا هئا، جتي ڪيئي ورهين کان سماج ۾ عورتن جي حيثيت کي دٻائڻ لاءِ اسلام کي غلط انداز ۾ ڪَتب آندو ويو هو.

اسان مهانَ سياسي ۽ مالياتي رنڊڪن هوندي به اُهي سڀ ڪاميابيون ماڻڻ ۾ سوڀارا ٿياسين. جڏهن آئون پهريون ڀيرو وزيراعظم جي آفيس ۾ ويس، ته مون کان رُڳو هڪڙي ڊپٽي سيڪريٽريءَ کانسواءِ سمورو عملو ڄڻ لاتعلق بڻيل هو. مون هڪدم لنڊن هڪڙو وفد موڪليو ته، اُهي اُتي وڇي اڀياس ڪن ته برطانوي وزيراعظم جي 10 ڊائونگ اسٽريٽ آفيس ۾ ڪيئن ڪم ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن منهنجي آفيس ۾ مناسب انداز سان سرگرمي ڪئي وڃي. گڏوگڏ ڪيترن ڏينهن تائين ڪو هڪڙو فائيل به منهنجي آفيس ڏانهن نه موڪليو ويو. ڪابينا سيڪريٽريءَ کي اُهي سمورا فائيل پريذيڊنسيءَ ڏانهن موڪلڻ جو حُڪم مليل هو.

منهنجي پهرين دؤر ۾ شايد سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ ڏُکيو مامرو پاڙيسري افغانستان جي صورتحال هئي. 1979ع ۾ سوويت يونين طرفان افغانستان ۾ فوجي والار کانپوءِ، پاڪستان مجاهدن جي مدد لاءِ اڳتي آيل آمريڪا سان گڏيل سهڪار پٽاندر ڪم ڪيو هو. آمريڪا طرفان افغانستان ۾ مداخلت جو مُک مقصد سندس سرد جنگ جي نِجي حڪمت عمليءَ واري سرگرمي هئي. آمريڪا، افغانستنا ۾ سوويت يونين جي مالياتي وسيلن کي کوکلو بنائڻ ۽ مقصد جي ناڪاميءَ واري طريقي کي پرکيو هو، تنهنڪري هُن سوويت يونين جي غلط اندازا لڳايل فوجي ڪاهه ۽ والار کي سرد جنگ جي شطرنج واري چالَ پنهنجي فائدي لاءِڪَتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آمريڪي حڪومت افغانين، پاڪستاني آءِ ايس آءِ ۽ فوجَ کي متبادل طور ڪَتب آڻي، افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف خوني ۽ ڪامياب جنگ وڙهي هئي، جنهن عمل نيٺ 1990ع ۾ سوويت رياست جي ڀڃ ڊاهه ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو.

پاڪستان جو افغانستان ۾ مفادَ وڌيڪ مُنجهيل، ڳُتيل ۽ گهڻ پاسائون مامرو هو. افغانستان جو پاڪستان سان ٻنهي مُلڪن وچ ۾ ڊيورنڊ لائين طور مشهور سرحد تي گهڻي عرصي کان تڪرار رهندو آيو آهي. گڏوگڏ پختونن جي مُک عنصرن 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي مهل پاڪستان ٺهڻ جي به مخالفت ڪئي هئي. سردار، نواب ۽ رعايتون ماڻيل افغاني، هندستان سان گهڻو ويجهو هئا، تنهنڪري پاڪستاني عوام ۾ افغانستان بابت شڪ ۽ مونجهارا موجود هئا. افغانستان جي صدر دائود 1970ع ۾ اسان جي قبائلي علائقن ۾ بغاوت وارين سرگرمين جي پُٺڀرائي ڪئي هئي، جنهن سان اسان ڊيورنڊ لائين جي ٻنهي پاسن کان ردعمل بغاوت طور مُنهن ڏنوهو. پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحد وارو تڪرار رولڙي ۾ رهيو.

افغانستان مان فيبروري 1989ع ۾ جنيوا ۾ ڪيل ڳالهين جي شرطن پٽاندر سوويت يونين فوجن جي نيڪاليءَ سان، پاڪستان عبوري افغان سرڪار جي جوڙجڪ واريءَ سهولت ۾ مدد ڪئي هئي. جنرلن سفارش ڪئي ته، اسان صدر طور افغان اڳواڻ سياف تي هٿُ رکون ۽ حڪمتيار وزيراعظم ٿئي. مون اُن عمل کي نه مڃيو. ”اسان کي توهان جي مؤقفَ ۽ منهنجي سرڪار جي مؤقف وچ ۾ سرچاءُ ڪرڻو پوندو.“ مون فوجي جنتا کي ٻُڌايو. ”آئون ڪنهن معتدل نمائندي جي صدر طور پُٺڀرائي چاهيان ٿي، ۽ وري توهان ڪنهن ٻئي کي پنهنجي پسند موجب وزيراعظم بڻائي سگهو ٿا.“ اسان جي شفقت سان، افغان گروهن افغان عبوري سرڪار جي اڳواڻن طور صدر مُجددي ۽ وزيراعظم سياف کي مڃيو.

