سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:2 

ڀاڱو ٻيو

باب ستون - اسمن جا قسم

اسم خاص ۽ اسم عام

54- (1) اڪبر بادشاهه سنڌ ۾ ڄائو هو.

″اڪبر″ هڪ بادشاهه جو نالو آهي. ڪنهن به بادشاهه کي ″بادشاهه″ ڪوٺي سگهبو، پر سڀ ڪنهن بادشاهه کي ″اڪبر″ نه ڪوٺبو ڇاڪاڻ ته ″اڪبر″ خاص ڪنهن هڪ بادشاهه جو نالو آهي.

″سنڌ″ هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. ڪنهن به پرڳڻي کي ″پرڳڻو″ ڪوٺبو، پر سڀ ڪنهن پرڳڻي کي ″سنڌ″ نه ڪوٺبو ڇاڪاڻ ته اهو نالو خاص ڪنهن هڪ پرڳڻي تي رکيل آهي.

(2) حضرت عليءَ جي خچر جو نالو دلدل هو.

ڪنهن به خچر کي ″خچر″ ڪوٺبو پر سڀ ڪنهن خچر کي ″دلدل″ نه ڪوٺبو ڇاڪاڻ ته اهو نالو خاص ڪنهن هڪ خچر تي رکيل آهي.

(3) هو ″گلشڪر″ پڙهي ٿو.

″گلشڪر″ هڪ ڪتاب جو نالو آهي. سڀ ڪنهن ڪتاب کي ″ڪتاب″ ڪوٺبو پر سڀ ڪنهن ڪتاب کي ″گلشڪر″ نه ڪوٺبو ڇاڪاڻ ته اهو نالو خاص ڪنهن هڪ ڪتاب تي رکيل آهي.

هنن مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪي نالا خاص ۽ ڪي عام آهن. مٿين مثالن مان ٻنهي قسم جا نالا ڌار ڪري هيٺ ڏيکارجن ٿا:

خاص نالو                              عام نالو

اڪبر                           بادشاهه

سنڌ                            پرڳڻو

دلدل                           خچر

گلشڪر                                ڪتاب

55- اهو لفظ جو ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان شيءِ يا مڪان جو خاص طرح ٺهرايل نالو هجي، تنهن کي ″اسم خاص″ چئجي ٿو.

56- اهو نالو جو هڪڙي قسم جي جاندار يا بيجان شين لاءِ هڪ جهڙو هجي يا هر هڪ سان لاڳو ٿي سگهي، تنهن کي ″اسم عام″ چئجي ٿو.

57- هيٺين جملن مان اسم خاص ۽ اسم عام چونڊيو:

(1) حيدرآباد کي اڳي نيرون ڪوٽ چوندا هئا.

(2) جيڪب آباد جو اصلوڪو نالو خان ڳڙهه آهي.

(3) بدين جو شهر اصل سانول پور سڏبو هو.

(4) ٿر پارڪر جي پاسي اڳي سمنڊ هو، جنهن جو منهن ڪڇ جي رڻ ڏي هو.

(5) ڌرتيءَ ڌٻڻ ڪري حالتون ڦري ويون.

(6) سمنڊ جي نشاني هاڻوڪيون ٿر جون ڀٽون آهن.

 

اسم ذات

58- (1) اڇاڻ، ساوڪ، ڀلائي ۽ صفائي خاصيتن جا نالا آهن.

(2) کل، چرچو، ويڙهه ۽ جنگ ڪمن جا نالا آهن.

(3) ٻالاپڻ، جواني، جهنگليپڻو ۽ ٻانهپ، حالتن جا نالا آهن.

انهن ٽنهي قسمن جي نالن کي گڏي ″اسم ذات″ چئبو آهي.

ڪنهن خاصيت، ڪم يا حالت جي نالي کي ″اسم ذات″ چئبو آهي.

59- هيٺين جملن مان اسم ذات چونڊيو:

(1) سپت هڪ وڏو گڻ آهي.          (2) نئڙت سـِـکُ.              (3) رحم ۾ ٻٽي برڪت آهي.

(4) غريبن تي قياس ڪر.            (5) اُڀ ۾ ڳاڙهاڻ ڏس.        (6) ڌڻيءَ جي وڏائي ڳاءِ.

(7) پڙهڻ، ترڻ، تير هئڻ، چوٿين سواري، ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري.

اشارو: پنچات، سڀا، فوج، لشڪر، ڌڻ ۽ ٻيا اهڙا لفظ جي ڪنهن ميڙ جي معنيٰ ڏيکارين ٿا، سي اسم جمع (Collective Noun) آهن، پر اهي سنڌي گرامر موجب ″اسم عام″ ڪري ليکبا آهن.

چانور، اٽو، سون ۽ لوهه اسم جنس (Material Noun) آهن، پر اهي به ″اسم عام″ ليکجن ٿا.

 

″صفاتي ۽ ذاتي اسمن جو فرق″

60- اسم خاص ۽ اسم عام، انهن ٻنهي کي گڏي ″صفاتي اسم″ (Concrete Noun) چئبو آهي. اهي اکين سان ڏسي سگهجن ٿا ۽ انهن کي هٿ لائي سگهجي ٿو. مثلا: برف اهڙي شيءِ آهي جا اکين سان ڏسي ۽ هٿ ۾ کڻي سگهجي ٿي. اهڙيءَ طرح جيڪي صفاتي اسم (خاص ۽ عام) آهن، تن سڀني کي جسم آهي تنهن ڪري اهي ظاهري حواسن (ڪن، هٿ، اک، ڄڀ ۽ نڪ) سان معلوم ٿي سگهن ٿا. ڪنهن ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن سياڻپ هوندي ته ″سياڻپ″ اهڙي شيءِ نه آهي جا هٿ ۾ کڻي يا ڄڀ سان چکي سگهجي. ساڳيءَ طرح برف جي اڇاڻ، ٿڌاڻ ۽ لساڻ يا لسائي اهڙيون شيون نه آهن جي برف کان ڌار ڪري، هٿ ۾ کڻي سگهجن. انهن بابت رڳو دل ۾ ويچار ڪري چئجي ٿو ته برف ۾ هي هي خاصيتون آهن. هاڻ چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو ته صفاتي ۽ ذاتي اسمن جي وچ ۾ هيءُ تفاوت آهي:

جيڪي صفاتي اسم (خاص ۽ عام) آهن، تن سڀني کي جسم آهي، تنهن ڪري اهي ظاهري حواسن سان معلوم ڪري سگهجن ٿا. جيڪي ذاتي اسم آهن، سي فقط خاصيتن، ڪمن ۽ حالتن جا نالا آهن. انهن کي جسم ڪونهي، تنهن ڪري انهن جو رڳو پنهنجي من يا دل ۾ ويچار ڪجي ٿو.

 

باب اٺون - ″ضميرن جا قسم″

(1) ″ضمير خالص″

61- (1) آءٌ اچان ٿو. مان وڃان ٿو. مون کاڌو.

(2) تون اچ. تو ڇا چيو؟

(3) گلاب کي سڏيم پر هو هليو ويو.

جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪا ڳالهه ڪندو آهي، تڏهن پنهنجي نـالـي ڳنهڻ بدران ″آءٌ″، ″مان″ يا ″مـُـون″ لفظ ڪم آڻيندو آهي. اهي لفظ ضمير آهن ڇاڪاڻ ته ڳالهه ڪندڙ ماڻهوءَ جي نالي بدران ڪم اچن ٿا. اهڙن ضميرن کي ″ضمير متڪلم″ چئبو آهي. ″متڪلم″ معنيٰ جنهن جي وات مان ڪلام نڪري يعني جو ڳالهائي. آءٌ، مان، مون ۽ اسين ضمير متڪلم جا مثال آهن.

حاضر ماڻهو جنهن سان ڳالهائبو آهي، تنهن جي نالي بدران ″تون″ يا ″تو″ لفظ ڪم آڻبو آهي. تنهن ڪري اهي لفظ به ضمير آهن. اهڙن ضميرن کي ″ضمير حاضر″ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن سان ڳالهائبو آهي، سو ضرور اکين اڳيان حاضر هوندو آهي. تون، تو، توهين ۽ اوهين ″ضمير حاضر″ جا مثال آهن.

مٿي ٽئين جملي ۾ ″گلاب″ جنهن جي ڳالهه ڪجي ٿي، تنهن جي نالي بدران ″هو″ لفظ ڪم آندو اٿئون، تنهن ڪري ″هو″ لفظ ضمير آهي. اهڙن ضميرن کي ″ضمير غائب″ چئبو آهي ڇاڪاڻ ته جنهن ٽياڪڙ جي ڳالهه ڪجي ٿي، سو يا ته غائب يعني گم آهي يا غير حاضر آهي يا جي حاضر آهي ته به ساڻس ڪونه ٿو ڳالهائجي پر سندس رڳي ڳالهه ڪجي ٿي. هو، اُو، هن ۽ انهن ″ضمير غائب″ جا مثال آهن.

انهن ٽنهي ضميرن کي ″ضمير خالص″ چئبو آهي. خالص، معنيٰ نج. اهي ٽي ئي، نجيءَ يا خاص طرح فقط ماڻهن سان لاڳو ٿين ٿا، تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿن. ياد ڪريو ته ضمير خالص ٽي آهن:

(1) متڪلم يعني ڳالهائيندڙ (2) حاضر يعني جنهن سان ڳالهائجي. (3) غائب يعني اهو ٽياڪڙ جنهن جي ڳالهه ڪجي ٿي.

 

62 - ضمير خالص جا ڦيرا

                        واحد                            جمع

فاعلي:                 آءٌ، مان                         اسين

عام صورت:           مون                            اسان

                        واحد                            جمع

فاعلي:                 تون                            توهين، اوهين

عام صورت:           تو                              توهان، اوهان

                        واحد                            جمع

فاعلي:                 هو (مؤنث هوءَ)                        هو، او

عام صورت:           هن، اُن                         هنن، اُنهن

 

63 - ضميري پڇاڙيون

        واحد                                    جمع

ڀائم، ڀاڻم= منهنجو ڀاءُ                              -

ڀاڻهي، ڀاءُ= تنهنجو ڀاءُ                       ڀاڻهو= توهان جو ڀاءُ

ڀاڻس، ڀائس= هن جو ڀاءُ                      ڀائن= هنن جو ڀاءُ

هن طرح، مائٽي ڏيکاريندڙ اسمن (پيءُ، ماءُ، ڌيءُ وغيرهه) جي پٺيان اهي پڇاڙيون عام طرح گڏبيون آهن ته اهي ″ضمير خالص″ جو ڪم ڏينديون آهن. کههُ گهرس يعني کوهه ۾ (کڏ ۾) پوي هن جو گهر. اهڙيءَ طرح ڪن ٻين اسمن جي پٺيان به ساڳئي مطلب لاءِ اهي پڇاڙيون ڪم اچن ٿيون.

64-    واحد                            جمع

وٽم= مون وٽ                 وٽهئون يا وٽؤن= اسان وٽ

وٽءِ= تو وٽ                  وٽوَ = توهان وٽ

وٽس= هن وٽ                 وٽن= هنن وٽ

اهڙيءَ طرح حرف جر جي پٺيان به اهي پڇاڙيون گڏبيون آهن.

اشارو: ضمير متڪلم جمع واري ″هون، اُون″ واري پڇاڙي، اسمن جي پٺيان نه گڏبي آهي.

65-    واحد                            جمع

اٿم= مون کي آهي                    اٿئون= اسان کي آهي

اٿيئي= توکي آهي                    اٿوُ = توهان کي آهي

اٿس= هن کي آهي                    اٿن= هنن کي آهي

اهڙيءَ طرح ڪن فعلن جي پٺيان به اهي پڇاڙيون گڏي سگهجن ٿيون. (ڏسو باب ڏهون)

66- ضميري پڇاڙيون هيٺئين نقشي ۾ ڌار ڏيکارجن ٿيون:

ضمير

واحد

جمع

متڪلم

م

هون، اون، ئون

حاضر

ءِ (اِي)

ؤ

غائب

س

ن

67- مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ضمير خالص ٻن قسمن جا آهن:

(1) سڄا لفظ جهڙوڪ آءٌ، تون ۽ هو.

