باب اٺون
فصل پهريون
- زمانن جا قسم
فعل جا زمان
زمان لفظ جي معنيٰ آهي وقت ۽ فعل جا زمان ڏيکارين
ٿا ته ڪوبه فعل ڪهڙو وقت ٿو ڏيکاري، يعني ڪوبه ڪم
ڪڏهن ٿيو يا ٿئي ٿو يا ٿيڻو آهي، يعني گذريل وقت ۾
يا هلندڙ وقت ۾ يا ايندڙ وقت ۾. انهيءَ ڪري فعل جا
ٽي زمان آهن: هڪڙو
″زمان
حال″، ٻيو
″زمان
ماضي″
۽ ٽيون
″زمان مستقبل″.
زمان حال هلندڙ وقت ٿو ڏيکاري، جيئن ته آءٌ خط
لکان ٿو. ڇوڪر گهر وڃي ٿو. زمان ماضي گذريل وقت ٿو
ڏيکاري جيئن ته مون خط لکيو. ڇوڪر گهر ويو. زمان
مستقبل ايندڙ وقت ٿو ڏيکاري، جيئن ته آءٌ خط
لکندس، ڇوڪر گهر ويندو.
زمان حال جا قسم:
وري زمان حال جا ٽي قسم آهن: هڪڙو
″زمان
حال مطلق″، ٻيو
″زمان
حال مدامي″ ۽ ٽيون
″زمان
حال متشڪي″. زمان حال مطلق يا خاص فقط هلندڙ وقت ٿو
ڏيکاري، يعني اهو ڪم هينئر پيو ٿئي يا پيو هلي.
جيئن آءٌ خط لکان ٿو، ڇوڪر گهر وڃي ٿو. يعني آءٌ
هينئر لکان ٿو ۽ هو هينئر وڃي ٿو.
″حال
مدامي″ گذريل ۽ هلندڙ وقت گڏي ٿو ڏيکاري. يعني ته
ڪو ڪم گذرئي وقت کان وٺي جاري ٿيو آهي ۽ اڃا هلندو
اچي ۽ پيو ٿئي يا هميشه ٿيندو آهي جيئن ته هو ڇوڪر
مڪتب ۾ پڙهندو آهي، يعني گذريل وقت کان وٺي پڙهندو
اچي ۽ پڙهي پيو. ڪي انهيءَ کي
″حال
استمراري″
به چون ٿا ۽ جو ڪم هميشه پيو ٿيندو آهي، تنهن کي
″حال
مدامي″ چون ٿا.
″حال
متشڪي″ به هلندڙ وقت ٿو ڏيکاري، مگر پـَـڪ نه
هوندي آهي ته اهو ڪم هلي ٿو يا نه؟ يعني شڪ
ڏيکاريندو آهي، جيئن ته: ڇوڪر مڪتب ۾ پڙهندو
هوندو.
زمان ماضي جا قسم:
زمان ماضي گذريل وقت ڏيکاري ٿو. مگر گذريل وقت به
هلندڙ وقت کان يا گهڻو پري ۽ اڳي ٿو ٿئي يا ويجهو
ٿو ٿئي، يا گهڻي وقت کان ڪو ڪم ٿي بس ٿيو، يا ڳچ
تائين پئي ٿيو. انهيءَ نظر تي
″زمان
ماضي″
جا هي قسم آهن:
″ماضي
مطلق″،
″ماضي
قريب″،
″ماضي
بعيد″،
″ماضي
استمراري″،
″ماضي
مدامي″،
″ماضي
متشڪي″
۽
″ماضي
شرطيه″.
″ماضي
مطلق يا خاص″
ماضي فقط مبهم گذريل وقت ۾ ڪم پورو ٿيل ڏيکاري ٿو،
پر اها خبر نٿو ڏئي ته ڪو ڪم تازو ٿيو يا گهڻو اڳي
پورو ٿي چڪو، جيئن ته هو پڙهيو يا هو ويو.
″ماضي
قريب″
ڏيکاري ٿو ته اهو ڪم تازو يا ويجهڙائي ۾ ٿيو آهي،
جيئن ته هو پڙهيو آهي يا هو ويو آهي. قريب لفظ جي
معنيٰ به ويجهو آهي.
″ماضي
بعيد″
ڏيکاري ٿو ته اهو ڪم ڳچ وقت اڳي ٿي چڪو هو، جو
بعيد لفظ جي معنيٰ آهي پري، جيئن ته هو پڙهيو هو،
هو ويو هو.
″ماضي
استمراري″
ڏيکاري ٿو ته اُهو ڪم گذريل وقت ۾ جاري هو ۽ پئي
هليو، جيئن ته هـُـن پڙهيو ٿي، هو پئي ويو.
″ماضي
مدامي″
ڏيکاري ٿو ته اهو ڪم گذريل وقت ۾ هميشه جاري هو ۽
پيو ٿيندو هو، جيئن ته هو پڙهندو هو، هو ويندو هو.
مدامي لفظ جي معنيٰ آهي هميشه ٿيندڙ.
″ماضي
متشڪي″
ڏيکاري ٿو ته اهو ڪم گذريل وقت ۾ ٿيو يا نه؟ تنهن
جي پڪ ناهي، شڪ آهي ۽ متشڪي لفظ جي معنيٰ به آهي
شڪ وارو، جيئن ته هو پڙهيو هوندو، هو ويو هوندو.
″ماضي
شرطيه″
ڏيکاري ٿو ته اهو ڪم گذريل وقت ۾ ڪنهن شرط پوري
ٿيڻ تي ٿئي ها، جو شرطيه جي معنيٰ شرط وارو جيئن
ته هو پڙهي ها، هو وڃي ها.
عربي صرف نحو موجب
″ماضي
معطوفي″
به ماضين ۾ آڻيندا آهن، جو ڏيکاري ٿو ته گذرئي وقت
۾ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڪم ڪري پوءِ ٻيو ڪم ڪيو. يعني
اهو ماضي ٻن گذريل ڪمن کي ڳنڍي ٿو، جو معطوفي لفظ
جي معنيٰ آهي ڳنڍيل يا موڙيل، جيئن ته هو پڙهي
هوڏي ويو، آءٌ هن جو ڪم لاهي گهر آيس.
انهيءَ کان سواءِ
″ماضي متمني″
۽
″ماضي
امڪاني″ به ماضين ۾ داخل ڪيا اٿن. ماضي متمني
خواهش ٿو ڏيکاري جو گذرئي وقت سان لاڳو آهي. اُهو
صورت ۾ شرطيه جهڙو آهي مگر لفظ
″چڱو″
گڏيندا آهن، جيئن ته هي ڪم ٿئي ها ته چڱو هو. مگر
انهيءَ ڪم جو ٿيڻ ڪنهن شرط تي منحصر نه آهي، جيئن
ماضي شرطيه ۾ آهي ۽
″ماضي
امڪاني″
ڏيکاري ٿو ته انهيءَ ڪم جي ٿيڻ جو امڪان هو ۽ ٿي
ٿي سگهيو ۽ تنهن ڪري لفظ سگهڻ جو انهيءَ ۾ ڪم
ايندو آهي، جيئن ته هو پڙهي ٿي سگهيو، هو وڃي ٿي
سگهيو. ٻي طرح انهن جي صورت ماضي استمراري جهڙي
آهي، پر اهو سگهڻ ڪنهن به ٻئي زمان سان لڳي ٿو
سگهي.
زمان مستقبل جا قسم:
زمان مستقبل ايندڙ وقت ٿو ڏيکاري، پر اُهو ڪم ايندڙ وقت ۾ هڪ
دفعي ٿيڻو آهي يا گهڻي وقت تائين پيو ٿيندو، تنهن
لاءِ زمان مستقبل جا ٻه قسم آهن: هڪڙو
″مستقبل مطلق″
يا خاص ۽ ٻيو
″مستقبل استمراري″.
مستقبل خاص فقط آئيندو وقت مجمل طرح ٿو ڏيکاري،
جيئن ته هو پڙهندو، هو ويندو. پر
″مستقبل
استمراري″ اهو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڳچ تائين جاري رهندو
يا هلندو، جيئن ته هو پيو پڙهندو.
زمان مضارع:
مٿي ٽي زمان ڏنا ويا آهن: حال يعني هلندڙ وقت،
ماضي يعني گذريل وقت ۽ مستقبل يعني ايندڙ وقت. پر
ٻيو هڪڙو زمان آهي جو حال به ٿو ڏيکاري ۽ مستقبل
به. يعني ڪم جو ڪرڻو آهي، سو هلندڙ وقت سان به
لاڳو ٿي سگهي ٿو ۽ ايندڙ وقت سان به، ٻنهي ساڻ
شامل آهي. انهيءَ کي
″زمان
مضارع″
چون ٿا جو مضارع لفظ جي معنيٰ آهي ٻن جو پاڻ ۾
ڀائيوار ٿي رهڻ جيئن ته آءٌ وڃان، ڇوڪر پڙهي، دل
ٿي چوي ته هي ڪم ڪريان. انهيءَ مان ڪم جو ڪرڻ
هلندڙ وقت حال ۾ به سمجهي ٿو سگهجي ۽ ايندڙ وقت
يعني مستقبل ۾ به. ٻئي انهيءَ ۾ شامل آهن.
حال يا ماضي استمراري يا مدامي يا معطوفي وانگي
مضارع به مدامي يا معطوفي ٿي سگهي ٿو، جيئن ته هو
پڙهندو اچي، آءٌ هي ڪم ڪندو وڃان.
فصل ٻيو
زمانن جوڙڻ جا رستا
مٿي چيو ويو آهي ته فعل جي پهرين صورت آهي مصدر جا
هڪڙيءَ کاڻ وانگر آهي، جنهن مان جدا جدا فعل جون
صورتون نڪرن ٿيون ۽ هي به ڏيکاريو ويو آهي ته مصدر
جي نشاني
″ڻ″
ڪڍڻ سان، ڪن حرڪتن ڦيرائڻ سان امر ٿو جڙي، جيئن ته
لکڻ - لک، وڃڻ - وڃ، مارڻ - مار. امر جي پٺيان
″او″
يا
″يو″
گڏڻ سان اسم مفعول ٿو ٺهي، جيئن ته مارڻ - مار -
ماريو، لکڻ - لک - لکيو. اها مفعول جي صورت بلڪل
ماضي مطلق جهڙي آهي. امر جي پٺيان
″اندو″
يا
″ايندو″
گڏڻ سان اسم حاليه ٿو جڙي، جيئن ته پڙهه - پڙهندو،
مار - ماريندو، جو مستقبل واحد غائب جهڙو آهي.
هاڻي ڏسڻ ۾ ايندو ته فعل جا جيڪي به زمان آهن ۽ جن
جو مٿئين فعل ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، سي سڀ پهرين امر
مان ٿا نڪرن. هن طرح ته پهرين امر مان مضارع ٿو
جڙي، انهيءَ لاءِ جي امر جي پڇاڙيءَ ۾
″اَ″
آهي ته
″اَن″
۽ جي
″اِ″
آهي ته
″يان″
ٿو گڏجي. اها مذڪر واحد متڪلم جي صورت آهي، پر ٻين
ضميرن ۽ عددن ۽ جنسن ۾ جدا جدا نشانيون يا پڇاڙيون
آهن، جي هيٺ فعل جي ڦيرن مان معلوم ٿينديون. مضارع
جا مثال: پڙهڻ مان امر پڙهه ۽ پڙهه مان مضارع
پڙهان. مارڻ مان امر مارِ ۽ مارِ مان مضارع
ماريان.
مضارع مان وري هيٺيان زمان نڪرن يا جـُـڙن ٿا: (1)
زمان حال مضارع جي اڳيان يا پٺيان
″ٿو″
گڏڻ سان، جيئن ته پڙهان - پڙهان ٿو يا ٿو پڙهان،
مار - ماريان ٿو يا ٿو ماريان ۽ پيو وجهڻ سان حال
استمراري ٿو ٿئي، جيئن ته پڙهان پيو، پيو ماريان.
(2) مضارع جي پٺيان
″ها″
وجهڻ سان ماضي شرطيه ٿو ٺهي، جيئن ته پڙهان ها،
وڃي ها، مارين ها.
اسم حاليه مان وري هيٺيان زمان ٿا جڙن: (1)
مستقبل، جو واحد غائب ۾ بلڪل اسم حاليه جهڙو آهي.
ٻين ضميرن ۽ جنسن ۽ عددن ۾ نشان يا پڇاڙيون ڦرن
ٿيون، جي هيٺ ڦيرن مان معلوم ٿينديون. مثال:
پڙهندو، ماريندو. (2) انهيءَ ۾
″پيو″
گڏڻ سان مستقبل استمراري ٿو ٺهي، جيئن ته: پڙهندو
پيو، پيو ماريندو. (3) انهيءَ ۾
″آهي″
گڏڻ سان حال مدامي ٿو ٺهي، جيئن ته: پڙهندو آهي،
ماريندو آهي. (4) ماضي مدامي
″هو″
گڏڻ سان جيئن ته پڙهندو هو، ماريندو هو. (5) حال
متشڪي
″هوندو″
گڏڻ سان، جيئن ته پڙهندو هوندو، ماريندو هوندو.
اسم مفعول مان جي زمان نڪرن ٿا، سي هي آهن: (1)
ماضي مطلق ته اسم مفعول جهڙو آهي، جيئن ته پڙهيو،
ماريو. (2) ماضي قريب
″آهي″
گڏڻ سان ٿو جڙي جيئن ته پڙهيو آهي، ماريو آهي. (3)
ماضي بعيد
″هو″
گڏڻ سان ٿو جڙي جيئن پڙهيو هو، ماريو هو. (4) ماضي
متشڪي
″هوندو″
گڏڻ سان جيئن ته پڙهيو هوندو، ماريو هوندو. (5)
ماضي اسمتراري اڳيان يا پٺيان
″پي″
يا
″ٿي″
گڏڻ سان، جيئن ته: پڙهيو ٿي يا پڙهيو پي، ماريو ٿي
يا ماريو پي، يا ٿي ماريو، يا پي پڙهيو.
مٿيان نشان يا مثال ضمير واحد، غائب مذڪر جا آهن.
ٻين ضميرن، جنسن ۽ عددن جي ڦير گهير جي خبر هيٺ
فعل جي ڦيرن مان پوندي. معلوم هجي ته مٿي جيڪي
نشان آهن ۽
″هو″
۽
″هوندو″
زمانن ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا، سي
″هئڻ″
فعل جو زمان حال ۽ زمان ماضي ۽ زمان مستقبل، مذڪر،
واحد يا غائب جي صيغي جا آهن، جي زمانن ٺاهڻ ۾ ٻين
فعلن کي مدد ڪن ٿا، تنهن ڪري هئڻ فعل کي فعل معاون
چوندا آهن جيئن مٿي به چيو ويو آهي. هيٺ فعل معاون
جي ڦيري مان انهن ٽنهي زمانن جا ٻيا صيغا يعني
ضميرن، جنسن ۽ عددن جي ڦير گهير جي خبر انهن فعلن
جي ڦيري مان پوندي.
