ڪردنتي زمان
155- (الف) ″اسم مفعول مان ٺهيل زمان″
(1) مون لکيو.
زمان ماضي مطلق
(2) مون لکيو ٿي يا لکيو
پئي. زمان ماضي استمراري
(3) مون لکيو آهي. زمان
ماضي قريب
(4) مون لکيو
هو. زمان ماضي بعيد
(5) مون لکيو هوندو يا لکيو هـُـئي
(هجي). زمان ماضي متشڪي
″لکڻ″ مان اسم مفعول ٿيندو ″لکيو″.
مٿين سڀني زمانن ۾ ″لکيو″ جو لفظ ڪم آيو آهي. اهي
سڀ زمان اسم مفعول مان هيٺينءَ ريت ٺهيا آهن:
(1) اسم مفعول جي پٺيان ″س″، ″سين″ وغيره پڇاڙين
گڏڻ سان زمان ماضي مطلق ٺهي ٿو. جيئن هيٺئين ڦيري
مان معلوم ٿيندو:
زمان ماضي مطلق جو گردان يا ڦيرو
واحد جمع
پڙهيس پڙهياسين،
پڙهياسين
پڙهئين پڙهيؤ
پڙهيو پڙهيا
″پڙهيو″ اسم مفعول به آهي ۽ زمان ماضي مطلق به
آهي. ساڳيءَ طرح ″لکيو″. مطلب ته زمان ماضي مطلق،
ضمير واحد غائب ۾ اسم مفعول جهڙو آهي.
(2) اسم مفعول جي پٺيان ٿي يا پي (مصدر: ٿيڻ، پوڻ)
گڏڻ سان زمان ماضي استمراري ٺهي ٿو.
(3) اسم مفعول پٺيان فعل ″هئڻ″ جو زمان حال (آهي)
گڏڻ سان، زمان ماضي قريب ٺهي ٿو.
(4) اسم مفعول جي پٺيان فعل ″هئڻ″، جو زمان ماضي
(هو، هئا) گڏڻ سان زمان ماضي بعيد ٺهي ٿو.
(5) اسم مفعول جي پٺيان فعل ″هئڻ″ (هجڻ) جو زمان
مستقبل (هوندس، هوندو، هئي، هجي) گڏڻ سان زمان
ماضي متشڪي ٺهي ٿو.
156- (ب) ″اسم حاليه مان ٺهيل زمان″
(1) آءٌ
لکندس. زمان
مستقبل
(2) آءٌ پيو لکندس.
زمان مستقبل استمراري
(3) آءٌ لکندو آهيان.
زمان حال مدامي
(4) آءٌ لکندو هوس.
زمان ماضي مدامي
(5) آءٌ لکندو هوس.
زمان حال متشڪي
اسين سکيا آهيون ته فعل ″لکڻ″ مان اسم حاليه ٿيندو
″لکندو″ جو ڌاتوءَ جي پٺيان ″اَندو″ يا ″اِندو″
پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺهي ٿو.
مٿيان سڀ زمان اسم حاليه مان هيٺينءَ ريت ٺهيا
آهن:
(1) اسم حاليه جي پٺيان ڪن پڇاڙين گڏڻ سان زمان
مستقبل ٺهي ٿو. هيٺئين ڦيري مان معلوم ٿيندو ته
اهي پڇاڙيون اُهي ساڳيون آهن، جي اسم مفعول جي
پٺيان گڏي، زمان ماضي مطلق جوڙبو آهي.
واحد
جمع
مذڪر مؤنث مذڪر
مؤنث
لکندس لکنديس
لکنداسين لکنديونسين (سـُـون)
لکندين لکندينءَ
لکندؤ لکنديون
لکندو لکندين لکندا
لکنديون
″لکندو″ زمان مستقبل به آهي ۽ اسم حاليه به آهي.
اهڙيءَ طرح زمان مستقبل جو واحد غائب هميشه اسم
حاليه جهڙو آهي.
(1) ٻين ضميرن، جنسن ۽ عددن ۾ نشانيون يا پڇاڙيون،
ڦرن ٿيون، جيئن مٿئين ڦيري مـان معلوم ٿيندو.
(2) زمان مستقبل جي پٺيان يا اڳيان ″پيو″ (مؤنث:
پيئي، مصدر: پوڻ) گڏڻ سان زمان مستقبل استمراري
ٺهي ٿو.
(3) اسم حاليه جي پٺيان فعل ″هئڻ″، جو زمان حال
(آهي، آهيان وغيره) گڏڻ سان زمان حال مدامي ٺهي
ٿو.
(4) اسم حاليه جي پٺيان فعل ″هئڻ″ جو زمان ماضي
(″هو″ وغيره) گڏڻ سان زمان ماضي مدامي ٺهي ٿو.
(5) اسم حاليه جي پٺيان فعل ″هئڻ″ جو زمان مستقبل
(هوندو، هوندس وغيره) گڏڻ سان زمان ″حال متشڪي″
ٺهي ٿو.
157- زمانن جو وچور - قسم پهريون
بنيادي زمان
(1) مضارع (2) زمان حال (3) حال استمراري (4) ماضي
شرطيه.
ڪردنتي زمان
(الف) اسم مفعول مان ٺهيل: (1) ماضي مطلق (2) ماضي
استمراري (3) ماضي قريب (4) ماضي بعيد (5) ماضي
متشڪي.
(ب) اسم حاليه مان ٺهيل: (1) مستقبل (2) مستقبل
استمراري (3) حال مدامي (4) ماضي مدامي (5) حال
متشڪي.
اسم مفعول ۽ اسم حاليه ″ڪردنت″ (پارٽيسپل) آهن،
تنهن ڪري انهن مان ٺهيل زمانن کي ″ڪردنتي زمان″
(Participial Tense)
چئجي ٿو.
158- زمانن جو وچور - قسم ٻيو
زمانن مان فعل واري ڪم جو وقت معلوم ٿو ٿئي.
انهيءَ ″وقت″ جي خيال کان زمانن جو وچور هن طرح
آهي:
حال جا قسم
1.
مضارع لکان
2.
زمان حال لکان ٿو
3.
حال استمراري لکان پيو
4.
حال مدامي لکندو آهيان
5.
حال متشڪي لکندو هوندس،
لکندو هـُـئان (هجان)
ماضيءَ جا قسم
1.
زمان ماضي مطلق لکيو
2.
ماضي استمراري لکيو ٿي يا لکيو پئي
3.
ماضي مدامي لکندو هوس
4.
ماضي قريب لکيو آهي
5.
ماضي بعيد لکيو هو
6.
ماضي شرطيه لکان ها
7.
ماضي متشڪي لکيو هوندو، لکيو هـُـئي
(هجي)
مستقبل جا قسم
1.
زمان مستقبل لکندس
2.