مون هن عمل کي سؤکو نه ڀانئيو. اسان پريزيڊنسيءَ ۾ ڊگهيون گڏجاڻيون ڪيون، جتي اسان عوامي اسيمبليءَ لاءِ افغان گروهن وچ ۾ سُهمت ۽ سرچاءُ جي ڪوشش ڪئي. مختلف موقعن تي جنهن مهل ٻانگ ايندي هئي ته سمورا مرد ٻاهر هليا ويندا هئا ۽ آئون پوئتي اڪيلي رهجي ويندي هئس. اُهي نه چاهيندا هئا ته، ڪا عورت ساڻن گڏ نماز پڙهي. مون اِن عمل کي اچرج مان ڏٺو، ڇو ته سعودي عرب ۾ مسلمانن لاءِ مُقدس ماڳ ڪعبي ۾ عورتن توڙي مردن لاءِ سڀني جي گڏجي نماز پڙهڻ جو رواج آهي، ۽ گڏوگڏ مديني شهر ۾ مسجدِ نبويءَ ۾ به عام طور سڀيئي گڏجي نماز پڙهن ٿا.

سعودي انٽيليجينس سربراهه شهزادو ترڪي بن فيصل ۽ ايراني پرڏيهي وزير لڳاتار ايندا رهندا هئا. مون هر وقت سرچاءُ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر منهنجون انٽيليجينس ايجنسين مونکي ٻُڌائينديون هيون ته، سعودين اُن سرچاءُ کي نه پئي مڃيو، ڇو ته اُن سان شيعن کي وڌيڪ حصو ڏنو ٿي ويو يا وري ايرانين اُهو نه ٿي چاهيو، ڇو ته اُن سان سُنين کي وڌيڪ حصو ڏنو پئي ويو. روم ۾ جلاوطن افغان بادشاهه مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي فطري غير جانبدار شخصيت ٿي ڏسڻ ۾ آئي. پر ايرانين، بادشاهه کي پسند نه ٿي ڪيو. مون افغان گروهن وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي سرگرميءَ ۾ گهڻو وقت سيڙايو. مون اڪثر اهو سمجهيو ته، اُهي انٽيليجنس ايجنسين کان مُک ڳالهيون پُڇندا هئا، تنهنڪري اُهي ڪنهن سرچاءُ تي پُهچي نه ٿي سگهيا. بهرحال، انٽيليجنس ايجنسين اُن ڳالهه تي زور ڏنو ته اُن عمل سان افغاني سُهمت نٿا ٿي سگهن. تنهنڪري اسان کي مڪر سان ڪردار نڀائڻو پوندو. مونکي افغانين لاءِ ڏک ٿيو. اُهي طاقتور پرڏيهي طاقتن وچ ۾ پيڙهيل هئا، ۽ اُهي جيڪڏهن سندن مُربين واري مؤقف يا ڪردار کان ٿِڙيا ٿي ته مري کپي ٿي سگهيا.

سوويت يونين جي پرڏيهي وزير شيورڊناڊزي کي پاڪستان اچڻو پيو. اسان کي ڄاڻ ڏني ويئي ته هُن چاهيو ٿي ته پاڪستان ۾ سوويت يونين، افغانستان ۾ سوويت يونين واريءَ صورتحال کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ سياسي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪن. اُن معاهدي ۾ اهو ڄاڻايل هوندو ته، صدر نجيب سوويت يونين کي شرمندگيءَ کان بچائڻ لاءِ مناسب وقفي کان پوءِ پنهنجو عهدو ڇڏيندو. پاڪستان کي سندس سرحدن تي موجود ٽيهه لک افغان پناهگيرن جي حفاظت ۽ بچاءُ جي پُرامن تبديليءَ سان نظم ضبط واري طريقي سان واپس موٽڻ ۽ سندن حياتين جي ٻيهر بحالي توڙي سُڌاري کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت ملندي. آئون اُن تجويز تي سوويت پرڏيهي وزير سان گڏ وڌيڪ جاکوڙڻ جي حمايت ۾ هئس، پر آرمي جنتا ۽ انٽيليجنس ادارن کي اُن عمل سان ڪو ناتو نه هو. منهنجي انٽيليجنس سربراهه هڪ ڀيري مونکي چيو. ”ڪابل هڪ هفتي ۾ فتح ٿيندو.“ مون پاڪستان لاءِ صدر نجيب کان عبوري افغان سرڪار ڏانهن طاقت جي ڏاڪيدار تبديليءَ جي موٽ ۾ ڊيورنڊ لائين جي مڃتا واري مطالبي تي زور ڏنو. پر مونکي ٻُڌايو ويو. ”اسان ڊيورنڊ لائين کي مڃڻ نٿا گهُرون. افغان عوام اسان جا مسلمان ڀائر آهن، ۽ اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪي به سرحدون نه هئڻ کپن.“

جڏهن مون پرُامن سُلجهاءَ پٽاندر ڪابل ۾ شيورڊناڊزي سان طاقت جي ڏاڪيدار تبديليءَ واري عمل تي زور ڏنو ته، منهنجي اينٽيليجنس سربراهه چيو، ”وزيراعظم، ڇا توهان پنهنجن ماڻهن ۽ افغان مُجاهدن طرفان سندن ڏنل قربانين سان ڪابل ۾ فاتحاڻي انداز ۾ داخل ٿيڻ ۽ گڏجي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي اُن حقيقي عمل کان انڪار ڪندؤ؟“ اُن جذباتي مطالبي پنهنجو ڪم ڪيو. مون سوويت والار خلاف مزاحمت مهل انيڪ حياتين ۽ عورتن توڙي ٻارڙن طرفان آڇيل ۽ نڇاور ڪيل قربانين بابت سوچيو. بيشڪ، افغان جماعتون ۽ اسان جي فوجي جنتا، ڪابل ۾ سندن ڪاميابيءَ سان فتح کي صحيح ثابت ڪرڻ جون حقدار هيون، جنهن بابت مونکي پڪ ڏني وئي هئي ته، اُهو ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندو، ۽ اهو ته ڪابل شهر به ڪجهه ڏينهن ۾ فتح ٿي ويندو.