(2) پڇاڙين وارا جن کي ″متصل″ يا گڏيل ضمير چئبو آهي.

متصل يا گڏيل ضمير اُهي آهن جي ڪنهن اسم، حرف جر يا فعل جي پٺيان، پڇاڙين يا نشانن وانگر ڪم اچن ٿا.

68- هيٺين جملن ۾ جن لفظن جي پٺيان ضميري پڇاڙيون هجن، تن جي معنيٰ ٻڌايو. مثلا: منجهس= هن منجهه.

(1) وٽس وڃ. (2) چئينس ته سگهو اچ. (3) نه اچي ته خوشي سنديس. (4) هينئر وٽن پئسو ڪونهي. (5) ماستر چيو اٿوَ، ته سبق ياد ڪريو.

 

(2) ″ضمير اشارو″

69- گوپال کي ماڻس ٻيو لڏون ڏيئي چيو ته: ″هيءُ تون کاءُ ۽ هـُـو ڀاءُ لاءِ رک.″

هتي هيءُ لفظ انهيءَ لڏونءَ ڏي اشارو ٿو ڪري جو ڀرسان يا ويجهو آهي ۽ ″هو″ لفظ ٻئي لڏونءَ ڏانهن اشارو ٿو ڪري جو پري آهي.

اهڙا ضمير جي ڪن اسمن ڏي اشارو ڪن، تن کي ″ضمير اشارو″ چئبو آهي. اهي ٻن قسمن جا آهن:

(1) جيڪي ضمير ڪنهن ويجهي ماڻهوءَ يا شيءِ وغيره ڏي اشارو ڪن، تن کي ″ضمير اشارو ويجهو″ چئبو آهي. مثلا: هيءُ، ايءُ.

(2) جيڪي ضمير ڪنهن ڏورانهين ماڻهوءَ يا شيءِ وغيره ڏانهن اشارو ڪن، تن کي ″ضمير اشارو ڏور″ چئبو آهي. مثلا هـُـو، اُو.

70- ضمير اشارو ويجهو - ڦيرو

            مذڪر                                                  مؤنث

واحد                    جمع                    واحد                    جمع

فاعلي- هيءَ           هي (اِهي)                      هيءُ                    هي

عام صورت- هن              هنن                    هن                     هنن

اشارو: ضمير اشارو ڏور جو ڦيرو، ضمير غائب جهڙو آهي. سنڌي ٻوليءَ مان ضمير غائب گم ٿي ويو آهي تنهن ڪري ″هو ۽ اُهي″ لفظ جي ضمير ″اشارو ڏور″ آهن، سي ڪم آڻي پورائي پيا ڪريون.

 

(3) ضمير مشترڪ

71- (1) ″گوپال، گوپال کي بچايو.″ هن جي بدران چئبو ته گوپال پاڻ کي بچايو. هن جملي ۾ فاعل آهي ″گوپال″ ۽ جنهن کي بچايائين سو به ساڳيو پاڻ آهي. تنهن ڪري چئبو ته جملي جو جيڪو فاعل آهي، سو ئي ساڳيو مفعول آهي.

(2) آءٌ پاڻ يا خود ايندس. هن جي معنيٰ ته ٻيو ڪو نه ايندو، پر آءٌ پاڻ (پنهنجي سر) ايندس. ائين ڳالهه کي زور ڀرائڻ لاءِ به ″پاڻ″ يا ″خود″ لفظ ڪم آڻبو آهي. پاڻ، خود، پنڊ ۽ پنهنجو لفظ ضمير مشترڪ آهن. اهي ضمير ٻن مطلبن لاءِ ڪم آڻبا آهن:

(1) فاعل کي زور ڀرائڻ لاءِ

(2) هن ڳالهه ڄاڻائڻ لاءِ ته جملي ۾ جيڪو فاعل آهي، سو ئي ساڳيو مفعول آهي.

اهو ضمير جو جملي ۾ فاعل جي بدران (مفعول ٿي) ڪم اچي يا جو ضمير خالص کي زور ڀرائڻ لاءِ ڪم اچي، تنهن کي ″ضمير مشترڪ″ چئبو آهي.

مشترڪ معني شريڪ ٿيندڙ. اهو نالو اُن تي هن ڪري رکيو اٿن جو پاڻ خود ۽ پنڊ لفظ جي ضمير مشترڪ آهن، سي فاعل سان شريڪ يا لاڳو ٿين ٿا.

72- هيٺين جملن مان ضمير مشترڪ چونڊيو ۽ ٻڌايو ته اهي فاعل جي بدران ڪم آيا آهن يا رڳو ضمير خالص کي زور ڀرائڻ لاءِ ڪم آيا آهن:

(1) توهين پاڻ ۾ ٺهي وڃو ته چڱو.

(2) تون پاڻ چؤ ته مون ڇا چيس؟

(3) پنهنجو ڪم ايندو، ڌاريو ڪم نه ايندو.

 

73- ″پنهنجو″ لفظ جو ڦيرو

        مذڪر                                          مؤنث

        واحد            جمع                    واحد            جمع

فاعلي- پنهنجو                پنهنجا                 پنهنجي               پنهنجون

عام صورت- پنهنجي پنهنجن                        پنهنجيءَ              پنهنجن

(4) ″ضمير استفهام″

74- ڪير آيو؟ ڪهڙو آهين؟ ڇا کپيئي؟ ڪڄاڙو ٿو چوين؟ هتي ڪير، ڪهڙو، ڇا ۽ ڪڄاڙو لفظ سوال پڇڻ لاءِ ڪم آيا آهن. ڪير معنيٰ ڪهڙو ماڻهو؟ ڪهڙو معنيٰ ڪهڙو ماڻهو يا ڪم. ڇا معنيٰ ڪهڙي شيءِ. مطلب ته اهڙا سوال پڇڻ جا لفظ ڪن اسمن بدران ڪم اچن ٿا، تنهن ڪري ضمير آهن. اهڙن ضميرن کي چئبو آهي ″ضمير استفهام″. فهم، معنيٰ سمجهه يا ڄاڻ. ضمير استفهام معنيٰ اهو ضمير جو ڄاڻڻ يا سمجهڻ گهرجي ٿو (سوالن پڇڻ سان). مطلب ته:

ضمير استفهام اهو ضمير آهي جو سوال پڇڻ يا پڇا ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو.

75- (1) تون ڪير آهين؟ ″ڪير″ رڳو ماڻهوءَ سان لاڳو ٿئي ٿو.

(2) ڪهڙو ماڻهو؟ ڪهڙو ڪتاب؟ ڪهڙو ڪم؟ ″ڪهڙو″ لفظ ماڻهن، شين ۽ ڪمن سان لاڳو ٿئي ٿو.

(3) ڇا وٺان؟ ڇا چوان؟ ″ڇا″ شين ۽ ڪمن سان لاڳو ٿئي ٿو.

(4) ڪڄاڙو کپيئي؟ ڪڄاڙي لاءِ بيٺو آهين؟ ″ڪڄاڙو″ شين ۽ ڪمن سان لاڳو ٿئي ٿو.

 

76- ″ڪير″ جو ڦيرو

        واحد                    جمع

فاعلي- ڪير (مؤنث: ڪيرَ)           ڪير

عام صورت- ڪنهن          ڪن

 

77- ″ڪهڙو″ جو ڦيرو

                مذڪر                          مؤنث

        واحد            جمع            واحد            جمع

فاعلي- ڪهڙو         ڪهڙا          ڪهڙي                ڪهڙيون

عام صورت- ڪهڙي  ڪهڙن         ڪهڙيءَ               ڪهڙين

78- هيٺين سٽن مان ضمير استفهام چونڊيو:

(1) گلاب کي ٻاهر ڪير پيو سڏي؟

(2) توکي ڇا کپي؟

(3) ڪڄاڙو گهرجيئي؟

(4) هنن رانديڪن مان توکي ڪهڙو ٿو وڻي؟

(5) ″ضمير موصول″

79- هيءُ اهو ڪتاب آهي. ڪتاب مون ڳوليو پئي. هي ٻئي جملا ڳنڍي چئبو ته: ″هيءُ اهو ڪتاب آهي، جو مون ڳوليو پئي.″ هتي ″جو″ لفظ ″ڪتاب″ جي بدران ڪم آيو آهي. تنهن ڪري ″ضمير″ آهي ۽ اهو ٻن جملن کي ڳنڍي ٿو تنهن ڪري ضمير موصول آهي. موصول معنيٰ ڳنڍيندڙ (وصل= ڳنڍ، ميلاپ) هيءُ اهو ڪتاب آهي، جيڪو مون ڳوليو پئي. ″جيڪو″ ضمير موصول آهي.

هيءُ اهو ڪپ آهي، ڪپ جي تو پڇا ٿي ڪئي. هيءُ ٻئي جملا ڳنڍي چئبو ته: ″هيءُ اهو ڪپ آهي، جنهن جي تو پڇا ٿي ڪئي.″ هتي ″جنهن″ لفظ ضمير موصول آهي.

اهو لفظ جو ڪنهن اسم جي بدران جملي ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ان کي ٻئي جملي سان ڳنڍي ٿو، تنهن کي ضمير موصول چئبو آهي.

80- ″جو″ جو ڦيرو

                مذڪر                          مؤنث

        واحد            جمع            واحد            جمع

فاعلي- جو             جي            جا              جي

عام صورت- جنهن           جن             جنهن          جن

81- ″جيڪو″ جو ڦيرو

                مذڪر                          مؤنث

        واحد            جمع            واحد            جمع

فاعلي- جيڪو         جيڪي                جيڪا          جيڪي

عام صورت- جنهن ڪنهن   جن ڪن               جنهن ڪنهن  جن ڪن

82- هيٺين سٽن مان ضمير ″موصول″ چونڊيو:

(1) ننگر پارڪر ۾ هڪ ٽڪري آهي، جا ″ڪارونجهر″ جي نالي سان سڏجي ٿي.

(2) ٽڪريءَ جون ڇهه قطارون آهن، جن جي وچ ۾ ڪيترن هنڌ واري آهي.

(3) اُتي واريءَ سان گڏ پٿر آهن، جن مان ڪي روهيءَ جهڙا ڪارا ته ڪي داءَ جهڙا ڳاڙها آهن.

(4) سنڌ ۾ اها ئي هڪ ٽڪري آهي، جنهن مان بعضي بعضي خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ڇاڪاڻ جو اها ٻرندڙ جبل جو قسم آهي.

(5) ٽڪريءَ تي ڪيترا وڻ ۽ ٻوٽا آهن، جن مان ججهي پيدائش ٿئي ٿي.

(6) ″ضمير جواب موصول″

83- جو ٻئي جي لاءِ کڏ کڻندو، سو پاڻ کڏ ۾ ڪرندو. هتي ″سو″ لفظ جو لاڳاپو ″جو″ لفظ سان آهي يعني ان جي جواب ۾ ڪم آيو آهي. ″جنهن چيو تنهن ڪيو″. هتي ″تنهن″ لفظ جو لاڳاپو ″جنهن″ لفظ سان آهي يعني ان جي جواب ۾ ڪم آيو آهي. ″جو″ ۽ ″جنهن″ لفظ ضمير موصول آهن ۽ ″سو″ ۽ ″تنهن″ لفظ جي انهن جي جواب ۾ آيا آهن، سي ضمير جواب موصول آهن.

ضمير جواب موصول اهو آهي، جو ضمير موصول جي جواب ۾ (لاڳاپو رکي) ڪم اچي ٿو.

84- ″سو″ جو ڦيرو

        واحد                    جمع

فاعلي- سو، مؤنث: سا                سي

عام صورت- تنهن            تن، تنن، تنهن

85- هيٺين جملن مان ضمير جواب موصول ڪڍي ٻڌايو:

(1) جيڪي اوهان ڪيو، سو چڱو.

(2) مون کي جيڪا ڳالهه چوندا، سا مڃيندس.

(3) جنهن کوٽو خيال ڪيو، تنهن ڄڻ ته کوٽو ڪم ڪيو.

(4) جن سان صحبت رکجي، تن سان نباهجي.

(5) جي نه سنڀاليندا، سي پڇتائيندا.

(6) چڱا سي، جن جا پويان به چڱا.

