سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 22

 

 

آگسٽ 1988ع

 

 

عوام جي سرسي

زندگيءَ ۾ ڪي اهڙيون به ڇرڪائيندڙ گهڙيون اچن ٿيون، جن جي ڪااُميد ئي نٿي هُجي ۽ جن تي ويچاريندي ڏک ٿئي ٿو، اُها گهڙي تڏهن ائي هئي، جڏهن مون هيءَ ڪتاب لکي پورو ڪيو هو، جنهن ۾ مون جنرل ضياءِ الحق جي ظالماڻي فوجي راڄ جو تفصيل لکيو آهي.

پاڪستان جي اُڀرندي حصي ۾ بهاولپور جي فوجي اڏي تان واپس موٽندي، 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءَ الحق هوائي جهاز جي حادثي ۾ مارجي ويو. هن سان گڏ سان ٽيهه ڄڻا ٻيا به مارجي ويا، جن ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو چيئرمين، آرمي اسٽاف جو وائيس چيف، پاڪستاني فوجي جا ٻيا اٺ وڏا عملدار، پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير آرنلڊ رافيل ۽ هڪ آمريڪي برگيڊيئر جنرل پڻ شامل هئا.

اها خبر ڏاڍو آهستي پڌرو ٿي. ”اخبار جي هڪ صحافي فون تي هينئر ٻڌايو آهي ته، هڪ مُک هوائي جهاز وڃائجي ويو آهي.“ پارٽيءَ جي گڏجاڻي هلندي منهنجي سيڪريٽري فريده مون ڏانهن نياپو موڪليو.

”ڇا مطلب آهي؟“ مون کانئس پڇيو. عام طرح ”مُک“ ملڪ جي اڳواڻ لاءِ واپرائبو هو.

”اهو جنرل ضياءَ جو جهاز  آهي.“ فريده ائين ڀڻڪيو، ڄڻ اهي لفظ وڏي آواز ۾ چوندي کيس ڏاڍو ڏُک ٿي پهتو.

حقيقت ۾ منهنجي ڌيان ۾ ئي اها ڳالهه نه آئي، ته ضياءَ مري به سگهي ٿو. پر مون سوچيو ته، هو ملڪ مان ڀڄي ويو آهي، ڇو ته مونکي ياد آهي ته، هڪ مهينو اڳ هن چيو هو ته، جيڪڏهن کيس ۽ سندس گهر ڀاتين کي بچاءُ جو يقين ڏياريو وڃي، ته هو موٽ ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. مونکي ته بنهه ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. ڇا ضياءَ جو دؤر نيٺ ختم ٿي ويو هو.

”تون اُن صحافيءَ کي فون تي گهراءِ.“ مون پنهنجي سيڪريٽري کي چيو.

صحافي ڏڪندي پنهنجو نياپو ورجايو. ”ضياءَ جو جهاز وڃائجي ويو آهي.“ هن ٻڌايو. ”جهاز سان ريڊيائي رابطو ختم ٿي ويو آهي.“

”وڃائڻ مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ مون هن تي زور وڌو. ”ڇا جهاز ايران، هندستان يا افغانستان ڏانهن ويو آهي؟ ضياءَ پنهنجي مرضيءَ سان ويو آهي يا کيس اغوا ڪيو ويو آهي. ڪهڙا تفصيل مليا آهن؟“

ڊَپُ وچان هن ويچاري ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه ٿي ڏنو، رڳو پروليون پئي ڀَڳيون.

ٻنپهرن تائين هوائي جهاز اسلام آباد ڪونه موٽيو آهي. ٽي ڪلاڪ اڳ اڏامڻ کانپوءِ اُن سان ريڊيائي رابطو به ڪونه ٿيو آهي.“

تُرت هڪ ٻيو فون آيو. اهو اڳوڻي جنرل ۽ سرحد صوبي مان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ماڻهو جو هو. ”مڙيئي ڪا ڳالهه ٿي آهي. فوج حرڪت ۾ اچي وئي آهي.“ هن ٻڌايو.

”فوج جي اها چُرپر اسان جي فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾؟“ مون اهو سوچيندي کانئس پڇيو، ته شايد ضياءِ ڀڄڻ کان اڳ اقتدار فوج کي سونپي ويو آهي يا فوج کي حُڪم ڏنو اٿس، ته ملڪ تي قبضو ڪري. جڏهن ته پاڻ اڃا تائين اتي ملڪ ۾ ئي آهي.

”اڃان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي.“ هن وراڻيو.

وري پارٽيءَ جي هڪ ٻئي ميمبر جو فون پهتو. ”هوائي جهاز ڪِري پيو آهي.“ هن ٻڌايو. ”ضياءَ مري ويو آهي ۽ جهاز ۾ ويٺل ٻيا جنرل به مارجي ويا آهن.“

پر اڃا به آئون اها خبر مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هيس. ڏاڍ ۽ ڏمر جي هيترن ورهين کان پوءِ اهو بلڪل ناممڪن ٿي لڳو، ته ضياءَ جو خاتمو ٿي ويو آهي. منهنجي ته گمان ۾ به نه هو، ته هنجو انت ايئن ٿيندو. جيتوڻيڪ اهڙو امڪان هر وقت موجود هو. اسان جي هن سموري علائقي ۾ تشدد پکڙيل آهي. هن جو پنهنجو راڄ به تشدد سان شروع ٿيو هو، جيڪو تشدد سان ڇو نه ختم ٿئي؟

پوءِ به اها خبر مڃڻ ڏکيو هو. آئون اهو سوچي پئي سگهيس، ته ضياءِ ڀڄي ويو هوندو، ڇو ته منهنجي خيال ۾ آمريت جو اهو ئي انت ٿيڻو هو. مارڪوس فلپائين مان ڀڄي نڪتو هو. ايران جو شاهه به هوائي جهاز ۾ ايران مان ڀڳو هو. هيٽي مان ڊيوويليئر به جهاز ذريعي ڀڄي ويو هو. مون سدائين اهو سمجهيو هو، ته جڏهن ضياءَ جو وقت ختم ٿيندو، تڏهن هو پڻ هوائي جهاز ۾ چڙهي ملڪ مان ٻاهر ڀڄندو…

”مون اِجهو هينئر فوج جي هڪ ڪَور ڪمانڊر سان ڳالهايو  آهي.“ هڪ ٻئي فون ۾ ٻڌايو ويو. ”بهاولپور مان جيئن جهاز اڏاڻو، ته ٿوريءَ دير ۾ اهو هيٺ ڪِري تباهه ٿي ويو. ڪوبه جيئرو ڪونه بچيو آهي.“

نيٺ مون اُن خبر کي مڃيو. ساڳيءَ طرح پارٽيءَ جي ماڻهن کي به اُن تي ويساهه آيو، جيڪي 70 ڪلفٽن جي ملاقات واري ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. هي اُهي ئي ماڻهو هئا، جن قيد جون سزائون ڪاٽيون هيون يا جن کي ڪَوڙا لڳا هئا، جن جي خاندان وارن پنهنجا روزگار وڃايا هئا يا جن کي پنهنجي مائٽن جو دفنائڻ کان اڳ مُنهن به ڪونه ڏيکاريو ويو هو. مون پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چيو، ته چونڊن جي فيصلي بابت ضمني مقدمي جو خلاصو وٺڻ لاءِ عدالت ۾ ويل پارٽيءَ اڳواڻن ۽ ميمبرن ۽ ايم آر ڊيءَ جي مختلف جماعتن کي فون ڪري پوءِ آئون لنڊن ۾ پنهنجيءَ ڀيڻ کي فون ڪرڻ لاءِ مٿي ماڙيءَ تي ڪمري ۾ ويس. صنم گهر ۾ نه هئي. هن لاءِ نياپو ڇڏڻ وقت لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيا هئا. مون چيو ته، ”هن کي ٻڌائجو، ته جنرل ضياءَ مري ويو آهي.“

مون ڀانئيو ڄڻ اُنهن لفظن سان مون تان ڳرو بار لهي ويو هُجي. عذاب ۽ دهشت جي يارهن ورهين کان پوءِ اسين آزاد هئاسين. هو الوپ ٿي ويو هو. ضياءَ وري ڪڏهن به اسان کي عذاب ڏئي نه سگهندو.

اهڙي ملڪ ۾، جنهن جي سوڙهين گهٽين ۽ بازارن مان ڪابه خبر ٻوڏ جي پکڙجندڙ پاڻيءَ جيان پکڙجي ٿي. اُتي عوام اڳواٽ جشن ملهائڻ شروع ڪري ڏنا هئا. لاهور ۾ ته مٺائين جا دڪان خالي ٿي ويا هئا. ڪراچيءَ ۾ پان جي دڪانن تان ماڻهن کي مفت ۾ پان ڏنا پئي ويا. 70 ڪلفٽن تي اُها خبر پهچڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ اندر وڏي دروازي کان ٻاهر هزارين ماڻهو اچي مڙيا، جيڪي سياسي نعرا هڻڻ لڳا هئا. ”اوهان کي جهاز ڪِرڻ جي ڪيئن خبر پئي؟“ مون کانئن پڇيو. ”اخبارن وڪڻندڙ ماڻهو رڙيون ڪريو پيا چون، ته ضياءَ مري ويو ضياءَ مري ويو.“ هڪڙي ماڻهو مونکي ٻڌايو. ”ماڻهو پنهنجين موٽر ڪارن جا هارن پيا وڄائين ۽ ڪارن جي درين مان رڙيون ڪري پيا چون ته، ضياءَ مري ويو آهي.“ ٻئي هڪ ٻڌايو.

