سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:10 

فصل ٽيون

اسم جا عدد

عدد: اسم جا ٻه عدد آهن: هڪڙو واحد ۽ ٻيو جمع. واحد يعني هڪڙو ۽ جمع معنيٰ گهڻا، جيئن ته: گهوڙو - گهوڙا، اُٺُ - اُٺَ. عربيءَ ۾ ٽي عدد آهن: واحد، تثنيه ۽ جمع. تثنيه ٻن کي چون ۽ جمع بنائڻ جا تمام گهڻا وزن ۽ نمونا آهن ۽ فارسيءَ ۾ ساهه وارن جي لاءِ پڇاڙيءَ ۾ وجهڻ لاءِ جدا نشان آهن ۽ بي جان لاءِ جدا. سنڌيءَ ۾ عدد ملائڻ سان به واحد يا جمع جي خبر پئجي ٿي سگهي. واحد سان هڪ عدد ٿو اچي، پر جمع سان هڪ کان وڌيڪ ڪوبه عدد لڳائي سگهجي ٿو، جيئن ته هڪ يا هڪڙو گهوڙو، ٻه گهوڙا، چار گهوڙا، سؤ گهوڙا. پر جي گهڻا گڏ جماعت وانگي ڪم ايندا ته پوءِ اهي واحد اسم وانگي ڪم ايندا، جيئن ته هڪ ڏهاڪو، ٻه ڏهاڪا، ٽي سؤ، چار هزار.

جمع جوڙڻ جا رستا: (1) جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اَ آهي، تن جي جمع جوڙڻ لاءِ اَ مٽائي اُون ٿو ڪجي، جيئن ته: زال - زالون، کـَـٽَ - کٽـُـون، رِڍَ - رڍون، ٻانهن - ٻانهون.

(2) جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اَ آهي، تن جو جمع به اَ مٽائي اُون ڪرڻ سان ٿو ٿئي. جيئن ته: بـَـلا - بلائون، هچا - هچائون، پوڄا - پوڄائون. پر انهيءَ پڇاڙيءَ وارا جيڪي مذڪر اسم آهن، سي جمع ۾ به ساڳيا ٿا رهن، جيئن ته: راجا - راجا، لالا - لالا (اگرچ ڪڏهن ڪڏهن راجائون ۽ لالائون به چوندا آهن) پتا - پتا، ڪرتا - ڪرتا.

(3) جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اِ آهي، تن جو جمع اِ مٽائي يـُـون يا ئون ڪرڻ سان ٿو جڙي، جيئن ته: ڇـِـتِ - ڇـِـتيون، گڏههِ - گڏهيون، اکِ - اکيـُـون، رات - راتيـُـون، مينهن - مينهـُـون، جوءِ - جويـُــون (۽ جوئر ۽ جوئرون به) پر مذڪر اسم اِ پڇاڙيءَ وارا ساڳيا ٿا رهن، جيئن ته: سيٺِ - سيٺِ يا سيٺيون.

(4) جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اي آهي، تن جو جمع اِي ڪڍي يون يا اُون گڏڻ سان ٿو جوڙجي، جيئن ته: گهوڙي - گهوڙيون، ٻڪري - ٻڪريون، ٻيڙي - ٻيڙيون، گهٽي - گهٽيون، نهانئين - نهانئيون. پر ساڳي پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جو جمع ساڳيو واحد جهڙو ٿو رهي، جيئن ته: ڌوٻي - ڌوٻي، هاٿي - هاٿي، ڀائي - ڀائي، ٻيلي - ٻيلي، پرين - پرين.

(5) جن مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اُ آهي، تن جي جمع ڪرڻ لاءِ اُ مٽائي اُون ٿا ڪن، جيئن ته: وٿُ - وٿون، ٽڪُ - ٽڪون.

پر انهيءَ پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن جي جمع ڪرڻ لاءِ اُ مٽائي اَ ٿا ڪن جيئن ته: انبُ - انبَ، گڏههُ - گڏههَ، اُٺُ - اُٺَ، پـُـٽُ - پـُـٽَ. پر ڪي مؤنث اسم جمع ۾ اُون به ۽ ئر به وٺن ٿا، جيئن ته: ماءُ - مائون ۽ مائر، ڀيڻ - ڀيڻون ۽ ڀينر، نـُـهن - نـُـنهون ۽ نـُـنهر، ڌيءُ - ڌيون ۽ ڌيئر. ڪي مذڪر به يّـَـر پڇاڙيءَ وارا آهن، جيئن ته پيءُ - پيءَ ۽ پيئر.

(6) جن مذڪر يا مؤنث اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ اُو يا اُون آهي، تن جو جمع به ساڳيو واحد جهڙو ٿو رهي. جيئن ته: وڇون - وڇون، ڳئون - ڳئون، ماڻهو - ماڻهو، مرؤن - مرؤن، ڪدو - ڪدو، وهـُـو - وهـُـو.

(7) جن مذڪر اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ او آهي، تن جو جمع او بدلائي آ ڪرڻ سان ٿو ٺهي، جيئن ته گهوڙو - گهوڙا، گولو - گولا، ٻلو - ٻلا، واڍو - واڍا.

ياد رکڻ گهرجي ته اهي ساڳيا قاعدا نه فقط اسمن سان پر صفتن سان به لڳن ٿا، جو صفتون به اسمن وانگي جنس ۽ عدد ۾ ڦرن ٿيون، جيئن ته: چڱو - چڱي، چڱو - چڱا، چڱي - چڱيون، هڪڙو - هڪڙي، هڪڙو - هڪڙا، هڪڙي - هڪڙيون.

ڪي متفرقه اسم هميشه جمع جي صورت ۾ رهندا آهن ۽ واحد نه وٺندا آهن، جيئن ته: جناخون، الوليون، ڪرتوت، ڇتا، لائون، ڇيهه، ڇيهون، پئون، ڇيهوريون، ڪامڻ، اُڊير. ڪي وري واحد ۾ صفت جي معنيٰ ٿا ڏين ۽ جمع ۾ اسم جي، جيئن ته: اباڻو - اباڻا، ناناڻو - ناناڻا، ڏاڏاڻو - ڏاڏاڻا، گهوٽيتو - گهوٽيتا، ڪنئاريتو - ڪنئاريتا، ساهرو - ساهرا، پيڪو - پيڪا.

سنڌيءَ ۾ گهڻا عربي جمع آهن، جي ڪم ايندا آهن، جيئن ته علماءُ، اولياءُ، انبياءُ، اوقات. گهڻا عربي جمع سنڌيءَ ۾ واحد وانگي ڪم ايندا آهن، جيئن ته: ملائڪ، حـُـور، اولياءَ، انبياءَ، اسباب، احوالُ.

جيئن جنسن جي نسبت ۾ چيو ويو هو، تيئن عددن جي نسبت ۾ به معلوم هجي ته سنڌي جمع جون پڇاڙيون سنسڪرت ۽ پراڪرت وارين پڇاڙين سان ڪٿي موافق آهن، ڪٿي مخالف ۽ ڪٿي ڦريل. مثلا=: سنڌيءَ ۾ ڀاءُ - ڀائر، پيءُ - پيئر، پراڪرت ۾ به ڀائرا ۽ پئرا آهن. سنڌيءَ ۾ اَ پڇاڙي پراڪرت واري او جي برابر آهي، يا انهيءَ مان نڪتل آهي. واءُ - واءَ، پراڪرت ۾ وانئون آهي. مرهٽي ۽ گجراتي اڪثر پراڪرت سان موافق آهن. جوڙو جو جمع جوڙوئو، بهو جو جمع بهوئو. هنديءَ ۾ اين ۽ يان نشانيون ڪم اچن ٿيون، جيئن ته: عورت - عورتين، چوڙي - چوڙيان، جي سنڌيءَ جي وُن ۽ يوُن سان موافق آهن.

 

فصل چوٿون

اسم جون حالتون

فاعل ۽ مفعول: ڪنهن به جملي ۾ اسم جو جيڪو لاڳاپو ٻين لفظن سان آهي، تنهن جي علحدي صورت يا ڦير گهير کي حالت ٿا چون. جملي ۾ هڪڙو اسم ۽ هڪڙو فعل ضرور هوندو، تڏهن ڪو مطلب سمجهه ۾ ايندو. فعل آهي ڪم جو ڪرڻ يا هئڻ، جيئن مٿي چيو ويو آهي. اسم، جو ڪنهن جملي ۾ اچي ٿو، سو يا اُنهيءَ ڪم جو ڪندڙ هوندو يعني انهيءَ فعل جو فاعل هوندو، يا انهيءَ تي اُهو ڪم ٿيو هوندو، يعني انهيءَ فعل جو مفعول هوندو. جيئن: احمد وڃي ٿو. هتي احمد وڃي ٿو فعل جو ڪندڙ يا فاعل آهي. احمد عـُـمر کي ماري ٿو. هتي احمد، ماري ٿو فعل جو فاعل آهي، پر اهو مارڻ جو ڪم عمر تي ٿئي ٿو، تنهن ڪري عمر مفعول آهي. هن بابت مفصل بيان فعل جي باب ۾ ۽ علم نحو ۾ به ايندو، مگر هتي فقط فاعل ۽ مفعول لفظ سمجهائڻا هئا، جو حالتون بيان ڪرڻ ۾ انهيءَ جو ضرور هو.