(7) ضمير مبهم

86- (1) منهنجو رپيو ڪو کڻي ويو. ″ڪو″ معنيٰ ڪو ماڻهو، تنهن ڪري ″ڪو″ لفظ ضمير آهي پر اهو ضمير ڪهڙي اسم بدران ڪم آيو آهي؟ سو نٿو ڄاڻائجي.

(2) ڪا چوي تو گوبند مڱيو ۽ ڪا چوي ته پرڻيو. هتي ″ڪا″ معني ڪا زال تنهن ڪري ″ڪا″ لفظ ضمير آهي پر اهو ضمير ڪهڙي اسم جي بدران ڪم آيو آهي، سو نٿو ڄاڻجي.

(3) هن پيتيءَ هيٺان ڪي لڪل آهي. هتي ″ڪي″ لفظ انهيءَ اسم جي بدران ڪم آيو آهي، جنهن جي پوريءَ طرح خبر ڪانهي.

اهو ضمير جنهن مان اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪهڙي اسم جي بدران ڪم آيو آهي، تنهن کي ″ضمير مبهم″ چئبو آهي. مبهم معنيٰ ڳجهو يا نامعلوم يعني جنهن جي لـَـکا يا ڄاڻ نه پوي. ″ڪو″، ″ڪي″، ″ڪنهن″ ۽ ″ڪجهه″ ضمير مبهم جا مثال آهن.

87- ڪو ماڻهو، ڪو جانور، ڪو رانديڪو، ڪو ڪم. اهڙيءَ طرح ″ڪو″ لفظ جاندار توڙي بيجان شين ۽ ڪمن سان لاڳو ڪبو آهي. ڪي کپيئي؟ ڪجهه ڏيانءِ؟ اهڙيءَ طرح ″ڪي″ ۽ ″ڪجهه″ لفظ رڳو شين سان لاڳو ٿين ٿا. ″ڪي″ ۽ ″ڪجهه″ جو ڦيرو نه ٿيندو آهي.

88- ″ڪو″ جو ڦيرو

        واحد                    جمع

فاعلي- ڪو، مؤنث: ڪا               ڪي

عام صورت- ڪنهن          ڪن

اشارو: گوبند کي ڪنهن ماريو؟ ″ڪنهن″ ضمير استفهام. گوبند کي ڪنهن ماريو ٿو ڏسجي. ″ڪنهن″ ضمير مبهم.

سڄي باب جو مطلب

89- سنڌيءَ ۾ ضمير ستن قسمن جا آهن:

(1) ضمير خالص: اهي ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا سڄا لفظ جن ۾ متڪلم حاضر ۽ غائب اچي ٿا وڃن، ٻيا پڇاڙين سان جن کي متصل يا گڏيل ضمير چئبو آهي.

(2) ضمير اشارو، جنهن ۾ ضمير اشارو ويجهو ۽ ضمير اشارو ڏور اچي ٿا وڃن.

(3) ضمير مشترڪ (4) ضمير استفهام (5) ضمير موصول (6) ضمير جواب موصول (7) ضمير مبهم.

 

باب نائون - ″صفت جا قسم″

90- مون وڏو، مٺو، قنڌاري ڏاڙهون کاڌو. وڏو، مٺو ۽ قنڌاري لفظ صفت آهن ۽ اسم ″ڏاڙهون″ سان لاڳو ٿي، ان جي خاصيت (خاص ڳالهه) يا وڌيڪ حقيقت ڄاڻائين ٿا، جنهنڪري خبر پوي ٿي ته مون ڪهڙي قسم جو ڏاڙهون کاڌو. هن قسم جي صفتي لفظن کي چئبو آهي ″وصفي″ (Qualitative) ڇاڪاڻ ته اهي وصف يا بيان ڪن ٿا.

ٻه ڏاڙهون. پهريون ڏاڙهون. اڌ ڏاڙهون. چار چار ڏاڙهون. ٻه، پهريون، اڌ ۽ چار چار لفظ، صفت آهن ۽ اسم ″ڏاڙهون″ سان لاڳو ٿي، انهن جو عدد يا انداز ڄاڻائين ٿا. هن قسم جي صفتي لفظن کي چئبو آهي ″عددي″ (Quantitative) ڇاڪاڻ ته اهي عدد يا انداز ڏيکارين ٿا.

91- هڪ، ٻه، ٽي، چار ۽ ٻيا اهڙا انگ، جي ماڻهن يا شين وغيره جي شمار ڪرڻ ۾ ڪم اچن ٿا، تن کي ″عدد شماري″ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي شمار ڪرڻ يا ڳڻڻ لاءِ ڪم اچن ٿا.

92- پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ ٻيا اهڙا انگ، تن کي ″عدد قطاري″ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڏيکارين ٿا ته قطار ۾ ڪانئون (ڪهڙو نمبر) آهي؟ يعني اهي گهڻن ۾، هر هڪ جي جاءِ ڏيکارين ٿا.

93- مٿين ٻن مکيه قسمن کان سواءِ ٻين قسمن جا به عدد آهن. مثلا: ايڪو، ٻڪو، ٽڪو، هيڪار، ٻهار، ٽهار، ڏهاڪو، ويهارو، ٽيهارو، چوٿو، اڌ، منو، پائڪ، سوايو، ڏيڍو ۽ اڍايو. انهن کان سواءِ، ٿورو، گهڻو، سڀ، ججهو ۽ ٻيا اهڙا لفظ به عدد يا انداز جي معنيٰ ڏيکارين ٿا.

94- (الف) مٿيان سڀني قسمن جا عدد، صفت ٿي ڪم اچن ٿا.

مثلا: (1) هو ٽي ٽي ڏاڙهون کائي ٿو. (2) ٻيو ڇوڪر ويهي ۽ ٽيون اٿي بيهي. (3) تو ٻيڻو خرچ ڪيو. (4) مجلس ۾ ويهارو ماڻهو آيا. (5) مون سوا رپيو خرچيو. (6) مون سمورو ڪم لاٿو.

هنن جملن ۾ ٽي ٽي، ٻيو، ٽيون، ٻيڻو، ويهارو، سوا ۽ سمورو لفظ، صفت آهن.

(ب) (1) مون اڌ ماني کاڌي.                  ″اڌ″ صفت.

(2) مون اڌ کاڌو ۽ اڌ بچايو.                  ″اڌ″ اسم.

(3) هڪڙو ماڻهو آيو.                         ″هڪڙو″ صفت.

(4) هڪڙو آيو ۽ ٻيو ويو.                     ″هڪڙو″ ۽ ″ٻيو″ اسم.

مطلب ته اهي عدد جڏهن پاڻ مرادو ڪم اچن ٿا، تڏهن اسم آهن پر جڏهن ڪنهن اسم سان لاڳو ٿي ان جو عدد يا انداز ڄاڻائين ٿا، تڏهن صفت آهن.

95- (1) هو آيو. ″هو″ ضمير. هو ماڻهو آيو. ″هو″ صفت.

(2) ڪو آيو. ″ڪو″ ضمير. ڪو ماڻهو آيو. ″ڪو″ صفت.

(3) ڪهڙو آهين؟ ڪهڙو ″ضمير″ ڪهڙو ماڻهو ″ڪهڙو″ صفت.

(4) پنهنجو ڪم ايندو، ڌاريو ڪم نه ايندو. ″پنهنجو″ ضمير.

(5) پنهنجو نوڪر اٿم. ″پنهنجو″ صفت.

جيڪي ضمير صفت ٿي ڪم اچن ٿا، تن کي ضميري صفت (Pronominals) چئبو آهي.

96- صفت جو ڦيرو ″ڀلو″

(جيئن ڀلو گهوڙو)

                مذڪر                          مؤنث

واحد                    جمع            واحد            جمع

فاعلي= ڀلو            ڀلا             ڀلي            ڀليون

عام صورت= ڀلي             ڀلن            ڀليءَ           ڀلين

ڀلو گهوڙو- ڀلي گهوڙي- ڀلا گهوڙا- ڀليون گهوڙيون. اهڙيءَ طرح صفت جنهن اسم سان لاڳو ٿئي ٿي، تنهن پٽاندر عدد ۽ جنس ۾ مٽجي ٿي.

اشارو: عدد ۽ جنس ۾ ڦرندڙ صفتون نج سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن، مگر فارسي ۽ عربي ٻولين جا صفتي لفظ جنس ۽ عدد ۾ نٿا ڦرن. جيئن خوبصورت، خوش وغيره.

97- (1) وڌيڪ پئسو، وڌيڪ پئسا، وڌيڪ پئسن ۾.

(2) جدا ڪارخانو، جدا ڪارخانا، جدا ڪارخانن ۾.

(3) برابر حساب، برابر حساب، برابر حسابن ۾.

″وڌيڪ″، ″جدا″ ۽ ″برابر″ لفظ صفت آهن. اُهي جن اسمن سان لاڳو ٿين ٿا، تن پٽاندڙ عدد ۽ جنس ۾ نٿا مٽجن. مطلب ته ″او″ پڇاڙيءَ وارين صفتن کان سواءِ ٻين صفتي لفظن جو ڦيرو اڪثر ڪونه ٿيندو آهي.

98- (الف) ٻوليءَ ۾ جيڪي به لفظ صفت ٿي ڪم اچن ٿا، سي ٽن قسمن جا آهن:

(1) وصفي، جي وصف يا بيان ڪن ٿا.

(2) عددي، جي عدد يا انداز ڄاڻائين ٿا.

(3) ضميري، جي ضمير آهن پر صفت ٿي ڪم اچن ٿا.

(ب) اسمن ۽ ضميرن جي عدد ۽ جنس پٽاندڙ صفتي لفظ مٽجن ٿا، پر ڪي نه به ٿا مٽجن.

99- هيٺين جملن مان صفت چونڊيو ۽ ٻڌايو ته هر هڪ ڪهڙي قسم جي صفت آهي ۽ جنهن لفظ سان لاڳو ٿئي ٿي، تنهن پٽاندڙ عدد ۽ جنس ۾ مٽجي ٿي يا نه؟

(1) هڪڙي راجا کي پنج پٽ هئا.

(2) انهيءَ ڀڳل دلي ۾ پاڻي نه وجهه.

(3) جيڪا شيءِ گهرين، سا ڏيانءِ.

(4) منهنجي صلاح مڃ.

(5) اهو ڪم نه ڪر.

100- صفت جي ڀيٽ جا درجا

(1) هاٿي وڏو جانور آهي.

(2) هاٿي گهوڙي کان وڏو آهي.

(3) هاٿي سڀني چوپاين کان (۾) وڏو آهي.

پهرئين جملي ۾ هاٿيءَ جي وڏائيءَ جي ڪنهن سان به ڀيٽ ڪيل ڪانهي. ٻئي جملي ۾ هاٿيءَ جي گهوڙي سان ڀيٽ ڪيل آهي. ٽئين جملي ۾ هاٿي جي وڏائيءَ جي سڀني چوپاين سان ڀيٽ ٿيل آهي.

101- صفت جا ٽي درجا آهن:

(1) اُهو جنهن ۾ ڀيٽ نٿي ڪجي، تنهن کي ″صفت خالص″ چئجي ٿو.

(2) جنهن ۾ هڪ جي ٻئي يا ٻين سان ڀيٽ ڪجي ٿي، تنهن کي ″صفت تفضيل″ چون ٿا. تفضيل معنيٰ ا(فضل هئڻ) جو بيان. (هڪ جو، ٻئي جي ڀيٽ ۾)

(3) جنهن ۾ هڪڙي کي ٻين سڀني ساڳيءَ جنس يا قسم وارن سان ڀيٽجي ٿو، تنهن کي ″صفت مبالغو″ چون ٿا. مبالغو معنيٰ وڌاءُ. صفت مبالغي ۾ ″سڀني″ لفظ ڪم آڻبو آهي، پر ڪٿي نه به ٿو آڻجي.

مثلا: ″اُچي ۾ اُچو وڳو″ معنيٰ سڀني ۾ اُچو وڳو.

102- هيٺين جملن مان صفت چونڊيو ۽ ٻڌايو ته مٿين ٽن درجن مان هر هڪ ڪهڙي درجي جي صفت آهي:

(1) احمد هوشيار آهي.

(2) هو تو کان سياڻو آهي.

(3) هنن ٻن ۾ گوبند چالاڪ آهي.

(4) ميون ۾ ميوو انب.

