باب چوٿون
سنڌي باب ۽ حرف علت ۽ حرف صحيح ۽ اعراب
فصل پهريون
سنڌي باب
باب يا الف - بي، جنهن کي عربي ۽ فارسيءَ ۾ حروف
تهجي ۽ هنديءَ ۾ آئيويٽا چون ٿا، سا سنڌي ٻوليءَ
جي
″عربي
سنڌي″
صورت ۾ هاڻي هن طرح ٺهرايل آهي:
نالو |
اکر |
منڍ |
وچ |
پڇاڙي |
الف |
ا |
ا |
ـا |
ـا |
بي |
ب |
بـ |
ـبـ |
ـب |
ٻي |
ٻ |
ٻـ |
ـٻـ |
ـٻ |
ڀي |
ڀ |
ڀـ |
ـڀـ |
ـڀ |
تي |
ت |
تـ |
ـتـ |
ـت |
ٿي |
ٿ |
ٿـ |
ـٿـ |
ـٿ |
ٽي |
ٽ |
ٽـ |
ـٽـ |
ـٽ |
ٺي |
ٺ |
ٺـ |
ـٺـ |
ـٺ |
ثي |
ث |
ثـ |
ـثـ |
ـث |
پي |
پ |
پـ |
ـپـ |
ـپ |
ڦي |
ڦ |
ڦـ |
ـڦـ |
ـڦ |
جيم |
ج |
جـ |
ـجـ |
ـج |
ڄي |
ڄ |
ڄـ |
ـڄـ |
ـڄ |
جهي |
جهه |
جهـ |
ـجهـ |
ـجهه |
ڃي |
ڃ |
ڃـ |
ـڃـ |
ـڃ |
چي |
چ |
چـ |
ـچـ |
ـچ |
ڇي |
ڇ |
ڇـ |
ـڇـ |
ـڇ |
حي |
ح |
حـ |
ـحـ |
ـح |
خي |
خ |
خـ |
ـخـ |
ـخ |
دال |
د |
د |
ـد |
ـد |
ڌال |
ڌ |
ڌ |
ـڌ |
ـڌ |
ڏي |
ڏ |
ڏ |
ـڏ |
ـڏ |
ڊي |
ڊ |
ڊ |
ـڊ |
ـڊ |
ڍي |
ڍ |
ڍ |
ـڍ |
ـڍ |
ذال |
ذ |
ذ |
ـذ |
ــذ |
ري |
ر |
ر |
ـر |
ـر |
ڙ |
ڙ |
ڙ |
ـڙ |
ـڙ |
زي |
ز |
ز |
ـز |
ـز |
سين |
س |
سـ |
ـسـ |
ـس |
شين |
ش |
شـ |
ـشـ |
ـش |
صاد |
ص |
صـ |
ـصـ |
ـص |
ضاد |
ض |
ضـ |
ـضـ |
ـض |
طوي |
ط |
طـ |
ـطـ |
ـط |
ظوي |
ظ |
ظـ |
ـظـ |
ـظ |
عين |
ع |
عـ |
ـعـ |
ـع |
غين |
غ |
غـ |
ـغـ |
ـغ |
في |
ف |
فـ |
ـفـ |
ـف |
قاف |
ق |
قـ |
ـقـ |
ـق |
ڪاف |
ڪ |
ڪـ |
ـڪـ |
ـڪ |
کي |
ک |
کـ |
ـکـ |
ـک |
گاف |
گ |
گـ |
ـگـ |
ـگ |
ڳي |
ڳ |
ڳـ |
ـڳـ |
ـڳ |
گهي |
گهه |
گهـ |
ـگهـ |
ـگهه |
ڱي |
ڱ |
ڱـ |
ـڱـ |
ـڱ |
لام |
ل |
لـ |
ـلـ |
ـل |
ميم |
م |
مـ |
ـمـ |
ـم |
نون |
ن |
نـ |
ـنـ |
ـن |
ڻي |
ڻ |
ڻـ |
ـڻـ |
ـڻ |
واو |
و |
و |
و |
ـو |
هي |
هه |
هـ |
ـهـ |
ـهه |
يي |
ي |
يـ |
ـيـ |
ـي |
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ مان معلوم ٿيو هوندو ته هي
الف ب عربي ٻوليءَ جي الف ب تان ٺهيل آهي. جيڪي
اکر يا آواز عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ نه هئا، سي نقطن
وڌائڻ سان يا هيٺ مٿي ڪرڻ سان ٺاهيا ويا آهن مگر
هڪدم معلوم ڪري ٿو سگهجي ته اهي ڪنهن اصول تي
ٺهرايا نه ويا آهن. رڳو ڌُڪي تي وقت ٽپائڻ لاءِ
ٺهرايا ويا آهن. سنسڪرت ۾ يا سنسڪرت مان نڪتل
ٻولين ۾ وات مان نڪرڻ وارين جاين وارا اکر يا آواز
سڀ گڏ ڏنل آهن. جيئن نڙيءَ وارا گڏ، تارونءَ وارا
گڏ، ڏندن وارا گڏ، چپن وارا گڏ ۽ زبان وارا يا
زبان جي پاسي وارا گڏ. تنهن کان سواءِ جن اکرن ۾
″هي″
جو آواز يا
″نون″
جو آواز ڳنڍيل يا لڪل ٿو رهي، سي به انهن اصل اکن
سان گڏ ڏنا ويا آهن. جيئن ته:
|
خاص عربي |
نڙيءَ وارا: ڪ، ک، گ، گهه، ڱ، هه |
ح، خ، ع، غ، ق، ِّ |
تارونءَ وارا: چ، ڇ، ج، جهه، ڃ، ڄ، ش، ي |
... ... ... ... |
زبان يا ان جي پاسي وارا:
ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڻ، ڙ، ڙهه، ڏ |
ص، ض، ط، ظ |
ڏندن وارا: ت، ٿ، د، ڌ، ن، ر، ش، ل |
ث، ز، ذ |
چپن وارا: پ، ڦ، ب، ڀ، م، ٻ، و |
ف |
اردو ٻولي، جا پڻ سنڌيءَ وانگي اصل هندي هئي ۽
سنسڪرت جي ڌيءُ هئي ۽ پراڪرت مان نڪتل هئي، تنهن ۾
به عربي صورتخطي ڪم آيل آهي مگر انهيءَ ۾ وري به
ڪو اصول ڪم آيل آهي. جن اکرن ۾
″هي″
جو آواز لڪل آهي، تنهن جي پٺيان
″هه″
جو اکر لکندا آهن ۽ جنهن ۾
″نون″
جو آواز لڪل آهي، تنهن جي اڳيان
″ن″
لکندا آهن. پر سنڌي الف ب ۾ ڪن اکرن ۾
″هه″
وڌي اٿن، ڪن ۾
″نه″
۽
″نون″
ڪنهن ۾ به ڪم آيل نه آهي. تنهن ڪري چئبو ته ٺهرايل
الف بي عيبدار آهي. مثلا سنڌي اکرن مان هيٺيان
″هي″
سان گڏيل آهن، جي لکڻ به
″هي″
سان گهرجن. يا ته وري هر هڪ لاءِ ڌار صورت ٺهرائڻ
کپندي هئي.
″هي″
سان گڏ لکيل اکر فقط هي آهن:
″گهه″،
″جهه″.
انهن وانگي
″ڀ″
″بهه″
هئڻ گهرجي،
″ٿ″،
″ٿهه″
هئڻ گهرجي.
″ٺ″،
″ٺهه″،
″ڦ″،
″پهه″،
″ڇ″،
″ڇهه″،
″ڌ″،
″دهه″،
″ڍ″
″ڊهه″
۽
″ک″
″ڪهه″.
جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي لفظن آهن، جن ۾
″هي″
آواز سان گڏيل اکر آهن. جي
″هي″
سان لکڻ ۾ ٿا اچن. تڏهن الف - بي ۾ ائين ڪرڻ گهربو
هو. جيئن ته
″ڪالهه″،
″ڳالهه″،
″ملهه″
وغيره. جن ۾ لام سان گڏ
″هي″
جو آواز آهي.
″مڙهه″،
″ڪڙهه″،
″وڙهڻ″
وغيره جن ۾
″ڙي″
سان گڏ
″هه″
جو آواز ٿو اچي. سنهون، اُنهون، ٻانهون وغيره، جن
۾ نون سان گڏ
″هي″
جو آواز ٿو اچي. ساڳيءَ طرح نون سان گڏيل آواز
وارا اکر نون سان لکڻ گهربا هئا، جيئن ته
″ڃ″،
″نڄه″
۽
″ڱ″،
″نگ″
ڇا لاءِ جو جنهن به ٻئي اکر ۾
″نون″
جو آواز اچي ٿو ته اُهو نون سان لکڻ ۾ ٿو اچي جيئن
ته
″پنج″
۾
″پي″
سان گڏ نون جو آواز ٿو نڪري.
″ڪنڊ″
۾ ڪاف سان گڏ وغيره. سنسڪرت ۾ اُن مان نڪتل ٻين
ٻولين ۾ انهيءَ اکر تي فقط نقطو ڏيندا آهن. عربيءَ
۾ انهيءَ آواز ڪڍڻ لاءِ
″تنوين″
ٺهرايل آهن، يعني ٻه زبرون، ٻه زيرون يا ٻه ٻه
پيش. انهن ٻن قسمن جي اکرن ۾ يعني
″هه″
۽
″ن″
آواز سان گڏيل اکرن ۾ هڪڙو مونجهارو آهي ته ڪيئن
خبر پوي ته اهو آواز لڪل آهي يا ظاهر؟ انهيءَ ۾
اُڙدوءَ لاءِ چڱو دستور آهي ته لڪل آواز واري لفظ
۾ عربي
″هه″
لکندا آهن ۽ ظاهر آواز واري ۾ فارسي، جيئن ته
″سگهڻ″
۽
″گهڻ″.
″سگهڻ″
۾ گاف سان
″هي″
جو آواز لڪل آهي. يعني س، گهه، ڻ، پر گهڻ ۾ ظاهر
آهي. يعني گ، هه، ڻ. تنهن ڪري اُهو
″گهڻ″
لکندا آهن. ساڳيءَ طرح جتي نون جو آواز لڪل آهي،
اُتي نون ۾ نقطو نه ڏيندا آهن ۽ جتي آواز ظاهر
آهي، اُتي نقطو ڏيندا آهن. خاص پڇاڙيءَ ۾ جيئن ته
ڪانُ ۽ ڪان. پهرين ۾ نون ظاهر آهي ۽ پوئين ۾ لڪل.
جيئن ڪانگ جي ٻولي
″ڪان
ڪان″ آهي. عربيءَ ۾ جزم يا سڪون انهيءَ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
جيئن عربي، سنڌي لکڻ ۾ عربي صورتخطي ڪم آندي ويئي
آهي، تيئن پهريائين فارسي ٻوليءَ ۾ به ائين ڪيو
ويو آهي. جيڪي اکر يا آواز ٻنهي ٻولين ۾ عام هئا،
سي ڇڏي باقي جيڪي نج عربي اکر هئا، سي انهن ئي
اکرن وارن لفظن ۾ ڪم آندائون جو سنڌيءَ وانگي
فارسيءَ به تمام گهڻا عربي لفظ ورتا هئا. اُهي نج
عربي اکر هي اَٺ آهن: ث، ح، ص، ض، ط، ظ، ع ۽ ق.