مون کي اِها ڳڻتي ٿي، ته اسان ۾ خوشيءَ ملهائڻ جو قومي سليقو به ڪونه هو. منهنجي مرضي نه رڳو اها هئي، ته اسين پنهنجو ورتاءُ ضياءَ جي ورتاءَ کان بلڪل ڌار رکون، پر مسلمان طور اسان کي موت تي خوش ٿيڻ نه گهرجي. اُن جهاز ۾ ٻيا به ڪيترائي مري ويا هئا ۽ انهن جي خاندان لاءِ اها سُرهائي وڌيڪ ڏک جو ڪارڻ ٿيندي. مونکي سفير رافيل جي زال نينسيءَ جو ڏاڍو ڏک ٿيو هو، جنهن جي تازو مون جيان شادي ٿي هئي. هينئر هن جو مُڙس، جنهن سان آئون ملي هيس ۽ جيڪو پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي حق ۾ هو، سو هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هو. مون سڄي ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي نياپو موڪليو، ته صبر کان ڪم ورتو وڃي. اسان مان ڪوبه ڪنهن حالت ۾ اهو نٿو چاهي، ته فوج کي اهڙو بهانو ڏنو وڃي، جو اها ملڪ تي قبضو ڪري مارشل لا جو اعلان ڪري.

اسان اها خبر پهرين ڇهين بجين ڌاري شام جو ٻُڌي هئي، پر ريديي ۽ ٽيليويزن تان اُن جي سرڪاري پڪ نه ٿي هئي. وقت گذرڻ سان مونکي مارشل لا جي لاڳو ٿيڻ جو ڊَپُ ٿيڻ لڳو. سڀني وڏن وزيرن، جيڪي سڀئي ضياءَ جا ماڻهو هئا، تن چاهيو هو ته 16 نومبر تي ٿيندڙ چونڊون رد ڪيون وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ اهي ملتوي ڪيون وڃن. ضياءَ جي موت ۽ قومي غير يقيني جي حالتن سبب اهي اهڙي حيثيت ۾ هئا، جو فوج کي اڳتي وڌڻ لاءِ راضي ڪري ٿي سگهيا.

70 ڪلفٽن تي ڏاڍي ڇڪتاڻ هئي. اتي رات جو سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ وارن اُفواهن سبب، منهنجي مُڙس هڪدم پاڻ کي ’حفاظت ڪندڙ اڳواڻ‘ پڌرو ڪري مونکي حُڪم ڏنو، ته آئون ڪجهه ڏينهن گهر کان ٻاهر پير به نه ڪڍان. مون جڏهن ٻاهر وڃڻ تي زور ٿي ڏنو، ته هن ڏاڍي ڪاوڙ ٿي ڪئي. ٻئي ڏينهن لاچار ٿي آصف عارضي طرح اُن ڳالهه تان هٿ کنيو.

رات جو اٺين بجي اسان سُک جو ساهه کنيو، جڏهن پتو پيو ته غير فوجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ رستو ٺهي پيو. ريڊيي پاڪستان تان اعلان ٿيو، ته آئين پٽاندر سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين غلام اسحاق خان صدر جو عهدو پيو سنڀالي. جڏهن غلام اسحاق پاڻ ٽيليويزن تي اچي اهو ٻڌايو، ته چونڊون اڳوڻي اعلان پٽاندر مقرر تاريخ تي ٿينديون، ته اسان ويتر سُک جو ساهه کنيو هو. اهو پهريون اهڃاڻ هو ته، فوج ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جو ذمو کنيو آهي. اسحاق خان اڳوڻو ڪامورو ۽ ضياءَ جي خاص ماڻهن مان هو، سو ڪڏهن به چونڊون نه ڪرائي ها، جيڪڏهن اهو فيصلو فوج نه ڪري ها.

پوءِ به مونکي فوجي قبضي جو جيڪو ڊَپُ هو، سو اجايو ڪونه هو. ضياءَ جي موت کان هڪدم پوءِ هن جي وڏن وزيرن ۽ فوج جي ٽن اڳواڻن وچ ۾ ٿيل هنگامي گڏجاڻيءَ ۾ چيو ويو، ته فوج تي سخت زور وڌو ويو هو، ته مارشل لا جو اعلان ڪيو وڃي. لڳو ٿو ته فوج پنهنجيءَ شهرت تي ويچاريندي اهڙيءَ اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، ته ڪو وڏا وزير پنهنجيون سياسي توپون سندن ڪُلهن تي رکي ڇوڙين. ”جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ۽ بينظير کٽي ٿي وڃي، ته پوءِ هوءَ سڀني وڏن عملدارن کي ڦاهيون ڏيندي.“ وڏن وزيرن فوجي عملدارن کي چتاءُ ڏنو. ”هن جي پيءُ ته فوج خلاف ڪوبه قدم نه کنيو هو، پوءِ هوءَ ڇو کڻندي.“ عملدارن کين وراڻيو هو.

اهو سچ آهي ته ضياءَ جي موت سبب اچرج ۾ وڪوڙيل مختلف طبقن سُک جو ساهه کنيو هو. کاريان ۽ وزير آباد جهڙن فوجي علائقن مان اسان کي فون تي ٻڌايو پئي ويو، ته عوام ڏورانهن علائقن کان پنڌ ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عهديدارن وٽ اچي، کين ضياءَ جي دؤر جي خاتمي تي واڌايون پيا ڏين. مونکي هاڻي پتو پيو هو، ته ضياءَ جيتوڻيڪ فوج جو اڳواڻ هو ۽ هو سدائين هٿياربند فوجن کي پنهنجي لاءِ ووٽ ڏيندڙن جو تَڪ ڄاڻائيندو هو، پر اهي فوج رُڳو هن جي عهدي سبب کيس ووٽ ڏيندڙ هئا.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف جيتوڻيڪ پرچارڪ ڪري ضياءِ فوجن جي وفاداريءَ کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اسان طرفان سرچاءُ جي نياپي کي ضرور ٻُڌو ويو هو. ”فوج نه ساڄي پاسي آهي، ۽ نه کاٻي پاسي. اها نه جنرل ضياءَ جي آهي، ۽ نه بينظير ڀٽو جي.“ مون ڪيترن ئي عوامي جلسن ۾ چيو هو. ”فوج پاڪستان جي عوام جي آهي.“

پر ضياءَ سمجهندو هو، ته فوج هن جي آهي، جنهن کي هو سوگهو جهليو ويٺو آهي. ايئن به ڪونه هو، جو هن هٿياربند فوجن ۾ ريفرنڊم ڪري کانئن پڇيو هو ته: آئون جيڪي به ڪريان ٿو، اوهين ان جي پُٺڀرائي ڪريو ٿا؟ ڇا اوهين سياست ۾ پوڻ گهرو ٿا ۽ عوام سان مقابلي لاءِ مجبور ٿيو ٿا؟ فوج جو هيٺيون طبقو جنهن ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل هو، تنهن جي خبر مونکي رُڳو تڏهن پئي هئي، جڏهن ضياءَ جو موت ٿيو هو. هٿياربند فوجن کي حڪومت جو سياسي بازو ٺاهي، ضياءَ هنن جي صلاحيتن ۽ فخر کي اندران ئي اندران کاٽ هنيو هو. ”ڪراچيءَ ۾ فوجين جي کاڌي وارن ڪمرن ۾ گهٽ ڏُک ڏيکاريو ويو هو.“ اُن رات ايم آر ڊيءَ جي هڪ ميمبر مونکي ٻڌايو. اُٽلندو چيو ويو هو ته، بابا جي قتل کان پوءِ کاريان، ڪوئيٽا ۽ ٻين هنڌن تي فوجين کي ايترو ته ڏک ٿيو هو، جو هنن ٽن ڏينهن تائين کاڌو به ڪونه کاڌو هو.

17 آگسٽ تي جيئن رات وڏي ٿيندي وئي، تيئن ضياءَ جي جهاز ڪِرڻ جي امڪاني سببن جا وڌ ۾ وڌ افواهه پکڙجڻ لڳا. اوائل ۾ هر هنڌ افواهه پکڙيل هو، ته اهو واقعو هندستاني سرحد تان ميزائيل هڻڻ سبب ٿيو هو. بهاولپور جو فوجي اڏو هندستاني سرحد کان رُڳو اَسي ميل پري هو ۽ تازو هندستان سان اڻبڻت پڻ وڌي وئي هئي. پاڪستان تي تُهمت هنئي وئي هئي، ته ٻين ڳالهين سان گڏ اتان پنجاب ۾ انتها پسند سِکن کي سکيا ڏئي سرحد پار موڪليو وڃي ٿو ۽ هندستان جي وزيراعظم راجيو گانڌيءَ پنهنجي 15 آگسٽ جي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو، ته جيڪڏهن پاڪستان نه سُڌريو ته، هو اسان کي سبق سيکاريندو.

مونکي ميزائيل واريءَ ڳالهه تي يقين ڪونه ٿي آيو، ڇو ته مونکي سُڌ هئي ته اسان جي سرحدي حفاظت ۽ نگرانيءَ جو سرشتو مضبوط هو. پر آئون پرڏيهي هٿ جي امڪان کي رد ڪري ڪونه سگهيس. سوويت يونين کي پڻ ضياءَ کان پلاند وٺڻو هو، ڇو ته اُن طرفان پڻ ڌمڪي ملي هئي، ته جيڪڏهن افغان جنگ جي اسان پُٺڀرائي جاري رکي، ته پاڪستان کي اُن جي ڳري قيمت چُڪائڻي پوندي. سفارتي حلقن ۽ پرڏيهي اخبارن جو وري انومان هو، ته ضياءَ جو جهاز ’خاد‘ ڪيرايو هو، جيڪا سوويت يونين جي پُٺڀرائي هيٺ ڪابل حڪومت جي جاسوس کاتي جو حصو هئي. ضياءَ جي مرڻ سبب سموري پاڪستاني – آمريڪي رٿا لُڙهي ويندي. هڪڙو ڪم ته ٿي ويو هو، پر ان کانپوءِ ڇا ٿيڻ وارو هو؟ جيڪڏهن ”پرڏيهي هٿ“ وارو نظريو صحيح هو، ته پوءِ اُن ميزائلي حملي مان ڪنهن وڏي انديشي جو امڪان هو.

