سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 18

 

لاهور ڏانهن واپسي ۽ آگسٽ 1986ع جو ڪوس

 

30 ڊسمبر 1985ع تي مارشل لا ختم ٿيو. آئون اڃا يورپ ۾ هيس ۽ مون اها ڄاڻ هوٽل جي ٽيليويزن تان ٻُڌي. پر اُها ڪنهن وڏي ڇوٽڪاري جي گهڙيءَ ڪانه ٿي لڳي. مارشل لا جو اهو خاتمو مغربي ملڪن کي ڏيکارڻ لاءِ اشتهاري کيڏ کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو. تنهنڪري حقيقي شهري راڄ ڪونه جُڙيو، ڇو ته فوج جي اڳواڻ ۽ صدر جا ٻئي عهدا اڃا تائين ضياءَ وٽ هئا، جنهنڪري اُهو چوڻ ممڪن ئي نه هو، ته فوج پاڻ کي سياست کان ڌار ڪيو آهي. چونڊن ذريعي سياسي جماعتون جيڪو ڪم ڪري ٿي سگهيون، تنهن کي اڻپورو ڇڏي ڏنو ويو هو. جنهن مان پڌرو هو ته حڪومت، پاڪستان ۾ صحيح جمهوريت آڻڻ کان ڊنل هئي.

حقيقت ۾ ضياءَ جي نئين ”شهري حڪومت“ هڪ قسم جي پرولي هئي. مارشل لا جي خاتمي کان ٿورو اڳ ضياءَ جي ڪَٺ پتلي پارليامينٽ بدنام اٺين ترميم ايڪٽ کي اکيون ٻوٽي مڃيو هو. اُن ايڪٽ هيٺ مارشل لا دؤر ۾ حڪومت جي ڪارندن جيڪي ڪُڌا ڪم ڪيا هئا، تن جي نه رڳو ضمانت ڏني وئي هئي، پر مارشل لا جي رهيل باقي ٽن مهينن ۾ پڻ سندن هر ٻي ڪارروائيءَ جي ضمانت ڏنل هئي. اهڙي خاطريءَ ملڻ کان پوءِ ته، سندن انهن ڪمن جي انصاف ڀرئي هجڻ بابت ڪابه عدالتي ڇنڊڇاڻ نه ٿيندي، فوجي عدالتن تڪڙ ۾ هزارين ماڻهن کي ڊگهي عرصي جي قيد جون سزائون ڏئي ڇڏيون، ته جيئن مارشل لا لهڻ وقت حڪومت جا گهڻي ۾ گهڻا سياسي مخالف جيلن ۾ بند هجن.

مارشل لا جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ به اُن جو ورثو قائم رهيو. 1977ع کان وٺي ضياءَ، پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي جوڙيل ادارن، جهڙوڪ آزاد عدليا، مضبوط معيشت، حڪومت جي پارلياماني سرشتي، آزاد صحافت، مذهبي آزادي ۽ 1973ع جي آئين هيٺ شهري حقن جي ڏنل ضمانت کي باقاعدي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو هو. جيئن ته قانون جي حڪمراني نه هئي ۽ هر شيءِ جي ناپائداريءَ جي سوچ عام هئي، تنهنڪري پاڪستان ۾ ڇڙواڳي ٿي وئي هئي.

سڄي قوم رشوت ۽ ڏوهه جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هئي. مارشل لا وقت ذهين نوجوانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڇڪ واريءَ نوڪري ڪسٽمز جي هئي، ڇو ته اُن ذريعي ڪمائي ٿيندي هئي. ملڪ ۾ واپارين جو نئون طبقو ايئر ڪنڊيشنر کان وٺي وڊيو جي اوزارن تائين هر ڪا شيءِ ڪسٽمز ڊيوٽي ڏيڻ کان سواءِ لڪائي آڻيندو هو ۽ آڻي ٿو ۽ پوءِ اهي شيون ڳرين قيمتن ۾ وڪڻجن ٿيون. اسٽيٽ بئنڪ جي تازي رپورٽ مان پڌرو ٿئي ٿو، ته پاڪستاني معيشت جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ڇهه واڌارو، لِڪڇپ ۾ آندل اُن مال سبب ٿيو هو. اُن ڪاريءَ معيشيت مان ملڪ کي ڪي به محصول ڪونه ٿا ملن.

افغانستان ۾ سوويت فوجن جي داخل ٿيڻ سبب ته ويتر انارڪي وڌي وئي هئي. آمريڪا مجاهدن لاءِ جيڪي هٿيار موڪليا هئا، سي پاڪستاني هٿيارن جي بازارن ۾ پهچي هٿوهٿ وڪامڻ لڳا. روسين جي ڪلاشنڪوف پاڪستاني ڪاريگرن جي هٿ چڙهي وئي، جن ان جو نقل ٺاهي چور بازار ۾ ٿوريءَ رقم يعني چاليهن ڊالرن ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو. اهو ٻُڌڻ ۾ آيو هو ته، ڪراچيءَ ۾ ڪلاشنڪوف هڪ ڪلاڪ لاءِ ڀاڙي تي ملي سگهندي هئي. سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ شام ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ٻاهر ڪونه نڪرندا هئا، ڇو ته رستن تي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جون ٽوليون نڪري اينديون هيون، جن وٽ موتمار هٿيار ۽ راڪيٽ لانچر هوندا هئا. سڄي پاڪستان ۾ وڏن زميندارن ۽ صنعتڪارن پنهنجي بچاءَ لاءِ ذاتي فوج رکي هئي، جنهن ذريعي اهي ورلي پنهنجن مخالفن تي به حملا ڪرائيندا هئا. قبائلي سردارَ پنهنجي بچاءُ لاءِ جيڪي سپاهي پاڻ وٽ رکندا هئا، تن کي حڪومت هٿيار، ورديون ۽ پگهار ڏئي، هڪ فوج ٺاهي هئي. اُن عيوض اها فوج، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حامين کي ڊيڄاريندي ۽ ڌمڪائيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاهي پَٽ ڪندي هئي. جيڪڏهن ڳوٺاڻا وڃي مسجدن ۾ پناهه وٺندا هئا، ته کين اُتي به ڪونه ڇڏيو ويندو هو.

افغانستان تي حملي جي نتيجي ۾ نشيدار شين جو واپار به وڌي ويو هو. افغان پناهگيرن جي وڌندڙ تعداد کان اڳ پاڪستان ۾ نشيدار شين، جهڙوڪ هيروئن جو اُهڃاڻ به ڪونه هو. پر هاڻي سمجهيو وڃي ٿو ته، ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو اُن جا هيراڪ ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪروڙن جي نه، تڏهن به لکن ڊالرن جي هيروئن ۽ آفيم اُتر ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن مان نڪري، ڏکڻ ۾ ڪراچيءَ ۾ پهچي ٿو ۽ اتان اهي نشيدار شيون وري سامونڊي جهازن ذريعي ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون. 1983ع ۾ پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ بڻجي ويو، جتان سڄي دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻي هيروئن ويندي هئي. نشيدار شين جي آمدنيءَ مان ڪراچي، لاهور ۽ قبائلي ايراضين ۾ وڏين ۽ ڀيڪيدار حويلين ۾ محل اَڏجي ويا هئا، پر تڏهن به حڪومت اوڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. اهو به چيو ويو ته ڪيترو سامان انهن فوجي لارين ۾ ڪراچي موڪليو ويندو هو، جيڪي مجاهدن لاءِ هٿيار سان ڀرجي خيبر لڪ ڏانهن وينديون هيون.

آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ عالمي پوليس هيروئن آڻڻ جي ڏوهه ۾ انيڪ اهڙن ماڻهن کي جهَليو هو، جن جا مائٽ حڪومت جا وڏا عملدار هئا. انهن ۾ ڪابينا جي هڪ فوجي وزير جو پُٽ به هو، پر پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪابه مُک شخصيت گرفتار نه ٿي هئي. هُو جيتوڻيڪ اُن کان انڪار ڪري ٿو، پر اهو افواهه هر هنڌ پکڙيل هو، ته هيروئن جي واپار جي وڏي شخصيت سرحد صوبي جو فوجي گورنر هو، جيڪو اُن عهدي تي ستن ورهين کان وڌيڪ مدت تائين ويٺو هو. جڏهن ته ضياءَ پنهنجي مرضيءَ تي ٻين فوجي گورنرن کي سندن عهدن تان لاهي ڇڏيو يا سندن جاءِ تي ٻيا گورنر رکيا هئا. وڌيڪ بدناميءَ جي ڳالهه هيروئن جي انهن ٻن حاڪمن مان هڪ عبدالله ڀٽي جي آهي، جنهن کي حڪومت مارشل لا جي اَٺن ورهين ۾ هڪ ڀيرو جهَليو ڪيو هو. هن کي فوجي عدالت سزا ڏني هئي، پر هو ”جيل مان ڀڄي ويو هو.“ ڪيترائي ورهيه پوءِ جڏهن خراب موسم سبب هن جو جهاز ڪراچيءَ ۾ لٿو هو، ته ڀَٽي کي ٻيهر جهَليو ويو هو. جنرل ضياءَ صدارتي معافيءَ جا اختيار واپرائيندي، هن کي آزاد ڪري ڇڏيو. هن اهو اختيار ڪڏهن به ڪنهن سياسي قيديءَ لاءِ ڪونه واپرايو هو.

ملڪ ۾ اسلامي نظام آڻڻ جي سلسلي ۾ ضياءَ جي حڪمت عمليءَ وڏو ڏڦيڙ بڻايو هو. بابا جي ڏينهن ۾ جيڪڏهن مذهبي رواداري هئي، ته ضياءَ جي اسلامي نظام هيٺ اسان جي ملڪ جي سڀني مذهبي اقليتن کي تڪليفون ڏنيون ويون هيون. پاڪستان ۾ اڪثريت حنفي سُني مسلمانن جي آهي، جيڪي عقيدي ۾ وچٿرا آهن. اسان جو ملڪ اسلامي اصولن جهڙوڪ اتحاد، ڀائيچارو ۽ مذهبي اقليتن سان رواداري ۽پنهنجائپ سان رهڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو: اهي احمدي هئا، جن جو پنهنجو مذهبي اڳواڻ انگلينڊ ۾ هو، هندو هئا، عيسائي هئا ۽ هڪ ننڍڙي پر متحد آبادي پارسين جي هئي، جن کي زرتشتي سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪي باهه جي پوڄا ڪن ٿا. ”اوهين آزاديءَ سان پنهنجن مندرن ۾ وڃو. اوهين آزاديءَ سان پنهنجن مسجدن ۾ وڃو يا هن ملڪ پاڪستان جي ڪنهن به عبادت گهر ۾ وڃو اوهين ڀلي ڪهڙي به مذهب، ذات پات يا عقيدي وارا هجو، تنهن ڳالهه جو ملڪي ڪاروبار سان ڪوبه تعلق ڪونهي.“ اهو اعلان هن ملڪ جي باني محمد علي جناح اُن ڏينهن ڪيو هو، جڏهن 1947ع ۾ هن کي پاڪستان جي آئين ٺاهيندڙ اسيمبليءَ جو گورنر جنرل چونڊيو ويو هو.

