سنڌي وياڪرڻ
(ڀاڱو ٻيو)
ديباچو
هيستائين جيڪو سنڌي گرامر اسڪولن ۾ سيکارڻ ۾ پي
آيو آهي، سو گهڻو ڪري فقط علم صرف آهي جو اوائل
کان عربي صرف جي نموني تي لکيو ويو هو ۽ علم نحو
جو منجهس فقط اشارو هوندو هو. هاڻ ٿورن ڏينهن کان
انهيءَ ۾ جملن جو ڇيد شامل ڪيو ويو آهي جو نحو جو
ڀاڱو آهي، مگر اهو تمام مختصر آهي ۽ نحو جا ڪي به
قانون ڏيڻ ۾ نه آيا آهن. علم نحو ۾ گهڻو ئي ڪي
داخل آهي جيئن ته لفظن جي بناوت، جملن جي بناوت،
انهن جي تقسيم ۽ تربيت، تفريق، اشتقاق، اصطلاح،
عروض، علمي صنعتون جي سڀ خوش بياني، خوش ڪلامي،
عبارت آرائي، مضمون نويسي، فصاحت، بلاغت ۽ حجت
دليل لاءِ نهايت ضروري آهن. هڪڙو عربي پهاڪو آهي
ته:
″اَلنحو
في الڪلام ڪا لـِـملح في الطعام″
يعني ڪلام ۾ نحو اهڙو آهي جهڙو طعام ۾ لوڻ. يعني
انهيءَ کان سواءِ ڪلام ڦڪو ۽ بيسواد آهي ۽ نحو ساڻ
سلوڻو ۽ لذيذ آهي. تنهن ڪري ڪن دوستن جي صلاح سان
مون عربي، فارسي ۽ انگريزي نحو جي گڏيل نموني تي
هيءُ سنڌي نحو جو ڪتاب لکيو آهي جو اميد آهي ته
جهڙو علم پڙهندڙن لاءِ تهڙو خاص سنڌي ۽ انگريزي
اسڪولن جي مٿين درجن ۽ ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن
لاءِ تمام گهڻو ڪمائتو ٿيندو. پڇاڙيءَ ۾ هر هڪ باب
تي سوال ۽ مشقون به ڏنيون ويون آهن ۽ جوابن جا
ضميما به شامل ڪيا ويا آهن.
قليچ بيگ
جون 1916ع
حيدرآباد
سنڌي
علم نحوَ
ديباچو
نحوَ جو صرف سان واسطو
جنهن علم کي انگريزيءَ ۾ گرامر ٿا چون، تنهن کي
عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾
″صرف و نحوَ″
ٿا چون ۽ سنسڪرت ۾
″وياڪرڻ″.
جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي اصل پراڪرت جي وسيلي سنسڪرت مان
نڪتل آهي، ته به عربن جي فتح کان پوءِ جنهن کي
تيرنهن سؤ ورهيه ٿيندا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترا بي
انداز عربي ۽ فارسي جا لفظ گڏجي پيا آهن جو گهڻو
ڪري نج سنڌي ۽ عربي لفظن جي سڃاڻپ مشڪل ٿي پئي
آهي. سنڌي لکڻ جي اکرن يا صورتخطيءَ کي
″عربي
سنڌي″
ٿا چون ۽ گهڻا علمي لفظ عربي ڪم اچي ويا آهن. رڳو
ٿوري عرصي کان ڪي ٿورا نالا سنسڪرت ٻوليءَ جا ڪم
اچڻ لڳا آهن. تنهن ڪري
″صرف
و نحو″
جي بيان ڪرڻ ۾ اڪثر عربيءَ واري ترتيب ۽ ترڪيب ڪم
اچي ٿي.
علم صرف:
لفظ جي عربي لغت ۾ معنيٰ آهي ڦيرائڻ، يعني ڦيرو يا
گردان. انهيءَ موجب لفظ جدا جدا صورتن ۾ ڦرن ٿا.
جيئن اسم، جنس ۽ عدد ۽ حالتن موجب ڦرن ٿا ۽ فعل
زمانن موجب ڦرن ٿا ۽ سڀ قسم جي لفظ جون جدا جدا
صورتون ۽ صيغا
″صرف″
۾ داخل آهن.
علم نحو:
لفظ جي اصلي معنيٰ آهي پاسو ۽ اصطلاحي جي معنيٰ
اٿس حرف هڪ ٻئي جي پاسي ۾ بيهاري لفظ جوڙڻ ۽ لفظ
هڪ ٻئي جي پاسي ۾ بيهاري جملا جوڙڻ ۽ جملا هڪ ٻئي
جي پاسي ۾ بيهاري بيان يا تقرير يا دليل جوڙڻ.
انهيءَ ڪري نحو جي رواجي معنيٰ ٿي دستور يا طرز يا
قانون، جن موجب حرف، لفظ ۽ جملا پاڻ ۾ گڏجن ٿا ۽
موافقت رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي عمل هلائين ٿا.
انهيءَ مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي ساڳيا اصطلاحي نالا
جي صرف ۾ ڪم اچن، سي ئي وري نحو ۾ به ڪم اچن ٿا،
جيئن ته اسم، فعل، حرف، صفت، ضمير، جنس، عدد،
حالت، زمان وغيره. اهي سڀ صرف ۾ انهيءَ لاءِ ٿا
اچن ته خبر پوي ته انهن ۾ لفظن جون جدا جدا صورتون
ڪهڙي ٿيون ٿين. پر نحو ۾ اهي ساڳيا لفظ انهيءَ
لاءِ ٿا اچن ته انهن جي گڏجڻ جا قانون معلوم ٿين،
جن موجب اُهي صحيح ڳالهائي ۽ لکي سگهجن.
موضوع ۽ مهمل:
ڳالهائڻ مهل ماڻهوءَ جي واتان جيڪي نڪري ٿو، سو يا
بامعنيٰ هوندو يا بي معنيٰ. بامعنيٰ واري کي موضوع
چوندا آهن ۽ بي معنيٰ کي مهمل.
حقيقي ۽ مجازي ۽ اصطلاحي:
وري بامعنيٰ يا موضوع لفظ به جي ٺهرايل ۽ مقرر ڪيل
معنيٰ ۾ هوندو، ته
″حقيقي″
سڏبو نه ته
″مجازي″
۽ اهو ئي لفظ ڪن ماڻهن ڪنهن خاص معنيٰ جي لاءِ کڻي
ٺهرايو ته انهيءَ کي
″اصطلاحي″
چئبو.
بي معنيٰ لفظ جا مثال ڏيڻ ضروري ناهن. اهڙا لفظ
پنهنجا به ٺاهي ٿا سگهجن جيئن ته: بائن، شائن،
گڙپ، شڙپ. پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا بي معنيٰ يا
زائد لفظ به آهن جن جي معنيٰ ڪانهي يا جي ساڳي
معنيٰ هئڻ ڪري ضروري ناهن ۽ زور ڪري معنيٰ وارن
لفظن سان ڪم ۾ اچن ٿا، مگر رواجي عام گفتگوءَ ۾،
نه ڪنهن علمي تقرير يا بيان ۾. مثلا: پيسو پنجڙ،
گلم ڌلم، ڪتاب ٻتاب وغيره. معنيٰ واري لفظ جو مثال
شينهن وٺو. هاڻ جي شينهن لفظ مان اسان جي مراد
هوندي اهو جانور جنهن کي
″شير″
چون ٿا ته اهو
″حقيقي″
ٿيو ۽ جي زور ۽ دليري جي نظر تي مشابهت جي رستي
ڪنهن بهادر يا پهلوان ماڻهوءَ جي نالي چونداسين ته
فلاڻو شينهن آهي ته اهو حقيقي نه ٿيو، پر
″مجازي″
ٿيو.
وري ٻيو مثال وٺو.
″حلال
خور″
جي حقيقي معنيٰ آهي حلال کائيندڙ، جو حرام نه
کائي. پر
″مجازي″
معنيٰ موجب حلال خور چون
″ڀنگيءَ
يا چهڙي″
کي جو انهيءَ جي برعڪس اڪثر حرام شيون کائي.
اصطلاحي:
معنيٰ جو مثال حرڪت وٺو. حرڪت لفظ جي حقيقي معنيٰ
آهي چـُـرڻ. مگر
″اصطلاحي″
معنيٰ سان گرامر موجب زبر ۽ زير ۽ پيش کي
″حرڪت″
ٿو چئجي ۽ ٻوليءَ جي اصطلاح موجب ٻارن جي اجائي اٿ
ويهه کي
″حرڪت″
چوندا آهن. اتي ڪن ماڻهن اها معنيٰ ڪنهن خاص ڪم
لاءِ کڻي ٺهرائي آهي، تنهن ڪري انهيءَ کي
″اصطلاحي″
ٿو چئجي.
بامعنيٰ يا موضوع لفظ يا مفرد هوندو يا مرڪب. مفرد
اهو آهي جنهن مان هڪڙي ئي معنيٰ نڪرندي آهي ۽ جنهن
جي پرزن يا ٽڪرن يا ڀاڱن جو انهيءَ جي معنيٰ سان
ڪوبه واسطو ڪونهي. اهڙي مفرد موضوع لفظ کي
″ڪلمو″
چوندا آهن. اهڙا گهڻا ڪلما گڏجي ڪلام ٿا جوڙين
جنهن کي جملو يا جملا يا تقرير يا بيان چئي ٿو
سگهجي.
مرڪب:
مرڪب لفظ ٻن يا وڌيڪ ڀاڱن مان ٿو جڙي ۽ هر هڪ ڀاڱي
جي ڪا ڌار معنيٰ آهي ۽ انهن مان انهيءَ لفظ جي
گڏيل معنيٰ ٿي جڙي.
مثلا لفظ مڪان مفرد آهي. انهيءَ جي ٽڪرڻ
″مڪ
۽ آن″
جي معنيٰ ڪانهي، پر جي هجي ته به انهيءَ جو مڪان
لفظ جي معنيٰ سان ڪوبه واسطو ڪونهي.
″خير
خواهه″
مرڪب لفظ آهي جنهن جا ٻه ڀاڱا
″خير
۽ خواهه″
معنيٰ رکن ٿا ۽ انهن جي گڏيل معنيٰ
انهيءَ لفظ جي سچي معنيٰ ٿي ڏيکاري. يعني سچو دوست
يا گهڻگهرو. اهڙا گهڻا مرڪب لفظ آهن جي گهڻي ڪم
اچڻ ڪري ڇانگجي
″مخفف″
يا هلڪا ٿي پيا آهن ۽
″مفرد″
پيا ڏسجن. جيئن ته شهنشاهه جو اصل هو شاهان شاهه
يا شاهه شاهان، يعني بادشاهن جو بادشاهه.
باب پهريون
حرفن يا اکرن جو بيان
مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته اکرن مان لفظ ۽ لفظن مان
جملا ۽ جملن مان بيان ٺهن ٿا. هاڻي پهرين اسين
اکرن يا حرفن جي جدا جدا قسمن ۽ ڪمن جو ذڪر
ڪنداسين.
مٿي اشارو ڏنو ويو آهي ته سنڌي ٻولي گهڻين ٻولين
مان ٺهي آهي. جيڪي
″حروف
تهجي″ يعني آئيويٽا يا الف بي جا اکر منجهس ڪم اچن ٿا، سي به ڪي
پنهنجا اٿس ۽ ڪي ٻاهران آندا اٿس، جي چٻاڙي گهڻن
جي صورت ڦيرائي، پوءِ هضم ڪري وئي آهي. عربي سنڌي
هئڻ ڪري عربي وارا 28 يا 30 اکر ورتائين. تن مان
اصل 22 ته عربي يا عبراني آهن يعني هيبرو ٻوليءَ
جا، جي خود عربي ٻوليءَ نالا ڦيرائي ورتا. انهن ۾
عربن ڇهه اکر ٻيا وڌايا، جي خلاصا سندن ٻوليءَ
لاءِ ضروري هئا. اُهي ڇهه آهن: ث، خ، ذ، ض، ظ ۽ غ.
عبراني حرف ۽ انهن جي ترتيب ابجد، هو ز، حطي،
ڪلمن، سعفض، قرشت ۾ اچي وڃي ٿي. عربن انهن کان
پوءِ ثخز، ضظغ، وڌايا. ڪن عربن وري
″همزوءِ″
وڌائي ٽيهه پورا ڪيا. فارسيءَ وارن جڏهن عربيءَ جي
مدد ورتي، تڏهن انهن وري اُهي سڀ ۽ پنهنجا خاص چار
حرف وڌايا يعني: پ، چ، ز، گ جن کي ب فارسي ۽ ج
فارسي ۽ ز فارسي ۽ ڪاف پارسي سڏيائون ۽ رڳا نقطا
يا انگڙي وڌايائون. مگر انهيءَ الف بي مان هيٺيان
اٺ اکر خلاصا عربيءَ ۾ ڪم اچن ٿا ۽ نج پارسيءَ ۾
ڪم نٿا اچن: ث، ح، ص، ض، ط، ظ، ع، ق. سنڌي ٻوليءَ
اهي سڀ عربي ۽ فارسي اکر پنهنجي الف بي ۾ ڪم آندا،
سواءِ پارسي ز جي. ٻيا وري هيٺيان سنسڪرت يا
پراڪرت وارا اکر ڪم آندائون. ڀ، ٿ. ٽ، ٺ، ڦ، جهه،
ڇ، ڃ، ڌ، ڊ، ڍ، ڙ، که، گهه، ڱ، ڻ. انهن کان سواءِ
ٻيا اهي اکر وڌائون جي خلاصا سنڌي ٻوليءَ جا هئا.
