سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:6 

باب چوٿون

جملن جي تفريق يا ڇيد

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته حرفن مان لفظ يا ڪلما ڪيئن ٿا جڙن ۽ لفظن مان جملا يا ڪلام ڪيئن ٿا ٺهن ۽ جملا ڪهڙن ڪهڙن قسمن جا ٿا ٿين؟ صرف ۾ ڏيکارجي ٿو ته لفظ ڪهڙيون صورتون وٺن ٿا ۽ ڪيئن ڦرن گهرن ٿا؟ انهن جي جدا جدا صورت معلوم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان انهن جي واسطي ڏيکارڻ کي ترڪيب چون ٿا. نحو ۾ ڏيکارجي ٿو ته لفظن مان جملا ڪيئن ٺهن ٿا ۽ لفظ ڪهڙي ترتيب سان بيهن ٿا؟ انهن جي جدا جدا پورين جاين مان معلوم ڪرڻ، هڪ ٻئي سان انهن جي واسطي ڏيکارڻ کي تفريق چون ٿا. تفريق کي ڇيد به سڏيندا آهن.

حقيقت ڪري ترڪيب جي لفظي معنيٰ آهي ڀاڱن مان سڄو ٺاهڻ يا مفرد ڀاڱن کي گڏي سڄي مرڪب شيءِ ٺاهڻ. ۽ تفريق جي معنيٰ آهي سڄي کي ڀڃي يا کولي ڀاڱا ڪرڻ، يا مرڪب مان ڦيرائي مفرد ڪرڻ. پر گرامر جي اصطلاح ۾ تفريق کي ترڪيب ٿا چون. اها ترڪيب ٽن قسمن جي آهي: سرسري ترڪيب، صرفي ترڪيب ۽ نحوي ترڪيب. سرسري يا سليس ترڪيب آهي ڪنهن به لفظ کي سڃاڻڻ ته اسم آهي يا فعل آهي يا حرف آهي وغيره؟ صرفي ترڪيب انهن کان زياده مفصل آهي، جيئن ته جيڪو لفظ اسم آهي، ته انهن جو قسم، جنس، عدد ۽ حالت ٻڌائجي. جي فعل آهي ته قسم، زمان، ضمير وغيره ٻڌائجي. نحوي ترڪيب ۾ وڌيڪ هي ٻڌائبو آهي ته جملو ڪهڙي قسم جو آهي؟ انهيءَ جي ڀاڱن يا لفظن جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو واسطو آهي ۽ انهن جي پوري جاءِ ڪهڙي آهي؟ مثلا=: مبتدا ڪهڙو آهي؟ خبر ڪهڙو آهي؟ ڪهڙو قانون انهن سان لاڳو ٿو ٿئي؟ وغيره.

اسان مٿي ڏٺو آهي ته هر جملي ۾ مبتدا ۽ خبر ضرور اچن ٿا. مبتدا اهو آهي جنهن بابت ڪي چيل آهي ۽ جنهن سان ڪنهن ڳالهه جي ابتدا يا شروعات ٿئي ٿي ۽ خبر اُها حقيقت آهي جا انهيءَ بابت چئجي ٿي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مبتدا فاعل ٿو ٿئي ۽ اُهو اسم يا ضمير يا ٻيون ڪي صورتون ٿو وٺي ۽ خبر اڪثر فعل ٿو ٿئي ۽ انهيءَ سان هڪڙي نه ٻئي قسم جو مفعول ٿو ٿئي، جن مان فعل متعديءَ جي حالت ۾ خاص يا سچو پچو مفعول ٿو ٿئي، يعني جنهن تي انهيءَ ڪم جو اثر ٿو ٿئي. وري اڪثر مبتدا سان لاڳو ڪي لفظ يا فقرا يا جملا اچن ٿا، جي انهن جي صفت يا ڪا ٻي چٽائي ٿا ڏيکارين ۽ ساڳيءَ طرح خبر سان لاڳو ڪي لفظ يا فقرا يا جملا اچن ٿا، جي انهيءَ ڪم جو وقت يا هنڌ يا رستو وغيره ٻڌائين ٿا. انهن لاڳو لفظن کي متعلق چون ٿا. انهيءَ متعلق ڪري مبتدا توڙي خبر وڌي وڏا ٿين ٿا ۽ جملا مفرد مان ڦري مرتب ۽ مرڪب ٿين ٿا. اهڙن جملن جي تقسيم مٿي ڏني ويئي آهي، هاڻي اُنهن جي تفريق ڏجي ٿي.

پهرين نحو جي تفريق يا جملن جي ڇيد جا ڪي ٿورا قانون ڏجن ٿا، جن تي ڌيان ڏيڻ سان جملن جي تفريق آسانيءَ سان ڪري سگهبي.

مفرد جملن لاءِ

1- مفرد جملي ۾ اسم حاليه يا اسم مفعول يا ماضي معطوفي کي فعل شمار ڪرڻ نه گهرجي، پر صفت وانگي سمجهڻ گهرجي. سچو فعل فقط هڪڙو هوندو آهي. جيئن ته: ماني کائي گشت ڪري، بازار جو ڪم لاهيندو پوءِ هتي آيس. هتي فعل هڪڙو آيس آهي نه کائي، ڪري ۽ لاهيندو.

2- امر حاضر ۾ اڪثر فاعل تون ۽ توهين ڳجهو رهندو آهي. اُهو مبتدا ڪري ڏيکارڻ گهرجي. جيئن ته وڃ، ڊوڙو، يعني تون وڃ، توهين ڊوڙو.

3- جڏهن فاعل مصدر هوندو آهي، تڏهن ڪي اشاري جا لفظ جيئن ته: اِهو، هي وغيره به ڪم ايندا آهن، پر اهي رڳا نالي جا فاعل آهن. سچو فاعل مصدر آهي. جيئن ته: ڀڄي جند ڇڏائڻ...... اِهو وريامن جو ڪم آهي. اتي اهو جي اڳيان ڄڻ ته يعني لڪل آهي.

سوريءَ چڙهڻ سيج لهڻ اِي عاشقن ڪم

4- مبتدا يا فاعل جا متعلق صفت کان سواءِ هيٺيان به ٿي سگهن ٿا:

(1) اسم يا ڪو ضمير ساڳيءَ شيءِ لاءِ جيئن ته ايڊورڊ صلح ڪندڙ چڱو بادشاهه هو. بادشاهه پاڻ جنگ ۾ حاضر هو.

(2) اسم يا ضمير حالت اضافت ۾ يعني مضاف اليه جيئن ته: احمد جو ڪتاب گم ٿي ويو. منهنجو ڪوٽ ڦاٽي ويو.

(3) فاعل يا مفعول، جيئن ته وهندڙ پاڻي ڪنو نه ٿيندو آهي. ٽڪر تي جڙيل گهر هوادار ٿيندو آهي.

(4) ڏسجڻ، ٿيڻ، گذارڻ، رهڻ ۽ اهڙا ڪي ٻيا فعل لازمي هئڻ وانگي ٻه فاعل وٺن ٿا ۽ هڪڙي فاعل سان اڻ پورا هوندا آهن. جيئن ته: احمد ڏاهو ٻار ٿو ڏسجي. همايون بادشاهه مقرر ٿيو. سچا فقير دنيا ۾ حقيقي بادشاهه ٿا سڏجن.

5- مفرد جملي جي خبر ۾ فعل کان سواءِ (1) اسم يا ضمير اچي ٿو، جيئن ته قاسم اسڪول ماستر آهي. اِهو آءٌ آهيان. (2) صفت جيئن ته هي مزور سست آهي. (3) مصدر- جيئن ته هو هنر سکڻ ٿو اچي. اتي مصدر جي پٺيان لاءِ حرف جر ڳجهو به چئي سگهجي ٿو. (4) اسم حاليه يا اسم استقبال يا ماضي معطوفي، جيئن ته ڇوڪرو ڊوڙندو آيو. هو ايندڙ ملاکڙي تي وڙهڻو آهي. نوڪر ڪم لاهي هليو ويو. (5) هڪڙو فقرو يا گهڻن لفظن جو مجموعو جيئن ته: هن جو گهر چڱي بندوبست سان ٿو هلي. (6) ظرف، جيئن ته منهنجو ڀاءُ هتي آهي. گهوڙن جو ميلو هيل هتي ٿيندو.

6- جملي ۾ فعل کان سواءِ خبر ۾ جو مفعول ايندو آهي، سو ضرور هيٺين صورتن مان هڪڙو هوندو: (1) اسم يا ضمير، جيئن ته: مهاڻا مڇي ڦاسائن ٿا. قاسم هن کي ماري وڌو. (2) صفت اسم وانگي ڪم آيل، جيئن ته سخي ماڻهو غريب کي سنڀاليندو آهي. (3) مصدر، جيئن ته هو پڙهڻ پسند ٿو ڪري. جي تون ڪسڻ سکيو ته ڪاتيءَ پئي نه ڪنجهه. (4) فقرو يا جملو، جيئن ته هن انجام ڪيو ته اهو ڪم ڪندس. (5) ٻئي جا زباني لفظ، جيئن هن رڙ ڪري چيو ته هاڻ وڃان ٿو.

7- فاعل وانگي مفعول جا متعلق به هيٺيان ٿي سگهن ٿا: (1) صفت، جيئن ته شڪاري هڪڙو وڏو هرڻ ماريو. (2) اسم يا ضمير ساڳئي اسم لاءِ، جيئن ته آءٌ تنهنجي ڀاءُ قاسم کي سڃاڻان ٿو. (3) اسم يا ضمير حالت اضافت ۾، جيئن احمد قاسم جو ڪتاب وڃايو آهي. هن پنهنجو گهر وڪڻي ڇڏيو. (4) مصدر، جيئن ته هن کي ماٺ ڪرڻ وڻي ٿو. (5) اسم حاليه يا اسم مفعول جيئن ته مون هن کي ويندي ڏٺو. مون هن کي مئل ڏٺو. (6) اسم استقبال وارو فقرو، جيئن ته مون هن کي ٻڌايو ته ڪهڙو بار کڻڻو آهي؟

8- ڪن متعدي فعلن کي ٻه مفعول ٿيندا آهن. هڪڙو سڌو ۽ ٻيو پاسيرو. هڪڙي کي حقيقي مفعول چون، جتي ظاهر يا ڳجهو مفعول ڏيکاري ۽ ٻئي کي جري مفعول چون جتي ’کي‘ حرف جر آهي. جيئن ته: احمد پنهنجي پٽ ’کي‘ هڪڙو ڪتاب ڏنو. اهڙا فعل آهن، ڏيڻ، چوڻ ۽ ڪي ٿورا ٻيا.

9- خبر يا فعل جا متعلق، ظرف کان سواءِ هيٺيان ٿي سگهن ٿا: (1) ظرف وارو فقرو، جيئن ته احمد ڪڏهن هتي ڪڏهن هـُـتي گذاريندو آهي. (2) حرف جر وارو فقرو جيئن ته هو ٿورن ڏينهن ۾ موٽي ايندو. (3) مصدر يا مصدر وارو فقرو، جيئن ته: آءٌ توکي وٺڻ ايندس. هتي مصدر جي پٺيان لاءِ به وجهي ٿي سگهجي. هو ڇاپي جا ڪاغذ خريد ڪرڻ ويو آهي. (4) اسم حاليه، جيئن ته: هو ڊوڙندو آيو. (5) مفعول، جيئن ته: مون کي در تي بيٺل ڏٺو. (6) هڪڙو جملو يا فقرو، جيئن ته: سچ ڪري پڇين ته آءٌ هن کي ايماندار ٿو ڄاڻان. گهڙيال ڇهه وڄايا ته اسين اُٿي روانا ٿياسين.

مرتب جملن لاءِ

10- مرتب جملي جي ٻن جملن مان جيڪو مک جملو آهي، سو پورو آهي ۽ ڌار به ڪم آڻي ٿو سگهجي، مگر جيڪو ٻيو جملو يا فقرو انهيءَ تي تعلق آهي، سو اڻپورو آهي ۽ ڌار ڪم اچي نه سگهندو.

11- اهي تعلق رکندڙ جملا يا فقرا اسميه آهن يا صفتيه آهن يا ظرفيه آهن، جو اسم يا صفت يا ظرف جهڙو زور يا اثر ٿو رهين ۽ اُهي ڪڏهن فاعل ۽ ڪڏهن مفعول ۽ ڪڏهن فعل سان تعلق ٿا رکن. جيئن ته: ڪنهن شيشو ڀڳو تنهن جي پڪ نه آهي. هن چيو ته تون غلط آهين. هن جو ويساهه اهو هو ته قاسم فتحياب ٿيندو. جو پنهنجي ڪاوڙ ماري ٿو، سو ڏاهو ماڻهو آهي. جيڪو ميوو اسان گڏ ڪيو هو، سو سڀ هو کائي ويا. عمر هڪڙو ڇوڪر آهي، جنهن کي تون پڙهائيندو هئين. جڏهن ماڻهو بيمار هجي، تڏهن محنت ڪرڻ نقصان ٿي رسائي. هو تڏهن راند ڪـرڻ گهـرنـدو آهي، جڏهن اسڪـول بند ٿيندو آهي. جڏهن ٿي ٿو سگهيم تڏهن ٿو اچان.

12- ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي مکيه جملي تي ٻه يا وڌيڪ جملا يا فقرا تعلق رکن ٿا. جيئن ته: واڍو، جنهن کي مون اڄ پئسا ڏنا هئا، سو جڏهن وڻيس تڏهن گهر وڃي سگهي ٿو.

13- ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو تعلق رکندڙ جملو يا فقرو ٻئي ۾ داخل ٿئي ٿو، جيئن ته احمد چيو ته جڏهن منهنجو ڪم پورو ٿيندو، تڏهن موٽي ايندس.

مرڪب جملن لاءِ

14- مرڪب جملي ۾ جيڪي ٻه يا وڌيڪ جملا گڏجن ٿا، سي (1) معطوفه يا عطفيه هوندا. يعني حرف عطف يا جملي يعني ۽، به، پڻ سان گڏيل هوندا. يا (2) ضربيه هوندا يعني سندن وچ ۾ ڌار ڪرڻ وارا حرف ڪم آيل هوندا. يعني. انهيءَ هوندي به، تڏهن به، يا، پر (3) يا معلله يا سببيه هوندا، يعني هڪڙو جملو ٻئي جو سبب هوندو. يعني: تنهن ڪري يا اهڙا ٻيا لفظ ڪم آيل هوندا. (4) يا اختيار يه هوندا يعني ٻن مان هڪڙو يا ٻيو وٺڻو هوندو ۽، يا، نه، ته، متان، نڪي وغيره حرف ڪم آيل هوندا. مثال هر هڪ جا (1) عمر پاڻي پيتو ۽ قاسم ماني کاڌي. (2) هن ٻين کي نصيحت ڪئي پر پاڻ انهيءَ تي نه هليو. (3) ڏاڍو مينهن وٺو، تنهن ڪري اسين ٻاهر نڪري نه سگهياسين. (4) ايمانداريءَ سان نوڪري ڏي نه ته پشيمان ٿيندين. نڪي هيءَ ڳالهه تعميل جي لائق آهي، نڪي هو.

تفريق جا مثال

نحو جي تفريق لاءِ هڪڙي جدول ڪڍڻ ضروري آهي، جنهن ۾ مفرد جملن لاءِ فقط ٻه خانه مس آهن. هڪڙو مبتدا لاءِ ۽ ٻيو خبر لاءِ. مگر جڏهن انهن سان ڪي متعلق رهن ٿا، تڏهن انهن جي لاءِ به هر هڪ سان گڏ هڪ خانو زيادهه وجهڻو ٿئي ٿو. تنهن کان سواءِ شروع ۾ جملي قسم ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو زياده خانو وجهڻو پوي ٿو.