بهرحال، ڪابل هڪدم فتح نه ٿيو. اهو هڪ هفتي ۾ به فتح نه ٿيو. اهو مهينن ۾ به فتح نه ٿيو. تُرت ’انٽليجنس سدورن‘ مون سان ملڻ لاءِ موٽ کاڌي. ڇا آئون پاڪستاني سپاهين کي ڪابل واريءَ جنگ ۾ شامل رکي، افغان عبوري حڪومت ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي سگهان ٿي؟ مون سختيءَ سان اُن تجويز کي رد ڪيو. ”مونکي اِهو ڪڏهن به ٻُڌائڻ نه کپندو هو ته، ڪابل جي فتح ٿيڻ ۾ هڪ هفتو لڳندو. آئون پاڪستاني فوجَ کي افغانستان ۾ ملوث ڪري نٿي سگهان. اسان جنهن گهڙيءَ ايئن ڪيو ته، افغاني اسان جي خلاف ٿي ويندا. اِهو غير ضروري عمل آهي.“

”وزيراعظم، افغاني پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ الحاق لاءِ معاهدي تي صحين لاءِ تيار آهن. اُهي سامياواد نظام ڊاهڻ لاءِ الحاق واري ماهدي جي حصي طور اسان کان مطالبو ڪندا. اسان جي وچ ۾ ڪابه سرحد نه هوندي.“

مون افغانستان سان الحاق واريءَ سوچ کي رد ڪيو. ”اُن عمل سان هندستان کي افغانستان ۾ دخل ڏيڻ جو بهانو ملي ويندو. ۽ آمريڪا، سعودي ۽ ايرانين جي حمايت کانسواءِ، اُهو عمل اسان تي وڏيون مصيبتون آڻيندو.“ مون وراڻيو.

”پر افغان عبوري حڪومت، پاڪستان سان الحاق چاهي ٿي، ۽ اُن تي سڀاڻي صحيون ٿي سگهن ٿيون.“ منهنجي جنرلن مونکي ٻُڌايو.

”آئون اهو نٿي ڪري سگهان.“ مون وراڻيو. مون کين ڄاڻايو ته، پاڪستان لاءِ اُٿيل ردعمل وڏو هاڃيڪار ۽ موتمار ٿيندو. اسان طرفان وسعت پسنديءَ وارو عمل سڄيءَ دنيا کي ڊيڄاريندو، ۽ اُهي اسان کي ڪمزوريءَ ڏانهن وٺي ويندا.

مُجاهدَ آمريڪي سفير جي هٿيار ۽ ناڻي سميت پناهگيرن جي انساني بنيادن تي واهر وارين عالمي امدادي ڪوششن کي هڪدم بند ڪرڻ وارين خطرناڪ چتائن تي ڊنل ۽ مُنجهيل هئا. افغان پناهگيرن جو وڏو مسئلو هو، پر افغان عبوري حڪومت ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ سندن فوجي ساٿاري اڃا به ڪابل ڏانهن سوڀاري فوجي ڪاهه واري تجويز تان هٿ کڻڻ کان لاچار هئا. گڏوگڏ فوجي بغاوت وسيلي صدر نجيب کي حڪومت تان لاهڻ جي ڪوشش باوجود، هُو ڪابل ۾ حڪومت سان چُهٽيل رهيو.

فوجي اسٽيبلشمينٽ کي افغان عبوري سرڪار جي حمايت واريءَ وابستگيءَ کي پنهنجين صفن سميت عام ماڻهن آڏو به عقل ۽ حقيقت پسنديءَ ڏانهن سمجهڻو پيو. اهو سڀ ’حڪمت عمليءَ جي وسعت‘ واريءَ سوچ جي اُڀرڻ مهل ٿيو. افغان عبوري حڪومت جوڙڻ واري ويڙهه جي جوڙجڪ هرگز افغانين کي فائدو پهچائڻ لاءِ سامياواد حڪومت مان ڇوٽڪاري ماڻڻ جي حدبنديءَ واري دائري منجهه نه ڪئي وئي هئي.اُن جي ٻيهر جوڙجڪ پاڪستان جي پنهنجن قومي مفادن جي دائري منجهه رهندي. اُن دعويٰ سان ڪئي ويئي هئي، ته افغانستان سبب مليل حڪمت عمليءَ واريءَ وسعت جي پاڪستان کي ضرورت آهي.