پوءِ به ضياءَ وهابين جي پٺڀائي پئي ڪئي، جن جا ويچار سعودي عرب جي سُڌارڪن جهڙا هئا ۽ جن جو تعلق ساڄيءَ ڌر جي جماعتن- جهڙوڪ جماعت اسلاميءَ سان هو ۽ جيڪي اسلام ۾ رواداريءَ بدران وڌيڪ سختيءَ جا قائل هئا. 1977ع ۾ فوجي بغاوت ٿيندي ئي حڪومت اسلامي نظام جو پرچار شروع ڪيو، جڏهن ته بنياد پرستن پنهنجا ڪٽر اقليتي ويچار ملڪ تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. عيسائين، هندن ۽ پارسين جي گهرن ۾ سائڪلواسٽائيل ٿيل خط اُڇلايا ويا ته، ”نڪري وڃو. اسان کي اوهان جي گهُرج ڪانهي.“ انهيءَ تي ڏاڍيءَ ماٺ ميٺ ۾ اقليتن جا ڪيترائي ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ وڪڻي، اُن ملڪ مان نڪري ويا، جيڪو ڪيترن ئي نسلن کان سندن گهر هوندو هو. باقي جيڪي اتي رهجي ويا هئا، تن ظاهري ڏيک ويک کان پاسو ڪيو ٿي. مثال طور پارسي عورتون جيڪي بابا جي دؤر ۾ جينز پائينديون هيون، سي بنياد پرست مُلن جي ڪاوڙ کان پاڻ بچائڻ لاءِ شلوار قميص پائڻ لڳيون هيون.

ضياءَ جي ايامڪاريءَ ۾ مُلا اسلام جا ٺيڪيدار بڻجي ويا. هنن ضياءَ جي ظالماڻي حڪومت تي اسلام جو ڍَڪُ وڌو، ته جيئن ان کي سولائيءَ سان مڃيو وڃي. ۽ هن وري اُن عيوض سموري آمدنيءَ مان اڍائي سيڪڙي جي زڪوات جو سرشتو ڪڍيو، جيڪا زڪوات هن انهن مُلن ذريعي ماڻهن ۾ ورهائي. ضياءَ جي ان محصول جو وڏو حصو انهن گهُرجاءُ ماڻهن بدران، جن لاءِ اهو ورتو ويندو هو، انهن مُلن جي کيسن ۾ وڃڻ لڳو.

مُلا جيڪي فتوائون جمعي جي خطبي ۾ ڏيندا هئا، ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط آهي، تن جي گهڻي اهميت وڌي ويئي هئي. هڪڙي ڏاڍي مزيدار فتويٰ ٽيليويزن جي هڪ ڊرامي جي ايڪٽرن بابت 1984ع ۾ ڏني وئي هئي، جيڪي پاڻ ۾ زال مڙس هئا. اُن ڊرامي ۾ مرد ايڪٽر پنهنجيءَ زال کي پنهنجو سمجهڻ کان انڪار ڪندي ٽي ڀيرا چيو هو ته ”آئون توکي طلاق ڏيان ٿو.“ انهيءَ تي مُلن فتويٰ ڏني، ته هاڻي اُن عورت کي نه رڳو طلاق اچي وئي آهي، پر بدڪاريءَ جي ڏوهه ۾ مٿس ’رحم‘ جائز آهي: يعني هن کي پٿر هڻي ماريو وڃي. پوءِ هڪڙي آڌيءَ رات جو ماڻهن جي انبوهه اُن جوڙيءَ جي گهر تي حملو به ڪيو هو. پر اسلام جي انهن بنياد پرست نظرين مان ماڻهو اهڙا ته وِرچي ويا هئا، جو اُن واقعي ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه ويو.

پنهنجن ظالماڻن طريقن جي جائز ثابتيءَ لاءِ ۽ سماج جي ڪجهه طبقن تي دهشت ويهارڻ لاءِ ضياءَ اسلام کي لاڳيتو ڪَتب آندو هو. 1979ع ۾ ايران ۾ خمينيءَ جي واپس اچڻ کان ٻه هفتا پوءِ، ضياءَ جي شرعي عدالتن حدود آرڊيننس ڪڍيو، جنهن هيٺ چوري، بدڪاري ۽ لڄالٽ جهڙن ڏوهن لاءِ شريعت پٽاندر سزائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. هاڻي حدود آرڊيننس هيٺ ڪنهن به عورت جي لڄالُٽ جي سلسلي ۾ کيس چئن مردن کي شاهدن طور سامهون آڻڻ لازمي هو. اهڙِي شاهديءَ کانسواءِ، جيڪا ظاهري طور بلڪل ناممڪن هئي، مورڳو اُن عورت کي بدڪاريءَجي الزام هيٺ سزا ملڻي هئي. بنياد پرستن جي ناانصافيءَ جو مثالي مقدمو بيبيءَ صفيا جو هو، جيڪا انڌي نوڪرياڻي هئي، ڇو ته ڪنهن به مرد اهو الزام نه مڃيو هو. ۽ صفيا بيبي پنهنجي لڄالٽ جا چار اکين ڏٺا شاهد ڏيئي نه سگهي هئي، تنهنڪري ٻنهي جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو هو. جڏهن ته نؤجوان عورت تي بدڪاريءَ جو الزام هڻي، ماڻهن اڳيان کيس ڪَوڙن هڻڻ ۽ ٽن ورهين جي قيد جي سزا ڏني وئي هئي.

صفيا بيبي اُن سزا کان انهي مهم سبب بچي وئي هئي، جيڪا سخت ناراض عورتن هلائي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اُن واقعي کي عالمي شهرت ملي وئي هئي. اُن سبب حڪومت ايترو ته پريشان ٿي هئي، جو صفيا بيبي کي هڪدم آزاد ڪيو ويو. پر هڪ تيرهن ورهين جي ڇوڪريءَ، جنهن جي سنديس چاچي لڄالُٽ ڪئي ۽ جنهن سبب هوءَ ڳرڀوتي ٿي هئي، ايتري سڀاڳي نه هئي، جيئن ته هوءَ عدالت ۾ پنهنجي لڄالُٽ ثابت ڪري نه سگهي هئي، تنهنڪري هن کي پڻ ٽي ورهيه قيد ۽ ڏهن ڪَوڙن جي سزا ڏني وئي هئي. عدالت هن جي اُن سزا کي اوستائين ملتوي ڪيو هو، جيستائين هن جو ٻار ٻن ورهين جو نه ٿئي.

بابا جو ٺاهيل 1973ع وارو آئين، خاص ڪري عورتن سان متڀيد کان روڪي ٿو: ”… رُڳو جنس پٽاندر ڪوبه امتياز ڪونه ڪيو ويندو.“ قلم 25 (2) هيٺ لکيل آهي. اسلامي نظام آڻڻ جي سلسلي م ضياءَ جي پاليسين پٽاندر نه رڳو متڀيد جي ورتاءُ کي جائز سمجهيو ويو هو، پر ان ۾ واڌ پڻ ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مسجد ۾، جتي جماعت اسلاميءَ سان لاڳاپيل شاگردن هٿيار گڏ ڪيا هئا، اتي بنياد پرست شاگردن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار ڪئمپس ٺاهڻ لاءِ مظاهرا ڪيا هئا. ”مردن وچ ۾ عورتون محفوظ ڪونهن.“ شاگردن اعتراض ڪيو. اُن ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ هنن انهن برقعن کانسواءِ شاگردياڻين کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ منجهانئن ڪجهه تي تيزاب اُڇلائي، سندن مُنهن ۽ ڪپڙا ساڙيا هئا. تيزاب اڇلائيندڙ شاگردن کي ڪابه سزا نه ملي هئي.

سماج م هر حصي ۾ عورتن کي ڌار رکيو ويو هو. ڪجهه سرڪاري گڏجاڻين ۾ به مهمانن ۽ اوچي طبقي جي عورتن کي به سندن مرد ساٿين کان ڌار ڪري ويهاريو ويندو هو. ٽيليويزن تي خبرون پڙهندڙ عورتن لاءِ ضروري هو، ته اُهي پنهنجو مٿو چُنيءَ سان ڍڪين. انڪار ڪندڙن کي نوڪريءَ مان جواب ڏنو ويو هو. پاڪستاني هاڪي ٽيم جي رانديگرياڻين کي چيو ويو هو، ته اُهي راند جي ميدان ۾ پنهنجيون ٽنگون ڍڪيل رکن، ايئن کين عالمي مقابلن ۾ حصي وٺڻ کان اثرائتي نموني روڪيو ويو هو. حڪومت عورتن جي رُتبي ۽ اثر کي باقاعدي گهٽائڻ لاءِ جيڪي آرڊيننس ڪڍيا، تن سان مقابلي لاءِ عورتون ميدان ۾ نڪري آيون. فيبروري 1983ع ۾ حڪومت جي شرعي عدالت جڏهن اهو اعلان ڪيو، ته هڪ عورت جي شاهديءَ هڪ مرد جي شاهديءَ جي اڌ برابر هوندي، ته لاهور ۾ مختلف ڌنڌا ڪندڙ عورتن گڏجي مظاهرو ڪيو. پوليس يونيورسٽيءَ جي پروفيسر عورتن، واپاري عورتن ۽ وڪيل عورتن تي لٺيون وسايون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلايا. اهي انهن عورتن کي چَوٽين کان جهلي کين گهِليندا، جيل وٺي ويا هئا. نه رڳو ايترو پر پوءِ بنياد پرست مُلن اعلان ڪيو، ته احتجاج ڪندڙ انهن عورتن جون شاديون ختم ٿي ويون آهن، ڇو ته اهڙيون جهيڙاڪ عورتون اسلام جي دائري مان خارج هيون. عورتون مُلن کان لنوائي پئي سگهيون. پر حڪومت کان لنوائي نه ٿي سگهيون. احتجاجن کان پوءِ به ضياءَ جي پارليامينٽ 1984ع ۾ شاهديءَ جو قانون منظور ڪيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.

هڪ ٻيو قانون جنهن هيٺ قتل جي مقدمن ۾ عورتن کي شاهديءَ ڏيڻ لاءِ نااهل ڪوٺيو ويو آهي ۽ هڪ ٻيو قانون جنهن پٽاندر هڪ مقتول عورت جي مائٽن لاءِ ڪفاري جي رقم کي گهٽائڻ جي سفارش ڪيل آهي، تجويز هيٺ آهن. اها ڳالهه ڌيان ۾ رکندي ته، هڪ عورت هڪ مرد جي اڌ برابر آهي، مقتول عورت جا مائٽ ڪفاري جي اُن رقم جو اڌ وٺندا، جيڪا هڪ مقتول مرد لاءِ ڏني وڃي ٿي.

مارشل لا لاهڻ جون جيڪي به ڳالهيون پئي ٿيون، تنهن هوندي به ضياءَ جي پاڪستان ۾ سختيءَ ۽ ڦيٽاڙو قائم هو. غريبن کي هيسايو ۽ عورتن کي ڌمڪايو ويو هو. پنهنجا اختلاف پرامن طريقي سان سُلجهائڻ بدران سڄي پاڪستان ۾ مخالف گروهن هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اغوا ۽ قتل پئي ڪيو.: خاص ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جهڙن اقليتي صوبن ۾ اهو ڏاڍ ۽ ڏمر گهڻو پڌرو هو، جتي ضياءَ جي مرضيءَ تي ’ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو‘ سبب نسلي فساد پکڙجي ويا ۽ علحدگيءَ جون ڳالهيون وڌيڪ ٿيڻ لڳيون هيون.

