”هيءَ ڪتاب سچائي، پريم، جاکوڙ، هلچل ۽ سُورما
پرستيءَ جو ڳوڙهو چُرندڙ پُرندڙ داستان آهي.“
- ’ايوننگ اسٽئنڊرڊ‘
”هوءَ انتهائي سخت ۽ ويڙهاڪ عورت آهي … اِهو ڪتاب
هُن جي آتم ڪٿا آهي، جيڪو پنهنجائپ ۽ موهيندڙ
انداز سان لکيل آهي.“
- ’انڊپينڊنٽ‘
”هيءُ شهيد گهراڻي ۽ ان شاندار ڏيهه جي بهادر عورت
جو انمول چُرندڙ پُرندڙ ۽ للڪاريندڙ داستان آهي،
جيڪو وحشي دٻاءَ ۽ اڳرائيءَ آڏو آزاديءَ واري آتما
جي برقراريءَ لاءِ جاکوڙ پيو ڪري.“
- ’سنڊي ٽائيمز‘
ارپنا
بلاول، بختاور ۽ آصفه
۽
پاڪستان جي سمورن ٻارن لاءِ
ٻه اکر
پنهنجي پاڻُ کي سنڌوماٿريءَ جي ڌيءَ سڏرائيندڙ ۽
لاڙڪاڻي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ جي آس رکندڙ شهيد
بينظير ڀُٽو لوڪشاهيءَ ۾ ويساهه رکندڙ عالمي ۽
قومي سياسي اڳواڻ هئي، جنهن پنهنجي نظريي تي عمل
ڪندي، عوامي جدوجهد دؤران شهادت ماڻي. ماڻهن ۾ ۽
سندن فيصلي ۾ پُورو ڀروسو رکندڙ بينظير ڀُٽو،
کاٻيءَ ڌُر جي اڪثر جماعتن ۽ اڳواڻن جيان نظرين ۾
مُنجهيل نه، پر عملَ ۽ اُڀريل حالتن پٽاندر عوام
تي جان نڇاور ڪندڙ باشعور فرد هئي، جنهن اُهو 27
ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ عوامي
ميڙ دؤران شهادت ماڻڻ سان ثابت به ڪري ڏيکاريو.
تاريخ جي شاگرد هئڻ سبب، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
سان نظرياتي اختلاف هوندي به، مون سدائين اُن
جماعت کي سنڌ جي ٻين جماعتن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ مناسب
جماعت ڀانئيو آهي، ڇو ته شهيد بينظير ڀُٽو تاريخي
طور اُن نظريي ۾ يقين رکندي هئي، ته پاڪستان ۾ چار
قومون رهن ٿيون،جن جا سنڌوماٿريءَ جي سڀيتا کان
پاڻُ ۾ لاڳاپا ۽ سُٻنڌ رهندا آيا آهن، جن جو اهو
مُقدر آهي، ته اُهي مُلڪ جون واڳون پاڻُ سنڀاليندي
جمهوريت آڻين، ته جيئن کين حق پلئه پئجي سگهن.
تنهنڪري مُلڪ تي ڏاڍائيءَ سان مَڙهيل اسٽيبلشمينٽ
جي اقليتي گروهه کي اُهو حق هرگز نه آهي، ته اُهي
پاڪستان جي عوام مٿان پنهنجو فيصلو مڙهين.
پر مخالفن ۽ دهشتگردن کي اُها ڳالهه نه وڻي،
جنهنڪري پاڻُ ۾ جُٽ ٿي، انهن سازش پٽاندر سنڌ لاءِ
اَملهه خزانو جي حيثيت رکندڙ بينظير ڀُٽو کي شهيد
ڪرايو. اُن رتوڇاڻ واري انتهائي واقعي کان پوءِ،
هر اک مان ڳوڙها وهڻ لڳا هئا. هر ڪو سوڳوار ڏسڻ ۾
پئي آيو، پر هڪڙي ڳالهه اچرج واريءَ هئي، ته اُهو
ڏُک ۽ سوڳ گهر جي ڪنهن وڏڙي يا ويجهي مائٽ کان
ٿورڙو نرالو به هو. اُن ڏُک ۽ احتجاج ۾ پنهنجائپ
سان گڏ پنهنجي مستقبل بابت ڪاوڙ گاڏڙ ڳڻتي ظاهر
ڪيل هئي.
سنڌ ۾ 2004ع ڌاري پاڪستان پيپلز پارٽي، شهيد
ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو بابت ڪافي
مونجهارا ڦهلايل هئا، جيڪي سوچ تي ٻڌل نه هئا.
تنهنڪري منهنجي اها ڪوشش هئي، ته مٿين موضوعن تي
ڪتاب ترجمو ڪري/ ڪرائي مارڪيٽ ۾ آندا وڃن، ته جيئن
اڻڄاڻائيءَ سبب ٿيل غلط فهميون دُور ٿي سگهن، ۽
شعور ۾ واڌارو ٿئي. انهيءَ ڏس ۾ شهيد ذوالفقار علي
ڀُٽي جا توڙي سندس متعلق ڪجهه منهنجا ترجمو ٿيل
ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندا،
جنهن جا سُٺا نتيجا سامهون آيا. ان ئي سلسلي جي
ڪڙيءَ طور شهيد بينظير ڀُٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جي
اهميت کي سامهون رکندي، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري جي
اصرار تي ڪتاب
Daughter of the East جي نئين وڌايل ڇاپي جو ترجمو ڪيو ويو، ارادو اهو هو ته، هي
ڪتاب شهيد بينظير ڀُٽو جي حياتيءَ ۾ ڇپرايو وڃي،
پر ڪجهه لاپرواهيءَ سبب اُن ۾ دير ٿي، جو نيٺ
دهشتگردن هٿان بينظير ڀُٽو جي شهادت جو واقعو ٿيو.
محمد حُسين بادشاهه
نئين ڇاپي جو مهاڳ
مون هيءَ سياسي زندگي پاڻ نه گهُري هئي، پر اُن
مونکي چونڊيو هو.
ڄمندئي منهنجو جيون، پاڪستان جي ڏُکن ڏوجَهرن،
هاڃن ۽ سوڀن جو اولڙو آهي.
پاڪستان تي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دُنيا جون اکيون
کُتل آهن. اسلام جو نالو واپرائيندڙ دهشگردَ، اُن
جي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻيل آهن. لوڪشاهي قوتون
ويساهه رکن ٿيون ته، آزاديءَ جي اصولن جي واڌاري ۽
اؤسر سان دهشتگرديءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو. فوجي
آمريت، دوکي ۽ سازش جي جوکائتي راند کيڏي ٿي. ڪو
فوجي آمر پنهنجي اقتدار وڃائڻ جي ڊپ سبب، جنهن کي
ڇڏڻ کان هو سدائين، نٽائيندي وقت وڃائي ٿو ۽ جدت
توڙي نواڻ آڻيندڙ طاقتن کي ڪناري تي لڳائي ٿو،
تنهن مهل دهشتگرديءَ جا اُلا اُٿن ٿا.