تفريق شروع ڪرڻ کان اڳي پهرين گهرجي ته جملي جو مبتدا يا فاعل ڳولي هٿ ڪجي، پوءِ اهو ظاهر هجي يا ڳجهو. پوءِ خبر يا فعل ڳولي هٿ ڪجي. پوءِ جانچجي ته فعل لازمي آهي يا ″متعدي″؟ جي متعدي هجي ته ″سڌو مفعول″ به ڳولي هٿ ڪجي ۽ جيڪو ٻئي قسم جو مفعول هجي ته اهو به نشان ڪجي. پوءِ وري ″مبتدا″ ۽ ″خبر″ ۽ ″مفعول″، هر هڪ جا ڪي متعلق هجن ته ڌار ڪجن. مرتب جملن ۾ پهرين جيڪي تعلق رکندڙ فقرا يا جملا هجن، اُهي ڌار ڪجن ۽ انهن جا علحدا فعل ڳولي هٿ ڪجن. جتي ڪو فعل ڳجهو هجي، اُتي اُهو به جانچجي. جي اهڙا جملا تمام وڏا هجن ته انهن جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ جو لفظ ڏجي ۽ وچ ۾ ڪي نقطا ڏجن. وري جيڪي فقرا يا جملا فاعل لاءِ هجن، سي ڌار ڪجن. ″مفعول″ لاءِ ڌار ۽ ″فعل″ لاءِ ڌار. جملن ۾ جيڪي ڳنڍيندڙ جا ڌار ڪندڙ لفظ هجن، ته اُهي چونڊي ڪڍجن. جتي ساڳيو ″فاعل″ وري وري ڳجهو ايندڙ هجي، اُتي اُهو ظاهر ڪري ڏنگين ليڪن ۾ وجهجي. ″مرتب″ ۽ ″مرڪب″ جملا گڏجي پوندا آهن، انهن جو به ڌيان رکجي. پوءِ جدول جي خانن ۾ اهي سڀ لفظ داخل ڪجن.

هيٺ هر هڪ قسم جي جملي جي تفريق يا ڇيد نموني جي لاءِ ڏجي ٿو.

(1) جملا: ″احمد آيو آهي.″ ″ڪتا ڀونڪن ٿا.″ ″ٻڪريون ڪـُـسن ٿيون.″

قسم جملي جو

مبتدا

خبر

مفرد فعليه

احمد

آيو آهي

ڪتا

ڀونڪن ٿا

ٻڪريون

ڪسن ٿيون

(2) جملو: ″ايران جا ماڻهو قابليت جهڙا ڪتاب لکندا آهن.″

قسم جملي جو

مبتدا

خبر

 

فاعل

متعلق

فعل

مفعول

متعلق

مفرد انشائيه

ماڻهو

ايران جا

لکندا آهن

ڪتاب

قابليت جهڙا

(3) جملو: ″جو ماڻهو سچ ڳالهائيندو آهي، تنهن کي سڀ عقل وارا حد کان وڌيڪ چاهيندا آهن.

قسم جملي جو

مبتدا

خبر

 

فاعل

متعلق

فعل

متعلق

مفعول

متعلق

مرتب - موصوله (جو ۽ تنهن ضمير موصول هئڻ سبب)

ماڻهو

 

جو

سڀ، عقل وارا

=

چاهيندا آهن

ڳالهائيندو آهي

حد کان وڌيڪ

=

تنهن کي

سچ

=

=

(4) ″جيڪڏهن جهان جا بادشاهه، اهڙي سنگدليءَ سان شيطاني ظلم ڪندا، ته سگهوئي پنهنجا مـُـلڪ هٿان وڃائيندا.″

قسم جملي جو

مبتدا

خبر

 

فاعل

متعلق

فعل

متعلق

مفعول

متعلق

مرتب - شرطيه

جيڪڏهن، ۽، ته حرف شرط هئڻ سبب

بادشاهه

هو (ڳجهو)

جهان جا

=

ڪندا

وڃائيندا

اهڙي سنگدليءَ سان

سگهوئي هٿان

ظلم

ملڪ

شيطاني

پنهنجا

(5) ″ڏهه فقير هڪڙي گودڙيءَ ۾ سمهندا آهن ۽ ٻه بادشاهه هڪڙي ملڪ ۾ نه ماپندا آهن.″

قسم جملي جو

مبتدا

خبر

 

فاعل

متعلق

فعل

متعلق

مرڪب معطوفه (۽ حرف عطف سببان)

فقير

بادشاهه

ڏهه

ٻه

سمهندا آهن

ماپندا آهن

هڪڙي گودڙيءَ ۾

هڪڙي ملڪ ۾

باب ٽئين ۽ چوٿين جا سوال

ڪلام يا جملو ڇا کي ٿو چئجي؟ جملي ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا لفظ تمام ضروري آهن ۽ انهن جا نالا ڪهڙا آهن؟ مبتدا ۽ فاعل جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ خبر ۽ فعل جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ خبر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون اچي ٿيون وڃن؟ ″خبر″ ۽ ″حرف رابطه″ جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ مبتدا ڪهڙيون ڪهڙيون صورتون وٺي ٿو سگهي؟ مفعول ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا؟ انهن جا نالا ۽ مثال ڏيو. صرف جي فاعل ۽ نحو جي فاعل جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ صرف جي مفعول ۽ نحو جي مفعول جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ متعلق ڇا کي ٿا چون؟ مفعول ڪهڙيون صورتون وٺي ٿو سگهي؟ جملا پهرين ڪيترن ۽ ڪهڙن قسمن جا آهن ۽ پوءِ ڪهڙن ۽ ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا؟ هر هڪ جا مثال ڏيو. نحو جي قانونن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا قسم آهن؟ هر هڪ جا ڪي مثال ڏيو. سنڌيءَ ۾ جملن جي مک لفظن جي ترتيب ڪهڙي آهي؟ صفت، ظرف، حرف جر، حرف جملو، حرف ندا، اِهي اسم جي اڳيان ايندا آهن يا پٺيان؟ ڪي نياريون حالتون هجن ته انهن جا مثال ڏيو. فعل ڪهڙين ڳالهين ۾ فاعل جو تابع رهي ٿو؟ ڪهڙين حالتن ۾ فعل واحد ۾ ايندو آهي ۽ ڪهڙين ۾ جمع ۾؟ گهڻن فاعلن ۽ گهڻن مفعولن جا ڪي جملا ٺاهي ٻڌايو. حرف عطف ۽ حرف جملي جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ حرف جملي ۽ حرف استثنيٰ جو جملي جي فعل تي ڪهڙو اثر ٿو ٿئي؟ اسم ۽ ضمير ٻئي فاعل ۾ هوندا آهن، تڏهن فعل جو ڪهڙو حال ٿيندو آهي؟ مضاف ۽ صفت جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مضاف ڪهڙين ڳالهين ۾ مضاف اليه جو تابع ٿو رهي؟ حالتن جي عام صورت ڪهڙي آهي؟ جدا جدا حالتن ۾ عام صورت جا مثال ڏيو. صفت ۽ موصوف ڪهڙي ترتيب ۾ ڪم اچن ٿا؟ اهڙا ڪي مثال ڏيو، جن ۾ صفت اسم وانگي ڪم آئي هجي. ضمير پنهنجن اسمن سان ڪهڙين ڳالهين ۾ موافقت رکن ٿا؟ ضميري صفتون ڪهڙيون آهن ۽ موصول ۽ جواب موصول جي اڳي پوءِ اچڻ جا ڪي مثال ڏيو. ضمير استفهام جي جملي ۾ ڪهڙي هنڌ جاءِ آهي؟ اسم مفعول صفت وانگي ڪم آڻي ڏيکاريو. اسم حاليه، اسم استقبال ۽ ماضي معطوفيءَ جي جاءِ جملي ۾ ڪهڙي آهي؟ انهن جا مثال ڏيو. فعل جي زمانن جي ڪهڙي ترتيب آهي؟ انڪاري لفظ جملي ۾ ڪٿي ايندا آهن؟ انهن جا ڪي مثال ڏيو. فعل مجهول ۾ فاعل ۽ مفعول جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو؟ اُهي ڪهڙيون حالتون آهن، جن ۾ فعل ڪڏهن فاعل ۽ ڪڏهن مفعول جو تابع ٿو رهي ۽ ڪڏهن ڪنهن جو تابع نٿو رهي. انهن حالتن جا ڪهڙا نالا آهن؟ انهن جا مثال ڏيو. ڪهڙا فعل آهن جن جا ٻه فاعل ٿيندا آهن؟ مثال ڏيو. ٻن انڪاري لفظن جو هڪ ٻئي تي ڪهڙو اثر ٿو ٿئي؟ مثال ڏيئي ڏيکاريو. اهڙا ڪي مثال ڏيو جن ۾ فاعل ڳجها هجن. اهڙا ڪي لازمي فعل به آهن، جي مفعول وٺن ٿا؟ انهن جا مثال ڏيو. اهڙا ڪي فعل ٻڌايو جي ٻه فاعل وٺندا هجن. ترڪيب ۽ ترتيب ۽ تفريق جي وچ ۾ فرق ٻڌايو. صرف جي ترڪيب ۽ نحو جي ترڪيب ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ مبتدا جا متعلق ڪهڙيون صورتون وٺي ٿا سگهن؟ انهن جا مثال ڏيو. ڪهڙا فعل آهن جي اڪثر ٻه فاعل وٺن ٿا؟ مفرد جملي ۾ خبر جي جدا جدا صورتن جا مثال ڏيو. مفعول جي جدا جدا صورتن جا مثال ڏيو. مفعول جا متعلق ڪهڙيون صورتون وٺي ٿا سگهن؟ اُنهن جا مثال ڏيو. سنڌي ۽ پاسيري مفعول جا مثال ڏيو. فعل جي متعلقن جون جدا جدا صورتون ٻڌايو ۽ انهن جا مثال ڏيو. مرتب جملن ۾ جي ننڍا جملا اچن ٿا، انهن جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو واسطو ٿو رهي؟ انهن جي جدا جدا حالتن جا مثال ڏيو. مرڪب جملي ۾ جي ٻيا جملا ڪم اچن ٿا، تن جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو واسطو ٿو رهي؟ جدا جدا حالتن جا مثال ڏيو. جملن جي تفريق يا ڇيد لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ياد رکڻ جهڙيون آهن؟ ترڪيب جا ڪيترا ۽ ڪهڙا قسم آهن؟ ترڪيب ۽ تفريق جي وچ ۾ ڪيترو فرق آهي؟

مشقون

(1) هيٺين جملن ۾ جيڪي مبتدا ۽ خبر ظاهر يا لڪل هجن، سي ٻڌايو:

″هو ڳالهائي ٿو.″ ″هن چيو.″ ″وڃ.″ ″پڙهه″ ″ٻار راند ڪن ٿا.″ ″تون ٽپين ٿي.″ ″ڇوڪري ڳائي ٿي.″ ″مڇيون تري ويون.″ ″پکي اُڏامي ويا آهن.″ ″ٻليون ڀڄنديون.″ ″ڍور چرن ٿا.″ ″ڪتا ڀونڪن ٿا.″ ″گهوڙا ڊوڙن ٿا.″ ″آءٌ ستو آهيان.″ ″هو مري ويو.″ ″قاسم آيو آهي.″ ″گهوڙن هڻڪيو ٿي.″ ″ٻڪريون ٻيڪن ٿيون.″

(2) هيٺين مبتدائن سان ڪي خبر ملائي جملا بنايو:

سج، زالون، شاگرد، تصويرون، ڪلاڪ، درزي، سپاهي، ڪڪر، ٻار، گهر، اکيون، مکيون، گڏهه، جهاز، چور، تارا، ڏيڏر، اسين، عمر، تون، هو.

(3) هيٺين خبرن سان ڪي مبتدا ملائي جملا بنايو:

ڏَنگي ٿو، ڪم ٿي ڪيو، ستا پيا آهن، ٻڏي مئا، وهي ٿو، مرندو، سزا کاڌي، ڳالهائين ٿا، پڙهن ٿا، ڊڄي ويا، راند ڪندا، نچن ٿيون، ٽپن ٿا، اُڏامي ويو، وڃي ستو، ڄمي پيو.

(4) هيٺين جملن ۾ مفعول ڏيکاريو:

″مون کي جواب ڏي.″ ″تو هنن کي ڏٺو؟″ ″ڪتاب کڻي آءُ.″ ″ڇوڪر سليٽ ڀڃي وڌي.″ ″ڪتي هن کي ڏاڙهيو.″ ″هنن انعام کٽيا آهن.″ ″آءٌ خط ٿو لکان.″ ″ڇوڪر راند کيڏن ٿا.″ ″هن ڀتر اُڇلايو.″ ″هي قلم گهڙي ڏي.″ ″برف پاڻي ٺاري ٿي.″ ″هاري زمين کيڙين ٿا.″ ″تو اسان کي ڏٺو.″ ″ڪتا ٻليون ٿا مارين.″ ″ٻليون ڪئا ٿيون جهٽين.″ ″سج روشنائي ڏئي ٿو.″ ″چورن پيتي چورائي.″ ″سپاهين لڙائي کٽي.″

(5) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي مفعول وجهو:

----- وڄا. ----- پـُـور. هـُـن ----- کنيو. مون ----- لڌو. کاڌو ----- ڏئي ٿو. هـُـو ----- ڪمائي ٿو. رڍون ----- چرن ٿيون. رازا ----- جوڙين ٿا. مصنف ----- لکن ٿا. مهاڻا ----- هلائن ٿا. بگهڙ ----- مارين ٿا. احمد ----- ڳڌو. مينهون ----- ڏين ٿيون. ٽپالي ----- آندو آهي. گاڏي ----- کڻي آئي.

(6) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي خبر يا فعل وجهو:

شينهن هڪڙو ماڻهو -----. نانگ باغائي کي -----. درزي ڪپڙا -----. ڌوٻي ڪپڙا -----. نوڪر ڪم ----. ٻلي کير ----. ٽپالي خط ----. هي بار -----. چور کي سزا -----. مون آرسي -----. خط -----.

(7) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي مبتدا يا فاعل وجهو:

----- بيمار کي ڇٽايو. ----- پيسا چورايا. ----- گاهه کائن ٿا. ----- ٻج پوکيو آهي. ----- پنهنجا سبق پورا ڪيا. ----- ميز ٿو ٺاهي. ---- ڪپڙا سبي تيار ڪيا. ---- راند کي پسند ڪندا آهن. ----- ڪتاب لکندا آهن.

(8) هيٺين جملن ۾ مبتدا جا متعلق ٻڌايو:

″ماريل بادشاهه پنهنجي قلعي ۾ دفن ٿي ويو.″ ″سبق ياد ڪرڻ جو وقت آيو آهي.″ ″چڱو ۽ محنتي ڇوڪر جـِـت ڪـِـٿ مانُ ٿو لهي.″ ″سمنڊ جي صاف هوا تندرستي وڌائي ٿي.″ ″تعليم ڏيڻ لاءِ سرڪار جي ڪوشش نهايت گهڻي آهي.″ ″هوءَ ڀت تي ٽنگيل ترار منهنجي ڏاڏي جي هٿن جي آهي.″ ″ڏاهو ڇوڪر سبق پورا ڪري پوءِ راند ڪڏڻ لڳندو.″ ″فرسٽ بلوچي پلٽڻ جو بهادر سپاهي گولي لڳڻ ڪري مري ويو.″ ″گوڙ ۽ کنوڻ سان آيل مينهن هن ملڪ تي پئي انهيءَ کي ٻوڙي وڌو.″ ″سج باهه جي گولي وانگر ٻرندو، ڇهين بجي نڪري ظاهر ٿيو.″ ″ڪتو ڇوڪر کي ڪنڌ کان جهلي گهلي اٿي هليو.″ ″منهنجي ڀاءُ جو ڪتاب چورائجي ويو.″ ″محبت وارا مائٽ پنهنجي ٻارن کي پيار ڪندا آهن.″ ″وليم، فتح ڪندڙ سنه 1087ع ۾ مري ويو.″ ″زهري نانگ باغائيءَ کي ڏنگي ماري وڌو.″ ″هڪڙو خوفناڪ طوفان سمنڊ تي اچي نڪتو.″

(9) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي مبتدا جا متعلق ڀريو:

----- ڇوڪر محنت ڪندا آهن. ----- گهوڙا جلد ڊوڙن ٿا. ----- سپاهي جنگ ۾ ڪين ڀڄندا آهن. ----- مسافر سمهي آرام ڪيو. سڪندر ----- قريب سارو جهان فتح ڪيو. راڻي وڪٽوريا ----- 64 ورهين تائين راڄ ڪيو. ----- ڪن ڊگها ٿيندا آهن. ----- پيءُ ٻه ورهيا ٿيا جو مري ويو. ----- چنبا تکا ٿيندا آهن. ----- ڏند عاج وانگي ڪم ايندا آهن. ----- ڌڻ منهنجي گهر وٽان لنگهي ويو. ----- لهريون طوفان جي وقت ڏاڍيون خوفناڪ ٿيون ڏسجن.