بدقسمتيءَ سان پاڪستان وٽ تاريخي طور پنهنجي اهڙي حڪمت عمليءَ جي وسعت ڪڏهن به نه رهي هئي، جيئن افغانستان جي سوويت يونين ۽ اُلهندي ملڪن جي سرمايدار دنيا وچ ۾ ’غير جانبدار رنڊڪ واري ملڪ‘ طور رهي هئي. پر تاريخ کي وساريو ويو هو، ۽ تُرت حڪمت عمليءَ جي وسعت واري سوچ کي مشهوري ملڻ لڳي.

 

جنرل ضياءَ الحق 1980ع جي سموري ڏهاڪي ۾، پاڪستان تي لوهي ڏنڊي سان حڪمراني ڪئي هئي، پر هو ساڳيءَ وقت آمريڪا جي بانسري ساڻس گڏ به وڄائيندو رهيو. آمريڪا کي جيستائين پاڪستان جي سوويت يونين خلاف جهادين جي حمايت رهي (۽ گهڻو ڪري آءِ ايس آءِ جي حمايت)، تيستائين آمريڪا ضياءَ آمر تي جمهوريت آڻڻ لاءِ دٻاءُ نه وڌو. رُڳو جڏهن 1988ع ۾ افغانستان ۾ جنگ پنهنجا تَڏا ويڙهڻ لڳي، ته آمريڪا جا جمهوريت وارا مفادَ وري ٻيهر ڪَر کڻي جاڳي پيا. پر اُن ڏهاڪي ۾ نه رڳو پاڪستان ۾ وڏي تباهي اچي چُڪي هئي، پر آمريڪا، مسلمان اُمه ۽ ٻي عالمي برادريءَ جي ڊگهي مُدتي حڪمت عمليءَ وارن مفادن کي به ڌڪ پهتو هو.

پاڪستان جو فوجي آمر جنرل ضياءَ جماعت اسلامي جي مذهبي اڳواڻ ۽ عالمي مسلمان ڀائيچاري جي مُک عالم مولانا مودوديءَ سان گهڻو ويجهو هو. جڏهن سوويت يونين افغانستان تي فوجي چڙهائي ڪئي ته، جنرل ضياءَ، جماعت اسلاميءَ ۽ اُن وسيلي مسلمان ڀائيچاري ڏانهن مدد لاءِ مُنهن ڪيو. هُن مولانا مودوديءَ جي مذهبي لکڻين کي آرمي تعليمي نصاب ۾ متعارف ڪرايو ۽ اُنهن مذهبي لکڻين کان فوج ۽ تعليمي ادارن کي صاف ڪيو، جيڪي معتدل هيون. اسلامي جمهوري اتحاد کي هڪدم مذهبي مرڪز جوڙي ’جُڙتو دانشور‘ ڊاهڻ لاءِ فنڊ ڏنا ويا، جيڪي حڪومت کي صلاح ڏيڻ لڳا ته دَرس جي نعري هيٺ پناهگير ڪئمپن ۾ ٻارن کي پرڀائڻ لاءِ ڪيئن انتها پسند مدرسا جوڙڻ لاءِ فنڊ ڪتب آندا وڃن، فنڊ گڏ ڪرڻ واريون سرگرميون مڙني مسلمان ملڪن ۾ وڌايون ويون، جتي همدردي رکندڙ ماڻهو تعليم، صحت ۽ غريب توڙي ضروتمندن جي خوراڪ لاءِ چندو ڏيندا هئا. اها رقم اُنهن سياسي مدرسن ڏانهن وڃڻ لڳي، جيڪي تعليم ۽ پناهگير ڪئمپن مان آندل يتيم ٻارن کي خوراڪ کارائڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، پر سچائي اها آهي ته اُنهن نفرت ۽ دهشتگرديءَ کي مذهبي هوا پئي ڏني.

عالمي فنڊَ ملڪ ۾ ڪاهي پيا، پر اُها رقم آءِ ايس آءِ مرڪز ڏانهن منتقل ڪئي ويئي. ضياءَ زور ڏنو ته، سي آءِ اي ۽ ٻين جماعتن توڙي ملڪن طرفان ڏنل فَنڊ سندس فوجي حڪومت ڏانهن ويندا، جنهن سان مجاهدن جو ننڍي پئماني تي انتظام ڪيو ويندو. آمريڪا هنن جي حُڪم کي مڃيو. اُن عمل سان پاڪستاني فوجي حڪومت کي سڀ کان وڌيڪ نظرياتي انتها پسند، مذهبي بنياد پرست ۽ رت پياڪ گروهن کي ڀرتي، سِکيا، فنڊ ڏيڻ ۽ هٿياربند ڪرڻ لاءِ چونڊڻ جي اجازت ملي ويئي. اُها حڪومت آزاد انساني جاسوسي اداري کانسواءِ سي آءِ اي کي به پوئتي ڇڏي ويئي.

هي اهو فيصلو هو، جنهن جو دليل پٽاندر ننڍڙن مُدتي مقصدن جي شرطن ۾ دفاع ٿي سگهي ٿو. پر اُن جا ڊگهي مُدت وارا نتيجا موٽ ۾ سڄيءَ دنيا کي پنهنجي ڀَوَ ۾ وٺندا.