پاڪستان ڪو رواجي ڏيهه نه آهي ۽ منهنجو جيون به ڪو
رواجي جيون نه آهي. منهنجي بابا ۽ ٻن ڀائرن کي قتل
ڪيو ويو. منهنجي ماءُ، مُڙس ۽ آئون پاڻ جيل جا
باندي رهيا آهيون. مون جلاوطنيءَ ۾ ڪيئي ورهيه
گهاريا آهن. پر آئون ڏکيائين ۽ پيڙائن ڀوڳيندي به،
پاڻ کي سڀاڳي سمجهان ٿي. آئون پاڻ کي سڀاڳي سمجهان
ٿي، ڇو ته آئون مسلمانن جي پهرين چونڊيل عورت
وزيراعظم ٿي، روايتن جا پنجوڙ ٽوڙي سگهي آهيان.
عورت کي وزيراعظم چُونڊڻ وارو اُهو عمل، اسلام ۾
عورت جي ڪردار بابت مسلمان دنيا ۾ ڪاوڙائيندڙ ڇتي
بحث جو مُک نُقطو بڻجي ويو هو. اُن مان اهو ئي
ثابت ٿيو ته، مسلمان عورت وزيراعظم چونڊجي سگهي
ٿي، ڪنهن مُلڪ تي حڪومت ڪري سگهي ٿي، ۽ اُن کي
مردن توڙي عورتن طرفان اڳواڻ طور قبولي سگهجي ٿو.
آئون پاڪستاني عوام جي ٿورائتي آهيان، جن مونکي
اهو اعزاز بخشيو.
۽ جيئن ته هينئر جِدت پسندن ۽ انتها پسندن وچ ۾
بحث لڳاتار جاري آهي، پر منهنجي 2 ڊسمبر 1988ع تي
وزيراعظم جي عهدي جي قسم کڻڻ کان سڄيءَ مسلمان
دُنيا جون عورتون، وڏيون ٻرانگهون ڀري اڳتي وڌيون
آهن.
هن دنيا ۾ رُڳو ڪجهه ماڻهن کي ئي سماج ۾ تبديليءَ
آڻڻ ۽ ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ جديد دؤر آڻڻ جو وجهه ملي
ٿو، جنهن ۾ رڳو بنيادي سماجي ڍانچو موجود هُجي ٿو،
ته جيئن عورتن جي ڪردار بابت روايتي ويچارن ۽ ڪُڌن
سوچن کي ٽوڙيو وڃي ۽ نيٺ اُنهن لکين عورتن کي
تبديليءَ جي آسُ ڏني وڃي، جن وٽ ان کان اڳ ۾ ڪابه
آسُ نه هئي.
هيءَ پاڻمرادي اُها زندگي نه آهي، جنهن کي آئون
پاڻ چونڊيان ها، پر اها موقعن، ذميدارين ۽ مقصدن
جي پُورڻتا واري زندگيءَ رهي آهي. ۽ آئون ڀانئيان
ٿي ته، مستقبل وٽ اڃا به ڪي اڻ ڳڻيون للڪارون آهن،
جيڪي شايد منهنجي مُلڪ ۽ مونکي پاڻ ڀوڳڻيون پون.
منهنجي زندگيءَ جي اؤسر مهل ويهه ورهيه اڳ –
منهنجي بابا جو قتل، منهنجي قيد، سندس سياسي
جائنشيني سنڀالڻ سبب- مون وٽ پنهنجي ذاتي خوشين جي
ڳولا، محبت، شادي ۽ ٻار ڄڻڻ جي ٿورڙي اُميد هئي.
انگلينڊ جي راڻيءَ ايلزبيٿ جيان، جنهن مون جيان
قيد ڀوڳيو هو ۽ ڇَڙي رهي هئي، مون سوچيو ته آئون
سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به شادي نه ڪنديس. پر منهنجي
ذاتي زندگيءَ انهن محدود اُميدن کي للڪاريو ۽ کين
نه مڃيو. مون ڏکين حالتن هوندي به شاديءَ ڪئي ۽
منجهانئس خوشي ۽ لُطف مليم. مون کي پنهنجي مُڙس جي
همت ۽ وفاداريءَ تي فخر آهي، جيڪو شاديءَ جي
اوڻيهن ورهين ۾ هميشه مون سان گڏ بيٺو رهيو. هُو
اُنهن ورهين ۾ وزيراعظم هائوس ۾ رهيو، يا وري
منهنجي سياسي ساک ۽ داءَ لاءِ سياسي قيديءَ طور
يرغمال رهيو، ۽ مون ڏٺو ته جسماني جُدائيءَ ۽ هڪ
ٻئي کان ڌار ٿيڻ جي ڪوششن هوندي به اسان جا لاڳاپا
وڌيڪ سگهارا ٿيا.
نه، زندگي اُها نه آهي، جنهن جي آئون اڳڪٿي ڪريان
ها، پر آئون نٿي ڀانئيان ته آئون تاريخ ۾ ڪنهن
عورت سان ڀيٽ کائينديس.
آئون اُها عورت آهيان، جنهن کي پنهنجي ثقافتي ۽
مذهبي ورثي تي فخر آهي. آئون سَهپ ۽ سچي وحداني
اسلامي مذهب بابت پنهنجي اُن ويساهه واري خاڪي
پٽاندر خاص ذاتي ذميدارين کي سمجهان ٿي، ته
دهشتگردن اُن مذهب کي اغوا ڪري ورتو آهي. مونکي
ڄاڻ آهي ته آئون اُها علامت آهيان، جنهن کان جُڙتو
’جِهادي‘ يعني طالبان ۽ القائدا وارا گهڻو ڊِڄن
ٿا. آئون پاڪستان ۾ جِديديت، ڀائيچاري وارن
لاڳاپن، تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ آڻڻ لاءِ جاکوڙيندڙ
سياسي اڳواڻ آهيان. مونکي ڀروسو آهي ته جمهوري
پاڪستان ئي دنيا جي اُنهن هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن
جي اُميدن جي علامت بڻجي سگهي ٿو، جن کي ماضيءَ ۽
مُستقبل جي طاقتن وچ ۾ چُونڊ ڪرڻي آهي.
مون جيڪي سياسي جنگيون وڙهيون، سي سدائين ڪنهن
مقصد لاءِ هيون. مُقصدَ آزادي ۽ سماجي انصاف تي
ٻَڌل هئا. ۽ اُهي قدرَ واقعي ايڏا مُلهائتا آهن،
جو سندن لاءِ ويڙهه به وڙهي سگهجي ٿي. پر مونکي
ڀروسو آهي ته منهنجي سياسي جاکوڙ وڌيڪ للڪاريندڙ
رهي آهي، ڇو ته آئون عورت آهيان. ظاهري طور جديد
سماج ۾ عورت لاءِ اهو سڀ ايڏو سولو نه آهي، پوءِ
ڀلي اُها ڪٿي به رهندي هجي. اسان کي اُن جي
ثابتيءَ لاءِ اڃا واڌُو ميل هلڻو پوندو ته، اسان
مردن جي برابر آهيون. اسان کي گهڻن ڪلاڪن تائين ڪم
ڪرڻو پوندو ۽ وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون. ۽
اسان کي جذباتي طور پاڻ کي ناانصافيءَ توڙي پنهنجي
خاندان جي مرد ڀاتين طرفان ڪيل اڪثر ڇِتن حملن
خلاف بچاءُ ڪرڻو پوندو. ڏُک جي ڳالهه اها آهي ته،
هينئر به ڪيئي ماڻهو اهو ويساهه رکن ٿا ته، مردن
سندن جيون ۾ آيل پنهنجين عورتن جي رکوالي ڪن ٿا ۽
اُنهن مختلف ماڻهن کان بچائين ٿا، جيڪي هوند کين
دٻائين.
