سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:1

سنڌي ويا ڪرڻ

 

تحقيق: شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

ڇپائيندڙ پاران

 

جتي ٻولي قومن جي انفرادي اظھار جو ذريعو آهي، اتي اجتماعي سوچ جي عڪاسي پڻ ڪري ٿي. ٻولي سوچ جو محور هوندي آهي، جنھن جو اظھار رابطن ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ رابطا تڏهن مضبوط ٿيندا آهن، جڏهن ٻولي پڪي پختي هوندي آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار ٻولين ۾ ٿئي ٿو. برصغير ۾ جتي سنڌي علم و ادب جي هاڪ آهي، ته اتي سنڌي ٻولي کي قدامت جي حوالي سان اهميت حاصل آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو پرڏيھي عالمن واٿن (Wathan)، اسٽيڪ (Stack)، ايسٽوڪ (Estvick)، ليچ (Leech)، برٽن (Burton)، ٽرمپ (Trumpp)، گولڊ سمڊ (Gold smid)، گريئرسن (Grierson) ۽ ٻين لسانيات جي ماهرن، پنھنجي مضمونن  ۽ ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترتيب، گرامر ۽ صرف و نحو متعلق مفيد ۽ اهم معلومات مھيا ڪئي آهي.

سنڌ جي مانائتن عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن مان وري شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو نالو سرفھرست آهي، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد، سنڌي گرامر، علم بديع ۽ علم عروض تي مشتمل ڪتاب ”سنڌي وياڪرڻ“ هڪ اهم معلوماتي تصنيف آهي.

سنڌي ادبي بورڊ کي اِهو شرف حاصل رهيو آهي ته، سنڌ جي مشھور و معروف عالم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جا اڪثر ڪتاب هن اداري طرفان شايع ٿيندا رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، علم بديع ۽ علم عروض تي مشتمل هن ڪتاب ”سنڌي وياڪرڻ“ جو به پهريون ڇاپو سال61-1960ع ۾ بورڊ طرفان چئن ڀاڱن ۾ شايع ڪيو ويو. جنهن لسانيات سان دلچسپي رکندڙن ۽ ٻوليءَ جي شاگردن سان گڏوگڏ شاعرن وٽ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، بورڊ طرفان هن ڪتاب جا چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن ۽ هاڻي هيءُ پنجون ڇاپو موجوده دؤر جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي، ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڪرائي، آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري رهيو آهيان. سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن جي دلچسپيءَ ۽ هدايتن تحت اداري طرفان نوان توڙي ريپرنٽ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن هميشه مون سان ساٿ رهيو آهي، جنھن لاءِ آءٌ سندن ٿورائتو آهيان.

اميد آهي ته اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو گرامر جي شاگردن، اُستادن ۽ پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

05 ربيع الثاني 1446هه                               ميرزا دبير حسين بيگ

09- آڪٽوبر 2024ع                                    سيڪريٽري

 

سنڌي وياڪرڻ

(ڀاڱو پهريون)

 

ڀاڱو پهريون

باب پهريون – جملو

1- سج اُڀري ٿو.

هتي سج جي اُڀرڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي.

2- پکي اڏامي ٿو.

هتي پکيءَ جي اڏامڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي.

جڏهن اسين ڳالهايون يا لکون ٿا، تڏهن ڪي لفظ ڪم آڻيون ٿا. لفظ گڏي اسين اهڙيءَ ريت سٽون ٺاهيون ٿا، اهڙيءَ هرهڪ سٽ مان پورو مطلب نڪري ٿو. هر هڪ سٽ، جنهن مان پورو مطلب نڪري، تنهن کي چئبو آهي ”جملو“.

يا هيئن چئبو: جملو هڪ لفظن جو ميڙ آهي جنهن مان پورو مطلب نڪري ٿو.

1- گوپال کڏ تي ........... ڇوڪر راند ............

هن قسم جون سٽون جن مان پورو مطلب نٿو نڪري، تن کي جملو نه چئبو. مٿين سٽن ۾ ڪي اهڙا لفظ وجهو، جيئن انهن مان پورو مطلب نڪري.

جملي جا ڀاڱا

1- سج اڀري ٿو.

هتي اسين سج  جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽ هيءَ ڳالهه ڪريون ٿا ته: اڀري ٿو.

2- پکي اڏامي ٿو.

هتي اسين پکيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽ هيءَ ڳالهه ڪريون ٿا ته: اڏامي ٿو.

3- گلاب ڪراچي وڃڻو آهي.

هتي اسين گلاب جي ڳالهه ڪريون ٿا ۽ هيءَ ڳالهه ڪريون ٿا ته: ڪراچيءَ وڃڻو آهي.

مٿين سڀني مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته هر هڪ  جملي جا ٻه ڀاڳا آهن:

ڀاڱو پهريون

ٻيو ڀاڱو

سج

پکي

گلاب

اڀري ٿو،

اڏامي ٿو.

ڪراچي وڃڻو آهي.

هر هڪ جملي جا جيڪي ٻه ڀاڱا آهن، سي هي آهن:

(1) جنهن بابت ڳالهه ڪجي ٿي.    (2) جيڪي هن بابت چئجي ٿو.

4- هيٺين جملن مان ٻڌايو ته هر هڪ ۾  ڪنهن جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ انهيءَ بابت ڇا چيل آهي؟

(1) ڇوڪرو وهنجي ٿو.                        (2) بدن صاف رکجي.

(3)  گلاب گهمي ٿو.                         (4) گلاب سڀني کي وڻي ٿو.

5- پنهنجا چار جملا ٺاهي، مٿينءَ جدول (نقشي) پٽاندڙ، ٻن ڀاڱنّ ۾ ورهائي ڏيکاريو. (ڏسو باب اڻويهون)

باب ٻيو - ڳالهائڻ جا لفظ

(1) اسم

6- گلاب آيو. احمد ويو. سيتا لکيو. مريم سبيو.

گلاب، احمد، سيتا، ۽ مري م، ماڻهن جا نالا آهن.

حيدرآباد، ڦليلي ۽ منڇر، مڪانن (جاين) جا نالا آهن.