حالتون: هاڻي اسم جون پنج حالتون آهن، جي ضمير سان به لاڳو آهن، ڇا لاءِ جو ضمير اسم جي بجاءِ ايندو آهي، جيئن مٿي چيو ويو آهي: (1) حالت فاعلي، جا جملي ۾ فعل جي فاعل جي حالت آهي. (2) حالت مفعولي، جا جملي ۾ فعل جي مفعول جي حالت آهي، جيئن مٿي ڏنل مثال مان ظاهر آهي. (3) حالت جري، جا جملي ۾ انهيءَ اسم جي حالت آهي، جنهن جي پٺيان ڪو حرف جر اچي ٿو ۽ جو انهيءَ جو ٻئي ڪنهن لفظ سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو، جيئن ته: احمد ڪرسيءَ تي ويٺو. هتي اسم ڪرسيءَ جي پٺيان تي حرف جر آيو آهي، جو احمد ۽ ڪرسيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري ٿو. (4) حالت اضافت، جا جملي ۾ انهيءَ اسم جي حالت آهي، جنهن جي پٺيان حرف جو اچي ٿو ۽ جو انهيءَ جي ٻئي ڪنهن لفظ سان نسبت يا ڪنهن ٻئي لفظ جي ملڪيت ڏيکاري ٿو، جيئن ته: هي احمد جو ڪتاب آهي. هتي اسم احمد جي پٺيان حرف جو آيو آهي ۽ اُهو احمد ۽ ڪتاب جو لاڳاپو ٿو ڏيکاري. يعني ته اهو ڪتاب احمد جي ملڪيت آهي. انهيءَ ڪري ڪتاب کي مضاف ٿا چون ۽ احمد کي مضاف اليه ۽ جو کي حرف اضافت ٿا چون. جو حرف جي بدران سندو يا وارو يا اهڙو ڪو لفظ به اچي سگهي ٿو، جيئن حالت جري ۾ تي کان سواءِ ٻيو ڪوبه حرف جر اچي سگهي ٿو. اڪثر ٻهراڙيءَ ۾ يا شعر ۾ يا پهاڪن ۾ جي جي بدران سندو ايندو آهي، جيئن ته ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽـَـڪي سندا موٺ، هيرئي سندي هير ٽنگ ڀڳي نه رهي، آءٌ ته پرين جو نه جوڙ، پرين مٿي سندو موڙ. (5) حالت ندا، جا انهيءَ اسم جي حالت آهي، ڪنهن کي سڏُ ڪجي ٿو. مطلب جنهن سان ظاهر يا لڪل حرف ندا جو اچي ٿو. اي، اڙي، يا وغيره جيئن ته اي احمد، يا خدا، عـُـمر اوري آءُ، يعني اي عمر!

ڦيرو: ڪنهن اسم يا ضمير کي انهن سڀني حالتن ۾ واحد توڙي جمع، مذڪر توڙي مؤنث جي صورتن ۾ ڦيرائي آڻڻ کي ڦيرو چوندا آهن. ڦيري ۾ اسم جي  اصلي صورت حالت فاعليءَ ۾ قائم ٿي رهي، پر حالت مفعولي، جري ۽ اضافت، ٽنهي ۾ ڦريل صورت ساڳي ٿي رهي. فقط جدا جدا حرف جر ڪم ٿا اچن، تنهن ڪري انهن کي عام صورت سڏي ٿو سگهجي. حالت ندا ۾ به اَي حرف ندا سان ٻي ڦريل صورت به اچي ٿي.

ڦيري ۾ اسم جي پڇاڙيءَ واري اکر جي حرڪت اَ يا آ، اِي يا اُ يا اُو ۽ او ٿئي ٿي ۽ اهي حرڪتون ڦيري ۾ جنسن ۽ عددن ۾ بدلجن ٿيون.

مثال ڦيرن جا

(1)

واحد

جمع

حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

زالَ

زالَ کي، جو، کان

اي زال

زالون

زالن کي، جو کان

اي زالون

(2) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

بلا

بلا کي، جو، کان

اي بلا

بلائون

بلائن کي، جو، کان

اي بلائون

(3) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

سـِـرَڻ

سرڻ کي، جو، کان

اي سرڻ

سرڻيون

سرڻين کي، جو، کان

اي سرڻيون

(4) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

ٻلي

ٻليءَ کي، جو، کان

اي ٻلي

ٻليون

ٻلين کي، جو، کان

اي ٻليون

(5) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

وٿُ

وٿُ کي، جو، کان

اي وٿُ

وٿـُـون

وٿن کي، جو، کان

اي وٿون

(6) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

ماڻهو

ماڻهوءَ کي، جو، کان

اي ماڻهو

ماڻهو

ماڻهن کي، جو، کان

اي ماڻهو

(7) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

گهوڙو

گهوڙي کي، جو، کان

اي گهوڙا

گهوڙا

گهوڙن کي، جو، کان

اي گهوڙؤ

(8) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

هاٿي

هاٿيءَ کي، جو، کان

اي هاٿي

هاٿي

هاٿين کي، جو، کان

اي هاٿيؤ

(9)حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

مڇرُ

مڇرَ کي، جو، کان

اي مڇرَ

مڇرَ

مڇرن کي، جو، کان

اي مڇرؤ

(10) حالت فاعلي

عام صورت

حالت ندا

راجا

راجا کي، جو، کان

اي راجا

راجا

راجائن کي، جو، کان

اي راجائو

حالتن جا نشان: حالتن ۾ جيڪي حرف ڪم اچن ٿا، سي ڪڏهن نه به ايندا آهن، خصوصا حالت مفعوليءَ جي پٺيان اڪثر کي ڳجهو رهندو آهي، جيئن ته ڪـُـتي هڪڙو ٻلو ماريو. اهو حرف کي سنسڪرت ۾ ڪرتي آهي، جنهن کي بگيڙي کي ڪيو اٿن ۽ جو هنديءَ ۾ ڪو ٿيو آهي. ڪرتي کي پهرين ڪتي ۽ ڪت ڪيائون ۽ پوءِ ڪو ۽ پوءِ ڪهه ۽ پوءِ کي. سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڪتي ڪم ايندو آهي ۽ معنيٰ لاءِ يا واسطي اٿس. حالت اضافت ۾ جو حرف اضافت ٿو اچي، سو سنسڪرت ۾ سي آهي ۽ پراڪرت ۾ س. اهو حرف اضافت سنسڪرت جي صفت جي نشان ڪ مان ورتل آهي، جو هنديءَ ۽ مرهٽيءَ ۾ ڪا ٿيو آهي. حقيقت ڪري اهو حرف اضافت جو صفت آهي ۽ نه حرف، ۽ ٻين صفتن وانگي جنس ۽ عدد وٺي ٿو، جيئن ته: ڪـُـتي جو پڇ، ڪـُـتي جي ٽنگ، ڪـُـتن جا پـُـڇ، ڪـُـتن جون ٽنگون. جو جي بدران شعر ۾ سندو ڪم ايندو آهي، جو پڻ جو وانگي ڦرندو آهي. اُهو سنسڪرت سنتَ يا سن مان آهي. حالت جريءَ ۾ جو حرف جر کان ايندو آهي، سو ڪڏهن ڪڏهن فقط آن پڇاڙي ٿي به ڪم ايندو آهي، جيئن ته گهران يعني گهر کان يا مان جمع ۾ گهرنيان. ڌُران، زبانان، مـِـرُئان ۽ ٻيا به مثال آهن. ڪڏهن کان جي بدران کـَـئون ڪم ايندو آهي ۽ انهيءَ جي بدران وري اَون نشان پڇاڙيءَ ۾ ڪم ايندو آهي. ڪڏهن وري ڪنا ڪم آڻيندا آهن. حالت ندا ۾ ڪڏهن اي يا اڙي سان گڏ اسم جي پٺيان اَ به ايندو آهي جيئن ته: اي ڪنا، اي منگتا، ڪيچيا، سيٺئا، ماڻـُـهئا. فقط اِي ۽ اُو پڇاڙيءَ وارن اسمن ۾ حالت فاعلي واري صورت قائم رهي ٿي.

مٿين اسمن جي ڦيرن مان معلوم ٿيندو ته آ، اَ ۽ اِ پڇاڙيءَ اسمن جي ڦيري ۾ عام صورت واحد ۾ حالت فاعليءَ جهڙي ٿي رهي. فقط جمع ۾ فاعليءَ ۾ ئون ۽ مفعوليءَ ۾ نـُـن يا يـُـن ٿو ٿئي. اِي پڇاڙيءَ وارن اسمن ۾ عام صورت واحد ۾ ايءُ ۽ جمع ۾ يـُـن ٿو ٿئي. اَ پڇاڙيءَ وارن مؤنث اسمن ۾ عام صورت واحد ۾ حالت فاعلي جهڙي آهي. فقط جمع ۾ اُن ٿي ٿئي، پر مذڪر اسمن ۾ عام صورت اُ مان بدلجي اَ ٿي ٿئي. اُو يا اُون پڇاڙيءَ وارن اسمن ۾ عام صورت واحد ۾ اُوءَ يا اُونءَ ۽ جمع ۾ اُن ٿي ٿئي. او پڇاڙيءَ وارن مذڪر اسمن ۾ عام صورت واحد ۾ او بدلجي اي ٿي ٿئي ۽ جمع ۾ اَن.

 

باب ٽيون

اسم ضمير جو بيان

ضمير ستن قسمن جا آهن: (1) ضمير خالص (2) ضمير اشارو (3) ضمير مشترڪ (4) ضمير استفهام (5) ضمير موصول (6) ضمير جواب موصول ۽ (7) ضمير مبهم.

 

فصل پهريون

ضمير خالص

ضمير خالص ٽي آهن: متڪلم، حاضر ۽ غائب. متڪلم يعني ڳالهائيندڙ، حاضر يا مخاطب، جنهن سان ڪي ڳالهائجي ۽ غائب جنهن بابت ڪي ڳالهائجي. اهي ٽيئي نج ضمير آهن ۽ فقط انسان سان لاڳو آهن، تنهن ڪري انهن کي ضمير خالص ٿا چون. اُهي مٿين ٽن قسمن جي ماڻهن جي بدران ڪم ايندا آهن ۽ اسمن وانگي جنس، عدد ۽ حالت وٺندا آهن ۽ ڦرندا آهن.

