جمهوريت جي نئين
اميد
جنرل ضياءَ 29 مئي 1988ع تي اوچتو پارليامينٽ کي
ٽوڙي، پنهنجي ئي ٿاڦيل وزيراعظم کي لاهڻ ۽ چونڊن
ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اُن وقت آئون 70 ڪلفٽن ۾
لاڙڪاڻي جي پارٽي ڪارڪنن سان هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ويٺي
هيس، جو اهو ڇرڪائيندڙ نياپو مونکي مليو. ”اوهان
کان ضرور ڪا غلطي ٿي هوندي.“ مون چيو. ”جنرل ضياءَ
چونڊن ڪرائڻ کان نٽائي ٿو. هو چونڊون ڪرائڻ ئي نٿو
گهري.“ پارٽيءَ اڳواڻن به جڏهن مونکي ٻڌايو، ته
ضياءَ شام جو ساڍي ستين بجي ريڊيي ۽ ٽيليويزن تي
اهڙو اعلان ڪيو آهي، تڏهن به مونکي پڪ نه ٿي.
”اوهان ضرور ڪنهن ٻئي ملڪ بابت اهڙو اعلان ٻُڌو
هوندو.“
ايتري ۾ 70 ڪلفٽن ۾ واڌاين جا فون هڪ ٻئي پٺيان
اچڻ لڳا ۽ وڏي دروازي تي صحافين جي گوڙ، ضياءَ جي
اُن بلڪل اوچتي فيصلي جي پڪ ڪئي. ڪجهه ڄڻن جو
ويچار هو ته اُن موقعي تي اهڙو قدم کڻڻ شڪي هو.
چار ڏينهن اڳ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ اخبار ۾ خبر
ڇپي هئي، ته آئون ماءُ ٿيڻ واري هيس. ”مون توکي
چيو هو ته توکي جيئن ٻار ٿيندو، ته ضياءَ چونڊون
ڪرائيندو.“ صحافين سان ڳالهائڻ کانپوءِ سميعا ڏاڍي
سُرهائيءَ وچان مونکي چيو. ضياءَ جي ان اعلان تي
منهنجيءَ حالت جو اثر هو يانه، تنهن بابت مونکي ڪا
ڄاڻ ڪانهي، پر اُهو اُن پڪيءَ خبر کانپوءِ پهريون
ڀيرو ٿيو هو، ته آئون ڳرڀوتي. هيس جيتوڻيڪ آصف ۽
مونکي ٻار جي ڪا تڪڙ نه هئي، پر اسان کي اوچتي خبر
بُڌي سُرهائي ٿي هئي. هاڻي وري ضياءَ جي اُن سَستي
جذباتي ڊرامائي اعلان مان لڳو، ته اهو سڄو سال غير
معمولي واقعن سان ڀرپور هوندو.
ضياءَ جي اُن ارادي بابت اڳواٽ وزيراعظم جوڻيجي
سميت ڪنهن کي به پتو نه هو، جيڪو تنهن وقت ڏُور
اُڀرندي ملڪن جو دؤرو ڪري موٽيو هو ۽ جنهن شام جو
ڇهين بجي صحافين سان گڏجاڻي پئي ڪئي. اڃا هڪ ڪلاڪ
به مس گذريو هوندو، ته ضياءَ جي تقرير ٻڌندڙ
جوڻيجي جي هڪ نائب، ضياءَ جي وزيراعظم کي ٻڌايو
ته، کيس سندس عهدي تان لاٿو ويو آهي. حڪومت کي
ٽوڙڻ جا چار سبب ٻڌايا ويا هئا: اسلامي قانون هڪدم
رائج ڪرڻ ۾ وزيراعظم جوڻيجي جي حڪومتي ناڪامي،
اپريل ۾ تباهه ٿيل اوجهڙي ڪئمپ جي جاچنا ۾ ڪوتاهي،
جنهن سبب شهرين تي ميزائيل ۽ بم ڪِريا هئا،
انتظاميا ۾ رشوتخري ۽ بي ايماني ۽ سڄي ملڪ ۾
لاقانونيت.