(10) هيٺين جملن ۾ مفعول جا متعلق ڏيکاريو:

″مون هڪڙو گجندڙ شينهن ماريو.″ ″هن رازي پڪين سرن، لوهه جي ڪامن ۽ پهڻ جي پيلپاون واري هڪڙي عاليشان عمارت بنائي.″ ″آءٌ هن ڇوڪر کي سڃاڻان ٿو.″ ″ڪاريگر پنهنجا اوزار تکا ٿو ڪري.″ ″آءٌ بئرو صاحب ڪمشنر کي سڃاڻان.″ ″هن مزي مزي جهڙين آکاڻين جو هڪڙو ڪتاب لکي تيار ڪيو آهي.″ ″واڳون ڳوٺ جي وڏيري جي هڪڙي خوبصورت ڇوڪري پاڻيءَ ۾ وهنجندي گهلي کڻي ويو.″ ″جي گل منهنجي باغ ۾ ٿيندا هئا، سي ڪالهه ڪو چور پٽي کڻي ويو.″ ″ڪالهه مون امام غزاليءَ جا سڀ لکيل ڪتاب، هڪڙي ڪتب فروش جي دڪان تان خريد ڪيا.″

(11) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي ″مفعول″ جا متعلق وجهو:

ٻه ماڻهو ----- هيءَ پڃري کڻي ويا. درياهه جي اٿل ----- ڳوٺ ٻوڙي وڌا. پوليس چورايل مال ----- لڌو. هن ڪنسٽيبل ----- هڪڙو چور ورتو. پيءُ پٽ کي ----- سزا ڏني. هن واچ ----- ڳڌي. ڪانوَ کي ----- کنڀڙاٽيون آهن. ڪوبه ----- ڇوڪرن کي نٿو گهري. مون ----- وڄندو ٻڌو. منهنجي دوست چتون ----- ورتو.

(12) هيٺين جملن ۾ ″خبر″ جا متعلق ڏيکاريو:

″هو تکو ڊوڙيو.″ ″هو اڄ صبح جو ڊوڙيو.″ ″هو جهنگ ڏي ڊوڙيو.″ ″هو چور پڪڙڻ لاءِ تکو ڊوڙيو.″ ″اڄ صبح جو هو جهنگ ڏي چور پڪڙڻ لاءِ تکو ڊوڙيو.″ ″هـي ڇوڪر ڏاڍو چڱو لکـي ٿو.″ ″آئون صبح جو سوير اُٿيس.″ ″مون هن کي باغ ۾ ڏٺو.″ ″منهنجي دوست ساري دنيا جو گشت ڪيو آهي.″ ″سپاهي قطار ٻڌي اٿي هليا.″ ″سپهه سالار بهادريءَ سان وڙهندي مئو.″ ″سمنڊ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا لهي ۽ چڙهي ٿو.″ ″هو ٻنهي هٿن سان گاڏي هڪلي ٿو.″ ″هو ماني کائيندي اخبار پڙهي ٿو.″ ″اونداهي رات جي ڪري چور ڀڄي ويو.″ ″هو بندرو ماڻهو تڪڙو تڪڙو قدم کڻي ٿو.″ ″اسان جو بنگلو شهر ۾ مشهور آهي.″ ″هو اڳي کان هاڻ بهتر لکي ٿو.″ ″بمبئيءَ ۾ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ گهڻو مينهن وسندو آهي.″ ″باهه باهه جي دانهن ٻڌي سڀ گهر جا ڀاتي رات جي ڪپڙن ۾ نڪري آيا.″

(13) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي ″خبر″ جا متعلق ڀريو:

سهو ----- ڊوڙي ٿو. اُتر جو واءُ ----- لڳي ٿو. پيءُ پنهنجي پٽ لاءِ ----- رنو. شاگرد استاد جي سمجهاڻي ----- ٻڌي. فقير هن سخي ماڻهوءِ جي ----- شڪر گذاري ڪئي. آءٌ پنهنجا سبق ----- پڙهان ٿو. ڪڪڙ ----- ٻانگ ڏين ٿا. ----- وڻ ساوا ٿين ٿا. پهڻ جي عمارت ----- جٽاءُ ڪري ٿي. ايماندار ماڻهو ----- ڪوڙ ڳالهائيندو. بيمار ----- پي جاڳيو. منهنجو چاچو ----- رهي ٿو. رت بدن ۾ ----- ڊوڙي ٿو. ڀڄڻ جي بدران سپاهي ----- وڙهي مئا.

(14) هيٺين جملن ۾ اڻ پورن فعلن جو پورائي ڪندڙ ڀاڱو ڏيکاريو:

″عمر خان ڪرڪٽ جي راند جو ڪپتان مقرر ٿيو آهي.″ ″هو منهنجو دوست آهي.″ ″هو سـُـست ٿو ڏسجي.″ ″احمد ڏاڍو چالاڪ رانديگر آهي.″ ″گهوڙو بيمار ٿو ڏسجي.″ ″آئون ٿورن ڏينهن ۾ تندرست ٿيندس.″ ″هو ٽئي ڪتاب هن جا آهن.″ ″هو ٿلهو ماڻهو پيسي وارو نظر اچي ٿو.″ ″آئون سگهوئي انهيءَ ڪلب جو ميمبر ٿيندس.″ ″منهنجا دوست انهيءَ مجلس ۾ حاضر هئا.″ ″هو ڪانگريس جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.″ ″آئون اهو ئي ساڳيو ماڻهو آهيان.″ ″ڇوڪري ڊپ ۾ ڦـِـڪي ٿي ويئي.″ ″آئون هي گهر تمام ننڍڙو ٿو سمجهان.″

(15) هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي مناسب لفظ وجهي فعل پورا ڪريو:

هو ----- سڏبو آهي. بمبئي ----- آهي. ڏينهن ----- ٿيندا وڃن. سيارو ----- منهنجو ڀاءُ ----- ڪري پيو آهي. هن مون کي ----- سڏيو. هن جي بدچاليءَ سندس ڌڻي کي ----- ڪيو. هو پاڻ کي ----- ٿو سمجهي. جج قيديءَ کي ----- ڏنو. ----- منهنجي دلپسند راند آهي. ميونسپالٽيءَ ۾ ميمبرن هن کي ----- چونڊيو. هن کي ----- سڏيندا آهن. گذريي سومر کان آءٌ ----- آهيان.

(16) هيٺين جملن جي ″تفريق″ يا ″ڇيد″ ڪريو:

(الف) ″شينهن گجي ٿو.″ ″بمبئي انبن جي ڪري مشهور آهي.″ ″منهنجي عمر جا ٻارنهن ورهيه لنگهي ويا آهن.″ ″ٺڳي ڪرڻ گناهه آهي.″ ″جنگ وارن پهلوانن کي انعام ملي ويا آهن.″ ″آزمودي جي مڪتب ۾ گهڻائي عمدا سبق سکي ٿا سگهجن.″ ″پاڻ جهڙن جي سـُـک تي خوش ٿيڻ، ڄڻ ته انهن جي خوش نصيبيءَ ۾ شامل ٿيڻ آهي.″ ″شينهن آيو ته رڍن جو ڌڻ ڀڄي ويو.″ ″هن جو گهراڻو آبروءَ وارو آهي.″

(ب) ″سلون ۽ جاوا ٻيٽ آهن.″ ″فرانس ۽ انگلينڊ ٻئي ڪوسي ڪمربند کان ٻاهر آهن.″ ″بادشاهه، راڻي ۽ شهزادو، ٽيئي سلامت اچي پهتا.″ ″سچائي، ايمانداري ۽ حيا عمدين نيڪين مان آهن.″ ″هر هڪ مڙس، زال ۽ ڇوڪر صحيح سلامت بچي ويو.″ ″سوداگر پنهنجي ساري مال سوڌو ولايت هليو ويو.″ ″آءٌ ۽ تون سوير سنبري ويهون ته بهتر آهي.″ ″تون قصور وار آهين نه هـُـو.″

(ج) ″تنهنجي پيتي يا تنهنجا ڪتاب سڙي ويا.″ ″نڪي سپهه سالار کي نڪي سندس لشڪر کي دشمن جي اچڻ جي خبر هئي.″ ″رئيس يا نوڪر گهر ۾ حاضر آهي.″ ″نه چنڊ ٿو ڏسجي، نه تارا ٿا ڏسجن.″ ″مون ٻڌو ته تو يا احمد وڃڻ کان انڪار ڪيو.″

(د) ″فساد هميشه انهن کي نقصان رسائي ٿو، جي فساد اٿاريندا آهن.″ ″نيڪي پنهنجو انعام پاڻ آهي ۽ بدي پنهنجي سزا پاڻ.″ ″سچي عزت وڏين نيڪين رکڻ ۾ آهي.″ ″تون پنهنجو سبق ٻڌائي سگهندين؟″ هن ساري حرڪت جو باني اهو ويٺو آهي.″ ″هو چوي ٿو ته هاڻ هلو ته هلون.″ ″ڪولمبس آمريڪا جو ڳولي ڪڍندڙ جينوئا جو ويٺل هو.″ ″فردوسي، شاهنامي جو مصنف قديم وقت ۾ رهندو هو.″ ″لنڊن دنيا جو تمام وڏو شهر، ٽيمس نديءَ جي ڪناري تي آهي.″ ″شورو هڪڙي سخت ۽ ڀوري شيءِ آهي. رنگ جي پيلي آهي. ٿوري بانس ۽ ٿورو سواد به اٿس.″ ″محنت سمجهه کي صاف ۽ بدن کي تندرست ٿي رکي.″ ″حضرت سليمان جي عبادت گاهه جا پهڻ اٺ هـَـٿ ٿلها هئا.″ ″بلبل سڀني ڳائيندڙن پکين مان تمام مشهور آهي.″ ″منهنجي دوست جو ذهن تمام تيز آهي، سندس خيال تمام اعليٰ آهن ۽ سندس عقل ڪامل آهي.″ ″گلاب جو گل تمام وڻندڙ شيءِ آهي مگر چوڌاري ڪنڊن سان وڪوڙيل آهي.″ ″هـُـن ماڻهوءَ کي چئو ته هليو وڃي.″

(هه) ″بابي مون کي، هن کي ۽ توکي مدد ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي.″ ″خبر اٿئي ته ڪالهه گهر ويندي مون ڪنهن کي ڏٺو؟″ ″قاسم کي ۽ ٻين کي ته آئون سڃاڻان ٿو.″ ″پر تون ڪير آهين؟″ ″جي ماڻهو ڏاهن ۽ نيڪن تي ٺٺوليون ڪندا آهن، سي خوفناڪ سنگتي هوندا آهن.″ ″جڏهن سائيرس ايران جو بادشاهه ننڍو هو، تڏهن ڪنهن پڇيس ته پهرين شيءِ جا تون سکئين، سا ڪهڙي هئي؟ جواب ڏنائين ته سچ ڳالهائڻ.″ ″جن کي ٻين کي ڪي ڏيڻ لاءِ ڪينهي، سي به ٻين جي خير گهرڻ سان، هنن کي هڪڙي قسم جي مدد ڏئي سگهن ٿا.″ ″جي آءٌ هـُـو هجان ته جيڪر ٻيو رستو وٺان.″ ″هو ڏاڍو محنتي ماڻهو ٿو ڏسجي.″ ″گهنشامداس وڪيل جج مقرر ٿيو آهي.″ ″سزا ڏيڻ کان معافي ڏيڻ زيادهه لذت وارو آهي.″ ″وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ ثواب وارو آهي.″ ″ڪالهه اسان ٻي بجي ماني کاڌي ۽ ٽيون ڏينهن ٻارهين بجي کاڌي هئي سون.″ ″جي اکيون توکي گنهگار ڪن ته اُهي پٽي اڇلائي ڇڏ.″ ″جي آءٌ ڏوهاري نه هجان ته جيڪر بلڪل ڪين ڊڄان.″

(و) شاهه جي رسالي مان هيٺين سٽن کي پهرين نثر ۾ وجهو، پوءِ ٻڌايو ته هر هڪ ڪهڙي قسم جو جملو آهي؟ پوءِ انهن ۾ مبتدا، خبر ۽ انهن جا متعلق ڏيکاريو:

ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.
تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.
سمنڊ جي سيوين، تني ماڻڪ ميڙيا.
گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي.
هيڪ لکئي ٻيو نينهن، آڻي اوليس اول ۾.
سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهين.
نيڻ ٽمندا پس، وس ته ورن سپرين.

نا اميدي نيج، ته اوڏو ٿين اميد کي.
هوت توکان هڏ، پرانهون پڻ ڪينڪي.
هاري ڪر همت، ته دم ڏيئي دوست لهين.
مري جي ته ماڻئين، جانب جو جمال.
لکيو جو نراڙ، سو قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
اڻ گهريو لوڪ گهڻو، جي گهـُـران سي ناهن.
لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
ڀينر آءُ ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.
ٽيڏي پسي ٽي، هو تان آهي هيڪڙو.
پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
جوڳي هـُـون نه جيئرا، پائي جوڳ مَ جيءُ.
اڏيو جو اوڏن سو شل ڍنگر ڍلو مَ ٿئي.
ائين چوندي ڪير ته آءٌ ساڃاري سڄڻين.

 

(17) هيٺيون چڪون درست ڪريو:

(1) هن جا ڪم چڱيءَ حالت ۾ نه آهن.