مستقبل استمراري پيو لکندس
مطلب ته زمان حال جا پنج، زمان ماضيءَ جا ست ۽
زمان مستقبل جا ٻه قسم آهن. يعني جملي 14 زمان
آهن.
اشارو:
ٽينءَ ورڇ لاءِ ڏسو ڪتاب جي پڇاڙيءَ وارو ضميمو.
159- مجهول فعلن جا زمان
بنيادي زمان
زمان
معروف مجهول
1.
زمان مضارع
ماريان مارجان
2.
زمان حال ماريان
ٿو مارجان ٿو
3.
زمان حال استمراري ماريان
پيو مارجان پيو
4.
ماضي شرطيه ماريان ها مارجان ها
″اسم حاليه مان ٺهيل زمان″
5.
زمان مستقبل ماريندس
ماربس
6.
مستقبل استمراري ماريندس
پيو ماربس پيو
7.
حال مدامي ماريندو
آهيان ماربو آهيان
8.
ماضي مدامي ماريندو
هوس ماربو هوس
9.
حال متشڪي ماريندو
هوندس ماربو هوندس
حال متشڪي ماريندو هـُـئان
(هجان) ماربو هـُـئان (هجان)
″اسم مفعول مان ٺهيل زمان″
10.زمان
ماضي مطلق ماريو يا ماريو
ويو
11.ماضي
استمراري ماريم پئي،
ماريم پئي
12.ماضي
قريب ماريو
آهيان
13.ماضي
بعيد ماريو
هوم، ماريو هوس
14.ماضي
متشڪي ماريو هوندم،
ماريو هوندس
مطلب ته مجهول فعلن جا زمان به فعلن جي ڌاتوءَ ۽
ڪردنتن مان ٺهن ٿا. تفاوت فقط هيءُ آهي:
(1) ″مارڻ″ معروف- ″مارجڻ″ مجهول.
پهرين چئن بنيادي فعلن ۾ اها مجهول جي نشاني ″ج″
گڏيل آهي جنهن ڪري ″ماريان″ جي بدران ″مارجان″
چئجي ٿو.
(2) ″ماريندو″ اسم حاليه معروف. ″ماربو″ اسم حاليه
مجهول. اسم حاليه مان فعل مجهول زمانن ۾ ″اِبو″
گڏبو آهي.
(3) مارڻ ۽ مارجڻ، ٻنهي مان اسم مفعول ″ماريو″،
″مارجيو″ نه چئبو. اسم مفعول، مجهول صورت وارو آهي
۽ ان مان جڙيل زمان سڀ مجهول صورت وارا آهن. ماريو
ويو، لکيو ويو. اهڙيءَ طرح ماضي زمانن ۾ ″ويو″ لفظ
گڏبو آهي ته فعل هيڪاري وڌيڪ مجهول صورت وارو
ٿيندو آهي.
160- باب چوڏهون - ″فعلن جون پڇاڙيون″
فعلن جون پڇاڙيون ترتيب وار هن طرح بيهاربيون:
پڇاڙيون نمبر(1):
″حالت فاعليءَ″ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ:
واحد جمع
متڪلم - س سين، (سون)
حاضر - اين ؤ
غائب - -
پڙهيس معنيٰ آءٌ پڙهيس. پڙهندس معنيٰ
آءٌ پڙهندس. اهڙيءَ طرح اهي پڇاڙيون سدائين فاعل
جي معنيٰ ڏيکارين ٿيون. اسم مفعول مان زمان ماضي.
161- پڇاڙيون نمبر(2) ″عام پڇاڙيون″
واحد جمع
متڪلم - م اون، سين (سون)
حاضر - ءِ وُ
غائب - س ن
ڀاڻم= منهنجو ڀاءُ، ساڻم= مون ساڻ، کاڌم= مون
کاڌو. اهي پڇاڙيون اسمن، حرف جر ۽ فعلن سان ڪم اچن
ٿيون.
ماريم معنيٰ مون ماريو. ″مون″ فاعل
ماريائينم معنيٰ مون کي ماريائين. ″مون″ مفعول
اهڙيءَ طرح ڪٿي فاعل ۽ ڪٿي مفعول جي معنيٰ نڪري
ٿي.
162- پڇاڙيون نمبر(3):
فعل متعدي مجهول جي فاعل جون پڇاڙيون:
واحد جمع
متڪلم - م اون، سين (سون)
حاضر - ءِ ؤ
غائب - اَئين اَئون
″ماريو″ فعل متعدي مجهول آهي. جيڪڏهن اُن ۾ ″م″
پڇاڙي گڏي چئبو ″ماريم″ ته پوءِ فعل معروف صورت
وارو ڏسڻ ۾ ايندو. اهي پڇاڙيون فعل متعدي جي ماضي
زمانن ۾ گڏبيون آهن.
163- ″گهوڙو ڊوڙيو″ (معروف صورت). هن مان ظاهر آهي
ته فعل لازمي، ماضي زمانن ۾ اڪثر معروف صورت وارو
آهي. تنهن ڪري لازمي فعلن کي هنن پڇاڙين جو کپ
ڪونهي.
164- ″ٻٽين پڇاڙين سان فعل″
ماريائين، معنيٰ هن
ماريو. ″هن″ فاعل
ماريائيم، معنيٰ هن مون کي
ماريو. ″مون″ مفعول
هن طرح هڪڙي ئي فعل ۾ ٻه پڇاڙيون گڏي فاعل توڙي
مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪبي آهي.
165- ″ماريائين″ لفظ ۾ ″ماريو″ جي پٺيان ″اَئين″
پڇاڙي گڏي اٿئون، جا ″پڇاڙي نمبر 3″ مان کنئين
اٿئون.
″ماريائينم″ لفظ ۾ ″ماريائين″ جي پٺيان ″م″ پڇاڙي
گڏي اٿئون، جا ″پڇاڙي نمبر 2″ مان ورتي اٿئون.
مطلب ته عام قاعدو هيءُ آهي ته فاعل جي معنيٰ ظاهر
ڪرڻ لاءِ ″پڇاڙين نمبر3″ مان جيڪا پڇاڙي کپندي
هجي، سا فعل جي پٺيان گڏي، پوءِ مفعول جي معنيٰ
ظاهر ڪرڻ لاءِ ″پڇاڙين نمبر2″ مان جيڪا پڇاڙي
کپندي هجي، سا ان جي پٺيان گڏڻ گهرجي.
اشارو:
″ماربو″ جو اُچار گهٽائي ڪبو ″مار″ ۽ پوءِ ″اَئين″
پڇاڙي گڏي چئبو ″ماريائين″.
″ڏنم″، ″ڏنوم″ جي پٺيان يڪدم ″س″ گڏي ″ڏنومس″ نه
چئبو پر م ۽ س جي وچ ۾ ″اَن″ جو اُچار بالائي گڏي
چئبو ″ڏنومانس″. اهڙيءَ طرح پڇاڙين گڏڻ مهل اُچار
جي سهڻائيءَ ۽ سولائيءَ (اُچار سهنج) جو خيال ڪبو
آهي.