بهرحال، اسان کي ٻِٽن معيارن بابت شڪايتن بجاءِ
مٿن ضابطي لاءِ تيار رهڻ کپي. اسان کي ايئن ڪنهن
عمل يا ڪم لاءِ تيار رهڻ کپي. ڄڻ اُهو ڪنهن مرد
لاءِ ايڏو سخت ۽ ٻيڻو ڪم آهي. آئون امڙ جي ٿورائتي
آهيان. جنهن مونکي اهو سيکاريو ته ڳرڀوتيءَ ٿيڻ،
حياتياتي حالت آهي، جيڪا زندگيءَ جي رواجي وهنوار
۾ رنڊڪ يا رُڪاوٽ نٿي وجهي. هُن جي اُميدن پٽاندر
رهڻ جي ڪوشش ڪندي، آئون پنهنجي ڳرڀوتيءَ هئڻ مهل
طبعي يا جذباتي حدبندين جي ڪنهن به اشاري کان گهڻو
لنوائيندي هئس. پر مونکي شِدت سان شعور هو ته،
جنهن ڳالهه کي ڪنهن ڪُٽنب جو ذاتي مامرو ٿيڻ کپي
ها، سو فوجي مرڪز کان ايڊيٽوريل بورڊن تائين شديد
سياسي بحثن وارو موضوع بڻجي ويو هو. اُها ڳالهه
ڄاڻندي، مون پنهنجي ڳِرڀ واري مامري کي ڳڄهو
رُکيو. آئون سڀاڳي هئس، جو ڊاڪٽر فريڊي سيٽنا
وسيلي سُٺي طبي چڪاس ۽ علاج مليو، جنهن اسپتال ۾
منهنجي اچڻ وارن موقعن کي ڳُجهو رکيو.
منهنجا ٽي ٻار – بلاول، بختاور ۽ آصفه آهن. هنن
مون کي ڏاڍي خوشي ڏني آهي ۽ مون کي مٿن ڏاڍو فخر
به آهي. جڏهن 1988ع ۾ مونکي پهريون ٻار بلاول ڄائو
هو، تڏهن فوجي آمر پارليامينٽ کي ٽوڙيو ۽ عام
چونڊن جو اعلان ڪيو هو. هُن ۽ سندس فوجي جنتا کي
ڀروسو هو ته ڪا ڳرڀوتي عورت چونڊ مُهم نٿي هلائي
سگهي. اُهي غلط هئا. مون پهرئين ٻار کي جنم ڏنو ۽
چونڊ مُهم به هلائي. مون 21 سيپٽمبر 1988ع تي
بلاول جي جنم کان هڪدم پوءِ چونڊون کٽيون. بلاول
جو جنم منهنجي جيون جي خوشين سان ڀرپور ڏيهاڙن مان
هڪ هو. اُن سال اُهي چونڊون کٽي، مون اُها اڳڪٿي
غلط ثابت ڪئي ته، ڪا مسلمان عورت ماڻهن جي دلين کي
جيتي ۽ عوام جي ذهن کي کٽي نٿي سگهي.
منهنجي وزيراعظم ٿيڻ کان ٿورڙو پوءِ، امڙ مونکي
چيو، ”تڪڙ ڪر ۽ هڪ ٻيو ٻار به ڄڻ.“ هُن جو ايمان
هو ته، ماءُ کي ڪُٽنب جي پالنا جي ذميدارين کي
سمجهندي ۽ ٻين ذميدارين جي پُورڻتا کان اڳ ٻار ڄڻڻ
۾ تڪڙ ڪرڻ کپي. مون هُن جي مشوري تي عمل ڪيو.
جيئن ته منهنجو ٻيو ڳِرڀ به اڃا ڳُجهو هو، تنهنڪري
فوجي جنرلن مونکي پاڪستان ۾ اُتاهينءَ چوٽيءَ
سياچن گليشر تي وٺي وڃڻ ۽ فوجي ڄاڻ ڏيڻ جو فيصلو
ڪيو. پاڪستان ۽ هندستان سياچن تي 1987ع ۾ اٽڪل
وڙهي چُڪا هئا (۽ وري ٻيهر 1999ع ۾ به پاڻُ ۾ ڄڻ
جنگ وڙهيا هئا) مونکي ڳڻتي هئي ته اُنهن اوچن
جابلو ٽڪرين تي آڪسيجن جي کوٽ سان منهنجي ڳرڀ ۾
پيل ٻار تي اُبتو اثر ٿي سگهي ٿو. منهنجي ڊاڪٽر
مون کي پڪ ڏني ته، آئون اُتي وڃي سگهان ٿي. هُن
ٻُڌايو ته آڪسيجن جي کوٽ پهرين ماءُ کي متاثر ڪري
ٿي، جنهن کي آڪسيجن ماسڪ ڏيئي سگهجي ٿو ۽ ٻار
محفوظ رهندو. آئون انهن خاطرين هوندي به ٿورڙي
ڳڻتيءَ سان اوڏانهن ويس.
پنهنجي وزيراعظم کي پاڻ سان گڏ سياچن گليشيئر تي
ڏسي، اسان جي فوجين ۾ وڏي همت پيدا ٿي هئي. ۽ اُهو
ڏاڍو ٺاهوڪو ماڳ هو. چؤڌاري برف جي اڇن جبلن جي
اَڇاڻ هئي، جيڪا سانت سان آڪاش جي نيراڻ ۾ ڳري
وهندي پئي وئي. اُنهن برفاني چوٽين تي ڌرتيءَ جي
گوڙ جي غير موجودگيءَ سبب آڪاش جي ماٺار نئين
معنيٰ ڏني. ڪجهه پرڀرو مون هندستاني فوجي چوڪيون
به ڏٺيون. انهن ثابت ڪيو هو ته امن جي موجودگيءَ
وارو عمل، دوکو ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو.
جڏهن سياسي مخالفن کي منهنجي ڳرڀوتي هجڻ جو پتو
پيو ته، اُهي پنهنجيون سموريون لُچائيون ڪَتب آڻڻ
لڳا. هنن صدر ۽ فوجَ کان مونکي حڪومت تان لاهڻ جو
مطالبو ڪيو، هنن دليل ڏنو ته، پاڪستان جا سرڪاري
قائدا قانون ڳرڀوتي وزيراعظم کي ماتاپڻيءَ واري
موڪل تي وڃڻ جي اجازت نٿا ڏين. هنن چيو ته ٻار ڄڻڻ
مهل آئون سرڪاري ڪمن يا سرگرمين کان لاچار ٿي
سگهان ٿي، تنهنڪري سرڪاري مشينري اوڏيءَ مهل ٽُٽي
ڇڙوڇڙ ٿي ويندي. هنن جي ويچار ۾ اهو عمل غير
قانوني هو، تنهنڪري صدر تي دٻاءُ وڌائون ته، هو
فوج جي پُٺڀرائيءَ سان وزيراعظم کي عهدي تان لاهي
۽ نين چونڊن لاءِ عارضي سرڪار جوڙي.