اشارو: موڳو - موڳشٽ، معنيٰ بلڪل موڳو. (″شٽ″ پڇاڙي) اڳي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ اهڙيون پڇاڙيون هيون جي هاڻ گم ٿي ويون آهن.

103- باب ڏَهون - ″فعلن جا قسم″

(1) سج اُڀريو. هتي فعل آهي ″اڀريو″ ۽ فاعل آهي ″سج″. اُڀرڻ جو ڪم سج ڪري ٿو ۽ اهو ڪم ڪنهن ٻئي تي نٿو ٿئي. (2) مثال: ″نوڪر آيو″. هتي فاعل آهي ″نوڪر″ ۽ فعل آهي ″آيو″. هتي فعل رڳو پنهنجي فاعل بابت ڪجهه چئي ٿو ۽ اچڻ جي ڪم جو اثر ڪنهن ٻئي تي نٿو ٿئي.

″اُڀريو″، ″آيو″ ۽ ٻيا اهڙا فعل جي رڳو پنهنجي فاعل سان لاڳاپو ڏيکارين، تن کي ″فعل لازمي″ چئبو آهي.

″فعل لازمي″ اهو ڪم يا حالت ٿو ڏيکاري، جنهن جو لاڳاپو رڳو فاعل سان آهي.

لازمي معنيٰ لزوم ٿيل يعني لڳل يا چنبڙيل. مطلب ته فعل لازميءَ کي مفعول ڪونه ٿيندو آهي، تنهن ڪري اهو سدائين پنهنجي فاعل سان لڳل رهي ٿو. (لاڳاپو ڏيکاري ٿو)

104- (1) کٽي چادر ڌوئي ٿو. هتي فعل آهي ″ڌوئي ٿو″، ″کٽي″ آهي فاعل ۽ ڌوئڻ جي ڪم جو اثر جنهن شيءِ تي ٿئي ٿو، سا آهي ″چادر″.

(2) گوپال لڏون کاڌو. هتي فعل آهي ″کاڌو″، گوپال آهي ″فاعل″ ۽ کائڻ جي ڪم جو اثر جنهن شيءِ تي ٿئي ٿو، سا آهي ″لڏون″.

جيڪو فعل اهڙو ڪو ڪم ڏيکاري جو فاعل ڪري ٿو ۽ جنهن جو اثر ٻئي ڪنهن تائين پهچي ٿو، تنهن کي ″فعل متعدي″ چئبو آهي.

″متعدي″ معنيٰ ٻئي تائين لنگهي ويندڙ. يعني اهو، جو فاعل کان لنگهي، ٻئي ڪنهن تي وڃي اثر ڪري.

 

105- فعل لازمي ۽ فعل متعديءَ جي وچ ۾ تفاوت

 (1) فعل لازميءَ کي رڳو فاعل آهي ۽ مفعول ڪونهيس.

(2) فعل متعديءَ کي فاعل توڙي مفعول ٻئي آهن.

اشارو: ڪن جملن ۾ مفعول ڳجهو رهي ٿو. مثلا: ڇوڪر پڙهي ٿو. هتي ″ڪتاب″ يا ″خط″ وغيره لفظ مفعول آهي جو ڳجهو رهيو آهي.

106- ″فعل معاون″

 (1) گلاب هتي آهي. (2) گلاب ڪالهه هتي هو. (3) گلاب منهنجو سؤٽ ٿئي.

″آهي″ ۽ ″هو″ فعل ″هئڻ″ مان ٺهيا آهن ۽ ″ٿئي″ فعل ″ٿيڻ″ مان ٺهيو آهي. هئڻ ۽ ٿيڻ فعل لازمي آهن. اهي فعل مٿين ريت ڪڏهن پاڻمرادو ڪم اچن ٿا ۽ ڪڏهن ٻين فعلن سان گڏ ڪم اچن ٿا. جيئن هيٺ ڄاڻائجي ٿو:

(1) گلاب خط لکيو. (ڪنهن گذريل وقت ۾، ڪم پوري ٿيڻ جي ڳالهه)

(2) گلاب خط لکيو آهي. (ويجهڙائيءَ ۾ ڪم پوري ٿيڻ جي ڳالهه)

(3) گلاب خط لکيو هو. (گهڻو اڳي، گذريل وقت ۾ ڪم پوري ٿيڻ جي ڳالهه)

(4) گلاب خط لکيو ٿي. (گذريل وقت ۾، ڪم چالو رهڻ جي ڳالهه)

هنن مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ″هئڻ″ ۽ ″ٿيڻ″ جي فعل لازمي آهن، سي ٻيئي فعل ″لکيو″ سان گڏ ڪم آيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح جدا جدا زمانن (وقتن) جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي اٿن. اهڙيءَ مدد ڏيڻ ڪري انهن کي ″فعل معاون″ سڏبو آهي. معاون معنيٰ مددگار.

107- فعل متعدي جون صورتون

 (1) سوار، گهوڙو ماري ٿو يا گهوڙي کي ماري ٿو.

(2) گهوڙو مارجي ٿو.

(3) سوار، گهوڙو مارائي ٿو.

پهرئين جملي ۾ فعل آهي ″ماري ٿو″. ڪير ماري ٿو؟ ″سوار″. هتي فعل پنهنجي فاعل جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو گهوڙي کي مارڻ جو ڪم ڪري ٿو. هتي فاعل ″سوار″ ڄاڻايل آهي.

ٻئي جملي ۾ فعل آهي ″مارجي ٿو″. ڪير مارجي ٿو؟ ″گهوڙو″. هتي ″گهوڙو″ فاعل آهي جو درحقيقت پهرئين جملي جو مفعول آهي. هتي فعل انهيءَ سچي پچي مفعول (گهوڙي) جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن تي مار جو ڪم ٿئي ٿو. گهوڙو ڪنهن جي هٿان مارجي ٿو؟ سو اصلوڪو يا سچو پچو فاعل هتي ڄاڻايل ئي ڪونهي.

ٽئين جملي ۾ فعل آهي ″مارائي ٿو″ جنهن جي معنيٰ آهي ته ٻئي کان مارائي ٿو. يعني فعل پنهنجي فاعل ″سوار″ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو (فاعل) پاڻ مارڻ جو ڪم نٿو ڪري، پر ٻئي کان ڪرائي ٿو.

″مارڻ″ فعل متعدي آهي، ڇاڪاڻ ته فاعل ۽ مفعول ٻئي اٿس. انهيءَ فعل مان ماري ٿو، مارجي ٿو ۽ مارائي ٿو فعيل ٺهيا آهن. اهڙيءَ طرح فعل متعدي ٽي صورتون وٺن ٿا:

(1) ماري ٿو: فعل متعدي معروف.

(2) مارجي ٿو: فعل متعدي مجهول.

(3) مارائي ٿو: فعل متعدي بالواسطـھ.

فعل جي صورت (Voice) مان اها خبر پوي ٿي ته فعل جيڪا ڳالهه ڄاڻائي ٿو، سا فاعل جي آهي يا مفعول جي.

(1) فعل متعدي معروف اهو فعل آهي، جو پنهنجي فاعل جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو (فاعل) ڪو ڪم ڪري ٿو ۽ سندس فاعل جملي ۾ ظاهر ڄاڻائجي ٿو.

عرف معنيٰ ڄاڻڻ. معروف معنيٰ ڄاتل يا سڃاتل. معروف صورت واري فعل جو فاعل ڄاتل هوندو آهي يعني جملي ۾ ظاهر يا پڌرو بيٺو هوندو آهي، تنهن ڪري مٿس اِهو نالو رکيو اٿن.

(2) فعل ″متعدي مجهول″ اهو فعل آهي جنهن جو اصلوڪو فاعل اڪثر ڪونه ڄاڻائبو آهي. تنهن ڪري ″مفعول″ ڦري ″فاعل″ ٿيندو آهي ۽ فعل انهيءَ سچي پچي مفعول بابت ڄاڻائيندو آهي ته هن (مفعول) تي ڪو ڪم ٿئي ٿو.

جـِـهل معنيٰ اڻ ڄاڻائي. جاهل معنيٰ اڻڄاڻ. مجهول معنيٰ اڻڄاتل يا نامعلوم. مجهول صورت واري فعل جو اصلوڪو يا سچو پچو فاعل اڪثر نه ڄاڻائبو آهي، تنهن ڪري مٿس اهو نالو رکيو اٿن.

اشارو: ″گهوڙو سوار کان مارجي ٿو.″ هتي فاعل (سوار) ڄاڻايو ويو آهي. ائين جيڪڏهن سچو پچو فاعل ڄاڻائبو ته حالت فاعليءَ جي بدران حالت جريءَ ۾ بيهندو. (″سوار″ حالت جري) هتي ″گهوڙو″ فاعل آهي.

(3) فعل ″متعدي بالواسطـھ″ اهو ڪم ڄاڻائي ٿو جو ″فاعل″ پاڻ نٿو ڪري، پر ٻئي کان ڪرائي ٿو. واسطه، معنيٰ وچ وارو. بالواسطـھ معنيٰ وچ واري کان.

(الف) سوار گهوڙو ″مارائي″ ٿو. هن جي معنيٰ ته سوار ڪنهن ٻئي کي مارڻ لاءِ چوي ٿو ۽ اهو وري ٻئي ڪنهن کان گهوڙي کي مارائڻ جو ڪم ڪرائي ٿو. هيءُ ٻٽو بالواسطـھ (Double Causale) آهي پر اهو به ″فعل متعدي بالواسطـھ″ چئبو.

(ب) (1) اُستاد شاگرد ڏي پٽيوالو ڊوڙايو.

(2) شاگرد ڏي پٽيوالو ڊوڙايو ويو.

اهڙيءَ طرح ″فعل متعدي بالواسطه″ جو فاعل ڪڏهن ڳجهو ۽ ڪڏهن پڌرو رهي ٿو.

108- هيٺين فعلن مان هر هڪ جي صورت ٻڌايو:

(1) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڀـُـڄ تي ڪاهه ڪئي.

(2) لڙائيءَ لاءِ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو ويو.

(3) ڪي ڌاريا ماڻهو پاڻ کي لشڪر ۾ داخل ڪرائڻ لڳا.

(4) ڪڇ جي رڻ مان لنگهندي، لشڪر کي اُڃ لڳي.

(5) پاڻيءَ جي هڪ گلاس لاءِ هڪ رپيو ڏيڻو ڪيائون.

(6) ڪي ڪڇي کوهن ۾ مٽي ۽ ڀتر وجهي ڀڄي ويا.

109- فعل لازمي جون صورتون

 (1) آءٌ پينگهي ۾ لڏان ٿو.

(2) پينگهي ۾ لڏجي ٿو يا لڏبو آهي.

پهرئين مثال ۾ ″لڏان ٿو″ فعل لازمي آهي ۽ ان جو فاعل ″آءٌ″، معروف يعني ظاهر يا پڌرو بيٺو آهي. تنهن ڪري چئبو ته ″لڏان ٿو″ فعل لازمي معروف صورت وارو آهي. ٻئي مثال ۾ ″لڏجي ٿو″ ۽ ″لڏبو آهي″ فعل لازمي آهن، پر انهن جو ڪوبه فاعل ڪونهي، تنهن ڪري اهي مجهول صورت وارا فعل آهن ۽ اهي ″اڪر ترڪ″ سڏجن ٿا. ″اَ″ معنيٰ نه ۽ ″ڪرتر″ يا ″ڪرتا″ معنيٰ فاعل (ڪم ڪندڙ).

اڪر ترڪ يا فعل بيفاعل اهو فعل آهي، جنهن کي ڪوبه فاعل ڪونهي.

110- (1) ڪم ڪجي ٿو ته ٿڪ ٿئي ٿو.

(2) ڪم ڪبو آهي ته ٿڪ ٿيندو آهي.

هنن سٽن تي پوريءَ طرح ويچار ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ″ڪم″ لفظ اصل مفعول آهي ڇاڪاڻ ته ڪم ڪرڻ وارو ضرور ڪو ٻيو هوندو ۽ اهو ڪم ڪندڙ سچو پچو فاعل چئبو، پر اهو ڄاڻايل ڪونهي تنهن ڪري اهي مجهول صورت وارا فعل چئبا. هن قسم جي مجهول فعلن ۾ اصلوڪو فاعل (ڪم ڪرڻ وارو) ڪتب نه آڻبو آهي، تنهن ڪري سدائين مفعول کي فاعل ڪري ڪم آڻبو آهي. مطلب ته هيءَ مجهول صورت نرالي قسم جي آهي.