ماڻهو، لشڪر، گهوڙو ۽ مڇر، ساهه وارن جا نالا آهن.

وڻ، کٽ، دلو، انب ۽ ڊاک، شين جا نالا آهن.

جنگ، ويڙهه، ناچ، ۽ هلت، ڪمن جا نالا آهن.

ڀلائي، سياڻپ، ڏاهپ، ۽ گدلائي، خاصيتن جا نالا آهن.

جواني، پيري، غريبي ۽ ٻانهپ، حالتن جا نالا آهن.

مٿين  سڀني نالن کي اسم چئبو آهي ۽ اسم معنيٰ نالو.

ڪنهن ماڻهوءَ يا ٻئي ڪنهن ساهه واري مڪان (جاءِ) شيءِ، ڪم، خاصيت يا حالت جي نالي کي اسم چئبو آهي.  (ڏسو: باب ستون)

(2) فعل

7-(1) گلاب، هتي آهي. هن سٽ ۾ آهي لفظ جي وسيلي، گلاب، جيهئڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي.

(2) گهوڙو ڊوڙيو. هتي ڊوڙيو لفظ جي وسيلي، گهوڙي جي ڳالهه ڪجي ٿي ته هن ڊوڙڻ جو ڪم ڪيو.

(3) ڇوڪر مار کاڌي. هتي کاڌي لفظ جي وسيلي، ڇوڪر جي مار کائڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي. يعني اهو کاڌِي لفظ ڄاڻائي ٿو ته ڇوڪر تي مار جو ڪم ٿيو.

اهو لفظ جنهن مان هئڻ، ڪرڻ سهڻ يا ڪنهن تي، ڪنهن ڪم ٿيڻ جي معنيٰ نڪري، تنهن کي چئبو آهي فعل. ٿورن لفظن ۾ چئبو ته: فعل اهو لفظ آهي، جنهن جي وسيلي ماڻهن يا شين وغيره بابت ڪجهه چئي سگهجي.

(3) ضمير

8- (1) گلاب کي سڏيم، پر گلاب نه آيو. هن جي بدران چئبو ته گلاب کي سڏيم، پر هو نه آيو. هتي هو جو لفظ، اسم گلاب جي بدران ڪم آيو آهي.

(2) گوپال، گوپال کي بچايو. هن جي بدران چئبو ته: گوپال پاڻ کي بچايو، هتي پاڻ جو لفظ اسم گوپال جي بدران ڪم آيو آهي.

اهو لفظ، جو ڪنهن اسم جي بدران ڪم اچي، تنهن کي ضمير چئبو آهي. (ڏسو: باب اٰٰٺون)

(4) صفت

9- (1) گوبند ڏاهو ڇوڪر آهي.

(2) هـُـو ڏنگو آهي.

پهرينءَ سٽ ۾ ڏاهو لفظ، ڇوڪر (گوبند) سان لاڳو ٿي، هن جي خاصيت (خاص ڳالهه) ڄاڻائي ٿو، جنهنڪري خبر پوي ٿي ته ڇوڪر، ڪهڙي قسم جو آهي؟ ٻيءَ سٽ ۾ هو جو لفظ ضمير آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن ٽياڪڙ جي ڳالهه ڪجي ٿي، تنهن جي نالي بدران ڪم آيو آهي. هو (ماڻهو) جنهن جي ڳالهه ڪجي ٿي، تنهن بابت اسين چئون ٿا؟ ته هو ڏنگو آهي. هتي ڏنگو جو لفظ، ضمير هو سان لاڳو ٿي، ان بابت ڪا خاص ڳالهه يا وڌيڪ حقيقت ڄاڻائي ٿو، جنهنڪري خبر پوي ٿي ته هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟

اهو لفظ، جو ڪنهن اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي، هن جي خاصيت (خاص ڳالهه) يا وڌيڪ حقيقت ڄاڻائي، تنهن کي صفت چئبو آهي. (ڏسو: باب نائون)

(5) ظرف

10-

(1) ڇوڪر هينئر پڙهيو. ڪڏهن؟ هينئر (وقت)

(2) ڇوڪر اندر پڙهيو. ڪٿي؟ اندر (جاءِ)

(3) ڇوڪر آهستي پڙهيو. ڪيئن؟ آهستي (ريت)

(4)ڇوڪر گهڻو پڙهيو. ڪيترو؟ گهڻو (قدر)

(5) ڇوڪر ڪين پڙهيو.

ڪين لفظ ناڪار جي معنيٰ ڏيکاري ٿو. هينئر، اندر، آهستي، گهڻو ۽ڪين لفظ، فعل پڙهيو سان لاڳو ٿي، پڙهڻ بابت وڌيڪ حقيقتون ڄاڻائين ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪو لفظ ڪنهن فعل سان لاڳو ٿي، ان بابت ڪا وڌيڪ حقيقت ڄاڻائي، تنهن کي ظرف چئبو آهي.

(6) تو تمام چڱو ڪم ڪيو. هتي چڱو لفظ صفت آهي. انهيءَ صفت سان تمام لفظ لاڳو ڪيو اٿئون ته خبر پوي ٿي ته تو جيڪو ڪم ڪيو، سو ڪيتري قدر چڱو هو؟ اهو تمام لفظ ظرف آهي. اهڙيءَ طرح صفت سان به ظرف لاڳو ٿئي ٿو.

(7) هو تمام تڪڙو لکي ٿو.

هتي تڪڙو لفظ ظرف آهي، جو لکي ٿو سان لاڳو ٿي، لکڻ جي ريت ڏيکاري ٿو، جنهنڪري خبر پئي ته هو ڪيتري قدر تڪڙو لکي ٿو. هتي تمام لفظ ظرف آهي، جو ٻئي ظرف تڪڙو سان لاڳو ٿي، قدر جي معنيٰ ڄاڻائي ٿو. 

ظرف اهو لفظ آهي جو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لاڳو ٿئي ٿو ۽ منجهانئس وقت، جاءِ، قدر يا ناڪار جي معنيٰ نڪري ٿي. ٿورن لفظن ۾ چئبو: ظرف اهو لفظ آهي جو ڪنهن فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لاڳو ٿي اُن بابت ڪجهه وڌيڪ حقيقت ڄاڻائي ٿو. (ڏسو باب سترهون)

اشارو: جڏهن ڪو ظرف ڪنهن ٻئي ظرف يا صفت سان لاڳو ٿئي ٿو، تڏهن ان مان فقط قدر جي معنيٰ نڪري ٿي.