باقي جيڪي نج فارسي اکر هئا ۽ جي عربيءَ ۾ نه هئا،
سي وري فارسيءَ وارن پنهنجا بنايا، جيئن سنڌيءَ ۾
به ڪيو اٿن. اُهي نج فارسي اکر چار آهن: پ، چ، ز ۽
گ جن کي فارسي
″ب″
۽
″فارسي
جيم″
۽
″فارسي
زي″
۽
″فارسي
ڪاف″
چوندا آهن. انهيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جا عام اکر
ڇڏي، باقي جيڪي نج سنڌي اکر آهن، سي هي ست آهن: ڄ،
ڃ، ٻ، ڏ، ڻ، ڳ ۽ ڱ. هاڻي انهن مان ڄ اگرچ مفرد
آهي، جيئن عربيءَ ۾ ٻن هڪجهڙن اکرن لکڻ جي بدران
هڪڙي تي شد يا تشديد جو نشان ڏيندا آهن يا ان جو
آواز
″دي″
جهڙو آهي، اهڙن سنڌي لفظن جي اصل يا اشتقاق مان به
ائين ئي ثابت ٿو ٿئي. مثلا سنڌي
″ڄ″،
پراڪرت
″آج″
مان نڪتل آهي جو وري سنسڪرت
″اَو-
ي″
مان نڪتل آهي. سنڌي
″وڄا″
پراڪرت
″وجا″
۽ سنسڪرت
″وڌيا.″
سنڌي
″ويڄ″،
پراڪرت
″ويج″،
سنسڪرت
″ويدي″.
گهڻن لفظن ۾ اصل ٻوليءَ وارو ج سنڌيءَ ۾ بدلجي ڄ
ٿو ٿئي جيئن ته هندي جٽ يا جاٽ، سنڌي ڄٽ، راج ۽
راڄ، لاج، لـج.
ساڳيءَ طرح
″ڃ″
جو آواز نـِـيَ″
جهڙو آهي ۽
″نج″
جي برابر آهي، جيئن مٿي نون جي آواز وارن اکرن ۾
ذڪر ڪيو ويو آهي.
″ٻ″
به
″ڄ″
وانگي ٻين بيئن يا
″ب″
جي برابر آهي ۽ اصل يا اشتقاق ڪري به ائين آهي،
جيئن ته سنڌي ٻه، سنسڪرت به. سنڌي ڏٻل يا ڏٻرو،
پراڪرت دُبلَ، سنسڪرت دربل.
ساڳيءَ طرح ڏ ٻن دالن يا د جي برابر آهي جيئن ته
سنڌي وڏو، پراڪرت وَد، سنسڪرت ورد. سنڌي چوڏهون،
پراڪرت چودو. سنڌي ڏولي، سنسڪرت دولا، پراڪرت
ڊولا.
ساڳيءَ طرح
″ڻ″
به ٻن نون يا ن جي برابر آهي. جيئن ته وڻ، سنسڪرت
ونُ. ٿڻ، هندي ٿنُ، سنسڪرت ستـَـن. اهو اکر سنڌي
″ڙ″
کي گهڻو ويجهو ۽ اڪثر انهيءَ مان بدلبو آهي. خاص
″هي″
جي آواز سان گڏ، جيئن ماڻهوءَ کي ڪي ماڻهو ۽ ڪي
″ماڙهو″
چوندا آهن. حقيقت ڪري
″ڙ″
۽
″ڙهه″
به
″د″
۽
″ڍ″
مان پيدا ٿيل آهي، جـيئن سندن اصل ثابت ٿو ڪري.
مثلا
″ڳڙ″
سنسڪرت
″گـُـڊ″
آهي. ڳڙهه يعني ڪوٽ يا قلعو، اصل هنديءَ ۾
″گڊُ″
آهي.
ڳ به ٻن گافن جي برابر آهي، يعني گ جيئن ته سنڌي
″آڳ″،
پراڪرت
″آگ″،
سنسڪرت
″آرگ″.
″لڳو″،
پراڪرت
″لگ″،
سنسڪرت
″لرگ″.
″ڀڳو″،
پراڪرت
″پگ″،
سنسڪرت
″پـَـرگ″.
″ڳوٺ″،
پراڪرت
″گوٺ″،
سنسڪرت
″گوشٺ″.
ڱ جي نسبت ۾ مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته نگ جي برابر
آهي ۽ اصل موجب به ائين آهي، جيئن ته آڱ اصل انگ،
رڱ اصل رنگ، مڱڻ اصل منگڻ، لڱ اصل لنگ وغيره.
انهن کان سواءِ جيڪي به اکر
″ٽ″
۽
″ڊ″
توڙي
″ٺ″
۽
″ڍ″
سنڌي آهن ۽ ٻين ڪن ديسي ٻولين ۾ اچن ٿا، سي به
آواز توڙي اصل جي نظر تي
″تر″
۽
″در″
جي برابر آهن، جيئن ته: سنڌي
″پـُـٽ″،
پراڪرت ″پـُـٺ″، سنسڪرت ″پـُـتر″. سنڌي ″ڊاک″،
سنسڪرت ″دراڪش″. سنڌي ″ڍاپن″، سنسڪرت ″ترپڻ″. سنڌي
″ڏڍ″، هندي ″داد″، سنسڪرت ″درد″.
ساڳيءَ طرح سنڌي ک به سنسڪرت ″ڪش″ مان نڪتل آهي،
جنهن مان ڇ ۽ شين جو آواز به نڪرندو آهي، جيئن ته
پرک پرڪشا مان.
جيڪي خاص عربي اکر سنڌي الف بي ۾ ورتا ويا آهن، تن
جي نسبت ۾ هيترو چوڻ ضروري آهي ته جيتوڻيڪ بيشمار
عربي لفظ سنڌيءَ ۾ آيل آهن ۽ لکجن به اصلوڪي صورت
۾ ٿا، ته به گهڻن ماڻهن کي، جي عربي ۽ فارسي پڙهيل
ناهن، يا جي مسلمان نه آهن، سي ڳالهائڻ ۾ توڙي لکڻ
۾ چـُـڪون ڪندا آهن. يعني ق ۽ ڪ ۾، يا س، ص ۽ ث ۾،
يا ز، ض، ظ ۾، يا ع، عـ ۽ ا ۾، يا ح ۽ هه ۾ فرق
ڪونه ڪندا آهن ۽ لاچار ٿي اُهي بدلائي پنهنجا سنڌي
آواز ڪڍندا آهن. يا اصلي ڇڏي ڏيندا آهن. بلڪ شعر
جي قافيي ۾ انهيءَ طرح ڪم آڻيندا آهن. مثلا: سعيو
ائين لکندا آهن جو ڄڻ ته سايو آهي. طعام ڄڻ ته طام
آهي. جـُـمعو ڄڻ ته جـُـمو آهي. نعل ڄڻ ته نال
آهي. ڪي باغ کي باگ چون، ڪي سيخ کي شيخ چون، ڪي
فڪر کي ڦڪر ڪن. پر هن بابت مفصل بيان نحو ۾ ايندو،
جتي اکرن بدلجڻ جو بيان ڏنو ويندو.
عربي الف ب جي ذڪر ڪندي هيترو به ٻڌائڻ ضروري آهي
ته خود اهي عربي حرف يا اکر اصل عبراني ٻوليءَ مان
ورتل آهن ۽ انهن جي صورت به اُنهن تان ورتل آهي ۽
انهن جي ترتيب اُها آهي، جا ابجد وارن لفظن ۾ ڏنل
آهي. جن مان هر هڪ جو مـُـلهه انگن ۾ ٺهرايل آهي.
اهي اکر هي آهن: ″ابجد″، ″هوز″، ″حطي″، ″ڪلمن″،
″سعفص″ ۽ ″قرشت″. اهي مڙيئي ٻاويهه اکر آهن ۽ عربن
وٽ وڌيڪ هي ڇهه اکر هئا جي عبرانيءَ ۾ نه هئا ۽ جي
پوءِ پنهنجي الف بي ۾ وجهي اَٺاويهه اکر ڪيائون:
ث، خ، ذ، ض، ظ، غ ۽ ابجد جي پٺيان ″ثخذ″، ″ضظع″،
ٻه لفظ گڏي ۽ انهن جو ملهه عددن ۾ ڏيئي هڪ هزار
پورو ڪيائون. عبراني اکر، نالا ۽ مـُـلهه هيٺ ڏجن
ٿا:
انهن ٻاويهن اکرن ۾ عربن پنهنجا خاص اکر ملائي
هيٺيان ملهه انهن تي رکيا.
ث = 500، خ = 600، ذ = 700، ض = 800، ظ = 900 ۽ غ
= 1000. ڪن انهيءَ کان سواءِ هڪڙو اکر وڌايو جنهن
جو ناکو ″آمزه″ رکيائون ۽ شڪل ″عـ″ ڏنائونس جو
پوءِ غلط استعمال سان ″همزه″ سڏجڻ ۾ آيو ۽ الف يا
عين جهڙو آواز ڏنائونس، ڪن وري لام الف گڏيل ″لا″
هيئن لکي، انهن ۾ گڏي ٽيهه اکر پورا ڪيائون جنهن
کي اڃا تائين فارسيءَ ۾ سـِـي حرفي سڏيندا آهن.
الف بي جي حرفن جا گهڻا ئي قسم آهن جن جو بيان علم
نحو ۾ ڏنو ويندو، جيئن ته نقطن وارن حرفن کي
″منقوط″ يا ″معجمه″ ۽ خالي حرفن کي ″غير منقوط″ يا
″مهمله″ ۽ الف بي جي اکرن مان ڪي ″مسروري″ آهن، ڪي
″ملفوظي″ ۽ ڪي ″مڪتوبي″ وغيره. انهن سڀني جو بيان
علم نحو ۾ ايندو، اگرچه ڪن صرف نحو وارن اهو صرف ۾
الف بي جي بيان ۾ آندو آهي.
ا |
|
الف |
ا |
ل |
|
لامد |
30 |
ب |
|
بيته |
2 |
م |
|
ميم |
40 |
ج |
|
ڪمل |
3 |
ن |
|
نون |
50 |
د |
|
دالد |
4 |
س |
|
سامخ |
60 |
هه |
|
هي |
5 |
ع |
|
عين |
70 |
و |
|
واو |
6 |
ف |
|
في |
80 |
ز |
|
زائين |
7 |
ص |
|
صيدي |
90 |
ح |
|
حيته |
8 |
ق |
|
قوف |
100 |
ط |
|
طيته |
9 |
ر |
|
ريش |
200 |
ي |
|
يوڌ |
10 |
ش |
|
شين |
300 |
ڪ |
|
ڪاف |
11 |
ت |
|
تاو |
400 |
فصل ٻيو
حرف علت، حرف صحيح ۽ اعراب
عربي زبان موجب ٽي اکر آهن، جن کي حرف علت چوندا
آهن. يعني بيمار اکر. ڇا لاءِ جو اُهي ٻين جي مدد
سان ڪم ايندا آهن ۽ انهن کان سواءِ ٻين اکرن کي
حرف ″صحيح″ يعني سگها يا چڱا ڀلا اکر چوندا آهن.
اهي ٽي آهن: ا، و ۽ ي. اهي ساڳيا ٽي اکر لفظن جي
منڍ ۾ ۽ ڪڏهن وچ ۾، حرف صحيح ٿي به ڪم ايندا آهن.