اُن وقت ملڪ جي نازڪ صورتحال هئي: پارليامينٽ جو نالو نشان ڪونه هو. وزيراعظم ڪونه هو. صدر مري ويو هو. فوج جو مٿيون طبقو مري ويو هو. ملڪ ۾ هڪ خال هو ۽ اندرئين ۽ ٻاهرئين تخريبڪاريءَ جو امڪان گهڻو وڌي ويو هو. اُن رات ايم آر ڊيءَ جي اسان جي ساٿين اها به تجويز ڏني هئي، ته اهوئي وقت آهي، جو ضياءَ جي گروهن کي پاڻ ۾ گڏجڻ کان اڳواٽ ئي اسان ڪو قدم کڻون. پر مون اُن کي ڪونه مڃيو هو. اهو رڳو جمهوريت جو سوال نه، پر ملڪ جي سلامتيءَ جو سوال پڻ هو. مون پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل ٽِڪا خان ذريعي اختياريءَ وارن کي هڪ ڳجهو نياپو موڪليو، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وطن دوست جماعت آهي ۽ ملڪ خلاف ڪنهن به سازش جي حالت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ملڪ ۾ ڪي به اهڙيون حالتون پيدا نه ڪندي، جيڪي وڌيڪ غير يقينيءَ جو سبب بڻجن.

تُرت ميزائيلي حملي جي نظريي جي جاءِ تي تخبريڪاريءَ جو نظريو ڏنو ويو. اوچتو سڄيءَ قوم جو ڌيان فوج ڏانهن ڇڪجي ويو. جيڪڏهن جهاز جي تباهه ٿيڻ جو سبب تخريبڪاري هو، ته پوءِ اها فوج کانسواءِ ٻيو ڪير ڪري ٿي سگهيو؟ اهو واقعو اهڙي فوجي اڏي وٽ ٿيو هو، جيڪو فوج جي تحويل ۾ هو فوج کان سواءِ ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي، ته ضياءَ بهاولپور پئي ويو. ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ته ملڪ ۾ اُن ڳالهه جو ئي هُل هو. روايتي طرح فوجي علائقن ۾ به اُن کي خالص اندروني ڪم چيو پئي ويو.

اهي افواهه مونکي وڌيڪ خطرناڪ لڳا، ته ڇو ته منهنجي مرضي نه هئي ته، فوج هڪ ڀيرو وري تڏهن تڪرار جو نشانو بڻجي، جڏهن اها سياست مان ٻاهر پئي وئي. پهريون ڀيرو مون ڀانئيو هو ته، صحافين سان ڳالهائيندي موکي ڏکيائي ٿي هئي. هنن مونکي چورائڻ گهُريو ٿي، ته آئون خوش ٿي آهيان، ته منهنجو دشمن مري ويو آهي ۽ پڻ اهو ته فوج ئي اُن واقعي جي ذميدار آهي. اُن ڳالهه جي صحيح نه هئڻ تائين آئون ڪيئن ٿي اُها ڳالهه چئي سگهيس؟

ضياءَ جي موت جون اهي ڳالهيون جيئن پوءِ تيئن ڀروسي ۾ اچڻ جهڙيون ڪونه ٿي لڳيون: انهن ڳالهين ۾ هوائي جهاز جي پائليٽ جي ديش ڀڳتيءَ هيٺ پاڻ قربانيءَ ڏيڻ کان وٺي، انبن جي اُنهن کوکن ۾ لِڪائي رکيل ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽندڙ مواد جي ڳالهه به هئي، جيڪي ضياءَ کي بهاولپور ۾ سوکڙيءَ طور ڏنا ويا هئا. پر ٻين شين جيان انبن جي کوکن جي به چڪاس ٿي هئي ۽ ضياءَ جو جهاز بهاولپور اڏائي ويندڙ پائليٽ وٽ اهڙي ڪابه ضمانت نه هئي، ته ضياءَ سندس جهاز ۾ ئي چڙهندو. ضياءَ لاءِ سدائين ٻه هوائي جهاز موجود هوندا هئا.

جهاز جي مشيني سرشتي ۾ ڪنهن فني خرابيءَ کان پڻ لنوايو نه ويو هو. جيتوڻيڪ C-130 هوائي جهاز مضبوط ۽ ڀروسي جوڳو هوائي جهاز ٺهيل هو. پر زمين تي مُنهن ڀَر ڪِرڻ کان اڳ ٻن منٽن کان به وڌيڪ اُن جهاز فضا ۾ اُڏامڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي هئي، تنهن بابت اکين ڏٺن شاهدن جا بيان ٻڌائن ٿا، ته اهو حادثو مشيني ناڪاميءَ سبب ٿيو هو. ”اهو ڪروڙن ۾ هڪڙو اتفاق آهي، ۽ لڳي ٿو ته اهوئي ٿيو آهي.“ هوائي فوج ۾ آصف جي هڪ دوست جهاز ڪِرڻ کانپوءِ کيس فون تي ٻڌايو. پر اهو ثابت ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه هو. نيٺ آمريڪي ۽ پاڪستاني جاچ ڪندڙ ٽولين کي به ان حادثي جي اصل ڪارڻ جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو هو. مون سميت پاڪستانين جي اڪثريت جو ويچار آهي ته ضياءَ جو موت الله طرفان ٿيو هو.

مسلمانَ ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي الله جي قهر ۽ غضب ۾ ويساهه سيکاريو وڃي ٿو، جيڪو اوچتو ۽ اڳ چتاءُ کان پهرين نازل ٿئي ٿو. انيڪ پاڪستاني جو ويچار آهي، ته ضياءَ جو موت الله طرفان هڪ انتقام هو. الله جي اهڙي انتقامي مثال سان منهن مقابل ٿيڻ ڏاڍو ڀوائتو هو.

اُهو جهاز پنجن ڪلاڪن تائين تيز باهه ۾ سڙندو رهيو هو. اسلام جي نالي تي ضياءَ ايترو ته ناجائز فائدو ورتو هو. جو عوام ايئن پئي چيو ته: جڏهن هن جو انت آيو ته الله سندس ڪو هڪ نشان به ڪونه ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ ميت کي غسل ڏيڻ ۽ آخري دعا پڙهڻ مهل اُن جو منهن مڪي شريف ڏانهن ڪرڻ جهڙيون آخري اسلامي رسمون ٿي ڪونه سگهيون هيون. شاهه فيصل مسجد ۾ دفنايل تابوت ضياءَ جي ميت کان خالي آهي.

ضياءَ جي مرڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ پارٽيءَ جي هاءِ ڪمانڊ پنهنجي گڏيل فيصلي ۾ چيو، ته صدر اسحاق خان جي چيل لفظن کي مڃيو وڃي ۽ انهن پٽاندر عمل ٿيڻ جي اُميد ڪجي ٿي. اسان پاڻ ۾ اتفاق ڪيو ته، جيڪڏهن قائم مقام صدر آئيني رستو ورتو، ته جيئن اسين پاڪستان ۾ يارهن ورهين ۾ پهريون ڀيرو چونڊون ڪرائڻ ۾ سوڀارا ٿيون، ته پوءِ هن جي پُٺڀرائي ڪئي ويندي.

تنهنڪري جڏهن اسحاق خان نگران حڪومت ۾ ضياءَ جي ويجهن دوستن ۽ تابعدارن کي شامل ڪيو، ته اسان کي ڏاڍو اچرج ٿيو هو. هڪ غير جانبدار ڪابينا بدران اهي ضياءَ جي بگڙيل سرشتي جا ساڳيا نمائندا هئا، جن جي ويچار ۾ منصفاڻين چونڊن جو مطلب هو، ته وٽن طاقت نه رهندي ۽ نه وري اهي ٻين کي نوازي سگهندا. اسان ۽ ٻين ڪيئي سياسي جماعتن کين هٽائڻ جي گهر به ڪئي. پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.

نگران حڪومت سڀ کان پهرين اهو ڪم ڪيو، جو سڄي ملڪ مان پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ضياءَ جي تدفين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مفت ٽڪيٽون ڏنيون ۽ سندن رهائش جو انتظام ڪيو. عجب جهڙي ڳالهه اها ته گهڻن ملڪن جا اڳواڻ به نه آيا ۽ نه وري گهڻا پاڪستاني. ضياءَ جي موت تي حقيقت ۾ ڪنهن به ماتم نه ڪيو هو. ضياءَ جي مرڻ کان پوءِ سندس چاليهي تي چيو ويو هو، ته رُڳو ٽي هزار ماڻهو آيا هئا.

ماڻهن ۽ خاص ڪري ٻاهرين ملڪن جي اخبارن اهو انومان پئي ڪڍيو، ته ضياءَ جي موت سبب منهنجا سياسي ارادا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عوامي پُٺڀرائي گهٽجي ويندي. ڪيترين ورهين کان ماڻهن اهو پئي سمجهيو ته، آئون بابا جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ ضياءَ جي سياسي مخالفت ڪريان ٿي. پر ڳالهه اها نه هئي. اوهان ساڙ ۽ ڪيني جو ٻارڻ نٿا ٿي سگهيو. اهو اوهان کي ساڙي رک ته ڪري ڇڏيندو، پر اڳتي وڌڻ جو وجهه نه ڏيندو. منهنجو ڪم ۽ منهنجو ارادو ساڳيو ئي هو. صاف سٿرين ۽ غير جانبدار چونڊن ذريعي پاڪستان ۾ جمهوريت کي واپس آڻڻ.

ضياءَ جي موت کان ڪجهه هفتا پوءِ چونڊن ۾ تيزي اچڻ لڳي. آئون روزانو ڏهه ڪلاڪ گڏجاڻين ۾ رُڌل هوندي هيس. صحافين سان گڏجاڻيون، پارٽيءَ جي ماڻهن ۽ ايم آر ڊيءَ ۾ شامل پارٽين وارن سان گڏجاڻيون ۽ ساڻن بحث ته نومبر 16 تي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 207 نشستن لاءِ ۽ 19 نومبر تي صوبائي چونڊن ۾ 483 نشستن لاءِ ڪهڙن اميدوارن کي ميدان ۾ آندو وڃي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چونڊون جماعتي بنيادن تي ٿيڻ جو فيصلو ڏنو، ته پوءِ اسين گهٽ مشهور اميدوارن کي کڻنداسين، جن جي حيثيت پارٽيءَ جي نشان سبب مضبوط ٿي سگهندي. پر جيڪڏهن چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ٿينديون، ته پوءِ اسان کي وڏيءَ شهرت وارن اميدوارن جي گهُرج ٿيندي.