166- ″پڇاڙين گڏيل فعلن جو گردان″
ٻٽين پڇاڙين گڏيل فعلن جو به گردان يا ڦيرو ٿيندو
آهي. مثال لاءِ فعل ″ٿـيڻ″ مان ٺـهيل امـر نيازي
يا امر تمنا ″ٿجام″ (تون مون سان ٿج) جو ڦيرو ڏجي
ٿو. اهو ضمير واحد، توڙي جمع ۾، مضارع جهڙو آهي.
واحد جمع
واحد جمع
ٿجام ٿجوم
ٿجائون ٿجوئون
ٿجانس ٿجوس ٿجان
ٿجون
ٿجائون = اسان سان ٿج. ٿجوئون = اسان سان ٿجو.
انهن ٻنهي لفظن ڪم آڻڻ جو هاڻ گهڻو رواج ڪونهي.
اشارو:
امر سدائين حاضر ماڻهوءَ (ضمير حاضر) سان لاڳو ٿئي
ٿو. ٻن ضميرن ڄاڻائڻ لاءِ مضارع مان پورائي ڪبي
آهي. مثلا ″ٿيان″ جمع ″ٿيون″ ۽ ″ٿئي″ جمع ″ٿين″.
167- گردان
ٿجان معنيٰ مون سان ٿج. ٿجانس، معنيٰ هن سان ٿج.
مطلب ته فعلن جا ضمير ٿين ٿا ۽ جيئن ضمير کي جنس ۽
عدد ٿين ٿا، تيئن فعلن کي به ٿين ٿا ۽ انهن جو
گردان يا ڦيرو به ٿئي ٿو.
فعل جي ڪنهن به زمان کي ٽنهي خالص ضميرن واريون
نشانيون يا پڇاڙيون لڳائي، واحد ۽ جمع توڙي مذڪر ۽
مؤنث ۾ آڻڻ کي ″فعل جو گردان يا ڦيرو″ چئبو آهي.
(جيئن اسم جو سڀني حالتن ۾ اچڻ کي ″اسم جو ڦيرو″
چئجي ٿو)
168- باب پندرهون - مرڪب فعل
(1) هو پڙهڻ لڳو (2) مون هن کي چئي ڏنو (3) هو
جاڳندو رهيو. (4) توکي وڃڻو پوندو.
پهرئين جملي ۾ مصدر ″پڙهڻ″ جي پٺيان فعل ″لڳو″.
ٻئي جملي ۾ ماضي معطوفي ″چئي″ جي پٺيان فعل ″ڏنو″،
ٽئين جملي ۾ اسم حاليه ″جاڳندو″ جي پٺيان فعل
″رهيو″ ۽ چوٿين جملي ۾ اسم استقبال ″وڃڻو″ جي
پٺيان فعل ″پوندو.″ اهڙي طرح ٻه ٽي فعل جي گڏ اچن،
تن کي ″مرڪب فعل″ يعني ″گڏيل فعل″ چئبو آهي. مطلب
ته:
مصدر، ماضي معطوفي، اسم حاليه ۽ اسم استقبال جي
پٺيان لڳڻ، ڏيڻ، رهڻ، پوڻ، ڇڏڻ، رکڻ ۽ وڃڻ وغيره
گڏڻ سان ″مرڪب فعل″ ٺهن ٿا.
(الف) گھوڙو
ڊوڙڻ لڳو. ″ڊوڙڻ لڳو″ فعل لازمي مرڪب. هن گهوڙو
ڀڄائي ڇڏيو. ″ڀڄائي ڇڏيو″ فعل متعدي مرڪب. اهڙيءَ
طرح ترڪيب مهل ڄاڻائجي ته اهو مرڪب فعل آهي.
171- هيٺين جملن مان مرڪب فعل چونڊيو:
(1) هو رلندو وتي.
(2) پڻس ماري وڌس.
(3) هو رئڻ لڳو.
(4) پوءِ بس ڪري ويٺو.
باب سورهون - ″پريوگ″
169- ″ڪرتري پريوگ″
(1) گهوڙو ڊوڙي ٿو. گهوڙا ڊوڙن ٿا. (عدد)
(2) گهوڙو ڊوڙيو هو. گهوڙي ڊوڙي هئي. (جنس)
(3) آءٌ ڊوڙندس. اسين ڊوڙنداسين.
(ضمير)
ڪوبه فعل جڏهن پنهنجي فاعل پٽاندر عدد، جنس ۽ ضمير
۾ مٽجي، تڏهن ان جو پريوگ ″ڪرتري″ (فاعلي نسبت)
چئجي ٿو.
ڪرتر يا ڪرتا، معنيٰ فاعل ۽ ڪرتري معنيٰ فاعلي.
170- (1) نوڪر دلو ڀڳو. نوڪر دلا ڀڳا.
(عدد)
(2) نوڪر دلي ڀڳي. نوڪر دليون
ڀڳيون. (جنس)
ڪوبه فعل جڏهن پنهنجي اصلوڪي يا سچي پچي مفعول
پٽاندر عدد، جنس ۽ ضمير ۾ مٽجي، تڏهن انهيءَ جو
پريوگ ″ڪرمڻي″ چئجي ٿو.
ڪرمڻي پريوگ معنيٰ مفعولي نسبت. ڪرم= مفعول.
(الف) گهوڙو مارجي ويو. گهوڙي مارجي ويئي. (سوار
کان)
هتي ″گهوڙو″ فاعل آهي، پر سچ پچ ته مفعول آهي
ڇاڪاڻ ته اصلوڪو يا سچو پچو فاعل ″سوار″ يا ٻيو ڪو
آهي. هتي فعل پنهنجي اصلوڪي يا سچي پچي مفعول
پٽاندڙ عدد ۽ جنس ۾ مٽجي ٿو، تنهن ڪري هيءَ ″ڪرمڻي
پريوگ″ جو مثال آهي.
(ب) ڪم ڪبو آهي، ڪار ڪبي آهي.
″ڪم″ ۽ ″ڪار″ درحقيقت مفعول آهن، ڇاڪاڻ ته ڪم ڪار
ڪرڻ وارو ضرور ڪو ٻيو هوندو. هتي به فعل پنهنجي
اصلوڪيءَ يا سچي پچي مفعول پٽاندر عدد ۽ جنس ۾
مٽجي ٿو، تنهن ڪري هيءُ به ″ڪرمڻي پريوگ″ جو مثال
آهي.
171- ″ڀاوي پريوگ″
(الف) ڪتي ٻلي کي جهليو. ڪتي، ٻليءَ کي جهليو.
ڪتي، ٻلن کي جهليو، ڪتي ٻلين کي جهليو.