″حياتيءَ جون مصيبتون بيشمار آهن.″ ″اجها گهرن جو مالڪ ٿو اچي.″ ″شيطاني خوشيون جٽاءُ نٿا ڪن.″ ″مک جون اکيون عجب جهڙا آهن.″ ″اوهين به اتي هئا ڪيئن؟″ ″مصر جا منارا ٽن هزارن ورهين کان وڌيڪ اُتي بيٺل رهيو آهي.″ ″تون اڄ اسڪول ۾ ويا هئا يا نه؟″ ″پاڻؤن وڏن جو ادب رکڻ اسان جي ضروري فرضن مان آهي.″ ″آئي وئي جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ چڱا ڪم آهن.″ ″ماڻهن جي وڏي جماعت دنيا ۾ سک جي پٺيان حيران آهي.″ ″ماڻهن جو گوڙ جلد لهي ويا.″ ″ڏهه هزار لشڪر ولايت ڏي روانا ٿيا آهن.″ ″ڪالهه ڏهين بجي ڌاري مجلس اچي گڏ ٿيا.″ ″سرڪار نوان حڪم جاري ڪن ٿا.″ ″پارليمنٽ اميرن ۽ عام ماڻهن مان جڙن ٿا.″

(ب) ″ڪتاب، سليٽ ۽ تصوير منهنجا آهن.″ ″ڪوڙي اميد ۽ ڪوڙو خوف نه پسنديءَ جهڙا آهن.″ ″تون ۽ هو نااُميد ٿيو آهي.″ ″آءٌ ۽ هاشم وڃڻ وارو آهي.″ ″ٽامون ۽ قلعي نرم ڌاتن مان آهن.″ ″تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ اچي ٿو يا نه؟″ ″ڏک ۽ سک دنيا ۾ گڏيا پيا آهن.″ ″هو ۽ سندس زال ٻئي آيو آهي.″ ″هو زال سان گڏجي آيا آهن.″

(ج) ″نڪي هي نڪي هو اُتي آيا.″ ″نه ڪپتان نه خلاصي بچيو.″ ″هو يا آءٌ ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ تيار آهي.″ ″نه دولت نه تندرستي ڀروسي جوڳا آهن.″ ″هو يا آءٌ قصور وار آهيان.″

(د) ″تون اُهو شخص آهين، جنهن منهنجو ڪتاب کنيو اٿئي.″ ″قاسم وڃي ٿو، سڏيان؟″ ″تنهنجو قلم منهنجيءَ پيتيءَ ۾ آهي، آڻي ڏيان؟″

″مون توکي ۽ هن کي چيو ته مون کي هن جي دوستيءَ جي ڪابه پرواهه ڪانهي.″ ″آءٌ ۽ منهنجو پيءُ انگلينڊ ڏي ٿو وڃي.″ ″آءٌ اهڙو ماڻهو آهيان جو اهڙيون صلاحون نه ڏيندو آهي.″ ″آءٌ انهن ماڻهن مان آهيان جو سچ چوڻ کان نه ڊڄندا آهن.″

(هه) ″جهاز گذرئي هفتي ۾ آيو آهي.″ ″آءٌ گهڻو وقت پيو ڳالهايان.″ ″ڪالهه آءٌ عجائب خانه ۾ ويو آهيان.″ ″گذرئي سومر جي ڏينهن آءٌ توکي ڏسڻ آيو آهيان.″ ″هي ڪتاب 1893ع ۾ ڇپيو آهي.″ ″اڄ صبح جو مون اهو ڪم پورو ڪيو آهي.″ ″منهنجو ڀاءُ آيو، تنهن کان اڳي مون اهو خط لکي پورو ڪيو آهي.″ ″مون هن کي چيو ته اهو ڪم ڪرڻ غلط هو.″ ″هو اهڙو بدلجي ويو هو، جو جيڪڏهن هو پنهنجو نالو نه ٻڌائي ته جيڪر سڃاڻي نه سگهانس.″ ″جيڪڏهن تون نقشي ۾ نظر ڪندين ته اهو ٻيٽ ڏسي سگهين ها.″

(18) هيٺيان ڌار ننڍا مفرد جملا ملائي وڏا مرتب يا مرڪب جملا بنايو:

قاسم منهنجي گهر آيو، هاشم منهنجي گهر آيو، شيشو ڀورو آهي، سوشو شفاف آهي، عمر ٿلهو ڇوڪر آهي، عثمان ٿلهو ڇوڪر نه آهي، هن کي دعوت ملي آهي، توکي دعوت ملي آهي، ڪڻڪ آمريڪا ۾ پيدا ٿئي ٿي، ڪپهه آمريڪا ۾ پيدا ٿئي ٿي، ڪڻڪ رشيا ۾ پيدا ٿئي ٿي، ڪڻڪ هندستان ۾ پيدا ٿئي ٿي، ڪپهه مصر ۾ پيدا ٿئي ٿي، سج اُٰڀرندي کان اُڀري ٿو، سج اُلهندي ڏي لهي ٿو، شيشو لسو آهي، واڍو ميزون ٿو ٺاهي، واڍو ڪرسيون ٿو ٺاهي، واڍو ٻيو سامان ٿو ٺاهي، سلون ٻيٽ ڏاڍو آباد آهي، انهيءَ ۾ چانهه پوکبي آهي، انهيءَ ۾ ڪافي پوکبي آهي، هو ٿڪل آهي، هو بکايل آهي، هو ٻڍو ماڻهو ڏسي نٿو سگهي، هو ٻڌي نٿو سگهي، نه ڊوڙ، نه ٽپ، استاد مون کي ماريو، استاد هن کي ماريو، اسان کي تڪڙو ٿيڻ گهرجي، چور ڀڄي ويندو، هن کي هڪدم پاڻي ڏي، هو مري ويندو، ايمانداريءَ سان هل، نوڪريءَ مان نڪري ويندين. سبق برابر ياد ڪرڻ گهرجن، ماستر ڪاوڙبو، محنت ڪر، حد کان وڌيڪ محنت نه ڪر، بيمار ٿي پوندين، هو مضبوط آهي، هو ڪم ڪرڻ نٿو گهري، هن پنڻ نه گهريو، هو بک پئي مئو، هو غريب ماڻهو تمام ضعيف هو، هو خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هو، احمد ڪيترو وقت اجايو وڃائي ٿو، هو امتحان پاس ڪيو وٺي، مون کي زڪام آهي، آءٌ گهر ويٺو رهندس، هو ڇوڪر شام جو گهر نه آيو، هن جا مائٽ بي آرام ٿيا، گاڏي نڪري ويئي، آءٌ دير سان آيس، آءٌ هن تي ويساهه ٿو ڪريان، هو ايماندار آهي، هن کي انعام مليو، هو انعام جو لائق هو، آءٌ ڏاڍو ٿڪل هوس، مون سڄو ڏينهن پنڌ ڪيو هو، هو ٻڏي مئو، هو تري نه ڄاڻندو هو، منهنجي ماءُ تمام ٻڍي آهي، منهنجي ماءُ اکين کان وڏي آهي، منهنجو پيءُ ٻڍو ٿيو آهي، منهنجو پيءُ پينشن وٺڻ ٿو گهري، آءٌ هشيار آهيان، هاشم زيادهه هشيار آهي، هو وڏو ٽپ ٿو ڏئي، آءٌ زياده وڏو ٽپ ٿو ڏيان، هيءَ گهٽي سوڙهي آهي، هوءَ گهٽي به سوڙهي آهي، ماستر هن ڇوڪر کي گهڻو ڀانئي ٿو، ماستر مون کي به گهڻو ڀانئي ٿو، هن اها خبر ٻڌي، هو ڏاڍو خوش ٿيو، پنج ٿا لڳن، آءٌ هنڌ ڇڏي اُٿان ٿو، راند پوري ٿيندي، پاڻ گهر هلنداسين، سج لٿو، هنن ڪم بند ڪيو، مون تنهنجو ڀاءُ ڏٺو آهي، هو ڪراچيءَ ۾ ٿو رهي، هي گهر منهنجي ڏاڏي جو آهي، آءٌ انهيءَ ۾ ڄائو هوس، چور منهنجو گهوڙو چورايو، اُهو هاڻ جيل ۾ آهي، اُهو ڇوڪر توکي ياد آهي؟ تو هن کي ڪراچيءَ ۾ ڏٺو هو، بابي وٽ دوربين آهي، انهن سان هو تارا ڏسندو آهي، ميل کن پنڌ تي مون هڪڙو چيتو ڏٺو، اُهو ٽڪر تي جلد جلد چڙهندو آيو، اُهو پيچرو اُتي ٿي آيو جتي آءٌ بيٺو هوس، هو ايماندار آهي، هو محنتي آهي، هو ڪم نصيب آهي، هو بدن ۾ ضعيف آهي، آءٌ قاسم کي ڏسڻ ويس، هو انهيءَ گهٽيءَ ۾ ٿو رهي، مون کي ساڻس ڪم هو، هو گهر ڪونه هو، ڏوهه ظاهر ٿي پيو، هن جي ڌڻيءَ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، هو ڏهه ورهيه سندس نوڪريءَ ۾ هو، مون کي ڪراچيءَ جي هوا نٿي وڻي، اُها ڏاڍي گهميل آهي، منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃي رهان، آءٌ گهر کان ٻاهر هوس، هو منهنجي گهر آيو، هو منهنجي بندوق اُڌاري وٺڻ آيو هو، منهنجي پڇڻ کان سواءِ کڻي هليو ويو. مون کي اڃا انهيءَ ڪتاب جا پنجاهه صفحا پڙهڻا آهن، امتحان تمام ويجهو اچي پيو آهي، مون کي ڏهه صفحا ته ڏهاڙي پڙهڻ گهرجن. اهو ڪتاب تڏهن پورو ڪري سگهان.

اشارو: مٿين سوالن ۽ مشقن جا جواب مٿين ٻن بابن جي مضمون پڙهڻ سان آسانيءَ سان ڏئي سگهجن ٿا.

 

------


 

 

باب پنجون

علم نحوَ جو ٻين ڪن علمن سان واسطو

 

مٿين بابن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته حرفن مان لفظ ۽ لفظن مان جملا ٿا ٿين. حرفن جي بابت جيڪو علم آهي، تنهن کي ″علم اِملا″ ٿا چون. جي صورتن ۽ حالتن ڦرڻ گهرڻ کي ″علم صرف″ ٿا چون ۽ لفظن مان جملن ٺهڻ ۽ انهن جي ترتيب، ترڪيب ۽ تفريق کي ″علم نحو″ ٿا چون. جيئن حرفن ۽ لفظن جي سڃاڻپ جملن لاءِ ضروري آهي، تيئن علم اِملا ۽ علم صرف، علم نحو جي لاءِ ضروري آهن. ساڳيءَ طرح جملن مان وري بيان ٿا ٿين، جن ۾ ڪيتريون صنعتون ڪم اچن ٿيون، نثر ۽ نظم ڪم اچن ٿا، اصطلاح ڪم اچن ٿا، حجت دليل آڻڻا ٿين ٿا جي سڀ ٺهرايل قانونن موجب ٿيڻا آهن. تنهن ڪري صحيح لکڻ، صحيح ڳالهائڻ، صحيح خيال ڪرڻ ۽ صحيح دليل ڪرڻ، انهيءَ سڀ ڪم کي عمدي طرح ڪرڻ لاءِ علم صرف ۽ علم نحو جو ڪيترن ئي ٻين عملن سان واسطو ٿو رهي، جن جا اصول ڄاڻڻ ضروري آهن. نه ته مضمون نويسي، بيان نويسي، عبارت آرائي، فصاحت ۽ بلاغت مشڪل حاصل ٿي سگهندي. اُهي ٻيا علم اڪثر هي آهن: علم ″بيان″، علم ″منطق″، علم ″عروض″، علم ″بديع″، علم ″مناظره″. انهن مان هر هڪ علم جا جدا جدا قانون ۽ اصولَ آهن، جي پڙهڻ ۽ معلوم ڪرڻ گهرجن. هتي انهن علمن سان علم نحو جو جيڪو واسطو رهي ٿو، سو ڏيکارينداسين ۽ انهن جي وچ ۾ مشابهت، موافقت ۽ تفاوت ٻڌائينداسون. عربي توڙي انگريزي ٻوليءَ ۾ اهو رستو ورتل آهي، تنهن ڪري اسين علمن ڏي اشاري ڏيڻ کان سواءِ ″نحو″ جو ڪتاب پورو ڪري نه سگهنداسين.

معلوم هجي ته لفظ کي لفظ تڏهن چئبو، جڏهن زبان مان ظاهر ٿيندو يا وات مان نڪرندو. جيسين اهو دل ۾ هوندو، تيسين انهيءَ کي ″خيال″ چئبو. خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو هئڻ ضروري آهي. تنهن ڪري صحيح ٻولي ڳالهائڻ، برابر سبب ڏيڻ ۽ بيان ڪرڻ هڪڙو ضروري علم ۽ هنر آهي. ٻوليءَ ۾ اهو فائدو آهي ته ماڻهو پنهنجو خيال ظاهر ڪري، ٻئي کي سمجهائي سگهي ٿو ۽ انهيءَ خيال جي نتيجي کي آئيندي وري ڪم اچڻ ۽ وسرڻ کان بچائي سگهي ٿو.

گرامر يا صرف ۽ نحو جو خاص مطلب آهي صحيح ڳالهائڻ ۽ صحيح لکڻ. ″منطق″ جو خاص مطلب آهي برابر خيال ڪرڻ ۽ برابر سبب ڏيڻ. گرامر موجب خبر پوي ٿي ته لفظن جا ڪهڙا قسم آهن ۽ جملن ۾ هڪڙي لفظ جو ٻئي لفظ يا لفظن سان ڪهڙو واسطو آهي؟

گرامر موجب لفظن جا ٽي قسم آهن: ″اسم″، ″فعل″ ۽ ″حرف″ ۽ منطق موجب به لفظن جا ٽي قسم آهن: ″مبتدا″، ″خبر″ ۽ ″حرف″ يا ″ڪلمه رابطه″. گرامر مان به نحو ۾ اهي ساڳيا قسم اچن ٿا، جنهن ڪري گهڻن ڳالهين ۾ نحو جي منطق سان مشابهت آهي. اهو حرف، رابطه يا ڪلمه رابطه يا ″اثباتي″ آهي يا ″منفي″، جيئن ته: ″هو ماڻهو ڏاهو آهي.″ ″هو ماڻهو ڏاهو ناهي.″

وري منطق توڙي نحو موجب انهيءَ علم جا ٽي ڀاڱا آهن: پهريون ڪلمه يا لفظ، ٻيو ڪلام يا جملو، ٽيون دليل يا بيان. پهرئين لاءِ سمجهڻ جي سگهه گهرجي، ٻئي لاءِ انصاف ڪرڻ يا فتويٰ ڏيڻ جي سگهه ۽ ٽئين لاءِ سبب ڏيڻ يا حجت ڪرڻ جي سگهه.

صرف نحو ڏيکاري ٿو ته حرف ملائي لفظ ۽ لفظ ملائي جملا ڪيئن ٺاهجن ۽ منطق ڏيکاري ٿو ته ڪلما ڪيئن جوڙجن ۽ ڪلما ملائي دليل ڪيئن جوڙجن؟

ڪلمن جا مثال: سڪندر، ماڻهو، نيڪ، جماعت، گهوڙي جو لغام وغيره.

ڪلام جا مثال: هيءَ دنيا فاني آهي. سخيءَ جو هٿ منجهي ئي ڪين، وغيره.

دليل جا مثال: (1) جو بادشاهه پنهنجي رعيت جو خير خواهه نه ٿيو، تنهن پنهنجي بادشاهي وڃائي. نيپولين پنهنجي رعيت جو خير خواهه نه ٿيو، تنهن ڪري نيپولين پنهنجي بادشاهي وڃائي.

(2) سڀ ماڻهو مرڻا آهن. يعقوب ماڻهو آهي، تنهن ڪري يعقوب مرڻو آهي.

اثباتي ۽ منفي قسمن کان سواءِ، منطق موجب ڪلام جا ٻيا به ٻه قسم آهن: هڪڙو عام جنهن ۾ خبر سڄي مبتدا جو اثبات يا نفي ڏيکاري. مثلا: ″سڀ ماڻهو مرڻا آهن.″ ″ڪو به مئو وري جيئرو نه ٿيو آهي.″ ٻيو خاص، جنهن ۾ خبر سچي مبتدا جو اثبات يا نفعو نٿو ڏيکاري. مثلا=: ″ڪي ماڻهو ٺڳ آهن.″ ″ڪي ماڻهو ڏاها نه آهن.″

وري نسبت موجب ڪلام جا ٽي قسم آهن: بيانيه، شرطيه ۽ اختلافيه. هر هڪ جو هڪ مثال ڏجي ٿو: ″ڪي ماڻهو نيڪ آهن.″ ″جيڪڏهن سانوڻ ۾ مينهن وسندا ته سڪار ٿيندو.″ ″واپار جي ڪم مان يا نفعو ٿيندو يا نقصان ٿيندو.″

ڪلام ۾ جو ڪلمو: سبب ڏيکاري ٿو، تنهن کي تقسيم ٿيل ڪلمو چئبو ۽ جي نه ته انهيءَ کي تقسيم ٿيل نه چئبو. جيئن ته: ″سڀ ماڻهو ويا.″ ″ڪي ماڻهو ويا.″

وري ٻن يا زياده ڪلامن مان جي ڪو ٻيو علحده ڪلام ڪڍبو ته انهيءَ کي ″قياس″ چئبو آهي. قياس جا ٻه قسم آهن: با آزمودي ۽ بي آزمودي. مثال هر هڪ جو: (1) سڀڪو پهڻ پاڻيءَ ۾ اڇلڻ سان وڃيو تر وٺي. هي به هڪڙو پهڻ آهي، تنهن ڪري اهو به پاڻيءَ ۾ اڇلڻ سان وڃي تر وٺندو. (2) لوهه ڳچ تائين باهه ۾ وجهڻ سان تپي ڳاڙهو ٿي پوندو.