پارٽيءَ جي عهديدارن ۽ اڳواڻن جو ڦُڙت حصو ڪراچيءَ ۾ ڪاهي پيو هو ته، جيئن اُهي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار ٿي سگهن. شهر جي ڪنهن به هوٽل ۾ ڪوبه ڪمرو خالي ڪونه رهيو هو. قومي ٽڪيٽن لاءِ 700 ۽ صوبائي ٽڪيٽن لاءِ ارڙهن هزار ماڻهن درخواستون ڏنيون هيون. ضياءَ جي سياسي سرشتي کي ٽوڙڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنهنجا دروازا مسلم ليگ جي اڳوڻن ميمبرن لاءِ به کولي ڇڏيا. اسان جا به ڪيترائي ميمبر جيڪي 1985ع جي چونڊن وقت اسان کان ڌار ٿي ويا هئا، سي واپس اسان وٽ آيا. پارٽي مون کي چيو ته آئون لاڙڪاڻي، لاهور ۽ ڪراچيءَ مان ٽن نشستن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺان. مونکي ٻار ٿيڻ سبب منهنجي غير موجودگيءَ ۾ چونڊن جي مهم هلائڻ لاءِ پاڪستان واپس آيل امان کي لاڙڪاڻو ۽ سرحد جي چترال وارين ٻن نشستن تي بيهاريو ويو.

آگسٽ جي پڇاڙيءَ ڌاري، ايم آر ڊيءَ سان خاص ڪري هڪ ڊگهي گڏجاڻيءَ کانپوءِ منهنجي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ ڊاڪٽر منهنجو الٽراسائونڊ ڪڍي ٻار بابت ڄاڻ ورتي. مونکي اُن ڳالهه تي سدائين اچرج ٿيندو هو، ته ڳرڀوتي هجڻ واري عرصي ۾ مون شايد ئي ٻار کي چُرندي ڀانئيو هو. اها ڳالهه جڏهن مون هڪ ساهيڙيءَ سان ڪئي ته هن چيو ته، ”ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو ٻار ڇوڪرو آهي. ڇوڪرا ڪڏهن به پيٽ ۾ چُرندا ڪونهن.“ مون پنهنجي مونجهاري جو ذڪر پنهنجي ڊاڪٽر سان به ڪيو، ڇو ته مون پنهنجين ساهيڙين کان ٻُڌو هو ته، ٻار سدائين چرندا رهن ٿا. ”تون پنهنجي ڪم ۾ ايتري ته رُڌل رهين ٿين، جو جيتوڻيڪ ٻار چُري ٿو، پر توکي اُن جو پتو نٿو پوي.“ هن مونکي ٻڌايو.

پر ٿيل تپاس اُن جي ابتڙ ثابت ٿي ۽ جنهن مان پتو پيو ته مون ۾ گهٽ پاڻياٺ هجڻ سبب ٻار ڏُکيائيءَ سان چريو ٿي، ڇو ته مون گهڻو وقت گڏجاڻين ۾ ويهندي گذاريو هو. ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو ۽ منهنجي رَتُ جو دؤرو صحيح طرح ڪونه ٿيندو هو. تنهن سبب ٻار کي پوري خوراڪ نه ملندي هئي. ڊاڪٽر جي حُڪم هيٺ آئون ايندڙ چار ڏينهن بستري ۾ ليٽي پئي هيس ۽ الفابيٽ پٽاندر ٻار جا نالا آصف کي پڙهي ٻڌائڻ ۾ وقت گذاريندي هيس. اُن کان پوءِ ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو ته، روز صبح ۽ شام آئون هڪ ڪلاڪ تائين آرام سان ليٽي پئي هجان ۽ پنهنجو ڌيان ٻار جي چُرپر سمجهڻ تي رکان. جيڪڏهن آئون ٻار جي چرپر نه ڀانئيان، ته هڪدم اسپتال پهچي وڃان. مونکي هر چوٿين ڏينهن تپاس ڪرائڻ لاءِ اسپتال وڃڻو ٿي پيو. ”پنهنجو سامان تيار رک.“ ڊاڪٽرن مونکي خبردار ڪندي چيو، ڇو ته ڪنهن به وقت منهنجو پيٽ چيري ٻار ڄڻايو ويندو. مونکي هنن جي اها ڳڻتي ڏسي ڏاڍو اُلڪو ٿيو ۽ مون صنم معرفت هڪ تڪڙو نياپو امان ڏانهن اماڻيو. امان به ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ هئي ۽ ٻه هفتا پوءِ هوءَ به هتي پهچي وئي.

جيڪا ڇڪتاڻ اڳ ۾ موجود هئي، تنهن ٻار جي حالت ۾ ويتر واڌارو ڪيو هو. هر چوٿين ڏينهن رات جو دير سان سانتيڪي وقت ۾ آئون آصف سان گڏ اسپتال ويندي هيس. اهو تڪليف ڏيندڙ ڪم ڄڻ منهنجو معمول ٿي ويو هو. پر اسپتال جي عملي کي ڪابه ڳڻتي جهڙي ڳالهه نه ڀانئبي هئي ۽ آئون سِڌي گهر موٽي ايندي هيس. ٽن هفتن تائين آئون پنهنجو ڪم ڪار سدائين جيان ڪندي رهيس. مون پارليامينٽ لاءِ اميدوارن جي مختصر فهرست ٺاهي ۽ پنهنجي نئين گهر ۾ وڃي رهيس.

19 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر سدائين جيان منهنجي تپاس ڪئي ۽ ٻڌايو ته ٻار جي ڄم ۾ اڃا ٽي چار هفتا لڳي ويندا. ٻيءَ رات جڏهن آئون معمول پٽاندر تپاس لاءِ ويس، ته منهنجي ذهن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي. ”توکي رات جو هتي ترسڻو پوندو.“ ڊاڪٽر سيٽنا ٻار جي دل جي ڌڙڪڻ ٻُڌڻ کانپوءِ مونکي چيو. ”صبح جو سويل اسان کي آپريشن ڪرڻي پوندي.“

مونکي ٿوري آٿت ملي، ته اوسيئڙي جو وقت نيٺ پورو ٿيو. پر ڊاڪٽر جي اُن اوچتي فيصلي ۽ رات گهڻي گذرڻ سبب منهنجن مائٽن کي اطلاع ڏيڻ ڏُکيو ٿي پيو هو. مون سان گڏ اسپتال ۾ آيل منهنجي ساهيڙي پشي هڪدم ڪراچي جي سُڃن رستن تان ويندي امان کي هوشيار ڪيو ۽ منهنجي ٻار جو جهولو ۽ اهو تعويذ کڻي آئي، جيڪو ياسمين مونکي ڏنو هو، ته جيئن ٻار جو ڄم سلامتيءَ سان ٿئي. پشي اهو سُڪل گل به کڻي آئي، جيڪو آصف جي هڪ دوست مونکي ڏنو هو، ۽ جنهن کي آپريشن روم ۾ وڃڻ کان اڳ پاڻيءَ جي ڀريل ٿانوَ ۾ رکڻو هو. ڪيترن مسلمانن جو عقيدو آهي، ته اهو گل جيئن سمورو ٽِڙي پوندو، ته ويم جا سُور گهٽجي ويندا. آصف سڄيءَ رات اسپتال ۾ پسار ڪندي گذاري. هن کي منهنجي سلامتيءَ جي ڏاڍي ڳڻتي هئي.

ٻئي ڏينهن صبح سوير ڊاڪٽر سيٽنا آيو. ”اسان کي تُرت آپريشن ڪرڻ گهرجي.“ هن اچڻ سان چيو. اسپتال ٻاهر ماڻهو گڏ ٿيندا پيا وڃن. هنن کي ڪيئن خبر پئي هئي؟ منهنجي مرضي هئي ته ڪراچيءَ جي وڌيڪ مهانگي اسپتال بدران آئون لياريءَ جي ليڊي ڊفرن اسپتال ۾  ويم ڪرايان ها. اتي جو ڊاڪٽر مونکي وڌيڪ پسند هو. ٻيو ته منهنجي لاءِ لياريءَ جي وڌيڪ ذاتي اهميت هئي. اتي اسان ڪيترائي ڏک ڏٺا هئا ۽ ڪيتريون ئي سُرهائيون ماڻيون هيون. بابا پنهنجي سياسي ويڙهه ۾ اتي آخري تقرير ڪئي هئي. اتي مون تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس اڇلايو ويو هو ۽ آصف ۽ منهنجي شاديءَ جي موقعي تي اتي هڪ وڏي عوامي دعوت ٿي هئي. ضياءَ جي زماني ۾ لياريءَ جي غريب عوام سخت تڪليفون ڏٺيون هيون. اسان ڪيترو ئي گڏ جي سَٺو هو. منهنجو ويچار اُهو به هو ته جيڪڏهن مونکي اُتي ٻار ڄمي ها، ته لياريءَ جي عوام جي اُن اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي تي ڀروسو وڌي وڃي ها ۽ اُهي پنهنجي علاج لاءِ ان اسپتال ۾ وڃن ها. پر هنن کي اها خبر ڪيئن پئي هئي ته آئون اسپتال ۾ آهيان؟  ڇا اڃا تائين منهنجو پيڇو ڪندڙ جاسوسي گاڏين اها خبر حڪومت جي مختلف ايجنسين تائين پهچائي هئي؟ نرسن ته منهنجي مُنهن مٿان هڪ چادر وڌي هئي، ته جيئن ڪير به مونکي سڃاني نه سگهي ۽ مون کي آپريشن ٿيئٽر ۾ کڻي ويو هيون. آصف جي ماءُ ۽ ڪجهه ٻين مائٽياڻين قرآن شريف جي سورة مريم جو ورد ڪيو، ته جيئن منهنجا پاسا آجا ٿين.