فصل ٽيون
زمانن جا گردان يا ڦيرا
(1) فعل معاون جو گردان - مصدر هئڻ
زمان حال (مذڪر ۽ مؤنث)
|
واحد |
جمع |
ضمير متڪلم
ضمير حاضر
ضمير غائب |
آءٌ آهيان
تـُـون آهين
هـُـو آهي |
اسين آهيون
توهين آهيو
هـُـو آهن |
زمان ماضي مطلق
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ هوس
تون هئين
هـُـو هو |
اسين هئاسين
توهين هئو
هـُـو هئا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ هيس
تون هئينءَ
هوءَ هئي |
اسين هيونسين
توهين هيون
هـُـو هيون |
زمان مستقبل
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ هوندس
تون هوندين
هو هوندو |
اسين هونداسين
توهين هوندؤ
هو هوندا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ هونديس
تون هوندينءَ
هوءَ هوندي |
اسين هونديونسين
توهين هونديون
هـُـو هونديون |
زمان مضارع
مذڪر ۽ مؤنث لاءِ
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ آهيان يا هجان
تون هوئين يا هجين
هو هوءِ يا هجي |
اسين هئون يا هجون
توهين هوئو يا هجو
هو هوئن يا هجن |
(2) فعل متعدي جو گردان - مصدر لکڻ
زمان مضارع
مذڪر ۽ مؤنث لاءِ
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکان
تون لکين
هو لکي |
اسين لکون
توهين لکو
هو لکن |
زمان حال
مذڪر
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکان ٿو
تون لکين ٿو
هو لکي ٿو |
اسين لکون ٿا
توهين لکو ٿا
هو لکن ٿا |
مؤنث
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکان ٿي
تون لکين ٿي
هوءَ لکي ٿي |
اسين لکون ٿيون
توهين لکو ٿيون
هو لکن ٿيون |
زمان حال استمراريءَ ۾
″ٿو″
جي بدران
″پيو″
۽
″پيا″
۽
″ٿي″
جي بدران
″پئي″
۽
″پيون″
وجهو.
زمان ماضي شرطيه ۾ مذڪر ۽ مؤنث لاءِ مضارع جي پٺيان
″ها″
وجهو.
زمان مستقبل
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندس
تون لکندين
هو لکندو |
اسين لکنداسين
توهين لکندؤ
هو لکندا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکنديس
تون لکندينءَ
هوءَ لکندي |
اسين لکنديونسين
توهين لکنديون
هو لکنديون |
مستقبل استمراريءَ لاءِ مذڪر واسطي
″پيو″
۽
″پيا″
وجهو ۽ مؤنث واسطي
″پئي″
۽
″پيون″.
زمان حال مدامي
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندو آهيان
تون لکندو آهين
هو لکندو آهي |
اسين لکندا آهيون
توهين لکندا آهيو
هو لکندا آهن |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندي آهيان
تون لکندي آهين
هوءَ لکندي آهي |
اسين لکنديون آهيون
توهين لکنديون آهيو
هو لکنديون آهن |
زمان ماضي مدامي
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندو هوس
تون لکندو هوئين
هو لکندو هو |
اسين لکندا هئاسين
توهين لکندا هئو
هو لکندا هئا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندي هيس
تون لکندي هئينءَ
هوءَ لکندي هئي |
اسين لکنديون هيونسين
توهين لکنديون هيون
هـُـو لکنديون هيون |
زمان حال متشڪي
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندو هوندس
تون لکندو هوندين
هو لکندو هوندو |
اسين لکندا هونداسين
توهين لکندا هوندؤ
هو لکندا هوندا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ لکندي هونديس
تون لکندي هوندينءَ
هوءَ لکندي هوندي |
اسين لکنديون هونديونسين
توهين لکنديون هونديون
هو لکنديون هونديون |
(3) فعل لازميءَ جو گردان - مصدر ٽـِـڪڻ
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪيس
تون ٽڪئين
هو ٽڪيو |
اسين ٽڪياسين
توهين ٽڪيوُ
هو ٽڪيا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪيس
تون ٽڪينءَ
هوءَ ٽڪي |
اسين ٽڪيونسين
توهين ٽڪيون
هـُـو ٽڪيون |
زمان ماضي قريب
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪيو آهيان
تون ٽڪيو آهين
هو ٽڪيو آهي |
اسين ٽڪيا آهيون
توهين ٽڪيا آهيو
هو ٽڪيا آهن |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪي آهيان
تون ٽڪي آهين
هوءَ ٽڪي آهي |
اسين ٽڪيون آهيون
اوهين ٽڪيون آهيو
هـُـو ٽڪيون آهن |
زمان ماضي بعيد
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪيو هوس
تون ٽڪيو هوئين
هو ٽڪيو هو |
اسين ٽڪيا هئاسين
توهين ٽڪيا هيؤ
هو ٽڪيا هئا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪي هيس
تون ٽڪي هوئينءَ
هو ٽڪي هئي |
اسين ٽڪيون هيونسين
توهين ٽڪيون هيون
هو ٽڪيون هيون |
زمان ماضي متشڪي
مذڪر
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪيو هوندس
تون ٽڪيو هوندين
هو ٽڪيو هوندو |
اسين ٽڪيا هونداسين
توهين ٽڪيا هوندؤ
هو ٽڪيا هوندا |
مؤنث
|
واحد |
جمع |
متڪلم
حاضر
غائب |
آءٌ ٽڪي هونديس
تون ٽڪي هوندينءَ
هوءَ ٽڪي هوندي |
اسين ٽڪيون هونديونسين
توهين ٽڪيون هونديون
هو ٽڪيون هونديون |
فعل متعديءَ ۾ ماضيءَ جي سڀني زمانن ۾ واحد توڙي
جمع ۾ صورت ساڳي آهي، جيئن: مون لکيو، اسان لکيو،
تو لکيو آهي، توهان لکيو آهي، هن لکيو هوندو ۽ هنن
لکيو هوندو.
اشارو:
حقيقت ڪري عربيءَ ۾ صرفُ چوندا آهن اسم يا فعل جي
گردانن يا ڦيرن کي، يعني سڀني صورتن يا حالتن يا
صيغن ۾ آڻي ڏيکارڻ. پوءِ هر هڪ صورت جي هڪ نموني
يا مثال ڏئي وڃڻ کي صرف صغير يعني ننڍو صرف يا
ڦيرو چوندا آهن ۽ هر هڪ زمان يا صورت کي جنسن،
عددن ۽ ضميرن ۾ مفصل طرح آڻڻ کي صرف ڪبير يعني وڏو
صرف يا ڦيرو چوندا آهن. هن فصل ۾ مٿي جيڪي ڦيرا
ڏنا ويا آهن، تن کي صرف ڪبير ٿو چئجي. صرف صغير جو
مثال هي آهي: پڙهڻ مصدر مان امر پڙهه، مضارع
پڙهان، حال پڙهان ٿو، حال مدامي پڙهندو آهيان، حال
متشڪي پڙهندو هوس، مستقبل يا اسم حاليه پڙهندو،
اسم فاعل پڙهندڙ، اسم مفعول يا ماضي مطلق پڙهيو،
ماضي قريب پڙهيو آهيان، ماضي بعيد پڙهيو هوس، ماضي
استمراري پڙهيس ٿي، ماضي متشڪي پڙهيو هوندس ۽ ماضي
معطوفي پڙهي. فعل متعدي بالواسطه ۽ فعل مجهول جا
گردان به مٿينءَ طرح ٿيندا.
فصل چوٿون
فعلن جا ڪي ٻيا خاص قسم
مٿي چيو ويو آهي ته فعل متعدي معروف به ٿيندو آهي
۽ مجهول به، جيئن ته مارڻ ۽ مارجڻ، جنهن ۾
″جڻ″
مجهول جي نشاني آهي. پر ڪن حالتن ۾ فعل لازمي به
مجهول جهڙي صورت وٺي ٿو، جنهنڪري انهيءَ جو ڪو خاص
فاعل ڪونهي. عام طرح ڪو به فاعل ٿي سگهي ٿو، جيئن
ته سياري ۾ ڏڪجي ٿو، ڊوڙڻ سان پگهرجي ٿو، يعني
ماڻهو ڏڪي ٿو، ماڻهو پگهرجي ٿو، اهڙن فعلن کي بي
فاعل فعل چون ٿا، سنسڪرت ۾ انهن جو نالو
″اڪر
ترڪ″
آهي. اهڙن فعلن جا اڪثر ماضي وارا يا اسم مفعول
مان جڙيل زمان ڪين ٿا ٿين، ٻيا ٿين ٿا. حال جو
مثال مٿي آيل آهي ۽ مستقبل جو هيءُ آهي: ڊوڙبو ته
پگهر نڪرندو، هوڏي ڪڏهن هلبو. مضارع جو: اهڙو ڪم
ڇو ڪجي، جو پشيمان ٿجي. حال استمراري: پيو ڊوڙبو،
پيو ڊوڙجي. حال مدامي: ڊوڙبو آهي. حال متشڪي:
ڊوڙبو هوندو. ماضي شرطيه: ڊوڙجي ها.
عربي صرف نحو موجب فعل مثبت به آهن ۽ منفي به آهن،
يعني هڪڙا اثبات ٿا ڏيکارين يا اهنڪار ٿا ڪن،۽ ٻيا
نفي ٿا ڏيکارين يا انڪار ٿا ڪن. يعني جن ۾
″نه″
ڪم ٿو اچي، جيئن ته هو وڃي ٿو. هوءُ نٿو وڃي. جيئن
امر يا حڪم جي منع يا
″نه″
ڪرڻ جي حڪم کي نهي چوندا آهن، نه ڪر م ڪر. پر مٿي
ڏيکاريو ويو آهي ته اهي نهڪار جا لفظ ظرف وانگي
شمار ڪجن ٿا. وري فعل مفرد به ٿين ٿا ۽ مرڪب به،
يعني ڇڙها ۽ گڏيل. گڏيل يا مرڪب فعل ٻن قسمن جا
آهن، هڪڙا ٻن فعلن مان، جيئن ته هلندو رهيو، ويو
هليو لکڻ لڳو، ڪري سگهيو، وڃي پيو، لوڙهي ڇڏيائين،
مري ويو، ٻيا اسمن ۽ فعل مان ٿا جڙن، ۽ فاعل
متعديءَ جي حالت ۾اڪثر اُهي اسم انهن جا مفعول
آهن، جيئن ته ٽپ ڏيڻ= ٽپڻ، جهٽ هڻڻ= جهٽڻ، دل
لائڻ، دل هڻڻ، نظر ڪرڻ، زور آزمائڻ. ڪي اهڙا فعل
رڳو ڪنهن ٻئي اسم جي پٺيان مصدر جي نشاني وجهي فعل
بنبا آهن، پوءِ اُهي اسم نج سنڌي هجن يا فارسي،
جيئن ته ڏک مان ڏکوئڻ ۽ ڏکوئجڻ،
ايذاءُ مان ايذائڻ ۽ ايذائجڻ، طهور مان طهورڻ ۽
طهورجڻ ۽ طهورائڻ. رنج مان رنجائڻ.
فصل پنجون
فعلن جون ڪي خاص صورتون
صدور يا طرز: عربي صرف نحو موجب فعلن جون ڪي خاص
صورتون يا حالتون آهن، جن کي صدور يا طرز چوندا
آهن ۽ انهن مان فعلن جي حالت جملن ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
انگريزيءَ ۾ به اهڙيون صورتون ڪم اينديون آهن،جن
کي
″موڊ″
چوندا آهن. اُهي صدور يا صورتون پنج آهن- (1) صورت
بياني،جا فعل جي رواجي صورت آهي ۽ ڪنهن ڳالهه جو
بيان آهي، جيئن ته هن ڪتاب لکيو، هو آيو. (2) صورت
مصدري، جنهن ۾ فعل مصدر جي صورت ۾ڪم ايندو آهي،
جيئن ته سچ ڳالهائڻ چڱي عادت آهي. (3) صورت امري،
جنهن ۾ ڪي ڪرڻ لاءِ چئجي يا حڪم ڏجي، يا منت ڪجي،
جيئن ته پٽ علم پڙهه. (4) صورت اختياري يا امڪاني،
جنهن ۾ ڪم ڪندڙ ڪو ڪم ڪري سگهي يا انهيءَ جي ڪرڻ
جو هن کي اختيار هجي، جيئن ته هو هي ڪم ڪري ٿو
سگهي. (5) صورت شرطي، جنهن ۾ ڪو شرط هجي يا ڪو ڪم
ڪنهن شرط تي منحصر هجي، جيئن ته جي هيئن ٿيو ته
پوءِ اهو ڪم ٿيندو.
پر هنن صورتن جو واسطو جملن سان ٿو رهي، تنهڪري
انهن جو بيان نحو ۾ ايندو. صرف ۾ هنن جو ذڪر اڳيئي
اچي ويو آهي، جيئن ته مصدر ۽ امر، ۽ ماضي شرطيه ۽
ماضي امڪاني بابت جيڪي چيل آهي سو پڙهي ڏسجي.
نسبتون يا پريوگ: مٿي چيو ويو آهي ته جملن ۾
سڀڪنهن فعل جو فاعل هوندو ۽ جي فعل متعدي هوندو ته
مفعول به هوندس، هاڻي فاعل ۽ مفعول جي هڪٻئي سان
يا انهن جي فعل سان جملي ۾ جيڪا نسبت ٿي رهي، تنهن
کي مناسب ٿا چون. اهي نسبتون گهڻن قسمن جون ٿين
ٿيون، پر جڏهن ته اهي جملن سان واسطو ٿيون رکن،
تڏهن عربي صرف نحو ۾ داخل آهن. پر جڏهن رواج موجب
اهي صرف ۾ به پڙهائيندا آهن، تڏهن هتي انهن جو
ٿورو بيان ڏجي ٿو. انهيءَ مناسبت کي سنسڪرت ۾″ پريوگ″
چون ٿا. اهڙيون نسبتون يا پريوگ ٽي آهن ـــ (1)
جڏهن ڪو فعل، ضمير، جنس ۽ عدد ۾ فاعل موجب ڦرندو
آهي، تڏهن انهيءَ کي نسبت فاعلي يا ڪرتري پريوگ
چوندا آهن، جيئن ته ڇوڪر ڊوڙي ٿو، ڇوڪر ڊوڙن ٿا
ڇوڪري ڊوڙي ٿي، ڇوڪريون ڊوڙن ٿيون، آءُ ڊوڙان ٿو،
اسين ڊوڙون ٿا هـُـو مارجي ٿو، هوُ مارجن ٿا،
هوُءُ مارجي ٿي، وغيره. اهو پريوگ فقط فعل لازمي ۽
فعل متعدي مجهول سان لاڳو ٿو ٿئي. (2) جڏهن ڪو فعل
ضمير، جنس ۽ عدد ۾ مفعول موجب ڦرندو آهي، تڏهن
انهيءَ کي نسبت مفعولي يا ڪرمڻي پريوگ چوندا آهن،
اهو پريوگ خاص فعل متعدي معروف سان لڳندو آهي، نه
لازمي ۽ مجهول سان ۽ مفعول مان جڙيلن زمانن ۾، نه
ٻين ۾، جيئن ته ڇوڪر ڪتاب لکيو، ڇوڪريءَ ڪتاب لکيو
ڇوڪر ڪتابڙي لکي، ڇوڪرن ڪتابڙي لکي، ڇوڪر ڪتاب
لکيا، ڇوڪرن ڪتابڙيون لکيون. مون ڪتاب لکيو ۽
اوهان ڪتابڙيون لکيون.