وري قياس بي آزمودي جا ٻه قسم آهن: هڪڙو دليلي ۽ ٻيو غير دليلي. دليل ۾ ٽي مقدما ٿيندا آهن. هڪڙو ڪبير يا وڏو، ٻيو صغير يا ننڍو، ٽيون وسطيٰ يا وچون. انهيءَ طرح وري قياس ۽ دليل جا گهڻا ئي قسم آهن، جن جو بيان منطق جي ڪتابن ۾ ڏنل آهي.

مٿئين ذڪر مان معلوم ٿيندو ته صرف، نحو ۽ منطق جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي ۽ اُهي ڪيئن هڪ ٻئي لاءِ ڪمائتا ٿي سگهن ٿا؟ ٻنهي ۾ ترڪيب، ترتيب ۽ تفريق جو اصول يا بنياد ساڳيو آهي. صرف ۽ نحو موجب جيڪي لفظ يا فقرا يا جملا زيادهه يا مطلق آهن، سي يا فاعل سان يا مفعول سان لاڳو ٿا ٿين. منطق موجب سڀ ڪو متعلق، جو مبتدا جي بلي ناهي، سو خبر جو ڀاڱو شمار ۾ ٿو اچي. مثلا: ″سڪندر دارا کي جيتيو.″ هاڻي انهيءَ ۾ گهڻا متعلق وجهي، هڪڙو وڏو جملو يا مختصر بيان ٿا ڪريون: ″سڪندر اعظم، فيلقوس جي پٽ، مقدونيه جي بادشاهه، عيسوي صديءَ کان 330 ورهيه اڳي هڪڙو ننڍو لشڪر وٺي، پوريءَ طرح دارا کي جيتيو، جو ايران جو بادشاهه هو ۽ پنهنجي ملڪ جي حد اندر هو ۽ بيشمار لشڪر ساڻس هوس.″

اهو بيان ڪيئن ٺهيو؟ تنهن جو رستو سوال ۽ جوابن جي رستي نموني لاءِ هيٺ ڏجي ٿو جو ترڪيب ۽ تفريق لاءِ به ڪمائتو ٿيندو ۽ حجت دليل لاءِ به. مـُـکيه فعل آهي جيتيو. ڪنهن جيتيو؟ سڪندر! ڪهڙو سڪندر؟ سڪندر اعظم. اُهو ڪير هو؟ مقدونيه جي بادشاهه فيلقوس جو پٽ. ڪڏهن انهيءَ کي جيتيائين؟ عيسوي سن کان 330 ورهيه اڳي. اڌو گابري طرح کيس جيتيائين يا ڪيئن؟ نه بلڪل پوري طرح. ڪهڙي اُپاءَ سان هن کي جيتيائين؟ هڪڙي ننڍي لشڪر سان. دارا ڪير هو؟ ايران جو بادشاهه هو. سڪندر دارا کي ڪهڙي هنڌ جيتيو؟ خود دارا جي ملڪ ۾. ڪهڙي حالت سندس برخلاف هئي؟ دارا سان بيشمار لشڪر هو ته به جيتي ورتائينس.

منطق موجب باقي هڪ ٻه نمونا قياسن ۽ دليلن جا ڏينداسين. ڪي قياس ڪوڙا ۽ غلط هوندا آهن، اگرچ ظاهري صحيح ۽ سچا ڏسبا آهن. انهن کي قياس ڪاذب چوندا آهن، پر سمجهڻ وارو انهن جي چـُـڪ سهي ڪري، انهيءَ کي غلط ثابت ڪندو آهي. مثلا: حيص بيص (لفظي معنيٰ مونجهارو يا ڳڻتي) منطق جي اصطلاح موجب هڪڙو مرڪب دليل آهي، جنهن ۾ هڪڙو مقدمه شرطيه آهي ۽ ٻيو اختلافيه. جيئن ته جي الف ب آهي، ته ت ث آهي ۽ ج د ناهي. تنهن ڪري الف ب ناهي. عملي مثال هي آهي: ڪو آزمودگار وڪيل ڪنهن نئين وڪيل کي وڪالت جي تعليم ڏئي ٿو، انهيءَ شرط سان ته ٺهرايل رقم جو اڌ هو نئون وڪيل انهيءَ کي شروع ۾ ڏيندو ۽ باقي ٻيو اڌ جڏهن نئون وڪيل تعليم وٺي، پنهنجي منهن ڪو ڪيس وٺندو ۽ کٽندو، تڏهن ڏيندس. ورهيه ٻن کان پوءِ جڏهن نئون وڪيل تعليم وٺي رهيو، تڏهن نڪي پنهنجي منهن وڪالت ڪري، نڪي شرط موجب پنهنجي استاد کي رهيل اڌ رقم ڏئي. ٻڍي وڪيل گهڻو چيس پر هو نٽائيندو وتيو. نيٺ ٻڍي وڪيل ڪورٽ ۾ مٿس دعويٰ ڪئي. جڏهن ٻئي ڌريون ڪورٽ ۾ آيون، تڏهن ٻڍي وڪيل ننڍي وڪيل کي چيو ته: ″هاڻي ڏس ته رهيل اڌ رقم منهنجي محنتاڻي جي ڏين ٿو يا نه؟ جي هن منهنجي دعويٰ ۾ تو ڪيس کٽيو ته به شرط موجب مون کي اڌ رقم ڏيندين ۽ جي مون کٽيو ته به ڪورٽ جي ڊڪريءَ موجب ضرور توکي رقم ڏيڻي ٿيندي.″ اها هڪڙي ″حيص بيص″ هئي جنهن کي  ننڍي وڪيل چالاڪي ڪري هيئن هٽايو. اُستاد کي چيائين ته: ″ائين ناهي. جي جج منهنجي فائدي ۾ فتويٰ ڏني ته اوهان ڪورٽ جو فيصلي موجب پيسا وڃايا ۽ جي جج اوهانجي فائدي ۾ فتويٰ ڏني ته مون پهريون مقدمون هارايو، تنهن ڪري اوهان کي ڪي به ڪين ڏيندس.″ ٻڍو وڪيل ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ سـُـور پي دعويٰ ڇڏي هليو ويو.

ٻه ٽي ٻيا قياس ڪاذب جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) يورپي ماڻهو هشيار ٿيندا آهن. احمد هشيار آهي، تنهن ڪري احمد يورپي آهي. (2) پکي هوا تي آهن، هوا زمين تي آهي، تنهن ڪري پکي زمين تي آهن. (3) ڪڪڙ آني مان نڪتو آهي، آنو ڪڪڙ مان نڪتو آهي تنهن ڪري آنو آني مان نڪتو آهي. (4) هڪڙي شخص جي روپين جي ڳوٿري کوهه ۾ ڪري پئي. ڪنهن ماڻهوءَ کي چيائين ته هيءَ ڳوٿري ڪڍ، پوءِ انهيءَ مان جيڪي توکي وڻي سو مون کي ڏج، باقي تون پاڻ رکج. هن اها ڳالهه قبول ڪري ڳوٿري ڪڍي، پوءِ انهيءَ مان هڪڙو رپيو مالڪ کي ڏنائين. هو ويچارو سڙي ويو ۽ وڃي مٿس دعويٰ ڪيائين. ڪورٽ ۾ مدعا عليـھ چييو ته انجام موجب جيڪي مون کي وڻيو، سو مون هن کي ڏنو. مدعي انهيءَ جي رد ۾ جج کي چيو ته سائين! هن کي وڻيا ته گهڻا رپيا جي پاڻ وٽ رکيائين، تنهن ڪري انجام موجب مون کي اُهي ملڻ گهرجن.

انهيءَ طرح مشڪوڪ يا ٻن معنائن وارن لفظن تي اهڙي قسم جا تڪرار ٿيندا آهن، جيئن ته تکو، کارو، ٻيڙي، تاڙي، ڪپ، ٿورو، ڪام، گهاٽو، سنگ، گهڙي، مٽ، پينگهو، ڏونڪو، ڪڪر، ڪارائي، ساڙهي، چغل، تؤ وغيره.(1)

عربي علم منطق وارن موجب سچي ۽ ڪوڙي خيال کي ″فڪر صحيح ۽ فڪر فاسد″ چون ٿا ۽ علم منطق انهيءَ کي سڃاڻڻ جو رستو هي ڏنو آهي: فڪر يا خيال جي معنيٰ آهي ذهن جو توجهه ڪن حقيقتن يا ڳالهين ڏي، جن کي ″مبادي″ يا ″دعوائون″ چون ٿا. ذهن جي معنيٰ آهي سمجهه يا ارادي جي طاقت. اها قوت آرسيءَ وانگي آهي، جنهن ۾ سڀ معقولات ۽ محسوسات جي تصوير ظاهر ٿئي ٿي. انهن جي معلوم ڪرڻ کي علم چوندا آهن. علم ٻن قسمن جو آهي. هڪڙو ″تصور″ ۽ ٻيو ″تصديق″. جيسين ڪا ڳالهه فقط خيال ۾ آهي، پر ڪنهن حڪم کان خالي آهي، تيسين انهيءَ کي تصور ٿا چون. جڏهن انهيءَ ۾ حڪم شامل ٿيو، تڏهن انهيءَ کي تصديق چئبو. مثلا: قاسم. انهيءَ مان فقط قاسم شخص جي صورت ذهن ۾ آئي ته اهو تصور آهي. پر جي انهيءَ سان اها ڳالهه به شامل ٿي جيئن ته ″قاسم پڙهيل ماڻهو آهي.″ ته اها تصديق ٿي. حڪم جي اِتي معنيٰ آهي هڪڙي شيءِ جي ٻي شيءِ سان نسبت يا واسطو. مٿئين خيال ۾ هڪڙي شيءِ آهي قاسم ۽ ٻي آهي پڙهيلائي. حڪم ٻن قسمن جو آهي: ″بالايجاب″ يا ″اثباتي″ ۽ ″بالسلب″ يا ″منفي″. وري ″تصور″ به ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو ″بديهي″ يا ″ضروري″، جنهن ۾ نظر يا خيال ڪرڻ، جو ضرور نه هجي جيئن ته رنگ يا گرمي معلوم ڪرڻ. ٻيو ″نظري″ جنهن ۾ نظر يا خيال ضرور هجي جيئن ته روح يا ملائڪ يا جن وغيره بابت. گهڻن تصورن جي ميلاپ کي ″معرف″ چون ۽ گهڻن تصديقن جي ميلاپ کي حجت ۽ دليل چون. اهي ٻئي در حقيقت معنائون آهن نه لفظ. مثلا: انسان جي معنيٰ ته جسم ۽ جان وارو جانور آهي، جنهن کي ماڻهو ٿا سڏين پر حيوان ناطق آهي يعني جنهن کي عقل ۽ نطق يعني ڳالهائڻ جي طاقت آهي.

انهيءَ طرح منطقي عالم لفظن ۽ معنائن جا قسم مقرر ڪن ٿا. جيئن ته ″مفرد″، ″مرڪب″، ″مرڪب تام″ ۽ ″غير تام″. ساڳيءَ طرح معروف ۽ تصديق جا جدا جدا قسم مقرر ٿا ڪن. هر هڪ قول کي ″قضيه″ ٿا چون جو يا سچو آهي يا ڪوڙو، جنهن ڪري انهن کي ″صادق″ يا ڪاذب ٿا چون. هر هڪ ۾ نحو وانگي مبتدا، خبر ۽ رابطه آهي. پوءِ وري قضيه جا قسم ٿا ٿين: شرطيه، حيليه، متصله ۽ هر هڪ انهن مان يا موجبه آهي، يا سالبه يعني اثباتي يا منفي. قضين کان لنگهي پوءِ حجت يا دليل تي ٿا اچن، جنهن مان ٽي قسم ٿا ڪن: هڪڙو قياس يعني ڪـُـل مان جزوَ جو حال پروڙڻ، جيئن ته سڀ انسان حيوان آهن ۽ سڀ حيوان جسم آهن. تنهن ڪري سڀ انسان جسم آهن. انهيءَ نتيجي کي استدلال ٿا چون. ٻيو استقرار يعني جزو مان ڪل جو حال پروڙڻ ۽ ٽيون تمثيل يعني جزو مان جزو جو حال پروڙڻ.

وري قياس جا ٻه قسم آهن: اقتراني ۽ استثنائي. هڪڙي ۾ نتيجو ذڪر ڪيل آهي ۽ ٻئي ۾ نه آهي. قياس ۾ ٻه مقدما ٿيندا آهن ۽ ٽيون نتيجو. پهرين مقدمه کي صـُـغريٰ ۽ ٻئين کي ڪـُـبري چوندا آهن. هر هڪ قياس جي قسم جون جدا جدا شڪليون آهن، جن جو بيان ڏيڻ هتي اجايو آهي.

منطق جي علم ما ڦٽي وري علم ″مناظره″ ٿو نڪري جو بحث ڪرڻ جو علم آهي، جنهن مان ڪنهن ڳالهه جي حقيقت ظاهر ۽ ثابت ٿي ٿئي. پر جتي فقط ٻـِـئي ڌر کي ڪوڙو ڪرڻو هجي، جيئن اڪثر وڪيل ڪوشش ڪندا آهن، حق تي يا ناحق تي، اُتي انهيءَ کي ″مجادله″ يا ″مغالطه″ يا ″مڪابره″ چوندا آهن جيئن ته استدلال، اماره، معاوضه، دوران وغيره، جن جو ڊگهو تفصيل آهي. اسان کي فقط اهو ڏيکارڻو هو ته حرفن مان لفظ ۽ لفظن مان جملا ۽ جملن مان دليل ۽ دليلن مان بيان ۽ بحث پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ هر هڪ لاءِ ڌار علم ۽ قانون آهن، جن موجب اُهي پوري طرح ڪم اچي سگهن ٿا. انهيءَ طرح جي مضمون جي نظر تي اڳتي هلندا وڃون ته ٻيا به ڪيترا ئي علم انهن سان ڳنڍيل رهن ٿا، جن جو بنياد گويا صرف ۽ نحو تي رکيل آهي. جيئن ته علم حڪمت ۽ فلسفه ۽ طبيعيات ۽ اخلاق ۽ عقائد ۽ فقه ۽ تفسير وغيره.

هيستائين اسان علم نحو ۽ علم منطق ۽ مناظره جو واسطو بيان پي ڪيو آهي. هاڻي مختصر طرح نحو جو علم معانيءَ سان واسطو ڏيکارينداسين. علم معانيءَ موجب ماڻهوءَ کي مناسب حال تي اها نظر ڪري ڪلام آڻڻو ٿو ٿئي ته اُهو ڪلام نامناسب يا بيجا نظر نه اچي. مثلا خوشيءَ جي حال بيان ڪندي غم جو ذڪر نه ڪري، يا ترغيب ڏيڻ وقت ڊيڄارڻ جهڙي ڳالهه نه آڻي، يا شڪ ڏيکاريندي پڪ جي ڳالهه نه آڻي وجهي، يا انڪار بيان ڪندي قبوليت جهڙو ذڪر نه ڪري. انهيءَ ڪري علم معاني بلاغت ۾ داخل آهي ۽ ″علم معاني″ ۽ ″علم بديع″ فصاحت ۾ داخل آهي. بلاغت ڪلام جي معنيٰ ۽ مطلب سان تعلق ٿي رکي ۽ فصاحت ڪم آيل لفظن ۽ عبارت سان تعلق ٿي رکي.