آصف کي پُٽ ڄمڻ جي ڏاڍي خواهش هئي. گذريل اٺن مهينن ۾ مون سان ملندڙ هر هڪ اهو ٿي چيو، ته مونکي پُٽ ڄمندو. آئون سمجهان ٿي ته اهو اُن ڪري چيو ويو هو، جو پاڪستان ۾ ماڻهو پُٽ کي نيڪ سنوڻ سمجهن ٿا. بابا کي ٽي پوٽيون هيون، پر کيس پوٽو اڃا تائين ڪونه ٿيو هو. منهنجو ٻار اسان جي خاندان جي ڀاتين ۾ ڀٽو جو پهريون ڏهٽو ٿيندو، جيڪو پاڪستان ۾ ڄائو هوندو. پوءِ به آئون پُٽن جي انهن ڳالهين کان نٽائيندي رهي هيس. ”ڀلا ڇوڪرين ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟“ مون جواب ۾ چيو هو. پر انهن ڳالهين جِند نه ڇڏي.

ڪيترائي مهينا اڳ منهنجي سئوٽ فَخريءَ جي گهر قرآن خواني کان پوءِ مون ڀانئيو هو، ته ڪنهن منهنجي مٿان ڪا شيءَ ٻُرڪي هئي. ”ڇا آهي؟“ مون پنهنجو مُنهن اُگهندي پڇيو هو.

”مبارڪون.“ سڀني عورتن رڙيون ڪندي چيو. ”توکي پهريون ٻار پُٽ ڄمندو.“ ”اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟“ مون پڇيو.

”اسان تنهنجي مٿي پٺيان لوڻ ٻُرڪيو هو.“ هنن مونکي ٻڌايو. ”تو پهرين چَپن کي اگهيو، جنهن جو مطلب آهي مُڇون ۽ ڇوڪرو. جيڪڏهن تون پنهنجي اڳ يا پيشانيءَ کي ڇُهين ها ته اُن جو مطلب هجي ها ته توکي ڌيءَ ڄمندي.“

21 سيپٽمبر تي اهي سڀيئي اندازا ۽ انومان ختم ٿي ويا. ”اسان کي پٽ ڄائو آهي.“ آئون جيئن بيهوشيءَ مان ٿورو سجاڳ ٿيس، ته مون پنهنجي مُڙس کي ڏاڍي فخر ۽ آٿت سان اُهي لفظ چوندي ٻُڌو هو. ”سڄو مون جهڙو لڳي ٿو.“ آئون وري سمهي رهيس، ۽ منهنجي اک وري بندوقن جي فائرن تي کلي، جيڪي اسپتال کان ٻاهر مبارڪون ڏيڻ لاءِ ڪيا پئي ويا. ساڳئي وقت دهلن جا آواز ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا به ٻُڌڻ ۾ پئي آيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي ٻار جو جنم ٿيو هو، جنهن تي گهڻيون سُرهائيون ملهائيون ويون ۽ سياسي ويچار کان جنهن تي گهڻو تڪرار ٿيو هو.

اسان ٻار جي جنم تاريخ کي اُن ارادي سان لِڪائي ڇڏيو هو، ته متان جنرل ضياءَ چونڊن ڪرائڻ جو اعلان اهڙين تاريخن تي ڪري، جڏهن آئون ٻار جي ڄمڻ جي سلسلي ۾ بستري داخل هجان. اصل تاريخ پُڇڻ لاءِ چيو ويو هو ته، سرڪاري جاسوسن منهنجي طبي رڪارڊ تائين پهچڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. پر اُهو مون پاڻ وٽ سوگهو ڪري رکيو هو. حڪومت جي جاسوسن غلط ڪَٿ ڪري ٻڌايو هو، ته ٻار جو جنم 17 نومبر تي ٿيندو. ضياءَ ان کان چوويهه ڪلاڪ اڳ 16 نومبر تي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

پر اهو ٻار اسان سڀني کان گوءِ کڻي ويو. نه رڳو ضياءَ هڪ مهينو پري هو، پر جنهن ٻار جو جنم وچ آڪٽوبر ۾ ٿيڻو هو، تنهن الله جي مهربانيءَ سان پنج هفتا اڳ هن دنيا ۾ پير پاتو هو.اهڙيءَ ريت مونکي پورو هڪ مهيني جو مُدو ملي ويو، ته جيئن وچ آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ چونڊن جي مهم هلائڻ لاءِ آئون پاڻ کي تيار ڪري سگهان.

منهنجا ڀائر ۽ آئون ڄمڻ مهل بُت ۾ ڪمزور هئاسين. پر الله جو شڪر ته اهو ٻار صحمتمند هو. هن جي ڄم کان پوءِ هڪدم آصف هن جي ڪَن ۾ اذان ڏني. آصف تي ته اسان جي ٻار ڄڻ جادو ڪيو هو، تنهنڪري هو هر وقت اُن جي ڪمري ۾ هوندو هو. مونکي اها سُرهائي هئي، ته ٻار مون جيان بيشڪ پيءُ جي پيار ۾ پَلجي وڏو ٿيندو.

واڌاين جي تارن، خطن ۽ ڪارڊن جو 70 ڪلفٽن تي مينهن وسڻ لڳو. گلن ۽ مِٺائين جا سڀيئي دڪان خالي ٿي ويا. ڪيترائي سؤ ڪيڪ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڳاڙهي، سائي ۽ ڪاري رنگن جي کوکن ۾ اسان جي گهر پهچايا ويا. مون انهن مان گهڻا ڪيڪ ۽ گل ڪراچي جيل ۾ سياسي قيدين، اسپتال ۾ نرسن، مريضن ۽ شهيدن جي خاندانن ڏانهن موڪلي ڏنا. آصف وري اهڙيون سوکڙيون ريس ڪورس جي ويجهو، جتي پاڻ پولو راند رهندو هو، يتيمخاني ۾ ڏياري موڪليون. اخبارن وري ٻار بابت آکاڻيون ۽ ڪارٽون ڇاپيا ۽ لکيو ته، ”ٻار جنهن صدر کي ٻوڙي وڌو.“ مون اُهي ڪارٽون ٻاراڻي ڪتاب ۾ رکي ڇڏيا.

پرڏيهي اخبارن سميت هر ڪنهن ٻار جي تصوير وٺڻ جي خواهش ڏيکاري. پر آصف تيار نه هو. پر جڏهن دنيا مان هر پاسي کان اهڙيون درخواستون اچڻ لڳيون، تڏهن آصف نيٺ راضي ٿيو ۽ اسان ٻار جي تصوير ڪڍرائي. پوءِ آئون جڏهن هوائي جهاز ۾ لاڙڪاڻي ويس، ته هڪ مسافر منهنجي ويجهو اچي ٻڌايو، ته کيس ٻار جو ٻُڌي گهڻي سُرهائي ٿي هئي پوءِ هُن پنهنجو ٻَٽون ڪڍيو، جنهن ۾ ٻار جي تصوير لڳل هئي.

جيئن ته ٻار جو جنم وقت کان اڳ ٿيو هو، تنهنڪري اسان اڃا هن جي نالي تي نه ويچاريو هو. مون وٽ ڪيترائي خط پهتا هئا، جن ۾ مشورو ڏنل هو، ته ٻار جو نالو بابا جي نالي تي رکجي. پر پاڪستان ۾ ٻار تي پيءُ جي نالي رکڻ جو حق اُن خاندان جي پُٽ کي مليل هُجي ٿو ۽ مون پاڪستان جي اُن خانداني روايت جو احترام ۽ کيس جاري رکڻ ٿي گهريو.

اصل ۾ مون سوچيو هو ته جيڪڏهن مونکي پُٽ ڄائو، ته آئون پنهنجي ٻار کي شاهنواز سڏينديس، پر جڏهن ڪنهن مونکي چيو ته، ”ٻئي ڀيري آئون جڏهن اينديس ته توکي شاهنواز ڄمندو.“ تڏهن منهنجي دل ٻُڏي وئي هئي. منهنجي ذهن ۾ منهنجي ڀاءُ جي تصوير تري آئي، جيڪو فرش تي مئل پيو هو ۽ مون ڀانئيو هو ته آئون سڄيءَ ڄمار اهو نظارو وساري ڪونه سگهنديس، جڏهن ڪير منهنجي پُٽ کي اُن نالي سان سڏيندو. ٻار لاءِ آصف وٽ به نالو هو، ته سندس ماءُ ۽ امان وٽ به نالا هئا. مونکي انهن نالن تي ڪوبه اعتراض نه هو. ”اسين ڪنهن ديني عالم کان نالو پڇنداسين.“ مون کين چيو. ”پوءِ جيڪو مبارڪ نالو مليو، سو ئي مٿس رکبو.“ پر ديني عالم ٻڌايو، ته اهي ٽيئي نالا نيڪ هئا ۽ سندن ساڳيءَ اهميت هئي.

پوءِ اوچتو منهنجي ذهن ۾ هڪڙو نالو آيو: بلاول. سنڌ ۾ مخدوم بلاول نالي هڪڙو بزرگ ٿي گُذريو آهي، جنهن پنهنجي زماني ۾ ظلم خلاف جنگ ڪئي هئي. آصف جي وڏن مان هڪڙي بزرگ جو نالو پڻ بلاول هو. اُهو نالو منهنجي نالي جو به پڙاڏو هو، جنهن جي معنيٰ آهي: بيمثال. ۽ هيءُ اهو ئي نالو هو، جنهن جو واسطو ماءُ سان، پيءُ سان ۽ ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ تاريخ سان به هو. اُن نالي تي سڀيئي سُهمت ٿيا، تنهنڪري اسان ٻار جو نالو ’بلاول‘ رکيو. پنجن ڏينهن تائين صحت جي بحاليءَ لاءِ آرام کانپوءِ مون پنهنجو ڪم شروع ڪيو. مونکي ڪُرسيءَ تي ويهاري ڏاڪڻ تي چاڙهيو ۽ اتان لاٿو ويندو هو. پوءِ به اسان جو شڪ وڌندو ويو، ته چونڊون وقت تي جيڪر ٿين.