(6) حرف جر

11- (1) ڇوڪر باغ ۾ ويو. (2) ڇوڪر باغ مان ويو.

پهرئين جملي ۾ باغ جي پٺيان ۾ جو لفظ وڌو اٿئون ته جيئن خبر پوي ته ڇوڪر، باغ منجهه (اندر) ويو. ٻئي جملي ۾ باغ جي پٺيان مان جو لفظ وڌو اٿئون ته جيئن خبر پوي ته ڇوڪر باغ منجهان (ٻاهر) ويو. مطلب باغ جي لفظ جي پٺيان جدا جدا لفظ ڪم آندا اٿئون ته جيئن چٽيءَ ريت سڌ پوي ته باغ لفظ جو ڇوڪر ۽ فعل ويو (يعني وڃڻ جي ڳالهه) سان ڪهڙو واسطو يا لاڳاپو آهي؟

(3) گوبند هن کان ڊڄي ٿو. هن جو لفظ ضمير آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٽياڪڙ جي بدران ڪم آيو آهي. هن ضمير جي پٺيان کان جو لفظ وڌو اٿئون ته جيئن هن ضمير جو، جملي جي ٻين لفظن سان لاڳاپو ڏيکاري جنهن ڪري چٽيءَ ريت سڌ پوي ته گوبند ڪنهن کان ڊڄي ٿو؟

اهو لفظ جو ڪنهن اسم يا ضمير جي پٺيان اچي ۽ ان جو لاڳاپو جملي جي ٻين لفظن سان ڏيکاري، تنهن کي حرف جر چئبو آهي.

(7) حرف جملو

12- (1) طوطو ڏڌ ۽ کچڻي کائي ٿو.

هتي ۽ جو لفظ ڪم آڻڻ ڪري ڏڌ ۽ کچڻيءَ جي ڳالهه گڏي ڪجي ٿي.

(2) ڇوڪر رنو، ڀيڻس کليو.

هي ٻئي جملا گڏي چئبو ته ڇوڪر رنو ۽ ڀيڻس کليو.

(3) چاچو گهر ۾ يا اوطاق ۾ هوندو.

گهر ۾ ۽ اوطاق ۾ هن جملي جا ڀاڱا آهن.

انهن ٻنهي ڀاڱن جي ڳالهه گڏي ڪرڻ لاءِ يا جو لفظ ڪم آيو آهي.

اهو حرف جو ٻن لفظن، جملن يا جملي جي ٻن ڀاڱن کي گڏي، ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، تنهن کي حرف جملو چئبو آهي. حرف جملو معنيٰ: جوڙ ڪندڙ (ملائيندڙ) يا ڳنڍيندڙ حرف.

(8) حرف ندا

13-    (1) واهه واهه! مون کي انعام مليو. واهه واهه!      (خوشي)

        (2) افسوس! هو مري ويو. افسوس         (ڏک)

        (3) مار! هيڏو وڇون. مار                   (عجب)

        (4) شل! مان انعام کٽان. شل!″            (خواهش يا سڌ)

        (5) ٿـُـو! ڊاک کٽي ئي کٽي. ″ٿـُـو!″          (نفرت يا ڌڪار)

        (6) اڙي! هيڏانهن اچ. ″اڙي!″                        (سڏ)

هن طرح سڏ ڪرڻ توڙي دل جي جدا جدا حالت جهڙوڪ خوشي، ڏک، عجب، خواهش ۽ ڌڪار وغيره ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي لفظ زبان سان ڳالهائجن ٿا. انهن سڀني قسمن جي لفظن کي چئبو آهي حرف ندا. ندا معني سڏ يا دانهن.

حرف ندا اهو لفظ آهي جو سڏ ڪرڻ يا دل جي ڪنهن حالت ظاهر ڪرڻ مهل وات مان ڪڍجي ٿو.

اشارو: جيڪي حرف ندا آهن، سي جملي ۾ گهڻو ڪري الڳ ڪري بيهاربا آهن جيئن مٿي واهه! واهه!، مار! ۽ ٻيا لفظ ڌار ڪري بيهاريا اٿئون.

14- ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ جيڪو جيڪو لفظ وات مان ڪڍجي ٿو، سو مٿئين اٺن قسمن مان هڪ نه ٻئي قسم جو ضرور هوندو. مطلب ته ٻوليءَ جا سڀ لفظ انهن اٺن قسمن ۾ وراهيل آهن. انهن سڀني قسمن جي لفظن کي گڏي چئبو آهي ڳالهائڻ جا لفظ.

15- هر هڪ لفظ سڃاڻڻ، ته مٿين اٺن قسمن مان ڪهڙي قسم جو آهي؟ تنهن کي چئبو آهي. ترڪيب.

16- هيٺين جملن ۾ جيڪي لفظ ڪم آيل آهن، تن جي ترڪيب ڪريو:

(1) انگريزن، سنڌ تي ڪاهه ڪئي.

(2) مياڻيءَ وٽ لڙائي لڳي.

(3) مير شير محمد وڏو لشڪر آندو.

(4) حبشي هوش محمد، تمام گهڻي بهادري ڏيکاري.

(5) هن انگريزن جا ڪيترا ماڻهو ماريا ۽ ڦٽيا.

(6) سڀني چيو مار! هيءُ ڏاڍو پهلوان مڙس ٿو ڏسجي.

(7) نيٺ انگريزن ماريس، پر سندس قبر جوڙايائون.

(8) هوش محمد جي قبر حيدرآباد واري قلعي ۾ آهي.

باب ٽيون - ″جنس″

17-    (1) مرد آيو.   زال آئي.

        (2) گهوڙو ڊوڙيو.      گهوڙي ڊوڙي.

مرد ۽ گهوڙو، نر آهن. زال ۽ گهوڙي ماديون آهن. جيڪي لفظ نر جي معنيٰ ڏيکارين تن کي مذڪر (نر) ۽ جيڪي ماديءَ جي معنيٰ ڏيکارين تن کي مؤنث (مادي) چئبو آهي.