جيتوڻيڪ ضياءَ جي ٿاڦيل وزيراعظم سان منهنجو گهٽ
واسطو رهيو هو، پر جنهن تِڇ نموني ۾ هن کي سندس
عهدي تان لاٿو ويو، تنهن لاءِ مونکي ڏُک ٿيو هو.
جوڻيجي، ضياءَ جي گهڻي خدمت ڪئي هئي. هن اکيون
ٻوٽي ضياءَ جي آئين کي مڃيو هو. مارشل لا جي سڀني
حُڪمن جو بچاءُ ڪيو هو. ۽ 1990ع تائين ضياءَ جي
صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور رهڻ جو مُدو وڌايو
هو. پر مونکي تُرت پتو پيو ته، هن سان ڪنهن به
همدردي نه ڪئي هئي. ”جڏهن اوهين ڪُتن سان گڏ رهندؤ
ته، اهي اوهان کي به ڏاڙهيند.ا“ هڪ سخت جواب اُهو
به ٻُڌڻ ۾ آيو هو. انيڪ ماڻهن واتان مون ٻُڌو هو،
ته جوڻيجو جي قبر جو ڪتبو هيءُ هجڻ گهرجي: ”هتي
اُهو ماڻهو پُوريل آهي، جيڪو تاريخ ۾ اونڌو ٿي
ڪِريو ۽ اُتان اونڌو ٿي نڪري ويو.“
پوءِ به ضياءَ جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾
سُرهائيءَ جي لهر پکڙجي وئي. ضياءَ جي پنهنجي آئين
پٽاندر حڪومت کي ٽوڙڻ کانپوءِ نوي ڏينهن ۾ کيس
چونڊن ڪرائڻيون هيون. ۽ ڪيئي ماڻهن موجب هاڻي سوڀُ
ويجهي هئي. ”هاڻي ڪوبه پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي
روڪي نه سگهندو.“ اسان جي هر هڪ حامي اهو پئي چيو.
مون اجائي ڪوشش ڪندي، ماڻهن کي صبر لاءِ چيو.
جيتوڻيڪ مون چونڊن بابت اعلان ڪيو ته، ”جيڪڏهن نوي
ڏينهن ۾ منصفاڻيون، آزاد ۽ پاس خاطريءَ کانسواءِ
جماعتي چونڊون ٿيون، ته اسين سندن آجيان ڪنداسين.“
پر ذاتي طرح مونکي ڪيترائي شڪ هئا.
آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن جو مطلب هو: پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ ۽ ڀٽي وارن جي واپسي ضياءَ ته اڳ ۾ چئي
ڇڏيو هو ته، ”هو اقتدار انهن کي موٽائي نه ڏيندو،
جن کان هن اُهو ورتو هو.“ جيڪڏهن هن کي پنهنجي
پسند جي مسٽر جوڻيجي سان گڏ رهڻ ۾ ڏکيائي ٿي هئي،
ته پوءِ هو اُهو ڪيئن مڃي سگهندو، ته اُن شخص جي
ڌيءَ وزيراعظم ٿئي، جنهن جي قتل جو هن پاڻ حُڪم
ڏنو هو؟ ”ضياءَ اُن لاءِ جوڻيجي کي ڪونه هٽايو
آهي، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ واري پارليامينٽ ۾
اڪثريت سان کٽي اچي.“ مون پنهنجن خوش ٿيندڙ حامين
جو جوش گهٽائڻ لاءِ چيو. افسوس ضياءَ پوءِ جيڪي
اُپاءَ ورتا، تن منهنجن وسوسن ۽ گمانن جي پَڪ ڪئي.