علم معانيءَ جا به نحو وانگي قانون آهن. اسين هتي رڳو نمونو ڏينداسين. ڪنهن به ڪلام جو حــُـسن ٻن قسمن جو آهي: ذاتي ۽ عرضي. ذاتي حسن موجب انهيءَ ڪلام جا لفظ ″فصاحت″ وارا هئڻ گهرجن ۽ معنيٰ ″بلاغت″ واري هجي. فصاحت وارن لفظن جي معنيٰ آهي ته اُهي انهيءَ ٻوليءَ وارن جي محاوري ۽ اصطلاح موافق هجن. نڪي اهڙا جهنگلي ۽ ڄٽڪا هجن جي اڻ پڙهيل ڳالهائين ۽ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪم نه اچن. نڪي اهڙا مشڪل ۽ معلق هجن جو ذري ذري انهن جي معنيٰ پروڙڻ لاءِ لغت ڳولڻي پوي ۽ بلاغت واري معنيٰ اِها آهي ته مناسب حال موافق هجي ۽ انهيءَ جي برعڪس نه هجي. ڪلام جو عرضي حسن انهيءَ ۾ آهي ته انهيءَ جي تمهيد يا شروعات چڱي وجه سان ٿيل هجي ۽ منجهس مناسب صنعتون ڪم آيل هجن ۽ عبارت آرائي قاعدي موجب هجي. انهيءَ لاءِ ڪلام جا عيب نمبروار ڏيکاريل آهن، جن کان گوشو ڪرڻ گهرجي. جيئن ساڳيا لفظ وري وري ڪم نه آڻجن، اصطلاح ۽ محاوري جي برخلاف لفظ ڪم نه آڻجن، اخلاق جي ڪراهت جهڙا لفظ ڪم نه آڻجن وغيره. هر هڪ عيب جو انهيءَ علم ۾ نالو مقرر آهي.

وري انهيءَ علم معانيءَ موجب ڪلام ٻن قسمن جا آهن. هڪڙي کي ″خبر″ چون ۽ ٻئي کي ″طلب″. خبر چئبو آهي ڪن ٻين جي واقعن يا حقيقتن جي نقل ڪرڻ کي. پوءِ اُهي سچيون به ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪوڙيون به. طلب چئبو آهي خود ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جي پنهنجي راءِ يا خيال جي بيان ڪرڻ کي. خبر کي حڪم يا استاد به چون ٿا ۽ انهيءَ جا ٻه قسم آهن: ″حقيقت عقليه″ ۽ ″مجاز عقليه″. هڪڙي ۾ حقيقي فاعل هوندو آهي ۽ ٻئي ۾ مجازي فاعل. جيئن ته ڪو عالم ماڻهو چوندو ته جهان کي خدا تعاليٰ سرسبز ۽ آباد ڪري ٿو ۽ جاهل چوندو ته جهان کي برسات يا بهار جي موسم سرسبز ۽ آباد ڪري ٿي. وري طلب جا به ٻه قسم آهن: ″ممڪن″ يا ″ترجي″ ۽ ″محال″ يا ″تمني″. ممڪن لاءِ حرف استفهام ۽ ٻيا ڪي حرف ڪم ايندا آهن مثلا تون دولت مند آهين، توکي غم ۽ فڪر سان ڪهڙو ڪم؟ ۽ محال ۾ دعا يا خواهش جا حرف ڪم ايندا آهن. جيئن ته: ″شل تنهنجا دشمن دفع ٿين!″ ″جواني موٽي اچي ته ڪهڙو نه چڱو!″

علم بيان جو واسطو ″نحو″ سان هي آهي، ته هن علم موجب هڪڙي معنيٰ گهڻن رستن سان ۽ جدا جدا عبارتن ۾ ظاهر ڪجي ۽ انهيءَ مان هڪڙيون ڳالهيون ٻين مان معلوم ٿي سگهن. هن علم جو مدار چئن ڳالهين تي آهي:

″تشبيـھ″، ″استعاره″، ″مجاز مرسل″ ۽ ″ڪنايه تشبيـھ″. جو ڪجهه بيان نحو ۾ آيو آهي، اُها ٻن شين جي مشابهت لاءِ ڪم ايندي آهي ۽ منجهس حرف تشبيهه، مشبـھ ۽ مشبـھ بـھ وجه تشبيـھ هوندا آهن ۽ ضرور آهي ته اهي ٻئي شيون مختلف جنس جون هجن ۽ ڪنهن وصف يا خاصيت جي ڪري مقابلي سان ڪيون وڃن. جيئن ته ″محبوب جو ڳل چنڊ جهڙو چمڪندڙ يا گلاب جي گل جهڙو ڳاڙهو آهي.″ يا احمد شينهن جهڙو زوراور آهي.

″استعاره″ بابت به نحو ۾ اشارو ڏنل آهي. انهيءَ ۾ ڪا خاصيت اُڌاري وٺي ٻنهي شين لاءِ ڪم آڻيندا آهن، جن کي ″مستعار له″ ۽ ″مستعار منه″ چوندا آهن ۽ ٽيون وجه جامع سڏبو آهي. جيئن محبوب جي اکين کي نرگس چوندا آهن. محبوب جون اکيون نرگس جهڙيون آهن، چئبو ته اها تشبيهه ٿي. پر خود ″نرگس″ آهن چئبو ته اهو ’استعارو‘ ٿيو. ترار کي ’وڄ‘ سڏڻ ۽ ’سپر‘ کي ڪڪر سڏڻ ۽ رت کي ’مينهن‘ چوڻ ۽ ڪـِـرندڙ سسين کي ″ڳڙا″ چوڻ استعارو آهي.

’مجاز مرسل‘ تڏهن آهي جڏهن ڪو لفظ غير معنيٰ جي جاءِ تي مجازي طرح ڪم اچي. جيئن ته: ″سج ۾ وڃي ويهه.″ يعني اُس ۾. هتي سبب ″مسبب″ جي بدران ڪم آيو آهي. يا ″تون منهنجي اک ۾ آهين.″ هتي ’اک‘ جي معنيٰ نظر يا نگهباني. يا ″گلاب اُس ۾ رک.″ هتي ″گلاب″ جي معنيٰ آهي گلاب جو شيشو. اِتي ظرف مظروف جي بدران ڪم آيو آهي. ″کوها ڪالهه کڻي، اُن وڌا اُترآسري.″ هتي ’اُتر‘ جي معنيٰ اُتر جو واءُ.

 ″ڪنايه″ تڏهن آهي جڏهن چٽائي ڇڏي اشارو ڏجي. مثلا: سج کي خطاب ڪري چوڻ ته: ″تنهنجي مٿان سرخ رنگ جنگي بهادر بيٺل آهي ۽ تنهنجي هيٺان خوبصورت ڳائيندڙ زال بيٺل آهي.″ پهريون اشارو آهي مريخ تاري ڏانهن، جنهن جو جنگ سان واسطو آهي ۽ ڳاڙهي رنگ جو آهي ۽ پويون اشارو آهي زهره تاري ڏي، جنهن کي خوبصورت زال ۽ ڳائڻ واري سمجهندا آهن. ’ڪنايه‘ جا گهڻا ئي قسم آهن. جيئن ته: قريب، بعيد وغيره. پر انهن جو ذڪر ڪرڻ ڪتاب وڌائي وجهندو.

هاڻي اسين نحو جو علم ’بديع‘ يا ’بدايع‘ سان واسطو ڏيکارينداسين. هن علم مان ڪلام ٻن قسمن جو آهي: نثر ۽ نظم. نثر ٽن قسمن جو آهي: ″مرجز، مسجع ۽ عاري. پهرئين ۾ شعر وانگي وزن آهي، پر قافيو ڪونهي. ٻئي ۾ ڪافيو آهي پر وزن ڪونهي. ٽئين ۾ نڪو وزن آهي نڪو ڪافيو. مثال هر هڪ جا: (1) فقير جي اک هن جي روءِ جي مايل ٿي ۽ هن جي دل هن جي خوءِ جي مايل ٿي. (2) هن خواهش پڪي ڪئي ۽ نيت پڪي ته خلوت جو گوشو وڃي وسائي ۽ ماڻهن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائي. (3) هن پڪو ارادو ڪيو ته وڃي خلوت ۾ ويهي ۽ ماڻهن کي ٺڳاري پاڻ وٽ آڻي.

نظم جا ڏهه قسم آهن: غزل، قصيده، تشبيب، قطعو، رباعي، فرد، مثنوي، ترجيح بند، مسمط، مستزاد.

غزل ۾ پنجن بيتن کان ٻارهن تائين اچن ٿا ۽ ڪي چون ٿا ته سترهن تائين. پهرئين بيت کي ″مـَـطلع″ چون ٿا ۽ پوئين کي مقطع، جنهن ۾ شاعر جو نالو يا تخلص اچي ٿو. سڀني بيتن ۾ ساڳيو قافيو ۽ رديف رهي ٿو. مضمون ۾ تعريف ڪنهن جي هوندي آهي، شاعر جو نالو وچ ۾ يا پڇاڙيءَ کي ويجهو ڪنهن بيت ۾ ايندو آهي.

تشبيب به هڪڙي قسم جو غزل آهي. مضمون اٿس تعريف، ڪنهن جي يا جواني بابت يا باغ بهار بابت وغيره.

قطعه آهي غزل جو ٽڪر سواءِ مطلع جي.

رباعيءَ ۾ ٻه بيت يا چار مصراعون آهن. سڀ مصراعون يا پهريون ٻه ۽ چوٿين ساڳئي قافيه ۽ رديف سان اينديون آهن. انهيءَ جو ٺهرايل ″بحر″ هي آهي: مفعول مفاعيلن مفاع.

فرد: بيت آهي، جنهن ۾ ٻئي مصراعون ساڳئي رديف ۽ ڪافيه جون نه آهن. جي هجن ته اُهو اڪثر بيت سڏبو آهي.

مثنوي: گهڻائي بيت جن ۾ هر هڪ بيت جو ڌار قافيه ۽ رديف هجي مگر بحر يا وزن سڀني بيتن جو هڪ جهڙو هجي.

ترجيح بند: وڏو شعر هڪڙي ئي بحر ۽ قافيه جو جنهن ۾ گهڻا ٽـُـڪر هجن، هڪ جيترن بيتن جا پنجن کان وٺي يارهن بيتن تائين. هر هڪ ٽڪر جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو ٻيو بيت ڌار قافيه ۽ رديف جو هجي. جي ساڳيو بيت وري وري اچي، ته انهيءَ کي ترڪيب بند چئبو آهي.

مسمط: ٽي يا زيادهه مصراعن جا ٽڪر ساڳئي وزن جا، مگر پڇاڙيءَ واريءَ مصراع جو قافيو سڀني جو هڪ جهڙو هجي.

مستزاد: غزل يا چئن مصراعن جو ٽڪر، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪي لفظ وڌيل هجن. هنن شعر جي قسمن جا مثال پڙهندڙ اسان جي علم ’عروض‘ جي ڪتاب ۾ ڏسي سگهن ٿا. هتي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي ۽ هيٺ مشق (10) ۾ به ڏنل آهن.

وري ڪلام ۾ جي ’بدايع‘ يا ’صنعتون‘ ڪم اچن ٿيون، سي ٻن قسمن جون آهن. هڪڙيون ’لفظي‘ ٻيون ’معنوي‘. پهرئين جي خوبي لفظن مان معلوم ٿي ٿئي ۽ پوئين جي معنيٰ مان. پهرئين جا ڪي قسم هي آهن: (1) تجنيس (جنهن جا گهڻي ئي قسم آهن جيئن ته: تام، ناقص، مرڪب، مڪرر، مطرف، خط) انهيءَ ٍ ٻه لفظ هڪڙي جنس جا ڪم آڻجن ٿا، جهڙيءَ طرح هڪڙو لفظ ٻن معنائن ۾ آڻجي. جيئن ته ٻيڙي پاڻيءَ ۾ هلائڻ جي ۽ لوهه جي ٻيڙي قيدين کي وجهڻ جي. (2)  توصيح يعني جڙاءُ ڪرڻ، جنهن ۾ ساڳئي وزن ۽ قافيه وارا لفظ ڪم آڻجن جيئن ته مرجز ۽ مسجع نثر ۾ آندو ويو. (3) توشيح: جتي شعر جي منڍ جي حرفن مان ڪو نالو ڪڍجي. (4) تضمين: جنهن ۾ ڪنهن ٻئي شاعر جي مصراع يا بيت شعر ۾ آڻجي. (5) ذوبحرين: جتي ساڳيو شعر ٻن وزنن يا بحرن ۾ پڙهي سگهجي. (6) ذوقافيتين: جتي شعر ۾ ٻه قافيه ڪم آيا آهن. (7) تصحيف: هڪ جهڙا لفظ جن ۾ تفاوت فقط نقطن جو هجي جيئن ته بوسه ۽ توشه. (8) مقلوب: جڏهن ساڳيو لفظ يا بيت ابتو سبتو پڙهڻ ۾ هڪ جهڙو هجي. انهيءَ کان سواءِ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ گهرجن، جن ۾ سڀني حرفن جي مٿان نقطا هجن يا سڀني جي هيٺان نقطا هجن، يا سڀني تي اصل نقطا نه هجن يا جن ۾ چپ ملن وغيره. اهي سڀ لفظي صنعتون يا بدايع آهن.

معنوي صنعتن يا بدايع جا ڪي ٿورا قسم هي آهن: (1) يهام: جتي ٻه معنائون آندل هجن. هڪڙي ويجهو لاڳو هجي ۽ ٻي پري. (2) تجاهل العارف: جتي شاعر يا لکندڙ کي خبر هجي پر پنهنجي بي خبري ظاهر ڪري. (3) سوال و جواب: جتي پهرين سوال پڇي پوءِ پاڻهي جواب ڏجي. (4) محتمل الضدين: جتي ساڳين لفظن مان تعريف به نڪري ۽ گـِـلا به. (5) لف و نشر: جتي ڪي لفظ گڏ ڪم آڻجن. پوءِ هڪ هڪ کي ڌار آڻي، انهيءَ جو ڌار بيان ڪري. (6) ارسال المثل: جتي ڪو پهاڪو يا ضرب المثل ڪم آڻجي. (7) سياق الاعداد: جتي ڪي لفظ ڪم آڻجن جي هڪ ٻه ڪري ڳڻي ٻڌائجن. (8) معما: جتي ڪو نالو ڳجهيءَ طرح ڪم آڻجي، جو ٺهرايل قانونن موجب ڪري، جيئن سنڌيءَ ۾ ڳجهارتون. (9) نغز يا چيستان: يعني پروليون. شعر جا عيب به هن علم ۾ داخل آهن ۽ انهن جا گهڻا قسم آهن. مثال ڏنل صنعتن جا علم عروض ڪتاب ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

پڇاڙيءَ ۾ اسان کي ڏيکارڻو اهي ته نحو جو علم عروض سان ڪهڙو واسطو آهي؟ انهيءَ علم ۾ شعر جو بيان ۽ انهيءَ جي وزن يا بحر ۽ قافيه يا رديف جو ذڪر آهي. شعر ۾ پهرين ″اصول″ ۽ ″ارڪان″ آهن. اصول لفظن ۾ جي حرف ڪم اچن ٿا، تن جي متحرڪ يا ساڪن هئڻ ڪري اُهي ڳرا يا هلڪا ۽ وڏا يا ننڍا ٿا ٿين. ٻن اکرن واري کي ’سبب‘ چون ٿا. ٽن واري کي ’وتد‘ ۽ چئن يا زيادهه اکرن واري کي ’فاصله.‘ هر هڪ جا ٻه قسم آهن. مثال: بر ۽ دل، چمن ۽ ڪار، علما ۽ دٻڙ دُس.

ارڪان اٺ آهن: هڪڙا ’سالم‘  ٻيا ’غير سالم‘. اهي به انهن اصولن مان جڙيل آهن، مگر انهن جا وزن هي آهن: فعولن، فاعلن، مفاعيلن، مستفعلن، مفاعلن، متفاعلن، مفعولات، فاعلاتن. انهن مان گڏي وري بحر ٿا ٺاهين، جي جدا جدا وزنن ۽ قسمن جا آهن ۽ جدا جدا نالا اٿن. مڙئي 19 بحر آهن. هر هڪ بيت ۾ چار يا ڇهه يا اَٺ ارڪان آهن، جنهن ڪري انهن کي ’مسدس‘ يا ’مثمن‘ چون ٿا. ڪي مک وزن يا بحر هي آهن: رجز، تقارب، هزج، رمل، مضارع، سريع، طويل، مديد وغيره. هر هڪ بحر جا پڇاڙيءَ واري رڪن جي گهٽ هئڻ ڪري، جدا جدا قسم ٿين ٿا جن کي ’زحافات‘ چون ٿا. ڪوبه شعر ڀڃي، ارڪانن ڪري ٺهرايلن بحرن تي آڻي بيهاري ٿو سگهجي. انهيءَ کي تقطيع چون ٿا جيئن صرف ۽ نحو ۾ ترڪيب ۽ تفريق ٿيندي آهي. انهيءَ لاءِ به ڪي قانون آهن، جن موجب هلڻو ٿو ٿئي.