اوائل کان ضياءَ نه رڳو سياسي جماعتن تي بندش وڌي هئي، پر ساڳي وقت هن علحدگي پسند اڳواڻن جي به پُٺڀرائي ڪئي هئي. انهن اڳواڻن جي بيانن کي سمورين اخبارن ۾ ڇاپيو ويندو هو ۽ ايئن ضياءَ کين اقليتي صوبن ۽ پنجاب وچ ۾ بدگمانيءَ اُڀارڻ لاءِ ڪَتب آندو هو، ته جيئن اُهو فرضي ويچار جُڙيل هجي، ته ملڪ کي متحد رکڻ لاءِ فوجي حڪومت گهُربل آهي، ۽ جمهوري حڪومت جيڪي غير جماعتي چونڊون ڪرايون هيون، تنهن سبب ته ملڪ وڌيڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو هو. سياسي جماعتن تي بندش وجهڻ سان، حڪومت اميدوارن کي مجبور ڪيو، ته نسلي ۽ علائقائي سوچ کان مٿانهن سياسي مقصدن بابت مهم هلائڻ بدران انفرادي سڃاڻپ بابت مهم هلائي وڃي: ”ووٽ مونکي ڏيو، ڇو ته آئون اوهان جيان شيعو آهيان.“ انهن چونڊن ۾ اميدوارن پنهنجي ووٽ ڏيندڙن کي چيو. ”ووٽ مونکي ڏيو، ڇو ته آئون پنجابي آهيان.“

اُن جي قيمت ملڪ چُڪائي پئي. 1985ع ۾ پٺاڻن ۽ هندستان مان لڏي آيل مهاجرن وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو فساد ٿيو، جنهن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ سؤ کان وڌيڪ ڦٽجي پيا هئا. انهن فسادن شروع ٿيڻ جو سبب اهو هو، ته هڪ پٺاڻ بس ڊرائيور هڪ مهاجر ڇوڪريءَ کي چيڀاٽي ماريو هو. هڪدم سڄي شهر ۾ ناراض ماڻهن ڪيترين ڪارن، اسڪوٽرن ۽ بسن کي ساڙي ڇڏيو. اهو فساد ايترو ته تيزيءَ سان پکڙيو هو، جو ڪيترن ئي پاڙن ۾ حڪومت کي لاچار ٿي ڪرفيو هڻڻو پيو هو، جيڪو هڪ مهيني تائين لڳل هو. ايئن مامري جا اهڃاڻ ته ختم ٿي ويا، پر اُن سبب جو ڪوبه علاج ڪونه ٿيو هو. ايندڙ ٽن ورهين ۾ انهن نسلي فسادن ۾ زخمين ۽ مارجي ويندڙن جو تعداد ويتر وڌي ويو هو ۽ گهڻو مالي نقصان ٿيو هو. نسلي بنيادن تي ٺاهيل نيون سياسي جماعتون وڌيڪ مقبول ٿيون ۽ فرقيواراڻا ڇڪتاڻ ويتر وڌي وئي. پاڪستان جو اتحاد ۽ ايڪو ٽٽڻ تي هو.

 

”آئون واپس گهر وڃڻ چاهيان ٿي.“ جنوري 1986ع ۾ آئون جڏهن فرانس مان موٽي آيس، ته باربيڪن واري فليٽ م پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي مون ٻڌايو. اميد وچان اُهي مون ڏانهن نهارڻ لڳا، ڇو ته کين ڪا ڄاڻ ئي نه هئي ته، منهنجي ذهن ۾ ڇا هو. ”آئون شايد لاهور يا پشاور ۾ وڃي لهنديس.“ مون چيو. هنن جا مُنهن ٻَهڪڻ لڳا. ’گهر‘ جو مطلب 70 ڪلفٽن ڪونه هو. ’گهر‘ جو مطلب هو سمورو پاڪستان. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ويڙهه ضياءَ سان شروع ٿيڻ واري هئي.

”اسين به توسان هلنداسين.“ ناهيد ۽  صفدر عباسيءَ چيو. ”آئون به واپس ويندس.“ بشير رياض به تيار ٿيو. ”اوهان تڪڙا فيصلا نه ڪريو.“ مون کين خبردار ڪيو، ڇو ته مونکي ڄاڻ هئي ته پاڪستان ۾ بشير ۽ ناهيد تي عدالتن ۾ مقدما هلندڙ آهن. پر اسان جي انهن ٿورن رضاڪارن پڪو پختو فيصلو ڪيو. اسين سڀيئي گڏجي وينداسين.

اسان جي واپسيءَ جو وقت بلڪل صحيح هو. ضياءَ ملڪ تان مارشل لا لاهڻ جون جيڪي ٻٽاڪون پئي هنيون. تنهن سبب اسين هن کي پنهنجي مرضيءَ پٽاندر قدم کڻڻ لاءِ مجبور ڪري سگهنداسين ۽ آزاديءَ جي سندس دعويٰ کي آزمائينداسون. جيڪڏهن منهنجي واپسيءَ تي ضياءَ مونکي جهَليندو، ته پوءِ هن جي جمهوريت جو سانگ پڌرو ٿي پوندو. جيڪڏهن گرفتار نٿو ڪري، ته آئون نَون ورهين ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نياپو، آزاديءَ سان پاڪستاني عوام تائين پهچائي سگهنديس. نفسياتي طرح به اهو سڀاڳو ٿي لڳو. تازو ٻن آمرن جو تختو اونڌو ٿيو هو: فلپئين جي فرڊيننڊ مارڪوس جو ۽ هيٽيءَ جي پاپا ڊاڪ ڊويليئر جو. هاڻي ٽئين آمر جو پڇاڙڪو وقت اچي پهتو هو.

اهو وڏو فيصلو هو. پر ڇا اهو صحيح هو؟ ڪيترائي ورهيه نظربنديءَ ۽ جلاوطنيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ مون ۾ پاڪستان جي سياسي مزاج کي سمجهڻ جي اهليت نه هئي. تنهنڪري مون لنڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي. ”آئون سمجهان ٿي ته واپس وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي“ مون کين ٻڌايو. ”پر اهو اوهان تي آهي. ڀانئجي ٿو ته مون سان ڪا چڱائي ٿيڻ واري آهي يا وري آئون گرفتار ٿي وينديس. ان حالت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڇا ڪري سگهندي؟ ڇا مڪمل جمهوريت لاءِ ضياءَ تي زور وجهڻ ۽ احتجاج لاءِ هيءُ صحيح وقت آهي؟ اوهان سڀيئي فيصلو ڪري ٻڌايو.“

”توکي هينئر اؤس وڃڻ گهرجي. اسين سڀيئي توسان گڏ آهيون.“ سڀني اڳواڻن يڪراءِ ٿي چيو. ”جيڪڏهن ضياءَ تنهنجي خلاف ڪو قدم کڻي ٿو ته اهو اسان سڀني خلاف هوندو.“ پوءِ باربيڪن ۾ کاڌي واري ننڍڙي ڪمري جي ميز چؤڌاري اسان مان ڪجهه ڄڻن جڏهن سنڌ، سرحد ۽ پنجاب ۾ منهنجي دؤري جا تفصيل ٺاهيا، ته مونکي ڏاڍي سُرهائي ٿي هئي. سدائين جيان اسان جي حڪمت عملي ڏاڍائيءَ واري نه، پر سياسي هئي: ملڪي سرشتي هيٺ رهي ڪم ڪرڻ ۽ اُن کي پاڙؤن پٽي ڇڏڻ ۽ پنهنجي گرفتاريءَ جو حڪومت کي ڪوبه وجهه نه ڏيڻ. اسان کي اميد هئي، ته اسين سڄي پاڪستان ۾ زبردست جلسا ڪري، حڪومت کي هڪدم چونڊن ڪرائڻ جي تاريخ جي اعلان تي مجبور ڪنداسين، جيڪي 1986ع جي سرءُ جي مُند ۾ ممڪن هيون.

آئون پنهنجي گشت ۾ ٻين شهرن کي به شامل ڪندي رهيس. هڪڙي وقت تي وڏن شهرن ۾ جلسا جلوس ڪڍڻ بدران منهنجي مرضي هئي، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪيترن ئي ڏينهن ۾ ڌار ڌار شهرن ۾ هڪ ٻئي پٺيان جلسا جلوس ڪڍي. اهڙيءَ ريت عوام جو ڀروسو وڌندو ويندو ۽ ضياءَ ملڪ ۾ ڦاسي ڏيڻ ۽ ڪَوڙڻ هڻڻ جي جيڪا پاليسي سندن ذهنن ۾ ويهاري هئي، تنهن جو ڊَپ گهٽجندو ويندو.

”اوهين اُهو سڀ ڪجهه ڪري سگهنديون؟“ اڳواڻن مون کان پڇيو. ”آئون ڪري سگهنديس.“ مون رات جي مانيءَ تي، جنهن ۾ مون دال ۽ ڪُڪڙ رَڌيو هو. کين ٻڌايو. اسان اُن ڳالهه تي سُهمت ٿياسين، ته اسان جي پاڪستان ۾ داخلا لاهور مان ٿيندي. لاهور، پنجاب صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ۽ فوجين جو صوبو هو. اهو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پُٺڀرائي جو ڳڙهه پڻ هو.

اُن سفر جو باقي خاڪو جوڙڻ کان پوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ تيارين لاءِ پاڪستان روانا ٿي ويا، جڏهن ته منهنجي واپسيءَ جي تاريخ کي ڳجهو رکيو ويو. اسان تنهن وقت اهو سبق سِکيو هو، ته ضياءَ کي ڪوبه وجهه نه ڏنو وڃي. ان ڳالهه کي ڳجهو رکڻ سبب اسان جي ڏاڍي مشهوري ٿي هئي، جنهن جي اسان کي به اميد نه هئي. سڄي پاڪستان ۾ ماڻهن ڌُڪا هڻڻ شروع ڪيا. ”هوءَ 23 مارچ تي پاڪستان جي ڏينهن تي پئي اچي.“ هڪڙو اُهو افواهه هليو، ”نه، هوءَ پنهنجي والد جي وفات جي ورسيءَ تي 4 اپريل تي اچي پئي.“ ٻين وري اُن ڳالهه تي زور ڏنو. اخبارن ۾ به اهڙيون ئي ڳالهيون ڇپيون هيون.

منهنجي زندگيءَ جي جوکي جا امڪان پڻ وڌي ويا هئا. پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ همدرد سنڌ جي هڪ فوجي عملدار جو نياپو مون ڏانهن موڪليو. ”هن کي ٻڌايو ته هوءَ هتي نه اچي.“ نياپي ۾ چيل هو. ”هنن کيس مارڻ جي سازش جوڙي آهي.“ ٻيا اهڙا ئي نياپا پنجاب، سرحد، سڄي ملڪ مان مون تائين پهچڻ لڳا. ”اوهان کي پتو ئي ڪانهي، ته سياست ۾ عورت ڪيڏي غير محفوظ هجي ٿي. واپس نه اچ.“ مون وٽ مختلف وقتن تي فون اچڻ لڳا: فجر مهل ۽ آڌيءَ رات کان پوءِ به. مون جڏهن رسيور ٿي کنيو، ته ڪنهن جو به آواز ٻُڌڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. هڪ همدرد فون تي ٻڌايو، ته هڪ پاڪستاني ميجر کي، جنهن وٽ منهنجو فوٽو هو، هيٿرو هوائي اڏي تي جهلي واپس موڪليو ويو هو.