ضياءَ 15 جون تي شريعت کي ملڪ جو اُتم قانون ڪوٺڻ
جو اعلان ڪيو. ضياءَ پنهنجي ٽيليويزن خطاب ۾ اهڙي
ڪابه چِٽائي نه ڪئي، ته اُهو اصل ۾ ڇا هو ۽ وري
ڪنهن کي به اُن جي معنيٰ جي ڪا خاطري نه هئي. ڇا
اُن جو مطلب اُهو هو، ته پاڪستان جي باني محمد علي
جناح جي تصوير وارا نوٽَ واپس ورتا ويندا، ڇو ته
اسلام جي ڪجهه مڪتبن پٽاندر انساني رُوپ جي تصوير
ڪڍڻ غير اسلامي فعل هو. ڇا اُن جو مطلب اهو هو ته،
سرڪاري بانڊن کي، جن تي وياج جو خاص اگهه رٿيل هو،
وياج ڄاڻايو ويندو؟ اُن بابت ڪي به اهم ڳالهيون نه
چيون ويون هيون. اُن جو مطلب اهوئي هو ته، هاڻي
ڪوبه شهري، ڪنهن به موجود قانون کي غير اسلامي
چئي. اُن تي هاءِ ڪورٽ ۾ اعتراض ڪري ٿي سگهيو.
جيڪڏهن عدالت کي اهڙو قانون غير اسلامي ڏسڻ ۾ آيو،
ته جج اُن کي رد ڪري سگهندا، پر شريعت جي رواج
لاءِ ضياءَ 1988ع تائين ڇو اوسيئڙو ڪيو هو؟
ڪيئي ماڻهن جو ويچار هو، ته ضياءَ تنهن وقت اسلام
جو جيڪو ناجائز فائدو وٺڻ گهريو ٿي، تنهن جو مطلب
منهنجيءَ مخالفت هو. اردو اخبارن انومان پئي ڪڍيا
ته، ضياءَ تعصب طور اسلامي تشريح ڪَتب آڻيندي،
مونکي هڪ عورت هجڻ سبب چونڊن ۾ مقابلي کان روڪڻ جي
ڪوشش ڪندو، ته جيئن قومي اسيمبليءَ ۾ سوڀاري
پارٽيءَ جي اڳواڻ هجڻ طور نااهل ڪوٺي سگهي. پر
مونکي پنهنجا شڪ هئا ته ڇا هو اُن ۾ سوڀارو ٿيندو.
1973ع جي آئين پٽاندر، جيڪو مذهبي اڳواڻن به منظور
ڪيو هو، هڪ عورت ملڪ جي اڳواڻ ٿيڻ جي اهل هئي.
ساڳئي طرح ضياءَ جي پنهنجي 1986ع واري آئين ۾ به
حڪومت جي اڳواڻيءَ لاءِ عورت جي اهليت برقرار رکي
ويئي هئي. ضياءَ جا اختيار محدود ٿيندا پئي ويا.
پر اسان جو شڪ اڳي کان به وڌيڪ سگهارو ٿيندو ويو،
ته جيڪر چونڊون ايمانداريءَ سان پاسخاطري کانسواءِ
ٿين، پوءِ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اڳتي وڌڻ جي
سخت ڪوشش ڪندي رهي. جيتوڻيڪ اسان کي ڪا به سُڌ نه
هئي، ته پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي سياسي جماعتن کي
اجازت به هوندي يا نه، يا وري چونڊون ڪڏهن
ٿينديون؟ ضياءَ اهو به چيو هو، ته اسلامي قانون
لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اها تاريخ مقرر ڪئي ويندي. پر
پوءِ به اُن جو اعلان نه ٿيو هو. ضياءَ ته چونڊن ۾
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان مقابلي کان نٽائڻ لاءِ
پنهنجيون پراڻيون حرفتون پئي آزمايون. پر هن ڀيري
اسان وٽ به اسان جا هٿيار هئا.