يعني ٻ، ڄ، ڏ، ڳ. انهيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ مڙئي
″ٻاونجهاهه″
حرف ٿيا. مگر انهن مان ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، ڻ نج
سنڌي لفظن ۾ ڪم اچن ٿا ۽ اهي انهن جي سڃاڻپ جون
خاص نشانيون آهن.
عربي ۽ پارسي دستور موجب انهن الف بي جي اکرن کي
″حروف
تهجي″
يا
″آملا″
سڏيندا آهن.
حرف:
حرف جي لفظي معنيٰ آهي ڪنارو يا طرف يعني لفظ جو
تمام ننڍو حصو يا ڪنڊ. انهن کي ڪيترن قسمن ۽ صورتن
۾ وراهيائون ۽ انهن مان جدا جدا ڪم ڪڍيائون.
″منقوط
غير منقوط، مسروري، ملفوظي ۽ مڪتوبي حرف″
پهرين جن جن اکرن تي نقطا اچن ٿا، تن کي
″منقوط″
يا
″معجمه″
ٿا سڏين ۽ جن تي ناهن، تن کي
″غير منقوط يا مهمله″
ٿا سڏين. وري انهن جي نالن جي نظر تي، جن جا نالا
ٻن اکرن جا آهن، جيئن ته بي تي يا با تا وغيره، تن
کي مسروري
چوندا آهن ۽ جيڪي ٽن اکرن جا آهن جيئن ته جيم، سين
۽ دال وغيره، تن کي
″ملفوظي″ سڏيندا آهن ۽ انهن مان به ٽن جن جي نالن جو پهريون ۽ پويون اکر
هڪ جهڙو آهي يا جي ابتا سبتا هڪ جهڙا آهن يعني
ميم، نون ۽ واو، تن کي
″مڪتوبي″
ٿا سڏين.
حرف علت صحيح:
وري انهن الف بي جي اکرن مان هڪڙا بيمار ٺهرايائون
۽ ٻيا چڱا ڀلا. بيمارن کي
″حرف
علت″ چيائون جو علت جي معنيٰ آهي بيماري ۽ بيمار کي عليل چون ۽
چڱن ڀلن کي صحيح. بيمار هن ڪري چيائون جو ضعف ڪري
ٻيا انهن کي پاڻ سان وٺي يا کڻي هلائيندا آهن ۽
اهي پنهنجي منهن ڌار هلي نه سگهندا آهن. اهي ٽي
اکر ٺهرايائون: ا، و، ي. بيمار ماڻهو به وايءَ
وايءُ ڪندو آهي ۽ حرف علت به اهي ئي اکر ٿيا.
اعرابون:
ٽي اکر سڀني الف بي جي اکرن کي ڪهڙي طرح ڪم اچي
سگهن؟ اهڙي ڪا صورت ضروري گهربل ٿي، جنهن ڪري سڀ
اکر هڪ جهڙا ٿين ۽ هڪ ٻئي تي ريس نه ڪن. تنهن ڪري
الف مان
″زبر″
ڪيائون، واو مان
″پيش″
ڪيائون ۽
″ي″
مان
″زير″
ڪيائون ۽ خاص
″حرف″
علت جي نشاني لاءِ
″جزم″
يا
″سڪون″
مقرر ڪيائون، جا انهن ٻين اکرن تي ڏجي ٿي جن سان
گڏ
″حرف
علت″
نٿو اچي. انهن جو نالو حرڪت رکيائون، جن ۾ گويا
حرف علت جو اڌ آواز رهي ٿو. ٻيون نشانيون پوءِ
ضرورت آهر ٺهرايائون جن کي
″اعراب″
چون ٿا.
″حرڪت″
جي معنيٰ چـُـرڻ ۽ اعراب جي معنيٰ آهي آزاد گهمڻ
يا گهمندڙ، ڇا لاءِ جو انهن جي وسيلي اکر چري پري،
گهمي گهتي سگهن ٿا، نه ته هڪ هنڌ نستا ٿيو پيا
آهن. چرندڙ اکر متحرڪ ٿيا ۽ غير متحرڪ کي ساڪن
سڏيائون.
ممدوده ۽ مقصوره:
انهن حرف علت وارن ٽن اکرن مان پهرين الف سان جڏهن
ٻيو الف ٿو گڏجي، تڏهن ٻن الفن لکڻ جي بدران
هڪڙيئي تي
″مد″
جي نشاني ڏين ٿا ۽ انهيءَ الف کي
″ممدوده″
يعني مد وارو يا ڊگهو سڏين ٿا ۽ جتي ائين نه آئي،
انهيءَالف کي
″مقصوره″
يعني ڇوٽو چون ٿا. متحرڪ الف کي اڪثر عربيءَ ۾
″همزو″
چون ٿا ۽ الف رڳو ساڪن الف يا حرف علت کي ٿا سڏين.
معروف ۽ مجهول:
″و″
تي پيش ۽
″ي″
هيٺ زير اچڻ ڪري جيڪو آواز نڪري ٿو، انهيءَ کي
″معروف″
ٿا سڏين. ڇا لاءِ جو اهو آواز عربن کي معلوم هو.
جيئن ته شير، مير، نور، پر انهن تي زبر اچڻ ڪري
جيڪو آواز نڪري ٿو، سو عربن ۽ ايرانين ۾ ڪم نه اچڻ
ڪري هنن کي معلوم ناهي تنهن ڪري انهيءَ کي مجهول
ٿا چون جيئن ته دير ۽ جور.
ساڪن
″ي″
۽
″و″
جا مثال آهن سير ۽ خوف، جي خاص عربيءَ ۾ ڪم ايندا
آهن.
مخارج:
وري الف بي جي اکرن جو وات مان نڪرڻ واري جاءِ يا
مخرج جي نظر تي ورهاڱو ڪيائون. اهو ورهاڱو جهڙو
يورپ جي ٻولين ۾، تهڙو سنسڪرت ۽ هندستان جي ٻين
ٻولين ۾ به آهي. انهيءَ موجب جن اکرن جو آواز ڏندن
تي زبان رکڻ سان يا ڏندن جي مدد سان ٿو نڪري، تن
کي
″سيه″
ٿا چون، جو عربيءَ ۾ سن چون ڏندن کي جيئن ته ت، ث،
د، ذ، ط، ظ، ل، ن ۽ جن جو آواز زبان جي چوٽيءَ کان
ٿو نڪري، تن کي
″اسليه″
ٿا چون،
جيئن ته ر، ز، س، ش، ص، ض. جن جو آواز چپن مان ٿو
نڪري، تن کي
″شفويه″
جيئن ته ب، ف، م، و ۽ جن جو تارونءَ تي زبان رکڻ
سان ٿو نڪري، تن کي
″لهويه″
ٿا چون، جيئن ته ج، ي. جي نڙي مان ٿا نڪرن تن کي
″حلقيه″
ٿا چون جيئن ته ح، خ، ع، غ، ق، ڪ، هه.
شمسي ۽ قمري حرف:
مٿين مان پهرين ٻن قسمن کي
″شمسي
حرف″ سڏيندا آهن ۽ پوئين ٽن کي
″قمري″.
انهن جي نشاني هيءَ آهي ته عربيءَ ۾ ڪنهن اسم سان
″ال″
شروع ۾ وجهڻ سان شمسي اکرن جي حالت ۾ لام جو آواز
نه نڪري ۽ قمري اکرن جي حالت ۾ نڪري ٿو. مثلا=
″الدين″
۾
″د″
شمسي اکر آهي، تنهن ڪري لام جو آواز نه نڪرندو ۽
انهيءَ لفظ جو آواز
″ادين″
ٿيندو جيئن شمس الدين نالي ۾.
″الد″
آواز ڪڍڻ غلط آهي. ۽ القلب لفظ ۾ قاف قمري اکر
آهي، تنهن ڪري لام جو آواز ٿيندو ۽ اهو لفظ القلب
پڙهبو جيئن
″مفرح
القلوب″
پر
″اقلب″
چوڻ غلط چئبو.
وري الف بي جي اکرن لکندي جيڪي اکر ٻين اکرن سان
گڏ لکجڻ ۾ پنهنجو ڪو ڀاڱو ڪيرائي پوءِ ڳنڍجن ٿا،
انهن کي
″ترڪيبي″
صورت وارا اکر چون ٿا ۽ جيڪي ائين نه ٿا ڪن ۽
پنهنجي اصل صورت ۾ رهن، انهن کي
″منفردي″
صورت وارا يا
″مجرد″
ٿا چون. جيئن ته ج ٻئي اکر سان گڏجڻ وقت لکڻ ۾
″جه″
ٿئي ٿو. مثلا= جشن ۽ باجو. تنهن ڪري اهو ترڪيبي
آهي ۽
″د″
يا
″ر″
صورت نٿا ڦيرائين جيئن ته داور، تنهن ڪري اهي
″منفرد″
يا
″مجرد″
آهن.
معرب:
وري الف بي جي اکرن مان ڪي اهڙا آهن جي اصل عربيءَ
۾ نه هئڻ ڪري ٻي صورت بدلائي ڪم اچن ٿا ته انهن کي
معرب ٿا چون جيئن ته پ کي ڦيرائي ف ٿا ڪن. مثلا
پارس کي فارس.
معجم:
۽ ڪي لفظ جي عربي آهن سي ڦيرائي فارسي صورت ۾ ڪم
اچن ٿا، انهن کي
″معجم″
ٿا چون جيئن ته
″فيل″
کي
″پيل″
يا طلب مان
″طلبيدن″
۽ فهم مان
″فهميدن″.
مهند ۽ مسند:
ان طرح جي لفظ عربيءَ يا فارسيءَ جي صورت ڦيرائي
هنديءَ يا سنڌيءَ ۾ اچن ٿا، انهن کي
″مهند″
۽
″مسند″
سڏي ٿو سگهجي. يعني هندي ڪيل. جيئن ته: بصل مان
بصر ۽ قفل مان ڪرف.
تبديل:
هڪڙي ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ ايندي اکر جيڪا صورت
بدلائيندا آهن، انهيءَ کي تبديل چئبو آهي. انهيءَ
تبديل جا ڪي خاص قانون آهن جن موجب هر هڪ ڦري ٻين
حرفن جي صورت وٺندو آهي ۽ اُهي هر هڪ ٻوليءَ جي
لاءِ ڌار هوندا آهن. هيٺ انهن جو تفصيل ڏجي ٿو، جو
اڪثر اهي لفظن جي اشتقاق ۾ گهڻو ڪم ايندا آهن ۽
هتي اُهي ڏبا جي اڪثر سنڌيءَ ۾ به ڪم اچن ٿا نه
ٻيا.
پهرين ته ٽنهي علت جي حرفن جي نسبت ۾ ڪي ڳالهيون
معلوم ڪرڻ جهڙيون آهن جي عربي پارسي ۾ مستعمل هئڻ
ڪري سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿيون.
الف ڪيرائڻ:
ڪن لفظن ۾
″الف″
لکڻ ۾ نه ايندو آهي. رڳو انهيءَ جو آواز نڪرندو
آهي، يا ته انهيءَ هنڌ مٿان نشانيءَ لاءِ ننڍڙو
الف لکي ڇڏيندا آهن. سنڌيءَ ۾ الف لکندا آهن مگر
اهو غلط آهي. جيئن ته الهي. ان کي
″الاهي″
لکڻ غلط آهي. ساڳي طرح عربي نالا: اسمعيل، اسحق،
هذا، ليڪن جو ڪڏهن ڪڏهن لا ڪن يا ليڪن ڪري لکبو
آهي. الف ڪڏهن ڪڏهن شروع ۾ وڌيڪ به وجهندا آهن
جيئن ته سڪندر ۽ اسڪندر، فلاطون ۽ افلاطون.
الف اچارڻ:
ساڳي طرح ڪٿي واو جو آواز الف ٿيندو آهي جيئن ته
زڪوات، جنهن جو آواز زڪات ٿيندو آهي ۽ صلوات جو
آواز صلات ٿيندو آهي پر واو سان لکڻ صحيح آهي.
الف ڪيرائڻ:
ڪٿي الف حذف يا گم ٿيندو آهي جيئن شاهه - شهه،
ناگاهه - ناگهه، گناهگار - گنهگار، شاهزادو -
شهزادو، شاهباز - شهباز، شاهه رگه - شهرگ، ڪوتاهه
- ڪوتهه.