مونکي سُڌ نه هئي، ته اهي سچا جوکا هئا يا حڪومت مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته جيئن آئون واپس نه موٽان. پر هڪڙو اُهڃاڻ سمجهه ۾ آيو هو. بابا جي پراڻي ۽ ڀروسي واري اڳوڻي خاص نوڪر نور محمد کي جنوريءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏاڍي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو. هن جي قتل کان اڳ سندس ڀائيٽي شهناز، جيڪا وٽس رهندي هئي، تنهن جو هڪ خط مونکي مليو، جنهن ۾ هُن لکيو هو ته، نور محمد اوهان سان ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان هن کي فون ڪريو. هن شهناز کي ٻڌايو هو ته، حڪومت سندس پٺيان هئي، ڇو ته کيس ”ڪجهه ڳالهين جي ڄاڻ هئي.“ مون هڪدم لنڊن مان فون ڪيو، پر اوستائين گهڻي دير ٿي چُڪي هئي. نه رڳو نور محمد پر يارهن ورهين جي ڇوڪريءَ شهناز کي پڻ بيدرديءَ سان خنجر هڻي قتل ڪيو ويو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ مونکي نور محمد جو خط مليو، جيڪو هن مرڻ کان اڳ ٽپال ۾ موڪليو هو، جنهن ۾ مونکي چيل هو، ته آئون هڪدم ساڻس ڳالهايان. اُها ڪهڙيءَ ڳالهه هئي جنهن جي ٻُڌائڻ جو نور محمد کي وجهه ئي نه مليو هو؟

آئون واشنگٽن رواني ٿيس، ته جيئن جمهوريت بابت حڪومت جي ارادن ۽ اسان جي ايندڙ آزمائشن ڏانهن ڌيان ڇڪائي سگهان. پاڪستان جو عوام نَون ورهين کان چوندن ۽ جمهوري حڪومت جُڙڻ جي اوسيئڙي ۾ هو. ڀلا ڪنهن کي پتو هو، ته منهنجي اتي وڃڻ سبب اهي ڇا ڀانئيندا ۽ حڪومت طرفان ڪهڙو ردعمل ٿيندو؟ ضياءَ جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ته خاطري ڏني هئي، ته مونکي جهَليو نه ويندو. پر ڪنهن کي پتو نه هو، ته ضياءَ ڇا ڪندو؟

واشنگٽن ۾ مون سينيٽر پيل ۽ سينيٽر ڪينيڊيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ ڪانگريس مئن اسٽيفن سولارز سان مليس، جيڪو ذهين ۽ محنتي نمائندو هو، جنهن فلپائين ۾ تازين چونڊن جي نظرداريءَ ڪئي هئي، جنهن سبب جمهوري نموني ۾ ڪوريزون اڪينو چونڊجي وئي هئي. انهن سڀني پاڪستان ۾ آزاد چونڊن ڪرائڻ ۽ انساني حقن جي ٻيهر بحاليءَ تي زور ڏنو هو. ۽ هنن مون سان واعدو ڪيو هو، ته منهنجي واپس وڃڻ سبب اهي صورتحال جو ڌيان سان اڀياس ڪندا رهندا. هڪ سياسي صلاحڪار مارڪ سيگل، جنهن سان 1984ع ۾ واشنگٽن وڃڻ وقت منهنجي ملاقات ٿي هئي، تنهن پڻ ڏاڍي مدد ڪئي. هن چونڊيل وڏن عملدارن ۽ ٻين اثرائتن ماڻهن کي راضي ڪيو، ته اهي پاڪستاني عملدارن کي خط لکي خبردار ڪن، ته جيڪڏهن مون سان سٺو ورتاءُ نه ٿيو، ته اُن جا اگرا نتيجا نڪري سگهندا. مارڪ هڪ ٻيو ڪم اهو ڪيو، جو ڳڻ ڳوت ڪندي مونکي گوليءَ کان بچائيندڙ صدري به خريد ڪري ڏني.

آمريڪي صحافين کي وري اهو شوق جاڳيو، ته منهنجي ضياءَ سان اهڙي ويڙهه ٿيندي جهڙي فلپائين ۾ ڪوريزون اڪينو جي فرڊيننڊ مارڪوس سان ٿي هئي. مسز اڪينو ۽ منهنجي وچ ۾ ٺهڪاءُ بابت سندن اهي ويچار ٿورڙا رومانوي هئا. اهو بلڪل صحيح هو ته اسين ٻئي عورتون مشهور زميندار گهراڻن مان هيونسين، جن جي تعليم آمريڪا ۾ ٿي هئي. اسان ٻنهي جي خاندانن جا ويجها مائٽ آمرن جو کاڄ ٿي ويا هئا. مسز اڪينو جو مُڙس ۽ منهنجو والد ۽ ڀاءُ. مسز اڪينو ’عوامي طاقت‘ ذريعي مارڪوس سان جهيڙو ڪيو هو، ۽ پُر امن انقلاب آندو هو ۽ مون پڻ پاڪستان ۾ اهڙي اميد ڪئي پئي. اسان جي وچ ۾ اهي ئي هڪجهڙايون هيون.

فلپائين ۾ مارڪوس جي حڪومت جي خاتمي ۾ مسز اڪينو جي مدد فوج ۽ چرچ ٻنهي ڪئي هئي. پاڪستان ۾ مونکي انهن مان ڪنهن جي امداد نه هئي. جنرل منهنجا مخالف هئا، ڇو ته آئون ان بدنام سرشتي لاءِ خطرو هيس، جنهن هيٺ اهي گهٽ قيمت ۾ زمينون خريد ڪندا هئا، مفت ڪارون وٺندا هئا ۽ ڪسٽمز جا محصول ڏيڻ کان نٽائيندا هئا. ڪجهه مذهبي اڳواڻ جيتوڻيڪ منهنجي پاسي هئا، پر بنياد پرست مُلن ضياءَ آمريت جي پُٺڀرائي ڪئي هئي.

سڀ کان وڌيڪ مُک ڳالهه اها هئي، ته آمريڪين، فلپائينس جي مارڪوس کي اڳواٽ چتاءُ ڏنو هو ۽ سندس خاندان ۽ ساٿين کي ملڪ مان نڪرڻ لاءِ هن ڏانهن هوائي جهاز اماڻيو هو. پر ريگن انتظاميا ته پوريءَ ريت ضياءَ سان گڏ هئي. آمريڪي ڪانگريس اڳيان پاڪستان کي ملندڙ ڇهن ورهين لاءِ 2. 4 بلين ڊالرن جي فوجي ۽ اقتصادي امداد جو ٺاهه اَڻ نبريل پيو هو، جنهن جي ريگن وٽان زبردست پُٺڀرائي ٿي هئي. مونکي آمريڪا وٽان مدد جي ٿوري اميد هئي. البت آمريڪي حڪومت جي ڪجهه ميمبرن ۽ اتي جي اخبارن منهنجي پُٺڀرائي ۽ اخلاقي مدد ڪئي هئي.

”اسين توسان گڏ هلنداسين.“ انيڪ صحافين مونکي چيو. ”پرڏيهي اخبارن جا صحافي نمائندا بهترين بچاءُ آهن.“ مون سندن ٿورا مڃيندي چيو. ۽ ڪوشش ڪندي اها ڳالهه سارڻ کان نٽايو، ته مخالف اڳواڻ بينينو اڪينو جڏهن فلپائين واپس موٽيو هو، ته ساڻس گڏ به صحافي هئا. پر هن فلپائين جي ڌرتيءَ تي اڃا پير ئي نه رکيو هو، ته هوائي اڏي تي کيس گولي هڻي ماريو ويو هو. باربيڪن جي فليٽ ۾ ڪنهن ڪاغذ جو پرزو دروازي مان اندر کِسڪايو هو، جنهن تي لکيل هو: ”اڪينو کي ياد ڪر.“

مون کي ڪابه ڄاڻ نه هئي، ته آئون جڏهن پاڪستان موٽي وينديس، ته آئو جيئرو به رهنديس يا مري وينديس. اُن بابت مون وڌيڪ سوچڻ اهم ڪونه سمجهيو هو. الله منهنجي مُقدر ۾ جيڪي لکيو آهي سو ئي ٿيندو. پوءِ کڻي آئون ڇا به ڪريان يا ڪٿي به وڃان. پر پوءِ به منهنجي مرضي هئي، ته آئون بابا پاران اهو عمرو ڪريان، جنهن جو مون ساڻس وچن ڪيو هو. پوءِ ائو جيئن واشنگٽن مان موٽيس، ته هڪدم ڪجهه ساٿين سان گڏ مڪي رواني ٿي ويس.

منهنجو 1978ع کان ئي ارادو هو، ته آئون بابا پاران عمرو ڪريان. پر ضياءَ جي نالي ماتر اسلامي حڪومت ٻه ڀيرا مونکي مڪي ڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ڏني هئي. هاڻي مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي، ته مون سان آئيندي ڇا ٿيندو، پر اهو منهنجو پڇاڙڪو وجهه هو.

مڪي ۾ اسان سڀني حاجين جو اڻسبيل اَڇو لباس پاتو ۽ مذهبي رسمون نڀايون. ”ياالله، تون امن آهين ۽ تو وٽان ئي سمورو امن ملي ٿو. اي اسان جا خالق، اسان کي امن ڏي.“ اسان سڀني ڪعبة الله جي اڇي سنگمرمر جي ڪُشادي فرش واري امن دروازي وٽ عربيءَ ۾ دعائون گهريون. اسان ڪعبي جو ست ڀيرا طواف ڪيو. اها اڏاوت پنجاهه فوٽ اوچي ۽ ڊيگهه ۾ پنجٽيهه فوٽ آهي، جيڪا حضرت ابراهيم عه، الله جي عبادت لاءِ جوڙي هئي. ”الله اڪبر“ ڪعبي جي ڏکڻ اوڀر ڪُنڊ وٽ لڳل سنگ اسود ڀرسان هر ڀيري لنگهڻ وقت اسان سڀني گڏجي چيو. ستين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جي پيغمبر محمد ﷺ جن اُن پٿر کي چُمي ڪعبي ۾ اُن هنڌ رکيو هو.

عمري جون رسمون نڀائيندي مون ڀانئيو، ڄڻ مون تان بار لهي ويو هجي. هر ڦيري تي بيهڻ وقت مون دعائون پئي گهريون حڪومت طرفان ماريل پنهنجي والد، ڀاءُ شاهنواز ۽ ٻين شهيدن ۽ انهن سڀني مردن ۽ عورتن لاءِ، جيڪي اڃا تائين قيدخانن ۾ هيون. ان مذهبي تجربي سبب مون روحاني اوچائي ڀانئي ۽ اتي هڪ ڏينهن ٻيو ترسي مون پنهنجي لاءِ عمرو ڪيو. آئون اها روحاني پاڪيزگيءَ ماڻڻ کان پوءِ، سياست جي دنيا ڏانهن واپس ٿيس ۽ سوويت يونين ڏانهن ويس، جتي عورتن جي هڪ انجمن مونکي دعوت ڏئي گهرايو هو. مونکي اميد هئي، ته روس ۾ وڃڻ سبب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن نقادن تي سُٺو اثر پوندو، جيڪي مون تي وڌيڪ آمريڪا پسند هجڻ جو الزام هڻندا هئا. پاڪستان ڏانهن واپسيءَ وقت مونکي اهڙي مضبوط پٺڀرائيءَ جي گهُرج هئي.