هر هڪ حرف صحيح کي ڪو ″حرف علت″ گهرجي، تڏهن ڪم
ايندو ۽ منجهانئس ڪو آواز نڪرندو. تنهن ڪري انهن
ٽن حرفن کي ڳرا يا وڏا حرف علت جا شمار ڪيائون ۽
انهن مان وري ٽي ننڍا علت جا نشان ڪڍيائون: اَلف
مان ″زبر″، واو مان ″پيش″ ۽ يي مان ″زير″ ۽ انهن ۾
پهرين علت جي حرفن جا اَڌ اَڌ آواز مقرر ڪيائون.
انهيءَ ڪري هڪ الف ٻن زبرن جي برابر ٿيو. واو ٻن
پيشن جي ۽ يي ٻن زيرن جي. انهن ننڍن علت جي نشانن
کي ٽي ″حرڪتون″ سڏيائون، يعني انهن جي وسيلي حرف
چـُـري پـُـري سگهيا. زبر کي ″فتح″ يا ″نصب″ جو
نالو ڏنائون ۽ اکر جي مٿان هي نشان (ـَـ) ڏنائون ۽
فارسيءَ ۾ زبر جي معنيٰ به مٿي آهي ۽ پيش کي ″ضم″
يا ″رفع″ جو نالو ڏنائون ۽ اکر جي اڳيان يا مٿان
ڏنائون ۽ هي نشان (ــُــ) مقرر ڪيائون ۽ فارسيءَ ۾
پيش جي معنيٰ اڳيان. زير کي ″ڪسره″ يا ″جر″
سڏيائون ۽ هي نشان (ــِــ) مقرر ڪري اکر جي هيٺان
ڏنائون ۽ فارسيءَ ۾ زير جي معنيٰ به هيٺ آهي. جنهن
اکر تي ڪابه حرڪت ڪانه آيل هوندي، تنهن تي ″جزم″
يا ″سڪون″ جو هي نشان (ــُـ) ڏيئي ″ساڪن″ يعني
بيٺل يا اڻ چرندڙ سڏيائون. جيئن ته سـَـرد.
انهن کان سواءِ هيٺيان اعراب به ڪم آندا ويا:
″شد″ يا ″تشديد″ (ــــ) انهيءَ اکر تي جنهن تي زور
ڏيڻ ۾ ٿو اچي ۽ جو ٻٽو حرف شمار ٿو ٿئي، ڇو ته شد
جي معنيٰ به اها ئي آهي. جيئن ته رب ۽ مد جو نشان
(آ) الف تي ڏيئي انهيءَ کي ٻن الفن جي برابر
ڪيائون، جو ″مد″ جي معنيٰ آهي ڊگهو هئڻ. جيئن ته
آواز. وري جنهن اکر تي ″اعراب″ اچڻ وقت نون جو
آواز ٿي نڪتو، تنهن تي ″تنوين″ جو نشان يعني ٻه
زبرون، ٻه زيرون ۽ ٻه پيش ڏنائون جيئن ته اتفاقا=،
جيئن جو آواز اتفاقن يا اتفاقون آهي. خصوصا= جنهن
جو آواز خصوصن يا خصوصون آهي.
مٿي جيڪي ٽي حرف علت ڏنا ويا آهن، تن مان ڊگهن
آوازن ڪڍڻ لاءِ جيڪو اکر ڪنهن لفظ ۾ انهن کان اڳي
اچي ٿو، تنهن کي ″زبر″، ″زير″ يا ″پيش″ ڏيئي عربن
اهو مطلب حاصل ڪيو ٿي. الف کي ڊگهي ڪرڻ لاءِ مد
ڏيئي. ٻٽو الف ڪيائون، جيئن مٿي چيو ويو آهي ۽
ڪنهن به حرف صحيح کي زبر ڏيئي انهيءَ سان الف گڏي،
ڊگهو آواز ڪڍيائون، جيئن ته: ″با″، ″ڪا″ ۽ ″لا″ ۽
زير ڏيئي اُنهيءَ سان ″ي″ گڏي ڊگهو آواز ڪيائون،
جيئن ته: بـِـي، ڪـِـي، لـِـي ۽ پيش ڏيئي انهيءَ
سان ″واو″ گڏي ڊگهو آوار ڪڍيائون، جيئن ته بـُـو،
ڪـُـو ۽ لـُـو. فارسيءَ وارن وري انهن حرف علت
وارن آوازن کي ″معروف″ سڏي جيڪي آواز عربن ۾ نه
هئا ۽ وٽن هئا، سي حرڪتن مٽائڻ سان ڪم آندائون.
يعني واو توڙي بي سان زير وارا حرف صحيح گڏي ڪم
آندائون ۽ انهن کي ″واو مجهول″ ۽ ″يي مجهول″
سڏيائون، جيئن ته شور، مور، شير ۽ ڪير، پر حقيقت
ڪري ايراني اهو وارو مجهول ۽ ″يي مجهول″ ڳالهائڻ ۾
ڪم نه آڻيندا آهن. هو هميشه انهيءَ جي بدران
″معروف″ آواز ڪم آڻيندا آهن. انهن کان سواءِ عرب
ٻٽيون حرڪتون به واو ۽ يي سان ڪم آڻڻ لڳا جيئن ته
دور ۽ غور، جي ڄڻ ته دئور ۽ غئور لکيل آهن ۽ سير ۽
خير ڄڻ ته خئير ۽ سئير لکيل آهن. انهن ۾ و ۽ ي
ساڪن آهن.
جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، تيئن سنڌي اعراب هي
آهن: اَ، اَ، اِ، اِي، اَ، اُو، اي، او، اَي، اَو،
جي نون غـُـني سان به اچي سگهن ٿا، جيئن ته اَن يا
ءَ، اَن يا اِن يا ءِ، اِين يا اُن يا ءٌ، اُون،
اين، اون، اين ۽ آون.
اهي سڀ اعراب سنسڪرت ۽ پراڪرت وارا آهن، جي سنڌيءَ
۾ به ڪم اچن ٿا، سواءِ ڪنهن ٿوري تفاوت جي. سنڌيءَ
جي پهرين وڏي خاصيت هيءَ آهي ته گهڻو ڪري سڀ ڪنهن
سنڌي لفظ جو پڇاڙيءَ وارو حرف صحيح چـُـرندڙ يا
حرڪت وارو هوندو، پر فارسيءَ ۾ اڪثر پڇاڙيءَ وارو
حرف ساڪن ٿو رهي ۽ سنسڪرت ۾ به گهڻا لفظ ساڪن
پڇاڙيءَ وارا آهن. اها خاصيت سنڌي ٻوليءَ جي تمام
چڱي آهي، جا عربيءَ ۾ به آهي.
باب پنجون
فصل پهريون
سنڌيءَ ۾ حرفن يا اکرن مان لفظ يا هڪڙن لفظن مان
ٻيا لفظ ڪيئن ٿا جڙن؟
جدا جدا پڇاڙين وارا لفظ:
سنڌيءَ ۾ جيڪي به لفظ آهن، تن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف
علت هوندو يا حرف علت جو ڪو نشان هوندو، جنهن کي
″حرڪت″ چون ٿا ۽ جو ڪنهن حرف صحيح تي ايندو. يعني
سنڌيءَ جي هر هڪ لفظ جي پڇاڙي هيٺين اعرابن مان هڪ
نه ٻئي ۾ ضرور هوندي:
اَ، آ، اِ، اي، اُ، اُو، اَو، او، اِي، اَي. (نون
غني جو آواز به انهن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو)
هيٺ هر هڪ جا مثال ڏجن ٿا جنهن مان معلوم ٿيندو ته
هر هڪ پڇاڙيءَ وارا لفظ ڪهڙي قسم جا لفظ آهن ۽
ڪهڙي اصل جا آهن؟
اَ:
هن پڇاڙيءَ وارا لفظ اڪثر اُهي آهن، جي سنسڪرت يا
پراڪرت ۾ ″اَ″ ۽ ″آ″ پڇاڙيءَ وارا آهن ۽ جن جا
مثال مٿئين باب ۾ اچي ويا آهن. جيئن ته ڄـِـڀَ،
نـُـنهن، ڌيءُ، جال، جام، ڌُرِ، ٻاڦ جي اسم فعلن
مان نڪتل آهن، سي به اَ پڇاڙيءَ وارا آهن جيئن ته
پرکڻ مان پرک، گـُـڏڻ مان گـُـڏ، مارڻ مان مار. جي
اسم صفت مذڪر ″اُ″ پڇاڙيءَ وارا آهن، تن جي مؤنث
به ″اَ″ پڇاڙيءَ واري آهي. جيئن ته سڄاڻُ، اڻ
ڄاڻَ، اَڻ ڄاڻُ، ڀاڄوڪڙُ، ڀاڄوڪڙَ، سـُـڀُ،
سـُـڀَ. ڪٿي ساڳين لفظن جي پڇاڙي جا ″اِ″ ۾ آهي،
سا ″اَ″ ۾ به ٿئي ٿي. جيئن ته: نارَ، نارِ، هريڙَ،
هريڙِ، چريٽَ، چريٽِ. گهڻا لفظ جي عربيءَ ۽
فارسيءَ مان ورتل آهن، تن کي اها پڇاڙي ڏيئي مؤنث
ڪري ڪم ٿا آڻين، جيئن ته مـِـلڪ، زمينَ، حدَ،
عزتَ، برڪتَ، قبرَ، خبرَ. اڪثر اُ پڇاڙيءَ وارن
سنڌي مذڪر اسمن جو جمع به ″اَ″ ۾ ٿئي ٿو، جيئن ته
ڪتابُ، ڪتابَ. گڏههُ، گڏههَ.
اَ:
هن پڇاڙيءَ وارا لفظ به اڪثر اُهي آهن، جي سنسڪرت
يا پراڪرت ۾ به اَ ٿا رکن، جيئن ته هچا، کما،
چنتا، اڪثر اُهي مؤنث آهن، سواءِ ڪن ٿورن جي، جيئن
ته: راجا، اَتما، داتا. عربي ۽ فارسي وارا انهيءَ
پڇاڙيءَ وارا لفظ به ساڳيءَ حالت ۾ ورتل آهن، جي
پڻ مؤنث آهن. جيئن ته حيا، وفا، بلا، سواءِ ڪن
ٿورن جي، جيئن ته: آشنا، رهنما، قطب نما، دانا
بينا.
اِ:
هن پڇاڙيءَ وارا اُهي لفظ آهن، جي سنسڪرت ۽ پراڪرت
۾ اِ يا اِي پڇاڙيءَ وارا آهن. جيئن ته ٻـُـڌ،
متِ، نارِ، وسپتِ، ڪيهرِ مؤنث رهن ٿا. اُ پڇاڙيءَ
وارن مذڪر اسمن ۽ صفتن جا مؤنث لفظ به اِ پڇاڙيءَ
وارا ٿين ٿا جيئن ته گڏههُ، گڏههِ، سڌرُ، سڌرِ،
پريٽُ، پريٽِ. ڪٿي وري ساڳي پڇاڙيءَ وارا مذڪر اسم
سنسڪرت ۽ پراڪرت اصل وارا، سنڌيءَ ۾ مؤنث ڪري آندا
اٿن، جيئن ته آڳِ، ديههِ، گوڙِ. ڪن عربي ۽ فارسي
لفظن جي پڇاڙي ″اِ″ يا ءِ ۾ ڪري مذڪر يا مؤنث شمار
ڪندا آهن جيئن ته خداءِ، سيٺِ، خواجه خضرِ، خوشِ،
بدِ، رنجِ. اهي اڪثر اسم ۽ صفت آهن.