هتي فعل نڪي فاعل، نڪي مفعول پٽاندر عدد ۽ جنس ۾
مٽجي ٿو. پر سڀني هنڌن تي ضمير، واحد غائب مذڪر جي
صورت ۾ بيٺو آهي. هيءَ ″ڀاوي پريوگ″ آهي.
(ب) پينگهي ۾ لڏجي ٿو، پينگهي ۾ لڏبو آهي.
″لڏجي ٿو″ ۽ ″لڏبو آهي″ اڪر ترڪ فعل آهن جن کي نڪو
فاعل نڪو مفعول آهي، تنهن ڪري اُهي ڪنهن سان به
نٿا مٽجن. هيءُ به ″ڀاوي پريوگ″ آهي.
جيڪو فعل نڪي پنهنجي فاعل، نڪي مفعول پٽاندر عدد ۽
جنس ۾ مٽجي ٿو يا جو فائل توڙي مفعول نه هئڻ سبب
جيئن جو تيئن رهي ٿو، تنهن جو پريوگ ″ڀاوي″ (علحدي
نسبت) چئجي ٿو.
اشارو:
هن پريوگ ۾ فعل پنهنجو ڀاءُ (سڀاءُ) يا ذاتي حالت
ڏيکاري ٿو.
172- ″دور″
(1) ڪرتري پريوگ اهو آهي جنهن ۾ فعل سدائين پنهنجي
فاعل پٽاندر عدد، جنس ۽ ضمير ۾ مٽجي ٿو.
(2) ڪرمڻي پريوگ اهو آهي جنهن ۾ فعل سدائين پنهنجي
اصلوڪي يا سچي پچي مفعول پٽاندر
مٽجي ٿو.
(3) ڀاوي پريوگ اهو آهي جنهن ۾ فعل، نڪي فاعل، نڪي
مفعول پٽاندر مٽجي ٿو يا جو فاعل توڙي مفعول نه
هئڻ سبب جيئن جو تيئن رهي ٿو.
173- هيٺين جملن ۾ فعلن جا پريوگ ٻڌايو:
(1) شادين جا خرچ وڌي ويا آهن.
(2) ويچارا غريب ايترا پئسا ڪٿان آڻيندا؟
(3) ڪن جوانن پئنچات کي دانهن ڏني.
(4) سڀني پنهنجا سور سليا.
(5) ٻـَـڌي ڪبي ته ڪم ٺهي پوندو.
(6) هميشه سنڀالي، خرچ ڪبو آهي.
174- باب سترهون - ″ظرف جا قسم″
اسين سکيا آهيون ته ظرف اهو لفظ آهي جو فعل، صفت
يا ٻئي ظرف سان لاڳو ٿئي ٿو ۽ منجهانئس وقت، جاءِ،
ريت، قدر يا ناڪار جي معنيٰ نڪري ٿي.
175- هـُـو هينئر اچي پيو. ″هينئر″ وقت ڏيکاري ٿو،
جيڪو ظرف وقت ڏيکاري، تنهن کي ″ظرف زمان″ چئجي ٿو.
اڄ سڀاڻ،
پوءِ، اڳهڻو، هميشه يا سدائين ظرف زمان آهن.
ڪرتري پريوگ
Subjective Construction
ڪرمڻي پريوگ
Objective Construction
ڀاوي پريوگ
Neuter Construction
پريوگ معنيٰ:
(1) ميلاپ (2) صورت
Voice
ڪرتري پريوگ آهي معروف صورت
Active Voice
۽ ڪرمڻي پريوگ آهي مجهول صورت
Passive Voice
176- هو، مٿي ويو. ″مٿي″ لفظ جاءِ يا
ظرف
ڏيکاري ٿو. جيڪو ظرف جاءِ يا طرف ڏيکاري، تنهن کي
″ظرف مڪان″ چئجي ٿو. هتي هيٺ، اندر، ٻاهر،
هيڏانهن، هوڏانهن، اڳيان ۽ پٺيان ″ظرف مڪان″ آهن.
177- هن بلڪل آهستي پڙهيو. ″بلڪل″ لفظ قدر ۽ آهستي
ريت ڏيکاري ٿو. جيڪو ظرف ريت يا قدر ڏيکاري، تنهن
کي ″ظرف تميز″ چئجي ٿو. تميز معنيٰ ڍنگ يا ريت. مس
مس، هروڀرو، جيڪس، پٽيءِ، هيئن هونئن، جيئن ۽ تيئن
″ظرف تميز″ آهن.
178- هو ڪين پڙهندو. ″ڪين″ لفظ ناڪار جي معنيٰ
ڏيکاري ٿو. جو طرف ناڪار جي معنيٰ ڏيکاري، تنهن کي
″ظرف نفي″ چئجي ٿو.
179- هيٺين جملن مان ظرف چونڊيو ۽ هر هڪ جو قسم
ٻڌايو:
(1) هڪڙو چور لڪي لڪي ڪنهن سيٺ جي گهر ويو.
(2) اڃا ڀڳو ٿي ته سيٺ امالڪ ڊوڙي پٺيان پيس.
باب ارڙهون - ترڪيب جي واٽ
180- ″اسم جي ترڪيب″
گوپالَ وڻن جي ساوڪ ڏٺي.
گوپال: اسم خاص، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت فاعلي،
فاعل فعل ″ڏٺي″ جو.
وڻن: اسم عام، جنس مذڪر، عدد جمع، حالت جري، سببان
″جي″ حرف جي.
ساوڪ: اسم ذات، جنس مؤنث، عدد واحد، حالت مفعولي،
مفعول فعل ″ڏٺي″ جو.
181- ″ضمير جي ترڪيب″
(1) هن پاڻ اها ڳالهه ڪئي.
هن: ضمير غائب، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت فاعلي،
فاعل ″ڪئي″ جو.
پاڻ: ضمير مشترڪ، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت ساڳي
″هن″ ضمير واري.
اِها: ضمير آهي پر هتي صفت ٿي ڪم آيو آهي. لڳي ٿو
″ڳالهه″ سان.
(2) جو ڪندو سو پائيندو.
جو: ضمير موصول، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت فاعلي.
فاعل فعل ″ڪندو″ جو.
سو: ضمير جواب وصول، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت
فاعلي، فاعل فعل ″پائيندو″ جو.
(3) کيس ڪنهن ماريو؟
کيس: (هن کي) ضمير غائب (متصل)، جنس مذڪر، عدد
واحد، حالت جري.
ڪنهن: ضمير استفهام، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت
فاعلي، فاعل فعل ″ماريو″ جو.
182- ″صفت جي ترڪيب″
(1) ڪوڙهيو ڪتو کنهڻ کان نه رهي.
ڪوڙهيو: صفت خالص، لڳي ٿو ″ڪتو″ سان.
(2) ″گهوڙو″ گڏهه کان وڏو آهي. پر ″هاٿي″ سڀني
جانورن کان قداور آهي.