لاهور جي ڀرپاسي 2 ڊسمبر تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏون ٿيون، جن سبب ڪيئي گهر ڊهي پيا ۽ ماڻهو ۽ چوپايا جانور پاڻيءَ ۾ لُڙهي ويا. عوام ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ تنهن وقت ويتر وڌي ويو، جڏهن پتو پيو هو ته ضياءَ جي نگران صوبائي انتظاميا جي اختياريءَ وارن ڄاڻي ٻجهي لاهور جي شاهوڪار ۽ گهٽ آباديءَ واري علائقي کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ چتاءُ کانسواءِ اُن بند کي ڊائناميٽ هڻي ٽوڙيو هو، جيڪو ڳتيل آباديءَ جي بچاءُ لاءِ ٺهيل هو.

ٻوڏ جو پاڻي وڌندو ويو، جنهن سبب ٻن هفتن تائين پنجاب ۾ لاهور ۽ ٻيا شهر ۽ ڳوٺ هڪ ٻئي کان ڪَٽجي ويا. نتيجي ۾ اتي جي چوڏهن ضلعن ۾ ٻه لک چوپايا لڙهي ويا ۽ پنج لک ايڪڙ مختلف فصلن واري زمين ٻُڏي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنجاب انهن لکن ماڻهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو تڪڙو انتظام ڪيو، جيڪي پنهنجو سڀ ڪجهه ٻوڏن ۾ وڃائي ويٺا هئا. اختياريءَ وارن جي اهڙي لاپرواهي ۽ پاڻ ان تباهيءَ سبب سمجهيو ويو هو، ته چونڊون مهمل ٿينديون يا وري مارشل لا لڳايو ويندو. پر ضياءَ جي رکيل ماڻهن جي سياسي اميدن کي فوج اهو چئي چيڀاٽي ڇڏيو، ته چونڊون مقرر تاريخن تي ٿينديون.

هڪ ڀيرو وري چونڊون تڏهن پٺتي پئجي ويون، جڏهن 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر تي جمهوري عمل روڪڻ جي ڪوشش ڪندي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن بيگناهه ماڻهن تي اوچتا رتوڇاڻ وارا حملا ڪيا. حيدرآباد ۾ ٽيهه ٻُٽ ٻَڌل ماڻهن، جن وٽ نوان بارودي هٿيار هئا، سڄي شهر ۾ هڪ ئي وقت مختلف پاڙن ۾ بيگناهه ماڻهن تي گولين جو مينهن وسايو. گهٽين ۾ سنڌين، مجاهرن، پٺاڻن ۽ پنجابين کي قتل ڪيو ويو. قاتلن کي ڪوبه ويچار ڪونه هو، ته اهي ڪنهن کي قتل پيا ڪن. نَو ڪلاڪن کان پوءِ دهشتگردي جي اها سوچيل سمجهيل ۽ اڳ رٿيل نسلي فسادن جي باهه ڪراچيءَ ۾ به پکڙجي وئي، جتي حملو ڪندڙ دهشتگرد سني پاڙن ۾ ڪاهي پيا ۽ اتي جي رهاڪن تي هنن گوليون وسايون. هنن هڪ هنڌ هڪ بس ۾ گهڙي اتي سڀني مسافرن کي قتل ڪيو. ان رتوڇاڻ کان پوءِ خبر پئي، ته 240 ماڻهو مري ويا هئا ۽ 300 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪرفيو لڳايو ويو، جنهن سبب اسڪول، مارڪيٽون ۽ دڪان بند ٿي ويا.

جڏهن مون اها خبر ٻڌي تڏهن آئون ناچاق هيس. اُن ڪوس پٺيان ڪير هو؟ ڇو ته پاڪستان ڪيترين ئي پرڏيهي سازشن ۾ ڦاٿل هو. تنهنڪري ان رتوڇاڻ ذريعي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ لاءِ ٻاهرئين اثر کي ڏسڻ جو اندازو ڏُکيو نه هو. پر ساڳئي وقت اندروني سببن کي پڻ رد ڪونه ڪيو ويو هو. اسان ڀانئيو هو ۽ اُن ڳالهه جو زبردست امڪان به موجود هو، ته نگران انتظاميا چونڊن ۾ هارائڻ کان ڊڄي ڌاڙيلن کي پئسا ڏئي ميدان ۾ آندو هو، ته جيئن اهي امن جي صورتحال کي اهڙو تباهه ڪن، جو فوج مجبور ٿي ملڪ ۾ مارشل لا جو اعلان ڪري. پر فوج ضبط ۽ تحمل جو شاندار مظاهرو ڪندي، ٻنهي شهرن ۾ گشت جاري رکيو ۽ اُن رتوڇاڻ جي پلاند ۽ افراتفريءَ کي پکيڙڻ کان روڪي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ 5 آڪٽوبر تي منهنجي آئيني درخواست کي منظور ڪيو، جيڪا مون ضياءَ جي اُن حڪم خلاف ڪئي هئي، ته چونڊون غير جماعتي بنياد تي ٿين. راولپنڊيءَ ۾ عدالت جو ڪمرو تڏهن ماڻهن سان ڀريل هو، جڏهن عدالت جي ٻارهن ئي ججن فتويٰ ڏني، ته سڀيئي سياسي جماعتون چونڊن ۾ حصي وٺڻ جون اهل آهن ۽ ووٽ ڏيندڙن جي سڃاڻپ لاءِ انفرادي اميدوارن کي نه، بلڪ سياسي جماعتن کي سياسي نشان ڏنا وڃن. عدالت جي فصلي کي نگران انتظاميا مڃيو. سڄيءَ دنيا جون اکيون اُن پاسي هيون، تنهنڪري ضياءَ جي ماڻهن لاءِ ان کانسواءِ ٻي ڪا به راهه نه هئي. سڄي ملڪ ۾ پاڻ مرادو سُرهائي جا مظاهرا ٿيڻ لڳا.

ضياءَ جي مرڻ کان پوءِ بچاءُ جي سلسلي ۾ منهنجي سوچ تنهن وقت ڊنواڊول ٿيڻ لڳي هئي، جڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ مونکي نيون ڌمڪيون ملڻ شروع ٿيون. هڪ خط جهليو ويو هو، جيڪو ظاهريءَ طرح افغان مجاهد اڳواڻ گلبدين حڪمت يار جو لکيل هو ۽ جنهن ۾ هن پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنو هو، ته بينظير ڀٽو کي ختم ڪيو. حڪمت يار پاڪستان جي جاسوسي اداري جي ويجهو هو ۽ هنن جي زور رکڻ تي ممڪن هو، ته هن اهڙا حڪم ڏنا هجن. ٻئي پاسي ٿي سگهيو ٿي، ته اُهو خط باغين جي مخالف انهن طاقتن لکرايو هجي، جن جي ويچار ۾ منهنجي مارائڻ سان اُهي مجاهدن جي سرگرمين کي نقصان پهچائي، اُن جو الزام حڪمت يار تي هڻن ها.

پاڪستان منجهان به نيون ڌمڪيون ملڻ شروع ٿيون. اسان کي رپورٽون مليون هيون، ته پنجاب جي نگران انتظاميا، سنڌ جي نگران انتظاميا سان گڏجي منهنجي خاتمي جون رٿون ٺاهيون هيون. ضياءَ جي وڃڻ جو مطلب اهو ڪونه هو، ته جوکا ٽري ويا هئا. هاڻي جيئن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سوڀُ يقيني هئي. تنهنڪري ضياءَ جي وزيرن جي مرضي هئي، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ آئون سندن راهه مان نڪري وڃان.

جيئن چونڊن جا ڪاغذ داخل ڪرائڻ جي تاريخ ويجهي آئي، ته هر ڪلاڪ ۾ نوان نوان سياسي اتحاد ٺهڻ لڳا. رڳڙن ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ سبب، جيڪا پاڪستاني سياست جي روايت آهي، اسان جي وڏي ۾ وڏي مخالف جماعت ضياءَ جي مسلم ليگ ۾ وڏو ڏڦيڙ پئجي ويو. 13 آگسٽ تي ضياءَ جي هوائي جهاز ڪِرڻ کان چار ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ مسلم ليگ جي مُک عهديدارن جي چونڊ لاءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، پر ووٽ ڏيڻ بدران هنن هڪ ٻئي جي بيعزتي ڪئي. هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ اقتدار ماڻڻ جي اُن جهيڙي ۾ نيٺ هڪ ٻئي تي ڪُرسيون ۽ چينيءَ جا ٿانوَ اڇلايا.

ان کان ٻه هفتا پوءِ مسلم ليگ مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي: هڪڙي شاخ جا اڳواڻ ضياءَ جا مقررڪيل ٻه ماڻهو هئا. هڪ سرحد صوبي جو اڳوڻو گورنر ۽ ٻيو پنجاب جو نگران وڏو وزير نواز شريف. اها شاخ ضياءَ جي پاسي هئي. ليگ جي ٻيءَ شاخ جو صدر ضياءَ جو اڳوڻو وزيراعظم، محمد خان جوڻيجو هو، جيڪو ضياءَ جي مخالف هو. اسان جي مضبوط مخالف جماعت  جي اُن ورهاڱي سبب چونڊن ۾ اسان کي سوڀُ جي پوري پڪ ٿي هئي.

بدقسمتيءَ سان ايم آر ڊي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ جيڪو اتحاد هو، سو پڻ ٽُٽي ويو. اسان گڏجي ڪوشش ڪئي، ته چونڊن ۾ ڪهڙن اميدوارن کي بيهارجي. ڇو ته پتو پيو هو ته ايم آر ڊيءَ جا ڪيترائي اهڙا اميدوار هئا، جيڪي مسلم ليگي اميدوارن کي هارائي ڪونه سگهن ها. ٻيو ته ايم آر ڊي چونڊن کانپوءِ اسان سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ آزاد رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. تنهنڪري اسين افسوس ڪندي ايم آر ڊيءَ کان ڌار ٿي وياسين. پوءِ به اسان ايم آر ڊيءَ کي خاطري ڏياري، ته ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن جي گهرو تڪن مان اسين سندن مقابلي ۾ پنهنجا اميدوار ڪونه بيهارينداسين. ان اصول جي هنن طرفان ڪابه موٽ نه ٿي.