اِي:
سنڌيءَ ۾ جيڪي مذڪر ″اِي″ پڇاڙيءَ وارا آهن، سي
سنسڪرت ۽ پراڪرت جي ″اِ″، اِن″ ۽ يَ يا ″اِي″
پڇاڙيءَ وارن لفظن سان موافق آهن، جيئن ته ڌرمي،
سوامي، هاٿي، هاري، اوٺي، ٺيڪري، پرين، اَڀاڳي،
هندي، سنڌي، ڪوي، هري. عربي ۽ فارسيءَ مان ورتل
لفظ انهيءَ پڇاڙيءَ وارا به اصل سان موافق آهن،
جيئن ته خوشي، دوستي، نيڪي، بدي. جي اڪثر مؤنث آهن
۽ ″ياءِ″ نسبت وارا يا ٻيا صفت وانگي ڪم ايندا
آهن، جيئن ته: چيني،
رومي، عربي، زخمي، حرفتي، راضي، هادي، قاضي. ڪي نج سنڌي
اِي پڇاڙيءَ وارا مذڪر به آهن، جيئن ته باندي،
مانجهي، ٻيلي، پاڪي، هاٿي، ماري.
جيڪي مؤنث لفظ اِي پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت ۽ پراڪرت
مان آيل آهن، سي سنڌيءَ ۾ ساڳي پڇاڙي رکن ٿا ۽
مؤنث رکن ٿا، جيئن ته: ندي، ستي، راڻي. ڪٿي اَ ۽
اِ پڇاڙيءَ وارا لفظ سنڌيءَ ۾ اِي ٿيا آهن، جيئن
ته: وائي، ڏهي، ماکي، گولي، چوري.
اُ: هن پڇاڙيءَ وارا لفظ سنڌيءَ ۾ اڪثر مذڪر آهن ۽
سنسڪرت اَ يا اَ ۽ پراڪرت او پڇاڙي وارن لفظن تان
ورتل آهن، جيئن ته نر، گهر، ڪم، سچيت، اَٽل، مد،
واءَ. ڪي اصل اَ يا تا پڇاڙيءَ وارا به اُ ۾ آيا
آهن. جيئن ته: پيءُ، ڀاءُ، ماءُ، ڀتار، ڀيڻ.
ڪي ٿورا مؤنث آهن، جي اصل سنسڪرت ۾ به اُ پڇاڙيءَ
وارا آهن، جيئن ته: وٿ، سس، وڄ.
عربي ۽ فارسي لفظ گهڻا آهن، جن کي پڇاڙيءَ ۾ پيش
ڏيئي مذڪر ڪري ڪم آندو اٿن، جيئن ته: ڪتاب، قلم،
ڪاغذ، در.
اُو:
پڇاڙيءَ وارا سنڌي لفظ (اسم توڙي صفتون) اڪثر اُ
پڇاڙيءَ وارن سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن مان نڪتل آهن ۽
اڪثر مذڪر آهن. ڪي ٿورا مؤنث آهن. مثال: سائو،
تارُون، ڀـُـون، جـُـون، تارُو، رهاڪو، کاٽائو،
ماڻهو، ڏاڙهون، ڪڇون، وڇون.
عربي ۽ فارسيءَ مان آيل لفظ اُو پڇاڙيءَ وارا اصل
سان موافق آهن ۽ ڪن ۾ ″همزو″ يا ″نون″ پڇاڙيءَ ۾
آڻندا آهن. جيئن ته: آبرو، خوشبو، بوءِ، روءِ،
دارون، زردالو، جي مذڪر به آهن ۽ مؤنث به.
او:
پڇاڙيءَ وارا لفظ سنڌيءَ ۾ سڀ مذڪر آهن. اصل
پراڪرت جي او پڇاڙيءَ وارا لفظ سنڌيءَ ۾ ڪڏهن او ۾
۽ ڪڏهن اُ ۾ پڇاڙي ڪن ٿا. مثال: ترو يا ترُ، ڳلو
يا ڳلُ، لڙڪو يا لڙڪُ، چورو يا چورُ، مٿو يا مٿُ.
عام اسم يا صفت او پڇاڙيءَ وارا ته بيشمار آهن:
گهوڙو، سونارو، چڱو، بڇڙو، کارو، مٺو، پڪو، ڄٽڪو،
سگهارو، رسيلو، گهاٽو، واڍو، تارو.
عربي ۽ فارسي لفظ ″ه″ پڇاڙيءَ وارا اڪثر ″او″ ۾
پڇاڙي ڪندا آهن. جيئن ته: دروازه - دروازو، جامه -
جامو، نامه - نامو، ستاره - ستارو.
اُو:
هي اعرابون سنسڪرت ۽ پراڪرت مان آيل لفظن ۾ ٿوريون
آهن، جيئن مٿئين باب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾
ضمير حاضر جمع وارن فعلن جي زمانن ۾ ڪم ايندو آهي،
جيئن ته ٿيو، ڪندو، ويندو. عربي ۽ فارسيءَ مان آيل
لفظ انهيءَ پڇاڙيءَ وارا اصل سان موافق آهن، جيئن
ته جو. سنڌي لفظ به ڪي انهيءَ پڇاڙيءَ وارا آهن جي
اڪثر مذڪر آهن، جيئن ته: ڀو، سو، ڍو.
اي:
هن پڇاڙيءَ وارا سنڌي لفظ به اڪثر فعل جي زمان
مضارع جي ضمير واحد غائب واري صورت ۾ ڪم اچن ٿا،
جيئن ته ڪري، هلي. ڪي ظرف به انهيءَ پڇاڙيءَ وارا
آهن، جيئن ته هري هري، پري. ۽ ڪي حرف به اهڙيءَ
پڇاڙيءَ وارا آهن، جيئن ته: کي، تي، ري. فارسي اصل
وارا لفظ به ساڳي صورت ۾ اچن ٿا. جيئن ته: بي،
بلي.
اَي:
هن پڇاڙي وارا لفظ به مٿين ٻن پڇاڙين وانگي ڌارين
ٻولين جا ورتل آهن ۽ ساڳيءَ صورت ۾ آندا ويا آهن.
جيئن ته: هي، مي، قي، ري، شي، ني، جي، کي. انهن
خاص اعرابن بابت مٿئين باب جي شروع ۾ ذڪر ڪيو ويو
آهي.
فصل ٻيو
هڪڙن لفظن مان ٻين لفظن جو ٺهڻ
حاصل باالمصدر يا اسم ذات:
جيڪي سنسڪرت ۽ پراڪرت اصل وارا آهن، سي ٻن طرحن
سان ٿا جـُـڙن: هڪڙا سڌا فعلن جي بنياد مان ٿا
نڪرن ۽ ٻيا اُهي جي ڇڙن اسمن مان ڪن پڇاڙين يا
نشانن گڏ ٿيڻ سان ٿا جـُـڙن. فعلن جو بنياد چئجي
ٿو مصدر جي نشاني ″ڻ″ ڪڍي ڇڏڻ سان جيڪي بچي، تنهن
کي. اهو فعل جو بنياد انهيءَ فعل جو مـُـول يا
جوهر آهي، جو جڙيل لفظ ۾ ظاهر ٿو ٿئي ۽ ساڳي فعل
واري معنيٰ ٿو ڏئي. تنهن ڪري انهن کي ″حاصل
بالمصدر″ چوندا آهن، جو اسم وانگي ڪم اچي ٿو ۽ فعل
جي معنيٰ ٿو ڏئي. انهيءَ کي ″اسم ذات″ به چئي ٿو
سگهجي. اهڙا اسم ذات جي مصدرن مان جڙن ٿا، سي به
جدا جدا پڇاڙين وارا ٿين ٿا ۽ اصلوڪن سنسڪرت ۽
پراڪرت جي لفظن وارين پڇاڙين جهڙا يا انهن کان
ڦريل رهن ٿا. مثلا ″آ″ پڇاڙيءَ وارا سنڌي ″حاصل
بالمصدر″ يا ″اسم ذات″ سنسڪرت يا پراڪرت جي ″اَ″
پڇاڙيءَ وارن لفظن تان ورتل آهن، جيئن ته سنسڪرت ۾
″پوڄ″ مان ″پوڄا″ آهي. تيئن سنڌيءَ ۾ ″پوڄڻ″ مان
″پوڄا″ آهي مگر گهڻين حالتن ۾ ″آ″ ″ا″ ٿو ٿئي.
جيئن ته ″جاڳڻ″ مان ″جاڳ″، ″سگهڻ″ مان ″سگهه″،
″ڀـُـلڻ″ مان ″ڀـُـل″. ڪڏهن ″اِ″ ٿو ٿئي جيئن ته
″وڙهڻ″ مان ″ويڙهه″. ″گهٽن″ مان ″گهاٽِ″. ″گهمڻ″
مان ″گهوم″. ڪڏهن ″اِ″ به ٿو ٿئي، خاص جڏهن اصل
سنسڪرت وارن لفظن جي پڇاڙي ۾ ″آ″ آهي. جيئن ته:
″لهڻ″ مان ″لاهه″، ″ڀرڻ″ مان ″ڀور″، ڦيرڻ مان
″ڦير″. ڪڏهن ″او″ به، جيئن ته: ″گهٽڻ″ مان
″گهاٽو″، ″چڙهڻ″ مان ″چاڙهو″. ″جهيڙڻ″ مان
″جهيڙو″، ″کپڻ″ مان ″کاپو″. ڪڏهن ″اِي″ به جيئن ته
″چڙهڻ″ مان ″چاڙهي″، ″لهڻ″ مان ″لاهي″، ″ڏيکارڻ″
مان ″ڏيکاري″.
ڪڏهن خود مصدر پنهنجي اصلي صورت ۾ ″اسم ذات″ ٿي ڪم
ايندي آهي، جيئن ته اچڻ وڃڻ، مرڻ جيئڻ، ڏيڻ وٺڻ.
جيئن چئجي ته اچ وڃ، موت ۽ حياتي، ڏي وٺ. ڪڏهن فعل
جي بنياد جي بدران خود مصدر جي پٺيان او ۽ اي
لڳائي ڪم آڻيندا آهن، خاص انهن لفظن ۾ جن ۾ سنسڪرت
واري پڇاڙي آئي آهي. جيئن ته: ڏيڻو وٺڻو، مڱڻو،
پرڻو ۽ چوڻي، ڪرڻي، ڀرڻي، کڻاڻي، جاراڻي، ڌُئارڻي.
ڪڏهن فعل جي بنياد جي پٺيان ″ت″ وجهندا آهن، جيئن
ته کپڻ مان کپت، اچڻ وڃڻ مان آوت جاوت، وڻڻ مان
وڻت، هلڻ مان هلت، ڪڏهن ″اَٽُ″ يا ″اٽ″ وجهندا آهن
جيئن گهيرڻ مان گهيرٽ، وڄائڻ مان واڄٽ، ڳاهن مان
ڳاهٽ، چمڪڻ مان چمڪاٽ، ڀـُـڻڪڻ مان ڀڻڪاٽ، ڪڙڪڻ
مان ڪڙڪاٽ. ڪڏهن ″ڪو″ گڏڻ سان، جيئن ته: پٽڻ مان
پٽڪو، سٽڻ مان سٽڪو، چٽڻ مان چٽڪو، چمڪڻ مان چمڪو،
ڪڙڪڻ مان ڪڙڪو، ڀـُـڻڪڻ مان ڀـُـڻڪو.