وڏو: صفت تفضيل، سندس موصوف ″گهوڙو″.
سڀني: عددي صفت، سندس موصوف ″جانورن″.
قداور: صفت مبالغو، سندس موصوف ″هاٿي″.
(3) جهڙو ٻوٿ تهڙي چماٽ.
جهڙو: ضميري صفت، سندس موصوف ″ٻوٿ″.
تهڙي: ضميري صفت، سندس موصوف ″چماٽ″.
183- ″مصدر جي ترڪيب″
مصدر اصل بنياد موجب ″اسم″ آهي، تنهن ڪري ان جي
ترڪيب اسم وانگر هن طرح ڪبي:
(1) پڙهڻ چڱو آهي. ″پڙهڻ″ اسم مصدر، فاعل، حالت
فاعلي.
(2) هو پڙهڻ سکيو آهي. ″پڙهڻ″ مصدر، مفعولي، حالت
مفعولي.
(3) هو هوا کائڻ لاءِ باغ ۾ ويو. ″کائڻ″ اسم مصدر،
حالت جري، سببان ″لاءِ″ حرف جر جي، سندس مفعول
″هوا″. (فعل متعديءَ جي ڌاتوءَ مان ٺهيل مصدر جو
مفعول ڄاڻائڻ گهرجي).
اشارو:
مصدر سدائين عدد واحد ۽ جنس مذڪر آهي، تنهن ڪري ان
جي عدد ۽ جنس ڄاڻائڻ جو ضرور ڪونهي.
184- ″اسم حاليه جي ترڪيب″
(1) ″مون هن کي هوا کائيندو ڏٺو″.
کائيندو: اسم حاليه، فعل متعديءَ مان ٺهيل، جنس
مذڪر، عدد واحد، حالت مفعولي، مفعول فعل ″ڏٺو″ جو،
سندس مفعول ″هوا″ (ڏٺو جو اڻ سڌو مفهوم آهي ″هن
کي″).
اشارو:
(1) ″هو کلندو آيو ۽ رئندو ويو.″ ″کلندو″ ۽
″رئندو″ اسم حاليه آهن، پر هتي هنن کي ظرف ڪوٺي
سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ريت جي معنيٰ ڏيکارين ٿا ته هو
ڪهڙيءَ ريت آيو ۽ ڪهڙيءَ ريت ويو؟
(2) ڌڻي شل سهندا بار ڏئي. ″سهندا″ صفت.
185- ″ماضي معطوفيءَ جي ترڪيب″
هو ڏسي وائسي ڀڄي ويو. ″ڏسي وائسي″ ماضي معطوفي،
فعل متعديءَ مان ٺهيل، سندس مفعول ″حال حالت″ يا
ٻيو ڪو اهڙو لفظ جو ڳجهو رهيو آهي.
اشارو: جيڪڏهن ″ڏسي وائسي″ ظرف ليکبو ته به ترڪيب
صحيح چئبي. پوءِ چئبو ته ″ڏسي وائسي″ ظرف آهي ۽
لڳي ٿو فعل ″ڀڄي ويو″ سان.
186- ″فعل لازميءَ جي ترڪيب″
(1) ″هو ڏسي وائسي ڀڄي ويو″.
ڀڄي ويو: فعل لازمي مرڪب بيقاعدي، ڪرتري پريوگ،
زمان ماضي مطلق، ضمير غائب، جنس مذڪر، عدد واحد،
سندس فاعل آهي ″هو″.
(2) سڀاڻي ڪراچيءَ وڃج.
وڃج: فعل لازمي بيقاعدي، ڪرتري پريوگ، امر نيازي
يا تمنا، جنس مذڪر (مؤنث)، عدد واحد، ضمير حاضر،
سندس فاعل ″تون″ ڳجهو آهي.
اشارو:
″هن رت رنو″. ″رئڻ″ فعل لازمي آهي. ″رت رئڻ″
اصطلاح آهي ۽ معنيٰ اٿس رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ يا زار
زار رئڻ. ″رت رنو″ هڪ يڪو لفظ سمجهي ان کي فعل
لازمي ڪوٺبو يا ″رت″ لفظ جي معنيٰ ″زار زار″ وٺي
ان کي ظرف سڏبو.
187- ″فعل متعديءَ جي ترڪيب″
(1) تون خط لک.
لک: فعل متعدي معروف باقاعدي، ڪرتري پريوگ، امر،
جنس مذڪر (مؤنث)، عدد واحد، ضمير حاضر، سندس فاعل
″تون″ ۽ مفعول ″خط″.
(2) ڄڃ ۾ گهوٽ پيءُ ڏٺو هوم.
ڏٺو هوم: فعل متعدي معروف بيقاعدي، ڪرمڻي پريوگ،
زمان ماضي بعيد، ضمير غائب، جنس مذڪر، عدد واحد،
سندس فاعل ″مون″، جنهن جي نشاني ″م″ فعل جي
پڇاڙيءَ ۾ پيل آهي ۽ مفعول ″گهوٽ پيءُ.″
اشارو:
جنهن فعل سان ضميري پڇاڙي گڏيل هجي، تنهن جي ترڪيب
معنيٰ موجب ڪبي.
مثلاً: ڏٺو هوءِ = تو ڏٺو هو. هتي فاعل ″تو″ چئبو.
ڏٺو هئائين = هن ڏٺو هو. هتي فاعل ″هن″ چئبو.
ڏٺو هئائينم = هن مون کي ڏٺو هو. هتي فاعل ″هن″ ۽
مفعول ″مون″.
188- ظرف جي ترڪيب
(1) گهوڙو هينئر بلڪل آهستي هلي ٿو.
هينئر: ظرف زمان، لڳي ٿو فعل ″هلي ٿو″ سان.
بلڪل: ظرف تميز، لڳي ٿو ٻئي ظرف ″آهستي″ سان.
آهستي: ظرف تميز، لڳي ٿو فعل ″هلي ٿو″ سان.
(2) هيڏڙيءَ وهيءَ ۾ ڪوڙ نه ڳالهاءِ.
″هيڏڙيءَ وهيءَ ۾″ ظرفي فقرو
Adverbial Clause
لڳي ٿو، فعل ″ڳالهاءِ″ سان.
″نه″: ظرف نفي، لڳي ٿو فعل ″ڳالهاءِ″ سان.
(3) هو ڀت ڀر ڪريو.
ڀت ڀر: ظرف مڪان، لڳي ٿو فعل ″ڪريو″ سان. يا چئبو
″ڀت″ حالت جري، سببان ″ڀر″ حرف جر جي.
189- ″حرف جر جي ترڪيب″
هو باغ ″م″ ويو. هو باغ ″مان″ ويو. هو باغ ″ڏي″
ويو. ″۾، مان، ڏي″. حرف جر، هر هڪ لڳي ٿو اسم
″باغ″ سان.
190- حرف جملو جي ترڪيب
(1) مون صوف ۽ توت کاڌا.