مون مخالف ڌُر جي مطالبن کي اهو ڄاڻائيندي رد ڪيو،
ته ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ ماتاپڻي وارا قائدا ضابطا،
قانون ۾ موجود آهن. (بابا ماتاپڻيءَ واري موڪل کي
قانوني بڻايو هو) مون دليل ڏنو ته، اُهو ضابطو
مڪمل طور وزيراعظم تي به لاڳو ٿئي ٿو، ڀوءِ ڀلي
اهو سرڪاري ڪاروهنوار تي عمل لاءِ ضابطن ۾ نه به
ڄاڻايل هجي. منهنجي سرڪار جا رُڪن اُهو چوندي مون
سان گڏ ٿي بيٺا، ته جڏهن مرد ڪو اڳواڻ ڪنهن سرڪاري
سرگرميءَ کان عارضي لاچار هُجي، ته اُن عمل مان
آئيني گهوٽالي جو مطلب نه ورتو وڃي. ۽ نه ئي اهو
عورت اڳواڻ جي لاچاريءَ تي لاڳو ٿيڻ کپي.
مخالفن مشڪل سان راضي ۽ ماٺ ٿيندي، سرڪار ڊاهڻ
لاءِ صدر تي دٻاءُ وجهڻ خاطر هڙتالن جي رٿا جوڙي.
مونکي به پنهنجا منصوبا جوڙڻا پيا. بابا مونکي
سيکاريو هو ته، سياست ۾ وقتائتي چال ۽ منصوبا گهڻو
اهم ٿين ٿا. مون پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو، جنهن
مونکي خاطري ڏني ته منهنجو ٻار پوري وقت تي ڄمندو.
تنهنڪري هُن جي اجازت سان مون هڙتال واري ڏينهن
آپريشن وسيلي ٻار ڄڻڻ جو فيصلو ڪيو.
مون ڪنهن به اهڙن روايتي ويچارن جي پُٺڀرائي نه
پئي گهُري، ته ڳرڀوتيءَ وارو عمل، ڪنهن ڪارڪردگيءَ
۾ رنڊڪ وجهي ٿو. تنهنڪري ان حالت ۾ به مون بلڪل
ايڏو سخت ڪم ڪيو، ۽ شايد ايترو گهڻو جيترو شايد ڪو
مرد وزيراعظم ڪري سگهي ها. ڳرڀ جا ڏينهن پُورا ٿيڻ
مهل، مون راڄڌانيءَ ۾ ڪابينا گڏجاڻيءَ جي صدارت
ڪئي ۽ پوءِ ڪراچي رواني ٿيس. آئون صبح ساجهر
اُٿيس، ۽ پنهنجي ساهيڙيءَ سان ڪار ۾ گڏ اسپتال
رواني ٿيس.
اُها ننڍڙي ڪار هئي، جيڪا سرڪاري ذميدارين لاءِ
واپرائجندڙ ڪاريءَ مرسيڊيز کان ٿوري مختلف هئي.
حفاظت لاءِ مقرر پوليس وارن ورلي ڪا اُن ڪار ڏانهن
ٻي جهاتي پاتي هئي. انهن گهر مان ويندڙ گاڏين
بجاءِ ايندڙ گاڏين تي ڌيان پئي ڏنو.
اسان جيئن اسپتال پهتاسين ته منهنجي دل تيزيءَ سان
ڌڙڪڻ لڳي، جتي ڊاڪٽر سيٽنا اسان جي اوسيئڙي ۾ هو.
آئون جيئن ڪار مان لٿيس، ته مون اسپتال عملي جي
مُکڙن تي اچرج جا پارَ ڏٺا. مونکي پتو هو ته،
موبائيل فونن ۽ پيجر وسيلي (ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر
وارن ملڪن ۾ پاڪستان پهريون مُلڪ هو، جتي اسان جي
سرڪار موبائيل فون پهرين آندا هئا) اسان جي چُرپر
واريءَ خبر تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳندي. آئون تڪڙو
آپريشن ٿيئٽر ڏانهن وڃڻ لڳيس. مونکي پتو هو ته،
امان ۽ منهنجو مُڙس به اسپتال ۾ پهچڻ وارا هوندا.
جيئن اسان اڳ ۾ پاڻ ۾ رٿيو هو، منهنجي اسپتال جي
ريڙهيءَ کي جيئن ٿيئٽر مان نجي ڪمري ڏانهن آندو
پئي ويو ته، مونکي نشيدار دوا جي گهيرٽ مان ٿورڙي
سُجاڳي ٿي، ته مون پنهنجي مڙس کي اهو چوندي ٻُڌو،
”ڇوڪري ڄائي آهي.“ مون امڙ جو مُکڙو خوشيءَ وچان
ٻهڪندي ڏٺو. مون پنهنجي ڌيءَ کي ’بختاور‘ سڏيو،
جنهن جي معنيٰ آهي: جيڪا سُٺو ڀاڳ آڻي. ۽ هُن اِهو
ڀاڳ آندو به. هڙتال ڦُسي پئي، ۽ مخالف هلچل ناڪام
ٿي.
مونکي سڄيءَ دنيا مان واڌائين جا هزارين نياپا
آيا. حڪومتي اڳواڻن ۽ عام ماڻهن خوشيءَ ۾ شامل
ٿيندي، مونکي واڌائين جا خط لکيا. ڪنهن عورت طرفان
گهڻي للڪاريندڙ اڳواڻپ واريءَ ۽ اُتاهين حيثيت تي
ڪم ۽ ٻار به ڄڻي سگهڻ واريءَ ڳالهه جي ثابتيءَ
وارو عمل خاص طور نؤجوان عورتن لاءِ فيصلائتي
گهَڙي هئي. ٻئي ڏينهن آئون سرڪاري دستاويز پڙهندي
۽ سرڪاري فائيلن تي صحيحون ڪندي، پنهنجي ڪم تي
موٽي آيس. مونکي پوءِ اهو پتو پيو ته آئون تاريخ ۾
ڪنهن حڪومت جي پهرين اڳواڻ عورت هئس، جنهن پنهنجي
عهدي تي هوندي ڪنهن ٻار کي جنم ڏنو هو. مستقبل ۾
وزيراعظم بنجندڙ عورتن کي اڃا پنهنجي ڪارڪردگين
پٽاندر انتهائي چوٽين تي پهچڻو پوندو.
بختاور جنوري 1990ع ۾ ڄائي هئي. ستن مهينن کانپوءِ
6 آگسٽ تي، صدر غير جمهوري طريقي سان منهنجي سرڪار
کي تڏهن ڊاهي ڇڏيو، جنهن مهل دنيا جو ڌيان عراق
طرفان ڪويت جي والار ڏانهن ٿي ويو هو. منهنجي مُڙس
کي گرفتار ڪيو ويو ۽ منهنجي ماءُ کي صلاح ڏني ويئي
هئي، ته آئون پنهنجا ٻارڙا پرڏيهه موڪليان. بلاول
کان ڌار ٿيڻ واريءَ گهڙي دِل کي جهِٻي آئي هئي،
جيڪو تڏهن سيپٽمبر 1990ع ۾ ٻن ورهين جو ٿي چُڪو
هو، پر بختاور اڃا هڪ ورهيه جي مَس هئي. لنڊن ۾
رهندڙ منهنجي ڀيڻ اُنهن ٻارڙن کي پنهنجي گهر ۾
رهائڻ لڳي. منهنجن ساهرن تي لنڊن ڏانهن منتقل ٿيڻ
جو دٻاءُ وڌو ويو. هيڏانهن اُن گهر ۾ آئون ڀوائتن
سَپنن ۽ هيڪلائين ۾ رهڻ لڳيس، جتي آئون پنهنجي
لاءِ پنهنجي ٻارڙن جون ڪُوڪون ۽ رڙيون ٻُڌندي هئس.