111- هيٺين سٽن مان معروف ۽ مجهول صورت وارا فعل لازمي چونڊيو ۽ ٻڌايو ته انهن مان ڪهڙا اڪر ترڪ فعل آهن:

(1) ڊوڙبو ته پگهر ٿيندو.

(2) راند ڪبي ته بت ورندو.

(3) آرام وٺبو آهي ته ٿڪ ڀڄندو آهي.

(4) باغ ۾ گهمجي ٿو ته فرحت اچي ٿي.

(5) گهوڙو ڊوڙيو.

112- مختصر مطلب

 (1) سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به فعل ڪم اچن ٿا، سي يا لازمي يا متعدي آهن، تنهن ڪري اهي ئي ٻه مکيه فعل آهن. انهن کي بنيادي فعل به چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي معاون ۽ اڪر ترڪ فعل آهن، سي اصل فعل لازمي آهن جيڪي بالواسطه فعل آهن، سي اصل متعدي فعل آهن. تنهن ڪري چئبو ته سڀني فعلن جو بنياد اهي ئي ٻه فعل آهن.

113- لازمي ۽ متعدي فعل جدا جدا صورتون وٺن ٿا.

(الف) فعل لازمي ٻه صورتون وٺي ٿو:(1)

(1) معروف، جنهن ۾ فاعل ڄاڻائجي ٿو. مثلاً ″گهوڙو ڊوڙيو.″

(2) مجهول، جنهن جا ٻه قسم آهن:

(الف) هڪڙي اها مجهول صورت جنهن ۾ ڪوبه فاعل نٿو ڄاڻائجي، جنهن ڪري اهڙن لازمي فعلن کي ″اڪر ترڪ″ فعل سڏبو آهي. مثلا: رستي تي هلبو آهي يا هلجي ٿو. ٻي اها مجهول صورت جنهن ۾ سدائين مفعول کي فاعل ڪري ڪم آڻجي ٿو. مثال: راند ڪبي آهي.

(ب) فعل متعدي، ٽي نراليون صورتون وٺي ٿو:

(1) معروف مثال:      آءٌ ماريان ٿو.

(2) مجهول:   آءٌ مارجان ٿو.

(3) بالواسطا:  آءٌ ماريان ٿو يا مارايان ٿو.

اشارو: وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ ڏسو اڳتي هلي قلم 119 ۽ 120.

 

114-  باب يارهون- ″فعل جو ڌاتو يا بنياد″ (مصدر)

اسين سکيا آهيون ته فعل مان هئڻ، ڪرڻ، سهڻ يا ڪنهن تي ڪنهن ڪم ٿيڻ جي معنيٰ نڪري ٿي. لکڻ، پڙهڻ، هئڻ، ٿيڻ ۽ ٻيا اهڙا لفظ، جن جي پڇاڙيءَ ۾ اَڻ يا اِڻ جو اچار آهي، تن کي چئبو آهي ″مصدر″.

115- فعل جي اها سادي صورت جا ڪو ڪم يا حالت ڏيکاري، تنهن کي چئبو آهي ″مصدر″.

116- ″مصدر″ معنيٰ جنهن مان ٻيا لفظ صادر ٿين ٿا يا ڦـُـٽن ٿا. مطلب ته مصدر، معنيٰ ڌاتو يا بنياد. عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ، مصدر مان ٺهن ٿا، تنهن ڪري ان تي اهو نالو رکيو اٿن. سنڌي ٻوليءَ ۾ فعلن جو بنياد مصدر نه آهي، تنهن ڪري مصدر کي ڌاتو يا بنياد ڪري ليکڻ غلط آهي.

117- ″ڌاتو يا بنياد″

″لکڻ″ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ″اَڻ″ جو اُچار آهي. ″کائڻ″ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ″اِڻ″ جو اُچار آهي. مصدر جي پڇاڙيءَ سان ″اَڻ″ يا ″اِڻ″ جو اُچار ڪڍي ڇڏبو ته باقي جيڪو بچندو، سو ٿيندو ڌاتو يا بنياد.

118- ڪٿ، ڪٿن، ڪٿڻ. هتي ڌاتو ″ڪٿ″ جي پٺيان ″اَن″ پڇاڙي گڏي چئون ٿا ″ڪٿن″. سنسڪرت ۾ ڌاتوءَ مان اسمن جوڙڻ لاءِ هڪڙي واٽ اها آهي.

″ڪري ڪير ڪٿن، آگي جي اسرار جو.″

هتي ″ڪٿن″ اسم آهي.

ڌاتوءَ مان جڙيل اسم ″ڪٿن″ جو اُچار ڦيرائي ″ڪٿن″ ڪجي ٿو ۽ اُهو سنڌيءَ ۾ مصدر سڏجي ٿو. مطلب ته مصدر اصل اسم آهي، تنهن ڪري ان کي عام طرح ″اسم مصدر″ سڏبو آهي.

(1) پڙهڻ چڱو آهي.          ″پڙهڻ″ اسم.

(2) مان ترڻ سکيس.  ″ترڻ″ اسم.

اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ مصدر عام طرح اسم ٿي ڪم اچن ٿا.

119- مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته فعل جي ڌاتوءَ جي پٺيان ″اَڻ″ يا ″اِڻ″ پڇاڙي گڏڻ سان مصدر ٺهي ٿو. مثلاً:

هلڻ = هل+ اَڻ. ڌاتو ″هل″ جنهن مان هلت، هلڻي، هلائڻ، هلندو، هليو ۽ هليل لفظ ٺهيا آهن.

کائڻ = کا+ اِڻ. ڌاتو ″کا″ جنهن مان کارائڻ، کائيندو ۽ کائڻي (پيڻي) لفظ ٺهيا آهن.

مطلب ته مصدر، خود ڌاتوءَ مان ٺهيل آهي.

(الف) مارڻ - مارجڻ، گهٽڻ - گهٽجڻ، پورڻ - پورجڻ.

اهڙيءَ طرح مجهول فعلن جوڙڻ لاءِ ″جه″ جو اچار بدلائي وجهجي ٿو. يعني ″جڻ″ پڇاڙي گڏجي ٿي.

آءٌ ماريان ٿو.           ″ماريان″ معروف.

آءٌ مارجان ٿو.          ″مارجان″ مجهول.

″جڻ″ پڇاڙي سڀ ڪنهن فعل جي پٺيان نه گڏبي آهي. جيئن هيٺ ڏيکارجي ٿو.

120- سنڌيءَ ۾ ڪيترا فعل آهن جي مجهول صورت وارا آهن ۽ انهن ساڳين فعلن جي ڌاتن مان معروف صورت وارا فعل اسان وٽ موجود آهن. اهي مجهول فعل اڪثر لازمي آهن ۽ معروف فعل اڪثر متعدي آهن. تنهن ڪري هيٺ انهن کي لازمي ۽ متعدي ڪري ڄاڻائجي ٿو:

لازمي          متعدي                لازمي          متعدي

اُجهامڻ        اُجهامڻ                اُڏامڻ           اُڏائڻ

اُکلڻ           اُکيلڻ                  ٻجهڻ          ٻڌڻ

ڦاٽڻ           ڦاڙڻ                    ڦٽڻ            ڦوڙڻ

جڙڻ            جوڙڻ                   ڄمڻ           ڄڻڻ

ڌوپڻ           ڌوئڻ                   ڏلڻ            ڏولڻ

ڏڀڻ            ڏهڻ                    ڊهڻ            ڊاهڻ

کامڻ           کانئڻ                  کڙڻ            کوڙڻ

گسڻ           گـَـهـَـڻَ                  لهڻ            لاهڻ

لڀڻ            لهڻ                    مڙڻ            موڙڻ

″باهه اُجهامجي ويئي″ نه چئبو، پر چئبو ته: ″باهه اجهامي ويئي.″، ″مون کان لغڙ نٿو اُڏامجي″ نه چئبو پر چئبو ته ″مون کان لغڙ نٿو اُڏامي.″ ″مون کان ڪتاب نٿو لڀجي″ نه چئبو پر چئبو ته ″مون کان ڪتاب نٿو لڀي.″ هاڻ ياد ڪريو ته مٿي جن فعلن کي لازمي سڏيو اٿئون، تن ۾ مجهول صورت جي نشاني ″ج″ گڏڻ غلط آهي. اهي اڳيئي مجهول صورت وارا فعل آهن، تنهن ڪري ″ج″ گڏي انهن کي ٻيو ڀيرو مجهول ڪرڻ بيهودي ڳالهه آهي.

اشارو: ڪي ″لڀجڻ″ وغيره لفظ ڪم آڻين ٿا، تنهن ڪري پاڙهيندڙن جو هن غلطيءَ ڏي ڌيان ڇڪائجي ٿو.

اَمر

121- اَڙي، اُٿ. هيڏانهن اچ. پاڻي پيار. هاڻ ماٺ ڪر. ″اُٿ″، ″اچ″، ″پيار″ ۽ ″ڪر″ لفظ فعل آهن. اهڙا فعل اڪثر حڪم ڏيڻ مهل ڪم آڻبا آهن تنهن ڪري انهن کي ″امر″ چئجي ٿو. اَمر معنيٰ حڪم.

ڌڻي! اسان تي ٻاجهه ڪر. سائين! مون تي ٿورا لاءِ. اهڙيءَ طرح منٿ يا نيزاريءَ ڪرڻ مهل به ″ڪر″ ″لاءِ″ ۽ ٻيا اهڙا ″امر″ ڪم آڻجن ٿا.

122- امر نيازي

کاءُ، کائج. ڳالهاءِ، ڳالهائج. اهي سڀ امر آهن. انهن ٻن قسمن جي لفظن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ نموني لاءِ ″ڪر″ ۽ ″ڪج″ جي وچ ۾ تفاوت ڄاڻائجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کي چئبو ″ڪر″ ته اهو ڄڻ ته حڪم ڪيوسين. جيڪڏهن ڪنهن کي چئبو ″ڪج″ ته اهو وڌيڪ شان ڀريو ڳالهائڻ آهي تنهن ڪري ان جي هيءَ معنيٰ آهي ته: ″مهرباني يا ڀلائي ڪري ڪج.″ پر اها معنيٰ سڀ ڪنهن هنڌ نه وٺبي. مثلا: پيءُ جيڪڏهن پنهنجي پٽ کي چوندو ته: ″هي ڪم ڪج″ ته ان جي اها معنيٰ نه وٺبي ته مهرباني ڪري ڪج. پر ان جي معنيٰ ٿيندي ته يادگيري ڪري ڪج. اهڙي طرح ″ڪج″ لفظ مان يادگيري يا آئيندي جي تاڪيد جي معنيٰ نڪري ٿي ۽ ساڳئي وقت چوندڙ جي دل جي تمنا يا خواهش ظاهر ٿئي ٿي. ″ڪج″ ۽ ٻين اهڙن لفظن مان تمنا جي معنيٰ ته گهڻو ڪري سڀ ڪنهن حالت ۾ ظاهر ٿئي ٿي تنهن ڪري اهڙن لفظن کي امر تمنا سڏي سگهجي ٿو پر اهو اصل عزت يا نياز جو ڳالهاءُ آهي، تنهن ڪري ″ڪج″ ۽ ٻين اهڙن لفظن کي انگريزي ۾ ″Precative″ يعني ″امر نيازي″ سڏجي ٿو. مطلب ته ″ڪر″ امر (Imperative) آهي ۽ ڪج امر نيازي ″Precative″ آهي.(1)

123- امر نفي

هيءُ ڪم نه ڪر. هي ڪم نه ڪج.

ڪر ۽ ڪج لفظ امر آهن. انهن جي اڳيان ″نه″ وجهڻ ڪري ناڪار جي معنيٰ نڪري ٿي. اهڙيءَ طرح ڪنهن امر جي اڳيان ڪو ناڪار جو لفظ وجهبو ته ″امر نهي″ يا ″نفي″ سڏبو.

124- امر جوڙڻ جون واٽون

        اچڻ مان        امر واحد، اچ.   ″اَ″ پڇاڙي.