هاڻي قافيه ۽ رديف جو ٿورو ذڪر ڪبو، جو علم عروض جو ڀاڱو آهي، اگرچ ڪي عالم انهن کي ڌار علم ڄاڻندا آهن. قافيه شعر جي پڇاڙيءَ وارو لفظ آهي ۽ رديف اهو لفظ آهي، جو انهيءَ کان پوءِ ايندو آهي ۽ اڪثر وري وري ايندو آهي. قافيه ۾ مکيه ساڪن حرف کي ’روي‘ چوندا آهن. انهيءَ کان چار حرف اڳي ۽ چار حرف پوءِ قافيه ۾ داخل آهن. اڳين کي رديف، قيد، تاسيس ۽ دخيل چوندا آهن ۽ پوين کي وصل، خروج، مزيد ۽ نائره. شعر ۾ رديف ساڳيو هئڻ گهرجي. مثلا: بيت جي پهرين مصراع جي پڇاڙيءَ ۾ هجي: ″جنگ ٿئي″ ۽ ٻيءُ ۾ هجي ″تنگ ٿئي″ ته اتي جنگ ۽ تنگ جو قافيه آهي ۽ ″ٿئي″ جو ٻنهي ۾ ساڳيو اچي ٿو، سو رديف آهي ۽ انهيءَ قافيه ۾ ’گ‘، ’روي‘ آهي ۽ ’ن‘ جو اڳيان ٿو اچيس، سو ’رديف‘ آهي.

وري قافيه جا جدا جدا قسم آهن ۽ انهن جا جي عيب آهن، اُهي سڀ ڄاڻڻ گهرجن. پر انهن جو هتي بيان ڪرڻ اجايو آهي. مثال ڪتابن مان ملي سگهندا.

مٿي جيڪي شعر جا قسم ۽ بحر ڏنا ويا آهن، سي پارسيءَ جا آهن پر هاڻ سڀ سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا. مگر سنڌيءَ ۾ اڃا تائين اڳوڻي زماني وارو شعر جو نمونو به ڪم ايندو آهي. جهڙو شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل آهي. فارسي علم ’عروض‘ جي اصطلاح موجب بيت چئبو آهي ٻن مصراعن واري شعر کي. پر سنڌي بيتن ۾ ٻن کان گهڻيون مصراعون به اچي سگهن ٿيون. ڏهن ٻارهن تائين اڪثر پڇاڙيءَ واري مصراع جو پويون اڌ قافيه وارو اڳي هوندو آهي ۽ پهريون اڌ پوءِ. ڪڏهن ڪڏهن پهرينءَ مصراع ۾ به ائين هوندو آهي. وزن انهيءَ بيت جو خاص سنڌي آهي. پارسي بحر تي آڻڻ مشڪل آهن ۽ انهيءَ جي تقطيع به پوري ڪرڻ مشڪل آهي. بعضي مصراعن ۾ ته وڏيون وڏيون آيتون يا پارسي مصراعون وجهي، تمام ڊگهيون ڪري به آڻيندا آهن. شاهه ڪريم جو رسالو فقط ٻن مصراعن وارن بيتن مان جڙيل آهي. يعني پارسي بيتن وانگي، مگر انهن جو بحر ۽ وزن پنهنجو سنڌي نموني جو آهي. اهو سنڌي بيت جو نمونو قديم هندي دُهري جو نمونو آهي ۽ تنهن ڪري انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڏوهيڙو چوندا آهن ۽ ڪي لوڙائو بيت به ڪري چوندا آهن. ٻيو قسم شعر جو خاص سنڌي آهي. شاهه جي وائي يا ڪافيءَ جو، جو اڪثر ڳائڻ ۾ ايندو آهي، انهيءَ جا به خاص وزن آهن ۽ ڪن قانونن موجب ٺهندو آهي. انهيءَ جا مثال به پڙهندڙ ڪتابن ۾ ڏسي سگهن ٿا ۽ ڪي مشقن ۾ ڏنا ويا آهن.

باب پنجين جا سوال

علم ’املا‘، علم ’صرف‘ ۽ علم ’نحو‘ جو پاڻ ۾ مقابلو ڪريو ۽ علم نحو جو ڪهڙن ٻين علمن سان واسطو ٿو رهي ۽ ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين ۾؟ لفظ ۽ خيال جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ صحيح خيال ڪرڻ جي علم کي ڇا چوندا آهن؟ منطق ۽ صرف نحو جو پاڻ ۾ مقابلو ڪريو. هر هڪ هيٺ لفظن جا مکيه قسم آهن. نحو ۽ منطق موجب انهيءَ علم ۾ ڪهڙا مکيه ڀاڱا آهن؟

’ڪلمي‘، ’ڪلام‘ ۽ ’دليل‘ جا ڪي مثال ڏيو. اثباتي ۽ منفي ڪلام، عام ۽ خاص ڪلام ڇا کي چوندا آهن؟ نسبت موجب ڪلام جا ڪهڙا قسم آهن؟ تقسيم ٿيل ڪلام جو مثال ڏيو. قياس ڇا کي چون ۽ انهيءَ جا ڪهڙا قسم آهن؟ قياس با آزموده ۽ قياس بي آزموده جو مطلب سمجهايو ۽ مثال ڏيو. دليلي ۽ غير دليلي قياس ڪهڙا آهن؟ ننڍن جملن مان وڏي ۾ وڏا جملا ڪهڙي رستي ٿا ٿين؟ قياس ڪاذب ۽ حيص بيص جا ڪي مثال ڏيو. ڪي ″مشڪوڪ″ يا ذو معنيٰ لفظ ٻڌايو. فڪر ’صحيح‘۽ فڪر ’فاسد‘ ڇا کي ٿو چئجي؟ علم ڇا کي ٿو سڏجي ۽ انهيءَ جا گهڻا قسم آهن؟ اثباتي ۽ منفي حڪمن جا مثال ڏيو. تصور بديهي ۽ تصور نظريه جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مثال ڏيو. معرف ڇا کي ٿا چون ۽ حجت يا دليل ڇا کي ٿا چون؟ قضيه صادق ۽ قضيه ڪاذب ڇا آهن؟ قضيه جا ڪهڙا قسم آهن؟ استدلال ۽ استقرار ۽ تمثيل جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ قياس اقتراني ۽ قياس استثنائي جو مطلب سمجهايو. علم مناظره بابت جيڪا اوهان کي خبر هجي، سا ٻڌايو. مناظره ۽ مجادله جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟

علم معاني ڇا ٿو سيکاري ۽ ڪيئن ڪم ٿو اچي؟ علم نحو سان انهيءَ جو ڪهڙو واسطو آهي؟ بلاغت ۽ فصاحت جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڪلام جو حسن ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي؟ ۽ ذاتي عرضي حسن جي وچ ۾ تفاوت ٻڌايو. علم معانيءَ موجب ڪلام جا ڪهڙا قسم آهن؟ حقيقت عقليه ۽ مجاز عقليه جا مثال ڏيو. طلب ممڪن ۽ طلب محال جا مثال ڏيو.

علم بيان جو علم نحو سان ڪهڙو واسطو آهي؟ علم بيان جو مدار ڪهڙين ڳالهين تي رکيل آهي؟ ’تشبيه‘، ’استعاره‘، ’مجاز مرسل‘ ۽ ’ڪنايه‘ جو مطلب سمجهايو ۽ هر هڪ جو مثال ڏيو.

علم بديع ڇا کي ٿو چئجي؟ ڪلام ڪيترن قسمن جو آهي؟ نثر جا ڪهڙا قسم آهن؟ مرجز، مسجع ۽ عاري نثر ڇا کي ٿا چون؟ انهن جا مثال ڏيو. نظم جا ڪيترا قسم آهن؟ هر هڪ جي سمجهاڻي ڏيو. غزل ۽ قصيدي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ قطعه ۽ رباعيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟

قصيده ۽ مثنويءَ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ ترجيع بند ۽ ترڪيب بند ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ لفظي ۽ معنوي صنعتون ڇا کي ٿا چون؟ هر هڪ جا ڪي مکيه قسم ٻڌايو. هيٺين لفظي صنعتن جي سمجهاڻي ڏيو: ’تجنيس‘، ’ترصيح‘، ’توشيح‘، ’تضمين‘، ’ذوقافيتين‘، ’ذوبحرين ’تصحيف‘ ۽ ’مقلوب‘. هيٺين معنوي صنعتن جي معنيٰ سمجهايو: ’ابهام‘، ’تجاهل العارف‘، ’سوال و جواب‘، ’محتمل الضدين‘، ’لف و نشر‘، ’ارسال انمثل‘، ’سياق الاعداد‘، ’معما‘ ۽ ’نغز‘.

علم عروض ڇا کي ٿا چون؟ نحو سان انهيءَ جو ڪهڙو واسطو آهي؟ شعر جا اصول ڇا کي ٿا چون ۽ ارڪان ڇا کي ٿا چون؟ اصول جا ڪهڙا قسم آهن ۽ ارڪان جا ڪهڙا؟ شعر جا ڪيترا بحر آهن؟ انهن مان ڪن مکيه بحرن جا نالا ٻڌايو. تقطيع ڇا کي چوندا آهن؟ رديف ڇا کي ٿا چون ۽ قافيه ڇا کي؟ قافيه جا ڪهڙا حرف آهن ۽ انهن جا ڪهڙا نالا آهن؟ مثال ڏيو.

اشارو: مٿين سوالن جا جواب مٿي ڏنل مضمون مان آسانيءَ سان ڏئي سگهبا.

مشقون

(1) هيٺين جملن مان ڪهڙا خاص ڪلام آهن ۽ ڪهڙا عام؟

سڀ اوڳاريندڙ جانور حلال آهن. جي پکي چنبي ۾ جهلي ڪا شيءِ کائيندا آهن، سي سڀ حرام آهن. پکين ۾ بلڪ حلال آهن. ڪابه ڇلر کان سواءِ مڇي حلال ناهي. ڪي جانور چڙهيءَ جي ڪم ايندا آهن ۽ ڪي بار کڻڻ جي. سڪندر ساري دنيا فتح ڪئي. افلاطون وڏو حڪيم هو.

(2) هيٺين جملن ۾ ڪهڙا ڪلما تقسيم ٿيل آهن ۽ ڪهڙا اڻ تقسيم ٿيل آهن؟

سڀ اڻ پڙهيل ماڻهو بي عقل نه هوندا آهن. منجهانِ ڪيترا آهن جي عقل وارا آهن. سڀني جانورن کي حيواني عقل آهي. ڪي فقير دولت مند آهن. ٻه ايران جا بادشاهه مون کي شاعر سـُـجهن ٿا. ڪوبه ظالم ماڻهو بهشت ۾ نه ويندو.

(3) هيٺين ۾ صحيح يا غلط قياس ۽ دليلن ۾ ڪهڙا مقدما يا قضيا آهن ۽ ڪهڙيو نتيجو يا استدلال آهي؟

سڀ پڙهيل ماڻهو عقل وارا آهن. قاسم پڙهيل ماڻهو آهي، تنهن ڪري اهو عقل وارو آهي. ڪـَـنَ ۾ پارو پوندو آهي ته اهو ماڻهو ٻوڙو ٿي پوندو آهي. هي ماڻهو ٻوڙو آهي، تنهن ڪري هن جي ڪن ۾ پارو پيو هوندو. سڀڪو ماڻهو سک جو گهورو آهي. نيڪي سک آهي، تنهن ڪري سڀڪو ماڻهو نيڪيءَ جو گهورو آهي. جنگ مان هميشه نقصان ٿو رسي، صلح جنگ جو ضد آهي تنهن ڪري صلح مان هميشه فائدو ٿو رسي. جيڪي چمڪي ٿو، اهو سون ناهي. شيشو چمڪي ٿو، تنهن ڪري اهو سون ناهي.

(4) هيٺين نتيجن ڪڍڻ لاءِ ڪي قياس يا دليل سچا يا ڪوڙا ٺاهيو:

ڪن بيمارين ۾ حڪيم زهر کارائيندا آهن. جيڪو هاشم کي بيوقوف چوندو، اُهو سچ ٿو چوي. ڪي ڪمائتيون دوائون نباتات ۾ آهن. سڀني کاڄن کان سواءِ انسان جي گذري ويندي.

(5) هيٺئين جملي مان پهرين اصلوڪي مک جملو ڏيکاري، پوءِ سوال جواب جي رستي ٻيا ڀاڱا يا متعلق لاڳو ڪري ڏيکاريو:

اڪبر، جنهن جو اصلوڪو نالو جلال الدين هو ۽ جو همايون بادشاهه جو پٽ ۽ همايون جي ڀـَـڄ وقت سنڌ جي هڪڙي شهر عمر ڪوٽ ۾ ڄائو هو، سو جڏهن دهليءَ جو شهنشاهه ٿيو، تڏهن هندن توڙي مسلمانن سان اهڙي سياڻپ جي رستي هليو، جو قريب قريب ساري هندستان ۾ هر دلعزيز بادشاهه ليکبو هو.

(6) هيٺين نتيجن مان ڪهڙا استدلال جي رستي نڪتا آهن ۽ ڪهڙا استقرار جي رستي؟

جتي ڪٿي باهه مان دونهون نڪرندو آهي. هن کڏ مان دونهون ٿو نڪري، تنهن ڪري انهيءَ کڏ ۾ ضرور باهه هوندي. اک جي بناوت جي چڪاس مان معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون حڪمتون رکيل آهن، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته خدا تعاليٰ جنهن سارو جهان خلقيو آهي، سو اعليٰ قسم جو ۽ لاثاني حڪمت وارو آهي. ڪروسين تيل جو زمين مان ٿو نڪري، تنهن کي هڪدم باهه وٺيو وڃي. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته زمين مان نڪتل سڀني قسمن جي تيل کي هڪدم باهه لڳي ويندي آهي.

(7) هيٺين مثالن ۾ علم معانيءَ موجب ’ممڪن طلب‘ ڪهڙا آهن ۽ ’محال‘ ڪهڙا؟

ڪنهن کي ڏيان دانهن، قضا قلم وهائيو.
اسان ۽ پـَـرين، شل هون برابر ڏينهڙا.
شل ڏينهن ڏنگو نه ٿئي، ڇا جي ڏنگا ڏير.
ايءُ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو ڦري.
ڪيڏنهن ڪريان پير، مڙيئي مٿو ٿيو.
اونڌا شل آچار، ڪانڌ ڪنهين سين نه ڪري.
الله جـُـنگ جين، اجهي جن جي گهاريان.
سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.

 

(8) هيٺين مثالن ۾ علم بيان موجب ڪهڙي ڪهڙي صنعت ڪم آيل آهي؟ تنهن جو نالو ٻڌايو:

باهه جي پاڻي پيڻ مان نه رڳو جسم کي عذاب ٿو رسي، پر روح کي به ٿو رسي. هن جو قد سرو جهڙو آهي، پر سروقبا نه ڍڪيندو آهي ۽ هن جو منهن چنڊ جهڙو آهي پر چنڊ ٽوپي ڪين ڍڪيندو آهي. رئندي کلڻ اهڙو آهي، جهڙو جهـُـڙ ۾ اوچتو اُس نڪرندي آهي. هن سخيءَ جو هٿ درياهه آهي، جنهن مان موتي پيا نڪرن يا کاڻ آهي جنهن مان سونُ رُپو پيو نڪري. هن بهادر جي ترار ويهه ماڻهو ماريا ۽ ڏهه گهوڙا. هن جو ذهن ڄڻ ته لوح محفوظ آهي، جنهن مان ڪابه ڳالهه گٿل ۽ وسريل ڪانه آهي. علم حياتي آهي ۽ جـِـهل موت آهي. ماءُ ٻار کي پنهنجو رت ٿي پياري. هو گهوڙي تي چڙهيو هڪليندو نه ويو، پر سج هو جو آسمان تي پي ڦريو. اڄ ڏينهن سوير اُڀريو آهي. هن پنهنجو قارورو(1) طبيب کي ڏيکاريو. تنهن چيس ته توکي ذيابطيس جي بيماري آهي. منهنجي گل کي بلبل جي ڪابه خبر ڪانهي. هن جي همت جي دامن آسمان جو گريبان آهي.