منهنجي ڀيڻ اسان جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ٽيليفون تي
ٿيل ڳالهه ٻولهه مهل مونکي ڪا ڳڻتي نه ڪرڻ لاءِ
چوندي هئي. پر اُها ويڳاڻپ الوپ نه ٿي.
منهنجي سرڪار ڊاهڻ سان، بندرگاهي شهر ڪراچي
ڇُڙواڳي ۽ انارڪيءَ جي وَر چڙهي ويو. دهشتگرديءَ
جو رواج بڻجي ويو. بيگناهه ماڻهن کي گاڏيون
هلائيندي يا سندن گهرن ٻاهران يا آفيسن ۾ عام قتل
ڪيو پئي ويو. مونکي پتو هو ته منهنجي ٻارن لاءِ
لنڊن ۾ هئڻ ٺيڪ هو، پر مونکي راتين پُٺيان راتيون
ورلي ڪو ننڊ پئي آئي، ۽ رُڳو ڀوائتا ۽ ڊيڄاريندڙ
سَپنا پئي آيا.
امڙ ۽ آئون هاڻي گهڻو وقت راڄڌانيءَ شهر اسلام
آباد ۾ رهڻ لڳاسين. 1990ع جي چونڊن ۾ کٽيل منهنجي
مُڙس کي پارليامينٽري ويهڪن مهل به اسان جي گهر ۾
نظربند رکيو ويو هو. مون امڙ ۽ مُڙس کي ڀروسي ۾
ورتو ته، ٻارڙن جو مونکان پري رهڻ سبب مونکي ڪيڏي
نه پيڙا ڀوڳڻي پئي پوي. مون ڀانئيو ته آئون کين
تياڳي رهي آهيان، ۽ ڳڻتيءَ ۾ هئس ته اهو عمل سندن
جذباتي صحت توڙي واڌ کي هاڃو رسائي سگهي ٿو.
بلاول 1991ع ۾ لنڊن جي ڪوئينز گيٽ علائقي ۾ ٻارڙن
جي ابتدائي اسڪول ۾ وڃڻ لڳو هو. بختاور اڃا هڪ
ورهيه جي مس هئي: مون پاڻ کي آٿت ڏنو ته آئون کيس
پاڪستان ۾ پنهنجي گهر ۾ ٺيڪ طريقي سان لڪائي رکي
سگهان ٿي. آئون لنڊن پهتيس ۽ پنهنجي ڀيڻ جي فليٽ
تائين پهچڻ ۾ ڪا دير نه ڪيم. جيئن دروازو کُڙڪايم
ته، مون پنهنجي ڌيءُ جي رڙڻ جو اُهو ساڳيو آواز
ٻُڌو، جيڪو مون پنهنجي سَپنن ۾ ٻُڌو هو. مون هڪدم
هُن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو ۽ پنهنجي پُٽ کي پاڻُ
ڏانهن ڇِڪي ڇاتيءَ سان لاتم. مون ڀيڻ کي ٻُڌايو،
”مون بختاور کي پاڻُ سان گڏ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو
آهي.“ هُن سُک جو ساهه کنيو، ۽ چيائين. ”آئون توکي
ڳڻتيءَ ۾ وجهڻ نٿي چاهيان، ته هن مهينن کان روئڻ
بند نه ڪيو آهي.“
لفظن ڳالهائڻ کانسواءِ، اهو سمجهه ۾ پئي آيو ته،
ٻنهي ٻارڙن کي پتو هو ته، ڇا ٿيڻ وارو آهي. آئون
پنهنجي حياتيءَ ۾ اُهو لقاءُ هرگز وساري نه
سگهنديس، جنهن مهل بلاول ڀِت ڏي پٺيءَ ڏيئي اڱڻ جي
فرش تي، پنهنجي اڇيءَ قميص، نيريءَ پٽيدار سُٿڻ،
اڇن جورابن ۽ ڪارن جوتن ۾ ويٺو هو. مون جيئن
بختاور کي پاڻ سان گڏ کنيو ۽ بلاول کي پوئتي ڇڏيو
ته، هُو ماٺ ڪيو مون ڏانهن چِتائي نهارڻ لڳو هو.
ڪنهن به ماءُ کي پنهجي ٻن ورهين جي پُٽ کي ڪڏهن به
پوئتي نه ڇڏڻ کپي. ڪڏهن به ڪنهن ٻار کي اهو سمجهڻ
جي اجازت نه ڏيڻ کپي، ته هُن جي ماءُ هڪڙو ٻار ته
پاڻُ سان گڏ کڻي وئي آهي، پر ٻئي کي وري پوئتي ڇڏي
وئي آهي.
بختاور کي پنهنجي ٻانهن ۾ سوگهو جهلي، آئون هيٿرو
ايئرپورٽ ڏانهن رواني ٿيس. هوءَ سانت سان منهنجي
هنج ۾ ويٺل هئي. آئون پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائينز ۾ چڙهيس ۽ وڃي پنهنجيءُ سِيٽ تي ويٺيس.
نَون ڪلاڪن جي اُڏام ۾، بختاور هڪ ڀيرو به رڙ نه
ڪئي. هُن پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪُلهن تي لاڙيو ۽
سُمهي رهي. پاڪستان جي شاندار ۽ ڀلوڙ ڳائڻي مادام
نورجهان به اُن اُڏام ۾ چڙهيل هئي. هُن منهنجي
اڳيان ويٺي، اُن وڻندڙ ڇوڪريءَ کي شاباس ڏني، جنهن
پنهنجي ماءُ کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه پئي
ڏني. هُن چيو ، ”مون پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ڪنهن
اُڏام دوران ڪنهن به ٻارڙيءَ کي ايڏيءَ سانت سان
ويٺل نه ڏٺو آهي.“
منهنجي سُهري ۽ سَسُ لنڊن ۾ ترسڻ جو فيصلو ڪيو، ته
جيئن اُهي منهنجي ڀيڻ سان بلاول جي سنڀال ۾ هٿُ
ونڊائي سگهن. مونکي آٿت هئي ته، بلاول سان گڏ سندس
ڪُٽنب هو، جيڪو پنهنجو ڌيان هائيڊ پارڪ ۾ پَنڌ
ڪندي، بدڪن ۽ نوريئڙن کي چوڳو کارائڻ سان مٽائي
چُڪو هو.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي 1990ع ۾ حڪومت ڊهڻ،
اليڪشن مهم، پنهنجن ٻارڙن کان جدائي، پارٽيءَ ۽
ڪُٽنب خلاف سازشن سبب منهنجو گهڻو وزن گهٽجي ويو.