مطلب ته اسمن جون ٻه جنسون آهن: (1) جنس مذڪر (2) جنس مؤنث.

(3) هو آيو.                هوءَ آئي.

(4) جو آيو سو ويو.    جا آئي سا ويئي.

هو، جو ۽ سو جا لفظ ضمير آهن ۽ اُنهن جي جنس مذڪر آهي. هوءَ، جا ۽ سا جا لفظ به ضمير آهن ۽ اُنهن جي جنس مؤنث آهي. اهڙيءَ طرح ضميرن جون به ساڳيون اهي ٻه جنسون آهن.

(5) کٽولو ڀڳو.   کٽولي ڀڳي.

(6) شيشو ڪريو.      شيشي ڪري.

کٽولو ۽ شيشو جنس مذڪر آهن. کٽولي ۽ شيشي جنس مؤنث آهن. اهڙيءَ طرح بي جان شين جون به ساڳيون اهي ٻه جنسون آهن.

اشارو: سنڌيءَ ۾ جنس بيجان ڪانهي.

18- هيٺين جملن ۾ جيڪي اسم ۽ ضمير ڪم آيا آهن، تن جون جنسون ٻڌايو:

(1) اڳي مرد کيتي ڪندا هئا.          (2) زالون گهر جي ڪرت ڪار ڪنديون هيون.

(3) ڪنئارا گايون چاريندا هئا.         (4) ڌيئون گاين ڏهڻ جو ڪم ڪنديون هيون.

(5) اڳي ائين پورهئي جي ورڇ ٿيل هئي.    (6) سڀ خوش گذاريندا هئا.

مؤنث پڇاڙيون

19- زال، نٿ ۽ کٽ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اَ جو اچار آهي. اَ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مؤنث آهي.

20- گنگا، جمنا، بلا ۽ گلا لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ آ جو اچار آهي. آ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مؤنث آهن ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ڪي ٿورا اسم مذڪر به آهن. مثلا: راجا، لالا ۽ ديوتا.

21- ڇت، ڀت ۽ دل لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اِ جو اچار آهي. اِ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مؤنث آهن ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ڪي ٿورا مذڪر اسم به آهن. مثلاً: سيٺ، قيصر ۽ خضر.

22- بيبي، گهوڙي ۽ دلي لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اِي جو اُچار آهي. اِي پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مؤنث آهن ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ڪي ٿورا مذڪر اسم به آهن. مثلاً: کٽي، حلوائي، پاڻي ۽ موتي.

اشارو: اَ، آ، اِ ۽ اِي سان نڪ جو اچار به گڏجي ٿو.

مذڪر پڇاڙيون

23- ڀاءُ، اُٺ، نڪ ۽ چپ، لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اُ جو اچار آهي. اُ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مذڪر آهن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ٿورا اسم مؤنث به آهن. مثلاً: ماءُ، کنڊ ۽ وڄ.

24- گوپـُـو، واڌو، واگهو ۽ ڪدو لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اُو جو اُچار آهي. اُو پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري مذڪر آهن ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ڪي ٿورا اسم مؤنث به آهن. مثلاً گئو ۽ وهو معنيٰ زال يا نهن.

25- جمعو، گوبندو، گهوڙو ۽ دلو لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ او جو اُچار آهي. او پڇاڙيءَ وارا سڀ لفظ مذڪر آهن.

اشارو: مينهن، وڇون ۽ هنداڻو. اهڙيءَ طرح، ڪن لفظن ۾ اُ اُو ۽ او سان، نڪ جو اُچار به گڏجي ٿو.

اسمن جي جنس پروڙڻ جون واٽون

26- پاڻي کارو آهي. کچڻي کاري آهي. اهڙيءَ طرح صفت لاڳو ڪرڻ سان اسمن جي جنس معلوم ڪري سگهجي ٿي. پر سنڌي ٻوليءَ جي سچي پچي خوبي(1) هيءَ آهي ته اسمن جي پڇاڙين مان جنس جي پروڙ پوي ٿي. اهي پڇاڙيون جملي ست آهن جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

اَ، آ، اِ، اِي (مؤنث)، اُ، اُو ۽ او (مذڪر) انهن مان اَ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مؤنث آهن ۽ او پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مذڪر آهن. باقي آ، اِي ۽ ا پڇاڙين وارا گهڻو ڪري مؤنث ۽ اُ ۽ اُو پڇاڙين وارا گهڻو ڪري مذڪر آهن.

مذڪر مان مؤنث جوڙڻ جون واٽون

27- گهوڙو، مؤنث گهوڙي. کٽولو، مؤنث کٽولي.

گهوڙو ۽ کٽولو لفظن مان پڇاڙيءَ وارو او جو اچار ڪڍي اِي پڇاڙيءَ ۾ گڏجي ٿي.

 1. ڇوڪرو، ان جو مؤنث ڇوڪري يا ڇوڪر. اهڙي طرح ڪن حالتن ۾ اي بدران اِ پڇاڙي به ڪم اچي ٿي. اُٺ، ان جو مؤنث اُٺِ ۽ گڏههُ، ان جو مؤنث گڏههِ.

مطلب ته جن مذڪر اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اُ اچي ٿو، تن جي مؤنث جوڙڻ لاءِ اُ ڪڍي اڪثر اِ پڇاڙي گڏبي آهي.

 2. لالا، پيشوا، هاٿي، هندو ۽ ٻين اهڙن مذڪر اسمن جا پٺيان مؤنث پڇاڙي اِي گڏڻ ئي مشڪل آهي، تنهن ڪري اهڙن ڪيترن لفظن مان مؤنث لفظ جڙي نٿو سگهي پر ڪن مان هيٺينءَ ريت جڙي ٿو:

هاٿي، ان جو مؤنث هاٿياڻي، هاٿڻي، هاٿـِـڻ. هندو، ان جو مؤنث: هندواڻي، هندئاڻي، هندڻي، هندڻ.

ڪيترن او ۽ اُ پڇاڙين وارن مذڪر اسمن جو مؤنث به انهيءَ نموني جڙيل آهي مثلا: ماڙيچو، ان جو مؤنث: ماڙيچاڻي، ماڙيچڻي، ماڙيچڻ.