25 مارچ تي اسان اطلاع موڪليو: آئون پاڪستان ۾ 10 اپريل تي اينديس. عالمي اخبارن جا صحافي اڳواٽ ئي لنڊن پهچي ويا. جيتوڻيڪ اسان جو ويچار هو، ته اسان جو مقصد سياسي طرح صحيح ۽ باانصاف هو، پر صحافين انکي نؤجوان عورت ۽ فوجي آمر وچ ۾ ڊرامائي ۽ سخت مقابلو سمجهيو. آمريڪا ۾ ’سي بي ايس‘ وارن منهنجي ”سٺ منٽن“ جي فلم ٺاهي. ’وينٽي فيئر‘ مخزن مون تي مضمون لکائڻ لاءِ لارڊ سنوڊن تي ذمو رکيو. لنڊن ۾ نيرن مهل منهنجو پروگرام ٽيليويزن تي ڏيکاريو ويو، جيڪو سيٽلائيٽ وسيلي آمريڪا ۾ ڏٺو ويو. بي بي سيءَ وارن پنهنجي عالمي سروس لاءِ منهنجو انگريزيءَ ۾ انٽرويو رڪارڊ ڪيو ۽ اردو پروگرام لاءِ اردوءَ ۾ ماسي بهجت جي فليٽ ۾ ايسوسي ايٽيڊ پريس، يو پي آئي، چئنل فور ۽ انگريزي اخبارن منهنجا انٽرويو ورتا. اُن ساڳيءَ عمارت ۾ پيٽولا ڪلارڪ به رهندو هو ۽ پهريون ڀيرو ماسي بهجت کي ڄاڻ پئي هئي، ته پيٽولا جي فليٽ کان به وڌيڪ هڪ ٻئي فليٽ کي اهميت مليل هئي.

عالمي اخبارن ۾ اها ڳالهه اڳڪٿي گهڻي ڪيل هئي، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ضياءَ سان مقابلو سوڀارو ٿيندو، پر منهنجي گمان ۾ به ڪونه هو، ته پاڪستان ۾ ڇا هوندو. شايد ڪيترن ورهين جي ڏاڍ ڏمر سبب عوام مان مقابلي جي سگهه نڪري وئي هجي. ”بينام قيدي، بي نمبر کولي“ ۾ جيڪب ٽمرمئن لکيو آهي ته مظلوم عوام کي ٽن ڏاڪن مان لنگهڻو پوي ٿو: ڪاوڙ، ڊَپ، بيوسي. ڇا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سَڏ جو جواب ڏنڊا هڻي ماٺ ڪرايل عوام ڏيندو؟ پاڪستانين جو سڄو نسل مارشل لا جي ڇانوَ ۾ پلجي وڏو ٿيو هو: جولاءِ 1977ع ۾ ڏهن ورهين جي ڄمار جو ٻار وڌي اوڻيهن ورهين جو نؤجوان ٿيو هو، پر کيس پنهنجن بنيادي حقن جي به ڄاڻ نه هئي. ڇا اهي اهڙا حق وٺڻ چاهيندا، جيڪي کين ڪڏهن مليل ئي نه هئا؟

واپسيءَ جو ارادو ڏيکارڻ سان ئي اسين سڀني جي اکين ۾ اچي وياسين. سڄيءَ دنيا جون نگاهون اسان ڏانهن هيون. ”تنهنجي ويچار ۾ اسان سان لاهور ۾ ڪيترا ماڻهو ملندا؟“ مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنجاب جي صدر جهانگير بدر کان پڇيو، جيڪو اسان کان پهرين واپس پئي ويو.

”پنج لک.“ هن چيو.

”اهو وڏو تعداد آهي.“ مون جهانگير کي خبردار ڪيو.

”پر اتي گهٽ ۾ گهٽ پنج لک ماڻهو هوندا.“ هن احتجاج ڪندي ٻڌايو. ”اوهان اڃا لنڊن ۾ ئي آهيو، ته عوام اڳ ۾ ئي لاهور ۾ ڌوڪي پيو آهي.“

”پر اسان کي يقين ڪونهي.“ مون هن کي چيو. ”جيڪڏهن اخبار وارا توکان پڇن، ته کين چئجانءِ ته ڏهن لکن ماڻهن جي اميد آهي ۽ نه پنج لک. ايئن جيڪڏهن اُن ميڙ جو تعداد ساڍا چار لک ٿيو، ته ڪوبه ائين نه چوندو، ته اهو تعداد اميدن کان گهٽ هو.“

 

يورپ کان لاهور تائين ڪابه هوائي اڏام موجود نه هئي، تنهنڪري 9 اپريل تي آئون، بشير رياض، ناهيد، صفدر، منهنجي اسڪولي ساهيڙي حميرا ۽ ٻيا ڪيئي لنڊن کان سعودي عرب جي هوائي جهاز ۾ دهران پهتاسين. جتان لاهور لاءِ پي آءِ اي جي جهاز ۾ چڙهياسين. پي آءِ اي جي عملي اسان سان گهڻو سهڪار ڪيو ۽ پارٽيءَ جي ماڻهن کي، جيڪي جهاز ۾ اسان سان گڏ هئا، هوائي جهاز کي نَون ورهين تائين بندش پيل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جهنڊن، بينرن ۽ نشانن سان سينگارڻ جي اجازت ڏني. آئون سوچي به نٿي سگهيس، ته ٻين مسافرن ڇا ڀانئيو هوندو. جهاز ۾ پيپلز پارٽيءَ جا اٽڪل ٽيهه ميمبر ۽ صحافي هئا ۽ لڳو ٿي ڄڻ اهو خاص اسان لاءِ چارٽرڊ ڪيو ويو هجي.

اسان سڀني تي جشن جي سُرهائي ڇانيل هئي، جيتوڻيڪ منجهس جوکي جو اُلڪو پڻ سمايل هو. دهران ۾ جهاز جي ترسڻ وقت سعودي اختياريءَ وارا مونکي هڪ خاص ريسٽورينٽ هائوس ۾ وٺي ويا ۽ ٻين کي اوسيئڙي واري ڪمري ۾ ترسايو ويو. بعد ۾ مونکي ڄاڻ پئي هئي، ته ساڳئي وقت پاڪستان جو سفير پڻ دهران پهتو هو، جنهن سبب سعودين کي اسان جي سلامتيءَ جي ڳڻتي ٿي پئي هئي. پاڪستان مان پڻ خطرو وڌڻ لڳو هو. اسان مان ناهيد، بشير ۽ هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي دهران ۾ اطلاع مليو، ته حڪومت طرفان کين هڪدم جهَلڻ جا حُڪم نڪتل آهن. منهنجي واپس نه اچڻ جون به ڪيتريون التجائون هيون.

مون پنهنجي ذهن مان اُهو ڊپ ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فجر مهل لاهور ڏانهن اڏامندي مون پنهنجي تقرير تي ڌيان ڏنو. اها به ڄاڻ هئي ته حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حامين سان ڀريل بسن کي بلوچستان، سرحد ۽ سنڌ صوبن جي سرحدن تان لنگهڻ کان روڪيو پئي، اسان مان ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ نه هئي، ته پاڪستان ۾ پهچڻ تي اسان سان الاءِ ڇا ٿيندو.

 

لاهور، 9 اپريل. امينا پراچا:

بينظير جي پهچڻ کان اڳ واريءَ رات لاهور ۾ زبردست جشن جهڙو ڏيک هو. بيگم نيازي، منهنجو مُڙس سليم ۽ آئون سندس آڌرڀاءُ لاءِ اسلام آباد مان لاهور آيا هئاسين. اسان مان ڪنهن به اڳ اهڙو نماءُ ڪونه ڏٺو هو. سڄي شهر ۾ هر هنڌ ڪئمپون لڳل هيون، جتي کاڌي پيتي جو انتظام هو. هوائي اڏي تائين رستي جي ڪنارن تي کاڌي جي شين جا اسٽال لڳل هئا. سڄو شهر عوام وٽ سونپيل هو. شاگرد سوزوڪي گاڏين ۾ چڙهيو گهٽين ۾ پئي گهميا ۽ هنن ڀٽي جا ڳيچ پئي ڳايا، جن مان هڪ ڳيچ پنجابي ٻوليءَ ۾ هو: ”اج تي هو ڳئي ڀٽو، ڀٽو.“ ماڻهو موٽر ڪارن، بسن، ڍڳي گاڏين ۽ ٽرڪن ۾ پيادل ايندا رهيا. مون بسن جو هڪ سڄو قافلو ماڻهن سان سَٿيل ڏٺو، جن تي لکيل هو ”هي بس بدين مان آئي آهي، هي بس سانگهڙ مان آئي آهي.“ نيٺ ڪيترن ئي ورهين جي ظلم، ڊَپ ۽ سختيءَ کان پوءِ جوش ۽ ولولو ڏسڻ ۾ آيو آهو.

سڄيءَ رات ڪوبه ماڻهو ڪونه سُتو هو. اسين سڄي شهر ۾ پئي گهمياسين، هر ڪنهن سان گڏ هوائي اڏي ڏانهن پئي وياسين ۽ آياسين. هڪ ڪُراڙو شخص اسان سان گڏ پنڌ ڪندو رهيو. هُن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. اسان سان گڏ هڪ ڪراڙي عورت به شامل ٿي، جنهن ڪيڏيءَ مهل ته سخت رڙيون ٿي ڪيون، ته ڪڏهن ٽهڪ ٿي ڏنا. ان وقت ڪنهن هڪ به ڀُٽي صاحب لاءِ پنهنجو ڏک نه ڏيکاريو. اهو ڏُک جو وقت ڪونه هو. هاڻي بينظير جي واپسيءَ تي عوام کي پنهنجي ڏک توڙي پنهنجي سُرهائيءَ کي ڏيکارڻ جو وجهه مليو هو. لاهور جي اها رات منهنجي زندگيءَ جو سُندر تجربو هو.

 

ڊاڪٽر اشرف عباسي:

اهو عيد جهڙو ڏيک هو. ماڻهن ۾ پلاءُ ۽ ميوا ورهايا پئي ويا. هر هنڌ ماڻهن پئي ڳايو ۽ ناچ پئي ڪيو ۽ فضا ۾ دهلن ۽ تاڙين جا ڦهڪا هئا. ڀٽو صاحب، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ بينظير بابت گيتن جو ڪيسٽون وڏي آواز ۾ پئي وڳيون. انهن گيتن جا لفظ ايڏا ته موهيندڙ هئا، جو هر ڪنهن اُهي ٻُڌي پئي جهونگاريا. اوچتو گهرن جي بالڪنين مان ۽ بجليءَ جي ٿنڀن تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا جهولڻ لڳا. ماڻهن سائو، ڳاڙهو ۽ ڪارو ڪپڙو هٿ ڪري، منجهانئن بينظير جي آڌر ڀاءُ لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ جهنڊا ٺاهيا هئا. اسان جي پُٺڀرائيءَ مان، جماعت اسلامي جي بنياد پرست مخالفن پڻ، فائدو وٺي ڏوڪڙن ڪمائڻ لاءِ جهنڊا ۽ بينظير جون تصويرون پئي وڪيون.