پر مفعول کان سواءِ، ٻيءَ طرح جڙيل زمانن ۾، يعني
مضارع ۽ اسم حاليه مان جڙيل زمانن ّ۾فعل متعدي
معروف ۾ فعل فاعل موجب ٿو ڦري نه مفعول موجب جيئن
مٿي چيو ويو آهي ته ڇوڪر ڪتاب لکي ٿو، ڇوڪري ڪتاب
لکي ٿي، ڇوڪر ڪتاب لکندا، ڇوڪريون ڪتاب لکنديون
وغيره ـــ جو ڪرتري پريوگ ٿيو، نه ڪرمڻي. (3) جڏهن
فعل نڪي فاعل موجب ڦري، نڪي مفعول موجب تنهن کي
نسبت علحدي يا
″ڀاوي پريوگ″
ٿا چون،۽ اهو اڪثر فعل متعدي معروف سان مفعول مان
جڙيلن زمانن ۾ لاڳو آهي. جڏهن جملي ۾ مفعول جي
پٺيان
″کي″
ظاهر اچي ٿو، جئين ته شڪاريءَ هرڻ کي ماريو،
شڪارين هرڻ کي ماريو، مون هرڻيءَ کي ماريو، اسان
هرڻين کي ماريو، مڙس هرڻ کي ماريو، زال هرڻ کي
ماريو، ۽ زالن هرڻ کي ماريو.
فصل ڇهون
فعلن جي زمانن جو سنسڪرت مان اصل
فعل متعدي بالواسط ۾
″آئڻ″
يا آرائڻ″
جو نشان، سنسڪرت ۾″آءِ″
يا
″آوي″
آهي. آرائڻ ۾
″ر″
سنسڪرت جي
″ل″
مان بگڙيل آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن سنسڪرت ۾ به وڌائيندا
آهن.
فعل مجهول ۾
″جڻ″
جو نشان سنسڪرت جي
″ي″
مان آهي، جو بدلجي پهرين
″اي″
ٿيو ۽ پوءِ
″اج″.
سنڌيءَ وانگي ٻين ٻولين ۾ مجهول لاءِ ڪو به نشان
ڪونهي . ٻيا فعل وجهي اها معنيٰ ڪڍن ٿا، جيئن ته
هو مارجي ويو، هنديءَ ۾ وه مارا گيا. آءُ مارجان
ٿو، مين مارا جاتا هوُن.
امر جي پٺيان جو
″اج″
نشان اچي ٿو، جيئن ته ڪج يا ڪجئين، سو پراڪرت جي
″اج″
ما آيل آهي. هنديءَ ۾″اِيو″آهي
جئين ته ڪريو، جائيو يا جائبي. امر پڇاڙي، جا
پراڪرت ۾″اُ″
آهي، سا سنڌيءَ ۾
″اُ″
يا
″اِ″
ٿي ٿئي. اسم مفعول جو نشان
″يو″
سنسڪرت جي
″توا″
۽
″يا″
مان آهي،جو پراڪرت ۾″تون″
يا
″اون″
يا پڇاڙيءَ
″ا″
مان آهي. مضارع جو نشان غائب جمع جو
″ان″
سنسڪرت جي
″اَت″
۽
″آنت″
مان آهي، ۽ فارسيءَ ۾
″اند″
آهي. ۽ متڪلم جو نشان
″اَن″،
سنسڪرت
″اَمه″
۽ پراڪرت
″اَمو″
مان آهي، جو فارسيءَ ۾
″اَم″
۽ جمع ۾
″ايم″
آهي. ماضين جو پڇاڙيون يا نشان به سنسڪرت ۽
پراڪرت تان ورتل آهن، جيئن ته متڪلم واحد جو نشان″اُس″
سنسڪرت جي
″اَسم″
۽ پراڪرت جي
″اَمهه″
مان آهي ۽ جمع ۾ سنسڪرت جو
″سماهه″
۽ پراڪرت ″اَمهو″ بدلائي ″سين″ ۽ ″سون″ ڪيو ويو. ۽
حاضر ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت جو ″اَس″ نشان سنڌيءَ ۾
″آهه″ يا ″ئيي″ ڪيو ويو. مستقبل جو نشان سنڌيءَ ۾
ٻيءَ طرح سان ٿو ٺهي، سنسڪرت ۽ پراڪرت سان ڪا به
موافقت نٿو رکي.
زمان حال جو نشان ″ٿو″ سنسڪرت ″سٿ″ مان آهي، جنهن
جي معنيٰ آهي بيهي. آءُ ڏسان ٿو = آءُ بيهي ڏسان
ٿو.
فعل مان معاون جو امر ″هو″ جو هئڻ مان آهي، سو
سنسڪرت ″ڀوُ″ مان آهي، جو پراڪرت ۾ ″اَچڇه″ ۽
فارسيءَ ۾″بـُـو″ آهي، جنهن جي ٻي صورت ″باش″ آهي
باب نائون
حرف
جو بيان
حرف سنڌيءَ ۾ ٽن قسمن جا آهن - حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا، هر هڪ جو بيان
هيٺ ڏجي ٿو.
فصل پهريون
حرف
جر
مٿي پهرئين باب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حرف جر اهو لفظ
آهي، جو اسم يا ضمير سان گڏ اچي ٿو ۽ انهيءَ جو
ڪنهن ٻئي اسم يا ضمير سان واسطو يا نسبت ڏيکاري
ٿو.
جر لفظ جي معنيٰ آهي ڇڪڻ، ۽ اهو لفظ هڪڙي اسم يا
ضمير کي ڇڪي ٻئي سان وڃي ٿو لڳائي. سنڌيءَ ۾
اهواسم يا ضمير جي پٺيان ايندو پر شعر ۾ڪڏهن اڳي
به ايندو آهي، جيئن ته ۾، تي، کي، کان، هيٺ ۽ مان.
حقيقت جي ڪري سنڌيءَ ۾ حرف جر گهڻو ڪري اصل ظرف
آهن يعني اسم يا صفتون ظرف وانگي ڪم آيون آهن ۽
انهيءَ ڪري حرف ″جي″ به ساڻ وٺنديون آهن، جيئن ته
منهنجي لاءِ، سواءِ هن جي. گهڻا حرف جر سنسڪرت ۽
پراڪرت مان ورتل آهن، جيئن ته ڀرــــ سنسڪرت ڀر،
تائين ـــ سنسڪرت سٿاني، تي ــــ اُت، جيئن ــــ
يٿا، ري ـــ لرتي، ساروـــ سارس ۽ پراڪرت
ساردو،سان ـــ سم، سودو يا سئين ـــ سائرم، کـِـن
ـــ ڪرڻ، کي ـــ ڪرتي، منجهه يا ۾ـــ مڌيي، لاڪون
ـــ لاک، وٽ ـــ ود، ڪري ـــ ڪرتي، وگهي ـــ وگهن.
انهن کان سواءِ هي به حرف جر آهن ـــ سندو، توڻي،
تان، مان، ڏانهن، ڏنهون، ڪنا، گر، وٽان، بنان،
بگر، ۽ لاءِ.
جيڪي حرف جر ″جي″ وٺن ٿا سي هي آهن ـــ لاءِ،
ابتڙ، آڏو، اڳي، اڳيان، اندر، اندران، اوڏو،
اوڏڙو، ڌاري، ڌاران، ٻاهر، ٻاهران، بدر، بدران، پاران، پٽاندر، پٺيان، پرپٺ،
پڄاڻا، پوءِ، چوڌاري، چؤگرد، سامهون، سانگي، عوض،
ڪارڻ، لڳ، مٿي، مٿان، منجهارا، وانگر، مهندان،
وانگي يا وانگيان، وچ، وگهي، ويجهو، هيٺ، هيٺان،
پاسي، جان.
گهڻا حرف جر فارسي ۽ عربي زبان مان ورتل آهن، ۽
اهي اسمن جي اڳيان يا پٺيان ڪم ايندا آهن. اُهي هي
آهن: به، با، بي، سواءِ، واسطي، موجب، مقابل،
مثال، عوض، روبرو، خاطر، سر، بغير، بلڪل، بلفعل،
باقاعده، بيقاعده، وغيره.
ڪي سنڌي حرف جر ″جو″ جي بدران ″کان″ به وٺندا
آهن، ۽ ڪي ″مان″ به جيئن ته مون کان سواءِ، هن کان
پوءِ، هـُـن کان اڳي، هن کان ڌار. ڪي حرف جر اسمن
سان گڏ صفت وانگي جنس ۽ عدد ۾ به ڦرندا آهن، جيئن
ته منهنجو ڪتاب، منهنجي ڪتابڙي، منهنجا ڪتاب، مون
سندو، مون سندي، مون سندا، سوڌو ۽ سامهڻو، ويجهو،
آڏو، اوڏڙو،اهي سڀ اهڙي قسم جا آهن. گهڻا حرف جر
ضمير متصل سان گڏ ايندا آهن، جيئن ته سندم، سندس،
کانئس، کانئن، منجهس، مٿانس، ڪڻس، اتن، کيس، لاڪس
وغيره. کان ۽ مان صرف جي بدران ڪڏهن فقط ″ان″ اسم
جي پٺيان آڻيندا آهن، جيئن ته گهران، دران، يعني
گهر کان، در مان. مثال حرف جر شعرن ۾ هيٺ ضميمي ۾
ڏبا.
ڪڏهن حرف جر لڪل رهندا آهن، خاص شعر ۾، جيئن ته:
محب منهنجي هنج کسي وڃ م مڱڻا.
چارڻ چنگ ڪلهي ڪري هليو هئائين.
شابس تنهن ستار جنهن ڪوٺي ڏنم ڪپڙا.
هڪ سر ڏني سهسين سر بچن.
فصل ٻيو
حرف
جملو
مٿي پهرئين باب ۾ حرف جملي لاءِ چيو ويو آهي ته
اهو هڪڙو لفظ آهي، جو ٻين ٻن لفظن يا جملن، يا
انهن جي ڀاڱن کي ڳنڍي ٿو، يا ڌار ڪري ٿو. حقيقت
ڪري جملي لفظ جي معنيٰ آهي ڳنڍڻ يا گڏڻ، تنهنڪري
ڌار ڪرڻ وارا لفظ جملي جا حرف سڏڻ نه گهرجن. انهن
کي فارسي ۽ عربيءَ ۾ ″حرف استثنا″ چون ٿا. پر جڏهن
سنڌيءَ ۾ سواءِ هنن ٽن جي ٻيا حرف ڪينهن، تڏهن
لاچار انهن کي اهو نالو ٿو ڏجي، يا ڪڏهن حرف جر به
چئي ٿو سگهجي. پر ڪنهن به طرح انهن ٻنهي قسمن جا
لفظ ٻن لفظن يا جملن جو واسطو ڏيکارين ٿا. ڌار ڪرڻ
وارا لفظ هي آهن: يا، مگر، پر ۽ ڳنڍڻ وارا آهن: ۽،
ته، پڻ، به، ته به، تڏهن به، جيتوڻيڪ، جي، توڻي يا
توڙي، نه ته، اٽلندو، اٽلو، هٿان، ڇا لاءِ ته، هن
ڪري جو، سو، ڪو ته، جيلانهن، متان، مچڻ يا مڇڻ،
جيڪر، جيڪس، جيڪڏهن، کي (جيئن ته ڇاکي يعني ڇا
لاءِ). ڪي فارسي يا عربي حرف جملا به ڪم ايندا
آهن. جيئن ته: مگر، بغير، ليڪن، بلڪ، الا، اگرچه،
چه، ڪـُـجا، تا، حتيٰ. فارسي ۽ عربيءَ ۾ گهڻا لفظ
آهن، جن جا نالا جدا جدا آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهي سڀ
حرف جملا شمار آهن، جيئن هيٺ معلوم ٿيندو.
حرف جملي جا مثال شعرن ۾ هيٺ ضميمي ۾ ڏبا.
فصل ٽيون
حرف ندا
حرف ندا جي وصف مٿي هيءَ ڏنل آهي: اُهو لفظ جو الڳ
اچي ٿو ۽ عجب يا افسوس، يا ڏک يا خوشي، يا ڪا ٻي
دلي حالت ڏيکاري ٿو، يا سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو.
ندا لفظ جي معنيٰ عربيءَ ۾ سـَـڏُ آهي، تنهن ڪري
فقط سڏ ڪرڻ وارا لفظ سچا پچا حرف ندا آهن، جيئن
ته: اي، اڙي، او ۽ عربي ۽ فارسيءَ ۾ اَي يا آيا.
ٻيا جيڪي سنڌي لفظ حرف ندا هيٺ اچن ٿا، تن لاءِ
عربي ۽ فارسيءَ ۾ جدا نالا آهن. اُهي هي آهن:
هاءِ، هيءَ، هئي هئي، شال يا شل، مار، واهه، ٻيلي،
گهوڙا، هائو، ها، آنهن نه، ڀلا، جيءُ، مرُ، ورُ،
ٻوڏُ، ڦوٽُ، چيت، عشق يا عاشق، شابس يا شاباس، الو
الو، مان يا من، الهه توهار، ڦٽِ، ٿـُـو، ڇـِـي،
هـَـيٺِ، آها، ٻر ٻر، ووءِ، هوءِ، نڄاڻا، انهيءَ
جي ته، ڀل يا ڀلي.
گهڻا حرف ندا عربي فارسي آهن، جيئن ته: هاءِ، واءِ
يا اَي، آيا، هيهات، حيف، بلي، خير، والله اعلم،
شاباس، انشاءَ الله، بسم الله، الحمدلله، سبحان
الله، عجب، خبردار، واويلا، ويل. حرف ندا لاءِ
سنڌيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسم جي پٺيان الف به آڻيندا
آهن، جيئن فارسيءَ ۾ آهي. مثلا: خدايا، ڪنجا،
وڃيجا.
حرف ندا جا مثال شعرن ۾ هيٺ ضميمي ۾ ڏبا.
فصل چوٿون
حرفن بابت وڌيڪ احوال
جيئن مٿي اشارو ڏنو ويو، تيئن سنڌيءَ ۾ فقط مٿيان
ٽي حرف آهن: حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا ۽ انهن
مان گهڻا ظرف يا صفت يا اسم وانگي ڪم ايندا آهن ۽
حقيقت ڪري هو آهن به اُهي، جي حرف وانگي شمار ڪجن
ٿا. پر انهن مان گهڻا آهن جن لاءِ عربي ۽ فارسي
صرف نحو موجب ٻيا نالا ڏنل آهن، جي انهن جي
ڏيکاريل معنيٰ موجب آهن. هنن جو ذڪر علم نحو سان
تعلق رکي ٿو ۽ اُتي ڪيو ويندو. هتي فقط مثال لاءِ
ڪي ڏجن ٿا. جيئن مٿي چيو ويو آهي ته سواءِ، ڌارا،
مگر وغيره جي حرف جر آهن، تن کي عربيءَ ۾ ″حرف
استثنا
ِّ″
ٿا چون. هاءِ، هاءِ وغيره کي ″حرف افسوس″ ٿا چون.
واه، شاباس وغيره کي ″حرف تعجب″ يا ″حرف تحسين″،
جي، جيڪڏهن، اگر وغيره کي ″حرف شرط″، جو، سندو کي
″حرف اضافت″ ۽ کي ″حرف عطف″، ته ″حرف علت″ ڇا، ڇو
کي ″حرف استفهام″، نه، مَ کي ″حرف انڪاري″ يا ″حرف
نفي″، جيئن، وانگي، مثل وغيره کي ″حرف تشبيهه″،
شال يا شل، مر، ڀلي کي ″حرف تمنا″ ڇاکان ته، سو،
ڪونه وغيره کي ″حرف تعطيل″ ۽ خبردار، چيت وغيره کي
″حرف تنبيهه″.