″۽″: حرف جر جو صوف ۽ توت جي ڳالهه گڏي ڪرڻ لاءِ
ڪم آيو آهي.
(2) چاچو گهر ۾ يا اوطاق ۾ هوندو.
″يا″: حرف جملو جو ″گهر ۾″ ۽ ″اوطاق ۾″ انهن جملي
جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍڻ يعني انهن جي ڳالهه گڏي ڪرڻ
لاءِ ڪم آيو آهي.
191- حرف ندا جي ترڪيب
(1) بلي! تو اڄ نوان ڪپڙا ڪيا آهن. ″بلي″ حرف ندا.
(2) مار! تون ڏاڍو موڳو آهين. ″مار″ حرف ندا.
192- لفظن جي جدا جدا صورت ٻڌائڻ ۽ جملي جي ٻين
لفظن سان انهن جو لاڳاپو ڏيکارڻ، تنهن کي ″ترڪيب″
چئبو آهي.
193- باب اوڻيهون - ″تفريق يا ڇيد″
″سج″ اُڀري ٿو. هتي اسين ″سج″ جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽
هيءَ ڳالهه ٿا ڪريون ته ″اُڀري ٿو″. مطلب ته هن
جملي جا ٻه ڀاڱا آهن: (1) جنهن بابت ڳالهه ڪجي ٿي.
(2) جيڪي هن بابت چئجي ٿو.
مٿئين جملي ۾ ″سج″ جي ڳالهه ڪجي ٿي جو ″فاعل″ آهي.
فاعل بابت جيڪي به چئجي ٿو، تنهن کي چئبو آهي
″خبر″. هاڻ چئبو ته هر هڪ جملي جا جي ٻه ڀاڱا آهن،
سي هي آهن: (1) فاعل (2) خبر.
″علم صرف″ ۾ جنهن کي ″فاعل″ ٿو چئجي، تنهن کي ″علم
نحو″ ۾ ″مبتدا″ ٿو چئجي. ″مبتدا″ معنيٰ جنهن سان
ابتدا يا شروعات ٿئي. سليس جملا فاعل سان شروع ٿا
ٿين، تنهن ڪري اهو نالو رکيو اٿن.
194- جملي کي ڀڃي ان جا ڀاڱا (مبتدا يا فاعل ۽
خبر) ڌار ڌار ڪرڻ کي ″تفريق يا ڇيد″ چئجي ٿو.
″تفريق″ معنيٰ سڄي کي ڀڃي يا کولي ڀاڱا ڪرڻ (فرق
يا ورڇ) ″ڇيد″ جي به معنيٰ آهي وڍڻ يا ڇني ڌار
ڪرڻ. (ڇيد= ڇنڻ، ڀڃڻ)
195- جملن جي ڇيد ڪرڻ مهل هڪ جدول ٺاهبي آهي، جنهن
۾ جملي جي هر هڪ ڀاڱي لاءِ ڌار ڌار خانو جوڙبو
آهي. جيئن هيٺ ڏيکارجي ٿو:
جملو |
مبتدا يا فاعل |
خبر |
(1) ڇوڪر رلي پيو.
(2) ڪتو ڀؤنڪي پيو. |
ڇوڪرو
ڪتو |
رلي پيو
ڀؤنڪي پيو |
جملي جي ڀاڱن کي وڌائڻ بابت
196- ″فاعل جو وڌاءُ″
(1) ڇوڪرو رلي پيو.
(2) ڪنو ڇوڪر رلي پيو.
(3) هو ڦاٽل ڪپڙن وارو ڪنو ڇوڪر رلي پيو.
هو ″ڦاٽل ڪپڙن وارو ۽ ڪنو″ لفظ صفت آهن.
اهي صفتي لفظ فاعل (ڇوڪرو) بابت وڌيڪ حقيقت ڄاڻائن
ٿا، تنهن ڪري انهن کي ″فاعل جو وڌاءُ″ يا ″فاعل جو
لڳ″ چئبو آهي. لڳ معنيٰ لاڳو ٿيندڙ لفظ.
197- ″فعل جو وڌاءُ″
(1) ڇوڪرو رلي پيو.
(2) ڇوڪرو هينئر رلي پيو.
(3) ڇوڪرو هينئر ڌرتتيءَ جي مهل رلي پيو.
(4) ڇوڪرو هينئر ڌرتتيءَ جي مهل رستي تي رلي پيو.
″هينئر ڌرتتيءَ جي مهل ۽ رستي تي″ اهي سڀ ظرفي لفظ
آهن جي فعل ″رلي پيو″ سان لڳن ٿا. اهي سڀ ظرفي لفظ
فعل کي وڌائڻ لاءِ ڪم آيا آهن، تنهن ڪري انهن کي
″فعل جو وڌاءُ″ چئجي ٿو. اهي فعل سان لاڳو ٿين ٿا،
تنهن ڪري انهن کي ″فعل جو لڳ″ به چئجي ٿو.
198- ″مفعول جو وڌاءُ″
(1) ڇوڪرو ماني کائي ٿو.
(2) ڇوڪرو ڪوسي ماني کائي ٿو.
(3) ڇوڪرو گيهه ۾ تريل ڪوسي ماني کائي ٿو.
(4) ڇوڪرو اُچي سٺي گيهه ۾ تريل ڪوسي ماني کائي
ٿو.
″کائي ٿو″ فعل متعدي آهي ۽ ″ماني″ ان جو مفعول
آهي. مفعول بابت وڌيڪ حقيقت ڄاڻائڻ لاءِ ان سان
مٿيان صفتي لفظ ڪم آندا اٿئون، تنهن ڪري انهن کي
″مفعول جو وڌاءُ″ يا مفعول جو لڳ چئجي ٿو.
199- مطلب ته فاعل ۽ مفعول سان صفتي لفظ ۽ فعل سان
ظرفي لفظ لاڳو ڪجن ٿا ته ننڍڙا جملا وڏا ٿين ٿا.
200- ڇيد ڪرڻ مهل جيڪا جدول جوڙجي، جيئن هيٺ
ڏيکارجي ٿو:
(1) ٻه مزور آرسيءَ جو ڪٻٽ مٿي تي کنيو پيا وڃن.
(2) بي
رحم ڇوڪر هن غريب جي ٻار کي ڏاڍو ماريو.
فاعل |
خبر |
اسم |
لڳ |
فعل |
فعل جا لڳ |
مفعول |
مفعول جو لڳ |
|
مزور
ڇوڪر |
ٻه
بي
رحم |
کنيو پيا وڃن
ماريو |
مٿي تي
ڏاڍو |
ڪٻٽ
ٻار کي |
آرسيءَ جو.
هن غريب جي. |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
201- ″فعل اڻپوريءَ خبر وارو ۽ پورائو″
(1) هي ڪم ڪنهن ڪاريگر کان ...... آهي.