فيبروريءَ ۾ اسين ضياءَ جي 1985ع واري ووٽ ڏيندڙن
جي رجسٽريشن جي فقري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وياسين،
جنهن هيٺ سڀني سياسي پارٽين کي چيو ويو هو، ته
اُهي پاڻ کي سرڪار وٽ رجسٽر ڪرائين. ضياءَ جي
قانون پٽاندر اهي سڀيئي سياسي جماعتون، جن چونڊن ۾
حصو وٺڻ گهريو ٿي، تن کي پنهنجو مالي حساب ڪتاب ۽
پنهنجن عهديدارن جي فهرست انتظاميا جي چونڊيل
اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرڻي هئي. ان ڄاڻُ وٺڻ
کانپوءِ اليڪشن ڪمشنر ڪنهن به سياسي جماعت کي
چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان اُن اجائي بنياد تي روڪي
سگهيو ٿي، ته اها جماعت پاڪستان جي نظريي خلاف
آهي. جيتوڻيڪ سچائي اها آهي ته، ان نظريي جي ڪڏهن
به چِٽائي نه ڪئي وئي هئي. اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه
اها هئي، ته اليڪشن ڪمشنر، پارٽيءَ عهديدارن کي
چوڏهن ورهين تائين چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان روڪي ۽ کين
ستن ورهين جي قيد جي به سزا ڏئي پئي سگهيو.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي چونڊ ميدان کان ٻاهر رکڻ
لاءِ بيشرميءَ سان سازش ڪئي وئي هئي. اُن قانون
هيٺ نه رڳو شهرين جي جماعتي آزاديءَ جي حق جي
ڀڃڪڙي ٿي هئي، پر ان ضياءَ جي ٿاڦيل شخص کي اهو
مڃڻ جو حق پڻ ڏنو هو ته، ڪهڙيءَ جماعت قائم رهي ۽
ڪهڙي نه رهي. اتفاق سان مسٽر يحييٰ بختيار پاڪستان
جو اڳوڻو اٽارني جنرل، جيڪو بابا جي اپيل ۾ وڪيلن
جو اڳواڻ هو. سپريم ڪورٽ ۾ اُهو مقدمو وڙهڻ لاءِ
راضي ٿيو. اهو مُقدمو يارهن ججن اڳيان پيش ٿيو،
جيڪا عدالتي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي عدالت هئي. عدالت
جو يڪراءِ فيصلو 20 جون 1988ع تي ٻڌايو ويو. اُها
پاڪستاني عوام جي اخلاقي ۽ قانون سوڀُ هئي. ضياءَ
جي رجسٽريشن وارو فقرو ’مڪمل طور رد‘ ڪيو ويو هو.
”پارلياماني سرڪار، جماعتي سرڪار هُجي ٿي ۽ جماعتي
سرڪار، نمائنده سرڪار جو بنيادي اصول هجي ٿي.“ چيف
جسٽس پنهنجي بيان ۾ لکيو: ”…چونڊن ذريعي گهٽ ۾ گهٽ
حڪومت ڪرڻ جي دعويٰ جو هڪ جائز قانوني وسيلو ٿئي
ٿو. جماعتي سرشتي ذريعي پارلياماني چونڊن جا نتيجا
حڪومت جي روپ ۾ اچن ٿا.“ چيف جسٽس جي راءِ سان
سُهمت ٿيندي سپريم ڪورٽ جي هڪ ٻئي جج رايو ڏنو ته،
”قانون ٺاهيندڙ مجلس لاءِ جن ماڻهن جي چونڊ ٿئي
ٿي، تن جي ذاتي حيثيت جي ڪابه اهميت نٿي هُجي. اهي
ڪنهن به مقصد ۽ مطلب کانسواءِ سياسي ميدان ۾ رُڳو
ڦيريون ڏيندا رهن ٿا. البت جڏهن اهي ڪنهن گروهه يا
ڪنهن جماعت ۾ شريڪ ٿين ٿا، تڏهن اهي هڪ طاقت جي
صورت ۾ پنهنجين سرگرمين سبب ٿورو بااثر ٿي وڃن ٿا.
اُهي رُڳو هڪ سياسي جماعت جي ميمبر طور ۽ نه ڪي
قانون ٺاهيندڙ مجلس جي هڪ انفرادي رڪن طور، پنهنجا
مقصد ماڻي سگهن ٿا.“
ضياءَ جي ”رجسٽريشن فقري“ کي رد ڪرڻ مان سپريم
ڪورٽ جو مقصد چِٽو هو: ڪنهن به جماعت کي رجسٽرڊ يا
اڻ رجسٽرڊ طور چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان روڪي نٿو
سگهجي. عدالتي فيصلو پڻ پڌرو هو. هر شهريءَ کي
بنيادي حق هو: مرد توڙي عورت کي پنهنجي پسند جي
سياسي جماعت ذريعي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو بنيادي حق
هو. چونڊون سياسي جماعتن پٽاندر ئي ٿيڻيون هيون.
ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه آئيني اختيار موجود نه هو،
ضياءَ جي پنهنجي آئين پٽاندر پڻ. پر اسان کي پتو
هو ته، ضياءَ پاڻ کي پاڪستان جي قانونَ کان
مٿانهون سمجهندو هو.
آئون لاڳيتو ملڪ جي دؤرو ڪندي رهيس. آئون لاڙڪاڻي
کان جيڪب آباد پهتيس، جتي منهنجو شاندار آڌرڀاءُ
ڪيو ويو. اتان آئون نوابشاهه ويس، جتي مسلم ليگ جا
اڳوڻا ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ اچي شامل
ٿيا. آئون جڏهن ڪراچي پهتيس، ته پارليامينٽ جا
وڌيڪ مسلم ليگي ميمبرَ اسان سان ملي ويا. پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ فضا ويتر سازگار ٿيندي پئي
وئي. سڀيئي اهل اميدوار پارٽيءَ جي اُن زبردست
پُٺڀرائي ماڻڻ ۾ رڌل هئا، جيڪا ووٽ تي اسان جي
نشان ذريعي کين ملڻي هئي.
آئون جتي به ويس ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ٻاهر
نڪري ٿي آيا، جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ساڙيندڙ گرمي
هئي ۽ سانوڻ جا مينهن به هئا. جولاءِ ۾ مون لاهور
۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، تنهن وقت اتي عوام جو ايڏو
ته وڏو هُجوم هو، جو صحافين ان جي 1986ع ۾
جلاوطنيءَ مان موٽڻ مهل منهنجي ٿيل شاندار آڌرڀاءُ
سان ڀيٽ ڪئي هئي. الله جي مهربانيءَ سان آئون بلڪل
تندرست ۽ توانا هيس.
”توکي پڪ آهي ته تون ڳرڀوتي آهين.“ مونکي تپاسڻ
کان اڳ هڪ ليڊيءَ ڊاڪٽر مون کان پڇيو. ”اسان سڀني
سمجهيو هو، ته اها سياسي چال آهي، ته جيئن ضياءَ
سڄي مُلڪ ۾ پکڙيل اُفواهه ٻُڌي چونڊون ڪرائي.“
مونکي اچرج ٿيو هو. ”ماڻهو مون کان اهو پڇندا رهن
ٿا ته، جيڪڏهن تون واقعي ڳرڀوتي آهين، ته پوءِ تون
ايڏي چُستيءَ سان سفر جي ڊُڪ ڊوڙ ڪيئن ڪري
سگهندينءَ.“ فخريءَ سخت ڪاوڙ وچان مونکان پڇيو. پر
آرام سان ويهي رهڻ ۾ ڪيترائي جوکا هئا. جيڪڏهن
ضياءَ پنهنجي آئين پٽاندر عمل ڪيو، ته آگسٽ جي
پڇاڙيءَ ڌاري چونڊون ٿينديون.
مون 20 جولاءِ تي جڏهن آسٽريليا جي سفير سان 70
ڪلفٽن تي نيرن پئي ڪئي، ته هڪ ٻيو لکيل نياپو مون
تائين پهتو. ضياءَ تازو اعلان ڪيو هو، ته چونڊون
16 نومبر تي ٿينديون. هن مڃيو هو ته آئين پٽاندر
قومي اسيمبلي ٽٽڻ کان پوءِ نوي ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ
کپنديون. پر ايندڙ چؤماسي، محرم ۽ حج سبب هُن کي
اها تاريخ ڦيرائڻي پئي هئي. ضياءَ چيو ته محرم ۾
جيڪا ڇڪتاڻ ٿيندي، تنهن سبب چونڊون ڪرائڻ ناممڪن
بڻجي ويندو. هُن اها به دعويٰ ڪئي ته، جيڪڏهن اُهي
چونڊون آئين ۾ ڄاڻايل مُدي ۾ ٿيون، ته حج تي ويل
نوي هزار پاڪستاني به پنهنجي ووٽ ڏيڻ جي حق کان
محرو ٿي ويندا. گڏوگڏ برساتن به ملڪ جي ڪيترن ئي
حصن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آندي هئي. آئون هُڻ جا
اُهي بهانا مڃڻ لاءِ بلڪل تيار نه هيس. مون ڀانئيو
ته چونڊن جي مهمليءَ جو اصلي سبب منهنجي جسماني
حالت هئي. ضياءَ جي مرضي ئي نه هئي ته آئون
چونڊن جي مهم هلايان.