انهيءَ طرح ڪيترا ئي ٻيا لفظ آهن جي دل جي جدا جدا
حالت يا جدا جدا معنيٰ ٿا ڏيکارين، جن جا جدا جدا
نالا آهن ۽ جن جو ذڪر نحو ۾ ايندو.
باب ڏهون
گرامر يا صرف نحو بابت ڪي ٻيون متفرقه ڳالهيون
فصل پهريون
بيهڪ جون نشانيون
سنڌيءَ ۾ اڳي بيهڪ جون نشانيون اصل ڪين هونديون هيون. پوءِ عربيءَ جي نموني
تي فقط جملي جي پوري ٿيڻ تي
o
يا
+ جي نشاني ڪم آڻيندا هئا. ٿورن ڏينهن کان انگريزي گرامر
۽ لکيل ٻوليءَ جي نموني تي ڪي نشان ٺهرايا اٿن.
عربيءَ ۾ خصوصا قرآن ۾ اهڙا گهڻا نشان ڪم اچن ٿا،
جن کي ″علامات القرآن″ چون ٿا. انهن مان مکيه هي
آهن:
o
يا هه، جا جملي يا آيت جي پوري ٿيڻ تي اچي ٿي ۽
انهيءَ کي ″وقف″ سڏين ٿا. انهيءَ جا ٻه قسم آه ن:
ٿوري بيهڪ لاءِ ط ڪم آڻيندا آهن ۽ جتي بيهڻ
اختياري آهي، اتي ج ڪم ۾ آڻيندا آهن يعني بيهڻ
جائـز آهي. لا نشاني تڏهن ڪم آڻيندا آهن، جڏهن
انهيءَ هنڌ اصل نه بيهجي. متان معنيٰ غلط يا گناهه
جهڙي ٿئي، جو عربيءَ ۾ لا لفظ جي معنيٰ آهي نه.
ڪٿي صه نشان ڏيندا آهن ته ڳنڍي پڙهجي، جا نشاني
وصل مان نڪتل آهي. انهيءَ طرح گهڻا ئي ٻيا نشان
آهن.
سنڌيءَ ۾ جي هاڻي انگريزي نموني تي نشان ٺهرايا
ويا آهن، سي هي آهن: (.) هيءَ نشاني جملي جي پوري
ٿيڻ تي ڏيندا آهن، جيئن انگريزيءَ ۾ به آهي ۽
انهيءَ کي پورو دم چوندا آهن. جتي جملي جي وچ ۾
ٿورو بيهڻو پوندو آهي، ته متان گڏي پڙهڻ سان معنيٰ
۾ مونجهارو ٿئي يا غلط عبارت پڙهجي وڃي، اُتي (،)
هيءَ نشاني ڏيندا آهن، جا شڪل ۾ انگريزي نشان جي
ابتڙ آهي، جا هيئن (،) آهي ۽ اهو انهيءَ لاءِ ڪيو
ويو ته متان اهو نشان واو اکر شمار ۾ اچي. انهيءَ
کي ″ٿورو دم″ يا ″ساهي″ چوندا آهن. جڏهن گڏيل جملن
۾ ننڍا جملا هوندا آهن يا انهن جا ڌار معنيٰ وارا
ڀاڱا هوندا آهن، تڏهن انهن لاءِ هي نشان (;) ڪم
آڻيندا آهن، جو انگريزي نشان (;) تان ورتل آهي.
انهيءَ کي ″اڌ دم″ سڏيندا آهن. جڏهن جملي پوري ٿيڻ
تي ڪي وڌيڪ چوڻو هوندو آهي يا زياده بيان يا چٽائي
لاءِ ڪي مثال ڏيڻا ٿيندا آهن، تڏهن هي نشان ڏيندا
آهن (:) يا (:-) يا (-) جو پڻ انگريزيءَ موافق
آهي. انهيءَ کي فقط ″دم″ سڏين ته جيئن پوري دم ۽
اڌ دم کان فرق معلوم ٿئي. سوال جي نشاني جا جملي
جي پڇاڙي ۾ ايندي آهي، سا هيءَ آهي (؟) جا شڪل ۾
انگريزي نشان (?) جي ابتڙ آهي. عجب يا سڏ واري
جملي جي پٺيان يعني جنهن ۾ ڪو حرف ندا ڪم آيل
هوندو آهي، انهيءَ لاءِ هي (!) نشان ڪم آڻيندا
آهن، جو پڻ انگريزيءَ موجب آهي. زياده تعجب ڏيکارڻ
لاءِ اهڙا ٻه يا زياده نشان به ڏيندا آهن، جيئن ته
(!!!) جيڪي وات جا لفظ جنسي ڏيڻا ٿيندا آهن، تن جي
پهرئين لفظ جي مٿان مـُـنڍ ۾ هيءَ نشاني (”) ڏيندا
آهن ۽ پڇاڙيءَ ۾ پوئين لفظ جي پٺيان (“) هيءَ
نشاني ڏيندا آهن. اهي به انگريزي نموني موجب آهن.
انهن کي ″واڪ جا نشان″ چوندا آهن. ڪٿي وري جملي جي
وچ ۾ ڪو ڌار ٽڪر، ڪا معني يا ٻي ڳالهه پوئين لفظ
بابت ڌار ٻڌائڻي هوندي آهي ته اُها ٻن ڏنگين ليڪن
۾ ڏيندا آهن. هن طرح: ().
معلوم هجي ته هي نشان لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ نهايت ضروري
آهن. انهن جي نه هئڻ ڪري پوري معنيٰ سمجهه ۾ نه
ايندي، بلڪ غلط معنيٰ به نڪري سگهي ٿي. خصوصا
″پوري دم″ ۽ ″اڌ دم″ ۽ ″ٿوري دم″ جي تمام گهڻي
سنڀال ڪرڻ گهرجي ۽ ضرور لکڻ گهرجن. شعر ۾ ته انهن
نشانن جو هئڻ بلڪل ضروري آهي، پر نثر ۾ به ضروري
آهن. انهيءَ بابت هي ٿوريون فهمائشيون وڌيڪ ڏجن
ٿيون: (1) جملي ۾ جڏهن گهڻا لفظ ساڳئي قسم جا گڏ
اچن، تڏهن هڪ - هڪ پٺيان ٿوري دم جو نشان ڏجي،
جيئن ته ڪـُـتو، ٻلو ۽ ٻيا چؤپيرا جانور. بابر،
همايون، اڪبر ۽ ٻيا مـُـغل بادشاهه. همايون، اڪبر
جو پيءُ، ڏاڪڻ تان ڪرڻ ڪري مري ويو. (2) جتي موصول
۽ جواب موصول ڪم اچن ٿا، اتي به ٿورو دم ضروري
آهي، جيئن ته: ڪتاب، جو مون توکي ڏنو هو، سو تو
وڪڻي ڇڏيو. (3) جتي وڏي جملي ۾ ننڍا جملا يا ڀاڱا
هجن يا ساڳئي فاعل جا گهڻا فعل هجن يا ماضي معطوفي
ڪم آيل هجي، اتي به ٿورو دم ڏيڻ گهرجي، جيئن ته:
آءٌ هن جي ملاقات ڪري، بازار مان گهربل شيون وٺي، گهر
پهچائي، پوءِ اسٽيشن تي ويس. (4) موصول ۽ جواب
موصول وانگي جي ٻيا لفظ ڪم اچن ٿا، جيئن ته جڏهن
تڏهن، جيڪڏهن، ته، جيستائين، تيستائين، ڇاڪاڻ،
تنهن ڪري وغيره، يا جڏهن، سواءِ يا اهڙو ڪو حرف جر
اچي جو ڪي لفظ ڳنڍي نه پر ڌار ڪري ته اُهو به ٿوري
بيهڪ يا دم جو نشان ڏيئي پوءِ لکجي، جيئن ته: جڏهن
هو آيو، تڏهن آءٌ ويس. سڀ ماڻهو مون وٽ آيا، سواءِ
هن جي. (5) جڏهن ڪو حرف ندا جملي ۾ ڪم اچي ته اتي
به انهيءَ جي پٺيان ٿورو دم ڏجي، جيئن ته افسوس،
هي ڪهڙو نه واقعو ٿي پيو. (6) تمام وڏن جملن ۾
ننڍا جملا جي ڌار بيهي سگهن، پر سڀ پاڻ ۾ ڳنڍيل
هجن، اُتي ٿوري دم جي بدران اڌ دم جو نشان ڏجي،
جيئن ته فلاڻو ماڻهو چالاڪ آهي، پر حد کان وڌيڪ
سخي آهي، پر حد کان گهٽ.
فصل ٻيو
مرڪب لفظ
سنڌيءَ ۾ ڪيترا ئي لفظ آهن، جي ٻن يا وڌيڪ لفظن
مان جڙيل آهن، جن مان ڪي ساڳيا ٻه ڀيرا ٿا اچن، ڪي
هڪجهڙا ۽ موافق آهن ۽ ڪي مخالف آهن. ڪن ۾ ساڳئي
قسم يا قافيي يا وزن جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي
ڪابه معنيٰ ڪانهي. فقط استعمال ۽ اصطلاح ۾ ڪم
ايندا آهن، ڪن ۾ جدا جدا فعل جا موافق يا مخالف
زمان ڪم آيل آهن، ڪي اسم ۽ فعل گڏ، ڪي اسم ۽ صفت
گڏ، ڪي عربي ۽ فارسي ۽ سنڌي گڏ، اهڙن لفظن بابت
مٿي به اشارو ڏنل آهي. (ڏسو باب پنجون - فصل ٽيون)
۽ انهن جو گهڻو واسطو علم نحو سان آهي. اُتي انهن
جو ذڪر ڪبو، هتي فقط ڪي مثال ڏجن ٿا:
(1) ناچڱو، نردئي، نپٽو، نڌڻڪو، بي لڄو، ڪنياءُ،
ڪمينو، آوتڙ، سڦلو، سٻوجهو، اٻوجهو، املهه،
گهڻگهرو، پاڻ ڀرو، مکا ميلو، پرلوڪ، پرمارٿ،
پنجسالو، رت ورنو، ٿور ويرمو، پر متڙيو، لاثاني،
بلاشڪ ۽ بلاناغي.
(2) پـَــلـــپــَــل، دم دم، دمبدم، سراسر يا
سـَـربسر، ويرا وير، مارا ماري، مٽي مائٽي، سينڌ
سرمو، چڱو ڀلو، مٽ سٽ، گهٽ وڌ، جهڙي ڦڙي، ليکو
چوکو، ڏي وٺ، ڪنو ڇنو، جٺ ڦٺ، اچ وڃ، خريد فروخت،
آمد رفت، ڏيتي ليتي، ڇيڙ ڇاڙ، ڦير ڦار، ڪپڙو لٽو،
نوڪر چاڪر، جن ڀوت، هلچل، شڪ شبهو، ڌوڙ ڇائي،
ڦرمار، ظاهر ظهور، کـِـل ٺٺولي، عهد قرار، نيست
نابود، امن امان، رسم راهه، خوف خطرو، خواري
خرابي، ٻار ٻچا، شڪل شباهت، واس ڌوپ، هـُـل
بـَـکيڙو، دڙڪو داٻ، تازو توانو، ذرو پـُـرزو، گوڙ
گـَـڙٻـَـڙ، عجيب غريب، خير سلامتي، صحيح سلامت،
خوش خورم، ڪم ڪار، مال متاع، ڏک سـُـور، صلاح
مصلحت، نالو ناموس، چرچو گهٻو، ڦر لٽ.
(3) بڪ شڪ، پئسو پنجڙ، چلم ڌلم، ڇوڪر ٻاڪر، گهر
تڙ، فلاڻو ٽيرو، سچ مـُـچ، ڀاڄي ڀـُـتي، تڙي
ترڪاري، لـُـچ لامبڙ، چور چڪار، پن ٻوٽو، ڪک پن،
کٽولو کرسو، ڏٽو مٽو، دوا درمل، تيوڻ تڙو، اوگهه
سوگهه، غير ڌير، ڌُڙ ڌٻڙ، ٽڻي ٽيمڻي، ٽٽون ٽوپڻ،
جهڙي ڦڙي، طعنو تنڪو، ماڻهو ڇيڻو، سنڌو سيڙهو، چٺي
چپاٽي، خط پٽ، پاڙو پنبو، گاهه پٺو، وهٽ وانو، تيل
تماڪ، ڳالهه ٻولهه، لنگهو لورو، دٻڙ دُس، گڙ ٻڙ،
دلاسو دڙو، شيءِ شڪل، گار گند.
ڪي فعل به بي معنيٰ ڪم ايندا آهن، جيئن ته: ڏسڻ
وائسڻ، چرڻ پرڻ، ڦرڻ گهرڻ، پڙهڻ ڪڙهڻ، ڳالهائڻ
ٻولهائڻ.
فصل ٽيون
اصطلاحي فعلن جا مصدر
ڪي اصطلاحي مصدر هيٺ ڏجن ٿا، جن جي معنيٰ خاص مقرر
آهي. اهي سنڌي ٻوليءَ ۾ بيشمار آهن:
(1) اَک جو اُٿڻ، اک جو نه ٻـُـڏڻ، اک ڀڃڻ، اک يا
نظر هڻڻ، اک وجهڻ، اک جو ڦرڻ، اکر ڦرڙائڻ، اک
ڏيکارڻ، اک ڪڍڻ، اک ڇنڀ ۾ ڪي ڪرڻ، اک پائڻ، اک
کولڻ، اک لڳڻ، اک کڻڻ، اک ميري ٿيڻ، اک ۾ رکڻ، اک
وچڙائڻ، اک هيٺ ڪرڻ، اک ٻوٽڻ، اک جاءِ ڪرڻ، اک جو
ڍؤ هئڻ، اک جو رتُ ڇڏڻ، اک ڦاڙڻ، اک ڏرا ڏيڻ.
(2) پير جهلڻ، پير ڏيڻ، پير چمڻ، پير وجهڻ يا
پائڻ، پير تي ڪهاڙو هڻڻ، پير تي پـُـورو رهڻ، پير
ترڪڻ، پير تپڻ، پير ڀيٽڻ، پير ڊگهيڙڻ، پير کڻڻ،
پير کـُـپڻ، پير موڙڻ، پير مان لاهي مـُـنهن ۾
هڻڻ، پير ڪڍڻ، پير سدورا ٿيڻ، پير رکڻ جي جاءِ نه
لهڻ.
(3) مـُـنهن پوڻ، مـُـنهن تي
پوڻ، مـُـنهن تڪڻ، مـُـنهن ڀڄڻ، مـُـنهن ڀت سان
لڳڻ، مـُـنهن اونداهي هئڻ، مـُـنهن پنهنجي ۾ موچڙو
به پنهنجو هڻڻ، مـُـنهن تي چڙهڻ، مـُـنهن ڏسڻ،
مـُـنهن ڏي نهارڻ، مـُـنهن ڏيکارڻ، مـُـنهن ڏيڻ،
مـُـنهن ڪرڻ، مـُـنهن ڪوڙو ڪرڻ، مـُـنهن ڪنئرو
ڪرڻ، مـُـنهن اڇو ڪرڻ، مـُـنهن تي هٿ گهمائڻ،
مـُـنهن تي لينگهو ڪڍڻ، مـُـنهن ڪارو ڪرڻ، مـُـنهن
کڻي وڃڻ، مـُـنهن لڳڻ، مـُـنهن مٿي ڪرڻ، مـُـنهن
جو لهڻ، مـُـنهن جو پنو ڇڏي وڃڻ، مـُـنهن مٿو
پـِـٽڻ، مـُـنهن مٽڻ، مـُـنهن موڙڻ، مـُـنهان پوڻ،
مـُـنهن ۾ هئڻ.