ضمير متڪلم جو ڦيرو:

 

واحد

جمع

حالت فاعلي

حالت مفعولي

حالت اظافت

حالت جري

آءُ يا مان

مون کي يا مان کي

منهنجو

مون کان يا مان کان

اسين

اسان کان

اسان جو

اسان کان

ضمير حاضر جو ڦيرو:

 

واحد

جمع

حالت فاعلي

حالت مفعولي

حالت اظافت

حالت جري

تون

توکي

تنهنجو

توکان

توهين يا اوهين

توهان کي يا اوهان کي

توهان جو يا اوهان جو

توهان کان يا اوهان کا

ضمير غائب جو ڦيرو:

 

واحد

جمع

حالت فاعلي

حالت مفعولي

حالت اظافت

حالت جري

هـُـو (مؤنث هـُـوءَ)

هـُـن کي

هن جو

هـُـن کان

هـُـو يا هو

هنن کي

هنن جو

هنن کان

انهن جو اصل: ضمير خالص اصل سنسڪرت ۽ پراڪرت سان گهڻي قدر موافق آهن ۽ انهن تان ورتل آهن. سنڌي آءٌ، سنسڪرت ۽ پراڪرت آهـَـئن يا آهـُـن مان آهي جو پهرين ڦري هـَـئون ٿيو ۽ پوءِ آهون ٿيو. سنسڪرت ۾ حالت مفعولي مان آهي، جو پوءِ مين ٿيو، جيئن هنديءَ ۾ آهي ۽ هم جمع ۾. انهيءَ مان سنڌي مـُـون ۽ مان ٿيو. اضافت ۾ مون ڦري منهنجو ٿو ٿئي، سو پراڪرت ۾ مـَـهـَـه آهي ۽ سنسڪرت ۾ مـَـم. اُن جو جمع اسين، سنسڪرت اَسمُ مان ۽ پراڪرت آمهي مان نڪتل آهي، جو هندي ۾ هـَـم آهي. عام صورت اسان کي، سنسڪرت آسماڪن مان آهي ۽ پراڪرت آمهاڻ آهي.

ساڳيءَ طرح تـُـون سنسڪرت تـُـون ۽ پراڪرت تـُـم تان ورتل آهي. عام صورت تـُـو پراڪرت ۾ تڻ آهي ۽ اضافت تمهن، پراڪرت تـُـنهن آهي. جمع توهين، پراڪرت تمهي ۽ توهان پراڪرت ۾ تمهاڻ. هندي تـُـو، تـُـم، تهين ۽ تمهارا آهي. فارسيءَ ۾ تو يا ت ۽ شما آهي. پراڪرت ۾ عام صورت تـُـه ۽ سـُـجهه آهي ۽ هنديءَ ۾ به تجهي ڪم اچي ٿو. ساڳيءَ طرح غائب جو هو، سنسڪرت جي اشاري هـَـه يا اِهه مان ورتل ٿو ڏسجي ۽ ضمير غائب ضمير اشاري ويجهي يا ڏور کي نزديڪ آهي، جيئن هيٺ معلوم ٿيندو:

ضمير منفصل ۽ متصل: جڏهن ضمير ڌار ڪم ايندا آهن، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، تڏهن انهن کي ضمير منفصل چوندا آهن، پر اهي ساڳيا ضمير ٻين اسمن، فعلن يا حرفن سان گڏ به ايندا آهن ۽ انهيءَ وقت گهٽجي ننڍا نشان ٿي پوندا آهن ۽ پڇاڙيءَ جي نشانن وانگي ڪم ٿا اچن. اُهي هي آهن: متڪلم واحد لاءِ مِ ۽ جمع لاءِ س ۽ سـَـون ۽ وُن آهي. حاضر ۾ واحد لاءِ ۽ جمع لاءِ وَ ۽ غائب ۾ واحد لاءِ سِ ۽ اَئين ۽ جمع لاءِ نِ يا اَئون. مثال (اسم سان گڏ): پـُـٽم يعني منهنجو پٽُ، پـُـٽني يعني تنهنجو پٽ، پـُـٽس يعني هن جو پٽ. جمع متڪلم اڪثر ڪم نه ايندو آهي. پـُـٽـُـو يعني اوهان جا پـُـٽ، پـَـٽـَـنِ يعني هنن جا پـُـٽَ. (حرف سان) سندسُ يعني هن سندو يا هن جو. وَٽم يعني مون وٽ. وٽهن يعني تو وٽ. کانئس يعني هن کان. (فعل سان) آيس يعني آءٌ آيس، آياسين يعني اسين آياسين،آئين يعني تون آئين، آيو يعني اوهين آيو. ڪيم يعني مون ڪيو، ڪيوسين يعني اسان ڪيو، ڪيئي يعني تو ڪيو، ڪيوَ يعني اوهان ڪيو. ڪيائين يعني هن ڪيو، ڪيائون يعني هنن ڪيو.

ڪڏهن ٻه ٽي ضمير گڏجي به ايندا آهن، جيئن ته ماريومانس يعني مون هن کي ماريو. ماريئينِ يعني تو هنن کي ماريو وغيره.

اصل بنياد جي نظر تي ضمير متصل جي نشانن مان متڪلم وارو مِ پراڪرت جي مي جهڙو آهي ۽ فارسيءَ ۾ به م آهي. حاضر لاءِ سنسڪرت ۾ تي آهي، جو فارسيءَ ۾ ت آهي ۽ غائب ۾ پراڪرت لاءِ سي ۽ سنسڪرت ۾ اَسي آهي جو فارسيءَ ۾ ش آهي. جمع ۾ متڪلم لاءِ پراڪرت ۾ امهو آهي، جو هنديءَ ۾ ۽ فارسيءَ ۾ ما آهي. حاضر لاءِ جمع ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ وو آهي جو هنديءَ ۾ وي آهي ۽ غائب لاءِ جمع ۾ پراڪرت ۾ ايهن آهي يا ڻاڻ.

فصل ٻيو

ضمير اشارو، ضمير مشترڪ ۽ استفهام

ضمير اشارو اُهو آهي، جو ڪنهن اسم ڏي اشارو ٿو ڪري ۽ پوءِ جي اُهو اسم ويجهو آهي ته انهن کي ضمير اشارو قريب ٿا چون ۽ جي پري آهي ته انهن کي ضمير اشارو بعيد ٿا چون، يعني اشارو ويجهو ۽ اشارو ڏور.

پهرئين جو مثال آهي: هـِـي، مؤنث هـِـيءَ، جمع ٻنهي جو هي ۽ ٻئي جو هـُـو، مؤنث هـُـوءَ، جمع ٻنهي جو هـُـو. جيئن ته هي منهنجو پـُـٽ آهي، هو تنهنجو گهوڙو آهي. هي منهنجا گهوڙا آهن، هو تنهنجي گهوڙي آهي.

ضمير خالص موجب ضمير اشاري جو به جنسن، عددن ۽ حالتن ۾ ڦيرو ٿئي ٿو. عام صورت واري حالت ۾ واحد ۽ جمع لاءِ هي، هن ۽ هنن ٿئي ٿو ۽ هو، هن ۽ هنن.

زياده زور يا تاڪيد ڏيکارڻ لاءِ اهو، مؤنث اِها ۽ جمع اهي ڪم اچن ٿا ۽ اُهو، مؤنث اها ۽ جمع اُهي ۽ حالتن ۾ عام صورت واحد ۾ انهيءَ ۽ جمع ۾ انهن ٿئي ٿو. اِجهو، اُجهو به اشاري وانگي ڪم ايندا آهن ۽ ساڳيءَ طرح ڦرندا آهن.

اصل بنياد جي نظر تي هي پراڪرت ۾ اَئن آهي ۽ عام صورت آسي اٿس، جنهن مان هندي اُس نڪتو آهي. اهو سنسڪرت ۾ هـَـه يا اِهـَـه آهي. اِجهو سنسڪرت ۾ سـَـن آهي. هـُـو يا اُو پراڪرت ۾ هـِـي آهي.

اِهو ۽ اجهو وانگي، هيترو ۽ هوترو، هيڏو ۽ هوڏو، ههڙو ۽ هـُـهڙو به اشارا آهن، جي قد يا انداز يا شڪل بتائين ٿا ۽ اڪثر ضميري صفت شمار ڪيا ويندا آهن.

ضمير مشترڪ اُهو ضمير آهي، جو جملي ۾ فاعل جي بدران ڪم اچي ٿو ۽ انهيءَ جي جند جي نسبت ۾ ڪي ڏيکاري ٿو ۽ انهيءَ سان شريڪ رهي ٿو. جيئن ته: مـُـون پنهنجي پـُـٽ کي ولايت موڪليو آهي. هتي پنهنجي ضمير مشترڪ آهي ۽ مـُـون سان شريڪ آهي ۽ انهيءَ جي بدران ٿو اچي. تنهن ڪري پاڻ يا خود ضمير مشترڪ جا لفظي نشان آهن. خود فارسي لفظ آهي، سو ڦرندو ڪين مگر پاڻ مذڪر مؤنث ۾ هڪ جهڙو آهي ۽ واحد جمع ۾ به هڪ جهڙو آهي. مگر حالت اضافت ۾ پنهنجو ۽ پنهنجن ٿو ٿئي. ڪي پاڻ جي بدران پنڊ به چوندا آهن، خصوصا لاڙ ۽ ڪڇ ۾. لفظ پاڻ سنسڪرت جي آتما جهڙي آهي، يعني رُوح يا جيئن فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته بذاتِ خود. پنڊ لفظ جي معنيٰ آهي جسم يا بدن ۽ اضافت ۾ اُهو پنڊ جو ٿو ٿئي.

ضمير استفهام اهو ضمير آهي، جو سوال پڇڻ يا پڇا ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو. اهڙا پـُـڇا يا سوال جا لفظ سنڌيءَ ۾ ڪير، ڪهڙو ۽ ڇا آهن. لاڙ ۾ ڪيهو ۽ ڪڄاڙو به چوندا آهن. ڪير ماڻهوءَ سان لڳندو آهي ۽ ڇا بي جان شيءِ سان ۽ ڪهڙو ٻنهي سان، جيئن ته هو ڪهڙو ماڻهو آهي؟ هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟ هـُـو ڪير آهي؟ هي ڇا آهي؟ تون ڪـُـڄاڙي لاءِ آيو آهين؟ ڪهڙو ۽ ڪڄاڙو مؤنث ۾ ڪهڙي ۽ ڪـُـڄاڙي ٿو ٿئي ۽ جمع ۾ ڪهڙا ۽ ڪڄاڙا ٿو ٿئي ۽ ساڳيءَ طرح واحد لاءِ ڪڄاڙي ۽ جمع ڪڄاڙن ٿو ٿئي.