اسم فاعل ترڪيبي:
جن سنسڪرت لفظن يا اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ″اَڪ″ آهي،
اُهي اڪثر اسم فاعل ترڪيبي آهن. يعني ڪم يا ڌنڌي
ڪندڙن مان آهن ۽ اُنهن جي حالت ۾ سنڌيءَ ۾ ″ڪ″
مٽائي ″او″ ٿا ڪن. جيئن ته: وڍڻ مان واڍو، گهرڻ
مان گهورو، ٽٻڻ مان ٽوٻو، ڳائڻ مان ڳائڻو. جن اهڙن
سنسڪرت لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اُڪ آهي، تن ۾ ″اَو″ ٿا
گڏين. جيئن وڙهڻ مان ويڙهـُـو، تـَـرڻ مان تارو،
وڌڻ مان واڌو، ڦـُـرڻ مان ڦورو، گهـُـمڻ مان
گهـُـومو، سـَـهڻ مان سـَـهـُـو.
ڪڏهن پڇاڙيءَ ۾ اَڪُ، اَڪـُـو، يا اَئو ڪم آڻيندا
آهن جيئن ته رهڻ مان رهاڪو، ورچائڻ مان ورچائو،
پيئڻ مان پياڪ، وڪامڻ مان ويڪائو، هرڻ مان هيراڪ،
جهيڙڻ مان جهيڙاڪ.
ڪٿي وري سنسڪرت جي ″اَر″ پڇاڙيءَ وارا لفظ ″اَرو″
۾ ايندا آهن، جيئن ته: پوڄڻ مان پوڄارو. ڪٿي ″اَر″
اصل وارو به ڪم آڻين ٿا، جيئن پنڻ مان پينار.
ڪٿي ″ڻو″ وجهندا آهن، خاص انهن لفظن ۾، جن ۾ اصل
سنسڪرت واري پڇاڙي ″اَن″ آهي ۽ اڪثر صفت جي معنيٰ
به نڪرندي آهي. جيئن ته پنڻ مان پنڻو، ڀـُـرڻ مان
ڀرڻو، ڇرڪڻ مان ڇرڪڻو، مرڪڻ مان مرڪڻو، کلڻ مان
کلڻو.
سنسڪرت ۾ ″اَت″ پڇاڙيءَ وارا لفظ ″اَندو″ پڇاڙيءَ
سان ٿا اچن، جيئن: لڳڻ مان لڳندو، ڏسڻ مان ڏسندو،
جي گرامر ۾ اسم حاليه شمار ڪيل آهن ۽ ″توي″
پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت لفظ ″اِبو″ پڇاڙيءَ سان ٿا
اچن، جيئن ٻوساٽڻ مان ٻوساٽبو، جهلڻ مان جهلبو، جي
گرامر ۾ فعل مجهول جو مستقبل زمان آهن.
سنسڪرت ۾ ″تَ″ پڇاڙيءَ وارا لفظ سنڌيءَ ۾ ″او″،
″يا″، ″يو″ پڇاڙيءَ سان اچن ٿا ۽ گرامر ۾ اسم
مفعول جي صورت ٿا وٺن. جيئن: ″پـَـسڻ″ مان
″پـَـسيو″، ″جهلڻ″ مان ″جهليو″، ″ڏسڻ″ مان ″ڏٺو″،
″موٽڻ″ مان ″موٽيو″.
اسمن مان اسم، پڇاڙين ملائڻ سان:
مٿي فعل جي بنياد مان جڙندڙ لفظ ڏنا ويا آهن. هاڻي
ٻئي قسم جا لفظ ڏبا، جي ٻين ڇڙن اسمن مان ڪن
نشانين يا پڇاڙين گڏڻ سان ٿا جـُـڙن.
اڪثر اسم ذات، اسمن جي پٺيان اِي ۽ آئي وجهڻ سان
ٿا جڙن ۽ سنسڪرت پڇاڙي ين سان موافق آهي، جيئن ته
چور مان چوري، مندو مان مندائي، چڱو مان چڱائي،
ڀلو مان ڀلائي، گهٽ مان گهٽتائي.
جتي سنسڪرت لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ من ۽ پراڪرت ۾ آڻ
آهي، انهن لاءِ سنڌيءَ ۾ به آڻ اچي ٿو، جيئن: اڇو
- اڇاڻ، ويڪرو - ويڪراڻ، ڪڙو - ڪڙاڻ، مٺو - مٺاڻ.
اهڙا اسم ذات جدا جدا پڇاڙيءَ وارن اعرابن جا، اصل
کان ڦري گهري اچن ٿا. اهڙا ڪي متفرقه مثال ڏجن ٿا:
وٺ، واهـِـپُ يا واهـِـپو، ماڻهپو، ننڍپڻ، رناپڻ،
ٻـُـڍاپڻ، پنڊتپڻو.
ڪار پڇاڙيءَ وارا اسم اصل سنسڪرت يا پراڪرت مان
آيل ڪار يا ڪارو پڇاڙيءَ سان سنڌيءَ ۾ به اچن ٿا.
جيئن ته: وڻڪار، ٿڌڪار، ڦٽڪار، لـُـڇڪارو، وسڪارو.
اسمن مان صفتون:
سنسڪرت ۾ اِڪٰ، اِي يا اَن پڇاڙيءَ وارا لفظ
سنڌيءَ ۾ اُهي بدلائي اِي ٿا ڪن، جيئن مٿي اِي
اعراب جي بيان ۾ چيل آهي ۽ اڪثر نسبت ٿا ڏيکارين،
جيئن هندي، سنڌي، لاڙي يا لاڙائي، اوٺي، ٻاڪري،
ٺيڪري، دانهي، روڳي، مالهي. ڪن حالتن ۾ آئي ٿا
آڻين جيئن باٰغائي، جهيڙائي.
اُڪ پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت اسم سنڌيءَ ۾ او پڇاڙيءَ
سان ٿا اچن ۽ مـَـيَ پڇاڙيءَ وارا اصل لفظ اون
پڇاڙيءَ سان ٿا اچن، جيئن ته: ڇاپرو، باکرو،
ڌرمائــو، شرمائــُــو، هيڊائــُــون،
لوهائــُــون، شيشائــُــون.
اَ پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت او پڇاڙيءَ سان سنڌيءَ ۾
اچن ٿا، جيئن ته اُٺ - اوٺو، ڳئون - ڳائو، مينهن
- ماهيو، وِچُ - ويچو يا وچون، ٻروچ - ٻاروچو،
سـَـگهه - سـَـگهو، وِنگ - ونگو.
اَل پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظ بدلجي اَر
يا اَر پڇاڙيءَ سان ٿا اچن، جيئن ته: مينهن -
مينهار يا ميهر، چوٽي - چوٽير يا چوٽيار، ڌڻ -
ڌنار.
ڪٿي ساڳيو اَل يا اَلو به اچي ٿو جيئن ته: جهـُـڙ
- جهـُـڙالو، گهڙي - گهڙيال يا گهڙيالو، ڏيو -
ڏيالُ، جـَـو - جـَـوال، ساري - ساريال.
اِر ۽ اِل پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت لفظ ايلو يا ايرو
پڇاڙيءَ سان اچن ٿا، جيئن ته ٿريلو يا ٿاريلو،
چميلو، ڇانويلو، کانڌيرو.
جتي اصل سنسڪرت لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ″ر″ آهي، اُتي
″اِرُ″ ۽ جتي ″سـَـت″ آهي، اُتي فقط ″تُ″ اچي ٿو.
جيئن ته: پيٽر، جهاتر، جهپر، پورهيت، ڏيئياتُ.
ساڳيءَ طرح اِتَ پڇاڙي ڦري ايتو ۽ اَئتو ٿئي ٿو،
جيئن پـُـٽيتو، ڀائيتو، مائيتو، جوئيتو، وارائتو،
واٽائتو، سجهائتو، ڪمائتو.
ر پڇاڙي وارا سنسڪرت لفظ اَڙ، اَل ۽ ڙيو پڇاڙيءَ ۾
به بدلبا آهن جيئن ته کاٻـَـڙ، ساڄڙ، لکندڙ، ويل،
ڏنل، وسوڙل، پيرڙيو، سڌڙيو، پرمتڙيو، گهورڙيو.
جن سنسڪرت لفظن ۾ پڇاڙيءَ ۾ ڪ يا ايڪ آهي، اُنهن
لاءِ سنڌيءَ ۾ اهو بدلائي ڪو، چو يا اوڪو ڪيو اٿن
جيئن ته واڻڪو، هارڪو، واپارڪو، گهوٽيچو، پاڙيچو،
ويڙهيچو، ڏينهوڪو، راتوڪو، ڪالهوڪو، پروڪو،
هاڻوڪو، هيلوڪو.
اِن پڇاڙيءَ وارن سنسڪرت لفظن جي اِها پڇاڙي
بدلائي اڻو يا اوڻو ڪري سنڌيءَ ۾ ڪم ٿا آڻين، جيئن
ته لـُـچاڻو، ميراڻو، ڌياڻو، ڀاياڻو، چانڊاڻو،
واوڻو، ڪالهوڻو، اَڳوڻو، هيڪوڻو، پنجوڻو، ڏهوڻو.
اَيـُـنَ پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت لفظ آڻي ۾ ۽ اين
وارا اِيڻو ۾ ۽ اَٺ وارا اَٺو ۾ ۽ ش وارا اَسو ۾
ايندا آهن. جيئن ته: آرياڻي، آڏواڻي، باگاڻي،
سڱيڻو، وسيڻو، وهيڻو، پاڻياٺو، ڇٻراٺو، وارياسو.
ڪار پڇاڙيءَ وارا سنسڪرت لفظ وري به ڪار يا ڪر،
هار يا هارو پڇاڙي ٿا وٺن ۽ وَن پڇاڙيءَ وارا وان
۽ ول پڇاڙيءَ وارا وارو يا يو ٿا وٺن، جيئن ته:
اُپائڻهار، سرجڻهار، لکڻهار، جهيڙاڪر يا جهيڙاڪار،
دياوان، سيلوان، سگهتيوان، گهروارو، ٻيڙيءَ وارو،
وِچ وارو، ڀاڳيو، جويو.
اسم صغير:
صغيري يا ننڍائي ڏيکارڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻه ٽي
رستا آهن: پهرين ته مؤنث جي صورت به صغيري ٿي
ڏيکاري، جيئن ته ڪات ۽ ڪاتي. ٻيو ته صغيريءَ لاءِ
ڪي نشان يا پڇاڙيون ڪم ٿيون اچن، جيئن ته مذڪر
توڙي مؤنث ۾ جيئن ڪ پڇاڙي. اوٽَ يا اوٽو. مثال:
ڄام - ڄاموٽ، ڏِيو - ڏيائي، باهه - باهوٽي. اهي
نشان سنسڪرت جي ر ۽ ڪ نشاني جي برابر آهن. ڪ واري
نشاني فارسيءَ ۾ به اچي ٿي، جيئن: مرد - مردڪ، چشم
- چشمڪ. پر سنڌيءَ ۾ نٿي اچي. مگر ″ر″ کي ڦيرائي
″يرو″، ″ڙو″ يا ″ڙي″ ٿا ڪن. ڊگهو - ڊگهيرو، گهڻو -
گهڻيرو، گهاٽو - گهاٽيرو، پنڌ - پنڌيرو، ذرو -
ذرڙو ۽ ذرڙي. جند - جندڙو ۽ جندڙي - هنير - هينڙو،
ڀولو - ڀولڙو - ٿورو - ٿورڙو ۽ ٿوريرڙو. ڌيءَ -
ڌئڙي، اَکِ - اَکڙي، ڳالهه - ڳالهڙي، وڄ - وڄڙي،
منڌي - منڌيئڙو، وڇون - وڇونئڙو، ٻانهو - ٻانهڙو،
گولو - گولڙو. عربيءَ ۾ صغيري ڏيکارڻ لاءِ پڇاڙيءَ
واري حرف جي اڳيان ″اَي″ آڻيندا آهن ۽ اهڙا لفظ
سنڌيءَ ۾ به ڪم اچن ٿا، جيئن ته: طفل مان طفيل،
حسن مان حسين.