انهيءَ طرح بيشمار اصطلاحي مصدرون آهن، جن جي خاص
معنيٰ آهي ۽ ٻولي چڱيءَ طرح ڄاڻڻ کان سواءِ انهن
جو سمجهڻ به نهايت مشڪل آهي.
فصل چوٿون
ترڪيب
جملي ۾ جيڪي لفظ اچن ٿا، تن مان هر هڪ ڪهڙي قسم جو
آهي ۽ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ ۽ انهيءَ سان جيڪي
ڳالهيون لاڳو آهن، تن جي صورت ڏيکارڻ ۽ جملي ۾
جنهن ٻئي لفظ سان انهيءَ جو واسطو آهي، سو ڏيکارڻ،
انهيءَ کي صرف ۾ ترڪيب چوندا آهن. مثلا اسم جي
نسبت سندس قسم، سندس جنس، سندس عدد ۽ سندس حالت
ڏيکارڻ. فعل جي نسبت ۾ سندس زمان، سندس فاعل يا
مفعول ۽ انهن جو ضمير، جنس ۽ عدد ڏيکارڻ ۽ حرف جي
نسبت انهيءَ جو قسم ۽ ڇا سان لاڳو ٿو ٿئي يا ڇا ٿو
ڏيکاري؟ سو ڏيکارڻ. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) مون هي ڪپڙو بصر مل جي ڇاپ تان ڳڌو.
مون - ضمير متڪلم، جنس مذڪر يا مؤنث، عدد واحد،
حالت فاعلي، فاعل فعل ڳڌو جو.
هـِـي - اسم اشارو ويجهو، لڳي ٿو ڪپڙي سان.
ڪپڙو - اسم عام، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت مفعولي،
مفعول فعل ڳڌو جو.
بصرمل - اسم خاص، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت اضافت،
ملڪيت ڏيکاري ٿو ڇاپ جي.
جي - حرف جر يا حرف اضافت، لڳي ٿو بصرمل سان (يا
مضاف اليه جنهن جو مضاف آهي ڇاپ)
ڇاپ - اسم عام، جنس مؤنث، عدد واحد، حالت جر ي،
سببان تان حرف جر جي.
تان - حرف جر، لڳي ٿو ڇاپ سان.
ڳڌو - فعل متعدي، معروف بيقاعدي، پريوگ ڪرمڻي،
زمان ماضي مطلق، جنس مذڪر، عدد واحد ضمير متڪلم،
سندس فاعل آهي مون ۽ مفعول آهي ڪپڙو.
(2) اڄُ عيد جو ڏينهن آهي.
اڄ - ظرف زمان.
عيد - اسم عام، جنس مؤنث، عدد واحد، حالت اضافت،
مضاف اليه، جنهن جو مضاف آهي ڏينهن.
جو - حرف جر يا حرف اضافت، لڳي ٿو عيد سان.
ڏينهن - اسم عام، جنس مذڪر، عدد واحد، حالت فاعلي،
فاعل فعل آهي جو.
آهي - فعل لازمي اڻپورو، بيقاعدي، ڪرتري پريوگ،
زمان حال، جنس مذڪر، عدد واحد، ضمير غائب، سندس
فاعل آهي ڏينهن.
عام اشارو:
ياد ڪرڻ گهرجي ته جدا جدا ڳالهائڻ جي لفظن جي
ترڪيب ۾ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:
اسم: اسم عام يا خاص يا ڪو ٻيو، جنس مذڪر يا مؤنث،
عدد واحد يا جمع، حالت فاعلي يا بي فاعل، فعل
فلاڻي جو، اضافت ۾ مضاف آهي ته سندس مضاف اليه
ڪهڙو، جريءَ ۾ سببان ڪنهن حرف جر جي، جو ڏيکارجي.
ضمير جي ترڪيب به اسم وانگي قسم، جنس، عدد، حالت.
صفت - درجو، سندس موصوف ڪهڙو آهي؟ يا لڳي ٿو فلاڻي
اسم سان. (ضميري صفت به هن ۾ آئي)
فعل - فعل جو قسم، معروف يا مجهول، باقاعدي يا
بيقاعدي، پورو يا اڻپورو، پريوگ، زمان، جنس.
عدد - ضمير (فاعل وارا)، سندس فاعل ۽ متعدي جي
حالت ۾ مفعول فلاڻو.
ظرف - ظرف جو قسم، ڪهڙي فعل سان ٿو لڳي، يا ظرف
تميز لڳي ٿو فلاڻي صفت سان.
حرف - حرف جر لڳي ٿو فلاڻي اسم سان، حرف جملو
ڳنڍي ٿو يا ڌار ڪري ٿو فلاڻن اسمن کي، حرف ندا لڳي
ٿو فلاڻي اسم سان يا عجب وغيره ڏيکاري ٿو.
ضميمو الف
جدا جدا بابن مان سوال ۽ ڪتابي مثال مشقن لاءِ
ڀاڱو پهريون
باب پهريون
گرامر کي عربيءَ ۾ ڇا ٿا چون ۽ سنسڪرت ۾ ڇا؟ گرامر
جي وصف ٻڌايو. گرامر جي علم ۽ گرامر جي هنر ۾ فرق
ڏيکاريو. ٻوليءَ جي مدعا ڪهڙي آهي؟ گرامر جي حقيقت
ڪهڙي آهي ۽ ان جا اصول ڪهڙا آهن؟ گرامر جي تقسيم
ڪهڙي آهي؟ ٻوليءَ ۾ لفظ ڪهڙن ڪهڙن قسمن جا ٿا ٿين؟
باب ٻيو
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ٻڌايو. ٻولي ڪهڙن رستن
سان وڌي ۽ سـُـڌري ٿي؟ زباني ۽ ڪتابي علم جو ڪهڙو
فرق آهي ۽ هر هڪ تي ڇا جو اثر ٿو ٿئي؟ سنڌي ٻوليءَ
جا عناصر يا جزا ڪهڙا آهن ۽ اُهي ڪيئن ۽ ڪڏهن
منجهس داخل ٿيا؟ سنڌي ٻوليءَ جو شجرو ٻڌايو.
سنڌيءَ ۾ جي ٻيون ٻوليون گڏيل آهن، تن جا ڪي لفظ
مثال طور ڏيو. سنڌ ۾ ڪتابي علم ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو؟
شعر يا نظم ۽ نثر ڪيئن پيا ۽ اڳي ڪهڙي نموني جا
هئا ۽ پوءِ ڪهڙي نموني جا ٿيا؟ ٻنهي جو مقابلو
ڪريو ۽ مثال ڏيو.
باب ٽيون
سنڌي ٻوليءَ جو سنسڪرت سان ڪهڙو واسطو آهي؟ سنسڪرت
مان جيڪي ٻيون ٻوليون نڪتل آهن، تن سان سنڌيءَ جو
مقابلو ڪريو. سنڌيءَ جي حرف علت ۽ اعرابن جو
سنسڪرت ۽ پراڪرت جي اعرابن سان مقابلو ڪريو ۽ هر
هڪ جا ڪي مثال ڏيو. صحيح حرفن وارن لفظن جا ڪي
مثال ڏيو، جي سنسڪرت مان نڪتل هجن. هه سان گڏيل ۽
ن سان گڏيل آوازن وارن لفظن جا ڪي مثال ڏيو، جي
سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل هجن. سنڌي مرڪب يا ٻٽن
لفظن جا ڪي مثال ڏيو، جي سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل
هجن. انهن مان به هه ۽ ن سان گڏيل لفظن جا مثال
ڏيو.
باب چوٿون
سنڌي حرف تهجي ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟ عربي الف - بي ۽
سنڌي الف - بي اکرن ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ انهن مان
ڪهڙا نج سنڌي اکر آهن ۽ ڪهڙا نج فارسي ۽ ڪهڙا
عربي؟ انهن مان نڙيءَ مان نڪرڻ وارا ڪهڙا آهن،
تارونءَ وارا ڪهڙا، زبان جي پاسي وارا ڪهڙا، ڏندن
وارا ڪهڙا ۽ چپن وارا ڪهڙا؟ اُڙدوءَ جي حرفن ۽
سنڌيءَ جي حرفن جو مقابلو ڪريو ۽ انهن جو تفاوت
ڏيکاريو. سنڌي الف - بي جا جدا جدا اکر سنسڪرت ۽
پراڪرت جي ڪهڙن اکرن سان موافق آهن يا انهن مان
نڪتل آهن؟ عربي، فارسي لفظ، جي سنڌيءَ ۾ آيل آهن،
سي ڪهڙي صورت ۾ آيل آهن ۽ انهن جا اکر ڪيئن ڦرن
ٿا؟ عربي الف - بي جي اکرن جو عبراني اکرن سان
مقابلو ڪريو، انهن اکرن جو انگن ۾ ڪهڙو مـُـلهه
آهي؟ سنڌي اکرن مان ڪهڙا حرف علت آهن ۽ ڪهڙا حرف
صحيح؟ اعرابن جو حرف علتن سان ڪهڙو واسطو آهي؟
سنڌي اعرابن ۽ سنسڪرت اعرابن جو پاڻ ۾ ڪيتري قدر
واسطو آهي؟
باب پنجون
سنڌيءَ ۾ لفظن جون ڪهڙيون ڪهڙيون پڇاڙيون آهن؟
انهن جو سنسڪرت ۽ پراڪرت وارن لفظن جي پڇاڙين سان
مقابلو ڪريو. سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل لفظ ڪهڙن
رستن سان ٿا جڙن؟ هر هڪ جا ڪي مثال ڏيو. حاصل
بالمصدر ۽ اسم ذات ڪيئن ٿا ٺهن؟ اسم فاعل ترڪيبي
ڇا کي ٿا چون؟ انهن جا ڪي مثال ڏيو. هڪڙن اسمن مان
ٻيا اسم ڪيئن ٿا جڙن؟ مثال ڏيو. مرڪب لفظ ڇا کي ٿا
چون؟ ڪي مثال ڏيو. جي انڪاري حرفن گڏڻ سان جڙبا
هجن، اهڙا مثال ڏيو جن ۾ ڪي سنسڪرت نشان ملايل
هجن. اهڙا ڪي مثال ڏيو جي ٻئي اسم يا صفت ملائڻ
سان جڙيا هجن. عدد سان گڏيل ڪي مرڪب لفظ ٻڌايو.
اهڙا ڪي لفظ ٻڌايو، جي عربي ۽ فارسي لفظن ملائڻ
سان جڙيا هجن.
ڀاڱي پهرئين جون مشقون ۽ مثال
(1) هيٺين عبارت ۾ ڏيکاريو ته ڪهڙا لفظ سنسڪرت يا
پراڪرت مان نڪتل آهن ۽ ڪهڙا عربي ۽ فارسيءَ مان ۽
انهن جا اصل ڪهڙا آهن ۽ انهن لفظن مان ڪهڙا ٻيا
سنڌي لفظ نڪتل آهن؟ ۽ جيڪي سنسڪرت اصل جا آهن، تن
جا رواجي عربي فارسي مقابل چئو:
اهي حالتون ڏسي، هـُـن جي دل لوڏو کاڌو ۽ دنيا، جا
سمجهيائين ٿي ته هيڏي رنج ۽ مصيبت جو گهر آهي،
تنهن تان دل کٽي ٿيس. هڪ لڱا وري هڪ ساڌو ڏٺائين،
جو بلڪل غريب ۽ مسڪين ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ وڏي اوستا جي
ڪري، جيتوڻيڪ سرير نرٻل هوس ته به سندس منهن مان
سانت ۽ سرهائي پئي بـَـکي. معلوم ٿيس ته هن ساڌوءَ
دنيا جا حرص هوس، لڳ لاڳاپا ڦٽا ڪيا آهن ۽ اندر جي
جوت پاتي اٿس، جنهن ڪري هن جو منُ سانت ۾ آهي.
هينئر هن کي خيال آيو ته اهڙو رستو ڳولي ڪڍجي جنهن
مان دنيا جو ڏک دور ٿئي ۽ سچو ۽ دائمي سـُـک حاصل
ٿئي.
(2) مٿئين عبارت ۾ جيڪي اسم ۽ فعل آهن، تن مان اسم
ذات ۽ صفت بنايو ۽ مثال ڏيو ۽ جيڪي اسم ذات ۽ صفت
آهن، تن مان ٻيا اسم ۽ فعل بنايو.
(3) هيٺين سنڌي لفظن جو اصل يا بنياد ٻڌايو ۽ چئو
ته اهي ڪهڙيءَ ٻوليءَ جا آهن؟
اڌرنگ، اوڳارڻ، يارهن، اِنڊلٺ، آڱوٺو، ٻـُـڍاپو،
وڇاڻو، وار، وڄائڻ، ولوڙڻ، ڀروسو، ڀؤنر، بـُـک،
واڱڻ، وهانءُ، واپار، پالڻ، نيچ، پاڙيسري، تاڃي،
ٽامو، ٽيهٺ، ترار، سور، ساهيلي، سڌو، ڪنبڻ، ڪٻڙو،
ڪپاهه، ڪڏهن، ڪوڏر، ڪهاڙو، گورو، مـُـڇ، ڦوهارو،
جناور، ٽؤنر، پيدل، پڙڇ، پنڪي، جافران، چنبو،
چهبڪ، چهڪ، داڻو، درمل، دنبورو، همام دستو، دٻلو،
روچي، صابڻ، شرنائي، ششدر ۽ ڪاشـِـڪ.
(4) هيٺين مصدرن مان اسم ذات ٻڌايو:
مرهڻ، گهٽجڻ يا گهٽڻ، لهڻ، ڀـُـرڻ، ڏيکارڻ، هلڻ،
ڳهڻ، مرڻ، چوڻ، وڍڻ، کپڻ، وٺڻ، ڏيڻ، ڇڏڻ، وڄڻ، پٽڻ
۽ ڀـُـڻڪڻ.
(5) هيٺين مصدرن مان اسم فاعل ترڪيبي بنايو:
پيڻ، پٽڻ، رهڻ، سهڻ، پنڻ، لڳڻ، ڦرڻ ۽ ڏيڻ.
(6) هيٺين اسمن مان صفت بنايو:
ڌرم، شرم، ڇپر، ڄانڀو، وچ، مينهن، سـِـرو، بـَـڪر،
ٺڪر، هٺ، ڇانوَ، ڏيو، چوٽي، جـَـو، جهاتي، جهپ،
ڀري، وارو، سڌ، پير، واڻيو، هاري، گهوٽ، هاڻي،
چنڊ، ڌيءَ، وَس، ڇٻر، پاڻي، ڀاڳ ۽ ڏند.
(7) هيٺين اسمن مان اسم صغير بنايو:
باهه، ڄام، گهٽ، هنيون، ڀولـُـو، ڳالهه، منڌي، در،
مڇ، ٿلهو ۽ هٿ.
(8) هيٺين اسمن ۾ انڪاري حرف يا نشان وجهي، صفتون
بنايو:
ڪم، کٽ، چارو، گـُـڻ، حق، چڱو، ڀاڳ، ديا، ڌرم، پت
۽ هٿ.