آئون جڏهن جون 1989ع ۾ آمريڪا ويس، ته صدر بُش ۽ سندس گهر واريءَ طرفان منهنجي اعزاز ۾ وائيٽ هائوس ۾ ڏنل شاهاڻي مانيءَ واري موقعي تي ماڻهن ۽ خاص ڪري پريس گهڻو ڌيان ڏنو هو. آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل ويهڪ طرفان تاڙين جي گونج سان مليل آڌرڀاءُ منهنجي (۽ منهنجي مُلڪ لاءِ به) عظيم موقعو هو. پر اُن سفر دؤران جيڪو ٻيو ڪجهه ٿيو هو، تنهن لاءِ آئون ڀانيان ٿي ته اهو سڀ کان وڌيڪ اهم هو. جڏهن آئون صدر جارج ايڇ. ڊبليو بُش سان وائيٽ هائوس ۾ اڪيلائيءَ ۾ مليس، ته مون پنهنجي ڳڻتين بابت کيس ڄاڻُ ڏني. مون اهو ڄاڻايو ته افغانستان ۾ سوويت يونين سان انتهائي اثرائتي انداز سان جنگ جي عام جوش ۽ جذبي ۾، اسان جي مُلڪن مجاهدن جي سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند عنصرن کي طاقتور بنائڻ جي حڪمت عمليءَ وارو جيڪو فيصلو ڪيو، سو شايد پوءِ ضابطي کان ٻاهر نڪري وڃي. مون ڏُک ۾ صدر بش کي چيو، ”محترم صدر، مونکي افسوس آهي ته اسان اهڙو جن تخليق ڪيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ وري اسان سڀني کي پريشاني ۽ تڪليف ۾ وجهي سگهي ٿو.“

بدقسمتيءَ سان اُهو جن تخليق ٿي چُڪو هو. آمريڪي سوويت يونين کي افغانستان ۾ شڪست ڏيڻ واري جُزوقتي مقصد پوري ٿيڻ کان پوءِ افغانستان مان هليا ويا. جمهوريت شايد سُٺو موقعو بڻجي ها، پر اُن جي فوجي تباهيءَ کان بچاءُ جي پائيداريءَ لاءِ عالمي امداد جي گهُرج الوپ هئي. سوويت يونين جي وڃڻ ۽ برلن ديوار ڊهڻ سان يورپ ۾ آيل ڊرامائي تبديلين سان، دنيا جو ڌيان بدلجي چڪو هو.

جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو تنهن وقت اُن ڳالهه کان آگاهه هئا، پر افغانستان جي سوويت يونين والار جي پُڄاڻيءَ سان، اسلام جو نالو ڪَتب آڻي اولهه جي سرمايدار ملڪن تي حملن جو پڪو عهد ڪندڙ انتهاپسندن طرفان نئين جنگ جي شروعات جو پَڙهو ملي چڪو هو. انهن معتدل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ مونکي مسلمان دنيا ۾ ۽ تصوراتي مسلمان دُنيا منجهه رهندڙ ماڻهن جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ تي ٻَڌل فتح جي سپنن لاءِ خطرو سمجهيو ٿي. سوويت يونين فوجن کي افغانستان مان زبردستي ٻاهر ڌِڪڻ ۽ نيٺ سُپرپاور ملڪ جي ٽُٽڻ جي تجربي انتها پسندن کي وڌيڪ هُشي ڏني. هنن سوچيو ته اُهي واقعي اولهندي سرمايدار دنيا تي قبضو ڪري سگهن ٿا.

اُلهندي سرمايدار ملڪن جي اڳواڻن ۽ ايجنسين جي عملدارن منهنجي جمهوري حڪومت کان وڌيڪ جنرلن سان گڏ رهڻ کي آسودو ۽ مناسب سمجهيو. آئون شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءَ هئس، جنهن کي توڙي جو اُهي سماجواد مشعل بردار اڳواڻ ۽ پاڪستان جي نيوڪليائي پروگرام جي ابي طور ياد رکن ٿا. گڏوگڏ منهنجن ڀائرن افغانستان ۾ سوويت يونين جي فوجي والار دؤران الذوالفقار تنظيم جوڙي هئي.

اُلهندي سرمايدار ملڪن جي حمايتي سمجهيو ويندڙ هڪڙي پاڪستاني جنرل مونکي چيو، ”تنهنجي فوجَ سوويت يونين کي شڪست ڏني آهي، ۽ توهان وٽان هڪڙي حُڪم تي، اسان آمريڪا کي به شڪست ڏيئي سگهون ٿا.“ مون پنهنجو ڀَؤ پنهنجي هڪڙي سفارتڪار کي ٻُڌايو. هُو تڪڙو هليو ويو ۽ وڃي آمريڪي سفير کي اُها سڄي ڳالهه ٻُڌايائين. جنهن وري کيس چيو، ”اها ڳالهه سچ ٿي نٿي سگهي. اُهو جنرل ته شراب پيئي ٿو.“ مون سمجهيو ته، شراب پيئڻ ڪنهن قدر معيار جو ماپو بڻجي ويو آهي، جنهن وسيلي اُلهندي سرمايدار مُلڪن جا ماڻهو فيصلو ڪن ٿا، ته ڪير ڪهڙي اسلامي مؤقف ۽ ويچار تي بيٺل آهي.