ڪيرُ مذڪر آهي ۽ سندس مؤنث ڪيرِ آهي ۽ عام صورت واحد لاءِ ڪنهن ۽ جمع لاءِ ڪـِـن آهي.

ڇو به سوال جو لفظ آهي، پر معنيٰ اٿس ڇا لاءِ؟ ڪيڏي ۽ ڪيڏانهن به سوال جا لفظ آهن ۽ معنيٰ اٿن ڪهڙي پاسي ڏي يا ڏانهن؟ ڪي ڪاڏي به چوندا آهن. ڇو جي بدران لاڙ ۾ ڪوهـُـه به چوندا آهن. ڪيئن به سوال جو لفظ آهي، يعني ڪهڙي طرح ۽ ڪٿ يا ڪٿي به يعني ڪهڙي هنڌ، ڪيترو هنڌ. ڪيترو يعني ڪهڙو انداز. هيتري، هيڏي وغيره وانگي، هي به ضميري صفت وانگي شمار ڪبا آهن.

اصل بنياد جي نظر تي ڪير سنسڪرت ۾ ڪاش آهي ۽ پراڪرت ۾ ڪيرسَ، پر عام صورت ڪنهن ۽ ڪن، سنسڪرت جي ڪن ۽ ڪسي مان آهي جي پراڪرت ۾ ڪس يا ڪهه ٿا ٿين. هنديءَ ۾ ڪون آهي ۽ عام صورت ڪـِـس ۽ ڪـِـن آهي. ڇا سنسڪرت ۾ ڪـِـم آهي. ڪيترو سنسڪرت ۾ ڪـِـپـَـت ۽ پراڪرت ۾ ڪـِـيَ آهي.

 

فصل ٽيون

ضمير موصول، جواب موصول ۽ مبهم

ضمير موصول اُهو ضمير آهي، جو ڪنهن اسم جي بدران جملي ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي ڪنهن ٻئي جملي سان ڳنڍي ٿو يا ٻنهي جو وصل ڪري ٿو. وصل جي معنيٰ ڳنڍڻ يا ملائڻ آهي.

ضمير جواب موصول اُهو ضمير آهي، جو ضمير موصول جي جواب ۾ آهي ۽ جنهن ٻئي جملي مان ضمير موصول کي ڳنڍي ٿو، تنهن ۾ هن جي بدران اچي ٿو. ضمير موصول جو آهي ۽ ان جو جواب سو آهي. جو، ضمير جواب موصول به آهي. مثال: جو ڪتاب مون توکي ڏنو هو، سو مون اڄ احمد وٽ ڏٺو. هي اُهو گهوڙو آهي، جو مون احمد کان ورتو هو.

جو ۽ سو مؤنث ۾ جا ۽ سا ٿين ٿا ۽ انهن جو جمع جي ۽ سي آهي ۽ حالتن ۾ انهن جي عام صورت واحد لاءِ مذڪر توڙي مؤنث ۾ جنهن ۽ تنهن آهي ۽ جمع ۾ جن ۽ تن. ڪڏهن ڪڏهن جو جي بدران جيڪو ۽ جا جي بدران جيڪا ايندو آهي ۽ انهن جي عام صورت واحد ۾ جنهن ڪنهن آهي ۽ جمع ۾ جن ڪن. ڪڏهن ڪڏهن جو جي بدران جيڪو، ڪوبه ڪم ايندو آهي ۽ اُهو زياده زوردار ۽ گهڻن سان لاڳو ٿو ٿئي ۽ ڪڏهن پوئين ڪو جي پويان به وجهندا آهن، جيئن ته جيڪو به. اهڙي هنڌ هم ضمير مبهم جهڙو ٿيو پوي ۽ برابر ٿئي ٿو ڪو، جو، ڪا، جا، ڪنهن، جنهن جي.

اصل بنياد جي نظر تي جو سنسڪرت ۾ يو ۽ پراڪرت ۾ جو آهي ۽ ان جي عام صورت پراڪرت ۾ يـَـسَ آهي، جا جـَـهـَـه جي برابر آهي. هنديءَ ۾ جو ۽ جـِـس ۽ جمع ۾ جـِـن. پراڪرت ۾ جمع جي عام صورت جاڻ آهي ۽ سنسڪرت ۾ ياس.

ساڳيءَ سنسڪرت طرح سو سنسڪرت ۾ سـَـن ۽ پراڪرت ۾ سو آهي ۽ عام صورت تنهن، سنسڪرت ۾ تـَـسي ۽ پراڪرت ۾ تـَـس آهي. جمع ۾ تن، سنسڪرت توڙي پراڪرت ۾ تي آهي ۽ عام صورت پراڪرت ۾ جاڻ جي جواب ۾ تاڻ آهي.

ضمير مبهم اُهو ضمير آهي، جو شڪ وجهي ۽ پـَـڪ ڏئي نه سگهي ته اُهو ڪهڙي اسم جي بدران ٿو اچي. اُهو آهي ڪو، جنهن جو مؤنث آهي ڪا ۽ عام صورت واحد ۾ ڪنهن ۽ جمع ۾ ڪن آهي. مثال: ڪنهن ته ضرور هن کي ماريو هوندو. ڪا زال هتي آيل ٿي ڏسجي. ڪن جي راءِ آهي ته ائين ڪرڻ بيقاعدي آهي.

ڪڏهن ڪو جي بدران ڪوئي به ايندو آهي. ڪي به ڪم ايندو آهي ۽ شيءِ سان لاڳو ٿيندو آهي جيئن ته ڪـِـي ته مون کي ڏي. جيڪو ۽ جيڪي به مبهم وانگي ڪم اچن ٿا، جيئن مٿي چيو ويو آهي. ڪو جي عام صورت ڪنهن شڪل ۾، ضمير استفهام ڪير جي عام صورت ڪنهن جهڙي آهي. سنسڪرت ۾ به ڪـِـڊُپِ ضمير استفهام جهڙو آهي، واحد ۾ توڙي جمع ۾ توڙي عام صورت ۾.

باب چوٿون

اسم صفت جو بيان

 

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته اسم صفت ڪنهن اسم جي خاصيت يا صفت يا قسم يا انداز ٿو ڏيکاري ۽ انهيءَ سان ٿو لڳي. اسم وانگي صفت به جنس، عدد ۽ حالت ۾ ڦري ٿي ۽ انهيءَ وانگي جدا جدا پڇاڙيون اٿس. جيئن ته: چڱو مڙس، چڱي زال، چڱا مڙس، چڱيون زالون، چڱي مڙس کي، چڱي زال کي، چڱن مڙسن کي، چڱين زالن کي. پڇاڙين جي ڦير گهير به صفتن ۾ بلڪل اسمن جي پڇاڙين جي ڦير گهير جهڙي آهي. مثلا: او پڇاڙيءَ وارا مذڪر اسم واحد ۽ جمع ۾، توڙي مذڪر ۽ مؤنث ۾ هڪجهڙا آهن، جيئن ته ڪدوُ. تيئن  صفت ۾ به آهي، جيئن ته لاڏوُ اُٺُ، لاڏوُ اٺَ، لاڏو اٺيـُـون. مگر اها ڦير گهير فقط نج سنڌي لفظن سان لاڳو آهي، جيڪي عربي يا فارسيءَ مان آيل صفتن جا لفظ آهن، سي ڪين ٿا ڦرن، اهي هميشه هڪجهڙا آهن جيئن ته: غريب ڇوڪر، غريب ڇوڪري، غريب ڇوڪَـرَ، غريب ڇوڪريون، غريب ڇوڪر کي، غريب ڇوڪرين کي. ٻيا مثال اهڙين صفتن جا آهن: نيڪ، بد، خوش، درست، پشيمان ۽ هلاڪ وغيره. اهڙين صفتن کي ڇڏي نج سنڌي صفتن جي نسبت ۾ معلوم ٿيندو ته جي پڇاڙيءَ ۾ اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو آهن، سي جنس ۽ عدد ۽ حالت ۾ نٿيون ڦرن، ليڪن او پڇاڙيءَ واري صفت هر طرح اسم وانگي ڦري ٿي. او کان سواءِ ٻين پڇاڙين وارين صفتن جا مثال هي آهن: ڌارَ، داتا، سـُـچيتِ، دُکـِـي، نـِـجُ، سـَـهـُـو.

صفت جا درجا: صفت جا ٽي درجا آهن: صفت خالص، صفت تفضيل ۽ صفت مبالغه.

صفت خالص اها صفت آهي، جنهن جو ٻئي ڪنهن سان مقابلو ڪرڻ ۾ نٿو اچي، جيئن مٿي مثال ڏنا ويا آهن.

صفت تفضيل: اهو درجو آهي جنهن ۾ فقط هڪڙي ٻئي سان مقابلو ٿو ٿئي ۽ انهيءَ ٻئي جي پٺيان حرف جر کان يا ڪنا، يا مان، يا مون، يا منجهان ڪم اچي ٿو، جيئن ته هي ماڻهو هـُـن کان چڱو آهي، هنن ٻن مان هـِـي چڱو آهي. فارسيءَ ۾ تفضيل جي نشاني تر آهي. ۽ ڪڏهن اهڙيون فارسي صفتون به ڪم اينديون آهن، جيئن ته هـِـي هـُـن کان بهتر آهي. بـَـتـَـر به انهيءَ وانگي ڪم اچي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن عربي تفضيل به ڪم ايندو آهي، جيئن ته اَعليٰ، اَدنيٰ ۽ اَفضل.