(9) علم ’بديع‘ موجب هيٺين مثالن ۾ ڪهڙي قسم جو نثر ڪم آيل آهي؟

هو پنهنجي بهتري ۽ فتحيابي جي ڪري بلڪل مغرور نه ٿيو، جيئن اڪثر جوان مصنف ٿيندا آهن، پر ڪتاب نويسيءَ ۾ نالو ڪڍيائين، تنهن کان ڪيترا ورهيه پوءِ به هو ڏسبو هو ته هو پنهنجي در جي اڳيان گهٽي پيو ٻهاريندو هو يا پنهنجن شاگردن کي اڱرن اندر کڻي رکڻ ۾ پيو مدد ڪندو هو.

تنهنجي محبت مون کي پڙهڻ ڇڏايو. تو لاءِ مون پنهنجو وقت اجايو وڃايو. پنهنجن خير خواهن سان جهيڙو مچايو، ساري جهان کان منهن ڦيرايو. خيال پچائي پچائي خفقان پرايو. فڪر ۽ انتظار ۾ پنهنجو آرام ڦٽايو ۽ جان ۽ جسم جلايو.

آءٌ ڏاڍو شرمسار آهيان، بيشڪ گنهگار آهيان. هاڻ دوست مون کي معاف ڪر. پنهنجي دل صاف ڪر. پڪ ڄاڻج ته آءٌ گهڻو پشيمان آهيان، دليون بجانيون معافي جو خواهان آهيان. آءٌ توسان پرچڻ لاءِ تيار آهيان، وري به تنهنجو اڳوڻو يار آهيان. جنهن بندي جو ٻئي بندي تي بدگمان آهي، احسان ناهي سو حيوان آهي، انسان ناهي.

(10) هيٺين مثالن ۾ ڪهڙي قسم جو شعر آيل آهي:

(الف)

 

 

 

(ب)

 

 

 

 

 

(ج)

 

 

 

(د)

 

 

 

 

(هه) (1)

 

 

 

 

(2)

 

 

 

 

(ر) (1)

 

 

 

(2)

 

 

 

(3)

 

 

 

جي ڀائين ته تنهنجي دل ٿئي آئينو،
ڪر صاف ڏهن شين کان پنهنجو سينو،
حرص ۽ امل ۽ ڪوڙ ۽ ڪاوڙ غيبت،
بخل ۽ حسد ۽ ريا ۽ هٺ ۽ ڪينو.
ادب گنج قارون جي کان چڱو،
حڪومت فريدون جي کان چڱو،
بزرگن گهريو ڪينڪي مـِـلڪ مال،
آهي مـِـلڪ ۽ مال کي نت زوال،
گهريائون انهيءَ لاءِ علم ۽ ادب،
جو نت نيڪناميءَ جو آهي سبب.
علم جنهن ۾ عمل جو ناهي نشان،
سو بدن آهي جنهن ۾ ڪانهي جان،
گڏ عمل علم ڄڻ ته ٻئي آهن،
هڪ شمع جا ٻه شعلا، ناهي گمان.
چيو ڪالهه طبيب کي وڃي مون لاچار،
آهيان بيمار ڳڻتين ۾ رهان رات سڄي ٿو بيدار،
ڪر ڪو ويچار جيئن نبض ڏسي منهنجي،
اٿئي عشق جو مرض توتي ٿيو فرض تاترت ڪرين،
جيڪو هجي تنهنجو يار، تنهنجو ديدار.
جنهن جو عالم ۾ هر جڳ اُهڃاڻ،
تنهنجو آهي اصل وجود وٿاڻ،
جت سمجهي ڪونه منهنجو ڄاڻ سڃاڻ،
اُت پرين مون کي ٿو پسائي پاڻ،
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.
آهي منهنجي سدا خدا تي نظر،
رات هوئي ڏينهن هوئي ڪ شام سحر،
نه انڌاري نه سوجهري ۾ خطر،
ڪونهي ڪنهن پر ڏکن کان مون کي ڏر،
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.
آ موٽي سڄڻ جو اڄ بهار آهه،
صحرا سڄو ڏس ته لاله زار آهه.
ڀرپور گلن سان شاخسار آهي،
بلبل جي انهيءَ ڪري پڪار آهه.
آ موٽي هلي وسايون خلوت،
۽ پاڻ ۾ اڄ ڪريون ڪا صحبت،
ڄاڻون هي ٻه چار ڏينهن غنيمت،
جو عمر تي ڪونه اعتبار آهه.
آ موٽي ڪريون قرار ڪو دم،
ڪي ڏينهن ڇڏيو وساري سڀ غم،
صحبت ري سڄڻ ڪريون نه ٻيو ڪم،
دنيا سڄي خواب ۽ خمار آهه.

 

(و) سنڌي يوسف ۽ زليخا جو ڪتاب ۽ سنڌي بوستان ۽ ديوان سانگي ۽ ديوان قاسم، انهن ڪتابن ۾ جيڪو شعر آهي، اُهو ڪهڙي قسم جو آهي؟

(11) هيٺين مثالن ۾ ڪهڙيون لفظي ۽ معنوي صنعتون ڪم آيل آهن؟

(الف)

جنگ جا وبت نغارا ٿيا شروع،

 

حشر ٿيو مقتل ۾ سارو سـُـو به سـُـو،
اُت منادي موت جي ٿي ڪـُـو به ڪـُـو،
رُڪ جي بادل مينهن ٿي برسايو لوهو،
ٿيا ڳڙن جئن تير ۽ وڄ جئن ترار،
شاهه ٿي نت شڪر ڪيا بر ڪردگار.

(ثابت علي شاهه)

(ب)

جڏهن ڪربلا ۾ ڪوفين مارايا امام پيارا،
چيو شاهه هاڻ هلجي ويا سڀ لنگهائي وارا.
ٿي ضعف زين عابد چيو ماري آهه نعرا،
دل ميرو دزد ستم صاحبدلان خدارا.

 

(ج)

ٻانهو صالح تون اَي ڪريم ڪرينم،
نانو تون پنهنجي اي سليم سلينم.

 

(د)

آءٌ گدا گهٽ ڪين سمجهان پاڻ کي سلطان کان،
هن کي تخت ۽ مون کي تختو، هن تي ڇٽ مون تي ڇٽي.
خلق هن وٽ، خـُـلق مون وٽ، زور هـُـت زاري هتي،
مون رعايت، اُن رعيت، صلح مون جنگ اُن کٽي.
منهنجو ڪـِـشتو هن جي ڪـِـشتي، منهنجي تاج ۽

 

هن جو تاج،

 

 

(هه)

هن جي لـُـٽ ۽ منهنجي لـَـٽ، هن جو پـَـٽو منهنجي پـَـٽي.

هنجن جو مينهن ۽ آهـُـن جا شعلا،
ڪريان ڪئن پاڻي هيڏي، باهه هوڏي.

 

(و)

ناهي بقا زماني ۾ اقبال کي ادا،
اقبال کي جي اُبتو ڪرين ٿئي ٿو لابقا.
صراحيءَ کي هڪ رات هيئن شمع چيو،
ته محفل جو سينگار آهين تون دوست.
سرفراز ٿي ڇو پيالي اڳيان،
ڪري سجدا پنهنجي گـَـسائين ٿو پوست.
صراحيءَ چيس ڇو ٻڌو ڪين ٿئي،
تواضع ز گردن فرازن نڪوست.

 

(ج)

ٽي سبق توکي ڏيان ٿو ياد رک،
لفظ ٽي آهن، لهن پر سي ٿا لک.
هڪ اُميد آهي ۽ ٻيو ايمان يار،
ٽيون محبت آهي، هي ٽيئي تون ڌار.
رک ٽئي هي دل تي پوءِ لهندين ضرور،
ڏڍ مصيبت ۾ ۽ اونداهيءَ ۾ نور.

 

مشق (12)

10- نمبر ۾ جيڪي شعر ڏنل آهن، تن مان هر هڪ جو بحر ۽ وزن ڏيو ۽ انهيءَ جو نالو ٻڌايو ۽ پهرين مصراع جي نقطيع ڪريو.

مشق (13)

10- نمبر ۾ ڏنلن شعرن مان هر هڪ ۾ ڏيکاريو ته رديف ڪهڙو آهي ۽ قافيه ڪهڙو آهي ۽ قافيه جا ڪهڙا حرف موجود آهن ۽ انهن جا ڪهڙا نالا آهن؟

(14) هيٺين سنڌي ذو معنيٰ لفظن جون سڀ معنائون ڏيو:

اِٽـي، قلم، ڪـِـرڙي، ڪڙو، ڪـِـلو، ڪـُـنڍي، سکر، چاڪ، تار، تـِـر، وار، پت، ڪل، پڇاڙي، ڦوٽو، ڪاٺ، ور، آچار، آرسي، استري، ٻيڙو، ڀينڊي، ڏونرو، ڏيڍي، جـِـڙي، مـَـري، ناس.(1)

(15) هيٺيان سنڌي شعر ڪهڙي قسم جا آهن ۽ انهن جي ڪهڙي خاصيت آهي؟ ۽ منجهن ڪا صنعت ڪم آيل هجي ته ٻڌايو.

(الف)

ويا مورَ مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪاڻيرن جو.

 

(ب)

ايءُ ڪچائي منجهه تو جو ڀانيو ڪچ،
جيڪي سندو سڄڻين، سو سڀوئي سچ.

 

(ج)

 

 

 

(د)

اوڳي ڇڏيئي ڇو ارٽ اولاڻي،
جي جسو ويهه تنهيسين واڻي،
توبهه توبهه ڪيو تند تاڻي،
لينڄهه ڀري ڪڍ ڇني ڇاڻي،
هر دم حق جي تند تنوار، چرکو چوري ڪت ڪاتار،
ڪر ته سدا تون هوئين قرار، چرکو چوري ڪت ڪاٿار.
اُٿي ڪاپائتي آڌيءَ ڪت، ڀيرج ڀيرم رويد رت.
ووءِ ٿي م ويڳاڻي وت، پورهيو پورهيت اي پهت.
               

(هه)

جا هڙ اندر جيءُ، سا هڙ ڏني ساهه کي،
ساهڙ ڇـُـڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙريءَ،
ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساهه جي.

 

(و)

 ″گهڙن واريون تڙن تي گهڙن گهڻي ئي.
سا لک لهي ٿي لک جا تو ايندين ان سين.
جي پند ڀاريائون ته سگهائي سگها ٿيا.
رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀڪنهين.
محبت جي ميدان ۾ پيا لال لڇن.
عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
اندر آئينو ڪري پرين کي پسيج.
صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو.

 

(ز) هيٺيون بيت ڪهڙن ٻن بحرن ۾ پڙهي سگهجي ٿو ۽ انهيءَ کي ڇا ٿا چون؟

نيڪ بخت آهي انهيءَ جهڙو ڪٿي،
جو غريبن کي سدائين ٿو گهـُـري.


 

(16) هيٺيان لفظ، جن جي صورت ساڳي آهي، مگر زير زبر جو تفاوت آهي، تن جي جدا جدا معنيٰ ٻڌايو ۽ چئو ته انهن کي ڪهڙي صنعت چئي سگهبو؟

مـِـهر - مـَـهر - مـُـهر. لئو - لـِـئو - لـُـئو. وَرهيه - ورُهه. ڪـِـن - ڪـُـن - ڪـَـنُ. کـَـلن - کـِـلڻ - کـُـلن. گهـُـٽي - گهـِـٽي - گهـُـٽي. ڪـُـشتي - ڪـِـشتي.

اشارو: مٿين سوالن ۽ مشقن جا جواب مٿئين باب جي مضمون پڙهڻ کان پوءِ آسانيءَ سان ڏئي سگهبا.


(1) تکو= تيز هلڻ يا سواريءَ ۾، ڪبوتر تکو. کارو= سواد ۾ کارو ۽ ٽوڪرو. ٻيڙِي= پاڻيءَ ۾ هلڻ جي ۽ لوهه جي ٻيڙي جا درين کان پوندي آهي. تاڙي= هٿ سان وڄائبي آهي، ڪنن تي تاڙي ايندي آهي. در جي بند ڪرڻ جي تاڙي، کجيءَ مان تاڙي نڪرندي آهي، نشي واري. ڪپ= ڇري ۽ درياهه جو ڪنارو. ٿورو= گهڻي جو ضد ۽ احسان. ڪام= شهتير، لڪڻ ۽ شهوت يا عشق. گهاٽو= ڇِٽو جو ضد ۽ نقصان. سنگ= سنگت ۽ اَن جو سنگ. گهڙي= ننڍڙو دلو يا دِلي، وقت ۽ وڄائڻ جي گهڙي. مٽ= پاڻِيءَ جو مٽ ۽ برابر. پينگهو= لُڏڻ جو پينگهو، مينهن جي ٽنگ ٻڌڻ جو رسو. ڏونڪو= دُهل يا نغاري وڄائڻ جو ڏونڪو ۽ کجيءَ جو ڏونڪو. ڪڪر= آسمان جو ڪڪر ۽ سپنج. ڪارائي= ڪاٺي وڍڻ جي ۽ ٻانهن جي ڪارائي. ساڙهي= چادر ۽ ننڍو لوٽو. چغل= چغلي هڻندڙ ۽ حقي يا چلم جي ٽوپيءَ ۾ جيڪو اڱر وغيره وجهبو آهي. تؤ= سيڪ ۽ ماني پچائڻ جو تئو.

(1) يعني پيشاب، علم طب ۽ اهو نالو اٿس.

(1) اِٽي= گڏهه جي اِٽي، گِلي جنهن کي ڏڪر هڻي راند ڪبي آهي. قلم= لکڻ جو، لکيو يا قسمت، گلاب يا ٻئي وڻ جا قلم. ڪرڙي= ننڍو ڪرڙ ۽ چِچي. ڪڙو= مٺي جو ضد، در جو ڪڙو. ڪلو= ڪاٺ جو ڪلو، جنگ، ڪُنڊي= مينهن وريلن سڱن واري، سبڻ جو اوزار. سکر= شريف، چڱو ماڻهو، تندرست، شهر جو نالو. چاڪ= گاڏيءَ جو چاڪ، پهراڻ جو چاڪ. تار= تند وڄائڻ جي، تار برقي يا پيغام تار جي رستي آيل، پاڻيءِ تار. تر= بت تي نڪرندو آهي، اَن جنهن مان تيل نڪرندو آهي. وار= مٿي جو وار، ڏينهن. پت= شربت جي پت، ويساهه. ڪل= خبر، انجڻ. پڇاڙي= گهوڙي جي پڇاڙي، پڄاڻي. ڦوٽو= الاچي، پاڻيءَ جو ڦوٽو، ڪاٺ= لڪڙي، قيد يا بند. ور= سٿڻ جو ور، وڪڙ. آچار= کائڻ جو، انصاف. آرسي= سست، آئنو. استري= زال. لوهه جي استري ڌوٻين جي. ٻيڙو= بٽڻ يا پهراڻ جو ٻيڙو ۽ پان جو ٻيڙو. ڀينڊي= ڪاٺ توري ۽ منهن جي ڍڪڻ جو ڪپڙو. ڏونئرو= ڪرڙ جو ميوو، ٻانهن جو ڏونرو. ڏيڍي= در جي ڏيڍي، ڪَنن ۾ وجهڻ جو زيور. چِڙي= جهرڪي، ڪاوڙي. مَري= بيمار، ذات جا مري، ماڻهو مري ويو. ناس= نڪ ۾ ڏيڻ جي، سنگهڻ، چٽ ٿيڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org