مجمل بيان:
مٿي جيڪي چيو ويو آهي تنهن جا دور يا انهن جا مجمل
۽ مختصر مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اسم مان اسم فاعل جـُـڙڻ جا مثال:
(1) واپاري، پيري، ويري، پساري، دانهي. (2) ميهار،
ڳنوار، ٻڪرار، ڌنار، پتيار. (3) ڳوٺ وارو، گهر
وارو، هوند وارو، عقل وارو. (4) لاڙائي، باغائي،
چوپائي. (5) حلوائي، معاملائي، ساڪرائي، پکيڙائي ۽
(6) ناچـُـو، ويڙهـُـو، گهومـُـو ۽ ميڙو.
فعل مان اسم فاعل:
(1) ڏيڻ وارو، وٺڻ وارو وغيره. (2) ڏيڻاٽ، نپڻاٽ،
وٺڻياٺ". (3) لکڻهارو، هلڻ هارو، جوڙڻ هارو. (4)
اپائڻهار، ڏاتار، مڱڻهار. (5) کائـُـو، رهاڪـُـو،
پينـُـو ۽ (6) پيڃارو، واڍو.
فعل مان اسم ذات ۽ ٻيا: (1) ڏَسُ، ڊِڄُ، ڦـَـٽُ،
ڳنڍُ، ڏَرُ، مـَـکُ، مـَـيڙُ، ڪـَـوسُ. (2)
سـِـڪَ، لـَـوڏَ، هوڏَ، کـِـلَ، ڊوڙَ گهورِ، کيڙَ،
پوک، ڇيڙَ. (3) نـَـچڪو، پـَـٽڪو، سـَـٽڪو،
ڪـُـٽڪو، ٽـَـپڪو، جهـَـٽڪو، لـَـٽڪو، چـِـلڪو.
(4) چـَـاڙهو، ڪـَـاڙهو، گهوٽو، مرڻو، پرڻو. (5)
گهوم، لوڇ، ٻوڏ، سوڪ، ويڙهه. (6) ٿيڻي، ڪرڻي،
ڀرڻي، جوٽڻي، گهوٽڻي. (7) ويڙهي، ڦيري، ريڙهي،
ميڙي، چونڊي. (8) هلت، چلت، لکت، کپت، آوت، جاوت،
نـِـوڙت.
اسم مان صفت:
(1) سگهارو، لڄارو، ڪاڍارو، ڪارارو، تورارو. (2)
اميراڻو، مائٽاڻو، راڄاڻو، فقيراڻو، ٻاراڻو،
گهراڻو، مڙساڻو، غريباڻو، ناناڻو، ماماڻو، اباڻو.
(3) مردانو، زنانو، شاهانو. (4) خوفائتو، ساکائتو،
ڪارائتو، ڪمائتو، ڀلائتو، ريتائتو، ڪرمائتو،
مانائتو. (5) واڻڪو، راتوڪو، پروڪو، چانڊڪو، ڄٽڪو.
(6) وارياسو، پاڻياٺو، ٿاريلو، پاڙيچو. (7) ڇاپرو،
شرمائو، باکرو. (8) پٽيتو، ڀاڳيو، ڳائو، ماهيو،
ناريجو. (9) اُڃايو، بـُـکايو، ماٺيڻو، ڪـُـوڙو،
سچو، سينڌو. (10) پورهيت، کاٻڙ، ڏندر، گدارو.
انهيءَ کان سواءِ هتي ڏنل اسم فاعل به صفت وانگي
ڪم اچن ٿا.
فصل ٽيون
مرڪب لفظ يا اسم
هاڻي اُهي لفظ ڏيڻ ۾ ايندا، جي ڪن نشانن اڳيان
ملائڻ سان ٻين لفظن مان جـُـڙن ٿا.
انڪاري حرفن سان:
پهرين انڪاري حرف آ، آڻ، نا، نـِـر، نه ۽ مَ لفظن
جي اڳيان آڻڻ سان مرڪب لفظ جڙن ٿا. اِهي اڪثر صفتن
۽ اسم مفعول سان لڳائبا آهن. مثال: آچيتُ،
آچيتائي، اڻ ٿيڻو، اڻ ويساهو، ناڪارو، ناچڱو،
ناچڱائي، نکٽو، نڪمو، مڇڏ يا مڇڏو، نروني، نراس،
نڌڻڪو ۽ نپٽو. سنسڪرت انڪاري نشان ″دُر″ به ڪڏهن
ڪڏهن ايندو آهي. جيئن دُشڪال مان ڏُڪار.
ٻيا اهڙا حرف سنسڪرت جا آهن: ″رِٽ″ ۽ ″رِڻ″، جن کي
ڦيرائي ″ري″ ڪيو اٿن، جو فارسي بي جهڙو آهي ۽
سنسڪرت حرف ″و″ کي ″اَو″ ڪيو اٿن. مثال: ري چيو،
بي چيو، ري ڪمو، بي لڄو، بي سگهو، اَوگڻ ۽ اَوتڙ.
انهن جو ضد جو نشان جو سنسڪرت ۾ آهي، سـَـهـُـه
يعني سان، اهو سنڌيءَ ۾ سُ يا سَ ڪيو اٿن ۽ انهيءَ
جو ضد ڪُ آهي جيئن ته سـَـڦلو، سـَـٻوجهو، سپتيو،
ڪپتيو، سـُـڪار، ڏُڪار، ڪـَـنياءُ.
ٻٽي اسم، صفت يا عدد سان:
ڪي مرڪب لفظ ڪنهن اسم، صفت يا عدد سان ملائڻ سان
ٿا جـُـڙن جيئن ته گهر ڌڻي، راڄ ڌڻي، ڳوٺ ڌڻي،
مـَـٿي کائـُـو، اُتر واءُ، شهر نيڪالي، پاڻ ڀرو،
وڏ دليو، هٿ ڦاڙ، وٺ پـُـڄ، چڱو ڀلو، مٽ سٽ، ڦير
گهير، گهٽ وڌ، جهڙي ڦڙي، بڪ شڪ، ڌوڙ ڌئو، ڪوڙ
ڪـُـٽو، پاڻيءَ پـُـرو، چانور چرو، ڳنڍي ڇوڙ، ڪوئا
مار، چـِـڙي مار.
ڪٿي وري ٻن لفظن جي وچ ۾ واو اچي ٿو، جيئن ته راتو
ڏينهن، هنڌو هنڌ، راتو رات، ويرا وير.
ڪن لفظن ۾ وڏائي يا گهڻائي ڏيکارڻ لاءِ مـَـهه يا
وڏ يا پـَـرَ حرف گڏيندا آهن، جيئن ته مـَـهاڄڻ،
مـَـهـاراج، مهاراڻي، مهاڪال، مهامري، وڏ کائـُـو،
وڏ پيٽو، گهڻگهرو، مٺ گهرو، پرلوڪ، پرمارٿ.
جيئن صغيري ڏيکارڻ لاءِ پڇاڙيءَ ۾ ″ڪ″ يا منڍ ۾
″ڪهه″ ڪم آڻيندا آهن، تيئن وڏائي ڏيکارڻ لاءِ منڍ
۾ ″مـِـهه″ آڻيندا آهن، جيئن ڪـِـهتر - مهتر.
سنڌيءَ ۾ يا هندستانيءَ ۾ مهتر چون ڀنگيءَ کي، پر
حقيقت ڪري معنيٰ آهي ڪـِـهتر، مـِـهستي، مـِـهمان.
عدد سان گڏيل مثال هي آهن: ٻپهري، چوماسو، ٻارهن
ماسي، پنج ڪلياڻ. ٻيا متفرقه مثال هي آهن: ٿور
ويرمو، ٻمتو، چؤدرو.
سنڌيءَ ۾ گهڻا ئي مرڪب لفظ آهن، جي عربي ۽ فارسي
لفظن مان جڙيل آهن. ڪي مـُـنڍ جي نشانن گڏڻ سان،
ڪي پڇاڙيءَ جي نشانن گڏڻ سان، ڪي ٻن علحدن لفظن
گڏڻ سان، جن مان ڪي اسم آهن، ڪي صفت آهن، ڪي فعل
آهن. پر انهن جو مفصل بيان علم نحو ۾ ڏنو ويندو،
جتي حرفن جي، لفظن جي ۽ جملن جي علحدن علحدن قسمن
جو ذڪر ڪيو ويندو. هتي مثال ۽ نموني لاءِ اهڙا ڪي
لفظ ڏجن ٿا: باوفا، بي وفا، با هنر، بي هنر، آمد
رفت، خريد فروخت، روبرو، غمگين، شرمندو، پرهيزگار،
هندستان، سنگدل، غريب پرور، قلمدان، عالمگير، فتنه
انگيز، همعصر، نااُميد، ڪم فهم، شاعراڻو، شاهاڻو،
تماشه گاهه، تماشه بين، خير خواهه، دلبر ۽ دلدار
وغيره.
ڀاڱو ٻيو
علم صرف
باب پهريون
ڳالهائڻ جا لفظ
پهرئين ڀاڱي ۾ حرفن جو ۽ حرفن مان لفظن جـُـڙڻ جو
ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ڀاڱي ۾ لفظن جو ۽ لفظن مان
جملن جـُـڙڻ جو ذڪر ڏنو وڃي ٿو. عربي ۽ فارسي صرف
نحو موجب جيڪي به لفظ ڳالهائجن ٿا، سي ٽن قسمن جا
آهن: اسم، فعل ۽ حرف.
اڳوڻي تقسيم:
اسم:
اُهو لفظ آهي جو بذات خود معنيٰ رکي ٿو ۽ ڪنهن به وقت سان
انهيءَ جو ڪوبه واسطو ڪونهي. جيئن ته: احمد،
گهوڙو، زمين، آسمان، گهر وغيره.
فعل:
اُهو لفظ آهي جو پڻ بذات خود ٺهرايل معنيٰ رکي ٿو، مگر انهيءَ
جو وقت سان واسطو رهي ٿو، جيئن ته چيائين، چوي ٿو،
چوندو.
حرف:
اُهو لفظ آهي جو بذات خود ڪابه معنيٰ نٿو رکي ۽ نه
اُنهيءَ جو وقت سان ڪو واسطو آهي، جيئن ته: ۾، تي،
کان ۽ کي.
وري اسم ڇهن قسمن جا آهن: اسم خاص، اسم عام، اسم ضمير، اسم صفت، اسم ظرف ۽
اسم عدد.