(9) هيٺين لفظن مان ابجد جي حساب موجب سال ٻڌايو:
خوشدل مرحوم، زوال خورشيد، ادخلي جنتي، گل محمد
خان ناطق مڪران، قلندر شهباز سيوهاڻي جي وفات،
″رحمت″، مخدوم نوح هالائيءَ جي وفات: ″فيض حق″،
مير بجار خان جي وفات: ″حاجي شهيد خنجر″، ماتم
مومن خان، شاعر شيري ن.
(10) هيٺين مرڪب فعلن مان اصطلاح موجب ڪهڙي خاصيت
ٿي نڪري؟
ماري وجهڻ، وٺي ڇڏڻ، چئي ڏيڻ، پيو رهڻ، کائي وٺڻ،
کائي رهڻ، ڪرڻ لڳڻ، کـُـلي پوڻ ۽ وٺي وڃڻ.
(11) هيٺين شعر جي مصراعن ۾ مرڪب فعل ۽ ان جي
خاصيت ڏيکاريو:
سونهنَ جي صلاح وٺ ته وِير لنگهي وڃين.
لڙيو پون لطيف کي ڳوڙها مٿي ڳل.
سانداري سمنڊ جي نهوڙي نيا.
آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾.
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
اوجاڳو اکين کي ڄاتـُـئي نه ڏيئي.
چارڻ چنگ ڪلهي ڪري رمي رهيو رات.
پڙهيو پڙهيجاءُ، سبق انهيءَ سـُـور جو.
سوئي سو حرف، پڙهيو ٿو پڙهان.
وڄـُـون وسڻ آئيون، سارنگ چڙهيو سيج.
ڀاڱو ٻيو
سوال
باب پهريون
(1) عربي ۽ فارسي صرف نحو موجب ڳالهائڻ جا لفظ
ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟ هر هڪ جي وصف چؤ ۽ مثال ڏيو.
(2) اسم جا ڪهڙا قسم آهن؟ هر هڪ جي وصف ۽ ان جا
مثال ڏيو. ڳالهائڻ جي لفظن جي انگريزي گرامر موجب
ڪهڙي تقسيم آهي؟ حرف جا ڪهڙا قسم آهن؟ تن جا مثال
ڏيو. اسم خاص جا ڪهڙا قسم آهن؟ هر هڪ جي سمجهاڻي ۽
مثال ڏيو. اسم عام جا ڪهڙا قسم آهن؟ هر هڪ جي وصف
ٻڌايو ۽ مثال ڏيو. هاڻوڪي تقسيم موجب اسم ڪهڙن
قسمن جا آهن؟ اُهي مثالن سان سمجهايو. اسم کي قسم
کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو لڳي؟ سنڌيءَ ۾ اسم جون ڪهڙيون
جنسون آهن؟ حقيقي، غير حقيقي، لفظن ۽ سماعي جنسن
جي معنيٰ سمجهايو ۽ مثال ڏيو.
(3) اسمن جون جنسون انهن جي جدا جدا پڇاڙين تي
ڪيئن منحصر رهن ٿيون؟ هر هڪ جي پڇاڙيءَ جي جنس
ٻڌايو ۽ مثال ڏيو. سنڌي جنسن جي پڇاڙين جو سنسڪرت
۽ پراڪرت جي جنس جي پڇاڙين سان مقابلو ڪريو. جنسن
جڙڻ جا رستا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا آهن؟ هر هڪ جا
مثال ڏيو. بيقاعدي مذڪر ۽ مؤنث اسمن جا ڪي مثال
ڏيو. ڪهڙا مذڪر اسم مؤنث مان ٺهن ٿا؟
(4) اسم جا گهڻا عدد آهن ۽ ڪهڙا؟ هر هڪ جا مثال
ڏيو. سنڌيءَ ۾ واحد مان جمع جوڙڻ جا ڪهڙا رستا
آهن؟ هر هڪ جي سمجهاڻي ۽ مثال ڏيو. ڪهڙي ڳالهه ۾
اسم به صفت جهڙا آهن؟ ڪهڙا اسم هميشه جمع جي صورت
۾ آهن؟ سنڌيءَ ۾ عددن جون پڇاڙيون سنسڪرت ۽ پراڪرت
سان ڪيتري قدر موافق آهن؟
(5) فاعل ۽ مفعول جو اسم جي حالت سان ڪهڙو واسطو
آهي؟ اسم جون گهڻيون حالتون آهن ۽ ڪهڙيون؟ انهن جي
سڃاڻڻ جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟ اسم جو ڦيرو ڇا کي
ٿا چـَـون؟ هيٺين اسمن جا ڦيرا ٻــُــڌايو:
گهوڙي، مس، لاٽون، هاٿي، قلم، راجا.
(6) ضمير گهڻن قسمن جا آهن؟ هر هڪ جي وصف چؤ. ضمير
خالص ڪهڙا آهن؟ هر هڪ جو ڦيرو ٻڌايو. ضميرن جو اصل
سنسڪرت ۽ پراڪرت سان ڪيئن نڪتو آهي؟ ضمير مفصل ۽
متصل ڇا کي ٿا چون؟ هر هڪ جا ٽنهي ضميرن ۾ مثال
ڏيو: اسمن سان جدا، حرفن سان جدا ۽ فعلن مان جدا.
اهڙا ڪي ضمير متصل جا مثال ڏيو، جن ۾ ٽي ضمير هجن.
(7) ضمير اشارو گهڻن قسمن جو آهي؟ هر هڪ جا مثال
ڏيو. ضمير اشاري سان جنس، عدد ۽ حالت لڳائي
ڏيکاريو. ضمير اشاري جو سنسڪرت سان ڪيتري قدر
واسطو آهي؟ ضميري صفت ڇا کي ٿو چئجي؟ ضمير مشترڪ
جي سمجهاڻي ۽ مثال ڏيو. ضمير استفهام جا مثال ڏيو
۽ انهيءَ جو ڦيرو ڪري ڏيکاريو. ضمير استفهام جو
سنسڪرت سان ڪيتري قدر واسطو آهي؟
(8) ضمير موصول ۽ جواب موصول ڇا کي ٿا چون؟ انهن
جا مثال ڏيو ۽ ڦيرو ٻڌايو. ضمير مبهم جي سمجهاڻي ۽
مثال ڏيو. انهن ٽنهي ضميرن جو سنسڪرت سان ڪيتري
قدر واسطو آهي؟
(9) اسم صفت ڇا کي ٿا چون ۽ انهيءَ جي اسم سان
ڪهڙي مشابهت آهي؟ صفت جا گهڻا درجا آهن؟ مثال ڏيو.
اهڙا مثال ڏيو جن ۾ صفتون اسمن وانگي ڪم آيون هجن
۽ ٻيا اهڙا، جن ۾ اُهي ضميرن وانگي ڪم آيون هجن.
اهڙا ڪي مثال ڏيو، جن ۾ عدد به صفت وانگي ڪم اچن.
(10) اسم ظرف جي وصف ٻڌايو ۽ اُهي گهڻن قسمن جا
آهن؟ هر هڪ جا مثال ڏيو. سنڌيءَ ۾ ظرف ڇا مان
جـُـڙندا آهن؟ اهڙا مثال ڏيو جن ۾ صفت به ظرف
وانگي ڪم آئي هجي. عربي ۽ فارسي مان آيل ظرفن جا
ڪي مثال ڏيو.
(11) اسم عدد ڇا کي ٿا چون؟ اُٰهي گهڻن قسمن جا
آهن؟ مثال ڏيو. انهن جي اسم صفت سان ڪهڙي مشابهت
آهي؟ هڪڙي کان گهٽ حصن ڏيکارڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ ڪهڙا
لفظ ڪم ٿا اچن؟ عددن جو اصل سنسڪرت مان ڪيئن ٿو
نڪري؟ انهيءَ جو مفصل بيان ڪريو.
(12) فعل جا گهڻا قسم آهن؟ هر هڪ جو نالو ۽ وصف ۽
مثال ٻڌايو. فعل معروف ۽ فعل مجهول جي وچ ۾ ڪهڙو
فرق آهي؟ مثال ڏيو. اُهي ڪهڙي قسم جا لفظ آهن، جي
اسم جو به ڪم ڏين ٿا ۽ فعل جو به ڪم ڏين ٿا؟ مصدر
جي وصف ۽ معنيٰ ڏيو. مصدر مان پهرين صورت ڪهڙي
نڪري ٿي ۽ ڪيئن ٿي نڪري؟ امر حاضر ڪيئن ٿو جـُـڙي؟
فعل متعدي بالواسطه ڪيئن ٿو جڙي؟ اهڙا مثال ڏيو جن
۾ فعل لازميءَ مان متعدي ٿو ٺهي. امر حاضر جون جدا
جدا صورتون ۽ انهن جا مثال ڏيو. امر ۽ نهي جي وچ ۾
ڪهڙو تفاوت آهي ۽ نهي ۽ نفي ۾ ڪيترو تفاوت آهي؟
اسم مشتق ڇا کي ٿا چون؟ ڪهڙا اسم فعل جي معنيٰ
وارا انهيءَ مان نڪرن ٿا؟ اسم فاعل جي جڙڻ جا ڪهڙا
رستا آهن؟ مثال ڏيو. اسم استقبال ڇا کي ٿا چون؟
اسم مفعول ڪهڙن رستن مان ٿو جڙي؟ اسم فاعل ۽ اسم
مفعول صفت وانگي ڪم آڻي ڏيکاريو. اسم حاليه ڪيئن
ٿو جڙي ۽ ڇا ٿو ڏيکاري؟ مثال ڏيو. اسم حاليه ۾
ڪهڙا زمان شامل ٿي سگهن ٿا؟ فعل يا ماضي معطوفي ۾
ڪهڙا زمان شامل ٿي سگهن ٿا؟ اسم مشتق کي سنسڪرت ۾
ڪهڙي نالي سان ٿا سڏين؟
(13) فعل جا زمان ڇا کي ٿا چون ۽ اهي گهڻا آهن؟
انهن جا نالا ۽ مثال ڏيو. زمان حال جا ڪهڙا قسم
آهن ۽ اهي ڪهڙا آهن؟ مثال ڏيو. زمان ماضيءَ جا
گهڻا قسم آهن؟ سڀني جا نالا ۽ مثال ڏيو. ماضي
متمني ۽ ماضي امڪاني جا مثال ڏيو. زمان مستقبل جا
گهڻا ۽ ڪهڙا قسم آهن؟ مثال ڏيو. زمان مضارع ۾ ڪهڙا
زمان شامل آهن؟ مثال ڏيو. مضارع مدامي يا معطوفيءَ
جا ڪي مثال ڏيو. امر حاضر ۽ مضارع ڪيئن ٿا جڙن؟
مضارع مان ڪهڙا زمان ٿا جڙن؟ مثال ڏيو. اسم حاليه
مان ڪهڙا زمان ٿا جڙن؟ مثال ڏيو. اسم مفعول مان
ڪهڙا زمان ٿا جڙن؟ مثال ڏيو. فعل جو گردان ڇا آهي؟
فعل معاون جي زمان حال، ماضي ۽ مستقبل جا گردان
ڏيو. مصدر ٽڪڻ، جيئڻ، پڙهڻ ۽ پاڙهڻ ۽ مارجڻ جا
علحده زمان لکي وڃو ۽ پوءِ هر هڪ جو گردان ڏيو.
صرف جي اصلوڪي معنيٰ ڪهڙي آهي؟ فعل معروف ۽ مجهول
۾ ڪهڙو فرق آهي؟ معروف مان مجهول ڪيئن ٿو جڙي؟
مثبت ۽ منفي فعل ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مفرد ۽ مرڪب فعل
جا مثال ڏيو. فعلن مان صدور يا طرز ڪيترا آهن ۽
ڪهڙا آهن؟ مثال ڏيو. فعلن جا ڪيترا پريوگ آهن؟
انهن جي سمجهاڻي ۽ مثال ڏيو. سنڌيءَ ۾ فعل جي
زمانن جو ڪيتريقدر سنسڪرت ۽ پراڪرت سان واسطو آهي؟
(14) حرف جر جي وصف ۽ مثال ڏيو. ڪهڙن حرف جرن سان
حرف ″جي″ ڪم ٿو اچي؟ مثال ڏيئي ٻڌايو. فارسيءَ مان
آيل ڪن حرف جرن جا مثال ڏيو. حرف جر اسمن ۽ ضميرن
سان گڏ ڪم آڻي ڏيکاريو. حرف جملي جي وصف ۽ مثال
ڏيو ۽ جدا جدا قسمن جا حرف جملا ٻڌايو. عربي ۽
فارسيءَ مان آيل ڪي حرف جملا ٻڌايو. حرف ندا جي
وصف ۽ مثال ڏيو. عربي ۽ فارسيءَ مان آيل ڪي حرف
ندا جا مثال ڏيو ۽ انهن کان سواءِ عربي ۽ فارسي
صرف نحو جا ڪهڙا حرف ڪم اچن ٿا؟ انهن جا ڪي مثال
ڏيو.
(15) سنڌيءَ ۾ بيهڪ جون نشانيون ڪهڙيون آهن ۽ اُهي
ڪهڙي هنڌ ڪم اچن ٿيون؟ عربيءَ ۾ بيهڪ جون ڪهڙيون
نشانيون آهن؟
(16) سنڌيءَ ۾ مرڪب يا ٻٽا يا گڏيل لفظ ڪهڙن قسمن
جا آهن؟ هر هڪ جا ڪي مثال ڏيو. هيٺين اصطلاحي فعلن
جون معنائون ڏيو:
پير تپڻ، منهن ڪوڙو ڪرڻ، منهن پوڻ، اک ميري ڪرڻ.
ڀاڱو ٻيو
مثال ۽ مشقون
(1) پنجن ماڻهن جا نالا ٻڌايو. پنجن جانورن جا
نالا ٻڌايو. پنجن پکين جا نالا ٻڌايو. پنجن وڻن جا
نالا ٻڌايو. پنج مائٽيءَ وارا نالا ٻڌايو. پنجن
زالن جا نالا ٻڌايو. پنجن ڪاسبين جا نالا ٻڌايو.
پنجن شهرن جا نالا ڏيو. پنجن واهن جا نالا ڏيو.
هيٺين جملن ۾ اسم ڪهڙا آهن؟ فعل ڪهڙا آهن؟
ڪتي کي ڏسي ٻلو اُٿي ڀڳو، اُهو وڃي پاڻيءَ ۾ پيو.
مون هن کي وٺي رسيءَ سان ٻڌو.
هيٺين جملن ۾ خاصيتن جا نالا ڏيو:
ڪپهه اَڇي آهي. هي نوڪر ايماندر آهي. سـُـستيءَ جو
نتيجو خراب آهي. سج جي ڳاڙهاڻ کي شفق سڏيندا آهن.
سانوڻ ۾ ساوڪ گهڻي ٿيندي آهي.
هيٺين جملن جا نالا ٻڌايو:
هن ڇوڪر کي راند ڪرڻ سان ڏاڍي دل آهي. گهڻي کائڻ
ڪري پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي. ترڻ سکبو ته ٻـُـڏڻ کان
بچبو. پڙهڻ لکڻ جو شوق ٻارن لاءِ چڱو آهي. ڊوڙڻ
ڊڪڻ ٻارن لاءِ چڱي ورزش آهي.