ٻروچ، ان جو مؤنث: ٻروچاڻي، ٻروچڻي، ٻروچڻ. ڏير، ان جو مؤنث: ڏيراڻي. شينهن، ان جو مؤنث: شينهڻ.

مطلب ته عام قاعدو هي آهي ته مذڪر مان مؤنث جوڙڻ لاءِ اِي پڇاڙي گڏبي آهي جنهن جو گهٽيل اُچار اِ آهي. ڪيترين حالتن ۾ مؤنث پڇاڙي اِي جي اڳيان آڻ وجهي آڻي پڇاڙي ٺاهبي آهي جنهن جو اُچار گهٽائي آڻِ، اڻِ به ڪبو آهي.

 3. عام طرح مذڪر مان مؤنث جوڙبو آهي پر ڪن ٿورين حالتن ۾ مؤنث مان مذڪر لفظ ٺهيا آهن.

مثلاً: ناني- نانو- ماسي- ماسڙ، پڦي- پڦڙ ۽ رن- رنڙ.

28- ڪانءُ - ڪانويلي، گدڙ - گداڙي ۽ بگهڙ - بگهياڙي. اهڙيءَ طرح ڪن لفظن جو مؤنث بيقاعدي ٺهيل آهي.

اشارو: هنن بيقاعدي ٺهيل مؤنث لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ به اِي جو اُچار آهي. تنهن ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌيءَ ۾ مؤنث پڇاڙي اِي بلڪل عام آهي.

اشارو: ڪو مرد - ڪا زال، سو ماڻهو - سا زال. اهڙيءَ طرح مؤنث پڇاڙي آ ڪن ضميرن ۾ ڪم اچي ٿي.

- ڪن مذڪر اسمن لاءِ نرالا مؤنث لفظ ٺهرايل آهن. مثلاً:

مذڪر                      مؤنث                       مذڪر              مؤنث

ابو                    امان                 پتا            ماتا

ڀاءُ                    ڀيڻ                   پٽ           ڌيءُ

پيءُ                  ماءُ                   ڏاند          گانءِ يا ڳئون

ڏاگهو                       ڏاچي                        راجا           راڻي

سانھُن                      مينهن                       سهرو                سس

ڪونهون يا پاڏو                وڇ                    ڳورپٽ             گورنهاري

گهٽو                 رڍ                     گهوٽ               ڪنوار

مڙس                        جوءِ                  مرد           زال

مور                  ڊيل                  ميان         بيبي

نـَـر                    مادي                        -               -

اشارو: ڪن اسمن جو مؤنث ڪونه جڙندو آهي.

مثلا: ڏڌ، تارو، ڀؤنر، چيلاٽو، ڪانڌ يعني مڙس ۽ ٻيا.

باب چوٿون - عدد

30-   (1) گهوڙو ڊوڙيو يعني هڪ گهوڙو ڊوڙيو.

        (2) گهوڙا ڊوڙيا يعني ٻه يا گهڻا گهوڙا ڊوڙيا.

پوئين مثال ۾ گهوڙو جو اچار ڦيرائي گهوڙا ڪيو اٿئون، ڇاڪاڻ ته گهوڙن جو عدد هڪ کان وڌيڪ آهي. هڪ کي واحد چئبو آهي. واحد معنيٰ هڪ. هڪ کان وڌيڪ يعني ٻن يا گهڻن کي جمع چئبو آهي. جمع معنيٰ گهڻا. گهوڙو عدد واحد آهي. گهوڙا عدد جمع آهي.

ٻيا مثال: (3) هڪ مائي آئي. (4) چار مايون آيون.

مائي عدد واحد آهي. مايون عدد جمع آهي.

(5) هڪ دلو ڀڳو. پنج دلا ڀڳا. دلو عدد آهي، دلا عدد جمع آهي. اهڙيءَ طرح بيجان شين جا به اهي ساڳيا عدد ڄاڻائبا آهن.

31- هيٺين مثالن مان اسم چونڊيو ۽ ٻڌايو ته انهن جو عدد واحد آهي يا جمع؟

(1) ٺٽي جي ويجهو مڪليءَ نالي هڪ ٽڪري آهي.

(2) اُتي ڪيتريون سهڻيون قبرون آهن.

(3) ٽڪريءَ جي ڀرسان هڪ کوهه آهي.

(4) اهو کوهه، اهڙيءَ ريت ٺهيل آهي، جو ماڻهو، اُن ۾ اندر وڃي مجلسون ڪندا آهن.

(5) هيٺ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي.

(6) برسات ۾ اُهو کوهه پاڻيءَ سان ڀرجي پوندو آهي.

واحد مان جمع جوڙڻ جون واٽون

32- مؤنث اسمن جو جمع:

(الف)        کٽ، جمع کٽون - بلا، جمع بلائون - ڀت، جمع ڀتيون - راڻي، جمع راڻيون ۽ وڄ، جمع وڄـُـون. مطلب ته اَ، آ، اِ ۽ اِي ۽ اُ، پڇاڙين وارن مؤنث اسمن جو جمع، اُون پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺهي ٿو.

اشارو:   ماءُ جمع مائون، مائر يا مائرون.

        ڌيءُ جمع ڌيئون، ڌيئر يا ڌيئرون.

        ڀيڻ جمع ڀيڻون، ڀينر يا ڀينرون.

        اهڙيءَ طرح ڪي ٿورا بيقاعدي ٺهيل لفظ آهن.

(ب): وَهـُـو، گئو يا ڳئون، لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ اڳيئي اُو (اُون) جو اُچار آهي. اهڙن لفظن پٺيان جمع واري اون پڇاڙي گڏبي ته اُچار ساڳيو اُون قائم رهندو تنهن ڪري چئبو ته اهڙا اسم، واحد توڙي جمع ۾ هڪ جهڙا آهن.