″ي″
الف بدلڻ: ساڳيءَ طرح وري ڪٿي
″ي″
جو آواز به الف ٿيندو آهي جيئن ته مصطفيٰ، مرتضيٰ،
عيسيٰ، موسيٰ، مامضيٰ، تمنيٰ، توليٰ، معنيٰ،
دعويٰ. جي سڀ رواج ڪري پارسي توڙي سنڌي ۾ الف سان
لکبا آهن.
واو ڪيرائڻ:
پارسي لفظن ۾
″واو″
جي پٺيان
″الف″
هوندو آهي ته
″واو″
جو آواز نه ٿيندو يا تمام ٿورو ٿيندو آهي جيئن ته
خواهش، خير خواهه، خواجه، خواب،
خود، خويش، خوش. انهيءَ کي
″واو
اشمام″
چوندا آهن يعني جتي واو جي رڳي باس ٿي اچي.
ڪٿي واو جي اڳئين اکر تي پيش هئڻ ڪري ۽ پٺيان اَل
اچڻ ڪري واو جو آواز ڪونه ٿيندو آهي ۽ ساڳي طرح ي
جي اڳئين اکر هيٺ زير هئڻ ڪري به ي جو آواز نه
ٿيندو آهي ۽ اَل واري الف جو به آواز نه ٿيندو آهي
جيئن ته ابو الفضل، ابو القاسم، في الحال، في
الحقيقت، في الفور، بالڪل، بالفعل، بالواسطه،
باليقين. ڪٿي
″و″
حذف ٿيندو آهي جيئن گوهر - گهر، کوهه - کهه، خاموش
- خمش، لوهار - لهار، ڪوهه - ڪهه.
انهن کان سواءِ عربيءَ ۾ مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ جي
نشاني
″ت″ هوندي آهي. اها
″هي″
وانگي هئن لکندا آهن
″ه″
۽ نشانيءَ لاءِ مٿس تي وارا ٻه نقطا ڏيندا آهن،
مگر پارسي توڙي سنڌيءَ ۾ اهي لفظ اڪثر
″ت″
سان لکندا آهن جيئن ته شجاعـھ سعادهِ وغيره شجاعت
۽ سعادت ڪري لکبا آهن. اگرچه عربيءَ ۾
″هه″
به مؤنث جي نشاني آهي جيئن ته ملڪ مان ملڪه، قيصر
مان قيصره وغيره. ڪن سنڌي لفظن ۾ جتي پارسي عربي
لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ الف هوندو آهي، اُتي زور ڪري
″هه″
وجهي ڳالهائيندا آهن جيئن ته پروا کي پرواهه چوندا
آهن. دريا کي درياهه، چاءِ کي چاهه ڪري چوندا آهن
۽
″همزو″
به گـڏيندا آهـن، جيئن ته: جا - جاءِ، دانا -
داناءُ، خدا - خداءِ وغيره.
تبديل ۽ حذف:
هاڻي اسين اکرن جي مٽ سٽ يا تبديل جو ذڪر ڪنداسين،
جي ٻين ٻولين توڙي سنڌيءَ سان به لاڳو آهن. پهرين
ياد رکڻ گهرجي ته حرف علت يعني الف، و ۽ ي هڪ ٻئي
سان مٽجن ٿا ۽ ڪٿي حذف ٿين ٿا. يعني ڪيرائي ٿا
ڇڏين. مثال: لاج - لـڄ، لاٺ - لٺ، لاک - لک، مکي -
مک، مورتي - مورت، ناچن - نچڻ، ناڪ - نڪ، ڪان -
ڪن، هاٿ - هٿ، دانت - ڏند.
پارسي ۽ ڪن ٻين ٻولين جي صرف نحون ۾ هن مضمون بابت
الف بي جي سڀني حرفن جا جدا جدا قسم ۽ انهن جا
نالا ۽ انهن جا مثال ڏنل آهن ۽ هر هڪ جا تبديل ڪيل
حرف جي رواج ۾ مستعمل آهن، سي ڏنل آهن. سنڌيءَ ۾
انهيءَ وانگي هر هڪ حرف جا قسم ۽ نالا ڪم نه ايندا
آهن ۽ پارسي
″صرف
نحو″ وارا نالا ڏيڻ ۽ انهن جا پارسي مثال ڏيڻ ضروري نٿو ڏسجي.
حرف علتن جو مٿي ذڪر آيو، باقي صحيح حرفن جي نسبت
۾ ڪي ٿورا عربي ۽ پارسي رواجي تبديلي حرف ۽ مثال
ڏجن ٿا. تنهن کان پوءِ اسين سنڌيءَ ۾ جيڪي حرف پاڻ
۾ مٽجن سٽجن ٿا، سي ۽ انهن جا مثال ڏينداسين.
ب ۽ پ مٽبا آهن، جيئن ته تب - تپ، شابور.
ت ۽ د= جيئن ته توت - تود.
ج ۽ ت= جيئن ته تاراج - تارات.
ج ۽ ڙ= ڪج - ڪڙ.
ج ۽ ز= رجه - رزه.
ج - ش= ڪاج - ڪاش.
ج - چ= ديباجه - ديباچه.
ج - ڪ= اخسيج - اخشيچ.
خ - ه= خاڪ - هاڪ، خجير - هجير.
د - ت= زرد - زرت، دشواد - دشوات.
د - ذ= آدر - آذر
ر- ل= روخ - لوخ، چنار - چنال، اروند - الوند،
ڪاچار - ڪاچال.
ز - ج= چوزه - چوجه، پانزده - پانجده، هڙده -
هجده.
ز - غ= گريز - گريغ، تيز - تيغ.
س - ش= ڪستي - ڪشتي، فرسته - فرشته.
س - ج= خروس - خروج
ش - ج= ڪاس - ڪاج.
ص - س= قفص - قفس، صد - سد، شست - شصت.
غ - گ= لغام - لگام، غلوله - گلوله، غرجستان -
گرجستان، غول - گول.
غ - ق= اياغ - اياق، آغا - آقا، جناغ - جناق، دماغ
- دماق، غاليچه - قاليچه، غلندر - قلندر.
ف - پ= فارسي - پارسي، فيل - پيل.
ق - غ= سمرقند - سمرغند.
ق - گ= خانقاهه - خانگاهه.
ڪ - خ= شاماڪچه - شاماخچه.
و - ب= نوشتن - نبشتن، نورد - نبرد.
متبدل حروف:
هاڻي اسين هيٺ اُهي اکر ڏينداسين جي پاڻ ۾ مٽجن
سٽجن ٿا، جن مان ڪيترا پارسي ۽ عربيءَ ۾ به ڪم اچن
ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ به. ڪي هنن مٿي ڏنل حرفن ۾ به اچي
ويا آهن.
(1) ا، ِّ، ح، هه، ع، و، ي:
مثال: اُستا - اَسته - اَستو، سان - سين، زمانه -
زمانو، آشڪارا - آشڪاره، راهگان - رايگان، سيلان -
سيلون، واي - واءُ، هيرا - هيرو.
(2) ب، پ، ف، و، ٻ، ڦ:
مثال: تب - تپ - تف، بر - ور، پيل - فيل، سپيد -
سفيد - سويت، پارسي - فارسي، نوشته - نبشته، پليٽو
- فلاطون، پالسٽئن - فلسطين، ماربل - مارول، سيب -
سوف، جفت - جـُـت، باڇ - واڇ، بارا - واڙو، بڇون -
وڇون، بوڙها - پوڙهو، بول - ٻول، باجو - واڄو، بيس
- ويهه، بال - وار، بچه - ٻچو، باگ - واڳ، بند -
ٻنڌ، دبدبه - دٻدٻو، بانٽنا، ونڊڻ، بجلي - وڄلي،
برس - ورهه، برسنا - وسڻ، بهرا - ٻوڙو، بڪرا -
ٻڪرو، پل - ڦـُـڙ.
(3) ت، ط، د، ذ، ٿ، ٽ، ٺ، تر، چ، ڊ، ڌ، ن:
مثال: بدتر - بتر، توتيا - طوطيا - ڪتخدا - ڪد
خدا، استاد - استاذ، نموده - نمونه، انتر - اندر،
ساڪريٽر - سقراط، پليٽو - فلاطون، ڪانسٽنٽئن -
قسطنطنيه، پالسٽئن - فلسطين، پتر - پوت - پٽ، متر
- مٽ، تر - ٽي، ترڦل - اطريفل - ٽڦلو، توتيا -
ٺونٺبو، اتوار - آرتوار - آچر، بانٽنا - ونڊڻ،
ٺنڍا - ٿڌو، چتر - چٽ، ڇتري - ڇٽي، سوت - سٽ،
ڪستوري - کٿوري، ڪانت - ڪانڌ، گينڊا - گـُـونٽو،
ڪنٺڪ - ڪانٽو - ڪنڊو.
(4) ج، چ، د، ذ، ز، ڙ، س، ش، ص، ض، ط، ظ، هه، ي، ڃ، نج، ڃ، گ، ث، ڇ:
مثال: ڪاج - ڪاش، صندل - چندل - چندن، صين - چين،
چوزه - چوجه، هڙده - هجده، آواز - آوازه، ڪڙدم -
ڪجدم، شالي - ساري، زيره - جيرو، يوگي - جوڳي، آج
- اڄ، يـُـڌ - جڌ، تيز - تيجه، زبان - جيڀ - ڄڀ،
جامن - جنبو - ڄمون، گيان - جاننا - ڄاڻڻ، ڪاري -
ڪارج - ڪاج، بجلي - وڄلي، لاج - لـڄ، فرسته -
فرشته، صد - سد، قفس - قفص، سيخ - شيخ، درشن -
درسن، دس - ڏهه، شريس - سرس، سانس - ساهه، ساهوڪار
- شاهوڪار، شڀ - سڀ، سيشا - سيسڪ - شيهو، ڪپاس -
ڪپاهه، برس - ورهه، يونس - جونس، يوسف - جوزف -
جوسب، مشڪ - مسڪ.
(5) د، ذ، ڊ، ڍ، ڏ، ت، ر، ز، در، ي، ڙ، ڊ، ل:
مثال: دنت - دانت - ڏند، دس - ڏهه، ڊنگ - ڏنگ،
گاڙي - گاڏي، ڊامر - ڏامر، گوڊائون - گدام، دور -
ڏور، آڙو - آڏو، بڙا - وڏو، دادا - ڏاڏو، داڙي -
ڏاڙهي، دک - ڏک، دلن - ڏرڻ، دوڙنا - ڊوڙڻ، سمندر -
سمنڊ، لڊو - لڏون، ليد - لڏ، نيند - ننڊ، هلدي -
هرد - هيڊ، ڌول - ڌوڙ، ديور - ڏير، ڪالا - ڪارو،
بل - ور، پاتال - پاتار، تـھ - ترو، جل - جر، گڙيا
- گڏي، بهرا - ٻوڙو، ڪوڙي - ڪوڏي، الوند - اروند،
آلس - آرس، آمله - آنورا، سانولا - سانورو، نيل -
نير، مارڪيٽ - مالڪيٽ، ڦل - ڦر، املي - آمري، مولي
- موري، نيولا - نور، پل - ڦڙ، سول - سور، ارادو -
ايرازو.
(6) ق، ڪ، غ، خ، گ، ح، ک، ڳ، ڱ، نگه، چ، ڪش:
مثال: آغا - آقا، اوطاق - اوطاغ، گرجي - غرجي،
غاليچه - قاليچه، ترياق - ترياڪ، لگام - لجام،
گيـھ ن - جيـھ ن، گلوله - غلوله، گالين - جالينوس،
فربنچ - فرنگ - فرنج، فارنج - فارنگه، غازي -
گاجي، يوگي - جوڳي، ڊاڪٽتر - داختر، اک - اڪش،
پرڪش - پرکه، شگون - سوڻ، لنگ - لڱ، آگ - آڳ، آگال
- اوڳر، بينگن - واڱڻ، منگن - مڱڻ، مونگ - مڱ،
چنکا - چڱو، رنگ - رڱ، سهاگ - سهاڳ، سرنگ - سڱ،
گال - ڳل، گانا - ڳائڻ، گڙ - ڳڙ، گن - ڳڻ، گننا -
ڳڻڻ، گيت - ڳيچ، موڇ - موڪش - موک.
(7) م، ن، ل، و، ب، نب، ڻ، هه، ڃ، ۽:
مثال: نيلوفر - نيلوفل - ليلوفل، آفيون - آفيم،
آمله - آنورا، نمبر - لمبر، آم - انب، دم - دنب،
نام - نانئن، گام - گانئن، سوامي - سائين، ڪمهار -
ڪنڀار، ڪومل - ڪونئرو، باسن - باسڻ، مانس - ماڻهو،
اُنيس - اُوڻيهه، چارن - چارڻ، دن - ڏينهن - ڏڻ،
سن - سڻي، رن - رڻ، ڪنگن - ڪنگڻ، گن - ڳڻ، ماننا -
مانن - مڃڻ.