صفت مبالغه: اهو درجو آهي جنهن ۾ هڪڙي کان وڌيڪ اسمن سان مقابلو ڪرڻ ۾ ٿو اچي، جيئن ته هي ڇوڪر سڀني کان چڱو آهي، سڀني مان هي ڇوڪر هشيار آهي. ڪڏهن ڪڏهن لفظ گهڻو يا زور مبالغه لاءِ ڪم ايندو آهي، جيئن تفضيل لاءِ واڌُو يا زياده ڪم آڻيندا آهن. مثلا هي هشياريءَ ۾ هـُـن کان واڌُو آهي، هنن ۾ احمد زياده هشيار آهي، احمد گهڻو هشيار آهي، هي زور مناسب ڳالهه آهي، ساڳيءَ طرح واڌُو يا گهڻي جي بدران گهٽ يا ٿورو به مقابلي لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو. فارسي مبالغه، جنهن جي نشاني تر جي بدران ترين آهي، سو سنڌيءَ ۾ اڪثر ڪم نٿو اچي جيئن ته بهترين ۽ بدترين.

متفرقه صورتون: صفتون اسمن سان گڏ اچڻ ڪري اسمن وانگر ڦرن ٿيون، جيئن مٿي چيو ويو آهي. مگر ڪڏهن ڪڏهن صفتون ڌار به اينديون آهن ۽ اسمن جي بجاءِ ڪم اينديون آهن. انهيءَ وقت ته بلڪل اسمن وانگر ڦرنديون آهن، جيئن ته ڏاهن جو چوڻ آهي ته هميشه سچ ڳالهائجي، چڱن سان چڱايون هرڪوئي ڪري، پر مـَـدن سان ڪو ٿورو ڪندو. ساڳيءَ طرح، فارسي صفتون جي اسمن سان گڏ ٿيون ڦرن سي به ڌار ڪم اچڻ ڪري ڦرن ٿيون، جيئن ته غريبن تي ڪهل ڪرڻ گهرجي، دانائن کي نادانن کان زياده عزت ملڻ گهرجي.

ڪي صفتون ضميرن وانگي ڪم اينديون آهن ۽ ڪي ته مبهم ٿينديون آهن، يعني ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي صفت نه ڏيکارينديون آهن، پر شڪ ڏيکارينديون آهن جيئن ته فلاڻو، پرائو، ڌاريون، ساڳيو، سڀ، سمورو، مڙئي، ٿورو، ٻيو، وغيره.

ڪڏهن عدد به صفتن وانگر ڪم ايندا آهن، جيئن ته ٻه ماڻهو، پنج گهوڙا، ڏهه ڪتاب، پهريون ڇوڪر چوٿون گهوڙو.

سنسڪرت ۾ فارسيءَ وانگي مقابلي جي درجن لاءِ صفتي نشانيون يا حرف ڪم ايندا آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهي اصل ڪم نه ايندا آهن.

 

 

باب پنجون

اسم ظرف جو بيان

 

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته ظرف اهو لفظ آهي، جو فعل يا صفت يا ٻئي ظرف سان ٿو لڳي، ۽ وقت يا هنڌ يا دستور يا انداز يا انڪار ٿو ڏيکاري.

جڏهن ظرف وقت ٿو ڏيکاري، تڏهن انهيءَ کي ظرف زمان ٿا چون، جيئن ته اڄ، سڀاڻي، هاڻي، پوءِ، هميشه ۽ جڏهن هنڌ ٿو ڏيکاري تڏهن انهيءَ کي ظرف مڪان ٿا چون، جيئن ته: هـِـتي، هـُـتي، هيٺ، مٿي، اندر، ٻاهر، اڳيان، پٺيان ۽ جڏهن اهو دستور يا انداز ڏيکاري ٿو، تڏهن انهيءَ کي ظرف تميز ٿا چون، جيئن ته آهستي، ٺـَـهه پـَـهه، هرُوڀرُو، ڏاڍو، جهٽ، جيئن، تيئن، هيئن. جڏهن ناڪار ٿو ڏيکاري تڏهن انهيءَ کي ظرف انڪاري يا نفي چوندا آهن، جيئن ته نه، متان، ڪين، مَ.

ظرف زمان ۽ مڪان ۽ تميز اڪثر فعل سان لڳندا آهن، پر تميز، صفت ۽ ظرف سان به ايندو آهي، جيئن ته ڏاڍو چڱو، نهايت قابل.

سنڌيءَ ۾ ظرف اسمن ۽ صفتن ۽ ضميرن ۽ فعلن مان جڙندا آهن. هيٺيان ظرف اسمن مان نڪتل آهن. ڏهاڻي، تاريڪ يعني تاريخ، روز، تمام، حڪمان، دليان يا دليون،اڳيان، پٺيان. صفتن مان هي نڪتل آهن: ڏاڍيان، چڱو يا چڱي طرح، ڌيري ڌيري. فعلن مان هي آهن: وري، موٽي، ڄاڻي ٻجهي، ڄاڻي واڻي. ڪي ظرف ٻن لفظن مان مرڪب آهن، جيئن ته هيستائين، اڄ تائين، اڄ سوڌو، جڏهن، تڏهن، جڏهانڪر، تڏهانڪران، ڪڏهانڪر، مهيني مهيني، روز روز، ڀيري ڀيري، هري هري. ڪي پاڻهي ٺهيل آهن جيئن ته مـَـس، مسين، يا مـَـسَ مـَـسَ، نيٺ، اپاڪ، جائي، اڃا، سدا، اوچتو، هوريان، اچانڪ، امالڪ، بـِـنـِـهه، پٽيءَ، جيڪس، ڪـَـرِ، نـِـت، نـِـچ، هيڪاري، بـَـس، ڄڻ.

ڪڏهن صفت به ظرف وانگر ڪم اچي ٿي، جيئن ته هو چٽو يا صاف ٿو ڳالهائي، هي ڪتاب سوگهو رک، هـُـو سنئون ٿو هلي.

ڪي ظرف عربي ۽ فارسي لفظ آهن، ۽ ساڳي صورت ۾ ڪم ايندا آهن، جيئن ته البته، بلڪل، شايد، مفت، اتفاقا، مثلا، ايضا=، ارادتا=.

باب ڇهون

اسم عدد جو بيان

 

اسم عدد ڳاڻيٽي جي لفظن کي چوندا آهن. اهي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا شماري، جي ڳڻڻ جي ڪم ايندا آهن، جيئن ته هڪ، ٻه، ٽي، چار، وغيره ۽ ٻيا قطاري، جي گهڻن ۾ هر هڪ جي جاءِ ڏيکارين ٿا، جيئن ته پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون. جيتوڻيڪ عدد اسم ۾ شمار ڪيا ويا آهن، جيئن صفت به شمار ڪيل آهي، تڏهن به اهي صفت وانگي ڪم ڏين ٿا، جي شمار يا انداز يا جاءِ ڏيکارين ٿا جيئن ته ٻه ماڻهو، پنج ماڻهو، پهريون ڇوڪر، ڏهون ڇوڪر.

شماري عددن ۾ ڏهن کان مٿي وارن ڏهاڪن ۾، نـَـون ڏيکارڻ لاءِ اُوڻ ڪم ايندو آهي، جيئن ته اوڻيهه يا اوڻويهه، اوڻٽيهه، اوڻيتاليهه، ۽ پوءِ ڏهاڪي جو پهريون اکر به ڦري ٿو، جيئن ته ويهه کي ايهه، چاليهه کي تاليهه پنجاهه کي  ونجاهه، سٺ کي هٺ، ستر کي هتر، هڪ کي هڪڙو يا هيڪ يا هڪڙو به چوندا آهن ۽ ڪي آن مٽڻ يا ٻين کاڌي جي شين ڳڻڻ ۽ شمار ڪرڻ ۾ برڪت وجهڻ لاءِ هڪڙي جي بدران يا پهرئين جي بدران بـَـرڪت چوندا آهن. ڇـَـهـَـن کي ڪي ڇـَـه ۽ ڪي ڇـَـهـَـه چوندا آهن. يارهن کي ڪي ڪارنهن يا اڪارنهن به چوندا اهن، جيئن هنديءَ ۾ گياره چوندا آهن. اُوڻيهه ۽ اڪيهه کي اُڻويهه ۽ ايڪويهه به چوندا آهن.

سؤ کان مٿي ڳڻڻ لاءِ هڪ سؤ هڪ، هڪ سؤ ٻه، هڪ سؤ ٽي، انهيءَ طرح ڳڻيندا آهن ۽ ڪي ايڪو سؤ يا ايڪوترو سؤ، ٻڙو سؤ يا ٻڙوترو سؤ، ٽڙو سؤ يا ٽڙوترو سؤ، چوڙو سؤ يا چوڙوترو سؤ، پنجو سؤ يا پنجوترو سؤ وغيره چوندا آهن. ٻن سون کان مٿي وري ايڪا ٻه سؤ، ٻڙا ٻه سؤ، ٽڙا ٻه سؤ وغيره. هزار کي سهس به چون. سؤ هزارن کي لک چون، سؤ لکن کي ڪروڙ چون ۽ ڪروڙ کي ڪوڙ به چوندا آهن. سؤ ڪروڙن کي اربُ چون، سؤ اربن کي کرب، سؤ کربن کي نيل ۽ سؤ نيلن کي پدم. ڏهن کي گڏ جملو ڪري ڏهو يا دهو چون. ويهن کي جملو ڪري ڪؤڙي چون. ٻارهن کي انگريزي نالو ڏئي درجن چون ۽ سؤ ورهين کي صدي چون، جو فارسي صد مان آهي.

صفت وانگي ٻنهي قسمن جا عدد:  جنس، عدد ۽ حالت وٺندا آهن، جيئن ته هڪڙو، مؤنث هڪڙي، عام صورت واحد لاءِ هڪڙي، جمع لاءِ هڪڙن. ٻين ۾ جنس ۽ عدد جو تفاوت ڪونهي، مگر عام صورت ٻن، ٽن، چئن وغيره ٿئي ٿي، جيئن ته چئن ماڻهن کي، پنجن کي، ڏهن کي.