نيٺ هڪڙي تاريخ مقرر ٿي ۽ اُها جيتوڻيڪ اڳواٽ
سوچيل ۽ رٿيل هئي، پر اسان سڀني سُک جو ساهه کنيو.
ضياءَ ته اڳ ۾ به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، تنهنڪري
اسان کي ڪجهه خاطري هئي ته نومبر ۾ هو وري اهڙي
ڀڃڪڙي ڪندو ۽ چونڊون رد ڪندو. اسان کي ته اڃا اها
به خبر نه هئي، ته ضياءَ اُهي چونڊون جماعتي يا
غير جماعتي بنيادن تي ڪرائيندو. ڏسڻ ۾ ايندڙ
اهڃاڻن مان لڳو ٿي، ته ضياءَ وارن وٽ ڪو گهوٽالو
هو. مئي ۾ ضياءَ طرفان اوچتو وزيراعظم جوڻيجي جي
حڪومت ۽ قومي اسيمبليءَ کي ڊاهڻ سبب مسلم ليگ ٽڪرا
ٽڪرا ٿي وئي هئي. ضياءَ انهن وزيرن کي وري منٿون
ڪري واپس آندو هو، جن تي هُن پنهنجي وزيراعظم سميت
نااهلي ۽ بدعنوانيءَ جي تهمت هنئي هئي، ته جيئن
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان مقابلي لاءِ کين متحد
ڪري سگهي.
ضياءَ اختلاف ميسارڻ جي ڪوشش ڪندي، اڳواٽ پنهنجي
عارضي نگران حڪومت ۾ جوڻيجي ڪابينا جا نَو وزير
ٻيهر کنيا. حقيقت ۾ ڪابينا جي سترهن نون وزيرن ۽
هڪ مملڪتي وزير مان سَت وزير سينيٽ جا ميمبر هئا.
ضياءَ ته مورڳو کليءَ دل سان ۽ کلم کلا معافي ورتي
هئي، ته هن قانونَ ٺاهيندڙ مجلس جي انهن ميمبرن تي
نااهلي ۽ بدعنوانيءَ جي تهمت هنئي هئي. اها کلم
کلا معافي پاڻ وزيراعظم جوڻيجي جي هانوَ تي ٿڌو
ڇنڊو هو. اچرج جهڙي ڳالهه اها هئي ته، هن جي
برطرفيءَ کان رُڳو ٻه مهينا پوءِ ضياءَ کي هڪ ڀيرو
وري سندس گهُرج ٿي هئي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وڌندڙ قوت ڏسي ضياءَ جو
چونڊون ڪرائيندڙ عملو پڻ ڊڄي ويو هو. مون جڏهن
اليڪشن ڪميشن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو عيوضي موڪلي ووٽ
ڏيندڙن جي فهرست گهرائي، ته هن کي ٻئي ڏينهن اچڻ
لاءِ چيو ويو. هو ڪيئي ڀيرا ويو، پر هر ڀيري کيس
اهو ئي جواب مليو. ”اوهين هن مامري ۾ دير ڇو ٿا
ڪريو.“ منهنجي عيوضي کانئن پڇيو. ڊنل عملي جواب
ڏنو ته، ”اسان اهڙي اجازت وٺڻ لاءِ اسلام آباد تار
موڪلي آهي، پر هيستائين ڪوبه جواب نه آيو آهي.“
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ بابت 21 جولاءِ تي ضياءَ جو
ڊَپُ بيهودي نموني ۾ پڌرو ٿيو. هن دعويٰ ڪئي ته
جماعتي چونڊون اسلامي تعليم خلاف آهن، ڇو ته
پارٽيءَ جا فيصلا گهڻو ڪري انفرادي ضمير تي اثر
ڇڏين ٿا، تنهنڪري اڪثر عوام سندس ويچار جي پٺڀرائي
ڪري ٿو. ضياءَ اهو به اعلان ڪيو ته، چونڊون غير
جماعتي بنيادن تي ٿينديون ۽ ووٽ تي اميدوارن جي
پنهنجي سياسي جماعتن جو نشان ڏيکاريل ڪونه هوندو.