هيٺين اسمن سان ڪي اهڙا فعل لڳايو جن مان خبر پوي
ته انهن اسمن تي ڪو ڪم ٿيو آهي:
هرڻ، ڪرسيون، باهه، مهرباني، کير.
هيٺين اسمن سان ڪي اهڙا فعل لڳايو، جن مان خبر پوي
ته هـُـن ڪو ڪم ڪيو آهي:
لوهار، بگهڙ، چور، چتون، نانگ.
هيٺين اسمن سان ڪي اهڙا فعل وجهو، جن مان هـُـئڻ
جي معنيٰ نڪري:
رڍون، خبر، سچائي، احمد، ڇوڪر.
هيٺين جملن ۾ اسمن جي بدران ضمير ڪم آڻيو:
ماستر صفر کي گهڻو ئي ماريو، پر صفر حرڪت کان نه
رهيو. هڪڙو ماڻهو طالب نالي هو، طالب ڏاڍو هوشيار
هو، طالب کي چڱي نوڪري ملي وئي. هڪڙو شينهن شينهن
جي شڪار ڳولڻ لاءِ جهنگ ۾ ويو ۽ هڪڙو هرڻ ڏسي هرڻ
کي جهٽ هڻي ماري کاڌائين.
هيٺين جملن ۾ ضمير چونڊيو:
جو ماڻهو هتان لنگهيو ٿي، سو منهنجو سؤٽ هو. اهو
منهنجي پيءُ وٽ ويو ۽ ان کي چيائين ته آءٌ تنهنجي
پٽ کان پنج رپيا لهڻان.
هيٺين جملن ۾ صفتون ۽ ضمير ۽ ظرف ڏيکاريو:
هو چڱو ماڻهو آهي، آهستي ڳالهائيندو آهي. آءٌ هن
کي گهڻو مانُ ڏيندو آهيان، جو نيڪ ماڻهو سڀ ڪنهن
کي وڻندا آهن. سڀاڻي آءٌ اُهو توکي ڏيکاريندس.
توکي به اهو ضرور وڻندو. ڇوڪر هڪدم راند تي هليا
ويا. هينئر وقت ڪونه اٿم، سڀاڻي آءٌ توکي سبق
چڱيءَ طرح پڙهائيندس. هن ماڻهوءَ ۾ تمام ٿورو عقل
آهي. هو پورو پڙهيل ناهي. اهڙو تڪڙو هلڻ چڱو ناهي.
هيٺين جملن ۾ حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا ڏيکاريو:
اي ادا، آءُ ۽ احمد تو وٽ باغ ۾ اچون ها، پر ٻئي
پاسي ڏي وڃڻو پيو، نه ته جيڪر اچون ها.
(2) هيٺين اسمن ۽ صفتن ۽ فعلن مان اسم ذات ٺاهيو:
زميندار، ٺڳ، دوست، طبيب، بادشاهه، لسو، سهانگو،
کـُـهرو، ڪارو، چيڙائڻ، تـَـرڻ، وڙهڻ.
هيٺين مذڪر ۽ مؤنث اسمن سان ڪا صفت لڳائي ڏيکاريو:
ڪاغذ، وقت، ڏينهن، ڪتو، لکڻ، دري، ايمانداري، انب،
ڊاک، بتي، بسترو.
هيٺين اسمن جون جنسون ٻڌايو:
کـَـل، مـَـٽ، گـِـلا، دَيا، پيتي، پاڻي، کير،
سـُـٽ، ٽــَــڪ، ڪـَـٺ، ڪـَـس، ڳـَـر، لڏون،
مـِـٺـُـو، چاڪـُـون.
هيٺين مصراعن ۾ جنس جو لاڳاپو اسمن ۽ فعلن ۽ صفتن
جي نسبت ڏيکاريو:
آڌرِ نڌر اَڀري اُسونهي آهيان،
مرڻا اڳي جي مـُـئا، سي مري ٿين نه مات.
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا،
پسو لـڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن.
جي پسي منهن ميهار، ته سگهيائي سڄي ٿئي.
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
هيٺين مذڪر اسمن جا مؤنث ۽ مؤنث اسمن جا مذڪر
ٻڌايو:
خرچائو، رهاڪو، ڀـَـٽ، ڦورو، ڳاهڻ، چٽڻي، ٻانهي.
اهڙا اسم ٻڌايو جي مذڪر آهن پر مؤنث ٿي ڪم اچن ۽
مؤنث آهن ته مذڪر ٿي ڪم اچن.
(3) اهڙا ڪي اسم ٻڌايو جي اصل جمع آهن، پر واحد ٿي
ڪم ايندا آهن ۽ ٻيا جي اصل واحد آهن، پر جمع ٿي ڪم
ايندا آهن.
هيٺين اسمن مان جي واحد آهن، تن جا جمع چئو ۽ جي
جمع آهن، تن جا واحد چئو:
نوڪرياڻي، ڄـِـڀ، ڇڪون، اَپدا، سيٺيون، مـِـرُون،
وهو، ٻلا، ٻيلي، پـَـٽِ، ٽڪون، نـُـهر، پئر،
ڇيهون، لائون، لڱ، ڏبو، وڇون، چوٿا، نهائين.
(4) هيٺين جملن ۾ اسمن جون جدا جدا حالتون ٻڌايو:
ڇوڪر ڏاڍو گوڙ ٿا ڪن. هن سال اَن مهانگو ٿي ويو
آهي. بورچيءَ ماني رڌي آهي. ڪـُـڪڙ ڏهاڙي آنو
لاهي، ايڪيهه ڏينهن انهن تي آرو ڪندي آهي. درزيءَ
منهنجا ڪپڙا سبي تيار ڪيا آهن. مون هـُـن کي ڪتاب
ڏنو. منهنجو تو ۾ هڪڙو ڪم آهي. هـِـن چاڏيءَ ۾ کٽو
ڏڌ آهي. توکي تپ گهٽ ٿيو آهي. هن ڇوڪر کي ڪـُـتي
ڏاڙهي وڌو. تو وارو ڪتاب مون کان ويو هليو. ڳالهين
سنديون ڳالهيون، ٽـَـڪي سندا موٺ. هيءَ هيري جي
مـُـنڊي ڪنهن جي آهي؟ الاهي خير ڪجانءِ. گهر ڌڻي
ڪيڏي ويو آهي؟ پريان سنڌي پار جي مـِـڙئي
مـِـٺائي. مـُـحب منهنجي هنج، کسي وڃ مَ مگتا.
متان وِ هو ماڙهئا ننگر جي آڌار. مرئان موران،
پکڻان وائي ٻي مَ ڀـُـل. مينڍا ڌُئي نه مارئي
محلين مارئان ڌار. پرچن شال پهنوار، ڍوليا مارُو
مون سين. پهچائج پنهونءَ کي هيءَ پيادي پانڌي.
ڪـُـلهنيان ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي. حال منهنجو
ههڙو پسو ٿا پرياهه. ڪنا نار حاميـھ هاڻ پڇائج
هيءُ. راڻين وري روءِ گوندر لٿا گولئين. سرتيون
ساهه سندوم ٿيو حوالي هوت جي. ڪاڪيان وڃ مَ ڪڏهين
راڻا تو نه رهاءِ. آيل اَن نه وسهان هنجون جي
هارين. متيون موٽڻ سنديون ڪاڪيون ڪين ڏيوم.
هيٺين جملن ۾ جيڪي ضمير هجن، تن جا نالا ڏيو:
پنهنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نه طبيب. تنهنجو ڇا ٿو وڃي
جو ٻين جي ڪمن ۾ هٿ ٿو وجهين؟ هي ڇوڪر اُهو آهي،
جنهن بابت مون تو سان ذڪر ڪيو هو. جيڪي پاڻ کي مدد
ڪندا آهن، تن کي خدا به مدد ڪندو آهي. ڪي ماڻهو
اهڙا ٿيندا آهن، جو جنهن وٽ وڃن، تنهن وٽ ٻين جي
گلا ڪن.
هيٺين مصراعن ۾ ضمير ڏيکاريو ۽ انهن جا نالا ۽
انهن جا عدد، جنسون ۽ حالتون ٻڌايو:
مـُـونهان اڳيئي گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
سـَـٺـُـمِ ساهيڙين جا طعنا توهي لاءِ.
تو هي سندو ميهڻو ڀلي ڪري لڌوم،
طاقت توهان ڌار، ساريان ڪانه سرير ۾.
ڇـِـن ڇڏينديس ڪينڪي دوست اوهان جو در،
پـُـرڻ پنهونءَ پٺ ۾ ايءَ سعادت سنديام.
هڏ هنِ نه هوندو هنان پوءِ عالم ۾،
عاشق عبداللطيف چئي انهي پهه پيا.
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،
هـُـوءَ جا پائن پير ۾، تنهن جـُـتيءَ نا جيهي.
اُن در سيئي اگهيا، جن وڃايو وجود،
هي چنڊ اُهوئي جو هـُـت پسي پرينءَ کي.
ويندا سي ايمان سين ڪلمو جنين وات،
ڪتيم جنهن ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
سو هي سو هـُـو، سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساهـُـه، سو ويري سو واهرو.
جڏهن ستيون جي پٿر پير ڊگها ڪري،
تڏهن تنين کي، ساٿ سـُـتيئي ڇڏيو.
ڪيرُ آهين، ڪٿان هلئين، ڪـُـڄاڙو نالوءِ.
ڪير هئا، ڪيڏانهن ويا، ڪهڙي هئا ذات.
سڌڙيا سري جون ڪوهه پچارون ڪن.
ڪـُـڄاڙي کي تو، ڪيو هيئن پنهنجو حال؟
ڪم نه ايندئي ڪو ٻيو، پنهنجي پوکيءَ ريءَ،
ڪـِـنـِـي ڪـِـنـِـي ماڙهئين پيئي ڪل ڪاڻي.
ڪو ڪو ويڻ ڪلال جو پـِـتي سو پيون،
ڪا جا ڳالهه ڳري ٻيجل ٻـُـڌائي مون.
پاڻهئي سڃاڻي پاڻ، پاڻ ڪر پاڻ لهي،
پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي.
پر پـُـڇ پنڊُ پانهنجو منجهس مـُـنهن پايو،
عمر سڀ عبث وقت وڃايم پانهنجا.
سائين جو سوڳنڌ، ساجن سڀنيا چڱو.
سانوڻ گهڙي سڀڪا، هيءَ سرهي سياري.
اڃا ويل سڀڪنهين وڃان واجهائي،
جيئڻ ناهي جڳ ۾ ڏينهن مڙيئي ڏون.
جا جڪ تو مٿاءُ ملڪ مڙيئي گهوريان.
مٿين مصراعن ۾ ضمير متصل ڏيکاريو ۽ اُهي ضمير مفصل
۾ لکو.
هيٺين جملن ۾ ضمير متصل، مفصل ضميرن ۾ ڏيکاريو:
ٻڌو اٿئي يا نه؟ کانئن پـُـڇ. ڇا چيو اٿمئين جو
مارينم ٿو. ڪالهه شهر ۾ ڏٺو هومانس.
هيٺين مصراعن ۾ ضمير متصل ڏيکاري سمجهايو:
جهول نه جـَـهلي سهڻي، سائر سٽ سندياس،
جنهن اهڙي ڄائي عاجزا، سامـَـرُ مرڪي ماس،
پسين جي پياسا ته ڪين عشق آڻيين،
جتي نظر ناٿ جي اُتي اوتارانِ،
اهي اُهڃاڻانِ، لـِـڪا ڀـُـڻن لوڪ ۾.
ڌڻيم ڪَـرمَ ڌار، پاڙو تن پرينَ کان.
چوڏهينءَ ماهه چنڊ جيئن پڙ ۾ پاڳڙياس.
جيڪا ڄمارانِ سا منجهه گوندر گذري.
سوئي ساڻيهه منهنجو، ساجن جت سندوم.
راڄُ پرتو رب کي سـُـومرا! سندوءِ.
جنت سندين جـُـوءِ، فائق هليا فردوس ڏي.
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙيئن ڪڻس ڳڙکيون.
جان جان ساڻئي ساههَ تان تان پارج پنهونءَ سان.
سو سڀوئي حالُ منجهانئن معلوم ٿئي.
(6) هيٺين مصراعن ۾ صفتون ڏيکاريو ۽ انهن جا درجا چئو:
مـِـٺائيان مـِـٺو گهڻو ڪڙو ناهي ڪلام.
سوَ سـِـنسـِـيان اڳرو سندو دوسان دم.
ساههَ رڳنئون اوڏڙو، واحد جو وصال.
دوس مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
جي ڀانئين پرينءَ مڙان ته ڏوهنيان ڳـُـڻ ڀانءِ.
هيٺين مصراعن مان اسم، ضمير ۽ عدد ڏيکاريو ۽ جيڪي صفت وانگي ڪم آيل هجن، سي
به ڏيکاريو:
وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
ڏهن ويرين وچ ۾، آيو آهي انسان.
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لـَـٽيا پنهونءَ پير.
سوين آهن سنسار ۾، پيا پڻ داتا دل.
جي هئنئي هوت هزار، ته به پاڙج ڪومَ پنهونءَ سان.
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙيئن ڪڻس ڳڙکيون.
پلنگ پٿراڻيون، پالڪيون نوَ لک ناڻي نيلَ.
هڪڙا ڀائر، ٻيا ڀائٽيا، ٽيان جاني يار.
ڪارهين ڏينهن ڪرم، وريو ويراڳين جو.
سهسين شڪرانا، ڪوڙين ڀال ڪريم جا.
هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي صفتون لڳايو:
هي ڪپ ڏاڍو ------ آهي. هي نيري رنگ جو ------
آهي. پوڙهي ماڻهوءَ جي ڏاڙهي ------ ٿيندي آهي.
ڏنگي رستي کان ------ رستو چڱو آهي. ماکي ------
ٿي ٿئي پر ڪـُـئين ------ ٿي ٿئي. اُٺ گهوڙي کان
قد ۾ ------ آهي.
(7) هيٺين جملن ۾ ظرف ڳولي ڪڍو ۽ ٻڌايو ته اُهي
ڪهڙن قسمن جا آهن؟ ڇا ٿا ڏيکارين ۽ ڇا سان لاڳو
ٿين ٿا؟
تمام گهڻو خرچ به نه ڪجي ۽ ڏاڍو ڪنجوس به نه ٿجي.
وچون رستو وٺڻ نهايت عمدو آهي. هرو ڀرو ڪنهن کي
صلاح ڏيڻ ضرور ناهي، مگر جي ڪو پڇي ته صاف چئي
ڏجي. پر سال کان هيل وڌيڪ مينهن پيو آهي.
جو مـُـنهين مومل جو پوئي، موٽڻ تنهين مس ٿئي.
جيڪس ويس وسري آءٌ منان معشوقن.
پاٻو هيندئي پڌارا کلن کٽڻهار.
سيڻن ساجهر لڏيو، تون هاري! نهارين اڄ.
لايو لام الف سين خوب لکن خط.
جي پند پاريائون ته سگهائي سگها ٿيا.
لـُـکـُـون لڳن ڪوسيون ڏاڍا تپن ڏينهن.
چوڌاري چڙا ٻـُـرن ٻيلاين جا.
اکيون اکين سامهيون، ڏينهن سڄو ئي رات.
مون کي نه موٽاءِ، آءٌ اڳاهين آهيان.