اسم خاص:
ڪنهن خاص يا مقرر ماڻهوءَ يا شيءِ جي نالي کي ٿا
چون. جيئن ته: احمد، ڪراچي، رخش وغيره.
اسم عام:
ڪنهن عام يا اڻ مقرر ڪيل ماڻهوءَ يا شيءِ جي نالي کي ٿا چون.
جيئن ته: ماڻهو گهوڙو، اُٺ، گهر وغيره.
اسم ضمير:
اسم جو عيوضي آهي جنهن جي ڪري انهيءَ شيءِ جو نالو وري وري وٺڻو
نٿو ٿئي، جيئن ته آءٌ، تون، هـُـو، اسين، اوهين
وغيره.
اسم صفت:
ڪنهن اسم جي خاصيت، صفت، قسم يا انداز ٿو ڏيکاري. جيئن ته: چڱو،
بڇڙو، ڏاهو، بيعقل وغيره.
اسم ظرف:
ڪو هنڌ يا وقت ٿو ڏيکاري، جيئن ته اڄ، سڀاڻي، هيٺ، مٿي.
اسم عدد:
ڳاڻيٽي جا لفظ ٿو ڏيکاري، جيئن ته: هڪ، ٻه، ٽي،
ڏهه، سؤ، هزار، پهريون، ٻيو، ٽيون وغيره.
هاڻوڪي تقسيم:
پر هاڻوڪي رواج موجب ۽ انگريزي گرامر جي نموني ڳالهائڻ
جا لفظ مڙيئي اٺ آهن، يعني جيڪي ڳالهائبو سو ضرور
انهن اٺن مان هڪڙو هوندو: اسم، فعل، ضمير، صفت،
ظرف، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا.
اسم:
اهو لفظ آهي جو ڪنهن به ماڻهوءَ يا ٻئي ساهواري يا بيجان شيءِ
يا هنڌ يا ڪم يا خاصيت جي نالي کي ٿا چون. جيئن
ته: احمد، ڇوڪر، گهوڙو، حيدرآباد، وڻ، قلم، اَڇاڻ،
بهادري، پڙهڻ، لکڻ وغيره.
فعل:
اهو لفظ آهي، جنهن مان ڪنهن ڪم جي ڪرڻ يا ٻئي تي ٿيڻ يا هئڻ جي
معنيٰ نڪري، جيئن ته پڙهي ٿو، لکندو آهي. هـُـو
ڦٽيو، ماريو وغيره.
ضمير:
اهو لفظ آهي جو ڪنهن اسم جي بدران ڪم اچي ۽ جنهن ڪري اُهو اسم
وري وري ڪم نٿو اچي، جيئن ته آءٌ، تون، هـُـو،
پاڻ، ڪير، ڪو وغيره.
صفت:
اهو لفظ آهي جو اسم يا ضمير سان گڏ اچي ٿو ۽
انهيءَ جي ڪا خاصيت يا انهيءَ جو قسم يا انداز ٿو
ڏيکاري، جيئن ته: چڱو، بڇڙو، هوشيار، موڳو، چار،
پنج، گهڻو، ٿورو، ويجهو، پري، ڪارو، ڳاڙهو وغيره.
ظرف:
اُهو لفظ آهي جو فعل يا صفت يا ٻئي ظرف سان گڏ اچي ٿو ۽ وقت يا
هنڌ يا دستور يا انداز يا انڪار ٿو ڏيکاري، جيئن
ته هيٺ، مٿي، اڄ، ڪالهه، ڏاڍيان، آهستي، گهڻو،
ٿورو، نه، ڪين، تمام، بلڪل، هروڀرو، ضرور وغيره.
حرف جر:
اهو لفظ آهي جو اسم يا ضمير سان گڏ اچي ٿو ۽ انهيءَ جو ڪنهن ٻئي
اسم يا ضمير سان واسطو يا نسبت ڏيکاري ٿو جيئن کي،
۾، تي، وٽ وغيره.
حرف جملو:
اُهو لفظ آهي، جو ٻن لفظن يا ٻن جملن يا انهن جي ڀاڱن کي ڳنڍي
ٿو، يا ڌار ڪري ٿو جيئن ته: ۽، يا، پر، ته، مگر،
جيتوڻيڪ، به، پڻ وغيره.
حرف ندا:
اهو لفظ آهي، جو ڪنهن به ٻئي لفظ سان واسطو ڪونه ٿو رکي. الڳ
اچي ٿو ۽ عجب يا افسوس يا ڏک يا خوشي يا ڪا ٻي دل
جي حالت ڏيکاري يا سڏ ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو، جيئن ته
واه، هاءِ، واءِ، هـَـي هـَـي، شال، مار، اي، اڙي،
او وغيره.
مٿي لفظن جي ٻن قسمن جي تقسيم مان معلوم ٿيندو ته عربي ۽ فارسي صرف نحو موجب
ضمير، صفت ۽ ظرف اسم هيٺ اچي وڃن ٿا ۽ حرف جر، حرف
جملو ۽ حرف ندا هيٺ اچي وڃن ٿا، تنهن ڪري عربي ۽
فارسيءَ واري تقسيم اُصول موجب پوري آهي. هاڻي
اسين هر هڪ جو مفصل بيان ڏينداسين.
هر هڪ جي تقسيم ۽ تفصيل عربي ۽ فارسي صرف نحو موجب ڏينداسين ۽ هاڻوڪي تقسيم
موجب جيڪو فرق هوندو، سو به ڏيکاريندا وينداسين.
---------------
باب
ٻيو
اسم جو بيان
فصل پهريون
اسم جا قسم
اسم جا قسم مجمل طرح مٿي ڏنا ويا آهن. مفصل طرح هر هڪ جو بيان هيٺ ڏيون ٿا:
اڳوڻي تقسيم
اسم خاص جا قسم: اسم خاص چئن قسمن جو آه ي: (1) علمي، يعني جنهن نالي سان
ڪنهن خاص ماڻهوءَ يا شيءِ جو علم معلوم ٿئي، اُهو
سڃاپي سگهي. جيئن ته: احمد، عـُـمر، حيدرآباد،
ڪراچي وغيره. (2) عـُـرفي يعني جو خود انهيءَ
ماڻهو يا شيءِ جو نالو نه هجي پر اهڙو ڪو ٻيو نالو
يا نشان هجي، جنهن سان هو معروف ۽ مشهور هجي جيئن
ته احمد جو پيءُ، ڍولڻ ماءُ، ابو حنيفه، امام
اعظم. (3) خطابي يعني جو ڪنهن ماڻهوءَ جو خطاب يا
لقب هجي جيئن ته سر جنگ بهادر، خان زمان، نظام
دکن. (4) تخلصي، يعني جو ڪنهن شاعر يا مصنف جو
تخلص يا ٺهرايل مختصر نالو هجي جيئن ته سعدي،
حافظ، جامي، فردوسي.
اسم عام جا قسم: اسم عام جا ڇهه قسم آهن: (1) اسم ذات، اُها شيءِ آهي جنهن
جو اسم آهي، پر جنهن کي جسم ڪونهي. جيئن ته: رحم،
ڪاوڙ، حرص، نيڪي، بدي وغيره. (2) اسم صفات، اُهو
اسم آهي جنهن کي جسم به آهي ۽ ساهه به آهي. ۽ ٻيون
ڪي خاصيتون يا صفتون به منجهس موجود آهن، جيئن ته:
گهوڙو، هاٿي، گڏهه، ماڻهو، پکي، مڇي، ڪينئون، مڙس،
زال وغيره. (3) اسم جنس، اهو اسم آهي جو جسم رکي
ٿو پر جان نٿو رکي ۽ نه مرضي پٺيان چـُـري يا هلي
سگهي ٿو. جيئن ته: ڪتاب، قلم، مس، ڪاٺي، باهه،
پاڻي وغيره. (4) اسم جمع يا جماعت: گهڻن کي هڪڙو
ڪري ڏيکاري ٿو، جيئن ته: لشڪر، فوج، جماعت، انجمن،
ڌڻ. (5) اسم مصدر: جنهن مان ڪنهن فعل جي معنيٰ
نڪري، يعني ڪنهن ڪم جي ڪرڻ جي جيئن ته اچڻ وڃڻ، اچ
وڃ، آمد رفت، خواهش، رفتار، گفتار وغيره. (4) اسم
مشتق: جو اسم ڪنهن مصدر مان يا فعل مان نڪتل يا
جڙيل هجي، جيئن ته: لکندڙ، پڙهندڙ، ماريل،
خدمتگار، نگهبان، غريب نواز وغيره. انهن سڀني جو
مفصل بيان پنهنجي جاءِ تي ايندو.
هاڻوڪي تقسيم
هاڻوڪي تقسيم موجب اسم پهرين ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا ذاتي ۽ ٻيا صفاتي. ذاتي
اسم اُهي آهن، جي ڪنهن شيءِ جي ذاتي يا باطني حالت
يا خاصيت يا ڪم ڏيکارين ٿا ۽ ظاهري حواسن سان
معلوم ٿي نٿا سگهن ۽ صفاتي اسم اُهي آهن، جي ظاهري
طرح حواسن سان معلوم ڪري سگهجن ٿا. ذاتي اسمن کي
″اسمِ ذات″ چوندا آهن جيئن ته اَڇاڻ، ساواڻ، ڪڙاڻ،
سختي، نرمي، سچائي، ڪوڙائي، سڻڀ، سياڻپ، چالاڪي،
ناچ، نيپاڄ، ويچار، خوف، رحم، علميت، قابليت
وغيره.
صفاتي اسم ٻن قسمن جا آهن: خاص يا عام. اسم خاص، ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي
ساهواري يا هنڌ يا شيءِ جي خاص مقرر ڪيل نالي کي
ٿا چون، جيئن ته: احمد، حيدرآباد، ڪراچي، ڪوهنور،
رخش، دُلدل، ذوالفقار، بـُـراق.
اسم عام هڪڙي قسم جي شين جي عام لاڳو نالي کي چوندا آهن، جيئن ته: ماڻهو،
گهوڙو، ترار، هيرو، شهر وغيره.
فصل ٻيو
اسم جون جنسون
اسم جا قسم آهن، جنسون آهن، عدد آهن ۽ انهيءَ جون
حالتون آهن. هن فصل ۾ اسم جون جنسون ڏجن ٿيون:
جنس جون پڇاڙيون:
سنڌيءَ ۾ اسم جون ٻه جنسون آهن: مذڪر ۽ مؤنث. مذڪر نـَـر جي
معنيٰ ٿا ڏيکارين ۽ مؤنث ماديءَ جي. جنسون فقط
ساهوارن سان نٿيون لڳن، پر بيجان شين سان به. ڪن
ٻولين ۾ بيجان جي جنس ڌار آهي، جيئن انگريزيءَ ۾ ۽
ڪن ۾ جنس جو تفاوت آهي ئي ڪونه، جيئن فارسيءَ ۾
نـَـر ۽ مادي ڏيکارڻ لاءِ ساهوارن جي اسمن جي
اڳيان نر يا ماده جو لفظ وجهندا آهن. سنڌيءَ ۾
عربي ٻولي واريون ٻه جنسون اچن ٿيون. عربي توڙي
فارسيءَ ۾ مؤنث ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙي حقيقي ۽
ٻي غير حقيقي. حقيقي مؤنث سچي پچي نـَـر ساهواري
جي مادي آهي، جيئن ته مڙس ۽ زال، ڀاءُ ۽ ڀيڻ، ڏاند
۽ ڳئون، گڏههُ ۽ گڏههِ. غير حقيقي به ٻن قسمن جا
آهن: هڪڙا لفظي، جي پڇاڙيءَ جي نظر تي يا ڪن مقرر
ڪيل قاعدن موجب مذڪر مان مؤنث ٺاهي سگهجن ٿا، جيئن
ته والد - والده، مـَـلـِـڪ - مـَـلـَـڪه، اعليٰ -
عـَـليا ۽ سنڌيءَ ۾ مثال گڏههَ - گڏههِ، گهڙو -
گهوڙي. ٻيا سماعي، جي رواج يا استعمال ۾ مذڪر يا
مؤنث ٺهرايا ويا آهن، جيئن عربيءَ ۾ چنڊُ مذڪر آهي
۽ سج مؤنث يا ڪي شهر مؤنث آهن. جيئن مصر، مدينه
وغيره. عربيءَ ۾ اسم جماعت هميشه مؤنث آهي.