ان فيصلي سبب هڪ ڀيرو وري عوام کي مونجهاري ۾ وڌو
ويو هو، ته اهي پنهنجو ووٽ ڪنهن کي ڏين. ٻيو ته
اُن سرشتي سبب اثر رکندڙ انفرادي ماڻهو پارٽيءَ جي
انهن سچار ماڻهن کي نقصان رسائي فائدو وٺن ٿا،
جيڪي رڳو جماعتي پُٺڀرائيءَ سان سوڀُ ماڻي ٿي
سگهيا.
هڪ ڀيرو وري ضياءَ ملڪ جي آئين ۽ وڏيءَ عدالت جي
فيصلن تي ٺٺولي ڪئي هئي. اُن جو ڪارڻ 31 جولاءِ تي
هڪ اخباري رپورٽ ۾ سامهون آيو هو. هن جي اُن تازي
جمهوريت دشمن اعلان کان ٿورو اڳ ضياءَ چئني صوبن
مان اُتي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين مُک عملدارن کي اسلام
آباد گهرائي، ساڻن مشورو ڪيو هو، ته چونڊون جماعتي
بنيادن تي ڪرايون وڃن يا غير جماعتي بنيادن تي.
اخبار لکيو هو ته، جيئن ته مسلم ليگ ۾ اندروني
ڏڦيڙ هئي، تنهنڪري بلوچستان ، سنڌ، پنجاب ۽ سرحد
صوبن جي سڀني اڳواڻن جو رايو هو، ته پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ کي چونڊن کٽڻ ۾ گهٽ ڏُکيائي ٿيندي. سرحد
صوبي جي هڪ اڳواڻ ته ائين به چيو هو، ته غير متحد
مخالفت سبب ”مس بينظير ڀٽو کي ايتريون ته سيٽون
ملنديون، جو سندس جماعت اڪيلي گهڻائيءَ واري جماعت
هوندي.“ ٽي ڏينهن پوءِ ضياءَ غير جماعتي چونڊن
ڪرائڻ جا اعلان ڪيو.
هڪ ڀيرو وري اسان عدالتن جا دَر کڙڪايا ۽ آگسٽ جي
اوائلي ڏينهن ۾ ضياءَ جي غير جماعتي چونڊن جي
آئيني حيثيت خلاف، عدالت جي اڳوڻي فتويٰ جي، جنهن
سان اسان جي سوڀُ ٿي هئي، ضياءَ طرفان ڪيل توهين
جي روشنيءَ ۾، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، ته ڇا
سپريم ڪورٽ ۾ اسان جي ڪا سچ پچ مدد ٿي سگهندي؟ هڪ
آمر طور ضياءَ وٽ گهڻا اختيار هئا. جيڪڏهن سپريم
ڪورٽ جماعت ٺاهڻ جي بنيادي حق پٽاندر به اسان جي
حق ۾ فيصلو ڏيندي، ته ضياءَ سنئون سِڌو هنگامي
حالتن جو اعلان ڪندو ۽ ايئن اُن فيصلي کي رد ڪري
ڇڏيندو. هن اڳواٽ اهڙي رٿا جوڙي ورتي هئي. 4 آگسٽ
تي محرم جي شروع ٿيڻ واريءَ رات پشاور ۾ هڪ شيعي
اڳواڻ کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو. اسان مخالف ڌر
وارن جو ويچار هو ته، ڇا اُن قتل ۾ حڪومت جو هٿ
هو، ته جيئن ملڪ ۾ ڇڪتاڻ ٿئي ۽ هنگامي حالتن جي
اعلان جو بهانو ملي.