        مارڻ مان       امر واحد، مار.  ″اِ″ پڇاڙي.

سڀ ڪنهن امر واحد جي پڇاڙيءَ ۾ ″اَ″ يا ″اِ″ جو اُچار آهي، اهو ڪڍبو ته باقي فعل جو ڌاتو بچندو. ڌاتوءَ جي پٺيان ″اَ″ يا ″اِ″ گڏڻ سان امر واحد جڙي ٿو.

اشارو: ڏيڻ، ڏي.نيڻ، ني. بيقاعدي ٺهيل آمر آهن.

(الف) اچ، جمع اچو. مار، جمع ماريو. ″او″ پڇاڙي امر واحد جي جمع جوڙڻ لاءِ ″او″ پڇاڙي ڪم اچي ٿي.

اشارو: ڳالهاءِ + او = ڳالهايو. ″ءِ″+ ″او″ = ″يو″

(ب) لهڻ، لهج. شعر ۾ ″لهيج″ ۽ ″لهيجا″ به چئبو آهي. (ڌاتو ″لهه″). ڌاتوءَ جي پٺيان ″اِج″ (ايج، ايجا) پڇاڙي(2) گڏڻ سان ″امر نيازي″ يا ″امر تمنا″ ٺهي ٿو. لهج، جمع لهجو. هتي به جمع ۾ ساڳي ″او″ پڇاڙي ڪم اچي ٿي.

(ٻ): امر جي اڳيان نه، ڪين يا ٻئي انڪاري لفظ آڻڻ سان ″امر نفي″ جڙي ٿو.

125-  باب ٻارهون - ″اسم مشتق يا ڪردنت″

هو اڄ ايندو ۽ سڀاڻ ويندو. ايندو ۽ ويندو فعل. ايندو سڀ ڪو ڏسي، ويندو ڪوئي نه ڏسي. ايندو ۽ ويندو اسم. ايندڙ وقت جي ڳالهه ڪر. ″ايندڙ″ صفت. مطلب ته هن قسم جا لفظ جي فعلن مان ٺهيل آهن ۽ فعل توڙي اسم يا صفت ٿي ڪم اچن ٿا، تن کي چئبو آهي اسم مشتق. شق، معنيٰ چيرڻ. اسم مشتق اهي لفظ آهن جي فعلن جي ڌاتوءَ يا بنياد مان چيرجي نڪرن ٿا يا جڙن ٿا. سنسڪرت ۾ انهن کي ″ڪردنت″ ۽ انگريزيءَ ۾ ″پارٽيسپل″ چئبو آهي.

اشارو: اسم مشتق (ڪردنت) ڳالهائڻ جي لفظن ۾ شمار ٿيل نه آهي ڇو ته جڏهن اهي فعل ٿي ڪم اچن ٿا، تڏهن فعل ۽ جڏهن اسم يا صفت ٿي ڪم اچن ٿا، تڏهن اسم يا صفت ليکجن.

126- ″اسم حاليه″

هو باغ گهمندو گهر موٽيو. هن جي معنيٰ ته باغ گهمڻ جو ڪم ڪندو، ٻئي ڪم (موٽڻ) کي لڳو. هتي ″گهمندو″ ″اسم حاليه″ آهي.

آءٌ سڀاڻي تو وٽان ٿيندو ويندس. هتي ″ٿيندو″ اسم حاليه آهي جو ڏيکاري ٿو ته هڪڙي ڪم هلندي يا جاري رهندي، ٻيو ڪم ٿيندو.

جيڪي لفظ فعلن جي ڌاتن مان ٺهيل آهن ۽ اسم سان لاڳو ٿي ڏيکارين ٿا ته اهو ماڻهو وغيره ڪو ڪم ڪندي ٻئي ڪم کي لڳو، تن کي ″اسم حاليه″ چون ٿا.

″اسم حاليه″ ڪنهن جاري رهندڙ ڪم جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.

127- گهمندو= گهم + آندو. ماريندو= مار + ايندو. مطلب ته فعل جي ڌاتوءَ پٺيان ″آندو″ يا ″اِندو″ پڇاڙي گڏڻ سان ″اسم حاليه″ ٺهي ٿو.

گهمندي گهمندي اتي ويس. لنگهندي ڏٺو مانس. اهڙيءَ طرح پڇاڙيءَ ۾ ″او″ بدران ″اي″ به ڪم ايندو آهي.

اشارو: اچڻ مان ايندو، وڃڻ مان ويندو ۽ ڪرڻ مان ڪندو. اهڙيءَ طرح ڪي لفظ بيقاعدي ٺهيل آهن.

128- ″مجهول فعلن جو اسم حاليه″

 ″پينگهي ۾ لڏبو آهي.″ مٿي چيو ويو آهي ته: ″لڏبو آهي″ اڪر ترڪ فعل آهي ۽ اهو فعل مجهول صورت وارو آهي. ″لڏڻ″ مان اسم حاليه معروف آهي ″لڏندو″ ۽ اسم حاليه مجهول آهي ″لڏبو″.

(الف) پينگهي ۾ لڏبو. (ايندڙ وقت ۾)

اسم حاليه، جڏهن هيءَ مجهول صورت وٺي ٿو، تڏهن ان مان ايندڙ وقت جي معنيٰ نڪري ٿي.

129- لڏبو= لڏ + اِبو. ڏسبو= ڏس + اِبو.

ڌاتوءَ جي پٺيان ″اِبو″ گڏڻ سان اسم حاليه مجهول ٺهي ٿو.

(2) اسم مفعول

130- مون داءُ کٽيو.                           کٽيو - فعل

کٽيو تنهنجو گهوريو.                 کٽيو - اسم

کٽيل داءُ ڪير موٽائي ڏيندو؟                 کٽيل - صفت

پهرئين مثال ۾ ″کٽيو″ لفظ ڄاڻائي ٿو ته داءُ کٽڻ جو ڪم پورو ٿي چڪو. اهو ساڳيو ″کٽيو″ لفظ جنهن جو ″کٽڻ″ مصدر آهي، سو اسم توڙي صفت ٿي ڪم اچي ٿو. هن قسم جي ″ڪردنت″ کي چئبو آهي ″اسم مفعول.″

131- اهو ڪردنت جو ڄاڻائي ته فعل وارو ڪم پورو ٿي چڪو، تنهن کي ″اسم مفعول″ چئبو آهي.

132-  مصدر          اسم مفعول            مصدر          اسم مفعول

        هلڻ            هليو= هل + يو                مارڻ           ماريو= مار+ يو

        لڪڻ           لڪو= لڪ + او               ڦاٽڻ           ڦاٽو= ڦاٽ + او

ڌاتوءَ جي پٺيان ″او″، ″يو″ يا ″اِيو″ گڏڻ سان اسم مفعول ٺهي ٿو. ڦاٽڻ مان ڦاٽو يا ڦاٽل ۽ لکڻ مان لکيو يا لکيل. اهڙيءَ طرح ڌاتوءَ جي پٺيان ″اَل″ يا ″يل″ پڇاڙيءَ گڏڻ سان به اسم مفعول ٺهي ٿو.

لکيل خط. کليل خط. پٽيل دروازو. اهڙيءَ طرح اهي لفظ صفت ٿي ڪم اچن ٿا.

(الف) منهنجو سڱ سرتيون! ڀلي ڪيچ ٿيڙو

        پياري پنهل سان منهنجو پيچ پيڙو

″ٿيو″ بدران ″ٿيڙو″ ۽ ″پيو″ بدران ″پيڙو″. اهڙيءَ طرح شعر ۾ اسم مفعول جي پٺيان ″ڙو″ پڇاڙي گڏبي آهي.

(ب) ڏسڻ، ڏٺل، ڏٺو. ڦاسڻ، ڦاٿل، ڦاٿو. لنبڻ، لتل يا لتو. اهڙيءَ طرح ڪيترا اسم مفعول بيقاعدي ٺهيل آهن تنهن ڪري اهي ″بيقاعدي فعل″ سڏجن ٿا. لکڻ مان لکيل يا لکيو ۽ کلڻ مان کليل يا کليو باقاعدي ٺهيل آهن. تنهن ڪري اهي باقاعدي فعل سڏجن ٿا.

(3) ″اسم استقبال″

133-  (1) رام ڪراچيءَ وڃڻو آهي.

        (2) رام کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي.

هنن ٻنهي جملن مان ساڳيو مطلب نڪري ٿو، پر حقيقت ۾ انهن منجهه گهڻو تفاوت آهي. پهرئين جملي ۾ ″وڃڻو″ معنيٰ وڃڻ وارو. هتي ″وڃڻو″ لفظ صفت آهي ۽ اسم ″رام″ سان لاڳو ٿئي ٿو. اسين سکيا آهيون ته صفت جنهن اسم سان لاڳو ٿئي ٿي، تنهن پٽاندڙ عدد ۽ جنس ۾ مٽجي ٿي. هتي به ائين آهي.

رام ڪراچيءَ وڃڻو آهي.                      رامَ ڪراچيءَ وڃڻا آهن.

رامي ڪراچيءَ وڃڻي آهي.                    راميون ڪراچيءَ وڃڻيون آهن.

ٻي ڳالهه ته پهريائين جملي ۾ ″رام″ فاعل آهي ۽ ان جي حالت فاعلي آهي. ٻئي جملي ۾ ″رام″ پٺيان ″کي″ حرف جر آيو آهي، تنهن ڪري ″رام″ جي حالت جري آهي. رام کي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي، سو آهي ″وڃڻو″ يعني وڃڻ جو ڪم. ٻئي جملي ۾ ″وڃڻو″ اسم آهي ۽ فعل ″آهي″ جو فاعل ″وڃڻو″ آهي (نه ″رام″) مطلب ته پهرئين جملي ۾ وڃڻو صفت آهي ۽ ٻئي ۾ اسم آهي. پهرئين جملي ۾ فاعل ″رام″ آهي ۽ ٻئي جملي ۾ فاعل ″وڃڻو″ آهي. اهو آهي ٻنهي جملن جي وچ ۾ تفاوت.

(الف) رام ڪراچيءَ وڃڻو آهي. (ايندڙ وقت ۾)

″وڃڻو″ لفظ فعل جي ڌاتوءَ ″وڃ″ مان ٺهيو آهي ۽ ايندڙ وقت جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.

اهڙا لفظ جي فعلن جي ڌاتن مان ٺهيل هجن ۽ صفت توڙي اسم ٿي ڪم اچن ۽ ڏيکارين ته ڪم ايندڙ وقت ۾ ٿيڻو آهي، تن کي ″اسم استقبال″ چئجي ٿو.

134- مصدر           امر واحد                اسم استقبال

پيئڻ                   پي             پيئڻو= پي + اَڻو

کائڻ                   کاءُ             کائڻو= کا + اِڻو

مطلب ته ڌاتوءَ جي پٺيان ″اَڻو″ يا ″اِڻو″ پڇاڙي گڏڻ سان اسم استقبال ٺهي ٿو.

(4) ماضي معطوفي

135- اُستاد شاگرد کي پاڙهيو.

اُستاد پنهنجي گهر ويو.

هيءُ ٻئي ڳالهيون گڏي چئبو ته ″اُستاد شاگرد کي پاڙهي، پنهنجي گهر ويو.″ هتي رڳو ″پاڙهيو″ لفظ جو اُچار ڦيرائي ″پاڙهي″ ڪيو اٿئون ته ٻن جملن مان هڪ يڪو جملو ٺهيو آهي ۽ ساڳئي وقت ″پاڙهي″ لفظ ڏيکاري ٿو ته اُستاد پاڙهڻ جو ڪم پورو ڪري، پوءِ ٻئي ڪم کي (گهر وڃڻ جي ڪم کي) لڳو. هتي ″پاڙهي″ لفظ ماضي معطوفي آهي. عربيءَ ۾ ″عطف″ معنيٰ ڳنڍ يا ميلاپ. ″ماضي معطوفي″ معنيٰ ماضي ميلاپي يا ڳنڍيندڙ ماضي، جو ڳنڍيل ڪم جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.

اهو ڪردنت جو ٻن جملن کي ڳنڍي، هڪ ڪري ٿو ۽ فاعل سان لاڳو ٿي ڏيکاري ٿو ته فاعل هڪ ڪم پورو ڪري، پوءِ ٻئي ڪم کي لڳو (لڳي ٿو). تنهن کي ″ماضي معطوفي″ چئبو آهي.