انگريزيءَ ۾ به ائين آهي جو شهر ۽ نديون وغيره
مؤنث آهن. حقيقي ۽ غير حقيقي کي قياسي ۽ غير قياسي
به چوندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جنسون نه فقط اسمن سان ٿيون لڳن ۽
انهن تي اثر ٿيون ڏيکارين، پر ضميرن، صفتن، ظرفن،
فعلن ۽ حرفن تي به. تنهن ڪري ٻين ٻولين کان سنڌيءَ
۾ زيادهه مشڪلات پيدا ٿيون ڪن. خاص ٻين ملڪن جي
ماڻهن لاءِ، جي سنڌي سکڻ گهرن ٿا. جنسن جو
سـُـڃاپڻ اسمن جي پڇاڙين تي منحصر آهي ۽ انهن جو
به سنسڪرت يا پراڪرت ٻولين سان واسطو رهي ٿو.
ڌارين ۽ ٻارن لاءِ جنس معلوم ڪرڻ جو سولو رستو آهي
ڪا صفت لڳائي ڏسڻ. جي صفت مذڪر صورت ۾ ايندي ته
اُهو اسم مذڪر آهي، جي مؤنث ته مؤنث. ساهوارن جي
جنس سڃاڻڻ ته آسان آهي، پر جي نـَـر آهن، سي مذڪر
آهن ۽ جي ماديون آهن، سي مؤنث آهن. انهن کان سواءِ
ٻين اسمن مان جن جي پڇاڙيءَ ۾ ″او″ آهي، سي هميشه
مذڪر آهن ۽ جن جي پڇاڙيءَ ۾ ″اَ″ آهي، سي هميشه
مؤنث آهن، جيئن ته: گهوڙو، کٽولو، اٽو، پـُـونو ۽
بـَـلا، هـَـچا، پـُـڇا، سـَـتيا. مگر ″ا″ پڇاڙيءَ
وارا ڪي ٿورا مذڪر به آهن، جيئن ته: راجا، ديوتا،
آتما، لالا، ماليخوليا، ڪرتا، مـُـلا يا مـُـلان.
انهن کان سواءِ ٻين پڇاڙين وارا ڪي مذڪر آهن ۽ ڪي
مؤنث. ياد رکڻ گهرجي ته سڀ ڪنهن پڇاڙيءَ ۾ نون غني
جو آواز به شمار ۾ اچي ٿو ۽ ساڳئي قاعدي هيٺ اچي
ٿو.
″اَ″، ″اِ″ ۽ ″اِي″ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري
مؤنث آهن، جيئن ته کـَـٽَ، کـِـلَ، کلَ، مـُـڪَ،
نـِـڪَ، دِلِ، ڇـِـتِ، مـَـتِ، راتِ، باتِ،
پيتـِـي، سـُـتـِـي، بـُـنڊي، گهٽي، مـُـوري.
″اِ″ پڇاڙيءَ وارا ڪي مذڪر به آهن، جيئن ته: راءِ،
سيٺِ، قيصرِ، حضرِ، ڪيهرِ.
″اِي″ پڇاڙيءَ وارا به ڪي مذڪر آهن، جيئن ته موتي،
پاڻي، پکي، پاڪي ۽ سـُـورج مکي (اگرچ پاڪي مؤنث به
ٿيندو آهي).
″اُ″، ″او″ يا ″اُون″ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري
مذڪر آهن، پر ٿورا مؤنث به آهن. جيئن ته: سجُ،
چنڊُ، ٿنڀُ، سٽُ، سونُ، ڪدو، ماڻـُـهو، لـَـڏُون،
ڄمـُـون، وڇون، تنبو. مؤنث جا مثال هي آهن: وٿُ،
ڪٽُ، ٿڪُ، تندُ، ڪـَـسُ، ٿـَـڃُ، ڳــَــرُ، وههُ،
وٺُ، نــِــمُ، آبرُو، جــُــون، لــُــون،
ڀــُـون، چــُـون، رون رون، وهـلـُـو، (يعني ننهن)
آءُ، ڳئــُـون.
سنسڪرت مان نڪتل:
مٿين مذڪر ۽ مؤنث وارن مثالن مان ڪي ٿورا آهن، جي
سنسڪرت ۽ پراڪرت اصل وارن لفظن جي جنسن جي برخلاف
آهن. نه ته ٻيا اڪثر موافق آهن. مخالف جنسن جا
مثال هي آهن: ٿـَـڃُ، سنڌيءَ ۾ مؤنث آهي ۽ سنسڪرت
۾ تـَـن مذڪر آهي. ڄـَـرُ سنڌيءَ ۾ مؤنث آهي ۽
سنسڪرت ۾ جرايُ مذڪر آهي. ڌاتُ سنڌيءَ ۾ مؤنث آهي
۽ سنسڪرت ۾ مذڪر. ڏڍُ سنڌيءَ ۾ مؤنث آهي ۽ سنسڪرت
۾ ددرُ مذڪر آهي. سـُـڳنڌ سنڌيءَ ۾ مؤنث آهي ۽
سنسڪرت ۾ مذڪر. سـِـنڌُ ۽ هـِـندُ به سنسڪرت ۾
مذڪر آهن ۽ ٻيا هيٺيان سنڌيءَ ۾ مؤنث اسم به مذڪر
آهن: کارُ، کنڊُ، ڳــَـرُ، نـِـم، وس يا وشُ،
وِهـُـه يا وکُ، هـِـڱُ، لـُـون.
وري ڪيترا ئي سنڌي لفظ آهن جي اُڙدو يا هندي ۾
مخالف جنسن جا آهن، جيئن ته هيٺيان سنڌي مؤنث اسم،
اڙدوءَ ۾ مذڪر آهن: دِلِ، اخبار، دعويٰ، دربار،
معنيٰ، ماجرا، مـُـدعا، بازار، تار، لـَـعـَـل،
مـِـلڪ، زيـن وغيره.
۽ هيٺيان سنڌي مذڪر اسم، اڙدوءَ ۾ مؤنث آهن:
ڪتابُ، تپُ، اجل، اولاد، احتياج، اطلاع، جـُـلد،
شرم، عقل، صبح، موت، موسم، غزل، خير، قدر وغيره.
جنسن جڙڻ جا رستا: مٿي پهرئين ڀاڱي جي باب پنجين ۾
لفظن جي پڇاڙين جي ذڪر ڪندي جنسن جو ذڪر به آيو
آهي. وڌيڪ هتي ٿو ڏجي. (1) ″ او″ پڇاڙيءَ وارن
مذڪر اسمن مان مؤنث جوڙڻ لاءِ ″او″ بدلائي، ″اي″
ٿو ڪجي، جيئن ته: گهوڙو - گهوڙي، سونارو - سوناري،
گولو - گولي، ٻانهو - ٻانهي، ڇوڪرو - ڇوڪري (ڇوڪر
به ٿيندو آهي). پر ڪڏهن وري ″اڻ″ يا ″اڻي″ به
ٿيندو آهي. جيئن ته: سونارو - سونارڻ، يا
سونارياڻي، ماڙيچو - ماڙيچڻ يا ماڙيچاڻي، لنگهو -
لنگهياڻي، چـُـهڙو - چـُـهڙياڻي، ملو - ملياڻي.
(2) ″1ُ″ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن مان مؤنث جوڙڻ
لاءِ ″اُ″ بدلائي ″اِ″ ٿو ڪجي ۽ ڪڏهن ″اي″، ″اڻ″ ۽
″اڻي″ يا ″ڻي″ به ٿئي ٿو، جيئن ته گڏههُ - گڏههِ،
اُٺُ - اُٺِ، ٻـَـڪـَـرُ - ٻڪري، ڇوڪرُ - ڇوڪري (۽
ڇوڪر به). ڪـُـنڀر - ڪنڀرڻ يا ڪنڀارڻ ۽ ڪـُـنڀرِ
به. ڄـَـٽُ - ڄـَـٽِ يا ڄٽي يا ڄٽڻ. ٻروچ -
ٻروچاڻي، فقير - فقيرياڻي، جتُ - جتڻ، شينهن -
شينهڻ، مسر - مسرياڻي، مهتر - مهتياڻي، ڀـَـٽُ -
ڀـَـٽڻ، ٻانڀڻ - ٻانڀن يا ٻانڀياڻي. (3) ″اُو″
پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن مان مؤنث ساڳي صورت ۾
ايندا آهن، پر ڪڏهن ″اِڻ″ يا ″اِڻي″، ″اَڻي″ به
بدلجي ايندو آهي، جيئن ته رهاڪو - رهاڪو يا رهاڪڻ،
هندو - هندڻ يا هندواڻي. (4) ″اِ″ ۽ ″اِي″ پڇاڙي
وارن مذڪر اسمن مان ″اُو″ ڦيرائي ″اِڻ″ يا ″اَڻي″
ڪرڻ سان مؤنث ٺاهيندا آهن، جيئن ته سيٺ يا سيٺڻ يا
سيٺياڻي، ڪوري - ڪورياڻي، ڌوٻي - ڌوٻڻ يا ڌوٻياڻي،
ساٿي - ساٿياڻي، نيروٽي - نيروٽڻ يا نيروٽياڻي ۽
(5) جيڪي مذڪر ۽ مؤنث اسم بيقاعدي آهن يا اصطلاحي
طرح ٺهرايل آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا. جيئن ته: پيءُ -
ماءُ، پـُـٽ - ڌيءُ، ڀاءُ - ڀيڻ، راجا - راڻي، مڙس
- زال، ڏاندُ - ڳئون، سانُ - مينهن، ڏاگهو - ڏاچي،
مورُ - ڊيل، ابو - اما، گهوٽ - ڪـُـنئار، سـُـهرو
- سـَـس، نـَـر - مادي، گهـِـٽو - ريـَـڱ، ميان -
بيبي، ڪـُـونـَـهو - وڇ، پتا - ماتا.
اهڙا ڪي بيقاعدي مذڪر اسم آهن، جي مؤنث مان ٺهيل
ٿا ڏسجن. جيئن ته: ماسيءَ مان ماسڙ، پـُـڦيءَ مان
پـُـڦڙ ۽ رَن مان رَنڙ.
ڪي اسم مؤنث آهن ته به مذڪر ٿي ڪم ايندا آهن، جيئن
ته: بازُ، باشو، شڪرو، لغڙ ۽ جهڳڙ، چـِـپڪ،
ڪـُـونج، سـِـرڻ، مـَـينا مؤنث آهن، پر مذڪر نـَـر
کي به ائين چون. |