 

منهنجي سرڪار جي پهرين هفتي ۾، جڏهن  آئون لاهور ۾ لٿيس ته، گُلن جي ڪونڊيءَ ۾ رکيل هڪڙو بم هٿيڪو ڪيو ويو، جنهن کي منهنجي اُتان لنگهڻ مهل ڦاٽڻو هو. ماڻهن کي منهنجي خلاف ڪرڻ لاءِ اجاين ۽ ڪُوڙن افواهه ڦهلائڻ وسيلي روڊن تي آڻڻ جون هر ڀيري ڪوششون ڪيون ويون. هنن جي هڪڙي واهيات تُهمت اها هئي ته مون پيرس مان مٿي تي ويڙهڻ لاءِ چادر ورتي هئي، توڻي پاڪستان ۾ ماڻهو غريب هئا. پر سچ اهو آهي ته مون پنهنجو مٿو ڍَڪڻ لاءِ هڪڙي چادر ڪراچيءَ جي بازار مان ورتي هئي، ۽ آئون پاڪستاني عوام جي ٿورائتي آهيان، جن اهڙين واهيات ۽ اجائين تُهمتن کي رد ڪيو ۽ اُهي مون سان گڏ ٿي بيٺا، ڇو ته مون پاڪستاني سماج ۾ تبديليءَ آڻڻ واريون سرگرميون پئي ڪيون.

منهنجي چونڊجڻ جي مهيني ۾، آءِ ايس آءِ جو برگيڊيئر امتياز ۽ سندس ڊپٽي ميجر عامر منهنجن پارليامينٽرين ميمبرن سان رابطا ڪري، کين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڇڏڻ لاءِ چوڻ لڳا. هنن جو وڻندڙ مؤقف اهو هو: ”ڪوبه هُن کي وزيراعظم جي عهدي تي ڏسڻ نٿو چاهي. آمريڪا کي هوءَ نٿي وڻي، فوجَ کيس نٿي چاهي ۽ ايستائين هُن جو مُڙس به تنهن وقت کيس ڇڏي ڀڄي ويندو، جڏهن هوءَ وزيراعظم جي عهدي تان هٽندي.“

هُنن جو افغانستان ۾ هلندڙ جهادَ سان گڏ حتمي منصوبو اُلهندي سرمايدار ملڪن جي طاقت ۽ معيار تي ضابطو آڻڻ هو، پر اُهي حڪومتي ضابطو منهنجن هٿن ۾ هئڻ مهل ظاهري طور آزاديءَ سان اُهو ڪجهه ڪري نه پيا سگهن. آءِ ايس آءِ وارن آمر ضياءَ الحق جي ’سياسي پُٽ‘ نواز شريف کي وزيراعظم بنائڻ جو واعدو ڪيو. نواز شريف کي اڳ ۾ ئي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو هو، جنهن اعلان ڪيو ته هُو منهنجي حڪومتي ضابطي کي ايئن للڪاريندو، جو آئون سڄي قوم جي نه، پر رُڳو راڄڌانيءَ جي نالي ماتر وزيراعظم رهجي وينديس.

منهنجي سياسي بنياد ۽ ڳڙهه سان مُنهن ڏيڻ لاءِ اينٽيليجنس رسائيءَ کي وسعت ڏيڻ خاطر، آءِ ايس آءِ جي اڳواڻ تجويز ڏني ته آئون ’تسلسل’ جي خاطريءَ لاءِ ’اينٽيليجنس ڪَور‘ جوڙيان. مونکي ٻُڌايو ويو ته، پُراڻن رياستي عملدارن جون سموريون ترقيون آءِ ايس آءِ وسيلي جاچنا کان پوءِ ٿيڻ کپن. مون کين اهو ٻُڌائيندي اُن تجويز کي رد ڪيو ته، ”جنرل ضياءَ، سوويت يونين ۽ هندستان جي ٻن محاذن تي جنگ کي مُنهن ڏنو هو، تنهنڪري هُن کي ڳوٺ جي سطح تائين ڌار فوجي ڪَور جي گهُرج نه هئي، تنهنڪري آئون به ڪا نئين ڪَور ٺاهڻ نٿي گهُران.“ آءِ ايس آءِ اهو چوندي اصرار ڪيو ته، ”آءِ ايس آءِ جي وسعت ۽ ساڳين عملدارن جي تسلسل کانسواءِ، ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي بچاءُ جو ضابطو برقرار رکڻ ڏکيو آهي.“ مونکي ’رياست منجهه رياست‘ ٺاهڻ کي بااختيار ۽ قانوني بنائڻ لاءِ چيو پئي ويو، جيڪي هوند پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن سميت زندگيءَ جي هر رُخ ۾ هٿُ چُراند ۽ رنڊڪ وجهن ها. مون انڪار ڪيو. بهرحال، منهنجي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ، عبوري وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي آءِ ايس آءِ وارن اڳيان جهُڪي ويو، ۽ هُن سندن منصوبن کي عمل جي ڇُوٽ ڏني.