 

بيگم نيازي:

منهنجي گهڻي آسُ هئي، ته منهنجو مُڙس ۽ منهنجي ڌيءَ لاهور کي ڏسي سگهن ها، پر اسلام آباد ۾ حڪومت وٽ هنن خلاف سخت الزام هئا، جنهنڪري اهي لنڊن مان واپس ڪونه اچي سگهيا. حقيقت ۾ اهو جشن عوام جي پيڙائن جي بيگناهيءَ جو ثبوت هو. مونکي تنهن وقت اها عورت ياد پئي آئي، جنهن سختين واري هيبتناڪ دؤر ۾ مونکي ٻڌايو هو ته ’پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ختم ٿي ويئي آهي ۽ ماڻهو وري ڪڏهن به ڀٽي صاحب جو نالو وات تي ڪونه آڻيندا.‘ ’نه،‘ مون کيس وراڻيو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، ڇو ته عوام ئي پارٽي آهن. اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن تون پاڻ ڀٽي صاحب جو نالو هر هنڌ ڏسندينءِ. هاڻي اهو ڏينهن اچي ويو هو ۽ هر ڪنهن جا جذبا ڀَڙڪو ڏئي ٻاهر نڪتا هئا.

 

سميعا:

بينظير جي پهچڻ مهل اختياريءَ وارن هوائي اڏي چؤڌاري وڏيون لوهي سِيخون ۽ ڪَنڊن واريون تارون پئي وڇايون. هوائي اڏي ۾ وڃڻ ۽ اتان ٻاهر نڪرندڙ دروازن کي به ٻيهر ٺاهيو ويو هو. اسين صبح جو چئين بجين ملاقات واري هنڌ تي گڏ ٿياسين. انتظاميا هوائي اڏي ۾ رُڳو ٻن سؤ ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ کين پاسُون ڏنيون ويون هيون. اسان کي هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پٺئين پاسي موڪليو ويو. منهنجي نڙيءَ مان ته آواز به ڪونه ٿي نڪتو. اسين سڀيئي ايترا ته سُرها هئاسين، جو اسان کي پنهنجي به سُمڪ نه رهي هئي.

 

ڊاڪٽر عباسي:

پر اسان جي سُرهائي ڏُک گاڏر هئي. اسان کي بينظير جي سلامتيءَ جو ايڏو ته اُلڪو هو، جو اسين سڀئي کيس گهيرو ڪري وياسين ۽ ڍال بڻجي وياسين. اتي گهڻا، ڳڻپ کان مٿي ماڻهو اچي مِڙيا هئا. لاهور ۾ ماڻهو ئي ماڻهو هئا. ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي، ته منجهن ڪير ڪير هئا؟

 

صبح جو ستين بجين کان ٿورو اڳ جهاز ۾ پائليٽ جي آواز جو پڙاڏو ٿيڻ لڳو. ”اسان جو جهاز لاهور ۾ لهڻ وارو آهي. اسين مس بينظير ڀٽي جو پاڪستان ۾ اچڻ تي آڌرڀاءُ ڪريون ٿا.“ هڪ ايئر هوسٽيس منهنجي ويجهو آئي. ”هوائي اڏي تان هينئر پائليٽ کي نياپو پهتو آهي، ته اتي ڏهه لک ماڻهو موجود آهن.“ هن مونکي ٻڌايو.

ڏهه لک ماڻهو. مون دريءَ مان ٻاهر نهاريو. پر پنجاب جي جهومندڙ ساين ٻنين کان سواءِ مونکي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. ”اوهان ڪاڪپٽ ۾ هلي اتان پاڻ ڏسو.“ ايئر هوسٽيس چيو. مون جهاز جي مُهڙ مان ٻاهر ڏٺو، پر پريان فاصلي تي ويجهو ايندڙ رنوي کانسواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. رنوي جي چؤطرف ۽ هوائي اڏي جي عمارتن تي ننڍڙا جسم چُهٽيل هئا.

اسان جو جهاز جيئن لٿو، ته مونکي سپاهي ڏسڻ ۾ آيا. حقيقت ۾ اهي احتياطي اُپاءُ ايترا ته سخت هئا، جو هوائي اڏي تي ٻين جهازن کي لهڻ کان روڪيو ويو هو.

”ناهيد، بشير ۽ دارا، اوهين منهنجي ڀرسان ٿي بيهو.“ مون کين چيو، جو هنن کي چتاءُ ڏنل هو ته کين جهَليو ويندو. اها ٺٺولي هئي. منهنجا ساٿي بچاءُ لاءِ منهنجي چؤڌاري ميڙو ڪري ويا هئا ۽ مون سندن بچاءُ لاءِ کين پنهنجي ڀرسان بيهاريو هو. ”تنهنجو بچاءُ اسين ڪنداسين.“ صحافين مونکي چيو. پر هوائي اڏي کان ٻاهر ماڻهن جي زبردست هُجوم اسان جي حفاظت ڪئي. اسان کي هوائي اڏي کان پري رکڻ لاءِ اميگريشن اختياريءَ وارن کي ايڏي ڳڻتي هئي، جو هنن جهاز ۾ ئي اسان جي پاسپورٽن تي تڪڙ ۾ ٺپا هڻي، پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو.

گهر. آئون پنهنجي گهر ۾ هيس. جيئن پنهنجن پيرن هيٺان مٽيءَ کي ڀانئڻ لڳيس، اُن هوا کي پنهنجي ساهه ۾ سمائڻ لڳيس، جنهن جو آئون حصو هيس. آئون اڳ ڪيترائي ڀيرا لاهور آئي هيس. اتي مون گهڻي سُرهائيءَ جو وقت گهاريو هو. پر هي اهو به شهر هو، جتي بابا کي موت جي سزا ڏني وئي هئي. هاڻي آئون واپس آئي هيس، ته ان قاتل جنرل جو مقابلو ڪريان، جنهن  آئين کي ٿُڏي بغاوت ڪئي هئي.

سميعا! امينا! ڊاڪٽر عباسي! ”مونکي سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته اسين هتان ٻاهر ڪيئن نڪرنداسين! هتي ته چؤطرف ماڻهو ئي ماڻهو آهن.“ سميعا منهنجي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار پارائيندي ٽرمينل ۾ مونکي چيو. ”اسين ٽرڪ ۾ چڙهنداسين.“ جهانگير بدر مونکي هڪ خاص نقش چِٽيل ۽ سينگاريل ٽرڪ ڏانهن وٺي هلندي چيو. جنهن جي ٽين تي هٿ سان ٺهيل نقش پئي چمڪيا.

مون پنهنجيءَ تقرير جا نوٽَ پنهنجي هٿ ۾ سوگها ڪيا ۽ ان سنهي ڏاڪڻ ڏانهن ڏسڻ لڳيس، جيڪا اُن ٿلهي سان لڳل هئي، جيڪو منهنجي بيهڻ لاءِ ٽرڪ مٿان ٺاهيو ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن مون اهڙي ڏاڪڻ جا ڀوائتا سَپنا ڏٺا هئا، جنهن تي مون چڙهڻ ڪونه گهريو هو، پر چڙهڻو پيو هو. اوچتو اها ساڳي ڏاڪڻ منهنجي اڳيان هئي ۽ هزارين اکيون مون ۾ کُتل هيون، ته آئون مٿس ڪيئن ٿي چڙهان. آئون ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ لنڊن ۾ اسان اهڙي ٽرڪ ۾ چڙهي مينارِ پاڪستان وڃڻ تي اتفاق ڪيو هو، جيڪو بابا پاڪستان ٺهڻ واري اعلان جي يادگيريءَ طور لاهور ۾ اڏايو هو. هاڻي آئون اهو فيصلو ڦيرائي ڪونه ٿي سگهيس. دروازي کان ٻاهر لکين ماڻهو منهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺا هئا. مون پنهنجو پير ڏاڪڻ جي پهرئين ڏاڪي تي رکيو ۽ هڪ گهرو ساهه کنيو. ”بسم الله.“ مون دل ۾ چيو.

 

زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون گهڙيون به اچن ٿيون، جن کي ڄاڻائڻ ڏُکيو ٿي پوي ٿو. لاهور ڏانهن منهنجيءَ موٽ به هڪ اهڙي ئي گهڙي هئي، عوام جا اَٿاهه ميڙاڪا رستن جي ٻنهي طرفن بيٺل، گهرن جي ڇتين تي ۽ ڪٽهڙن ۾ هڪ ٻئي سان چُهٽيل، وڻن ۽ بجليءَ جي ٿنڀن تي ويٺل، ٽرڪ سان گڏ هلندڙ ۽ پٺيان ٻنين پريان پکڙيل هڪ سمنڊ جيان پئي لڳا. هونئن ته هوائي اڏي کان اقبال پارڪ ۾ مينارِ پاڪستان تائين اٺ ميل رستو ڪار ذريعي هلڻ ۾ پندرهن منٽ لڳن ٿا، پر 10 اپريل 1986ع جي اُن شاندار ڏينهن تي اسان کي اُن ۾ ڏهه ڪلاڪ لڳي ويا. هوائي اڏي تي عوام جو ڏهه لک تعداد وڌي ويهه لک ۽ جڏهن اسين مينارِ پاڪستان پهتاسين، ته اهو تعداد ٽيهه لک هو.

هوائي اڏي جا دروازا کلندي ئي هزارين رنگين ڦوڪڻا آسمان ۾ اڏامڻ لڳا. ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا نه، پر گُلاب جي گلن جون پَنکڙيون فضا ۾ پکڙجڻ لڳيون ۽ ٽرڪ مٿان ايتريون ته ڪِريون، جو انهن ۾ منهنجا مُريا ڍڪجي ويا. گلن جا هار هوا ۾ پئي اڏاڻا. مونکي هڪ ڇوڪريءَ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي ڀاءُ کي ڦاسي ڏني وئي هئي. مون هڪڙو هار هُن ڏانهن اڇلايو. ٽرڪ تي هارن جو مِينهن وسڻ لڳو ۽ عوام سوين شالون ۽ رَوا مون ڏانهن اڇلايا مون رَوا هڪ ٻئي مٿان پنهنجي مٿي تي رکيا ۽ ٻيا پنهنجي ڪُلهي تي. اتي ڪيترائي ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي سياسي قيدي هئا. مون گلن جا هزار ۽ ڀَرت ڀريل رَوا هنن ڏانهن ۽ انهن مردن ۽ عورتن ڏانهن اڇلايا، جن جي مائٽن کي ڦاسيون ڏنيون ويون هيون ۽ سخت عذاب ڏنا ويا هئا. مون اهي رَوا انهن نؤجوان ۽ ڪُراڙين عورتن ڏانهن پڻ اڇلايا، جيڪي رستي سان لڳ قطار ۾ بيٺل هيون.