33- مذڪر اسمن جو جمع

(الف):       گدا، پيشوا، خضر، ڪيهر، حلوائي، ڏوڌي ۽ ٻيا اهڙا مذڪر اسم جن جي پڇاڙيءَ ۾ آ، اِ، يا ۽ اي آهي، تن جو جمع اڪثر نٿو جڙي پر راجا جو جمع راجائون ۽ سيٺ جو جمع سيٺيون چوندا آهن. اهڙيءَ طرح مؤنث لفظن وانگر اون پڇاڙيءَ گڏڻ سان انهن جو جمع ٺهي ٿو.

اشارو: سيٺ + اُون = سيٺيون. يه جو اُچار پاڻ مرادو پيدا ٿئي ٿو.

(ب): واگـُـهو، ڪدو، ماڻهو، وڇون ۽ ٻيا لفظ جن جي پڇاڙيءَ ۾ اُو (اون) جو اچار آهي، تن جو جمع ڪونه جڙندو آهي. اهي واحد توڙي جمع ۾ هڪ جهڙا آهن.

(ٻ): اُٺُ جمع اُٺَ، گڏهـُـه جمع گڏهـَـه، ٻڪرُ جمع ٻڪر يا ٻڪرا. مطلب ته اُ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جو جمع، عام طرح اَ پڇاڙيءَ ۾ گڏڻ سان ٺـهي ٿو، پر ڪـن حالتن ۾ آ بدران اَ پڇاڙي به ڪم اچي ٿي.

(ڀ): گهوڙو جمع گهوڙا ۽ ڪتو جمع ڪتا. اهڙيءَ طرح جن اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ او اچي ٿو، تن جي جمع جوڙڻ لاءِ او ڪڍي آ پڇاڙي گڏجي ٿي.

34- هندو جمع هندوئو يعني اي هندو لوڪو! ماءُ جمع مائرو، يعني اي مائون يا ماتائون!

اهڙيءَ طرح مذڪر توڙي مؤنث جي پٺيان او پڇاڙي گڏبي ته اهڙا جمع اسم سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا.

اشارو: اُڊبر، اُڀـُــون، اوسان، ٻٻيون، ڪتيون ۽ ٻيا ڪي لفظ هميشه جمع ۾ ڪم ايندا آهن.

حاصل مطلب

35- سنڌيءَ ۾ جمع واريون پڇاڙيون جملي ٽي آهن:

 1. اُون پڇاڙي: کٽ - کٽون، بلا - بلائون ۽ کنڊ - کنڊون. اهڙيءَ طرح مؤنث اسمن جو جمع عام طرح اُون پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺهي ٿو. راجا - راجائون ۽ سيٺ سيٺيون. اهڙيءَ طرح انهن پڇاڙين وارن ٿورن مذڪر اسمن جو جمع به اُون پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺهي ٿو.

 2. مذڪر پڇاڙي اَ جنهن جو گهٽيل اُچار آ مثلاً: ڇوڪرو، جمع ڇوڪرا يا ڇوڪرَ، گڏهـُـه جمع گڏهـَـه.

 3. او پڇاڙي جا مذڪر توڙي مؤنث اسمن جي پٺيان گڏبي ته اُهي سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا مثلاً ڀينرو! ڀائرو! دوستو ۽ ٻيا.

باب پنجون - حالت

(1) حالت فاعلي

36- (1) سج اُڀريو. هتي فعل آهي اُڀريو جو اسم سج بابت ڪجهه چئي ٿو.

(2) هـُـو آيو. هتي فعل آهي آيو جو ضمير هـُـو بابت ڪجهه چئي ٿو.

اسين سکيا آهيون ته فعل اهو لفظ آهي جنهن مان هئڻ، ڪرڻ، سهڻ يا ڪنهن تي ڪنهن ڪم ٿيڻ جي معنيٰ نڪري ٿي. جنهن ماڻهوءَ يا شيءِ وغيره بابت ڪوبه فعل انهن ٽن ڳالهين مان ڪابه ڳالهه ڄاڻائي، تنهن کي فاعل چئجي ٿو ۽ ان جي حالت فاعلي چئجي ٿي. ٿورن لفظن ۾ چئبو ته:

اهو اسم يا ضمير، جنهن بابت فعل جي وسيلي ڪا ڳالهه ڪجي ٿي، اُن کي فاعل چئبو آهي ۽ اُن جي حالت فاعلي چئجي ٿي.

37- هيٺين جملن ۾ جن اسمن يا ضميرن جي حالت فاعلي هجي، سي چونڊيو:

(1) استاد آيو.    (2) ڇوڪرا اُٿي بيٺا.   (3) سڀني سلام ڪيو.        (4) ٻار پڙهڻ لڳا.

(5) گهنڊ لڳو.    (6) موڪل ملي.

اشارو: ڇوڪرا! خط لک. هتي ڇوڪر لفظ جو اُچار ڦيرائي ڪجي ٿو ڇوڪرا جو لفظ سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم آيو آهي. جملي ۾ جو اسم سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم اچي، تنهن جي حالت کي ندا چوندا آهن. ندا معنيٰ سڏ. حالت ندا سچ پچ ته حالت فاعليءَ جو هڪ نرالو قسم آهي تنهن ڪري ڪن صاحبن جو رايو آهي ته هتي ڇوڪرا لفظ کي ندا جو فاعل يا اسم (Nominative Address) سڏجي. ڪن جو وري رايو آهي ته جنهن صورت ۾ ڇوڪرو جو اُچار ڦري ڇوڪرا يا ڇوڪر ٿئي ٿو، تنهن صورت ۾ حالت ندا هڪ ڌار حالت ليکجي.

(2) حالت مفعولي

38- (1) کٽي ڌوئي ٿو. هتي فعل ڌوئي ٿو اسم کٽيءَّ بابت ڪجهه چئي ٿو. تنهن ڪري کٽي فاعل آهي. هيءُ جملو پنهنجيءَ جاءِ تي پورو آهي يعني اُن منجهان مطلب نڪري ٿو پر اها سڌ ڪانه ٿي پوي ته کٽي ڇا ٿو ڌوئي؟ جيڪڏهن چئبو ته کٽي چادر ڌوئي ٿو ته پوءِ بلڪل پورو مطلب سمجهڻ ۾ ايندو. هتي فاعل آهي کٽي ۽ جنهن شيءِ تي هن جي ڪم (ڌوئڻ) جو اثر ٿئي ٿو سا آهي چادر.