اندر آديسين کي ڌُريانئي ڌُڻي.
مهند ٿيندو مصطفيٰ، پٺيءَ لوڪ لڏيندو.
پيڙا پري ويئي اچڻ سان عجيب جي.
ڪالهو نڪو ڪاڏي ويو سندو جوڳين جوش.
اُتان اوٺي آئيو، خبر ايءَ کري.
جتن سان جاڪون سرتئون، مون سڱُ ٿيو.
ڪري ڪوهيارو ويو تنُ ڇني تاڪون.
آءٌ پڻ تڏهانڪون اڌ ڏکوئي آهيان.
ڏک نه سارين ڏيل ۾، ويرا وير وهـِـسـَـن.
(8) هيٺين فعلن مان مجهول ۽ متعدي بالواسطه ٺاهيو:
کڻڻ، لکڻ، ڀڄائڻ، ڏيڻ، وڇائڻ، ٻڌڻ، ڏسڻ، پالڻ،
ٽارڻ، ڳالهائڻ، چائڻ، ۽ وٺڻ.
هيٺين جملن ۾ فعل مجهول ڦيرائي معروف ڪري ڪم آڻيو،
۽ معروف ڦيرائي مجهول ڪري ڪم آڻيو. انگريزن جي جنگ
۾ ٻه هزار جرمن مارجي ويا. خوشيءَ کان سڙڪن تي
جهنڊيون کوڙجي ويون ۽ مٺايون ورهائجي ويون. بازيگر
پنج گولا اڇلايا ۽ اهي وري جهٽيائين. جيل ۾ نوان
قيدي بند ڪيا اٿن. هو ماڻهو ڏاڍو هوشيار ليکجي ٿو.
هيٺين مصدرن مان امر ۽ ماضي ٻڌايو: ڀڄڻ، اچڻ، لهڻ،
کائڻ، ڄمڻ، ڦاڙڻ، ڌوئڻ، لنبڻ، ڪـُـهڻ، ڏسڻ، ڳنهڻ،
ڳهڻ، پهچڻ، ۽گسڻ.
هيٺين جملن ۾ ٻڌايو ته فعل ڪهڙي قسم جا آهن ۽زمان
ڪهڙا آهن: ڀلا ٻڌاءِ، ته ڪيئن تو کي ڍو ٿئي. توکي
جيڪا شيءَ کپي سا تون کڻج، ٻي پنهنجي ڀاءٌ کي ڏج.
هاڻي وڃي درياءَ ۾ وهنجو. احمد شهر گهمندو ڦرندو
گهر آيو. شرم جو ماريو هو اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. ڌوتل
ڪپڙا گپ م ڪري پيا. لکيو لوح قلم جو هر ڪو ٿو
لوڙي. آءٌ سڀاڻي ڪراچيءَ وڃڻو آهيان. ائين چئي
رپيا ڦٽا ڪري، گهوڙو موٽي گهر وٺي آيو. ماڪوڙيون
اچيو کنڊ کايو چٽ ڪريو وڃن ٿيون. ڪم ڪندڙ نوڪر
پنهنجي ڌڻيءَ کي هميشه وڻندو آهي. جي بابي پڇيو ته
سچ چوندومانس. نمازي ماڻهو هميشه سج اڀرئي کان اڳي
اٿندا آهن. هو ڇوڪر محنت گهڻي پيو ڪري پر تڏهن به
جي هو انعام نه کٽندو ته سندس ڪهڙو ڏوهه چئبو؟
انهيءَ مندر ۾ رات ڏينهن ڏيو پيو ٻرندو هو. جڏهن
سج چنڊ تي پاڇو پوي، تڏهن ڪاراٽجن. هڪڙو ڍڳو جهنگ
۾ پئي چريو. چار ڏينهن وهنجڻ ڇڏيو اٿئي ته تنهنجي
بت مان باس پيئي اچي.
هيٺين مصراعن ۾ مرڪب فعلن جا مفرد شعر ڏيکاريو ۽
ساڻن جيڪي ضمير متصل ڪم آيا آهن، سي سمجهايو:
سونهـَـن جي صلاح وٺ ته ويرَ لنگهي وڃين.
لڙيو پون لطيف کي ڳوڙها مٿي ڳل.
سانداري سمنڊ جي نهوڙي نيا.
آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾.
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
اوجاڳا اکين کي ڄاتئه نه ڏيئي.
چارڻ چنگ ڪـُـلهي ڪري رمي رهيو رات.
تنهن سين ڪري پريتڙي نڀائي نبي.
پڙهيو پڙهيجاءُ، سبق انهي سور جو.
سو ئي سو حرف، پڙهيو ئي ٿو پڙهان.
ويندو رهندو ورچي منجهان مصر شام،
وڄون وسڻ اُئيون، سارنگ چڙهيو سيج
جي پورو ٿئيم پساههُ، ته به نجو مڙهه ملير ڏي.
جي هـُـئنئي هوتن لک، ته به پاڙج ڪوم پنهونءَ سان.
سرتين ساڻ سمن آهيم اُٺي مينهڙي.
ڳجهي اٿم ڳالهڙي، اوري آءُ تان اوريان،
جي اٿئي سڌ پسڻ جي ته کڻ مَ پير پري.
اِيءَ سڻيندي ڳالهڙي، چريو ٿئڙس چـِـتُ.
اديون عبداللطيف چئي، سيڻ لهندم سار.
حقيو هيج هشيار کوڻ کونديئي اوچتي.
تازي ڏيوس تڪڙو جوهر پائي زين.
ٻانڀڻ ٿي ٻـُـوٽيون، ته ڪـُّتا کينئي ڪيچ جا.
(9) هيٺين جملن ۾ حرف ڳولي ڪڍو ۽ ٻڌايو ته انهيءَ
جو نالو ڪهڙو آهي؟
شل چڱا ماڻهو سدائين خوش رهن. مارِ هي طوفان ڪٿان
آيو؟ هو چوي ٿو ته منهنجو نالو فقيرو آهي. اڙي
ڇوڪر! تو هي ڪهڙو نه خراب ڪم ڪيو آهي. هن کوهه ۾
پاڻي تمام اونهو آهي. پاڻيءَ جي مٿان ڪا شيءِ پئي
تري. هاءِ گهوڙا! هي ڇا ٿي پيو. حرف ضرور يا جر يا
جملو يا ندا هوندو. واهه، جو چڱو مڙس ٿو ڏسجين.
جيتوڻيڪ هو ٻيئي ڀائر آهن، ته به انهن کان بهتر
ماڻهو ڪونهي. مون وٽ مهمان آيا آهن.
هيٺين جملن ۾ خالي جاين تي مناسب حرف ڪم آڻيو:
جي سبق ياد نه ڪندين ------ مار کائيندين. دولت
چڱي آهي ------ علم انهيءَ کان بهتر آهي. ٻنهي مان
هڪڙو ميوو کڻ، انب ------ صوف. جيتوڻيڪ مون
سمجهايس ------ هو نه رهيو. گهوڙو، گڏهه ------
تکو ٿو هلي.
هيٺين مصراعن مان حرف ڪڍو ۽ انهن جا نالا چئو ۽
ڏيکاريو ته ڇا سان ٿا لڳن؟
کـِـڙيون کٽڻهار جيئن وڄون اُتر واءِ،
ڪريو منهن ملير ڏي رُئي اُڀي چوءِ.
پاڻ پچن ميوا، ري واهپ ري واڙ،
ورُ پنهونءِ سين پلڪ، کـُـههِ ٻارهن ماهه ٻين سان.
ماڙيءَ لڳم ميهڻو، سڀ ڄماندر سيئن،
ڳنهي آيس ڳالهڙي ڳجهي تو ڳري.
سوري ڀانيان سيج، ديکڻ ٻاجهون دوس جي.
سوڍي بگر سرتيون هڏ نه ساهه سري.
پر- گهران پاسو ڪري، پڇ پريان کي پاڻ.
سو ئي توئي ساڻ، جنهن لاءِ جفائون ڪرين.
لوچين ڇو نه لطيف چئي، هاري! لاءِ هوتن.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات.
وٺي منهن ڪيهو، وڃان وطن سامهون.
جي مران تا مانُ لهان، جي موٽان ته ڪير ميهه.
توڙي چڪنن چاڪ ته به آه نه سلن عام کي.
دل ڀي ڏجي هڪ کي توڙي سو سڪن.
سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هوئي هزار جو.
توڙي ڪنڌي ڪن نه ته ساڻن وڃن سير ۾.
ايءُ دوسن جو دستور، جيئن ڇنان ڇنن ڪينڪي.
تيلان ڌڻيءَ ڌُئا، جيلان ويا وحدت گڏجي.
پائي ويهه مَ پلنگ تي ڳچيءَ سـِـر ڳانو.
جن کي عشق الله جو، مر پيا سي مرڪن.
تـُـندي مٿانهين کـُـٽاءِ، ٻوڏ چونئي جيءُ چؤ.
ڪنڌيءَ اچي سپرين مانَ ٻر ٻر ڪن،
حيف منهنجي حال کي جان پـُـڇي آءٌ بيڪار.
ووءِ ووءِ ڪندي وتُ، متان ووءِ وسارئين،
هـَـي هـَـي ڪيو هٿڙا کاميو کنيائين.
هيهات هيهات، ″لما توعدون″ سـُـڃي ٿي اوطاق.
(10) هيٺين جملن ۾ بيهڪ جون نشانيون ڏيو: خدا
تعاليٰ اسان کي اکيون ڏسڻ لاءِ، ڪن ٻڌڻ لاءِ، وات
کائڻ لاءِ ڏنو آهي. هي ڪهڙو نه چڱو ڪتاب آهي. اهڙو
تو ڪڏهن ڏٺو؟ شل خدا سلامت رکئي. هي ڍڳي جو پير
آهي يا مينهن جو؟ ڳئونءَ جو ٻچو پري ويندو آهي ته
ڳئون پئي رنڀندي آهي. هو دنيا ۾ ضرور سکيو
گذاريندو، ڇا لاءِ جو هو چڱيءَ نيت وارو آهي.
ڪفايت يا صرفي جو مطلب آهي پورو پنو خرچ ڪرڻ.
انهيءَ حد کان زياده خرچ ڪرڻ واري کي اسراف وارو
يا گهڻ خرچو يا هٿ ڦاڙ چوندا آهن ۽ انهيءَ کان گهٽ
خرچ ڪرڻ واري کي ڪنجوس يا چمچوس يا بخيل چوندا
آهن.
(11) هيٺين سنڌي اصطلاحن جي معنيٰ ڏيو:
هو اُڀ ۾
ترارون ٿو هڻي. اڄ مسلمان سرڪاري نوڪرين ۾ ائين
آهن، جيئن اٽي ۾ لوڻ. هو رات ڏينهن اڇو الله ڳاڙهو
رسول ڪيو ويٺا آهن. تون پڙهي ڪهڙا اڪ ڪارا ڪندين؟
هڪڙي اک کلنديئي ٻي رئنديئي، پاڻهي منهنجو ڪم
ڪندين. هو اڻ گهڙيو ڪاٺ آهي. تون ڪهڙي باغ جي
مـُـوري آهين؟ هو هاڻي ٻه ٻه هٿ مٿي ٿو اُڏامي. هن
سڀ پئسا ڀنگ ڀڳڙو ڪري ڇڏيا. تون ٿو مون کي
پـُـتليون پڙهائين. ائين ڪرڻ ته رڳو پير مان لاهي
منهن ۾ هڻڻ آهي. هن جا چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويا.
هو ڪلهي تي هٿ ۽ دهل تي ڏونڪو هنيو بيٺو آهي. هو
آسمان مان تارا ٿو لاهي. هن جو ڍينگو ئي ڍيري آهي.
هن جي ڇوڪري وڃي شينهن ڪلهي چڙهي. تون مون کي ڪپڙن
مان ڇو ٿو ڪڍين. ڪڻي گهٽ ڪاسو ٿي پيو. تون ڇو ڪوپ
ڪڍي ويٺو آهين؟ ميم ۾ ڇو ٿو ڳالهائين.
(2) هيٺين جملن جي ترڪيب ڪريو: تو هن کي مزي مزي
جون ڳالهيون ٻڌائي خوش ڪيو. هو گهران جو نڪتو، سو
سڌو ويو پنهنجي دوست جي گهر. ايندڙ مهيني ۾ هو
پرچڻا آهن. هو آهستي آهستي ويو رڙهندو.
سڪڻ ائين نه سـَـڌَ، جيئن لڪيو لياڪا پائيين،
ايءُ پڻ ڪوڙي سـَـڌَ، جيئن کليو کايو سمهين.
هر هر هـُـوڙائي، وڃڻ در دوستن جي،
لائيندئي لطيف چئي، سوران سرهائي.
ڳجهو ڳالهائي، پرت وٽجي پاڻ ۾.
(3) هيٺيان غلط لفظ صحيح ڪريو جي اڪثر هندو اخبارن
۽ ٻين عام رواجي ڪتابن مان ڪڍيا ويا آهن:
ڀارو، ڳڙڪائڻ، تاري وڄائڻ، پوڙهيو، پرلاءُ، پڙدو،
وڙ ۾ وجهڻ، بي ورو ماڻهو، ڦڦڙ، پرنجڻ″ ٻه - مار،
ليرپي، مضبوط، وسيت، ايضنا، وصيعت، استيفا، مظمون،
صفيد، موسوم، نزارا، تمنا، غلاضت، جـُـريت، نقطه
چيني، ڪسرت، حيبت، خطنو، طوطاري، ضابطو، لذيذ،
مرامت، شوقت، جافر، موردين، محضوض، طرقي، صحي،
سادر، سعيد (سيد)، مسق، عبدالواحب، غلام رزا، قرف،
آج، مصتفا، اصد علي، ملڪلموت، محمد شفي، خوشامند،
حاشم، طعبعلي، عبدل رحمان، حميت، عبدل مجيد، حراس،
خير آفيت، ظلفقار علي، فاعدو ۽ قائدو.
(14) هيٺين لفظن جا ضد چئو: ريت، سپت، سائو، ستڙ،
شادي، سگهو، سکيو، تارو، سڻائو، اشراف، شريف،
چـُـست، تڪڙو، لڄاڙو، بندرو، آلو، پراڻو، سهاڳڻ،
سڀاڳو، ڏور، سرهو، آباد، پريشان، سدا تورو، بي
چيو، ننگائتو، ناراض، رنج، سهنجو، سولو، سکڻو،
سجاڳ، سپوت، وڙائتو، ڪمهلو، اڄاڻ، بيوفا، بي حيا،
بي ادب، نيڪنامي، نيڪي، ڀلو، تندرست، ڪچو، سونهو،
نڌر ۽ وِلهو.
(15) هيٺين لفظن جي اصلي معنيٰ ڪهڙي آهي ۽ پوءِ
ڦري اصطلاح ّ۽ رواج ۾ ڪهڙي ٿي آهي؟
انجام، اوزار، سلامت، حور، هلاڪ، رنج، خاڪ، پٽڪو،
تابع، سواد، حيات، برابر، اولياءُ، هشيار، اشراف،
غصو، طبيعت، مقام، شمعدان، فنا، ياد، اسباب، قياس،
تڪرار، پوشيدو، خراب، خرابي، البت، نفر، حرف،
اوسان، سبب، خفو، غريب، حضور، حيف، جناب، خذمت،
فرش، مشق، گستاخ، معصوم، تعلق ۽ ڪوٺي. |