زور ڏيکارڻ لاءِ يا سڀني کي گڏي ڏيکارڻ لاءِ عدد جي پٺيان ئي وجهندا آهن جيئن ته: چارئي، پنج ئي، ڏهه ئي وغيره ۽ عام صورت ۾ ٻنهي، ٽنهي، چئني، ڏهني وغيره ٿيندا آهن. ٻئي اسم سان صفت وانگي ڪم اچڻ مهل جنس ۾ عددن جي صورت قائم رهندي آهي، جيئن ته چار سـُـٿڻون، چار گهوڙا، ست زالون، ست مـُـڙس يا ٻين روپيي، ٽين پئسي، چئين آني وغيره.

سؤ کان مٿي مجمل طرح گهڻن ڏيکارڻ لاءِ اين گڏيندا آهن، جيئن ته سوين ماڻهو، هزارين گهوڙا، لکين آدمي، سهسين جانور.

انگن ڏيکارڻ لاءِ مجمل طرح ايڪو، ٻڪو، ٽڪو، چؤنڪو، پنجڪو، ڇڪو، ستو، اٺو، نائو، ڏهو، ويهو، ٽيهو وغيره. ڏهي کي ڏهاڪو به چوندا آهن. سؤ کي سيڪڙو به چوندا آهن.

اٽڪل يا تخمينن ڏيکارڻ لاءِ ڏهاڪو، ويهارو، ٽيهارو، چاليهارو، پنجاهي، ساٺيڪو ڪم آڻيندا آهن ۽ ڪڏهن انهن جي پٺيان کن به آڻيندا آهن ۽ ڪڏهن چونڪڙي، پنجڙي، ڇـَـڪڙي وغيره به چوندا آهن.

هڪڙي کان گهٽ جي لاءِ اڌُ، چوٿو يا چوٿِ يا چوٿائي، پاءُ، ٽهائي، سوائي، ڏيڍ، ساڍ ڪم ايندا آهن، جي اسمن وانگي ڳالهائبا آهن ۽ اڌ يا اٰڌو، پوڻو، منو، سوا يا سوايو، اڍائي، صفت وانگي ڪم ايندا آهن.

ساڳيءَ شيءَ جي گهڻن ڀيرن اچڻ يا گهڻين شين ڏيکارڻ لاءِ هيڪر يا هيڪار، ٻيهر يا ٻيهار، ٽيهر يا ٽهار وغيره ۽ هيڪوڻ، ٻيڻ، ٽيڻ يا هيڪوڻو، ٻيڻو، ٽيڻو، چوڻو، پنجوڻو، ڏهوڻو، وغيره چوندا آهن.

عدد قطاريءَ جي ڏيکارڻ لاءِ پهرئين کان پوءِ عدد شماريءَ جي پٺيان او يا اون آڻيندا آهن، جيئن ته ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون، ڏهون، ويهون وغيره. انهن جو مؤنث آهي پهرين، ٻي، ٽــِــين، چوٿين، پنجين، ڏهين ويهين وغيره.

عددن جو اصل: سنڌي ڳاڻيٽي جا لفظ يا عدد شماري توڙي قطاري، سڀ پراڪرت جي معرفت سنسڪرت مان ورتل آهن. هـِـڪُ، سنسڪرت ايڪ ۽ پراڪرت ايڪ مان نڪتل آهي. هندي به ايڪ آهي. ٻه، سنسڪرت ۾ دو ۽ پراڪرت ۾ دو. هندي به دو آهي ۽ فارسيءَ ۾ دُو، جنهن جي آواز دُ آهي. سنڌيءَ ۾ سنسڪرت جو دو بدلجي بو ٿيو، جو پوءِ ٻه ٿيو. سرائڪي يا پنجابي ٻوليءَ ۾ ڏون چوندا آهن، جو پراڪرت جي دوڻِ مان آيل آهي. ٽي، سنسڪرت تر مان آهي، پراڪرت ۾ تـِـرڻ آهي، جنهن مان هندي تين نڪتو آهي. چار، فارسي چهار، سنسڪرت چـَـتـُـر ۽ پراڪرت چـَـهـَـار مان آيو آهي. پنج، سنسڪرت پچون، پراڪرت پنج مان آهي. فارسي پنچ ۽ هندي پانچ آهي. ڇه، سنسڪرت شش ۽ پراڪرت ڇه آهي. فارسي شش ۽ هندي ڇي. ست، سنسڪرت سبتن، پراڪرت ست، هندي سات، پنجابي ست. اٺ، سنسڪرت آشٽن، پراڪرت اَٽٺ، فارسي هشت، هندي آٺ. نو، سنسڪرت نون، پراڪرت ڻنه، فارسي نـُـهه، هندي نـَـو. ڏهه، سنسڪرت دشن، پراڪرت دس، هندي دس، فارسي دهه. يارهن پراڪرت ايئارهه، سنسڪرت ايڪاشن. ٻارهن پراڪرت وارهه، سنسڪرت دوا دشن. تيرهن، پراڪرت تيرهه، سنسڪرت تريودشن. چوڏهن، پراڪرت چندهه، سنسڪرت چتر دشن، هندي چودهان. پندرهن، پراڪرت پڻرهه، سنسڪرت پنچ دشن. سورهن، پراڪرت سولهه، سنسڪرت شودشن، هندي سولهه. سترهن، پراڪرت سترهه، سنسڪرت سپت دشن. ارڙهن، پراڪرت آٺرهه، سنسڪرت آشتا دشن، هندي اٺارهه. اوڻيهه، سنسڪرت اُنو نشت يعني ويهن کان هڪ گهٽ، هندي اُنيس. ويهه، سنسڪرت ونشت، پراڪرت وسرءِ، فارسي بيست. ٽيهه، پراڪرت تيسئا، سنسڪرت ترنشت. انهيءَ کان پوءِ سنسڪرت وارو شت ڦري پراڪرت ۾ سد ٿو ٿئي. چاليهه، سنسڪرت چتوار نشت، پراڪرت چتارسا. پنجاهه، سنسڪرت پنچاشت، پراڪرت پڻڻاسا. سٺ، سنسڪرت ششٽ. ستر، سنسڪرت سپتت. اسي، سنسڪرت اشيت. نوي، سنسڪرت نوت. سؤ، سنسڪرت شت، پراڪرت سئه، فارسي صد.

ايڪو تروسوّ ۾ ترو سنسڪرت اتر مان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مٿي يعني سؤ کان هڪڙو مٿي. سهس، سنسڪرت سهسر، پراڪرت سهس. هزار فارسيءَ مان آهي، لک، سنسڪرت لڪش، هندي لاک. ڪروڙ يا ڪوڙ، سنسڪرت ڪوڊ. ارب، سنسڪرت آربد. کرب، سنسڪرت کرب. نيل، سنسڪرت نيل. پدم، سنسڪرت پدم.

پهريون، سنسڪرت پرٿم، پراڪرت پـَـٺـَـم. ٻيو ۽ ٻيجو، پراڪرت پيئه، سنسڪرت ودءَ، پراڪرت ڏئج. ٽيون، پراڪرت تئه. چوٿون، پراڪرت چئٺ. تنهن کان پوءِ عدد جي پٺيان سنسڪرت واري پڇاڙي تم ڦيرائي اون ڪري سنڌيءَ ۾ ڪم آندي اٿن، جا فارسيءَ ۾ اَم ٿي ٿئي، جيئن ته چهارم، پنجم، هنديءَ ۽ مرهٽيءَ ۾ وان ٿي ٿئي، جيئن ته: پانچوان ۽ گجراتيءَ ۾ مو جيئن ته پانچمو. سنڌيءَ ۾ جو لفظ کـَـنُ ڪم ٿو اچي، جيئن ته ڏهاڪو کن، ويهارو کن، سو به سنسڪرت کڻڊ مان آهي. هيڪار، ٻيهار، وغيره ۾ جو اَر ٿو اچي ۽ وار يا وارو جي معنيٰ ٿو ڏئي، سو به سنسڪرت ۾ وار آهي، جو فارسيءَ ۽ هنديءَ ۾ بار يا باره آهي. جيئن يک بار، دو بار يا دوباره، سه باره. چوٿ يا چوٿائي، سنسڪرت ۾ چتر ٿانش آهي ۽ ٽهائي، ترتيانش، پاءُ سنسڪرت پاد آهي. پوڻو، سنسڪرت پادون آهي. اڌُ، سنسڪرت آرڌ آهي. سوا ۽ سوائي ۽ سوايو، سنسڪرت سپاد آهي. ساڍ ۽ ساڍا، سنسڪرت سارڊ آهي. ڏيڍ، سنسڪرت تر آرڌ آهي يعني ٽي اڌ. اڍائي، سنسڪرت آرڌ دوي يعني ٻه ۽ اڌ.