(2) هتي لڏون رکيو هو، گوپال اُهو کاڌو.

هتي اُهو لفظ ضمير آهي ڇاڪاڻ ته اسم لڏونءَ بدران ڪم آيو آهي. مٿئين جملي جي پوين لفظن ۾ گوپال آهي فاعل ۽ هن جي ڪم (کائڻ) جو اثر جنهن شيءِ تي ٿئي ٿو، سا آهي اُهو (لڏون).

اهو اسم يا ضمير جنهن تي فعل وارو ڪم يا ڪم جو اثر ٿئي، تنهن کي چئبو آهي مفعول ۽ ان جي حالت مفعولي چئجي ٿي.

مفعول معنيٰ جنهن تي ڪو ڪم ٿئي.

39- هيٺين جملن مان مفعول چونڊيو:

(1) نوڪر ميز ڇنڊي.          (2) مون گل سنگهيو.

(3) تون خط لک.                        (4) احمد رانديڪا ڳڌا.

(5) گوبند ڪتاب پڙهي ٿو.         (6) گلاب ماني کاڌي.

جملي ۾ جو اسم يا ضمير مفعول آهي، تنهن جي حالت مفعول چئجي ٿي.

(3) حالت جري

40- (1) گوپال راند تان موٽيو. هتي راند لفظ پٺيان تان حرف جر آيو آهي، جو گوپال جو راند سان توڙي موٽڻ جي ڳالهه سان واسطو يا لاڳاپو ڏيکاري ٿو. تنهن ڪري راند جي حالت جري چئبي.

(2) گوبند هن کان ڊڄي ٿو. هتي هن ضمير جي پٺيان کان حرف جر آيو آهي ۽ هن جو گوبند سان توڙي ڊڄڻ جي ڳالهه سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو. تنهن ڪري هن جي حالت جري چئبي.

(3) احمد جو خط آيو. هتي احمد جي پٺيان جو حرف ڪم آيو آهي ۽ ان جو خط سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو جنهن ڪري خبر پوي ٿي ته جيڪو خط آيو، سو احمد جو هو. هتي احمد جي حالت جري چئبي.

اشارو: جو، سندو ۽ وارو لفظ اضافت جي معنيٰ ڏيکارين ٿا ۽ اهي جن اسمن يا ضميرن جي پٺيان اچن ٿا، تن جي حالت اضافت آهي جا مائٽي مالڪي يا ٻي نسبت ڏيکاري ٿي. هلندڙ رواج موجب حالت اضافت کي جريءَ ۾ گڏي ڇڏيو اٿن. ڪن صاحبن جو رايو آهي ته حالت اضافت ڌار حالت ليکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها فقط ٻن اسمن جي پاڻ ۾ مائٽي يا لاڳاپو ڏيکاري ٿي.

جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان حرف جر اچي ۽ ان جو جملي جي ٻين لفظن سان لاڳاپو ڏيکاري، تنهن اسم يا ضمير جي حالت جري چئبي.

41- هيٺين جملن ۾ جن اسمن يا ضميرن جي حالت جري هجي، سي چونڊيو:

(1) بوبڪن ۾ غاليچا ٺهندا آهن.

(2) ٺٽي جون لونگيون سهڻيون آهن.

(3) اسان هالن مان هندورو گهرايو.

(4) اسان سڀني کي ديسي هنرن کي زور وٺائڻ گهرجي.

(4) حالت جري

42- (1) نوڪر ڳوٺان (ڳوٺئون) آيو.

ڳوٺان يا ڳوٺئون معنيٰ ڳوٺ مان يا ڳوٺ کان (حالت جري). هتي ڪوبه حرف جر ڪم نه آيو آهي ته به ڳوٺ لفظ جي حالت جري آهي. سببان آن - اون پڇاڙيءَ جي، جا حرف جر جو ڪم ڏئي ٿي.

(2) نوڪر ڳوٺ ويو. ڳوٺ معنيٰ ڳوٺ ۾ يا ڳوٺ ڏي. هتي به ڳوٺ لفظ جي حالت جري آهي سببان (ـــِـــ) يعني اِ پڇاڙيءَ جي، جا حرف جر جو ڪم ڏئي ٿي.

(3) ٻار کڏان ڪريو. هن جي بدران چئبو ته ٻار کڏ تان ڪريو.

(4) ٻار کـَـڏِ ڪريو. بدران چئبو ته: ٻار کڏ تي ڪريو.

مطلب ته سنڌيءَ ۾ حالت جريءَ جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ آن (اون) ۽ اِ پڇاڙيون مقرر ٿيل آهن جي حرف جر جو ڪم ڏين ٿيون. پر اهي پڇاڙيون سڀ ڪنهن اسم يا ضمير جي پٺيان نه گڏبيون آهن، تنهن ڪري انهن جي بدران عام طرح حرفِ جر ڪم آڻجن ٿا.

43- هيٺين جملن مان اهڙا اسم چونڊيو، جن ۾ حالت جريءَ واريون مقرر ٿيل پڇاڙيون گڏيل هجن:

(1) مان هينئر گهران ٿو اچان.

(2) اهو ڪم رڳو تنهنجي هٿان ٿيندو.

(3) منهنجي واتان هڪڙو حرف به ڪونه نڪتو.

(4) مان وسئون ڪين گهٽائيندس.

(5) ڇوڪرو گهر ويو.

(6) مون کي اها ڳالهه من نڪا چت هئي.

دور

44- اسمن ۽ ضميرن جون حالتون هيٺينءَ ريت معلوم ڪبيون آهن:

(1) جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير بابت فعل ڪجهه چوي يعني هئڻ، ڪرڻ يا سهڻ مان ڪا ڳالهه ڄاڻائي، تنهن کي فاعل چئجي ٿو ۽ ان جي حالت فاعلي چئجي ٿي.

(2) جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير تي فعل واري ڪم جو اثر ٿئي، تنهن کي مفعول چئجي ٿو ۽ ان جي حالت مفعولي چئجي ٿي.