اُن ڏينهن لاهور ۾ رُڳو پاڪستان پيپلز پارتيءَ جا رنگ يعني ڪارو، سائو ۽ ڳاڙهو ڏسڻ ۾ ٿي آيا. صبح جي گرم ۽ خشڪ هوا ۾ پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا ۽ بيرقون ڇَٽين جيان پئي جُهوميون. مردن ۽ عورتن کي ڳاڙهي، سائي ۽ ڪاري رنگ جون صدريون، رَوا، شلوارون، قميصون ۽ ٽوپيون پيل هيون. بابا، امان، ڀائرن ۽ منهنجين تصويرن جي چؤڌاري به انهن رنگن جا فريم لڳل هئا.

”جيوي، جيوي، ڀٽو جيوي!“ ماڻهن پنجابيءَ ۾ وڏي آواز ۾ اهي نعرا هنيا، جيڪي ٽي مهينا اڳ هڻڻ سبب کين سخت پورهئي سان سزا ملي ها ۽ ڪَوڙا لڳن ها. ”منهنجي ڀيڻ، تنهنجي ڀيڻ بينظير، بينظير“ ڪن وري سنڌيءَ ۾ نعرا هنيا. اهي نعرا اردوءَ ۾ هئا، پشتو ۾ هئا ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ هر ٻوليءَ ۾ هئا. منهنجي اچڻ کان اڳ عوام نعرا هنيا هئا، ”بينظير آئي هَئي، انقلاب لائي هَئي.“ مون جڏهن هٿ ٿي لوڏيا، ته عوام جي هجوم به هٿ لوڏي جواب ٿي ڏنو. وري مون جڏهن بابا جيان ٻئي هٿ مٿي کڻي تاڙيون ٿي وڄايون، ته هجوم به جواب ۾ ٻانهون مٿي کڻي ايئن تاڙيون ٿي وڄايون، ڄڻ ڪنهن وڏيءَ ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جا سنگ پئي جُهوميا.

ڪجهه وقت اڳ آئون اسلام آباد جي اُن بنهه خالي گهر ۾ نظربند هيس، جي صبح جو ننڊ مان جاڳڻ مهل هُجوم جو آواز ٻُڌندي هيس ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هيس، ته اهو ڪنهن جو آواز آهي. اهي ڪنهن لاءِ رڙيون پيا ڪن؟ اهي ڪيئن دانهون پيا ڪن؟ ڇا هنن ضياءَ خلاف ڪاوڙ مان دانهون ڪيون هيون؟ يا هنن راولپنڊي جيل جي دروازن کي کُلندي ۽ اتان بابا کي ٻاهر ايندي ڏسي، سُرهائيءَ وچان دانهون ٿي ڪيون؟ ائين ڪونه هو. پر آئون اهو آواز لاڳيتو ٻُڌندي رهيس، جڏهن آئون سکر ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ۽ المرتضيٰ ۽ 70 ڪلفٽن ۾ نظربند هيس. اهو آواز سڃاڻڻ لاءِ آئون پنهنجو ذهن ڦلهوريندي هيس، پر اهو سدائين منهنجي سمجهه کان گُسي ويندو هو. 10 اپريل تي جيئن آئون لاهور جي رستن تان آواز جي سرنگهه مان اڳتي پئي ويس، ته اوچتو مون ڀانئيو ته هي اهو ئي ساڳيو آواز آهي، جيڪو مون اڳي انهن سڀني موقعن تي ٻُڌو هو.

آئون لڳاتار ڏهه ڪلاڪ اُن ٽرڪ مٿان بيٺي هيس، جيڪا هوريان هوريان مينار ڏانهن پئي وڌي. اسين گورنر هائوس ۾ وزيراعظم جي رهائش واري جاءِ ڀرسان لنگهياسين، جتي ڪڏهن اسين رهندا هئاسين. پر بابا جي قتل کان پوءِ چيو وڃي ٿو، ته جنرل ضياءَ ننڊ نه اچڻ سبب ليڊي ميڪبيٿ جيان ڏيئو هٿ ۾ کڻي ڪمرن جي وچ وارن لنگهن ۾ پيو هلندو هو. اسين اُن سائبان ڀرسان لنگهياسين، جتي ڪنهن زماني ۾ راڻي وڪٽوريا جو مُجسمو هوندو هو. پوءِ اسين توب زمزما وٽان لنگهياسين، جنهن کي رڊيارڊ ڪپلنگ پنهنجين لکڻين ۾ ابدي حياتي بخشي هئي. آئون پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ڀانئڻ لڳيس ۽ مونکي پڪ ٿي ته جن شهيدن جمهوريت لاءِ پنهنجيون جانيون ڏنيون هيون، سي پڻ اُن هجوم ۾ موجود هئا. اسانجين آزمائشن، ڏڦيڙن ۽ ڏَچن بدران اسان جي سوڀ ۽ سُرهائي شروع ٿي وئي هئي. ”ضياءَ اسان کي توکي نٿا مڃون.“ هجوم نعرا هنيا. ”اسان کي تنهنجيون جُڙتو اسيمبليون منظور ڪونهن، اسان کي تنهنجو ڪُوڙو آئين نه کپي. اسان کي تنهنجي آمريت نه گهرجي. اسان جا حوصلا تنهنجن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن، ڦَٽڪن ۽ گولين کان وڌيڪ مضبوط آهن. اسان کي چونڊون گهرجن.“

کليل ٽرڪ تي بيٺي جيتوڻيڪ مونکي جوکو هو، پر مون ڪوبه ڊپ ڪونه پئي ڀانئيو. مونکي ڪو جوکو پهچائيندڙ کي هُجوم ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏي ها. مونکي نه پوليس جو اُلڪو هو، ۽ نه ئي فوج جو. هُجوم جي گهيري ۾ ڦاسڻ بدران اسان جا ڪي اڳوڻا دشمن پنهنجن گهرن ۾ لِڪا ويٺا هئا، جڏهن ته ٻيا وري اُن جشن ۾ شامل ٿي ويا هئا. مونکي ڳڻتي پنهنجي آواز جي هئي، جيڪو تازي وبائي زڪام سبب گهُگهو ٿي ويو هو. سڄو رستو مون ڊسپرين ۽ گرم پاڻيءَ سان گُراڙا پئي ڪيا ۽ گلوڪوز پئي پيتو، جيڪو بابا جو خاص خدمتگار عرس پاڻ سان ڪراچيءَ مان کڻي آيو هو.

سج لهڻ وارو هو، جڏهن اسين مينارِ پاڪستان وٽ پهتاسين، اتي هڪ انچ جيتري به جاءِ نه هئي، جتي اسان سان آيل لکين ماڻهو بيهي سگهن ها. اسين پاڻ به ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان اسٽيج تي پهتاسين. مون سان گڏ محافظ ڪونه هئا، جيئن پوءِ مون اهڙو انتظام ڪيو هو، جيڪي مونکي هُجوم وچ مان وٺي هلن ها. اسان اڃا اهڙي ترڪيب به نه ڪئي هئي، جو ٽرڪ سِڌي اسٽيج تائين هلي ها، ته جيئن آئون ٻرانگهه ڀري اسٽيج تي پهچان ها. مينار وٽ آئون پنهنجن رُڳو چئن يا پنجن ساٿين سان ٽرڪ تان هيٺ لٿيس ۽ هجوم جي سمنڊ مان اڳتي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس.

 

ماڻهن ڪو نقصان پهچائڻ ڪونه ٿي چاهيو، پر اُن گهڙيءَ ميڙ اُتاولائپ ۽ جوش جون حُدون ڇُهڻ لڳو هو. ماڻهو هڪٻئي کي ڌِڪا ڏيندا مون ڏانهن ڌوڪنيدا آيا ۽ منهنجي چؤڌاري گهيري کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. مون سمجهيو ته اسين سڀيئي گهُٽجي يا چيڀاٽجي مري وينداسين. لڳو ٿي ته ڪيترائي پنهنجا هوش وڃائي ويٺا هئا، جن ۾ پارٽيءَ جو مڪاني اڳواڻ به هو، جنهن منهنجن ساٿين جي گهيري مٿان پاڻ پئي اڇلايو. هن کي پري رکڻ لاءِ کيس زور سان ڌِڪو ڏيڻو پيو هو. پوءِ نيٺ اسين اسٽيج تائين پهتاسين، جتي پيپلز پارٽي پنجاب جو صدر ٿَڪ سبب ماندو ٿي ڪِري پيو. ”پاڻ کي بچاءُ وارن مامرن تي به ويچارڻ گهرجي.“ مون کيس پاسيرو وٺي چيو.

مون جيئن اقبال پارڪ جي ميدان ۾ نهاريو، ته اچرج ۾ وجهندڙ ڏيک منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. رستي جي پرينءَ پاسي دنيا جي وڏي بادشاهي مسجد جو ڳاڙهو پٿر سج جي لڙاٽيل ڪِرڻن ۾ باهه جيان جَرڪيو پئي. ساڄي طرف ڪوهيڙي مان لاهور جو قلعو پئي ڏسڻ ۾ آيو. مغلن جي ٺهرايل اُن قلعي جي زمين هيٺان جُڙيل ڪوٺڙين ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ايذاءُ ڏنا ويا هئا، جنهنڪري اهي اتي مري ويا هئا. هر هنڌ ۽ چؤڏس عوام هو، جنهن پنهنجي گهر موٽڻ تي منهنجو آڌرڀاءُ پئي ڪيو. ”ڪجهه ماڻهن مونکي صلاح ڏني هئي، ته آئون سياست ڇڏي ڏيان.“ مون وڏي آواز ۾ چيو. ”هنن مونکي چتاءَ ڏنو ته، منهنجو مقدر به بابا ۽ ڀاءُ جهڙو ٿيندو. ٻين وري چيو ته پاڪستان جو سياسي ميدان عورتن لاءِ ٺيڪ ڪونهي. مون هنن سڀني کي اهو جواب ڏنو، ته انهن جوکن کان منهنجيءَ جماعت جا ڪارڪن مونکي بچائيندا. آئون پنهنجي خوشيءَ سان اُن ڪَنڊن واريءَ واٽَ تي هلان پئي ۽ موت جي ماٿريءَ ۾ پير پاتو اٿم.“

لائوڊ اسپيڪر بيشڪ صحيح ڪونه هئا، جنهن سبب منهنجو آواز انهن ماڻهن تائين ڪونه ٿي پهتو، جيڪي اسان جي ڪَٿ کان ڏهوڻا وڌيڪ هئا، پر منهنجي هٿ جي هڪڙي اشاري سان ماڻهو ماٺ ٿي ويا. ”هتي ۽ هاڻي آئون وچن ڪريان ٿي، ته عوام جا حَق بچائڻ لاءِ آئون هر قسم جي قرباني ڏينديس.“ مون وڏي آواز ۾ چيو. “ ڇا اوهان کي آزادي، جمهوريت ۽ انقلاب گهرجي؟“ ڀيري هنن وڏي آواز سان هائوڪار پئي ڪئي. ٽيهه لک ماڻهن جو ساڳيو آواز. ”آئون موٽي آئي هيان، ته جيئن عوام جي خدمت ڪريان، نه ڪي پلاند وٺان.“ مون کين ٻڌايو.“ آئون پلاند وٺڻ نٿي چاهيان. منهنجيءَ دل ۾ ڪابه اهڙي خواهش ڪانهي. آئون پاڪستان کي ٺاهڻ چاهيان ٿي، پر پهرين آئون اوهان کان راءِ پُڇڻ گهران ٿي. ڇا اوهان چاهيو ٿا ته ضياءَ اقتدار ۾ هجي؟“ موٽ ۾ ماڻهن جي نهڪار ۾ ساڳيءَ لهر اڀري. ”ڇا اوهان جي مرضي آهي ته ضياءَ هليو وڃي؟“ ”هائو.“ جواب آيو. ”ته پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته ضياءَ هليو وڃي.“ مون چيو. ”ضياءَ ضرور هليو وڃي. وڃي! وڃي! وڃي!“ آسمان تي ڪاراڻ پکڙجڻ سان ئي لکين ماڻهن هڪ آواز ٿي وراڻيو.