باب ستون

فعل جو بيان

فصل پهريون

فعل جا قسم

 

مٿي چيل آهي ته فعل اُهو لفظ آهي، جنهن مان ڪنهن ڪم جي ڪرڻ يا ٻئي ماڻهو يا شيءِ تي ٿيڻ يا هئڻ جي معنيٰ نڪري. مٿي ائين به چيل آهي ته اهڙي ڪنهن ڪم ڪندڙ کي فاعل ٿا چون ۽ جنهن تي ڪو ڪم ٿئي، تنهن کي مفعول ٿا چون. هاڻي جو ڪم ڪنهن ٻئي تي نٿو ٿئي، تنهن کي فعل لازمي″ چون ٿا. لازمي لفظ جي معنيٰ آهي، چـُـهٽندڙ، يعني جو ڪم فقط فاعل يا ڪم ڪندڙ سان چـُـهٽيل ٿو رهي ۽ لنگهي ڪنهن ٻئي تائين اثر نٿو ڪري، جيئن ته احمد هلي ٿو، پکي اُڏامن ٿا، هي ڇوڪرو روئي ٿو. اِتي هلڻ، اڏامڻ، روئڻ فعل لازمي آهي پر جڏهن اهو ڪم ڪنهن ٻئي تي ٿئي ٿو، انهيءَ جو اثر ڪنهن ٻئي تائين وڃي ٿو، جنهن کي مفعول ٿا چون، تڏهن انهيءَ کي ″متعدي″ چون ٿا، جو متعدي لفظ جي معنيٰ آهي لنگهي ٻئي تائين ويندڙ. پر جڏهن فعل ڪو ڪم نه ڏيکاري، فقط ڪنهن ماڻهوءَ يا شيءِ جو هئڻ، يا ٿيڻ ڏيکاري، تڏهن اُهو اگرچ مٿين معنيٰ موجب لازمي آهي جو رڳو فاعل سان چـُـهٽيل ٿو رهي، تڏهن به سواءِ ڪنهن ٻئي فعل جي گڏجڻ سان انهيءَ مان پوري معنيٰ نٿي ڪري. گهڻو ڪري انهيءَ جا ڀاڱا ٻن فعلن سان گڏ ايندا آهن ۽ وقت يا ٻين ڳالهين ڏيکارڻ ۾ مدد ڪندا آهن. تنهن ڪري اهڙن فعلن کي ″معاون″ چون ٿا. معاون لفظ جي معنيٰ آهي مدد ڪندڙ. مثلا آهي، هو، ٿيو فعل معاون آهن. هو ماڻهو آهي، هي ڇوڪر هو، هيءَ ڳالهه ٿي. انهـن جمـلن مان پاڻهي صـاف معنيٰ نٿي نڪري، جيسين ڪو ٻيو لفظ انهن ۾ فعل سان گڏ ڪم ايندو، جيئن ته: هـُـو ماڻهو حڪيم آهي. هـِـي ڇوڪرو هشيار هو، هيءَ ڳالهه سچي ٿي، آءٌ لکندو آهيان، هو ويو هو، ڪم پيو ٿئي. انهن جملن جي فعلن ۾ آهيان، هو، ٿئي، هئڻ يا ٿيڻ فعل جا ڀاڱا آهن جي ٻين فعلن سان گڏ اچي معنيٰ ڪڍڻ يا سمجهائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

مٿئين بيان مان معلوم ٿيو ته فعل ٽن قسمن جا آهن فعل لازمي، فعل متعدي ۽ فعل معاون. هي به معلوم ٿيو ته هڪڙي معنيٰ سان فعل معاون به لازميءَ جو هڪڙُ قسم آهي فعل متعديءَ جو ٻيو به هڪڙو قسم آهي  هن کي متعدي بالواسطه چون ٿا يعني ڪنهن ٻئي جي واسطي يا وسيلي سان يا انهن جي هٿان اثر ٻئي تائين پهچائي ٿو.

فاعل ۽ مفعول جي نظر تي فعل متعدي معروف به ٿي سگهي ٿو ۽ مجهول به، جن جي معنيٰ آهي سڃاتل ۽ اڻ سڃاتل. مثلا=: جيئن ته بادشاهه قيديءَ کي مارايو يا ڪهايو. هتي پاڻ نه ماريائين يا ڪٺائين جو فعل ٿيئي ها پر ڪنهن ٻئي هٿان مارايائين يا ڪهارايائين تنهنڪري اهو فعل متعدي بالواسطه ٿيو. انهيءَ فعل جي مصدر ۾ پريشاني آهي آئڻ يا آرائن. احمد محمد کي ماريو. اتي مارڻ فعل جو فاعل سڃاتل آهي ۽ معلوم آهي ته احمد آهي. پر محمد مارجي ويو. اتي خبر نٿي پوي ته محمد جو ماريندڙ ڪير آهي؟ تنهن ڪري پهريون فعل ″متعدي معروف″ آهي ۽ ٻيو ″مجهول″. مجهول جي نشاني مصدر ۾ ″جڻ″ آهي جا فعل جي امر جي پٺيان اَڻجڻ ٿي، جيئن ته مارڻ، مار، مارجڻ، مارائجڻ.

فصل ٻيو

اسم مصدر ۽ امر

مٿي اسم جي وصف ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اُهو ڪنهن ڪم جو به نالو آهي، جيئن پڙهڻ، لکڻ ۽ اسم جي قسمن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪم ڏيکارڻ واري اسم کي ″اسم مصدر″ چون ٿا. انهيءَ جي نشاني آهي ″اڻ″. مثلا: پڙهڻ چڱو ڪم آهي. انهيءَ جملي ۾ پڙهڻ، آهي فعل جو فاعل آهي ۽ اسم وانگي ڪم آيو آهي. هو ڇوڪر ترڻ سکيو آهي. اتي ترڻ مصدر آهي ۽ سکيو آهي فعل جو مفعول آهي ۽ اسم وانگي ڪم آيو آهي، انهيءَ ڪري مصدر فعل لازميءَ جي به ٿئي ٿي ۽ متعديءَ جي به. متعدي مصدر مفعول به وٺي سگهي ٿي، جيئن ته بابو هوا کائڻ ويو آهي. اتي کائڻ مصدر فعل متعديءَ جي آهي ۽ انهيءَ جو مفعول آهي هوا.

مصدر لفظ جي عربيءَ ۾ معنيٰ آهي نڪرڻ يا ظاهر ٿيڻ جي جاءِ يا شيءِ. سو هن ڪري جو انهيءَ مان فعلن جون علحديون صورتون نڪرن ٿيون، جيئن هيٺ پاڻهي معلوم ٿيندو. مصدر جي پڇاڙي، جا ″اِڻ″ آهي، تنهن ۾ ″ڻ″ جي مٿان پيشُ آهي، تنهن ڪري اسم جي قانون موجب اهو مذڪر اسم آهي ۽ مذڪر اسم وانگي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڦري گهري به ائين ٿو، جيئن ته سچ ڳالهائڻُ چڱو آهي. سچ ڳالهائڻ مان فائدو آهي، جتي عام صورت ۾ ″ڻ″ تي زبر ٿي اچي.

انهيءَ مصدر جي نشاني ″ڻ″ ڪڍڻ سان اَمرُ ٿو پيدا ٿئي. امر جي معنيٰ آهي حڪم. مثلا: اچڻ مان اچُ، وڃڻ مان وڃُ، ڪرڻ مان ڪرُ ۽ مارڻ مان مارِ. اَمر جي پڇاڙيءَ واري اکر تي يا مصدر جي نشانيءَ جي اڳئين اکر تي جيڪا جدا جدا حرڪت ٿي اچي، انهيءَ جا ڪي قانون مقرر آهن.

فعل لازمي جي مصدر جي نشاني ″آڻ″ آهي يعني ″ڻ″ جي اڳئين اکر جي مٿان زبر آهي ۽ انهيءَ جي اَمر جي پڇاڙي ″اُ″ ٿي ٿئي، جيئن ته هلڻ - هلُ، ورَڻُ - ورُ، پوڻ - پؤ، نوڻ - نئه، اچڻ - اچ ۽ وڃڻ - وڃ.

فعل متعدي جي مصدر جي پڇاڙي ″اَڻ″ به آهي ۽ ″اِڻ″ به آهي ۽ انهيءَ مان جو امر نڪري ٿو، تنهن جي پڇاڙيءَ ۾ ″اِ″ ٿو اچي، جيئن ته جهلڻ - جهلِ، ڦرڻ  - ڦـُـرِ، ڳالهائڻُ - ڳالهاءِ، ڌوئڻُ - ڌوءُ، پيڻ - پيءُ. پر ڪڏهن مصدر جي نشانيءَ جي اڳيان ″او″ اچڻ ڪري امر فقط ″ڻ″ ڪڍڻ سان ٿو جڙي. جيئن ته: ڌوئڻ -ڌو، رئڻ - رو ۽ ڪن جي امر جي پڇاڙيءَ ۾ اُ به ٿي اچي، جيئن ته: ٻـَـڌڻ - ٻڌ، لکڻ - لکُ، چمڻ - چم، ڏسڻ - ڏس، سبڻ - سب، ڪڍڻ - ڪڍ وغيره.

فعل متعدي بالواسطه جي مصدر ۾ فقط ″ڻ″ ڪڍي ٿي ڇڏجي، جيئن ته: مارائڻ - ماراءِ، ڪهائڻ - ڪهاءِ، ڪهارائڻ - ڪهاراءِ. حقيقت ڪري متعديءَ مان متعدي بالواسطه جي ٺهڻ جو رستو آهي متعدي جي امر جي پٺيان يا مصدر جي ڻ جي بدران آڻڻ يا آرائڻ وجهڻ، جيئن ته: مارڻ - مار - مارائڻ، کائڻ - کارائڻ - کارارائڻ، ڦيرڻ - ڦيرائڻ - ڦيرارائڻ، مئڻ - موائڻ - موارائڻ. ڪي لازميءَ مان متعدي فعل به ٿين ٿا، پر اهي بيقاعدي آهن. جيئن ته: ٻرڻ مان ٻارڻ، پڙهڻ مان پاڙهڻ ۽ پڙهائڻ، وسرڻ مان وسارڻ، ڦرڻ مان ڦيرڻ ۽ ڦيرائڻ. ٻڏڻ مان ٻوڙڻ، مڙڻ مان موڙڻ، سرڻ مان سورڻ، هرڻ مان هيرڻ ۽ هيرائڻ، ڏيڻ مان ڏيارڻ، پيڻ مان پيارڻ، ڌئڻ مان ڌئارڻ، وٺڻ مان وٺائڻ.

ڪڏهن فعل لازمي ۽ فعل متعدي ساڳي معنيٰ ڏيکارڻ وارا جدا جدا صورتون وٺن ٿا، ڄڻ ته لازميءَ مان متعدي فعل بيقاعدي طرح جڙي ٿو. مثلا: اجهامڻ - اُجهائڻ، اڏامڻ - اڏائڻ، ٻجهڻ - ٻڌڻ، ڦاٽڻ - ڦاڙڻ، ڄاپڻ - ڄڻڻ، ڇڄڻ - ڇنڻ، ڏڀڻ - ڏهڻ، کامڻ - کانئڻ، وسامڻ - وسائڻ.