جنرلن جي سياسي مخالفت باوجود، مون فوج جي صفن ۽ عهدن کان گهڻي حمايت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن جنرل مرزا اسلم بيگ سان آئون 23 مارچ 1989ع تي پهرئين ’مارچ پاسٽ پريڊ‘ تي ويس، ته فوجين جي خاندانن منهنجي ڪار جي چؤڌاري گڏ ٿي، ڪار کي آهستي ٿيڻ تي مجبور ڪندي، ڀلوڙ آڌرڀاءُ ڪيو هو. جنرل مرزا اسلم بيگ شفقت جي عام نماءُ جو هيراڪ نه هو، تنهن ڳڻتيءَ مان پُڇيو. ”ڇا پيو ٿئي؟“ منهنجي مليٽري سيڪريٽري جواب ڏنو، ”وزيراعظم سان ملي فوجي خاندانَ خوش ٿيا آهن.“ اسلم بيگ سُرهو نه ٿيو. ۽ جيتوڻيڪ جنرلن ۽ فوج ۾ موجود ڪجهه عملدارن وچ ۾ محاذ آرائيءَ جي ٻن ڏهاڪن باوجود، منهنجي ملڪ جي عظمت ۽ عزت سان خدمت ڪندڙ هزارين فوجين ۽ افغان جهادي ڀوُت واري وبا ۾ ورتل ڳڻپ جيترن عملدارن وچ ۾ تميز رکي، جن منهنجي مخالفت ڪئي هئي.

مون ڪاميابيءَ سان عورت وزيراعظم چونڊجڻ سبب اسلامي ملڪن جي تنظيم طرفان پاڪستان جي معطليءَ جي سفارش وارين ڪوششن کي ناڪام بڻايو. مختلف مسلمان ملڪن جا مذهبي عالمَ منهنجي چُونڊ سبب ميدان ۾ ٽُپي پيا هئا، ۽ مختلف فتوائون ڏيڻ ۾ رُڌل هئا. اها منهنجي لاءِ بدقسمتيءَ واريءَ فتوا هئي، جو سعودي مذهبي باني عالم شيخ باز، اها فتوا ڏيڻ پسند ڪئي ته، مسلمان قوم جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪنهن عورت جي چونڊ غير اسلامي آهي. بهرحال، آئون خوشقسمت هئس، جو يمن، شام، مصر ۽ عراق جهڙن ملڪن جا عالمَ، جتي سيڪيولر حڪومتون هيون، مونکي بچائڻ لاءِ اڳتي آيا.

بهرحال، اُساما بن لادن اڃا 1989ع ۾ القائدا نه جوڙي هئي، پر مون سندس نالو پهريون ڀيرو تڏهن ٻُڌو، جڏهن هُن منهنجي پهرئين حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ عالمي امداد ڏني هئي. هُو جيتوڻيڪ فيبروري 1989ع ۾ سوويت يونين فوجن جي افغانستان مان هليو وڃڻ کان پوءِ سعودي عرب ڏي موٽي ويو هو، پر جڏهن مون مئي مهيني ۾ آءِ ايس آءِ تي پنهنجو اختيار ۽ ضابطو رکيو، ته هنن وري کيس ٻيهر پاڪستان ڏانهن گهُرائي ورتو. اُساما بن لادن کي آءِ ايس آءِ (جنهن سان هُن جا ڊگهي عرصي کان ۽ ويجها لاڳاپا هئا) وارن منهنجي جمهوري حڪومت ڊاهڻ ۽ پاڪستان ۾ مذهبي نظام آڻڻ ۾ مدد لاءِ چيو. اُساما بن لادن منهنجي خلاف اسيمبليءَ ۾ عدم اعتماد تحريڪ جي ڪاميابيءَ خاطر، منهنجن پارليامينٽري حمايتن کي خريدڻ لاءِ اٽڪل هڪ ڪروڙ ڊالرن (هاڻي ٻاهٺ ڪروڙ رپيا) جي رقم ڏني هئي.

افغانستان جي سوويت يونين فوجن سان جنگ بند ٿيڻ سان، اُساما بن لادن جي اوچتي پاڪستاني سياست ۾ مداخلت کي اُهو اوائلي اشارو سمجهڻ کپي ها، ته هُن جو ۽ ٻين جهاد جي حمايت ڪندڙن جو اصل مقصدَ، ڪنهن مسلمان مُلڪ مان رُڳو سوويت يونين فوجن کي ٻاهر ڌِڪڻ کان وڌيڪ ۽ گهڻو وسيع هو. سچ اهو آهي ته، اِهو اصل ۾ مذهبي انتها پسندن جي ضابطي تحت يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ ۾ ڦهليل مسلمان رياستن جو خلافت بابت بگاڙيل مؤقف هو.

ڪنهن موقعي تي آمريڪا ۽ اُلهندي جي سرمايدار ملڪن جا ويجها دوست رهندڙ مُجاهد، هاڻي پنهنجن مُربين خلاف ٿي بيٺا هئا. هنن ڪنهن قدر اهو سوچيو هو ته، اُهي آمريڪا تي قبضو ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ ڪابل تي قبضو به غلط ثابت پئي ٿيو.