(3) جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان ڪوبه حرف جر اچي ۽ ان جو جملي جي ٻين لفظن سان لاڳاپو ڏيکاري يا اهڙي لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ حرف جر بدران ڪا مقرر ٿيل پڇاڙي ڪم اچي ته ان اسم يا ضمير جي حالت جري چئبي.

45- اسم، يا ضمير جو جملي ۾ ٻين لفظن سان جيڪو لاڳاپو آهي، يا انهيءَ لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ جيڪا(1) ڦير ڦار، اُن اسم يا ضمير جي صورت ۾ ٿئي ٿي، تنهن کي اسم يا ضمير جي حالت چئجي ٿي.

باب ڇهون- اسمن جو ڦيرو

46-           واحد                              جمع

فاعلي:              ڇوڪرو اچي ٿو                 ڇوڪرا اچن ٿا

مفعولي:          ڇوڪرو بچاءِ                      ڇوڪرا بچايو

جري:         ڇوڪري کي سڏ                        ڇوڪرن کي سڏيو

                ڇوڪري سان وڃ                       ڇوڪرن سان وڃو

                ڇوڪري کان پاسي ٿي               ڇوڪرن کان پاسي ٿيو

47-           واحد                                 جمع

فاعلي:              ڇوڪري اچي ٿي                       ڇوڪريون اچن ٿيون

مفعولي:          ڇوڪري بچاءِ                     ڇوڪريون بچايو

جري:         ڇوڪريءَ کي سڏ                      ڇوڪرين کي سڏيو

جري:         ڇوڪريءَ سان وڃ                     ڇوڪرين سان وڃو.

                ڇوڪريءَ کان پاسي ٿي              ڇوڪرين کان پاسي ٿيو

48- اسم کي سڀني حالتن ۾ واحد توڙي جمع ۽ مذڪر توڙي مؤنث جي صورتن ۾ ڦيرائڻ کي اسم جو ڦيرو چئجي.

49- ڇوڪرو لفظ جو ڦيرو جو مٿي ڪيو ويو آهي، تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پهريائين چئون ٿا ڇوڪرو، جمع ڇوڪرا. جڏهن ڪوبه حرف جر انهن لفظن جي پٺيان ڪم آڻيون ٿا، تڏهن ڇوڪرو جو اُچار ڦيرائي ڪريون ٿا ڇوڪري ۽ جمع چئون ٿا ڇوڪرين.

ساڳيءَ طرح ڇوڪري جمع ڇوڪريون. پر حرف جر ڪم آڻڻ کان پوءِ اُچار ڦيرائي ڪريون ٿا ڇوڪريءَ جمع ڇوڪرين.

هنن لفظن جي اها صورت سڀ ڪنهن حرف جر گڏڻ کان پوءِ ساڳي رهي ٿي، تنهن ڪري هن کي عام صورت چئجي ٿو. هاڻ چئبو ته مٿين اسمن جو ڦيرو هن طرح ٿيندو آهي:

                (1) واحد                    جمع

فاعلي:              ڇوڪرو                     ڇوڪرا

عام صورت:      ڇوڪري                    ڇوڪرن

                (2) واحد                    جمع

فاعلي:              ڇوڪري                    ڇوڪريون

عام صورت:      ڇوڪريءَ          ڇوڪرين

50-           واحد                 جمع

فاعلي:              کٽ ڀڳي                   کٽون ڀڳيون

مفعولي:          کٽ وڇاءِ                   کٽون وڇايو

جري:         کٽ تي ويهه            کٽن تي ويهو

                کٽ کي چور              کٽن کي چوريو

                کٽ جو پائو ڀڳو        کٽن جا پاوا ڀڳا

هتي کٽ لفظ جو اُچار سڀني حالتن ۾ ساڳيو رهيو آهي، تنهن ڪري اها ئي انهيءَ لفظ جي عام صورت چئبي.

51- عام صورت سمجهڻ لاءِ ڪي مثال وٺو.

مثلاً: راجا، سيٺ، اُٺ ۽ واگهو. هاڻ هنن لفظن جي پٺيان ڪهڙو به حرف ڪر ڪم آڻيو:

راجا کي سلام ڪر.            سيٺ کي سڏ ڪر.

اُٺ کي هڪل.                   واگهوءَ کان پاسي ٿيءُ.

هتي اُٺُ جو اچار ڦري ٿيو آهي. اُٺ ۽ واگهو جو واگهوءَ. اها انهن لفظن جي عام صورت چئبي. راجا ۽ سيٺ لفظن جي پٺيان حرف جر ڪم اچڻ ڪري انهن لفظن جي صورت ۾ ڪابه ڦير ڦار ڪانه ٿي ٿئي، تنهن ڪري اها ئي سندين عام صورت چئبي.

52- اسم جي اها صورت جا سڀني حالتن ۾ يا هر ڪنهن حرف جر جي پٺيان اچڻ کان پوءِ ساڳي رهي، تنهن کي عام صورت چئجي ٿو.

حاصل مطلب

53- (1) سنڌيءَ ۾ ڪن اسمن جي صورت عدد واحد ۾ هڪ ڦيرو کائي ٿي. مثلاً: ڇوڪرو جو اُچار ڦري ٿئي ٿو ڇوڪري. اُٺُ جو اُٺَ ۽ واگهو جو واگهوءَ.

(2) ڪن اسمن جي صورت، عدد واحد ۾، اهو هڪ ڦيرو به نٿي کائي. مثلاً: کٽ، راجا ۽ سيٺ لفظن جو اُچار سڀني حالتن ۾ ساڳيو رهي ٿو.

(3) ڇوڪرو جمع ڇوڪرا، پر عام صورت جمع ڇوڪرن. ڇوڪري جمع ڇوڪريون، پر عام صورت جمع ڇوڪرين. کٽ جمع کٽون، پر عام صورت جمع کٽن.

اهڙيءَ طرح عام صورت جمع ۾ سڀ اسم، ڇا مذڪر ڇا مؤنث اَن، اِن يا اُن پڇاڙي وٺن ٿا.


(1) ڳوٺ لفظ پٺيان آ جو اُچار آهي. سو ڪڍي آن (اون) يا ”اِ“ پڇاڙي گڏي، ڳوٺان يا ڳوٺ لفظ ٺاهجن ٿا. اها ڦيرڦار حالت ڏيکاري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org