حرفن جي معنيٰ:
هاڻي اسين الف بي وارن حرفن جي معنيٰ ڏينداسين، جو
عربيءَ ۾ هر هڪ حرف جي ڪا نه ڪا معنيٰ آهي ۽ هر هڪ
حرف جي انگن ۾ قيمت مقرر آهي، جنهن کي
″ابجد″
جو حساب يا حساب
″جمل″
چوندا آهن.
الف جي معنيٰ آهي ڇڙهو ماڻهو ۽ هزار. باب بي=
گهڻين زالن وارو مڙس. تا= خمير.
ثا= نرم. جيم= مست اُٺ. حا= ڊگهي قد واري زال. خا=
ڪنڌ يا ڪياڙيءَ جا وار. دال= ٿلهي زال. ذال= ڪڪڙ
جو موڙ. را= وير رکندڙ ماڻهو ۽ ننڍي ڏوئي. زا=
پيٽير ماڻهو. سين= ٿلهو ۽ گهڻو کنگهندڙ ماڻهو.
شين= ڊوڙندڙ ماڻهو. صاد= هڪڙي قسم جو پکي. ضاد=
ٻانگ ڏيندڙ ڪڪڙ. طا= گهڻي حرص وارو ماڻهو. ظا= زال
وڏيءَ ڇاتي واري. عين= اُٺ جو دن ۽ اک ۽ چشمو.
غين= ڪارو ڪڪر ۽ اُڃو ٿيڻ. فا= سمنڊ جي گجي ۽
ڪـُـنُ. قاف= جبل جو نالو ۽ تونگر. ڪاف= ڪاوڙ وارو
ماڻهو. لام= اُٺ ۽ زر ۽ ڪارو داغ جو نظر ٽارڻ لاءِ
ٻارن جي منهن تي ڏيندا آهن. ميم= شراب. نون= مڇي ۽
مس جي ڪپڙي ۽ وڻ جو ٿڙ. واو= اُٺ جو ٿوهو. ها=
چماٽ. يا= ٻار جي پيڻ کان پوءِ ٿڻن ۾ باقي بچيل
کير.
هي به ياد رکڻ گهرجي ته انهن ساڳين يا ڪن ٻين
معنائن سان سنڌيءَ ۾ به ڪي اکر ڪم ايندا آهن. جيئن
ته
″الف″
سڃي سکڻي يا نانگي کي چون ۽ الله جي به نشاني آهي.
اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار
ميم جي معنيٰ رمز يا ڳجهو جيئن ته ميم ۾ ڳالهائڻ ۽
ميم جي معنيٰ محمد پيغمبر به آهي.
ميم رکو من ۾، الف تنهن اڳيان
اوڏو ٿي الف کي من گڏيئين سين ميم.
قاف جي معنيٰ جبل آهي جيئن ته:
ڏونگر ڏکي کي قاف نه ڏئين ڪو
۽ ڪاف پيچه ۽ ور وڪڙ ٿو ڏيکاري:
سندو ڪاڪل ڪاف ماري معذورن کي
۽ لام الف يا ـھ جي معنيٰ آهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ
يا ٻک وجهڻ.
ڪاتب لکي جيئن لائي لام الف سين
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾
″واو″
جي معنيٰ هوا.
″دال″
جي معنيٰ کائڻ جي دال.
″عين″
جي معنيٰ وچ يا خاص جيئن ته عين چوري ڪرڻ جي وقت
ماڻهو اچي مٿان پين:
سوئي عين عذاب سو ئي رات روح جي
ڪوٺڻ قريبن جو عين تڙڻ آهه
لام جي معنيٰ ٽاري ۽ اجهو ۽ ڊيگهه:
لڳيس جنهن جي لام، سو دوست دلاسا منجي
تنهن کان سواءِ پارسيءَ ۾ اکرن سان شاعر مشابهتون
به ڏيندا آهن. جيئن سنئين قد کي
″الف″
سان ۽ ڏنگي قد کي
″د″
سان، سنهڙي چيلهه کي
″ميم″
سان، يا نقطي سان، ڏندن کي
″سين″
سان، زلفن کي
″جيم″
سان.
هاڻي ابجد جي حساب با بت ذڪر ڪبو جو پارسيءَ ۾ ۽
هاڻ سنڌيءَ ۾ به گهڻو ڪم ٿو اچي. الف بي جا سڀ حرف
ترتيب وارا جيئن اصل هئا، تن جا گڏي ڪي لفظ ٺهرايا
ويا، جي سڀ لفظ معنيٰ وارا آهن. اهي هي آهن: ابجد،
هوز، خطي، ڪلمن، سعفص، قرشت، ثخذ، ضظغ. انهن مان
پهريان نو اکر ترتيب وار نون تائين ايڪا ٿا
ڏيکارين. تنهن کان پوءِ ٻيا نو، ڏهاڪا ٿا ڏيکارين
سؤ تائين ۽ باقي رهيل نو سؤ ٿا ڏيکارين هزار
تائين. پارسي پ، چ، ڙ ۽ گه حساب ۾ ب، ج، ز ۽ ڪ
وانگي شمار ڪبا. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ جا نج اکر اکرن
جي صورتن موجب حساب ڪبا. يعني: ٻ، ب وانگي، ٽ، ت
وانگي، ڄ، ج وانگي، ڊ، ڏ، د وانگي، ڳ، ڪ وانگي، ڙ،
ر وانگي، ڻ، ن وانگي. باقي جن اکرن ۾ هه جو آواز
آهي، سي هه سان گڏ شمار ڪبا جيئن ته ڌ= دهه، ڀ=
بهه، که= ڪهه، جهه ۾ اڳيئي ج ۽ هه آهي، ساڳيءَ طرح
گهه ۾ اڳيئي گ ۽ هه آهي. انهيءَ طرح.
اهو بيان انهيءَ لاءِ آندو ويو آهي ته ابجد جو
حساب ڪتابن ۾ گهڻي ڪم ٿو اچي. ظاهر انگن ڏيڻ جي
بدران اهڙا بامعنيٰ لفظ يا جمـلا يا آيتون يا شعر
ٿا ڏجن جن مان اکرن جي ملهه ٻڌڻ ۽ جملي ڪرڻ سان
گهربل تعداد موجود ٿئي ٿو. ڪي ڪي ته اوچتو اهڙا
عجيب لفظ ۽ جمـلا ايندا آهن جو حيرت لڳي ويندي
آهي.
جيئن پارسي شعر جا نمونا ۽ بحر ۽ علم بدايع جون
صنعتون سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿيون ۽ علميت جو نشان
شمار ڪيل آهن، تيئن هي ابجد جو حساب به شمار ڪيل
آهي. اڪثر ماڻهن يا ڪتابن جا نالا اهڙا رکڻ ۾ ٿا
اچن، جن مان انهن جي ڄمڻ يا ٺهڻ جو سال ٿو نڪري،
يا وفات جو سال، يا ڪنهن شاهي عمارت يا مسجد يا پل
جي جڙڻ جو سال وغيره ڪتابن ۾ ڏنل آهي ۽ وقت بوقت
ڏجي ٿو. انهن جو ڄاڻڻ ۽ عبارت آرائي ۽ مضمون
نويسيءَ جي هنرن مان بلڪل ضروري ليکجي ٿو. اگرچه
انهيءَ حساب جا ڪي قانون به ڏنل آهن، مگر انهن جي
بيان ڪرڻ جو هتي ضرور ناهي. ڪو ٿورا مثال ڪافي
آهن:
مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهڻ واري جي وفات جو سال
لفظ
″رحمت″
مان نڪري ٿو يعني سنه 648 هجري ۽ مخدوم نوح هالن
واري جو لفظ
″فيض حق″
مان يعني سنه 998 هجري. مير بجار خان جي مارجڻ جو
سال
″حاجي شهيد خنجر″ يعني سنه 1194هه. حجاج بن يوسف، جو مشهور ظالم ٿي گذريو
آهي، تنهن جو سال لفظ ″ابليس″ مان نڪري ٿو يعني
سنه 103هه. شمس تبريزيءَ جو سال ″شمس الدين″ يعني
سنه643هه.
بابر بادشاهه ڇهين تاريخ محرم مهيني جي ڄائو هو ۽
هن جي ڄمڻ جو ″شش محرم″ ڪڍيو اٿن يعني سنه 888 هه
۽ ″يادگار ميرزا″ صفر مهيني ۾ مارجي ويو، تنهن جو
سال ″شهر صفر″ مان ٿو نڪري يعني سنه 775 هه. همايون بادشاهه جي ڇت تان ڪرڻ ۽ مرڻ جو سال ″همايون بادشاهه از بام افتاد″
يعني سنه 962 هه. امام حسين عليـھ السلام جي شهادت
جو سال ″اي وايءَ هايءَ هايءِ″ يعني سنه 60 هه.
نادر شاهه جي ڪيل دهليءَ جي ڪوس جو سال ″دهلي خراب
شد″ يعني سنه 1256هه. راجا رنجيت سنگهه جي وفات جو
سال ″خورشيد جمله پنجاب″ سن 1256هه ۽ شير سنگهه جو
″شير عادل شير سنگ″ سنه 1260هه. هاڻوڪي جنگ هلندڙ
جو هجري سال سنه 1334هه ″عالم تمام تباهه شد.″
مٿي ڏنلن اکرن جي معنيٰ کان سواءِ ڪي اکر آهن جي
ٻوليءَ جي جملن ۾ حرفن وانگر معنيٰ سان ڪم ايندا
آهن ۽ انهن مان ڪي ″حرف جر″ آهن، ڪي حرف جملو، ڪي
حرف ندا ۽ ڪن جا ٻيا نالا به آهن. مثلا= ″الف″
پارسيءَ وانگي ″ندا″ جي معنيٰ سان يعني سڏڻ جي ڪم
ايندو آهي اسم جي پٺيان آڻڻ سان جيئن ته خدا، يا،
ڇوڪرا، ڪتا يعني اي خدا! اي ڇوڪرا! اي ڪتا! ۽ ڪٿي
فعل يا اسم جي پٺيان زايد ايندو آهي. خاص شعر ۾
قافئيءَ جي لاءِ ۽ ڪڏهن پٺيان ″هه″ به آڻيندا آهن
جيئن ته ڪريجا، وڃيجا، يا، ڪريجاهه، وڃيجاهه،
محمدا، زلغا ۽ ڪٿي پارسيءَ وانگي فاعليت جي به
معنيٰ ڏيندو آهي، جيئن ته دانا، بينا. ٻن لفظن جي
وچ ۾ ميلاپ جي به معنيٰ ڏئي ٿو جيئن ته دما دم،
سراسر، سراپا. اهو ڪڏهن ڪڏهن ڦري واو ٿيندو آهي
جيئن ته بروبر، سروسر. ″اَ″ جي معنيٰ سنڌيءَ ۾
″نه″ به آهي جيئن ته آملهه يعني اڻ ملهه، اٽل يا
اٽر يعني نه ٽرندڙ، امر يعنيٰ نه مرندڙ. خراب جي
به معنيٰ اٿس جيئن ته اَوير، اَجايو، اَڀاڳو. ″
به″ جي معنيٰ پڻ آهي پارسي وانگي به الف وانگي
ميلاپ به ٿي ڏيکاري جيئن ته دمبدم، سربسر، دربدر ۽
تاڪيد به جيئن ته تازه بتازه، نوبنو، جا بجاءِ.
″ٻه″ جي معنيٰ هڪ جي ٻيڻ. ″ته″ - مشهور حرف جملو
يا حرف بيان. ″جه″ جي معنيٰ جئن، لاڙ ۾ ۽ شاهه جي
رسالي ۾. ″ڇه″ جي معنيٰ ٽن جي ٻيڻ. ″ڙ″ يا ڙي يعني
″اڙي″ يا ″اي″ سڏڻ لاءِ حرف ندا وانگي ڪم ايندو
آهي. ″س″ جي معنيٰ چڱو آهي جيئن ته ستڙ، سواٽيو،
سڀاڳو، سوير، سجايو. ″ش″ پارسيءَ وانگي حاصل
المصدر جي به نشاني ٿي ڪم ايندي آهي. جييئن ته
آزمائش، ڪوشش، بندش، بخشش. ″ڪ″ ته جي معنيٰ سان
سنڌيءَ ۾ ڪم اچي ٿو پارسيءَ وانگي ۽ ″يا″ جي به
معنيٰ ڏيندو آهي، جيئن ته ″هي ڪ هو″ ۽ ڪ جي معنيٰ
″ري″ جيئن ڪمهلو، ڪسا کي. ″م″ ۽ ″ن″ نفيءَ يا
انڪار جي معنيٰ سان ڪم ايندا آهن. جيئن ته ″م چؤ″،
نه وڃ، نڪار، نڪمو، نستو. ″م″ ضمير متصل ۾ ۽ مرڪب
فعل ۾ متڪلم جي معنيٰ به ڏيندو آهي، جيئن ته سندم،
اٿم. پڇاڙيءَ ۾ م مؤنث جي به نشاني آهي پارسي
وانگر جيئن ته بيگه - بيگم، خان - خانم. مَ ۽ مِ ۽
مُ عربيءَ لفظن ۾ جاءِ ۽ اوزار ۽ فاعليت جي معنيٰ
سان ڪم ايندا آهن ۽ ساڳيا لفظ سنڌيءَ ۾ به ڪم
ايندا آهن جيئن ته مسجد، مڪتب، مدرسه، مـِـضراب،
مـِـقياس، مـِـفتاح، مدُرس، مـُـصاحب، مـُـنادي. ۽
نه عجب يا تاڪيد به ڏيکاري ٿو. خاص سوال وارن حرفن
سان جيئن ته ڪهڙو نه چڱو! ڇو نه ائين هجي.