اُن سڄي ڏينهن ۾ دهشتگرديءَ جو ڪو هڪڙو واقعو به نه ٿيو هو. حڪومت کي پرامن ڌمڪيءَ ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿيو هو. اهو هُجوم ايترو ته ڪاوڙيل ۽ اُتاولو هو، جو ڪيترن سمجهيو هو، ته حڪومت جو تختو اونڌو ٿي سگهيو ٿي. هڪڙي لفظ چوڻ سان عوام پنجاب اسيمبلي ۽ وزيرن جي رهائشي گهرن کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏي ها ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ عمارت کي ڀڄي ڀوري ڇڏي ها، جتي ضياءَ جي جُڙتو ججن، بابا کي موت جي سزا ڏني هئي. پر اسان رَت وهائي اقتدار ۾ اچڻ ڪونه ٿي گهريو. اسان پرامن ۽ انصاف ڀرين چونڊن وسيلي جمهوريت آڻڻ ٿي چاهي. اسان نه، پر اها حڪومت ئي هئي، جنهن پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏمر کان ڪم ورتو هو ۽ اُن رات هنن وري وار ڪيو.

اٺيتاليهن ڪلاڪن جي لاڳيتي اوجاڳيءَ کانپوءِ اڃا منهنجي اک مَس لڳي هئي، ته منهنجي سُمهڻ واري ڪمري جو دروازو زور سان وڄڻ لڳو. منهنجي بچاءُ لاءِ پارٽيءَ جي مڪاني ڪارڪنن ٻُڌايو هو، ته آئون ٽن ڌار ڌار گهرن ۾ ترسيل آهيان: منجهانئن هڪڙو گهر خالد احمد وارن جو هو، جتي مينار پاڪستان تان موٽڻ کان پوءِ مون پرڏيهي صحافين سان ڳالهايو هو. تڏهن هڪ فوجي ميجر اُتي اچي ڦرلٽ ڪئي هئي. اهو ڪهڙو نه اَسؤڻ هو ته، آئون ضياءَ جي پاڪستان ۾ موٽي آئي هيس. اُهو ميجر منهنجيءَڳولا ۾ آيو هو.

 

عذرا خالد:

آئون اڃا سُتي پئي هيس، ته هڪ نوڪر مونکي اچي جاڳايو. هُو رَت ۾ سڄو ڳاڙهو ٿيل هو، ڇو ته فوجين سندن گهرن تي حملو ڪري کيس مار ڪڍي هئي. ڪمپائونڊ جي ڀِت تان پندرهن يا سورهن فوجي ٽپي اندر آيا هئا. نوڪر مونکي ٻڌايو، ته فوجين نوڪرن کي مارڪُٽ ڪئي ۽ بينظير جو پُڇائيندا گهر ۾ گهڙي آيا. اسان جي وڏي در کي ڪُلف ڏنل هو، پر انهن دروازو ڀڃي کوليو ۽ گلن جون ڪونڊيون اڇلائي، اڳئين پاسي جون دريون به ڀڃي ڇڏيون. ”بينظير ڪٿي آهي؟“ هنن جي اڳواڻ ميجر قيوم پستول هوا ۾ لوڏيندي پڇيو. ٻاهر سُتل اسان جو ملازم ريڙهيون پائيندو ميجر قيوم پٺيان وڃي پهتو ۽ هن پنهنجي پُٽ جي ڪرڪيٽ راند جي بيٽ سندس مٿي تي زور سان هنئي. ”آئون جاسوس کاتي جو عملدار آهيان، ڪمانڊو آهيان.“ ميجر رڙ ڪري چيو.

”مون پوليس کي فون ڪيو، جيتوڻيڪ ضياءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪو پتو ئي نه هو، ته اهي همدرد هئا يا دشمن. جيئن پوليس جي لاري اسان جي گهر ڀرسان پهتي، ته فوج جا ماڻهو ڀڄڻ لڳا. پوليس ميجر قيوم کي جهلي ورتو. هن جي ڪار ۾ بيئر ۽ وسڪيءَ جا کوکا پيل هئا، جيڪي هن اسان جي گهر ۾ رکڻ گهريا هئا. هن جي ڊائريءَ م ڪيئي وڏن جنرلن ۽ حڪومتي وزيرن جا فون نمبر لکيل هئا.

ميجر قيوم چريي هجڻ جو سانگ ڪيو. حڪومت پڻ هُن کي برابر چريو ڪوٺيندي، چيو ته هن اُهو ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ڪيو هو. پر اسان کي پتو هو، ته ميجر قيوم چريو ڪونه هو. اُن ڏينهن لاهور ۾ بينظير جو جيڪو شانائتو آڌرڀاءُ ٿيو هو، تنهن سبب حڪومت کي هن ڏانهن اک کڻي ڏسڻ جي به همت نه ٿئي ها. پر هنن ميجر قيوم کي اماڻيو ته هُو بينظير کي قتل ڪري يا وري کيس اهڙو ڊيڄاري، جو هوءَ وڌيڪ گشت نه ڪري سگهي. پوءِ ميجر قيوم کي اُن لاءِ سزا ملي ۽ هو ٿورو وقت جيل ۾ رهيو. وري جڏهن اتان آزاد ٿي پنهنجي ڳوٺ ويو، ته ڪنهن به ظاهريءَ سبب کانسواءِ کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو. اسين سمجهون ٿا ته حڪومت ئي هن کي مارايو هو، ته جيئن ڪابه ثابتي نه رهي.

 

گجرانوالا. فيصل آباد. سرگوڌا. جهلم. راولپنڊي. ”لاهور جو آڌرڀاءُ بيمثال هو.“ اسان جي مخالفن چيو ۽ ڪجهه اخبارن پڻ لکيو. ”بينظير جو اهڙو آڌرڀاءُ ٻين شهرن ۾ نه ٿيندو.“ هنن جو اهو چوڻ علط هو. 12 اپريل تي ٻنپهرن جو اسين پنجاب جي دؤري لاءِ لاهور مان روانا ٿياسين، ته جيئن رٿا پٽاندر گوجرانوالا جي جلسي ۾ پنجين بجي شام جو پهچي وڃون. پر رستي تي ماڻهن جا ايترا ته ميڙاڪا هئا، جو اسين وقت تي پهچڻ بدران ٻئي ڏينهن صبح جو پنجين بجين گوجرانوالا پهتاسين. ”هن وقت جلسي ۾ ڪوبه ڪونه هوندو.“ مون چيو. ”سڀيئي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ سُتا پيا هوندا.“ پر جلسي جو سڄو ميدان ماڻهن سان ڀريل هو.هنن سڄيءَ رات اوسيئڙو ڪيو هو.

”اسان کي تَڪڙو هلڻ گهرجي.“ مون پنهنجن رضاڪارن ۽ حفاظتي جَٿن کي چيو، پر اهو ممڪن ئي نه هو. گجراوالا ۽ فيصل آباد وچ ۾ رستي تي ايترا ته ماڻهو هئا، جو اسي ڪلوميٽرن جي اُن سفر ۾ سورهن ڪلاڪ لڳي ويا. اسان جي چؤڌاري ٽرڪن، بسن، رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن جو قافلو هو، جنهن سبب ٻئي پاسي کان ايندڙ گاڏيون رستي جي پاسي تان هلڻ تي مجبور هيون. هزارين ماڻهو اسان جي ٽرڪ ڀرسان سڄيءَ رات هلندا رهيا. آئون ٽرڪ مٿان بيٺي هيس ۽ مون کي کين ڏسي هٿ پئي لوڏيا. ”هر هنڌ گلن جي ورکا ڪريو ۽ هر راهه تي موتي وڇايو، جو بينظير آئي آهي.“ عوام گيت ڳايا. ”اي خدا، اهي ڏينهن واپس آڻ، جڏهن مصيبتن جا ماريل ماڻهو خوش هوندا هئا!“ منهنجي لاءِ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن لاءِ اهو سٻاجهائپ، نهٺائيءَ ۽ نِوڙت جو اچرج ۾ وجهندڙ تجربو هو. ”اي خدا، اسان کي همت ۽ ڏاهپُ ڏئي، ته جيئن عوام جون اميدون پوريون ڪري سگهون.“ اسان سڀني گڏجي انچ انچ ٿي اڳتي وڌندڙ ٽرڪ تي اُها دعا گهري.

نيٺ، اسين جڏهن فيصل آباد پهتاسين، ته اُن صنعتي شهر جي ڀرپاسي باکُ ڦُٽڻ واري هئي. هڪ ڀيرو وري جلسي لاءِ اسين راند جي اُن ميدان ۾ اڌ ڏينهن دير سان پهتاسين، جتي نَو ورهيه اڳ مون ڏڪندي ۽ لُڏندي پهرين تقرير ڪئي هئي. وري به مونکي پڪ هئي ته ميدان خالي هوندو. پر جيئن اسان جي ٽرڪ دروازي مان اندر گهِڙي، ته لکين ماڻهن هڪ آواز ٿي نعرو هنيو: ”قوم جي تقدير، بينظير، بينظير!“ راندين جي ميدان مان وڃڻ وقت به عوام جو جوش ۽ ولولو گهٽيو نه هو. ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن پارٽيءَ کي ڪونه وساريو هو. جيتوڻيڪ فيصل آباد ۾ ڪيئي مالڪن پنهنجن ڪارخانن جا دروازا بند ڪري، مزدورن کي اندر پوري ٻاهران تالا هڻي ڇڏيا هئا، ته جيئن اهي اتان ٻاهر نڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پُٺڀرائي نه ڪري سگهن، پر اهي ڪارخانن جون ڀتيون ٽپي اسان جي جلسي ۾ آيا هئا.

جهلم، جتي جا ڪيترائي ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿين ٿا، سرڪاري ملازمن جو شهر راولپنڊي، انهن شهرن ۾ پڻ جتي ماڻهن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ ضياءَ جي اُن مقابلي سان ڪو چاهه نه هو، اتي به عوام جا وڏا هُجوم آيا هئا. پرڏيهي صحافين ۽ ٽيليويزن عملي کي اهي هجوم ڏسي ڀروسو ئي نه ٿيو هو، جن پنهنجن ملڪن لاءِ سندن اُهي فلمون پئي ٺاهيون، جيڪي پاڪستاني عوام نه ڏسي سگهندا. جيتوڻيڪ مارشل لا ختم ٿيو هو، پر پاڪستاني ٽيليويزن تي منهنجي تصوير ڏيکارڻ تي پابندي هئي. پاڪستان ۾ موٽڻ کان پوءِ ان دؤري جي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي عوامي جلسي جي فلم ڪڏهن ٽيليويزن تي ڏيکاري وئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org