ضياءَ جي سوڀُ جي وڌيڪ بچاءُ لاءِ اُهي افواهه به
ٻُڌجن پيا، ته چونڊن جا نوان قاعدا قانون ٺهڻا
آهن، جن پٽاندر سوڀارن اميدوارن تي سياسي جماعتن
جي پُٺڀرائي وٺڻ جا الزام مڙهي، کين نااهل ڪوٺي
سگهبو. اسان کي انهن ذريعن وٽان پتو پيو، ته اُهي
قانون آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ لاڳو ٿيندا، جنهن
سبب ضياءَ جي مخالفن کي بلڪل ٿورو وقت ملندو، جو
اُهي چونڊن کان اڳ انهن قانون خلاف عدالت ۾ وڃي
سگهن. ضياءَ آمر جي خواهش ئي اها آهي، ته غير
جماعتي چونڊن، دڙڪي دٻاءُ ۽ چونڊن جي انيڪ قانونن
ذريعي چونڊن جا نتيجا پنهنجي مطلب پٽاندر وٺان.
امان وچ سيپٽمبر ۾ پاڪستان واپس ايندي ۽ مهم ۾ حصو
وٺندي ۽ شايد ڪنهن تَڪ مان به بيهندي. غير جماعتي
چونڊن ۾ اسان کي پُختن ۽ مشهور اميدوارن جي گهُرج
ٿيندي. انهن امڪانن جي ڳڻتيءَ کانسواءِ ته ڇا
ٿيندو يا وري ڇا نه ٿيندو. اسين قانون جي حد ۾
رهندي، جيڪو ڪنهن مهذب ملڪ جي پناهه هجي ٿو، پرامن
۽ جمهوري طريقن سان ضياءَ جو مقابلو ڪندا
رهنداسين. عوام کي ڏنڊا هڻي، مٿن گوليون وسائي ۽
ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلائي، هنن جي اطاعت ته
ماڻي سگهجي ٿي، پر سندن دل تي سوڀُ ماڻي نٿي
سگهجي. ضياءَ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته، هن عوام جي
دلين کي جيتڻ يا سندن پُٺڀرائي وٺڻ ۾ ڪڏهن به سوڀُ
نه ماڻي آهي. پر هن سدائين دهشت ۽ دڙڪي سان حڪومت
ڪئي آهي.
نومبر جي چونڊن ويجهي ٿيڻ وقت اسان کي لڳي ٿو،ته
پاڪستان جمهوريت ۽ لاڳيتي آمريت جي چؤراهي تي پهچي
چُڪو آهي. پاڪستاني عوام خودداريءَ جي حق ماڻڻ
لاءِ دانهون پيو ڪري. هنن جو آواز پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ آهي ۽ ضياءَ کي ان جو پتو آهي. ساڍن يارهن
ورهين کانپوءِ به ضياءَ انهن آزاد ۽ غير جانبدار
چونڊن ڪرائڻ کان ان ڊَپُ سبب نٽائي ٿو، ته پاڪستان
پيپلز پارٽي کٽي ويندي.
جيئن ريگستان ۾ ڪو گِل ٽِڙي نٿو سگهي، بلڪل ايئن
سياسي جماعتون به آمريت ۾ وڌي ويجهي نه سگهنديون.
سياسي جماعتن تي جيڪي ڀوائتيون سختيون ڪيون ويون
آهن، تن هوندي به اهي سلامت آهن ۽ وڌن ويجهن پيون.
اهو پاڪستان جي انهن ماڻهن جي خدمت ۾ هڪ قسم جي
ڀيٽا آهي، جن جمهوريت لاءِ پنهنجيون جانيون قربان
ڪيون. پاڪستاني عوام سمجهي ٿو، ته هنن کي سندن حق
رُڳو تڏهن ملي سگهندا ۽ محفوظ رهي سگهندا. جڏهن
اهي هڪ قومي جماعت ۾ متحد ٿي رهندا. اسين ملڪ جو
ضمير، مستقبل ۽ اُميد آيون. آئون ڄاڻان ٿي ته اسان
جي سوڀُ جو ڏينهن به اؤس ايندو.
ڪراچي، آگسٽ 1988ع |