مٿي جنهن امر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سو ضمير حاضر واحد کي حڪم ڏيڻ لاءِ آهي، پر جمع جي لاءِ يا گهڻن ماڻهن کي حڪم ڏيڻ لاءِ واحد جي پٺيان ″او″ گڏجي ٿو، جيئن ته اچُ - اچو، وڃُ - وڃو، ڏي - ڏيو، جهلِ - جهليو، پئه - پئو.

وقت جي نظر تي هن امر کي امر حالي چوندا آهن، پر ٻي به صورت امر جي آهي جنهن مان تاڪيد يا ايندڙ وقت يا دير سان ڪم ڪرڻ جو حڪم معلوم ٿو ٿئي ۽ اُها آهي اِج يا ايج گڏڻ سان، جيئن ته اچج، وڃج، ڪج يا اچيج، وڃيج، ڪريج ۽ جمع اچجو، وڃجو ۽ اچيجا، وڃيجا، ڪريجا. يعني هڪدم يا هينئر جو هينئر نه، پر پوئڀرو، يا ٻئي وقت، يا ياد ڪري تاڪيد سان ائين ڪج. ڪڏهن فعل جي پڇاڙيءَ ۾ واحد حاضر واري ″اَئين″ ڪم آڻيندا آهن، جيئن ته اچجئين يا اچجانءِ، وڃجئين يا وڃجانءِ. اهڙي امر کي ″امر استقبالي″ يا ″امر مدامي″ يا ″ديرينو امر″ چئي ٿو سگهجي.

جو حڪم جهلڻ يا منع ڪرڻ جي لاءِ هوندو آهي، تنهن کي نهي چون ٿا ۽ انهيءَ لاءِ امر جي اڳيان ″نه″ يا ″مَ″ وجهندا آهن، جيئن ته نه ڪر، مَ وڃ يا مضارع جي اڳيان متان وجهجي ٿو، جيئن ته متان وڃين، متان ڪرين. اهي انڪاري لفظ ظرف انڪاري به آهن، جيئن مٿي چيو ويو آهي.

 

فصل ٽيون

اسم مشتق

جيئن ته مصدر اسم آهي پر معنيٰ فعل جي ٿو ڏئي ۽ منجهانئس ٻيا فعل ٿا نڪرن، تيئن ″اسم مشتق″ به اهڙن ڪن اسمن کي چئبو آهي جي مصدر مان نڪرن ٿا يا جـُـڙن ٿا. اُهي آهن: اسم فاعل، اسم مفعول ۽ اسم حاليه.

اسم فاعل: اسم فاعل ڪم ڪندڙ کي چون ٿا، جيئن مٿي به آيو آهي. اُهو به مصدر مان نڪري ٿو ۽ امر جي پٺيان ″اندڙ″ يا ″ايندڙ″ گڏڻ سان ٺهي ٿو. امر جي پڇاڙي ″اُ″ آهي ته ″اندڙ″ ۽ جي ″اِر″ آهي ته ″ايندڙ″ گڏين ٿا، جيئن ته: لکڻ - لک - لکندڙ، هلڻ - هل - هلندڙ، مارڻ - مارِ - ماريندڙ، ڳولڻ - ڳول - ڳوليندڙ. ڪي بيقاعدي به آهن، جيئن ته: وڃڻ - وڃ - ويندڙ، اچڻ - اچ - ايندڙ.

ڏسڻ ۾ ايندو ته اسم فاعل معنيٰ ۾ صفت وانگي به ڪم اچي ٿو، جيئن ته هتي جي هوا وڻندڙ آهي، ڪرندڙ تارا ڪڏهن ڪڏهن زمين تان لڀندا آهن ۽ هـَـٺُ ڪنڌُ ڀڃندڙ آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا به لفظ يا لفظن جا ڀاڱا يا نشان آهن، جي ٻين اسمن يا صفتن يا فعلن گڏڻ سان جڙن ٿا ۽ صفت جي معنيٰ ڏين ٿا ۽ اسم فاعل جهڙا آهن، جيئن ته اُپائڻ مان اُپائڻهار، هلڻ مان هلڻهار، ڏاتار، مارڻ وارو وغيره. اهڙن اسمن کي ″اسم فاعل ترڪيبي″ چوندا آهن ۽ انهن جو ذڪر مٿي پنجين باب جي ٻئي فصل ۾ آيو آهي. اهڙي قسم جا ٻيا به لفظ آهن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ″ڻو″ آهي، يا جي مصدر جي پٺيان ″و″ گڏڻ سان جڙن ٿا ۽ صفت جي به ۽ فعل جي به معنيٰ ٿا ڏين، جيئن ته ڇرڪڻو، مرڪڻو ۽ ڪٿي آڻيندي جي ارادي جي معنيٰ ٿي نڪري، جيئن مون کي سڀاڻي ڪراچيءَ وڃڻو آهي، توکي هيءُ ڪم ڪرڻو آهي يا نه؟ ڪي ماڻهو هن کي ″اسم استقبال″ ٿا سڏين. صفت وانگي اهڙا اسم جنس ۽ عدد ۾ ڦرن به ٿا جيئن ته کلندڙ ماڻهو، کلندڙ زال، کلندڙ مڙس، کلندڙيون زالون. هو وڃڻو آهي، هوءَ وڃڻي آهي، هو وڃڻا آهن، هو وڃڻيون آهن.

اهڙي ساڳئي قسم جا لفظ جي مصدر مان نڪتل آهن ۽ اسم جي فعل جي معنيٰ ٿا ڏيکارين، تن کي ″حاصل بالمصدر″ به چوندا آهن ۽ انهيءَ جون جدا جدا صورتون ۽ پڇاڙيون ٿيون ٿين، جيئن ته ڪرڻ - ڪرڻي، ڀرڻ - ڀرڻي، گهمڻ - گهوم وغيره. جي اسم ذات ٿي شمار ۾ ٿا اچن ۽ انهن جو ذڪر به پنجين باب جي ٻئي فصل ۾ آيو آهي.

اسم مفعول: مٿي چيو ويو آهي ته جنهن اسم تي فعل متعدي جو ڪمُ يا اثر ٿو ٿئي، تنهن کي مفعول ٿا چون. اِهو به اسم آهي جو فاعل وانگي فعل مان نڪتل آهي ۽ امر جي پٺيان ″اَل″ يا ″يـَـل″ ۽ ″او″ يا ″يو″ وجهڻ سان جڙي ٿو، جيئن ته: مارڻ - مار - ماريل يا ماريو، لکڻ - لک - لکيل يا لکيو، نيڻ - ني - نيل يا نيو. گهڻا اسم مفعول امر وانگي بيقاعدي جڙيل به آهن، جيئن ته: اڀامڻ - اڀاڻل ايا اُڀاميل يا اُڀاڻوپ، ڀڄڻ ۽ ڀڃڻ مان ڀڳل ۽ ڀڳو، بيهڻ مان بيٺل ۽ بيٺو، پرچڻ مان پرتل ۽ پرتو، پيڻ مان پيتل ۽ پيتو، ڊاهڻ مان ڊاٺل ۽ ڊاٺو وغيره.

اسم مفعول به فاعل وانگي صفت ٿي به اسم سان ڪم ايندو آهي، جيئن ته: ڀڳل سپاهي جنگ ڪرڻ جو لائق نه آهي، مـُـئو ماڻهو جـِـئري سان ڪيئن برابر ٿي سگهندو، سـُـتو مـُـئي جي آچار آهي ۽ لکيو ٽرڻ جو ناهي.

اسم حاليه: اسم حاليه به انهن اسمن مان هڪڙو آهي، جي مصدر مان نڪرن ٿا ۽ اهو فعل جي به ۽ صفت جي به معنيٰ ظاهر ڪري ٿو. اُهو ڏيکاري ٿو ته هڪڙي ڪم هلندي يا جاري رهندي ٻيو ڪم ٿئي ٿو. اُهو به امر جي پٺيان ″اَندو″ يا ″اِيندو″ وجهڻ سان ٺهي ٿو. گهڻا باقاعدي جڙن ٿا ۽ ٿورا بيقاعدي ٿا جڙن. مثال: آءٌ سڀاڻي تو وٽان ٿيندو ويندس. هو ماڻهو ڪتاب پڙهندي ٻڌي سگهي ٿو. لکڻ - لک - لکندو، گهمڻ - گهم - گهمندو، مارڻ - مار - ماريندو، اچڻ - اچ - ايندو، وڃڻ - وڃ - ويندو ۽ ڪرڻ - ڪر - ڪندو.

جيئن اسم حاليه ۾ هڪڙي ڪم ڪندي ٻئي ڪم ڪرڻ جي معنيٰ ٿي نڪري ۽ اڪثر اُهي ڪم هلندڙ يا ايندڙ وقت سان يعني حال ۽ مستقبل سان لاڳو ٿيندا آهن، تيئن گذريل وقت يا ماضي، ٻن ڪمن جي ڳنڍڻ واري هڪڙي فعل جي صورت آهي، جنهن کي ″فعل معطوفي″ ٿا چون. يعني موڙيل يا ڳنڍيل ڪم. جيئن ته هو ماني کائي هيڏي آيو، هو هي ملڪ فتح ڪري پٺ تي موٽيو، هوءَ منهن ڍڪيو هليو ٿي وڃي. پر جڏهن اهڙا فعل اڪثر گذريل وقت سان ٿا لڳن، تڏهن انهن کي زمان ماضي جي هڪڙي صورت شمار ڪجي ٿي ۽ انهن کي ″ماضي معطوفي″ ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ جو بيان ماضين ۾ ايندو.

اهڙا مشتق اسم جي اسم ٿي فعل يا صفت جو ڪم ڏين ٿا يا فعل ٿي اسم ۽ صفت جو ڪم ڏين ٿا، تن کي سنسڪرت ۾ ڪردنت چون ٿا. ″اسم حآليه″ کي ″ورتما ڪردنت″ ٿا چون. اسم مفعول کي ″ڀوت ڪردنت″ ۽ ″اسم فاعل ترڪيبي″ يا ″اسم استقبال″ کي ″ڀوشيه ڪردنت″ ۽ فعل يا ″ماضي معطوفيءَ″ کي ″پـُـورڻ ڪردنت.″

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org