اُن دؤر ۾ مونکي هڪڙي ڄاڻُ ملي ته هڪڙو سعودي جهاز انبن جي دَٻن سان گڏ پاڪستان ۾ لهي چڪو آهي. جيئن ته سعودي عرب ۾ اَنب نه پر کجيون ٿين ٿيون، تنهنڪري اها ڳالهه بلڪل شڪي هئي. شهري اينٽيليجنس کي پتو پيو ته، انهن دَٻن ۾ انب نه، پر ڪنهن قدر پئسا هئا. مون سعودي بادشاهه فهد کان حمايت وٺڻ تي سوچيو. جڏهن آئون ساڻس مليس، ته هُن بابا جي واکاڻ ڪئي ۽ هُن ياد ڏياريو ته ڪيئن هُن بابا جي حياتيءَ بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي. هُن چيو ته بابا جو قتل ’ناانصافي‘ هو، ۽ هُو منهنجي پيءُ جي ڀاءُ جهڙو هو، تنهنڪري هُن مون کي پنهنجي ڌيءُ جيان ڀانئيو. سو، مون پنهنجي قانون واري وزير کي بادشاهه کان پڇڻ لاءِ سعودي عرب موڪليو ته،”ڇا هُو پنهنجي ڌيءُ کان ڪاوڙيل هو، جو پاڪستان ۾ هن جي مخالفن جي مالي امداد لاءِ سعودي ناڻو موڪليو اٿس.“ بادشاهه منهنجي وفد کي خاطري ڪرائي ته، ناڻي جي تبديليءَ وارو عمل سرڪار سان ڪو واسطو نٿو رکي، پر هُن اهو ڄاڻايو ته، ”ڪجهه ماڻهو افغان جهاد سان کَري ويا آهن.“ تنهنڪري سندن ذاتي ناڻو موڪليو ويو هو. بادشاهه جي صلاحڪارن مان هڪڙي ڄڻي اُن ناڻي جي سُڃاڻپ ڪندي چيو ته اُها رقم اُساما بن لادن جي هئي.

آئون آمريڪي سفارتي آفيس ۾ ويس ۽ ذاتي طور صدر جارج بش سان مليس. مون صدر کي ٻُڌايو ته مجاهدن جي اڳي حمايت ڪندڙ فوجي ويڙهاڪ عملدار، انتها پسندن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جيان ايندڙ پرڏيهي ناڻي جي مدد سان منهنجي حڪمت کي ڊاهڻ جون ڪوشش پيا ڪن. مون ڄاڻايو ته بادشاهه فهد جي هڪڙي صلاحڪار، اُساما بن لادن نالي سعودي واپاريءَ جي سُڃاڻپ ڪئي آهي.

اسلامي جمهوري اتحاد جي آءِ ايس آءِ ۽ بن لادن جي حمايت سان آندل عدم اعتماد واريءَ تحريڪ پهرين نومبر 1989ع تي ٻارهن ووٽن سان ناڪام ٿي. پر اُن عمل سان آءِ ايس آءِ / پرڏيهي انتهاپسندَ اتحادين سان محاذ آرائي ۽ مداخلت واري انداز جو طريقو جُڙيو، جيڪو هوند پاڪستان ۽ سڄي دنيا کي ڪيئي ڏهاڪن تائين مفلوج بڻائيندو رهندو.

 

منهنجي فوجي مرڪز ۾ وڃڻ مهل، فوجي سربراهه جنرل مرزا اسلم بيگ مونکي فوجي مامرن بابت ڄاڻُ ڏيندو هو. هُن تجويز ڏني ته، جيڪڏهن فوج کي اهو شڪ ٿئي ته، ڪو امڪاني حملو ٿيندو، ته پوءِ سرڪار کي ’اڳرائيءَ واري بچاءَ‘ ۾ ملوث ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کپي. اهو اڳواٽ احتياط طور حملي جو اظهار هو.هُن چيو ته، جيڪڏهن اسلام آباد ’اڳرائي ڪندڙ بچاءَ‘ تي هليو وڃي ته پوءِ اُن سان والاريل ڪشمير جي راڄڌانيءَ سرينگر تي به قبضو ڪري سگهجي ٿو. پوءِ ’هڪ لک ويڙهاڪ مجاهدن‘ جي آڇ ٿي، جيڪي سرينگر تي قبضي لاءِ اسان جي مدد لاءِ تيار هئا. (اُساما بن لادن سعودي بادشاهه فهد کي اُها ساڳي آڇ تڏهن ڪئي هئي، جڏهن عراق 1990ع ۾ ڪويت تي فوجي ڪاهه ڪئي هئي. مون جيان بادشاهه فهد به اُن  آڇ کي پسند نه ڪيو. ان عمل جي نتيجي ۾ اُساما بن لادن، سعودي بادشاهه سان کُلي عام ٽڪراءُ ۾ آيو)

جنرل اسلم بيگ مونکي ٻُڌايو، ”وزيراعظم، توهان بلڪل حُڪم ڏيو، ۽ توهان جا ماڻهو سرينگر تي وڃي قبضو ڪندا، ۽ توهان کي اسان مهانتا ۽ سوڀُ جو تاج پارائينداسين.“ مون سوچيو ته، هُو سچائيءَ جي سموري سوچ وڃائي چُڪو آهي.

’افغان مُجاهد‘ جو اصطلاح پاڪستان ۾ مختلف گروهن کي پاڻ ۾ گڏائيندڙ هڪڙو ڍرو اصطلاح آهي، جنهن ۾ افغان، عرب ۽ ٻين ملڪن جا گروهه شامل آهن، جن افغان جهاد ۾ حصو ورتو هو، سي ڪشمير ۾ اُٿيل بغاوت ۾ مدد لاءِ اُتي وڃڻ لاءِ به خواهشمند هئا. مون ڪشميري بغاوت ۾ غير ڪشميري ويڙهاڪن جي ملوث ٿيڻ واري عمل کان انڪار ڪندي، اُن سوچ کي رد ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org