(2) هي ڪم ڪنهن ڪاريگر کان ″ٿيڻو″ آهي.
پهرئين جملي مان پورو مطلب ڪونه ٿو نڪري. اسان جي
دل جو پورو پورو مطلب تڏهن ظاهر ٿو ٿئي، جڏهن فعل
جي اڳيان ″ٿيڻو″ لفظ گڏيون ٿا، جو ″اسم استقبال″
آهي. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ″آهي″ (فعل لازمي)
اڻپوري خبر وارو آهي ۽ ان جو پورائو ڪندڙ لفظ آهي
″ٿيڻو″. هاڻ هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا جن مان خبر پوندي
ته ڪهڙي قسم جا لفظ ″پورائو″ ٿي ڪم اچن ٿا؟
فاعل |
خبر |
اسم |
مفعول |
اڻپورو فعل |
پورائي |
ڳوٺاڻن
ماجسٽريٽ
آءٌ
تون
بازيگر
گوبند
ماجسٽريٽ |
خدا بخش
قيدي
چور
-
ماڻهو
-
قيدي |
مقرر ڪيو
ڪيو
پسند ڪريان ٿو
هوندين
وڌا
آهي
ٺهرايو |
وڏيرو يا مکي. (اسم)
آزاد. (صفت)
پڪڙائڻ. (مصدر)
ڪٿي؟ (ظرف)
حيرت ۾. (ظرفي فقرو)
وڃڻو. (اسم استقبال)
سزا جو لائق. (فقرو) |
202- ″ڇيد″ بابت وڌيڪ سمجهاڻي
ڇيد ڪرڻ مهل جملي جو فاعل ۽ فعل ڪڍي ڌار ڪجن.
جيڪڏهن ڪو مفعول هجي ته اهو به ڌار ڪجي.
(1) وڃ معنيٰ تون وڃ. ″تون″ فاعل ۽ ″وڃ″ خبر.
(2) کارايو مانس، معنيٰ مون هن کي کارايو. اهڙيءَ
طرح فعل سان پڇاڙيون گڏيل هجن ته پوءِ معنيٰ موجب
هن طرح ڇيد ڪبو:
″مون″ فاعل ″کارايو″ فعل ۽ ″هن کي″ مفعول.
203- ″شاهه لطيف شاعر آهي.″ ″شاهه لطيف″ ۽ ″شاعر″
ٻئي فاعل آهن ۽ اُهي هڪڙي ئي خاني (فاعل واري) ۾
ڏيکارجن.
(2) گوپال رپيو خرچي ورتو. هتي ″رپيو″ ۽ ″خرچي″
ٻئي مفعول آهن جي هڪڙي خاني (مفعول واري) ۾
ڏيکارجن.
204- اسين هن بيمار وٽ وياسين، پر هن جي حالت ڏسي
دل جهلي ڪين سگهياسين، تنهن ڪري سگهوئي موٽياسين.
هن طرح جيڪڏهن گهڻا جملا هڪ ٻئي سان گڏيل هجن ته
هر هڪ جملي جو فاعل ۽ مفعول ڪڍي ڌار ڪجن.
205- هن جا سڄڻ توڙي دشمن هن کي ايماندار سمجهن
ٿا.
هتي ″توڙي″ حرف جملو آهي جو ٻن جملن کي ڳنڍي ٿو.
(1) هن جا سڄڻ هن کي ايماندار سمجهن ٿا.
(2) هن جا دشمن هن کي ايماندار سمجهن ٿا.
ڇيد ڪرڻ مهل ڳنڍيندڙ حرف ڪڍي ڌار ڪبو ۽ جملي کي هن
ريت ڦوڙي هر هڪ جملي جو ڌار ڇيد ڪبو.
206- باب ويهون - ″بيهڪ جون نشانيون″
هينئر، نه پوءِ. هينئر نه، پوءِ.
پهرئين جملي ۾ هڪڙي معنيٰ ۽ پوئين جي ٻي معنيٰ
آهي. معنيٰ ۾ ڦير رڳو بيهڪ جي نشانيءَ سبب ٿيو
آهي، تنهن ڪري اهڙيون نشانيون پوري هنڌ ٿيڻ گهرجن.
207- ″ٿورو
دم″
هو ماني کائي، ٻاهر نڪتو. هن طرح ڪنهن جملي جي وچ
۾، جتي ٿورو بيهڻو هوندو آهي، اتي هيءَ نشاني
(
،
) ڏبي آهي، جا شڪل ۾ اُبتي ″ر″ اکر جهڙي آهي.
انهيءَ کي ″ٿورو دم″ يا ″ساهي″ چوندا آهن.
جملن ۾ اها نشاني هيٺين حالتن ۾ ڏبي آهي:
(1) زالون، مرد، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اچي مڙيا.
(2) توکي، مون کي ۽ ٻين سڀني کي ڌڻيءَ پيدا ڪيو
آهي.
(3) هو بلڪل ايماندار، محنتي، سياڻو ۽ ڪارائتو
آهي.
(4) ڪلن جي وسيلي، رڌڻ، پچائڻ، سبڻ ۽ ٻيا ڪم ٿي
سگهن ٿا.
اهڙيءَ طرح جڏهن ساڳي قسم جا ٻه ٽي يا وڌيڪ
ڳالهائڻ جا لفظ (اسم، صفت وغيره) هڪ ٻئي پٺيان
ايندا آهن، تڏهن هر هڪ جي وچ ۾ ٿورو دم ڏيئي
پڇاڙيءَ ۾ ″۽″ حرف جملو ڪم آڻبو آهي.
(5) همايون اڪبر جو پيءُ، ڏاڪڻ تان ڪري، مري ويو.
(6) ڪتاب، جو مون توکي ڏنو، سو ڦاٽي پيو.
هن طرح جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ يا شيءِ جي ڪا ڳالهه
ڪرڻي هجي ۽ ان جي سڃاڻپ ڪرائڻ يا وڌيڪ حقيقت
ڄاڻائڻ لاءِ ڪي مائٽي ڏيکاريندڙ يا لاڳاپو رکندڙ
لفظ ڪم آڻڻا هجن ته اهڙي اسم جي پٺيان توڙي مائٽي
يا لاڳاپي ڏيکاريندڙ لفظن جي پٺيان ″ٿورو دم″ ڏبو.
(7) آءٌ ماني کائي، چڪر هڻي، بازار مان ڪم
لاهيندو، گهر آيس.
هن طرح جيڪڏهن جملي ۾ فعل کان سواءِ ″ماضي معطوفي
يا اسم حاليه″ يا ٻئي هجن ته هر هڪ جي پٺيان ٿورو
دم ڏبو.
(8) جي تون ايندين، ته آءٌ به ايندس.
(9) جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ويس.
(10) برسات پيئي، ته راند بند ٿي.