136- ڪئا اچي، ڪپڙا ٽڪي، چٽ ڪري، وڃن ٿا.

ڪئا اچيو، ڪپڙا ٽڪيو، چٽ ڪيو، وڃن ٿا.

اچي، ٽڪي ۽ ڪري، ماضي معطوفي آهن.

اچيو، ٽڪيو ۽ ڪيو به ماضي معطوفي آهن.

″ڪرڻ″ مان ″ڪيو″ لفظ بيقاعدي ٺهيو آهي. باقي ٻيا باقاعدي ٺهيل آهن جيئن هيٺ ڏيکارجي ٿو:

اَچي= اَچ + اِي                ٽڪي= ٽڪ + اي

اَچيو= اَچ + يو         ٽڪيو= ٽڪ + يو

مطلب ته ڌاتوءَ جي پٺيان اِي، اي يا يو، اِيو پڇاڙين گڏڻ سان ″ماضي معطوفي″ ٺهي ٿي.

ڪئا اچي ڪري ڪپڙا ٽڪي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح ماضي معطوفيءَ جي پٺيان ″ڪري″ لفظ گڏڻ جو به رواج آهي. ″ٽڪيو″ بدران ″ٽڪيـُـون″ به چوندا آهن.

ڪردنتن بابت مشق جا سوال

137- هيٺين مثالن مان اسم مشتق (ڪردنت) چونڊيـو ۽ ٻڌايو ته هر هڪ ڪهڙي قسم جو ڪردنت آهـي؟

(1) هن کي اصل پڙهڻو ڪونهي.

(2) جو نه پڙهندو، سو ڌڪا کائيندو.

(3) اسان کي جيڪي چوڻو هو، سو چيوسين.

(4) آءٌ هن جون ڪيتريون ڳالهيون ڳڻي ڪيتريون ڳڻيان؟

(5) هيتري چوڻ کان پوءِ به هو وڃيو خراب ڪم ڪري.

(5) ″اسم فاعل″

138- ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙ جي پٺ ۾. (پهاڪو) هتي ″ڀڄندڙن″ ۽ ″لڪندڙن″ لفظ اسم آهن. اهي ″ڀڄڻ″ ۽ ″لڪڻ″ فعلن مان ٺهيا آهن ۽ ″فاعل″ يعني ڪم ڪندڙ جي معنيٰ ڏيکارين ٿا، تنهن ڪري اسم فاعل سڏجن ٿا. مطلب ته ″اسم فاعل″ ڪم ڪندڙن کي چون ٿا.

139- ڪرندڙ تارا ڪڏهن ڪڏهن زمين تان لڀندا آهن. هتي ″ڪرندڙ″ لفظ صفت آهي.

ڪراچيءَ جي وڻندڙ هوا مون کي وسرڻ جي نه آهي. هتي ″وڻندڙ″ صفت آهي. اهڙيءَ طرح اهي لفظ صفت به ٿي ڪم اچن ٿا.

140- هيٺين مثالن مان اسم فاعل چونڊيو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙا اسم ۽ ڪهڙا صفت ٿي ڪم آيا آهن؟

(1) ميهار، درياهه جي پار رهندڙ هو.

(2) سهڻي، وهندڙ درياهه تري پار ويندي هئي.

(3) سهڻي ٻڏي ته واگهو ۽ ٻيا ڦاڙيندڙ جانور اچي لڳس.

(4) هن ٻڏندڙ جي مدد ڪرڻ وارو ڪو ڪونه هو.

(5) هن جو احوال، دل کي گهائيندڙ آهي.

(6) شاعرن سهڻيءَ بابت نهايت وڻندڙ بيت چيا آهن.

اسم فاعل جوڙڻ جون واٽون

141- لکڻ مان اسم حاليه ″لکندو″ پر اسم فاعل ″لکندڙ″. مطلب ته اسم فاعل جي صورت گهڻي قدر اسم حاليه جهڙي آهي. تفاوت هيءُ آهي ته ڌاتوءَ جي پٺيان ″اَندو″ ″اِندو″ پڇاڙيءَ گڏڻ سان اسم حاليه ٺهي ٿو ۽ اسم فاعل جوڙڻ لاءِ ″دڙ″ پڇاڙي ڪم اچي ٿي. هن قسم جا اسم فاعل، ڌاتوءَ سان ٺهيل آهن.

(الف) هلڻ هار يا هلڻ وارو، معنيٰ وڃڻ وارو. اپائڻهار معنيٰ اپائڻ وارو يا اپائيندڙ.

اهڙيءَ طرح مصدر جي پٺيان ″هار″ يا ″وارو″ لفظ گڏ آڻڻ سان به ″اسم فاعل″ ٺهن ٿا.

اشارو: ڪرتار، ڏاتار، دربان، نگهبان، خزانچي، سوداگر، جادوگر ۽ پيلوان ″اسم فاعل″ آهن پر سنڌيءَ ۾ عام طرح انهن کي اسم سڏبو آهي.

142-  باب تيرهون - ″زمان″

        آءٌ خط لکان ٿو.                       هلندڙ وقت ۾.

        مون خط لکيو.                گذريل وقت ۾.

        هو خط لکندو.                 ايندڙ وقت ۾.

″لکان″، ″لکيو″ ۽ ″لکندو″، انهن ٽنهي جو مقصد آهي ″لکڻ″ ۽ اهي ٽن جدا جدا وقتن جي معنيٰ ڏيکارين ٿا.

(1) آءٌ آهيان.                  (2) آءٌ هوس.                  (3) آءٌ هوندس.

″آهيان″، ″هوس″ ۽ ″هوندس″، انهن ٽنهي جو مصدر آهي ″هئڻ″ ۽ اهي ٽن جدا جدا وقتن جي معنيٰ ڏيکارين ٿا. اهڙيءَ طرح سڀ ڪنهن، فعل مان مٿين ٽن وقتن جي معنيٰ ظاهر ٿي سگهي ٿي.

″وقت″ لاءِ گرامر ۾ ٺهرايل لفظ ″زمان″. ″زمان″ معنيٰ: ″وقت″. انهن ٽن مکيـه زمانن جـا نالا هيٺيان آهن:

(1) زمان حال يعني هلندڙ وقت. مثال: لکان ٿو، پڙهان ٿو.

(2) زمان ماضي، يعني گذريل وقت. مثال: لکيو، پڙهيو.

(3) زمان مستقبل، يعني ايندڙ وقت. مثال: لکندو، پڙهندو.

143- آءٌ لکندس. هتي ″لکندس″ لفظ ٻه ڳالهايون ڄاڻائي ٿو.

(1) وقت، ته لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ ٿيندو.

(2) ڪم جي حالت ته لکڻ جو ڪم شروع ئي ڪونه ٿيو آهي، پر اڃا هن کان پوءِ ٿيندو. اهڙيءَ طرح هر هڪ زمان ٻه ڳالهيون ڄاڻائي ٿو:

(1) ڪم جو وقت، ته حال آهي، يا ماضي آهي يا مستقبل آهي؟

(2) ڪم جي حالت، ته ڪو ڪم ٿئي ٿو يا ٿيو يا اڃا هن کان پوءِ ٿيڻو آهي؟

144- هيٺين جملن جي فعلن جا زمان ٻڌايو:

(1) هـُـن مائٽن جو چيو مڃيو.

(2) جيڪو بي ادب ٿيندو، سو انسان نه ليکبو.

(3) وڏن کي عزت ڏيڻ، سو پاڻ کي عزت ڏيڻ آهي.

(4) مائٽن کي عزت ڏي، ته توکي عزت ملي.

(5) جن مائٽن جي دعا کٽي، سي بختاور چئبا.

(6) ڌڻي ڪندو ته سدائين مائٽن جي چوڻ تي هلندس.

145- ″زمان مضارع″

دل ٿي چويم ته ڪراچيءَ وڃان.

″وڃان″ معنيٰ هينئر يا پوءِ وڃان. (ايندڙ وقت ۾)

اهڙيءَ طرح پنهنجيءَ دل جي ڪنهن خواهش ظاهر ڪرڻ لاءِ وڃان، هلان ۽ ٻيا اهڙا لفظ ڪم آڻبا ته انهن مان هلندڙ توڙي ايندڙ وقت جي معنيٰ نڪرندي.

جنهن زمان مان هلندڙ توڙي ايندڙ وقت جي معنيٰ نڪري، تنهن کي ″زمان مضارع″ چئبو آهي.

″مضارع″ معنيٰ ٻن جو پاڻ ۾ شريڪ يا ڀائيوار ٿيڻ. هيءُ زمان، حال توڙي مستقبل جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ ۾ شريڪ ٿئي ٿو. يعني ٻنهي زمانن جي منجهانئس معنيٰ نڪري ٿي، تنهن ڪـري مٿس اهـو نالـو رکيـو اٿـن.

146- (1) نانءُ چڙهيو واپاري کٽيو کائي، نانءُ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي. (پهاڪو) هتي ″کائي″ معنيٰ کائي ٿو ۽ ″چڙهي″ معنيٰ چڙهي ٿو. (زمان حال)

(2) سوري سينگار، اصل عاشقن کي. (شاهه)

هتي ″سينگار″ معنيٰ ″سينگار ٿي″ (زمان حال) پهاڪن ۽ شعر ۾ زمان مضارع پوريءَ پوريءَ ريت رڳو زمان حال جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.

(3) ڪو چوي ته رات مينهن پيو ۽ ڪو چوي ته ڪونه پيو. هتي ″چوي″ معنيٰ ″چوي ٿو″ (زمان حال).

اهڙيءَ طرح بعضي رواجي ڳالهه ٻولهه ۾ به مضارع رڳو زمان حال جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿو، تنهن ڪري چئبو ته هي زمان ″زمان حال″ جو هڪ قسم آهي.

147- ″زمان مضارع جو گردان يا ڦيرو″

                واحد                            جمع

        آءٌ هلان (هل + اَن)                     اسين هلون (هل + اَون)

        تون هلين (هل + اين)         توهين هلو (هل + او)

        هو هلي (هل + اي)                    اُهي هلن (هل + اَن)

مطلب ته فعل جي ڌاتوءَ پٺيان مٿين پڇاڙين (اَن، اون وغيره) گڏڻ سان زمان مضارع ٺهي ٿو.

 148 - ″زمان حال ۽ ان جا قسم″

(1) آءٌ لکان ٿو.

(2) آءٌ لکان پيو.

(3) آءٌ لکندو آهيان.

(4) آءٌ لکندو هوس.

هنن چئني فعلن مان هلندڙ وقت ۾ لکڻ جي ڪم ٿيڻ جي معنيٰ نڪري ٿي، پر هر هڪ فعل هلندڙ وقت جو جدا جدا قسم ڏيکاري ٿو، تنهن ڪري هر هڪ قسم تي ڌار ڌار نالو رکيل آهي:

(1) آءٌ لکان ٿو. هن جي معنيٰ ته لکڻ جو ڪم شروع ٿيو آهي يا هينئر شروع ٿيڻو آهي. هيءُ ″زمان حال″ سڏجي ٿو.

″زمان حال″ اهو آهي جو هلندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم ٿيڻ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.

(2) جيڪڏهن ″آءٌ لکان ٿو″ جي بدران چئبو ″آءٌ لکان پيو″ ته ان جي معنيٰ ٿيندي ته لکڻ جو ڪم ڪيتري وقت کان جاري آهي ۽ هينئر به هلي پيو. هن کي ″زمان حال استمراري″ چئبو آهي. استمراري معنيٰ جاري.

هيءُ زمان ڏيکاري ٿو ته شروع ٿيل ڪم اڃا هلندو اچي، يعني جنهن وقت جي ڳالهه ڪجي ٿي، تنهن وقت به جاري يا چالو آهي.

(3) آءٌ لکندو آهيان. هن جي معنيٰ ته نه رڳو هينئر، پر اڳي به هميشه لکندو آهيان. هن کي ″زمان حال مدامي″ چئبو آهي. مدامي يعني دائمي يا هميشه. هن زمان تي اهو نالو هن ڪري رکيو اٿن جو هن مان ڪنهن ڪم جي دائمي يا هميشه ٿيڻ جي معنيٰ نڪري ٿي.