1992ع جي بُهار رُت ۾ مون ڀانئيو ته مونکي ٻيو ٻار
ٿيڻو آهي. اسان چئن مان هڪڙو وڌيڪ هئڻ واريءَ
ڳالهه ڄاڻندي مونکي ڏاڍي سُرهائي ٿي ته، اسان جو
ڪُٽنب وڌندو ويجهندو. پر اُهو غير يقينيءَ وارو
وقت هو. ڪراچيءَ ۾ فوجي آپريشن جو حُڪم ڏنو ويو
هو. نسلي جماعت مهاجر قومي موومينٽ رت جي هولي
کيڏندي، ماڻهن کي رَت ۾ وهنجارڻ لڳي هئي. نواز
سرڪار اُن عمل کي مُلڪ ٽوڙڻ ۽ جناح پُور جي نالي
سان الڳ رياست جوڙڻ جي سازش ڪوٺيو. فوجَ جيئن
آپريشن شروع ڪيو ته، رٿيل جناح پُور رياست جا نقشا
ملڻ لڳا. پر گهرو ويڙهه ۽ رتوڇاڻ کان بيزار اڪثر
شهرين سُک جو ساهه کنيو ته، هاڻي ايم ڪيو ايم جي
رياست منجهه رياست واري عمل کي روڪيو پيو وڃي.
فوجي ٽئنڪون جيئن چُرپر ۾ آيون ۽ ايم ڪيو ايم
طرفان ماڻهن کي سوگهو ۽ قابو رکڻ لاءِ گهٽين جي
مُنهن وٽ جوڙيل مضبوط دروازن کي ٽوڙڻ لڳيون ته،
پاڪستان گهري گهوٽالي ۾ هليو ويو. وزيراعظم سعودي
حُڪمرانيءَ واري سرشتي ۾ موهت هو. هُن پاڪستان کي
مذهبي رياست ۾ بدلائڻ ۽ ملڪ ۾ مُلاپڻي جي مضبوطيءَ
واري مقصد خاطر پارليامينٽ وسيلي هڪ بِل آڻڻ چاهيو
ٿي. منهنجيءَ جماعت سينيٽ ۾ اُن بل تي تنقيد ڪئي.
پر وقت پنهنجي گهوٽالي واري گهڙيءَ تي پهچي چڪو
هو. وزيراعظم کي جيڪر 1994ع وقت سينيٽ ۾ اڪثريت
هجي ها، ته هو پاڪستان کي مسلمان مذهبي رياست
بڻائي ڇڏي ها.
پاڪستان کي مذهبي رياست ۾ بدلائڻ واريءَ ڪوشش جي
اڪثر پاڪستانين مخالفت ڪئي . اُهي پاڪستان جي باني
محمد علي جناح طرفان سيڪيولر رياست بابت ڄاڻايل
تصورَ جا قائل هئا. بهرحال، فوجي جنتا ۾ اُڻ مضبوط
فوجي عنصرَ وزيراعظم جي پُٺڀرائي ڪئي، جنهن سندن
پُٺڀرائيءَ سان پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان ۾ ٻه
ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻي ورتي هئي.
مالياتي بدعنوانين عام شهرين جي زندگين تي موتمار
اثر ڇڏيو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت
طرفان بجليءَ جي بنديءَ وارو ختم ڪيل عمل وري
نروار ٿيو. رشوت ۽ بدعنوانين جا مامرا اخبارن ۾
وڏين سُرخين ۾ ڇپجڻ لڳا. سرحدن کان ٻاهر هندستان
۾، ممبئي ۾ ٿيل بم ڌماڪن ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن ۾
ڏڦيڙ وڌو. نئين دهليءَ سرڪار انهن بم ڌماڪن جي
تُهمت اسلام آباد تي مَڙهي. 1993ع ۾ نيويارڪ ۾
ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي پهريون حملو ٿيو. پاڪستان
دهشتگرد رياست ڪوٺجڻ جي ڪنڌيءَ تي پهچي چُڪو هو.
مُخالف جماعتن پاڻُ ۾ گڏجي هڪڙو مُک اتحاد جوڙيو،
جنهن کي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس (پاڪستان جمهوري
اتحاد) جو نالو ڏنو ويو، ۽ 18 نومبر 1992ع تي
راولپنڊيءَ ۾ احتجاجي گڏجاڻيءَ ڪوٺائي ويئي.
آئون تنهن وقت سنهڙي هيس، تنهنڪري ڪنهن کي به اهڙو
شڪ نه ٿيو ته، مونکي ڪو ٻار ڄمڻو آهي. وزن گهٽجڻ
يا شايد ٻار سبب، مون پاڻُ کي صحتمند ۽ متحرڪ
ڀانئيو. اسان جي احتجاج واري سڏ سان مون ۾ وڌيڪ
ڦُڙتي آئي. سڄي ملڪ مان عوام ڀرپور موٽ ڏني.
پاڪستان جي چئني صوبن مان پنهنجي عوامي طاقت جي
نماءَ خاطر قافلا راولپنڊيءَ ۾ گڏجڻ لاءِ روانا
ٿيڻ لڳا. اُن عمل جو مقصد جمهوريت جي بحالي، مذهبي
رياست جي روڪٿام ۽ عوام جي عام ڪاروهنوار ۽
زندگيءَ جي گهُرجن کي منهن ڏيڻ هو.
احتجاجي گڏجاڻيءَ واري ڏينهن اسان ٻُڌو ته حڪومت
اسان جي گڏجاڻيءَ جي روڪ لاءِ ظالماڻي طاقت
واپرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ”اُن جو مطلب آهي ته
حڪومت شايد ڳوڙها گئس واپرائيندي.“ مون پنهنجي
سياسي سيڪريٽري ناهيد خان کي چيو. آئون پنهنجي ڳرڀ
۾ پيل ٻار لاءِ ڳڻتيءَ ۾ هئس. ناهيد خان اسان لاءِ
اکين ۾ وجهڻ وارا ڦُڙا وٺڻ واسطي رواني ٿي. ڪجهه
ماڻهن فوجَ جيان مُنهن تي پائڻ لاءِ واپرائجندڙ
کوپا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر اُهي ٻئي صبح جو اُن
واعدي تي پُورا نه لٿا. تنهنڪري اسان پاڻُ سان گڏ
پُسيل ٽُوال کنيا. عوامي ميڙ منهنجي گهر ٻاهران
سڄي رات بيٺل رهيو. ٻئي ڏينهن صبح جو اسان اُٿڻ
مهل گهر ٻاهران لوهي تارُون لڳل ڏٺيون. آئون جيئن
جماعت جي اڳواڻن سان گڏ اڳئين دروازي ما ٻاهر
نڪتيس ته، اسان تي لَٺيون وسايون ويون. مونکي
بچائيندڙ ۽ لوهي تارن تي چڙهي اُڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ
پارٽيءَ جي اڳواڻن کي به لٺيون هنيون ويون.
اسان مان ننڍڙو ميڙ لوهي تارون اُڪرڻ ۽ هڪڙي
گاڏيءَ جهلڻ ۾ سوڀارو ٿيو، تنهنڪري اسان
راولپنڊيءَ کان اسلام آباد ڏانهن روانا ٿياسين.
مختلف جڳهين تي اسان کي ڳوليندڙ پوليس گاڏين سان
مُکاميلو ٿيو، ۽ اسان گاڏيون آهستي هلائي پنهنجا
مٿا هيٺ ڪري ٿي ڇڏيا. ته جيئن سُڃاڻپ ۾ نه اچي
سگهون. اسان کي هڪڙي گاڏي ڇڏڻي پئي، جيڪا لوهي
تارُن ۾ ڦاسي پيئي هئي. اُتي بند ٿيل رستن تي به
ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان منجهانئن هڪڙيءَ
گاڏيءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڪاهيو، جيڪا ڪنهن همدرد جي
گاڏي هئي. هُن اسان کي جيپ ڏني. نيٺ آئون، پاڪستان
مسلم ليگ (قاسم گروپ) جو اڳواڻ ملڪ قاسم، ايئر
مارشل اصغر خان، هاڻوڪو پرڏيهي وزير خورشيد قصوري،
منهنجي سياسي سيڪريٽري ناهيد خان، سندس مُڙس
سينيٽر صفدر عباسي ۽ منهنجو سيڪيورٽي آفيسر مُنور
سهروردي (جنهن کي 2004ع ۾ قتل ڪيو ويو) هڪڙي جيپ ۾
چڙهياسين.