″و″ پارسيءَ وانگي ۽ جي معنيٰ سان ڪم ايندو آهي،
خاص ٻن پارسي لفظن جي وچ ۾، جيئن ته دل و جان، رات
و ڏينهن، آمد و رفت، خريد و فروخت، شب و روز. ۽
حرف ۽ فعل سان پڇاڙيءَ ۾ جمع حاضر جي به معنيٰ
ڏيندو آهي. جيئن ته ڪيوَ، سندو. واو زائد به آهي
جيئن ته ليڪن و ليڪن. ″ي″ فعل جي زمان ۾ ڪم ايندو
آهي مثلا= مجهول زمان مضارع ۾ واحد غائب لاءِ جيئن
ته ڪري وڃي ۽ معروف حرف سان يا ماضيءَ ۾ واحد حاضر
لاءِ، جيئن ته ڪيئي، سندئي وغيره. تنهن کان سواءِ
پارسيءَ وانگي ي صفت مان ٺهيل اسم ذات جي به نشاني
آهي جا پڇاڙيءَ ۾ ايندي آهي جيئن ته نيڪ - نيڪي،
صفا - صفائي. بعضي پارسيءَ وانگي ي بدلجي الف
ٿيندي آهي جنهن کي ″الف اماله″ چوندا آهن جيئن ته
رڪاب - رڪيب، ڏاج - ڏيجه. ي نسبت به ڏيکاريندي آهي
جيئن ته عرب - عربي، سنڌ - سنڌي، محمدي - عيسوي.
مٿي اکرن جو بيان ڏنو ويو آهي جنهن کي حرف چون ٿا.
حرف ٻن قسمن جا آهن. يا ″حروف تهجي″ آهن يعني الف
بي وارا ڇڙا اکر يا حروف معنوي آهن يعني جن جي ڪا
معنيٰ آهي. انهن جو به ذڪر مٿي ڪيو ويو. پر اهي سڀ
″حرف″ مفرد آهن. ″حروف مرڪب″ حرفن جي مجموعي کي ٿو
چئجي جنهن جو ٻيو نالو آهي لفظ، جي لفظ ٻن حرفن
مان ٿا جڙن تن کي ″ثنائي″
ٿا چون يعني دو حرفي جيئن ته بد، در، من. سه حرفي
لفظ ″ثلاثي″(2) ٿا چون جيئن ته هوش،
طرز، جلد. چار حرفي لفظ کي ″رباعي″(3)
ٿا چون جيئن ته بهتر، صندل، مندر. پنج حرفي لفظ کي
″خماسي″(4) ٿا چون جيئن ته اقبال،
بهتري، تعليم. پنجن کان مٿي اکرن واري کي يعني شش
حرفي، هفت حرفي، هشت حرفي وغيره کي عربي وارا
″مزيد فيه″ ٿا سڏين جيئن ته سرڪاري، ترنجبين،
افراسياب وغيره.
هاڻي انهن مرڪب حرفن مان گهڻا ئي آهن جن کي خاص
نالا مليل آهن ۽ اگرچه لفظ يا ڪلما آهن، تڏهن به
انهن کي حرف سڏيندا آهن، جيئن ته حرف جر، حرف
جملو، حرف ندا، جي سنڌيءَ ۾ عام آهن مگر ٻيا به
ڪيترا ئي اهڙا حرف آهن جن جا نالا سندن معنيٰ موجب
علحدا آهن. اهي سڀ جملن ۾ ڪم اچڻ ڪري نحو ۾ داخل
ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪي ٿورا جي سنڌيءَ ۾ به ڪم
اچن ٿا، سي هتي ڏجن ٿا.
″با″ پارسيءَ وانگي ساڻ جي معنيٰ سان ڪم ايندو آهي
جيئن ته باوجود، با ادب، با عقل، با ڪمال ۽ اهڙي
هنڌ ضد آهي ″بي″ جو جنهن جي معنيٰ ″ري″ آهي. جيئن
ته بي ادب، بي عقل، بي سبب. ″نا″ جيئن ته نافرمان،
نا اميد. ″ڪم″ ل جيئن ته ڪمبخت، ڪم عقل، ڪم فهم ۽
″لا″ جيئن ته لاشڪ، لاثاني، لاچار، لا حاصل، لا
علاج، لا وارث.
″تا″ جي معنيٰ جيسين به آهي ۽ ته به آهي جيئن ته:
″گهڙو ڀڳو تا گهوريو.″ ″تا″ جو هيءَ ڳالهه وڃي
ظاهر ٿي. هتان وٺي تا هن هنڌ تائين. ″تاکه شود″ هن
کي ″حرف انتها″ به سڏيندا آهن.
″در″ پارسيءَ ۾ منجهه جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو ۽
سنڌيءَ ۾ پارسي لفظن سان گڏ اچي ٿو، جيئن ته در
حقيقت.
″بر″ به ساڳيءَ طرح مٿي جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو
جيئن ته برجا، برجسته، فرمان بردار، بر گشته.
انهن کان سواءِ پارسي حرف ٻيا به گهڻا آهن جي
سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا جيئن ته يا، اي، بلي، نا، مگر،
بغير، واهه وغيره جي اڪثر حرف جر يا جملو يا ندا
شمار ٿيندا آهن.
ٻيا ڪي خاص حرف مثالن سميت هيٺ ڏجن ٿا، جن مان ڪي
جدا جدا ضميرن يا ظرفن يا صفتن سان ڪم ايندا آهن
يا خود اهي شمار ۾ آهن، مگر آهن فقط انهن جون
نشانيون.
″حرف استفهام″ يعني پڇا جا حرف. ڇو، ڇا، ڪير،
ڪهڙو، ڪڄاڙو، ڪوهه، ڪٿي، ڪيڏي، ڪٿان، ڪيئن.
ڪي قسم ″استفهام انڪاري″ سڏبا آهن يعني ظاهري
معنيٰ سوال جي آهي ليڪن باطني معنيٰ نه جي آهي.
جيئن ته ائين وري ڪيئن هوندو؟ يعني ڪونه هوندو.
اهڙو ڪم ڪير ڪندو؟ يعني ڪونه ڪندو.
(1) پارسي حرف استفهام ″چند ۽ ڪجا″ به سنڌيءَ ۾ ڪم
ايندا آهن، جيئن ته: تون ڪجا آهين؟ چندين قسم.
(2) ″حرف تشبيهه″ جيئن ته وانگي مثل، جان ڄڻ ته
گويا، پارسي لفظ ″وار″ جيئن ته شرحوار،
بزرگوار، بندهه وار، تاريخ وار ۽ ″وش″ جيئن پري وش
۽ ″چون ۽ چڱو نه″ جيئن ته بي چون ۽ بي چگون ۽
″وند″ جيئن خداوند، خويشاوند(2) ۽
″سار″ جيئن خاڪسار(3)، سبڪسار، سنگسار
به سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. ″گونه″ جيئن ته گلگونه،(4)
″زردگونه″.
(3) ″حرف شرط″ جي - جيڪڏهن، اگر - اگرچه، جيتوڻيڪ،
جڏهن، جيتروڪ، جيڪر، هرچند، مگر.
(4) ″حرف بيان″ ته، تا، جيئن هن چيو ته آءٌ وڃان
ٿو.
(5) ″حرف علت″ (سبب) ڇا لاءِ ته، سو ڪو ته، ڇو ته،
ڇاڪاڻ جو، تنهن ڪري، تنهن لاءِ، انهيءَ لاءِ.
(6) ″حرف تمنا″ (سـَـڌَ) شال، شل، مر، ڀل، ڀلي ته.
(7) ″حرف تحسين″ شاباش، واه، واهه واهه، مرحبا،
جس،(5) زهي.
(8) ″حرف افسوس″ هاءِ، واءِ، واويلا، واحسرتا، وا
مصيبتا، آهه! وغيره.
(9) ″حرف استثنا″ يا ترديد (جدائي يا نياري ڳالهه)
سواءِ، ڌار، مگر، بغير، بجز، الا، پر، ليڪن، يا،
خواهه.
(10) ″حرف اضافت″ (واسطو پيدا ڪندڙ يا ملڪيت
ڏيکاريندڙ): جو، جا، سندو.
(11) ″حرف عطف يا معيت″ (ميلاپ): ۽، به، پڻ، هم،
بلڪ.
(12) ″حرف تنبيهه″ (تاڪيد): خبردار، سنڀال، چيت،
هان، هون، هرگز، متان.
(13) ″حرف نسبت″: آنه يا آنو ۽ اڻو، جيئن ته شاهه،
شاهانه، شاهاڻو. مرد - مردانو، ساليانه، ماهيانه،
اينه يا اينو جيئن ته پشم، پشمينه، پشمينو. روز،
روزينه، ررزينو. اَڪ جيئن ته خوراڪ، پوشاڪ، (يعني
کاڌي ۽ ڪپڙي سان نسبت رکندڙ اگرچ سنڌيءَ ۾ اهي لفظ
اسم وانگي ڪم ايندا آهن) وار جيئن ته شاهوار،
ماهوار. اَن جيئن ته ايران، توران.
(14) ″حرف شڪ″: جيئن ته شايد، متان، مبادا. انهن
کان سواءِ باقي جيڪي آهن تن مان ڪي حرف ندا، ڪي
حرف جر ۽ ڪي حرف جملو آهن، مگر هلندڙ دستور موجب
سهوليت لاءِ مٿيان سڀ حرف زور ڪري هنن ٽن حرفن هيٺ
آڻي ڇڏيندا آهن. ساڳيءَ طرح عربيءَ ۽ پارسيءَ وارا
ڪن ظرفن ۽ ضميرن جي لفظن کي به حرف ڪري شمار ڪندا
آهن جيئن ته حرف تميز، حرف ظرف، حرف مبهم، حرف
اشاره، حرف اشتراڪ يعني جو حرف شراڪت يا ڀائيواري
ڏيکاري يا مشترڪ ۾ ڪم اچي حرف استفهام.
مٿين حرفن کان سواءِ ڪي اهڙا حرف يا لفظ يا
نشانيون آهن جي اڪثر پڇاڙيءَ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪي خاص
معنائون ڏيکارين ٿيون. جيئن ته:
(15) ″صاحب يا فاعل يا رکندڙ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ″:
گار، مند، وند، ور، گر، آر، آور، وار، آرو يا
وارو، خدا، يار، هار، دار، بان، وان، ناڪ، گين،
چي. جيئن ته: پروردگار، خذمتگار، ستمگار، شيشگر،
دادگر، عقلمند، هنرمند، دردمند، درد وند، خريدار،
پرستار، بختاور، تاجور، مزدور، رنجور، ڏاتار،
ڪنڀار، لوهار، مڱڻهار، سونارو، ڪمدار، تاجدار،
مالدار، خدايار، بختيار، ڪتخدا (ڪت يا گهر وارو)
ناخدا (يعني ناءُ يا ٻيڙيءَ وارو) دربان، نگهبان،
فيلبان، چوبدار، پهلوان، بنديوان، هيبتناڪ،
خوفناڪ، غمگين، رنگين، شوقين، خزانچي، مشعلچي.
(16) جاءِ يا گهڻائي ڏيکاريندڙ: ستان، زار، بار،
سار، سيرا، خانه. جيئن ته: هندوستان، گلستان،
گلزار، لاله زار، خاڪسار، ڪوهسار، نمسڪار، دربار،
مهمانسرا، قافله سرا.
(17) آوازي حرف يا لفظ: جي لفظ آواز مان ٺهيا آهن
۽ ڪنهن ماڻهوءَ يا جانور يا ڪنهن ٻئي شيءِ يا ڪنهن
ڪم جو آواز ٿا ڏيکارين. جيئن ته ٺڪ ٺڪ، ڀـُـون
ڀـُـون، ميائو ميائو، ٽيڪلو ٽيڪلو.