هيءُ زمان گذريل ۽ هلندڙ وقت گڏي ڏيکاري ٿو ۽ ائين ڄاڻائي ٿو ته ڪو ڪم گذريل وقت کان چالو آهي ۽ اڃا پيو ٿئي يا هميشه ٿيندو آهي.

(1) اُٺ جو پڇ ننڍو ٿئي ٿو. ″ٿئي ٿو″ زمان حال.

(2) اُٺ جو پڇ ننڍو ٿيندو آهي. ″ٿيندو آهي″ زمان حال مدامي.

اهڙيءَ طرح حقيقتن ڄاڻائڻ مهل ″زمان حال″ جي بدران ″زمان حال مدامي″ عام طرح ڪم آڻبو آهي.

(4) آءٌ لکندو هوندس. آءٌ لکندو هئان (هجان). هتي پڪ سان نه، پر شڪي ڳالهه ڪجي ٿي تنهن ڪري ″لکندو هوندس″، ″لکندو هئان″ ۽ ″لکندو هجان″، ″زمان حال متشڪي″ آهن. متشڪي معنيٰ جنهن ۾ شڪ هجي.

هيءُ زمان هلندڙ وقت جي ڪم بابت شڪ ڏيکاري ٿو. يعني هن زمان ۾ پڪ سان چئي نه سگهبو آهي ته ڪم ٿئي ٿو يا نه؟

149- هيٺين جملن مان ″زمان حال″ چونڊيو ۽ ٻڌايو ته هر هڪ ڪهڙي قسم جو زمان حال آهي:

(1) ٿر ۾ ڪيترا غريب ماڻهو رهن ٿا.

(2) ڪي ڄاڻي واڻي پنهنجن ٻارن کي بکون ڪڍائين ٿا.

(3) ٻار بکن ڪڍڻ تي هرن ٿا، تنهن ڪري ڏڪار ۾ ڪو وقت بک سهي سگهندا آهن.

(4) ننڍا ٻار ٻه ٻه ڏينهن نه کائن، سا ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه آهي.

(5) آءٌ چوان ته ٿر ۾ شل ڏڪار اصل نه پوي.

150- ″زمان ماضي ۽ ان جا قسم″

(1) مون لکيو.

(2) مون لکيو پئي يا لکيو ٿي.

(3) مان لکندو هوس.

(4) مون لکيو آهي.

(5) مون لکيو هو.

(6) مان لکان ها.

(7) مون لکيو هوندو.

هنن ستن ئي فعلن مان گذريل وقت ۾ لکڻ جي ڪم ٿيڻ جي معنيٰ نڪري ٿي، پر هر هڪ فعل گذريل وقت جو جدا جدا قسم ڏيکاري ٿو، تنهن ڪري هر هڪ قسم تي ڌار ڌار نالو رکيل آهي.

(1) مون لکيو. هتي فعل ″لکيو″ ڏيکاري ٿو ته لکڻ جو ڪم پورو ٿي چڪو. هن کي ″زمان ماضي مطلق″ چون ٿا. زمان ماضي مطلق معنيٰ بنهه گذريل وقت. ″مطلق″ معنيٰ بنهه.

هيءُ زمان اهو وقت ڏيکاري ٿو جو بنهه گذري ويو هجي ۽ جنهن ۾ ڪم ٿي چڪو هجي.

(2) مون لکيو پئي. فعل ″لکيو پئي″ ڏيکاري ٿو ته لکڻ جو ڪم گذريل وقت ۾ پورو ٿي نه چڪو هو، پر جاري هو. هن کي ″زمان ماضي استمراري″ چون ٿا. استمراري معنيٰ چالو يا جاري.

هيءُ زمان ڏيکاري ٿو ته گذريل وقت ۾ ڪو ڪم جاري هو يا هليو پئي.

اشارو(1): ″لکيو ٿي″ به زمان ماضي استمراري آهي. ″لکيو ٿي″ ۽ ″لکيو پئي″ ۾ هيءُ تفاوت آهي:

″لکيو ٿي″ ڏيکاري ٿو ته گذريل وقت ۾ لکڻ جو ڪم اڃا شروع ٿي ٿيو.

″لکيو پئي″ ڏيکاري ٿو ته گذريل وقت ۾ لکڻ جو ڪم شروع ٿيو هو ۽ هليو پئي.

اشارو(2): گلاب خط لکي سگهيو ٿي. ″سگهيو ٿي″ مان ڪم جي جاري رهڻ جي معنيٰ ڪانه ٿي نڪري، پر ″ٿي″ لفظ ڪم آيو آهي، تنهن ڪري اهو به ″زمان ماضي استمراري″ جي دفعي ۾ ليکبو آهي.

(3) مان لکندو هوس يا پيو لکندو هوس. هن جي معنيٰ ته آءٌ هميشه لکندو هوس. هن مان ڪنهن ڪم جي دائمي يا هميشه ٿيڻ جي معنيٰ نڪري ٿي تنهن ڪري انهيءَ فعل جو زمان چئبو ″زمان ماضي مدامي.″

هيءُ زمان گذريل وقت جي عادت، رواج يا ٻيو ڪو ساندهه يا وري وري ٿيندڙ ڪم ڏيکاريندو آهي.

اڳي جيڪو چوري ڪندو هو، تنهن جا هٿ وڍيندا هئا. اهڙيءَ طرح هن زمان ۾ فعل وارو ڪم، اڪثر گذريل وقت جي ٻئي ڪنهن ڪنهن ڪم سان لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي.

(4) مون لکيو آهي. فعل ″لکيو آهي″ ڏيکاري ٿو ته لکڻ جو ڪم تازو يا ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو آهي. هن کي ″زمان ماضي قريب″ چون ٿا. قريب معنيٰ ويجهو.

هيءُ زمان ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن ڪم جي پوري ٿي وڃڻ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.

(5) مون خط لکيو هو. فعل ″لکيو هو″ ڏيکاري ٿو ته لکڻ جو ڪم ڳچ وقت اڳي پورو ٿي ويو هو، تنهن ڪري هن فعل جو زمان آهي ″زمان ماضي بعيد″. ″بعد″ معنيٰ پوءِ ۽ ″بعيد″ معنيٰ پوئتي يا پري.

مثلاً: هو آيو، تنهن کان اڳ مون نانگ ماريو هو.

(6) مان لکان ها، جي تون مون کي لکڻ ڏين ها. هتي گذريل وقت جي ڳالهه آهي، پر انهيءَ ۾ شرط پيل آهي. تنهن ڪري ″لکان ها″ ۽ ″ڏين ها″، ″زمان ماضي شرطيه″ آهن. ″شرطيه″ معنيٰ شرط وارو يعني جنهن ۾ شرط پيل هجي.

زمان ماضي شرطيه ڏيکاري ٿو ته ڪو ڪم گذريل وقت ۾ ڪنهن شرط پوري ٿيڻ تي ٿئي ها.

(7) مون لکيو هوندو. مون لکيو هـُـئي (هجي). هتي گذريل وقت جي ڳالهه، شڪي نموني ۾ ڪجي ٿي تنهن ڪري ″لکيو هوندو″، ″لکيو هـُـئي″ ۽ ″لکيو هجي″ جي زمان کي ″زمان ماضي متشڪي″ چئبو آهي.

هيءُ زمان گذريل وقت جي ڪم بابت شک ڏيکاري ٿو.

151- هيٺين جملن ۾ جن فعلن جو زمان ″ماضي″ هجي، سي چونڊيو ۽ ٻڌايو ته هر هڪ ڪهڙي قسم جو ماضي زمان آهي؟

(1) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ ڀـُـڄ تي ڪاهيو.

(2) هن ڪڇ جي راجا جي ڀيڻ سان پرڻجڻ چاهيو ٿي.

(3) راجا کي سندس وزير چيو ته مون غلام شاهه کي شاديءَ جو دلاسو ڏنو هو.

(4) وزير کي چيائين ته تو اهڙو انجام ڪيو هوندو.

(5) شاديءَ جي ڳالهه ٻڌڻ کان راجا نٽائيندو هو.

(6) راجا سان ٻيو ڪو اهڙي ڳالهه ڪري ڪين سگهي ها.

(7) راجا پنهنجي وزير کي زهر ڏيئي پورو ڪيو.

(8) ميان غلام شاهه ٻڌو ته وزير ماريو آهي ته هن جنگ ڪئي.

 

152- ″زمان مستقبل جا قسم″

        (1) آءٌ لکندس.

        (2) آءٌ پيو لکندس.

″لکندس″ زمان مستقبل آهي.

″زمان مستقبل″ اهو زمان آهي جنهن مان ايندڙ وقت جي معنيٰ نڪري ٿي.

(2) جيڪڏهن ″آءٌ لکندس″ جي بدران چئبو ته ″آءٌ پيو لکندس″ ته ان جي معنيٰ ٿيندي ته لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ ساندهه پيو ڪندس. هن کي ″زمان مستقبل استمراري″ چئبو آهي.

هيءُ زمان ڏيکاري ٿو ته فعل وارو ڪم، ايندڙ وقت ۾ ساندهه پيو ٿيندو يا جاري رهندو.

153- هيٺين جملن مان مستقبل ۽ مستقبل استمراري چونڊيو:

(1) جيڪو نه پڙهندو، سو ڌڪا پيا کائيندو.

(2) تون پڙهندين ته پاڻ کي ٿورو لائيندين.

(3) اڻ پڙهيا، پڙهيلن اڳيان ڀريون ڍوئيندا.

 

″زمانن جوڙڻ جون واٽون″

154- بنيادي زمان

(1) آءٌ لکان.                   ″لکان″                        زمان مضارع

(2) آءٌ لکان ٿو.                        ″لکان ٿو″                     زمان حال

(3) آءٌ لکان پيو.                       ″لکان پيو″            زمان حال استمراري

(4) آءٌ لکان ها.                        ″لکان ها″                     زمان ماضي شرطيه

مٿين سڀني زمانن ۾ ″لکان″ جو لفظ ڪم آيو آهي جو ″مضارع″ آهي. هاڻ چئبو ته:

(1) مضارع جي پٺيان ″ٿو″ (مؤنث: ٿي. مصدر: ٿيڻ) گڏڻ سان ″زمان حال″ ٺهي ٿو.

(2) مضارع جي پٺيان ″پيو″ (مؤنث: پيئي. مصدر پوڻ) گڏڻ سان ″زمان حال استمراري″ ٺهي ٿو.

(3) مضارع جي پٺيان ″ها″ (مصدر: ″هئڻ″) گڏڻ سان ″زمان ماضي شرطيه″ ٺهي ٿو.

مضارع خود فعل جي بنياد يعني ڌاتوءَ مان ٺهيل آهي، تنهن ڪري اهي بنيادي زمان (Radical Tenses) سڏجن ٿا.


(1) انگريزيءَ ۽ هاڻوڪي سنسڪرت ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾ رڳو فعل متعديءَ جون معروف ۽ مجهول صورتون ٿين ٿيون. فقط سنڌي ٻولي ئي آهي، جنهن ۾ لازمي فعل به اهي ٻئي صورتون وٺن ٿا. اهو نمونو بلڪل قديم سنسڪرت مان ورتل آهي.

(1) ڪي چون ته ڪر معنيٰ هينئر ڪر. (امر حال) ۽ ڪج معنيٰ پوءِ ڪج. (امر استقبال) اها وقت جي ڳالهه خيال ۾ رکي. هن طرح سمجهاڻي ڏيڻ غلط آهي. مثلاَ:

اسان جي سدا رب! وطن کي بچائج

هتي ائين چوڻ ئي بيوقوفي ٿيندي ته: بچاءِ معنيٰ هينئر بچاءِ ۽ بچائج معنيٰ پوءِ بچائج. (هينئر نه).

(2) اصل پراڪرت ٻوليءَ ۾ اڃا پڇاڙي آهي جا هندستانيءَ ۾ به ڪم اچي ٿي. مثلاَ: ديئو، ليئو امر Imperative ۽ ديجيي ليجيي امر نيازي (Precative) آهن. هندستانيءَ ۾ ج مٽي يه يا ءَ به ڪندا آهن. مثلاَ: آئيي، تشريف لائيي. هي باعزت جو ڳالهاءُ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org