لوهي تارن جي روڪَ رُڳو اسلام آباد جي چؤڌاري هئي.
هڪ ڀيري جڏهن اسان راولپنڊي ۽ سندس سوڙهين گهٽين ۾
داخل ٿياسين ته، ماڻهو خوشيءَ وچان هوڪرا ڪرڻ ۽
نعرا هڻڻ لڳا. اُهي نعرا هڻندي اسان جي گاڏين
چؤڌاري گڏجڻ لڳا. اسان لياقت باغ پارڪ راولپنڊي
ڏانهن روانا ٿياسين، جتي اسان جي گڏجاڻي رٿيل هئي.
پوءِ پوليس مونکي ٻُڌايو ته جڏهن راولپنڊيءَ ۾
منهنجي موجودگيءَ جي رپورٽ انهن ڏانهن موڪلي وئي،
ته اُهي ڏاڍو کِليا هئا، پر ڪجهه منٽن ۾ کين ڪيئي
فونَ آيا. ته هنن، پاڻُ اُن کي مُنهن ڏيڻ جو فيصلو
ڪيو آهي. هنن کي رپورٽ صحيح لڳي. هاڻي راولپنڊيءَ
جي گهٽين ۾ چريائپ واريءَ ڇِتي ڳولا شروع ٿي ويئي.
اسان جي اڪيلي جيپ تي چؤڏس ڳوڙها گئس جا گولا
وسايا ويا. پري کان پوليس سائرن جا آواز ٻُڌڻ ۾
پئي آيا. هاڻي لِڪ ڇِپ واري راند شروع ٿي چُڪي
هئي. ڪارن جي ڀڄ ڀڄان جيمس بانڊ فلمن يا شايد بالي
ووڊ فلمن جيان ٿيڻ لڳي هئي.
عوامي ميڙ پوليس گاڏين ۽ اسان جي جيپ وچ ۾ ايندو
رهيو. پوليس ڳوڙها گئس جا گولا اُڇلائڻ لڳي، ۽
پنهنجي ننجا جهڙي پوشاڪ پائي ٻاهر اچڻ لڳي ۽ عوام
کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن لٺيون وسائڻ لڳي. جيئن
ڳوڙها گئس جو گولو ڦاٽو ٿي، ۽ منجهانئس دونهون
نڪتو ٿي ته، اسان پنهنجو طرف مٽايو ٿي يا وري فُٽ
پاٿ تي چڙهي ٿي وياسين ۽ وري ٻيءَ گهٽيءَ ۾ روانا
ٿي ٿياسين. عوامي ميڙ اسان کي شاباس ڏيڻ لڳو، ۽
سندن نعرا هوا ۾ ٻُريا پئي. وڌ ۾ وڌ پوليس تعداد
کي گهُرايو ويو ۽ پوليس ڪارن ۽ جيپن سان گهٽيون
بند ڪيون ويون. هاڻي پوليس سڌو سنئون ڪار جي مُک
شيشن ۽ اسان تي ڳوڙها گئس جا گولا هڻڻ لڳي. گاڏيءَ
جا مُک شيشا ٽُٽي پيا. نيٺ اسان جو ڊرائيور ساڻُو
ٿي پيو هُن گاڏيءَ کي بيهاريو ۽ ڪار مان ٽِپ ڏيئي
نڪتو ۽ دونهي ۾ الوپ ٿي ويو. پوليس اسان کي گهيري
۾ آڻي، سڀنيءَ کي گرفتار ڪيو. پوءِ اسان کي ڇڏيو
ويو، پر اُن ڏينهن جي واقعن حڪومت کي ڪمزور ڪري
ڇڏيو.
اُن ڳوڙها گئس واقعي کان پوءِ، جيتوڻيڪ اهي ٻيئي
واقعا پاڻ ۾ ڌار هجن، پر مونکي پتي جي تڪليف ٿي
پيئي. آئون هوميوپيٿڪ دوائون کائڻ لڳيس، پر سُور
ختم نه ٿيو. اهو اڪثر ڏاڍو ايذائيندڙ هوندو هو.
جيڪڏهن آئون اُها ڪڍائڻ لاءِ آپريسن ڪرايان ها، ته
مونکي پنهنجي ٻار ضايع ٿيڻ جو جوکو هو. مون اُهو
جوکو کڻڻ نٿي چاهيو. سُور جيئن ويتر وڌندو ويو، ته
آئون لنڊن هلي ويس. ڊاڪٽرن مونکي مشورو ڏنو ته
مونکي تُرت ننڍڙي سُوراخ واري آپريشن وسيلي پِتو
ڪڍرائڻ گهُرجي. 3 فيبروري 1993ع تي پورٽليند
اسپتال ۾ منهنجي ننڍڙي ڌيءُ آصفه ڄائي. مون پنهنجي
پياريءَ ڌيءُ کي ڀاڪر پاتو.
مونکي جيتوڻيڪ اُن وقت اها سُڌ نه هئي، ته آصفه جي
جنم سان منهنجو ڪُٽنب مڪمل ٿي چُڪو آهي. تُرت 24
آڪٽوبر 1993ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ چونڊن ۾
ٻيهر کٽي آئي. پاڪستاني سياست جي ورجائجندڙ چڪر ۾،
ٻيءَ حڪومت کي غير جمهوريءَ طور 1996ع ۾ ڊاهيو ويو
۽ منهنجي مُڙس آصف کي گرفتار ڪيو ويو. پر افسوس ته
جڏهن آصف کي 2004ع ۾ آزاد ڪيو ويو، تڏهن منهنجي
عمر وڌيڪ ٻار ڄڻڻ کان وڌي چُڪي هئي.
جڏهن اسان آصفه جو جنم ڏينهن ملهايو، ته مونکي
ٿورڙي ڄاڻُ هئي، ته منهنجي ماءُ پنهنجي اُن ذهني
سُستيءَ ۽ ناقابل تصور زوال واريءَ بيماريءَ ڏانهن
قدم رکي چُڪي هئي، جيڪا طبي طور الزهيمر جهڙي
بيماري آهي. هُن جي ذهني زوال ۽ موڳائپ واري
بيماريءَ سان ويڙهه جو گَسُ حقيقت ۾ اُن ظالماڻي
مارڪُٽ ۽ پهتل گهاوَن ڏانهن وڃي ٿو، جيڪي 16 ڊسمبر
1977ع تي جنرل ضياءَ جي ٺڳن لاهور ۾ کيس رسايا
هئا، جڏهن اسان ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ ويا هئاسين. هنن
اسان تي لٺيون وسايون هيون ۽ منهنجي ماءُ کي
وحشياڻي طريقي سان مارڪُٽ ڪئي وئي هئي، جنهنڪري
هُن کي مٿي ۾ گهرو ڌَڪُ لڳو هو. اُن واقعي کان
پوءِ، هُوءَ ڪڏهن به ساڳي نه رهي. پر سندس ذهني
هاڃو ۽ اَگهائي لڳاتار وڌندي رهي.