متحد ۽ مضبوط پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي موجودگيءَ سبب سياسي چالون تيز ٿي ويون. مسلم ليگ جي ضياءَ پسند ٽولي ٻين ستن مذهبي ۽ سياسي جماعتن سان گڏجي ’اسلامي جمهوري اتحاد‘ جي نالي سان هڪڙي جهنڊي هيٺ ۽ چونڊن جي هڪڙي ئي سياسي نشان سان هڪڙو اتحاد ٺاهيو. ساڳئي وقت چونڊ ڪاغذن جي داخلا جي آخري تاريخ 15 آڪٽوبر کان هڪ ڏينهن اڳ جوڻيجو پنهنجيءَ مسلم ليگ سميت اسلامي جمهوري اتحاد ۾ شامل ٿي ويو. هاڻي اسان کي نون سياسي جماعتن جي ميڙ سان مقابلو ڪرڻو هو.

اسان کي اها کِل جهڙي ڳالهه لڳي، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان مقابلي لاءِ انهن جماعتن پاڻ ۾ اتحاد ضروري سمجهيو هو. روايتي طرح اهڙا اتحاد سدائين حڪومتي جماعت خلاف ٺاهبا  آهن. اهو پهريون ڀيرو هو، جو حڪومت ڪندڙ جماعت مخالف ڌر خلاف اتحاد قائم ڪيو هو، ته جيئن گهڻي ۾ گهڻا ووٽ ماڻي سگهي.

پر اهو به اڃا ڪافي ڪونه هو. اسان خلاف وڌيڪ ڏچي لاءِ نگران صدر هڪ طرفو ۽ غير آئيني حُڪمنامو ڪڍيو، جنهن پٽاندر چونڊن جي قانونن ۾ ڦيرگهير آندي وئي، ته جيئن اسان جي حامين کي نااهل ڪوٺيو وڃي ۽ ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم رکيو وڃي. فرمان ۾ چيل هو ته ووٽ ڏيڻ وقت سڀني ووٽ ڏيندڙن کي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو. اڳ ڪڏهن به ائين ڪونه ٿيو هو. اسان جڏهن ان تي اعتراض ڪيو، ته انتظاميا دعويٰ ڪئي ته ’103 سيڪڙو‘ ووٽ ڏيندڙ پاڪستانين وٽ اڳ ۾ ئي سڃاڻپ ڪارڊ آهن.

حسابي اڳڪٿين هوندي به اسان کي پوري ڄاڻ هئي، ته ڳوٺاڻن ووٽ ڏيندڙن ۾، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اصل قوت هئا، رُڳو پنج سيڪڙو عورتن ۽ ٽيهه سيڪڙو مردن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ هئا. نون ۽ ٻيهر ڪارڊ وٺندڙن لاءِ نه رڳو درخواست فارم موجود  ڪونه هئا. پر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ رجسٽريشن آفيسر اسان کي ٻڌايو، ته هو روزانو گهڻي ۾ گهڻا ٽي سؤ ڪارڊ ٺاهي سگهندو. ان جو مطلب هو ته چونڊن کان اڳ ٻن هفتن ۾ اٽڪل چار هزار ڪارڊ ٺهي سگهندا. جن مان به ڪيترائي بيڪار هوندا. چونڊن جو سياسي مقصد رکندڙ عملي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  حامين جي ڪارڊن جي اهڙي طرح توثيق پئي ڪئي، جو اُهي چونڊن ۾ واپرائجي نه سگهن.

سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ نگران انتظاميا جي اُن ضد جي اميدن کي جهَڪو ڪيو، ته چونڊون ايمانداريءَ سان ٿينديون. 1984ع جي ريفرينڊم ۾، 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ يا 1987ع جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ وقت سڃاڻپ ڪارڊ جي گهُرج نه هئي. ان وقت هر صوبي ۾ رجسٽرڊ ٿيل ووٽ ڏيندڙن جي فهرست کي ٺيڪ سمجهيو ويو هو. هاڻي سڃاڻپ ڪارڊن جي گهر ڪئي پئي وئي، ته جيئن چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ملندڙ گهڻي ۾ گهڻن ووٽن کي اندران ئي اندران کاٽ هڻي گهٽائجي. پهرين ضياءَ عوام جي فيصلي کي روڪڻ لاءِ سياسي جماعتن تي پابندي وڌي هئي. هاڻي هُن جي اصولن جو بچاءُ ڪندڙن، ووٽ ڏيندڙن کي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪي، قوم سان ٺڳي ڪئي پئي. ضياءَ جڏهن جيئرو هوندو هو، ته سياسي اميدوارن کي نااهل ڪوٺيو ويندو هو. هاڻي هن جي تابعدارن وري ووٽ ڏيندڙن کي نااهل پئي ڪيو.

هڪ ڀيرو وري اسان عدالت جا دروازا کڙڪايا. اسان پنهنجي درخواست ۾ سڃاڻپ ڪارڊن جي گهُرج جي آئيني حيثيت تي اعتراض ڪيو مون وري پنهنجو ڌيان چونڊن جي مهم هلائڻ تي ڏنو. بابا ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مهم هلائي هئي ۽ هينئر مون به اهو ئي ڪيو ۽ خيبر ميل ۾ چڙهي ڪراچيءَ کان لاهور تائين سفر ڪيو، جيئن ته اليڪشن ڪميشن اسان جو راويتي ۽ مشهور نشان تلوار اسان کي ڪونه ڏنو هو، تنهنڪري اسان چونڊن جي جنگ وڙهڻ لاءِ هڪ نئون هٿيار چونڊيو هو. اهو هٿيار هو: تير.

نگران انتظاميا چونڊن کان اڳ سڀني اميدوارن تي ريڊيي يا ٽيليويزن تي پنهنجي اشتهار ڏيڻ کان روڪ وڌي هئي. تنهنڪري مون ريلوي اسٽيشنن تان، جتي ريل گاڏي بيٺي ٿي، پنهنجن حامين جا حوصلا وڌايا ته اهي ٻاهر اچن ۽ پنهنجو ووٽ ڏين. اسٽيشنن جي وچ ۾ مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مڪاني اڳواڻن سان ملاقات ٿي ڪئي، جيڪي هڪڙي اسٽيشن تان ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي ٿي آيا ۽ ٻيءَ اسٽيشن تي لهي ٿي ويا. ”ظالمن جي دل ۾ تير، بينظير بينظير.“ عوام جا انبوهه سُرهائيءَ وچان اهي نعرا هڻندا ايندا هئا. ريل گاڏيءَ تي گلن جا هار چاڙهيندا هئا ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺل ڪارڪنن کي کاڌو ۽ پاڻي پهچائيندا هئا. هر اسٽيشن کانپوءِ آئون گرم چانهه ۽ دوائون وٺندي هيس، ته جيئن منهنجي گُردي جي سُور جي تڪليف گهٽ ٿئي، جيڪو اُن مهم جي شروع ٿيڻ وقت مونکي ٿيو هو. آصف ان کان اڳ ڪڏهن به مون سان گڏ سفر نه ڪيو هو، سو اُن مهم جي پهرين حصي ۾ مون سان گڏ هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا به ڪيترائي سرگرم حمايتي اسان سان گڏ هئا، جن مان ڪجهه ريل گاڏيءَ جي ڇت تي ويٺا هئا، ته ڪي وري اسان وٽ گاڏي ۾ هئا. هنن گيت ڳايا ۽ ناچ ڪيا ۽ اسان هنن جا پاڇولا پنجاب جي ساون کيتن ۾ پئي ڏٺا. ميان چنون جي اسٽيشن تي رات جو آئون پليٽ فارم تي بيٺي هيس، ته ريل گاڏي اسٽيشن تان هلڻ لڳي. ڪيترائي ماڻهو ريل جي پَٽن تي ليٽي پيا ۽ ايئن آئون وري گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺيس.

هڪ هفتو پوءِ سنڌ ۾ ريل جو سفر ڪندي مونکي اُن ڏينهن هڪڙي سُٺي خبر ملي، جنهن کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چاليهن کان به مٿي ميمبرن نوابشاهه ۾ آصف جي اباڻي گهر ۾ رات گذاري هئي. 8 نومبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ سڃاڻپ ڪارڊن جي گهُرج کي رد ڪيو ۽ ايڪيهين ورهين جي ڄمار کان مٿي سڀني رجسٽرڊ ٿيل پاڪستاني ووٽ ڏيندرن جو صحيح سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ ووٽ ڏيڻ جو حق قائم رکيو. عدالت واضح ڪيو، ته رڳو لاهور جي هڪ تڪ ۾ جيڪي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا هئا، سي اتي جي رجسٽرڊ ٿيل ووٽ ڏيندرن جي تعداد کان به ٻيڻا هئا. ٻيو ته عورتن جي نه تصوير هئي، ۽ نه صَحي ڪيل هئي. جنهن سبب ڪُوڙن ووٽن پوڻ جو وڏو امڪان هو. انهن سچائين ۽ بيقاعدگين کي ڌيان ۾ رکندي عدالت فيصلو ڏنو، ته سڃاڻپ ڪارڊ جي گهُرج ايمانداريءَ وارين چونڊن ڪرائڻ ۾ خاطريءَ هجڻ بدران رنڊڪ ثابت ٿيندي. اُن فيصلي خلاف ضياءَ جي ماڻهن هڪدم سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي.