ديباچي ۽ باب پهرئين جا سوال
صرف جي ۽ نحو جي لغوي ۽ اصطلاحي معنيٰ ڪهڙي آهي؟
انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي ۽ اُهي ڪهڙو ڪم
ڪن ٿا؟ جيڪو ڳالهائجي ٿو سو ڪهڙن قسمن جو آهي؟
موضوع ۽ مهمل، حقيقي ۽ مجازي ۽ اصطلاحي لفظن جو
مطلب سمجهايو ۽ مثال ڏيو. مفرد ۽ مرڪب جو تفاوت
ٻڌايو ۽ انهن جو مطلب ۽ مثال ڏيو. ڪلمه ۽ ڪلام جي
معنيٰ ڇا آهي؟
الف، ب جي اکرن جي گڏ ٿيڻ جو تفصيل ڏيو ۽ انهيءَ
جي بناوت جا جزا بيان ڪريو. حرف ۽ لفظ جي معنيٰ ڇا
آهي؟ حرفن جي جدا جدا تقسيم ٻڌايو. منقوط ۽ غير
منقوط يا معجمه يا مهمله اکر ڪهڙا آهن؟ مسروري،
ملفوظي ۽ مڪتوبي حرف ڪهڙا آهن؟ عليل ۽ صحيح يعني
بيمار ۽ چڱا ڀلا حرف ڪهڙا آهن؟ حرڪتون يا اعراب
ڪيئن پيدا ٿيا؟ الف مقصوره ۽ همزه جي وچ ۾ ڪهڙو
تفاوت آهي؟ مخرج موجب حرفن جا ڪهڙا قسم آهن؟ شمسي
۽ قمري حرفن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ حرفن جون
ترڪيبي ۽ منفردي صورتون ڪهڙيون آهن؟ معرب ۽ معجم
حرف ڪهڙا آهن؟ انهن جا مثال ڏيو. تبديل ڇا کي ٿا
چون؟ انهن جا ڪي ضروري قانون ٻڌايو. حرف علت وارن
ٽن حرفن جي جدا جدا آوازن يا صورتن جو تفصيل ڏيو.
جي حرف صحيح آهن، تن جي تبديل جا ڪي مثال ڏيو. الف
ب جي حرفن جي ڪا لغوي معنيٰ هجي ته ٻڌايو ۽
اصطلاحي معنيٰ هجي ته اها به ٻڌايو. ابجد ڇا کي ٿا
چون ۽ انهيءَ جي ترتيب ڪيئن جڙي؟ ابجد جو حساب
ڪهڙو آهي ۽ اُهو ڪهڙي ڪم ٿو اچي ۽ ڪيئن ڪم ٿو اچي؟
ڪي مثال ڏيو. سنڌيءَ ۾ الف ب جا اکر لک پڙهه ۾
ڪهڙين معنائن سان ڪم اچن ٿا؟ انهن جا مثال ڏيو.
حروف تهجي ۽ حروف معنويءَ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ڪهڙين حالتن ۾ صرف نحو ۾ لفظن کي حرف ٿا سڏين؟
مرڪب حرفن يا حرفن جي مجموعن جا ڪهڙا قسم آهن؟ هر
هڪ جا مثال ڏيو. حرف جر، جملي ۽ ندا کان سواءِ ٻيا
ڪهڙا پارسي صرف نحو جا حرف سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا آهن؟
انهن جا نالا ۽ مثال ڏيو. انهن مان ڪهڙا لفظن جي
منڍ ۾ اچن ٿا ۽ ڪهڙا پڇاڙيءَ ۾ ۽ اهي ڪهڙيون
معنائون ٿا ڏيکارين؟ ڪهڙيون نشانيون فاعليت جي
معنيٰ ٿيون ڏيکارين ۽ ڪهڙيون ڪثرت ۽ جاءِ ٿيون
ڏيکارين؟ انهن جا مثال ڏيو.
اشارو:
مٿين سوالن جا جواب مٿئين باب لکيل مضمون پڙهڻ
سان ڏئي ٿا سگهجن.
مشقون
(1) هيٺين ٻٽن لفظن مان ڪهڙا مهمل يا بي معنيٰ يا
زائد آهن؟
آقي باقي، اَڪن ڇڪن، اکو ڦلو، آل جال، ماڻهو ڇيڻو،
آلو ڀولو، ايڪڙ ٻيڪڙ، ٻانهو ڇينهو، ٻوڙي گهل، خبر
چار، جوڙ جڪ، تور تڪ، آڳٽ ساڳٽ، آنڀارو سانڀارو،
آمهون سامهون، انگڙ ونگڙ، آنڌ مانڌ، لٻو ٿٻو، خرچ
پکو، ٽڪر ٽيرو، شيءِ شڪل، وڻ ٽڻ.
(2) هيٺين لفظن مان سنڌيءَ ٻوليءَ جي رواج موجب
ڪهڙا بي معنيٰ يا زائد لفظ ڪم ايندا آهن؟
ماني، اوگهه، آنڌ، پاسو، حيلو، پـَـٽَ، ٻني، موٽ،
اُٿل، سمجهي، طعنو، صلح، چپ، گاڏڙ، مائل، ليٽ،
انعام، آزي، مصالح، ٿانءُ، پن، ملو، گهور، پکي،
جـَـٽ، فلاڻو، زال، مٽا، واڻيو، ذات، ڄـَـڃ،
گـَـل.
(3) هيٺين لفظن جي ڪهڙي اصلي يا لغوي يا حقيقي
معنيٰ آهي ۽ ڪهڙي اصطلاحي معنيٰ ڪم ايندي آهي؟
ڀؤنڪ، جناب، حوصلو، غصو، سبب، بندو، وڌائڻ، گل،
سکالو، گهوڙو، مقام، مڪان، ورق، ضعيف، عادت، سعيو.
(4) هيٺين لفظن مان مفرد ڌار ڪريو ۽ مرڪب ڌار ڪريو
۽ جي مرڪب آهن، تن جي ترڪيب ٻڌايو. يعني چئو ته
ڪهڙن ٻن لفظن مان جڙيل آهن ۽ جي مفرد لفظ ڪنهن
بنيادي لفظ مان نڪتل آهن ته اُهو اصل لفظ به
ٻڌايو.
اُڀکڙيو، اُڀڪپري، آرتوار، اکياڙي، الاجي، اڳڪٿي،
اڳه ڳڻتي، بارڪش، جنڊ آهوڙو، بانيڪار، بغل ٿيلهو،
تنگدست، ٻوٿاڙو، ڄانگهو، ٽامڻي، ڀاڳڀري، ستڀرائي،
ڀوميو، ڌرتتي، ڀون ڀاڙو، تماشه بين، تنخواهه،
تندرستي، ٽماڙ، ڏانداري، ڏياري، ڏيوالو، ساڻي،
ستاواڙو، سٺڙيا، دٻالٽ، داغدوزي، پراپڪاري،
پٽيوال، پروس، چوڏول، سرخرو، سنگتراش، شيش محل،
صدري، گاودم، گؤشالا، ڪاٺ ڪٽو، ڪاڊارجڻ، گهڙانجي،
لاسڙياٽ، ڪانڌي، لانگوٽيو، مڇرداني.
(5) هيٺين لفظن ۾ جيڪي حرف علت ڪم آيل آهن، انهن
جا نالا ٻڌايو:
آدم، بادام، موذي، موچڙو، بيشڪ، بالفضول، ذوالحج،
ذوالقعد، خود باف، خوشخبري، حتي المقدور، علي
الصباح، علي الحساب، لبيس، خوشامد، معنيٰ، دعويٰ،
نماءُ.
(6) هيٺين اکرن مان ٻڌايو ته شمسي ڪهڙاآهن ۽ قمري
ڪهڙا؟ يعني اَل ملائڻ سان ڪهڙن ۾ لام جو آواز ٿئي
ٿو ۽ ڪهڙن ۾ نٿو ٿئي؟
ر، س، د، ل، ڪ، ج، ح، ص، ن، ب، و.
(7) هيٺين غلط آوازن وارا لفظ صحيح ڪريو ۽ انهن جا
سبب ڏيو:
دارلدنيا، قطبل دين، بديعلجمال، زيبنسا، عللصباح،
زينلسماءِ.
(8) هيٺيان لفظ تبديل جي رستي مٽجي ڪهڙي صورت وٺي
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿا؟
اڙدر، فضولي، قربان، سير، سيلاني، ڪيسه، خشخاش،
ڪفن، نم، لـُـغتي، لغام، لومڙ، پشت، پنجره، چش،
چرم، دُم، خـُــم، دربان، ديوڙهي، ڪان، گياهه،
ماش، نارگيل، اُڙنا، اُنتيس، اَنگار، بارا، بجانا،
برڇي، بلورنا، بوٽي، بيدن، مرهم، مختيار، بياهه،
بيپار، پرونا، ڦٽڪري، تاگا، جامن.
(9) هيٺين غلط صورتخطيءَ کي درست ڪريو:
بدماش، استيفا، موسا، معنا، بدخاهي، ڪرنش خيشي،
خدانخاسته، خشامد، ابلقاسم، فلحال، بلمقطعه،
فلحقيقت، بلفضول، تنخاه، سايو، نارو، مارڪو، ماف،
لال، نفو، ماملو، نظامدين.
(10) هيٺين لفظڻ مان ابجد جي حساب سان تاريخ جو
سال ڪڍو:
هيٺين ڪتابن جا نالا آهن جن مان سندن تصنيفن جو
سال ٿو نڪري:
گلزار، عروض، تاريخ، بقائي، تحفئه مذاق، چمن
مختيار.
هيٺيان نالا ٻارن جا آهن جن جي ڄمڻ جو سال سندن
نالن مان ٿو نڪري:
سيد غلام محبوب سبحاني، سيد نظر علي، مرزا نظام
الدين، شيخ منور حسين، تفرج خان.
هيٺيان وفات جا سال آهن: هي هي غريب بيڪس، انتقال
خان صاحب.
انهن سڀني جا سال ٻڌايو. سڀني مان هجري سال ٿو
نڪري.
(11) هيٺين پارسي حرفن مان ڪهڙا لفظ مرڪب ٿي
سنڌيءَ ۾ ڪم ايندا آهن ۽ انهن جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟
۽ ساڳيءَ طرح هيٺين سنڌي حرفن ۽ لفظن مان ڪهڙا
مرڪب لفظ آهن؟
پارسي: بد، بر، بي، خود، خوش، سر، دست، هم، نا، ڪم
۽ لا.
سنڌي: اڻ، آ، ن، مها، نر، هٿ، وات، ٻه.
(12) هيٺ جيڪي حرف ڪم آيا آهن، سي ڏيکاريو ۽ انهن
جا نالا ٻڌايو ۽ ڏيکاريو ته اهي ڪهڙي معنيٰ ٿا
ڏيکارين؟
اڳ ڳڻتي، سزاوار، شمعدان، ڪم وندر، ڪمانگر،
پراپڪاري، تپيدار، پٽيوال، پرديس، ڦڻيگر،
ڄاريندار، پروس.
ضميمو:
پهرئين باب جي مشقن جا جواب
1.
انهن ٻٽن لفظن مان هيٺيان لفظ بي معنيٰ يا زائد
آهن: آقي، اڪن، ڦلو، آل، ماڻهو، آلو، ٻيڪڙ، ڇينهو،
گهل، چار، جڪ، تڪ، ساڳٽ، آنڀارو، آمهون، انگڙ،
آنڌ، لٻو، پکو، ٽيرو، شڪل ۽ ٽڻ.
2.
ماني ٽڪي، اوگهه سوگهه، انڌ ڌنڌ، اوسو پاسو، حيلو
حوالو، پٽ پٽيهر، ٻني ٻارو، اوٽ موٽ، اُٿل پٿل،
سمجهي امجهي، طعنو تنڪو، صلح صلاح، چپ چاپ، گـُـپ
چـُـپ، گاڏڙ ساڏڙ، گهائل مائل، ليٽ ڦيٽ، انعام
اڪرام، آزي نيازي، مڙو مصالحو، ٿانءُ ٿپو، پن
پوٽو، ملو موراڻو، گهور گهاٻار، پکي پکڻ، چـَـٽ
ٻـَـٽ، فلاڻو ٽيرو، زال زنب، زال ضاعفا، مٽا سٽا،
واڻيو وڪال، ذات زمات، ڄڃ ڌڃ، گل ڦل.
3.
″ڀوڪ″: اصل عربي لفظ ″بوق″ آهي جو بصر جي وچ ۾ گلن
جهلڻ جي سخت ڏانڊي آهي، جا کائڻ ۾ نه ايندي آهي ۽
نڪمي ڄاڻي اڇلائي ڇڏبي آهي. اصطلاحي معنيٰ نڪمو،
بيعقل، نادان.
″جناب″ = عربي لفظ اصل معنيٰ چانئٺ. ادب جي ڪري
وڏي ماڻهوءَ جي گهر يا در ڏي اشارو يعني خود
انهيءَ ماڻهوءَ ڏي اشارو. اصطلاحي معنيٰ سکر يا
شريف يا امير ماڻهو.
″حوصلو″ = اصل عربي لفظ. حوصله جي معنيٰ پکيءَ جي
گـُـجي، جنهن ۾ چڳيل داڻو هضم ٿيندو آهي. اصطلاحي
معنيٰ سمجهه يا سمجهڻ جي طاقت. سنڌيءَ ۾ به چوندا
آهن ته فلاڻو گجيءَ وارو ماڻهو آهي. حوصلي مان لفظ
حواصل به نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ عربيءَ ۾ آهي
″پيڻ پکي″، جنهن کي تمام وڏي گـُـجي ٿيندي آهي.