مون پنهنجي سُندر، خوش پوشاڪ ۽ موهيندڙ ماءُ کي
ڏٺو آهي، جيڪا آهستي آهستي ڪمزور ۽ هِيڻي ٿي ويئي
هئي. فوجي آمريت سان وڙهندڙ ۽ عورتن جي حقن جو
بنياد بنجندڙ اُها مضبوط عورت هاڻي مشڪل سان ڪنهن
کي سُڃاڻي ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهائي ٿي. هوءَ مونکي اهو
به نٿي ٻُڌائي سگهي ته، هوءَ بُکايل آهي يا وري
کيس ڏندن ۾ ڪا تڪليف به آهي. اهو منهنجي لاءِ
هنيانءُ ڏاريندڙ عمل آهي، ته ڪيئن نه منهنجي اَورچ
امڙ لاچار بڻجي وئي آهي. پر آئون سڀاڳي آهيان،
جوهن جي جِند اڃا به مون سان جڙيل آهي. هُن جي رڳو
موجودگي به مونکي سگهه بخشي ٿي. هُن جو مون سان
جيئرو جاڳندو ناتو آهي، جيڪو ڄمندڙ ڪُٽنب، اسان جي
مُقدمن ۽ پريم جي ناتن سان جُڙيل آهي، اهو اهڙو
ناتو آهي، جنهن کي اسان پاڻُ ۾ گڏجي گهرائپ سان
اُڻيو هو، جنهن پٽاندر اسان گڏجي دليريءَ سان
ڏکيائين ۽ خوشين کي مُنهن ڏنو هو.
آصف جي ڊگهي وقت تائين نظربنديءَ اسان جي ڪُٽنب
لاءِ ڏُکاري هئي.منهنجن ٻارن لاءِ ننڍپڻ ۾ پنهنجي
شخصيت کي ٺاهڻ ۾ سندس والدين جي موجودگيءَ کان
انڪار سَهپ کان ٻاهر هو. پهتل نقصان کي موٽائي نٿو
سگهجي، پر مونکي يقين آهي ته، اهو هڪڙو ٻيو انوکو
مثال آهي، جيڪو اڃا به سماج ۾ ڦهليل ۽ ڇانيل آهي.
ڇا ڪنهن زال کي ، سندس مُڙس جي سياسي سرگرميءَ
خاطر، ڪنهن شاهديءَ يا سزا کانسواءِ اٺن ورهين
تائين جيل ۾ رکيو وڃي ٿو؟ بيشڪ، نه پر اهو سڀڪجهه
ٿيو آهي، جيڪو اسان کي ڀوڳڻو پيو. جيل مان آزاد
ٿيڻ کان هڪدم پوءِ، آصف کي ’اٽڪل موتمار‘ دل جو
دؤرو پيو، ۽ هُو ڄڻ موت جي منهن ۾ هو.
آئون پرڏيهه مان پنهنجي ڏيهه جي حالتن تي نهاريندي
سمجهان ٿي ته، پاڪستان اڳ کان هاڻي وڌيڪ داءُ تي
لڳل آهي. مونکي پڪ آهي ته، جيڪڏهن اولهندي
سرمايدار دُنيا پاڪستان ۾ آزاديءَ کي دٻائيندڙ
فوجي حڪمرانن جي پُٺڀرائي ڪندي رهي، ته طالبان ۽
القائدا کان پوءِ دهشتگردن جو هڪڙو پُورو جائنشين
نسلَ اُڀري نروار ٿيندو، جيڪي اسلام جو نالو
واپرائي، سرمايدار دُنيا سان رتوڇاڻ وارو جهيڙو
جوٽيندا رهندا. اهو رڳو پاڪستانين جو ڪم يا مقصد
نه آهي ته، اُهي پاڪستان ۾ آزاديءَ ۽ جمهوريت جي
بحاليءَ لاءِ پرواهه ڪن، پر اهو مقصد سڄي دنيا ۾
رهندڙ ماڻهن جو هئڻ گهُرجي، جيڪي ’تهذيبن جي
ٽڪراءُ‘ کان بچڻ چاهين ٿا.
مونکي لنڊن ۾ اهو لکڻ مهل ضرور مڃڻ کپي، ته منهنجي
زندگي وڻندڙ هئڻ سميت ڏاڍي ڏُکي به آهي. آئون هڪ
سُوٽ ڪيس کان ٻيو سُوٽ ڪيس کڻي، سڄي دنيا جو سفر
ڪندي، يونيورسٽين، واپاري جماعتن، عورتن جي تنظيمن
۽ پرڏيهي پاليسي ٺاهيندڙ دانشورن اڳيان اسلام،
جمهوريت ۽ عورتن جي حقن لاءِ ليڪچر ڏيندي رهان ٿي.
آئون لڳاتار انگلينڊ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن
سان به ڪچهريون ڪيان ٿي. آئون هينئر به پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن آهيان. آئون منهنجي
مُڙس سان ملان ٿي، جيڪو نيويارڪ ۾ طبي علاج ڪرائي
پيو. آئون پنهنجن ٻارن کي دُبئيءَ ۾ امتحان جي
تياري ڪرايان ٿي. ۽ آئون پاڪستان ۾ سيڪيولر سياسي
جماعتن جي گڏيل جمهوري مخالف ڌر جي 2007ع ۾
پاڪستان جي آئين ۾ اختياريءَ طور ڄاڻايل آزاد ۽
شفاف چونڊن لاءِ وڙهندي اڳواڻي ڪريان ٿي. اهو شايد
ڪنهن ڀريل ٿالهيءَ کان گهڻو ڀانئجي، پر اهو منهنجي
زندگيءَ جو ڪاروهنوار آهي، ۽ آئون اُن کي مڃان به
ٿي. ڪتاب جي پُڄاڻيءَ ۾ ڄاڻايل بيان ۾ ٻُڌايو ويو
آهي ته آئون ڪيئن اُن نتيجي تي پهتيس، جو مون
پنهنجي پڇاڙڪي بابُ جو نالو ”وزيراعظم ۽ پُڄاڻي“
رکيو، جنهن ۾ منهنجيءَ پهرين ڀيري ڇپيل آتم
ڪهاڻيءَ کان پوءِ وارا سمورا واقعا سموهيل آهن.
منهنجي عزت ڪئي وڃي ٿي، ۽ مون تي الله جا ٿورا به
آهن ته عوام جون دُعائون به مون سان گڏ آهن، ۽
آئون سڀاڳي آهيان. الله جي مرضيءَ سان، آئون
پنهنجي وطن ۾ موٽي اينديس، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر آمرن جي
ڦٻايل اختيارن، جنرلن ۽ انتها پسندن خلاف چونڊ
ميدان ۾ جمهوري طاقتن جي اڳواڻي ڪنديس. اهو منهنجو
مُقدر آهي ۽ جيئن آمريڪي صدر جان ايف ڪئنيڊيءَ هڪ
ڀيري چيو هو، ”آئون ڪنهن ذميداريءَ کان نٿو
نٽايان، پر کيس کِلي کيکاريان ٿو.“
بينظير ڀُٽو
لنڊن
اپريل، 2007ع |