ايمانداريءَ سان چونڊن ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اُن فيصلي کان پوءِ عوام جون اميدون وڌي ويون هيون. ”علي بابا ڀلي هليو ويو آهي، پر چاليهه چور اڃا ويٺا  آهن.“ 10 نومبر تي امان لاڙڪاڻي جي هڪ عوامي جلسي ۾ وڏي ميڙ کي ٻڌايو. اُن ساڳئي ڏينهن تي راولپنڊيءَ ۾ منهنجي آڌرڀاءُ لاءِ عوام جا ايڏا وڏا هججوم هئا، جو 1986ع ۾ پاڪستان ۾ واپسيءَ وقت جوڙيل منهنجو رڪارڊ ٽُٽي پيو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلوس ۾ جيڪي لکين ماڻو هئا، تن سان شهر جون سڀيئي گهٽيون ۽ رستا ڀريل هئا، جنهن سبب اتي اچ وڃ ۾ بنهه رخنو پئجي  ويو هو. اسان کي هڪ ڪلوميٽر جو فاصلو هلڻ ۾ اٽڪل ٽي ڪلاڪ لڳي ويا هئا. ”اوهان کي ڪن ٿا. ۽ جيڪي جمهوريت جا حامي آهن.“ آئون جڏهن عوامي جلسي جي جاءِ تي پهتيس ته مون عوام کي چيو. ”اوهان کي چونڊ ڪرڻي پوندي انهن جي وچ ۾، جيڪي رجعت پسند آهن ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ گهرن ٿا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ جيڪا ظلم جا زنجير ٽوڙڻ گهري ٿي.“

اسين اُن مهم جي پڇاڙڪن ٿورن ڏينهن ۾ پنجاب مان لنگهياسين، ته جوش ۽ ولولو هر هنڌ پڌرو ڏسڻ ۾ آيو ٿي. ايڪيتاليهه ورهيه اڳ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هت رُڳو ٻه عام چونڊون ٿيون هيون. پهرين عام چونڊن ۾ اولهه پاڪستان جي قيادت بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حوالي ٿي هئي. ٻيو ڀيرو 1977ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٻيهر چونڊجي آئي هئي. هيءُ ٽيون ڀيرو چونڊون ٿينديون ۽ انهن ۾ سخت مقابلو ٿيندو.

ضياءَ جي مسلم ليگي اڳواڻن ته کلي عام اهو پئي چيو، ته 16 نومبر جي چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ باوجود اسان کين حڪومت جون واڳون نه ڏينداسين. بنياد پرست جماعت اسلامي ڍنڍورا ڏيڻ لڳي، ته عورت جي اڳواڻي غير اسلامي آهي. جيتوڻيڪ هنن ضياءَ جي 1985ع واري آئين ۾ اُن عمل کي اسلامي ڪوٺيو هو. هن ڀيري ضياءَ ليگ نَو ورهيه اڳ بابا جي عدالتي قتل ۾ جنرل ضياءَ سان سازش ڪندڙ هڪ ننڍڙي سياستدان احمد رضا قصوريءَ کي پڻ ڏاڍي ناز سان جنرل ضياءَ جي وڏي پٽ اعجاز الحق سان گڏ ميدان ۾ آندو آهي. اعجازالحق ته اخبارن ۾ اها به دعويٰ ڪئي ته، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چُونڊ مهم جي رٿا لنڊن جي هڪ يهودي اداري جوڙي آهي.

هوڏانهن سپريم ڪورٽ سڃاڻپ ڪارڊن جي گهُرج جي آئيني حيثيت تي سوچڻ ويچارڻ شروع ڪيو، جنهن سان رجسٽر ٿيل ووٽ ڏيندڙ عوام جو پنجونجاهه سيڪڙو ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ٿيڻ جو اُلڪو هو. اُن جو نتيجو خراب پئي ڏسڻ ۾ آيو. سپريم ڪورٽ جي هڪ جج شنوائيءَ واري ڏينهن اسان جي هڪ وڪيل کي ٻڌايو. ”اسان راولپنڊيءَ ۾ اوهان جي جلسي ۾ موجود  ماڻهن جا ميڙ ڏٺا آهن. پر اسين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ايڏي زبردست سوڀُ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.، جڏهن 12 نومبر 1988ع تي آئيني ڪارروائي پُڄاڻيءَ تي پهتي ته، سمورن پاڪستاني ووٽرن لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجو قومي سُڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ ضروري ڪوٺيو ويو.

آئون جيئن چئني صوبن ۾ پنهنجي مهم پُوري ڪريان ٿي، ته عوام نعرا هڻن ٿا. ”وزيراعظم بينظير،“ ”ڀٽو خاندان هيرو هيرو، باقي سڀ زيرو زيرو.“ امان کي جهولي جي جهڙپ لڳي آهي ۽ بُخار به اٿس، سا جڏهن پنهنجي مُهم پوري ڪري ٿي، ته ماڻهو کيس چون ٿا. اسين ٻيئي پنهنجي گهرو تڪ لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ ۾ 16 نومبر تي پنهنجا ووٽ ڏيڻ لاءِ وڃون ٿيون. ووٽ ڏيڻ کان پوءِ آئون بابا جي قبر تي حاضري ڏيان ٿي، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ اڪيلو وزيراعظم هو، جنهن کي سِڌي طرح عوام چونڊيو هو.

16 نومبر تي ووٽ ڏيندڙ آباديءَ جي اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي ووٽ جي حق کان محروم رکندي به، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت سان کٽي آئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ، اسلامي جمهوري اتحاد ۾ شامل سندس مخالف جماعتن جي ڪنهن اُميدوار کان هڪڙي سيٽ به نه هارائيندي، سڄي سنڌ جون سِيٽون ٻُهاري ويئي، ۽ پنجاب ۾ واضح اڪثريت ماڻيائين. چئني صوبن ۾ جنهن اڪيلي پارٽي چونڊن کٽيون سا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ هئي، جنهن قومي اسيمبليءَ ۾ قبائلي علائقن ۽ اقليتن جي سيٽن جي گڏجڻ سان ڪُل 108 سيٽون کٽيون هيون، جڏهن ته اسلامي جمهوري اتحاد رُڳو 54 سيٽون کٽيون.

مرهيات ضياءَ الحق جي حڪومت ۾ شامل سمورن اڳواڻن کي چونڊن ۾ شڪست آئي هئي، جن ۾ وزيراعظم جو پُراميد اميدوار محمد خان جوڻيجو به شامل هو. اسلامي جمهوري اتحاد جي چيئرمين غلام مصطفيٰ جتوئيءَ سميت روحاني اڳواڻ پير پاڳاري کي به شڪست آئي هئي. پنجاب جي نگران گورنر نواز شريف پنهنجي چونڊ وڙهندڙ چئن سيٽن مان ٻن سيٽن تان هارايو.مون ۽ امان سنڌ، پنجاب ۽ سرحد مان وڙهندڙ پنجن ئي سيٽن تان کٽيو، ۽ اسان طرفان کنيل ووٽن جي تعداد پٽاندر پاڪستان جي تاريخ ۾ انفرادي اميدوار جي سوڀُ جي شرح به تمام گهڻي هئي.

19 نومبر تي به پاڪستان پيپلز پارٽي صوبائي اسيمبلين جون سيٽون ساڳيءَ طرح اڪثريت سان کٽيون، جن ۾ اسان جون سيٽون 184 ۽ اسلامي جمهوري اتحاد جو ڪُل 145 سيٽون هيون. هاڻي به ضياءَ جي اڳوڻن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن سڄي پاڪستان ۾ هارايو هو.

واضح طور، پاڪستان جي صدر کي، وڏيءَ اڪثريت سان کٽندڙ پارٽيءَ جي اڳواڻ طور مونکي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيڻي هئي. ۽ مونکي سڄي پاڪستان ۽ دُنيا مان واڌايون ملڻ لڳيون، پر صدارتي هائوس طرفان ماٺ هئي. اُتان ڪي به واڌايون نه مليون ۽ اُتان صدر غلام اسحاق خان طرفان مونکي سرڪار جوڙڻ لاءِ ڪنهن فون اچڻ جي اُميد به نه هئي. پر جنرلَ منهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن سان رابطو ڪري کين پارٽيءَ ڇڏڻ ۽ پاڻُ سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ’ڏهه ميمبر آڻي سگهڻ‘ جي شرط تي وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڏيڻ لڳا.

ٺَڳي ۽ دوکو هاڻي وقتائتو پڌرو ٿيڻو هو. غلام اسحاق خان طرفان اهو دليل ڏيندي هت هُن کي وڏيءَ پارٽيءَ جي اڳواڻ کي سرڪار جوڙڻ لاءِ چوڻ جي گهُرج نه  آهي، پر مونکي پتو هو ته، منهنجي پارٽيءَ جي اڪثريت هئي. مون اها ڳالهه تنهن وقت ثابت ڪئي، جڏهن عورت پارليامينٽرين جي آڻ سِڌي چونڊ ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ويهن سيٽن مان چوڏهن سيٽون کٽيون. ڪنهن به جمهوري روُپ ۾، فاتح پارٽيءَ وٽ ئي حڪومت ۽ اقتدار وڃي ٿو. پر اهو پاڪستان هو، جتي مختلف اصول هئا، ۽ مختلف طاقتن کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو هو.

چونڊن ۾ منهنجي ڪاميابيءَ کان وٺي گُذرندڙ ڏينهن ۽ وڌندڙ آئيني گهوٽالي سان، مون عالمي برادريءَ ڏانهن خط لکيا، جنهن ۾ صورتحال جي چِٽائي ڪيل هئي. منهنجو مقصد صدر غلام اسحاق خان تي دٻاءُ وجهڻ هو. اُهو خط آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن کي منهنجي دوست مارڪ سيگل هٿوهٿ وڃي پهچايو هو. منهنجي پارٽيءَ جي عهديدارن اُهي خطَ انگلينڊ جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ يورپ سميت اسلام آباد ۾ ويٺل مسلمان ملڪن جي سفيرن کي به پهچايا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ چونڊون کٽي چُڪي هئي. آئون حڪومت ۽ اقتدار کان گهٽ ٻيءَ ڳالهه تي ڪنهن آڏو به جهُڪڻ ۽ آڻ مڃڻ لاءِ تيار نه هئس. جمهوري دُنيا سُٺي موٽ ڏني. آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ، صدر غلام اسحاق خان تي اڪثريتي پارٽيءَ طور پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت ڏيڻ ۽ جوڙڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ لڳا. نامعقول دير کانپوءِ ۽ منهنجي پارليامينٽري پارٽيءَ منجهه ڏار نه ڏسندي، صدر اسحاق عوام جي خواهش کي نيٺ مڃيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org