″غصو″ = اصل عربي لفظ. غصي جي معنيٰ نڙيءَ ۾ اٽڪڻ،
جيئن گراهه ڦاسي پوندو آهي. اها حالت ماڻهوءَ جي
ڏک ۽ انتظار ۽ ڪاوڙ ۾ ٿيندي آهي. عربيءَ ۽ پارسيءَ
۾ اصطلاحي معنيٰ آهي ڏک، پر سنڌيءَ ۾ ڪاوڙ آهي.
″سبب″ = اصل عربيءَ ۾ معنيٰ اٿس رسو، جو هڪڙو
اوزار يا اُپاءُ آهي. کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جو يا ٻين
ڪمن ڪرڻ جو يا جهلي بيهڻ جو. اصطلاحي معنيٰ ٿيس
اُپاءُ يا وسيلو يا ڪارڻ ۽ جمع اٿس اسباب.
″بندو″ = اصل پارسي، بنده معنيٰ ٻانهو. نياز جي
ڪري اصطلاح موجب ڳالهائيندڙ يا لکندڙ پاڻ کي ٻانهو
ڪري لکندو آهي، يعني آءٌ.
″وڌائڻ″ = اصل سنڌيءَ ۾ معنيٰ زياده ڪرڻ. اصطلاحي
معنيٰ آهي ديڳڙي مان چانور، ٻوڙ وغيره ڪڍي رڪابيءَ
۾ وجهڻ، جنهن ڪري بسم الله چوڻ سان انهيءَ ۾ برڪت
پوي ٿي ۽ ٿورو مال گهڻو ٿي پوي ٿو.
″گل″ = اصل معنيٰ ڦـُـل جي آهي. اصطلاح جي معنيٰ
آهي ڏيو يا بتي اُجهائڻ. اهو خراب ڪم سمجهيل آهي،
تنهن ڪري ان جي بدران چڱو لفظ ڪم آندو ويو آهي ۽
اُجهامڻ سان بتيءَ جو ڦلو ٿيندو آهي ۽ ڦل کي ″گل″
چون.
″سکالو″ = اصل معنيٰ سک وارو يعني خوش، چڱو، ڀلو،
پر اصطلاحي معنيٰ اٿس بيمار. خراب لفظ جي بدران
چڱو لفظ ڪم آڻيندا آهن، جيئن ته ″ڪاري منهن ڪرڻ″
کي چون ″اڇو منهن ڪرڻ″ ۽ ″نڀاڳي″ کي چون ″سڀاڳو″.
″ڀلو ٿئيس″ جو مطلب ″ڀلو نه ٿئيس″.
″گهوڙو″ = اصل مشهور جانور ۽ اصطلاحي معنيٰ اٿس ڦر
لٽ يا خانه خرابي، ڇا لاءِ جو اڳي دشمن گهوڙن تي
ڪاهي اچي شهرن ۾ پوندا هئا ۽ ڦـُـري لـُـٽي ويندا
هئا، جنهن کي ″گهل″ چوندا هئا. هاڻي پـِــٽ جي
معنيٰ سان ڪم ايندو آهي جيئن ته ″شل گهوڙا پونس!″
″گهوڙا ڙي″ واري دانهن به انهن مان نڪتل آهي.
″مقام″ = اصل عربيءَ ۾ معنيٰ آهي جيئرن جي رهڻ جي
جاءِ، پر اصطلاحي معنيٰ سنڌيءَ ۾ اٿس ″مئن جي
جاءِ، يعني ″قبرستان″.
″مڪان″ = ساڳيءَ طرح عربيءَ ۾ معنيٰ اٿس رهڻ ۽ وهڻ
جي جاءِ، پر اصطلاحي معنيٰ سنڌيءَ ۾ اٿس موالين ۽
فقيرن جي ويهڻ جي جاءِ يا ″اوتارو″.
″ورق″ = اصل عربيءَ ۾ معنيٰ اٿس وڻ جو پن، جنهن
مان پارسي آهي ″برگ″. پر اصطلاحي معنيٰ ٿيس ڪاغذ
جو پنو يا ڪتاب جو پنو.
″برگ سبز ست تحفـه درويش″
″ضعيف″ = اصل عربيءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ ٻيڻو ۽
″ضعيف″ آهي ۽ ″ٻيڻ″ کي به چون. ٻڍو ماڻهو پيريءَ
ڪري گـُـڪو يا ٻيڻو ٿي پوندو آهي، تنهن مان
ضعيفيءَ جي معنيٰ ڪڍي ويئي.
″عادت″= اصل عربيءَ ۾ وري وري ڪرڻ. ائين ڪري
ماڻهوءَ کي عادت پوندي آهي. عيد به انهيءَ اصل مان
نڪتل آهي، جو اهو وڏو ڏينهن هر سال وري وري ٿو
اچي.
″سعيو″: اصل عربيءَ ۾ سعي جي معنيٰ آهي ڊوڙڻ.
اصطلاحي معنيٰ ڪوشش ٿي.
4.
مفرد لفظ هي آهن: اکياڙي نڪتل آهي اک مان. يعني
اکين تي ٻـَـڌڻ جو ڪپڙو يا ٻي ڪا شيءِ.
″ٻوٿاڙو″: نڪتل آهي ٻوٿ مان، يعني وات تي ٻڌڻ جي
شيءِ.
″ڄانگهو″: نڪتل آهي ڄنگهه مان يعني ٽنگ. ڦاڙهي کي
مضبوط ۽ ڊگهيون ۽ تکيون ٽنگون ٿينديون آهن، تنهن
ڪري ائين سڏيندا اٿس.
″ٽامڻي″: نڪتل آهي ٽامي مان جو رنگ جو ڳاڙهو ٿيندو
آهي، تنهن ڪري ″ٽامڻي هڻڻ″ جي معنيٰ ٿي منهن يا
ٻيءَ شيءِ جو ڳاڙهو ٿيڻ.
″ڀوميو″ نڪتل آهي ڀوم يا ڀونءِ مان، يعني زمين ۽
پارسي لفظ ″بوم″ آهي. جو ماڻهو سرزمين يا تـَـرَ
جو واقف هجي ۽ سونهون ٿئي. ان کي ″ڀوميو″ چوندا
آهن.
″ڏانداري″: نڪتل آهي ڏند مان. انهيءَ ٻنيءَ جي
اوزار کي ڏندا ٿيندا آهن، ڏنگن وانگي تنهن ڪري اهو
نالو مليو اٿس،
″ڏياري″: نڪتل آهي ڏيئي مان. انهيءَ وڏي ڏينهن تي
ڏيئا ٻاريندا آهن، تنهن ڪري اهو نالو مليس.
″ڏيوالو″: به ڏئي مان نڪتل آهي. سڃو يا کـُـٽل
ماڻهو، اڳوڻي رسم موجب ڏينهن جو ڏيئو ٻاريندو هو.
″ساڻي″: نڪتل آهي حرف جر ″ساڻ″ مان. جيڪو ماڻهو
اڪثر ساڻ رهي يا گڏ رهي، يعني سنگتي، همراهه،
مددي.
″سٺڙيا″: نڪتل آهي سٺ مان. ساريون، ڪڻڪ يا ٻيو
جيڪو اَنُ سٺ ڏينهن اندر پچي راس ٿئي.
″صدري″: اصل نڪتل آهي عربي لفظ ″صدر″ مان جنهن جي
معنيٰ آهي ڇاتي. جو ڪپڙو ڇاتي ڍڪي، تنهن کي صدري
چوندا آهن.
″ڪانڊارجڻ″: ڪنڊي مان نڪتل. يعني جڏهن بت تي وار
ڪنڊن وانگي نڪري بيهندا آهن ڊپ ۾ يا ڪرهت ۾.
″لاسڙياٽ″: نڪتل آهي ″لس ۽ لسي″ مان. جنهن ماڻهوءَ
جو منهن يا کاڏي هجي ۽ اڃا ڏاڙهي نه نڪتي هجيس،
يعني ڇوڪراٽ، تازو جوان.
″ڪانڌي″: نڪتل آهي ڪنڌ مان. جو ماڻهو ڪنڌ تي کڻي،
پوءِ اصطلاحي معنيٰ اٿس جو مـُـردي کي کڻي.
″لانگوٽيو″: نڪتل آهي لانگ مان يعني ٽـُـنگ. جو
ماڻهو ٽنگ جو گهڻو ۽ خراب استعمال ڪري، يعني لانگ
ڇوٽو يا زنا ڪار يا بدچال. ″لنگوتاڙو″ به انهيءَ
کي چوندا آهن. ″لانگوٽيو″ جي معنيٰ لنگوٽي ٻڌڻ
وارو فقير به آهي.
باقي هيٺيان لفظ مرڪب آهن ۽ انهن جي ترڪيب يا
بناوت هيءَ آهي:
″اڀ کڙيو″ = اڀ يعني اُڀو ۽ کـُـڙيو يعني کڙيءَ
وارو يا کـُـڙيءَ تي بيٺل. ″اڀڪپري″ = اُڀ يعني
اُڀي ۽ ڪپري يعني ننڍو ڪپر. درياهه جو ڪپر جو بيٺل
هجي ۽ سلاميءَ وارو نه هجي. ″آرتوار″ = آرت يا آڏت
يعني سج ۽ وار يعني ڏينهن. ″الاجي يا الهجي″ =
الله ۽ اُجهي يا ٻجهي يعني ڄاڻي. ″اڳڪٿي″ = اڳ
يعني اڳي، ڪٿي يا ڪٿ يعني رٿيل يا خيال ڪيل. ″اڳ
ڳڻتي″ = اڳ ۽ ڳڻتي. ″بارڪش″ = بار ۽ ڪش پارسي
ڪشيدن مان، يعني جو رسو بار کي ڪشي ڇڪي يا ٻڌي.
″جنڊ آهوڙو″ = جنڊ ۽ آهوڙو يعني آهوڙڻ يا گهڙڻ ۽
ڇلڻ وارو. ″بانيڪار″ = باني يعني بنياد وجهندڙ ۽
ڪار يعني ڪم. ڪنهن به ڪم جو بنياد وجهندڙ. ″بغل
ٿيلهو″ = جو ٿيلو بغل ۾ يا ڳچيءَ ۾ وجهي ٻانهن هيٺ
کڻي سگهجي. ″تنگدست″ = تنگ ۽ دست يعني سوڙهي هٿ
وارو يا بخيل يا مفلس. ″ڀاڳڀري″ = ڀاڳ سان ڀريل
يعني بخت واري. ″ستڀرائي″ = ستن ڀرائن يا ڀائن
واري. ″ڌرتتي″ = ڌر يعني ڌرتي ۽ تتي يعني تتل يا
گرم. ٻه پهريءَ جو وقت، جڏهن زمين تپي باهه ٿئي
ٿي. ″ڀونءِ ڀاڙو″ = ڀون يعني زمين جو ڀاڙو يا
محصول. ″تماشه بين″ = تماشه ۽ بين يعني ڏسندڙ.
″تنخواهه″ = تن يعني جسم يا ڄڻو ۽ خواهه پارسي
خواستن مان. جيڪي جسم ڪم آڻڻ لاءِ عيوض يا اجورو
گهرڻ ۾ اچي يعني پگهار. ″تندرستي″ = تن يعني بت ۽
درستي يعني چڱڀلائي. ″ٽماڙ″ = ٽه يعني ٽي ۽ ماڙ
يعني ماڙي. ٽن ماڙين يا گهرن واري عمارت.
″ستاواڙو″: ستا يعني ستون ۽ واڙو يعني وار يا
ڏينهن. شاديءَ کان پوءِ ستون ڏينهن، جڏهن ڪنئار
مائٽن ۾ اچي. ″دٻالٽ″ = دٻ ۽ لٽ يعني دٻڻ ۽ لٽڻ.
″داغدوزي″: داغ ۽ دوزي، پارسي دوختن مان يعني سبڻ.
داغن يا سوراخن کي اڳڙيون وجهي سبڻ يا مرمت ڪرڻ.
″پراپڪاري″ = پر ۽ اٰپڪاري يعني جو ٻين کي فائدو
يا فيض پهچائي. ″پٽيوال″ = پٽي ۽ والو يا وارو.
″پروس″ = پر ۽ وس يعني جو پرائي يا ٻين جي وس هجي.
″چؤڏول″ = چؤ ۽ ڏول يعني چئن ڏولن وارو. ″سرخرو″ =
سرخ يعني ڳاڙهو ۽ رو يعني منهن. ڳاڙهي منهن وارو
يعني خوش. غم يا ڊپ ۾ منهن اڇو يا پيلو ٿي ويندو
آهي. ″سنگتراش″ = سنگ يعني پهڻ ۽ تراش پارسي
تراشيدن مان، يعني پهڻ گهڙڻ وارو. ″شيش محل″ = شيش
۽ محل، جنهن محلات يا ماڙيءَ ۾ گهڻا شيشا ڪم آيل
هجن يا جا شيشن مان جڙيل هجي. ″گاودم″ = گاو يعني
ڏاند ۽ دُم يعني پڇ. ڍڳي جي پڇ جهڙو شڪل ۾ يعني جو
مٿان ٿلهو ٿي هيٺ وڃي سنهو ٿئي. ″گئوشالا″ = گؤ ۽
شالا يعني گائن جي بيهارڻ جي جاءِ. ″ڪاٺ ڪـُـٽو″ =
ڪاٺ ۽ ڪٽو يعني ڪٽيندڙ. اهو پکي جو چهنب سان ڪاٺ
تي ڌڪ هڻندو آهي. ″مڇرداني″ = مڇر ۽ داني پارسي
دان مان، مؤنث. يعني ڪپڙي جو ڍڪ جو مڇرن کي روڪڻ
لاءِ کٽ جي مٿان وجهندا آهن. ″گهڙامنجي″ = گهڙا ۽
منجي يا ونجي يعني گهڙن يا دلن رکڻ جي منجي.