هن طرح جيڪڏهن ڪنهن جملي ۾ هڪ ڀاڱو ٻئي تي تعلق
رکندڙ هوندو، ۽ انهن مان ڪو ڀاڱو پنهنجي سر ڌار ڪم
اچڻ جهڙو نه هوندو، ته انهن جي وچ ۾ ٿورو دم ڏبو.
(11) ڇا ڏينهن ڇا رات، ڇا ويٺي ڇا بيٺي، مارئي
پنهنجن ماروئڙن کي پيئي سنڀاريندي هئي.
هن طرح جڏهن ڪي ″هم جنس″ لفظ جوڙو جوڙو ٿي ڪم
ايندا آهن، تڏهن هر هڪ جوڙي جي وچ ۾ ٿورو دم ڏبو
آهي.
(12) ڇوڪر، خط لک. هن طرح ندا جي فاعل يا اسم
پٺيان ٿورو دم ڏيئي ان کي جملي ۾ الڳ ڪري بيهاربو
آهي.
208- ″اڌ دم″
هو ڏاڍو سمجهو آهي، تنهن ڪري هر ڳالهه آسانيءَ سان
سمجهي ٿو؛ پر سرمست آهي، تنهن ڪري گهڻي ساک نه اٿس.
هن جملي جا ٻه وڏا ڀاڱا آهن، جن جو پاڻ ۾ لاڳاپو
آهي ۽ انهن جي وچ ۾ ٿوري دم کان وڌيڪ بيهڻ جي
ضرورت آهي، تنهن ڪري ″سمجهي ٿو″ کان پوءِ هڪ نشان
ڏنو ويو آهي جنهن کي چئبو آهي اڌ دم. هيءَ
نشاني (
؛
) ٿوري دم واري نشانيءَ جهڙي آهي، پر مٿان
ٻـُـڙي ڏنل اٿس. اها نشاني هيٺين ٻن مکيه سببن ڪري
ڏبي آهي:
(1) هر هڪ ننڍي جملي جي پڇاڙيءَ وٽ ڪجهه وڌيڪ
بيهجي ته متان سڀ جملا گڏي پڙهڻ ڪري معنيٰ ۾
مونجهارو ٿئي.
(2) هر هڪ ننڍي جملي کي اثرائتو ڪجي ته پڙهندڙ جو
هر هڪ ننڍي جملي تي وڌيڪ چت لڳي.
209- ″دم″
(1) هڪ واريءَ ڪوڙ ڳالهائبو ته آئيندي ڪوبه اعتبار
ڪونه ڪندو: ڪوڙ ايمان جي ڪتر.
(2) تو محنت ڪئي ته پاس ٿئين: محنت جو ڦل وڃڻ جو
نه آهي.
هن طرح جڏهن ڪنهن ڳالهه پوري ڪرڻ کان پوءِ، ڳالهه
کي وڌيڪ اثرائتي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ چوڻو هوندو
آهي يا ڪو ″پهاڪو″ يا ″مثال″ ڏيڻو هوندو آهي ته
پهرئين جملي جي پوري ٿيڻ تي هيءَ نشاني (:) ڏبي
آهي جنهن کي ″دم″ چون ٿا.
(3) ٿر ڊويزن ۾ هيٺيان تعلقا آهن:
ڏيپلو، مٺي، ڇاڇرو ۽ ننگر پارڪر.
هن طرح دم سان ليڪ به ڏبي آهي.
210- ″پورو دم″
آءٌ سڀاڻي ڪراچي ويندس. اهڙيءَ طرح هر هڪ جملي
پوري ٿيڻ تي ٻـُـڙي ڏبي آهي، انهيءَ کي ″پورو دم″
چون ٿا.
211- ″ٻيون نشانيون″
″ٿورو دم″، ″اڌ دم″، ″دم″ ۽ ″پورو دم″.
انهن چئن بيهڪ جي نشانين کان سواءِ ٻيون هيٺيون
نشانيون آهن، جي پڻ نشانين سان گڏ شمار ٿيل آهن:
(1) مار! ايتري ۾ ٿي به آئين. ويچارو مري ويو!
اڄ اسان کي موڪل آهي! ڌڻي شل تنهنجو ڀلو ڪندو!
هن طرح حرف ندا جي پٺيان يا عجب، افسوس، خوشي، سڌ
وغيره ڏيکاريندڙ جملن جي پٺيان هيءَ نشاني (!) ڏبي
آهي جنهن کي ″ندا″ جي نشاني چوندا آهن.
(2) تون ڪير آهين؟ (سوال جي نشاني)
″واڪ جون نشانيون″
(3) هن چيو ته
”آءٌ
اڄ ويندس.“
هن طرح جڏهن ٻه ٽي لفظ بجنسي ڄاڻائبا آهن، تڏهن
پهرئين ۽ پوئين لفظ جي پٺيان هي نشانيون (” “)
ڏبيون آهن جن کي ″واڪ″ جا نشان چوندا آهن. ″پهاڪا″
به ائين ″واڪ″ جي نشانن اندر ڄاڻائبا آهن.
مثلاً: ″چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.″
ڏنگيون ليڪون ( )
(4) جملي جي وچ ۾ ڪو ڌار ٽـُـڪر (معنيٰ يا ٻيءَ
ڳالهه بابت) ڄاڻائڻو هوندو ته اهو ٻن ڏنگين ليڪن
جي وچ ۾ رکبو آهي جيئن هتي (معنيٰ يا ٻيءَ ڳالهه
بابت) لفظ ڏنگين ليڪن جي وچ ۾ رکيا ويا آهن.
(5) ڏنگين ليڪن ( ) بدران هي نشانيون
[ ]
به آڻبيون آهن جن کي
”چرئڪيٽ“
چون ٿا.
ضميمو: زمانن جي ورڇ، ڪم جي حالت موجب
زمان |
Indefinite (Simple) |
Continuous |
Perfect |
ذاتي ڀاڱا |
سادي صورت |
مدامي صورت |
استمراري يا چالو |
ڪامل يا پورن |
1 |
2 |
3 |
4 |
4 |
حال |
سيکاريو |
سيکاريندو هوس |
سيکاريان پيو ٿو (سرحد)
سيکاريان پيو
پيو سيکاريندو آهيان |
مون سيکاريو آهي |
ماضي |
سيکاريان ٿو |
سيکاريندو آهيان |
سيکاريو پئي يا سيکاريندو پيو هوس |
مون سيکاريو هو |
مستقبل |
سيکاريندس |
سيکاريندو هوس
سيکاريندو رهندس |
سيکاريندو پيو يا سيکاريندو پيو هوندس |
مون سيکاريو هوندو |
اشارو:
چوٿون قسم
Perfect Continuous،
پر اهو گهڻو ڪم نٿو اچي. هيءُ ضميمو انگريزي گرامر
سمجهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ ۾ سهوليت ڪندو، تنهن ڪري ڏنو
ويو آهي. |