5.
آدم ۾ ″الف ممدوده″ يا مد وارو آهي. بادام ۾ ٻئي
″الف مقصوره″ يا ساڪن آهن. موذي ۾ و ۽ ي ٻئي
″معروف″ آهن. ″توبرو″ ٻئي واو ″مجهول″ آهن. بيشڪ ۾
ي ″مجهول″ آهي، مگر اصل پارسيءَ ۾ ″معروف″ آهي.
بالفضول ۾ الف ″محذوف″ آهي يعني آواز ڪونه ٿو ٿئيس
۽ واو ″معروف″ آهي. ″ذوالحج″ ۾ واو ۽ الف ٻئي
″محذوف″ آهن. ″ذوالقعد″ ۾ به ساڳي حالت. ″خود باف″
۾ واو اشمام جو آهي يعني رڳو اڳئين اکر تي پيش
ايندو ۽ واو جو آواز نه ٿيندو ۽ الف ساڪن آهي.
″خوشخبري″: واو ″اشمام″ ۽ ي ″معروف″. ″حتي
المقدور″ ۾ ي ۽ الف حذف ۽ و معروف. ″علي الصباح″ =
ي ۽ الف حذف ۽ ٻيو الف ساڪن. ″علي الحساب″ = ساڳي
حالت. ″لبيس″= ي مجهول بجاءِ الف جي آيل، جو اصل
لفظ لباس هو. اهو الف ″اماله″ آهي. ″خوشامد″ = واو
″اشمام″ ۽ الف ساڪن. معنيٰ ۽ دعويٰ ۾ ي الف جي
آواز واري آهي. ″نماءُ″ ۾ الف ساڪن آهي ۽ ٻيو الف
همزو آهي.
6.
ر، س، ص، د، ل ۽ ن شمسي آهن، يعني لام جو آواز نٿو
ٿئي ۽ ڪ، ج، ح، ب ۽ و قمري آهن، يعني لام جو آواز
ٿئي ٿو.
7.
″دار الدنيا″ (آل جو آواز نٿو ٿئي). ″قطب الدين″(2) (اَل جو
آواز نٿو ٿئي). ″بديع الجمال″(3) (اَل
۾ الف جو آواز نٿو ٿئي پر لام جو ٿئي ٿو). ″زيب
النساءِ″(4) (الف ۽ لام جو آواز نٿو
ٿئي). ″نور النهار″(5) (الف ۽ لام جو
آواز نٿو ٿئي. ″علي الصباح″(6) (الف ۽
لام جو آواز نٿو ٿئي). ″زين السماءِ″(7)
(الف ۽ لام جو آواز نٿو ٿئي.
8.
اڙدو: اجگر. فضولي، ڦدولي. قربان، قلبان. سير،
شيل. سيلاني، شيلاني. ڪيسه، کيسو. خشخص يا خشخاش،
خس خس يا کس کس. ڪفن، کفن. نـِـم، لم. لغتي، لڳتي.
(8) لگام، لغام. لومڙ، لونبڙ. پشت،
پٺ. پنجره، پڃرو. چش، چک. چرم، چم. دُم، دنب. خم،
کنڀ. دربان، درواڻ. ديوڙهي، ڏيڍي. ڪان، کاڻ.
گياهه، گاهه. ماس، مانهن. نارگيل، ناريل. اُڙنا،
اڏڻ. اُنتيس، اوڻٽيهه. انگار، اڱر. بارا، واڙو.
بجانا، وڄائڻ. برڇي، بڻڇي. بلورنا، ولوڙڻ. بوٽي،
ٻوٽي. بيدن، ويڌن. مرهم، ملم. مختار، مکيار.
بياهه، وهانئن. بيپار،واپار، پرونا، ڀرڻ. ڦٽڪڙي،
ڦٽڪي. تاگا، ڌاڳو. جامن، ڄمون.
9.
بدمعاش، استعفا، موسيٰ، معنيٰ، بدخواهي، ڪورنش(9)
خويشي، خدانخواسته، خوشامد، ابوالقاسم، في الحال،
بالمقطعه، في الحقيقت، بو الفضول، تنخواهه، سعيو،
نعرو، معرڪو،(10)
معاف، لعل، نفعو، معاملو، نظام الدين.
10.″گلزار
عروض″:
گ يعني ڪاف= 20، ل= 30، ز= 7، ا= 1، ر= 200، ع=
170، ر= 200، و= 6، ض= 800. سڀني جو جوڙ ٿيو:
1334هه. يعني هلندڙ سال مطابق سن 1916ع. هن مشق ۾
سڀني سوالن جو جواب هلندڙ سال 1334 هجري آهي.
11.بد:
بدي، بدبخت، بدبختي، بدنصيب، بدبوءِ، بدخواهه،
بدشڪل، بد زبان، بدڪار، بدگمان، بدنام، بدناموسي ۽
بد هاضمه.
بر:
برباد، برزبان، برهم،(11)
برگشتو،(12)
برگزيدو،(13)
برخوردار،(14)
برسر.
بي:
بي آبرو، بي آبو، بي اثر، بي اتفاقي، بي اختيار،
بي ادب، بي آرام، بي اعتبار، بي انت، بي انصاف، بي
ايمان، بي باقي، بي باڪ،(15) بي بقا،
بي بها، بي پرواهه، بيجان، بي چيو، بي حال، بيحيا،
بيخبر، بي خود، بيخيال، بيداد، بيدرد، بيدل،
بيدين، بيڏوهه، بيڊولو، بيراهه، بيرحم، بيروزگار،
بي زورو، بيڊپو، بي سمجهه، بي سمرو،(16)
بيشرم، بيشڪ، بي شعور،(17) بيصبر،
بيعزت، بيعقل، بي علم، بي عيبو، بيفائده، بيفڪر،
بيقاعده، بيقدر، بيقياس، بيڪار، بيڪس، بيگناهه،
بيمانو، بي محابو،(18) بيمرادو، بيمزي،
بي موسمو، بي نصيب، بي وارث، بي واهوءَ،
بيوس، بي وقت، بيوقوف، بي هنر.
خود:
خود باف(2)، خود پسند، خود پرست، خود
غرض، خود مختيار، خود نمائي، خود مطلب، خود ياوري.
خوش:
خوشامد، خوشبو، خوش پوشاڪ، خوشخبري، خوشخط، خوش
خلق، خوشدل، خوش طبع ۽ خوش نويس.
سر:
سر انجام، سر بازار، سربراهه، سربستو، سرپنچ،
سرپوش، سرتاج، سرجوشي، سرزد،(3) سرزمين، سرسبز، سرفراز، سرڪش، سرگرم، سرگذشت،(4)
سرگردا ن،(5)
سرنو، سر در،(6)
سر نوشت، سر ڪردو، سروپا، سروسر ۽ سراسر.
دست:
دست اندازي، دستانو، دستاويز، دستخط، دسترس،
دستڪاري،(7)
دستگير، دستمال،(8)
دستياب.
(9)
هم:
هم جنس، همدرد، همراهه، همراز، همسر،(10) هم
مذهب،(11) هموار، هموزن، هم وطن، هم قوم، همدم،
همسايه.
نا:
نا اتفاقي، نااميدي، نا اهل،(12)
نابالغ، نابود، ناپاڪ، ناپائدار، ناپسند، ناجائز،
ناچلق،(13)
ناچيز، ناحق، ناخلف،(14)
نا احسانمند، نادان، نا دست، ناراض، ناساز،
ناشائستو، ناشدني، نافرمان، ناڪارو، ناڪس،(15)
ناگوار،(16)
نالائق، نامحرم، نامراد، نامعقول، نامعلوم،
ناممڪن، ناموافق، ناواقف، ناياب، نابري.
ڪم:
ڪم بخت، ڪمتر، ڪمزور، ڪم عقل، ڪم فهم، ڪم نصيب،
ڪمياب.
لا:
(17)
لابد،(18)
لا ابالي،(19)
لا ثاني، لا جواب،(20)
لاچار، لا حاصل، لا حول،(21)
لا دعويٰ لاوارث، لا دوا، لا شريڪ، لازوال،(22)
لاشڪ، لا علاج، لا طمع، لا غرض، لا مڪان، لا ولد.
(23)
اشارو:
مٿي جيڪي صفت آهن، تن مان اسم ۽ اسمن مان صفت ٺاهي
سگهجن ٿا، جي پڻ ڪم ايندا آهن.
اڻ:
اڻ بڻت، اڻ تارو، اڻ ٽر، اڻ پڇو، اڻ پڙهيو، اڻ
پهچ، اڄ ڄاتو، اڻ ڄاڻ، اڻ چڱو، اڻ سرتو، اڻ
سونهون، اڻ ڪوٺيو، اڻ گس، اڻ ڳڻت، اڻ لڀ، اڻ لکيو،
اڻ موٽ، اڻ گهڙيو، اڻ موڪلايو، اڻ ميو، اڻ واقف،
اڻ ورچ، اڻ هوند.
اَ:
اڀوڳو،(24) اتانگهه،(25)
اپار، اجورو،(26)
اجهاڳه. اسونهون، ٽل،(27)
اورچ، اوتڙه،(28)
اکٽ، اگس، اگوندرو، املهه، اموٽ، اوديا،(29)
اوجهڙ، ندورو، نڌر،(30)
نپٽو، نڦلو، نٻر،(31)
نجويو، نهٺو، نڌڻڪو، نڪمو، نروبو،(32)
نروڳو، نستو، نڪار، نسنگ،(33)
نگرو.
(34)
مها:
(35)
مهاپاپي، مها ڀارت،(36)
مها پرش،(37)
مهاتما،(38)
مهاڄڻ، مهاديو، مهاراجا، مهاراڻي، مها ساگر،(39)
مهامري.
(40)
نر:
نزاڌار،(41) نراس،(42)
نراڪار،(43)
نرجل،(44)
نرڄو،(45)
نرياد،(46)
نرنو،(47)
نرگڻ،(48)
نروان.
(49)
هٿ:
هٿ اٽڪائڻ، هٿ اچڻ، هٿ اکر، هٿ ٽنگڻ، هٿ ڦاڙ،
هٿ پڄندي هٿ پير هلائڻ،(2)
هٿ ڦيرڻ،(3)
هٿ جس،(4)
هٿ جوڙ،(5)
هٿ جهلڻ،(6)
هٿ چراند،(7)
هٿ ڇهو،(8)
هٿ ڏس، هٿرادو، هٿڙي هڻڻ،(9)
هٿ گاڏي، هٿ ناٽي، هٿ ڪڍڻ،(10)
هٿ ڳنڍڻ،(11)
هٿ هڻڻ،(12)
هٿ وس يا وسيڪو، هٿوهٿ، هٿيڪو، هٿيلي،(13)
هٿين پوڻ،(14)
هٿين خالي، هٿيو،(15)
هٿيار.
وات:
وات جا پلاهه،(16) وات اچڻ،(17)
وات ڦاٽو،(18) واترادو،(19)
وات وڪيل، وات وجهڻ،(20) واتوڻو.
(21)
ٻه:
ٻپهري يا ٻپهرو، ٻه جويو، ٻه دليو، ٻسرخو،(22)
ٻسانگي،(23)
ٻه سرو، ٻه مـُـنهو، ٻـِـيڙ،(24)
ٻڦڙو، ٻيانو،(25)
ٻيئي، ٻيانوي وغيره.
اشارو:
مٿين لفظن جي معنيٰ آسان آهي، تنهن ڪري هتي نه ڏني
ويئي آهي.
اڳ= معني اڳي، ظرف آهي. وار= نشاني فاعليت جي ۽ معنيٰ رکڻ جي ٿو ڏئي. دان=
نشاني جاءِ جي. وفد= پارسي مند، فاعليت جي معنيٰ
ٿو ڏيکاري. گر= فاعليت جي معنيٰ ٿو ڏيکاري. اڪثر
ڪاسبين سان ڪم ايندو آهي. پر= اسم يا صفت وانگي ڪم
اچي، معنيٰ ٻيا. دار= رکڻ يا فاعليت جي معنيٰ ٿو
ڏيکاري. وال= وارو، فاعليت جي معنيٰ ٿو ڏيکاري.
پر= اسم يا صفت ۽ ٻين جي معنيٰ ٿو ڏيکاري. دار=
رکڻ يا فاعليت جي معنيٰ. پر= ٻين جي معنيٰ ٿو
ڏيکاري.
|