سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:14 

باب ٽيون

قافيي جي بيان ۾

فصل پهريون

قافيي ۽ رديف بابت

 

جهڙيءَ طرح شعر جو وزن علم عروض تي تعلق رکي ٿو، تهڙيءَ طرح شعر جي بيهڪ علم قافيي تي تعلق رکي ٿي. انهيءَ ڪري شاعرن کي هنن ٻنهي علمن جو ڄاڻڻ ضروري آهي. قافيه لفظ قفا مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ عربيءَ ۾ آهي: پٺيان هلڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب قافيه اهو لفظ آهي جو شعر جي پڇاڙيءَ ۾ اچي ۽ جنهن جي پٺيان ٻن شعرن جون پڇاڙيون لڳن. ڪي پڇاڙيءَ واري ساري لفظ کي قافيه چوندا آهن ۽ ڪي فقط پڇاڙيءَ واري حرف کي، جو وري وري اچي. قافيي جي لاءِ ٻه شرط ضروري آهن: هڪڙو اهو ته قافيي وارو لفظ صورت ۾ يا معنيٰ ۾ مختلف ۽ علحدو هجي، ساڳيو نه هجي يا جي ٻنهي جي صورت هڪڙي هجي ته معنيٰ ضرور ٻي هجيس، مثلا ڀاڻ، پاڻ، ساڻ، ڪاڻ ۽ ماڻ. اهي سڀ لفظ قافيو ٿي سگهن ٿا، مگر جي لفظ ڀاڻ ٻن معنائن سان وري وري آيو ته حرڪت ڪانهي. هڪڙو ڀاڻ ٻنيءَ جو ۽ ٻيو ڀاڻ مٿي جي ڦيري يا مغروري. ٻيو اهو ته اِهو لفظ مستقل ۽ قائم نه هجي، پر جي هوندو ته انهيءَ کي قافيو نه چئبو، پر رديف چئبو. مثلا هڪڙي مصراع جي پڇاڙيءَ ۾ آهي پاڻ آيو ۽ ٻيءَ ۾ آهي ساڻ آيو ته آيو لفظ جو وري آيو، سو قافيو ناهي، رديف آهي ۽ پاڻ قافيي وارو لفظ آهي.

رديف لفظ جي معنيٰ عربيءَ ۾ آهي وهٽ تي ٻيلهه ويٺل سوار. اصطلاحي معنيٰ موجب اهو لفظ جو قافيي جي پٺيان اچي ٿو. جنهن شعر ۾ فقط قافيو آهي رديف ڪونهي، انهيءَ کي مقفيٰ ٿا چون ۽ جنهن ۾ رديف به آهي انهيءَ کي مردف ٿا چون.

قافيي جا حرف: قافيي جا مڙئي نوَ اکر ٿا ٿين، پر رواج ۾ اڪثر ست ايندا آهن. قافيي جو پويون اکر، جو ضرور وري وري اچي ٿو، تنهن کي روي ٿا چون. جي روي کان چار حرف اڳي ايندا آهن، انهن جا نالا ترتيبوار هي آهن: ردف، قيد، تاسيس ۽ دخيل ۽ جي روي کان چار حرف پوءِ ايندا آهن، تن جا نالا ترتيبوار هي آهن: وصل، خروج، مزيد ۽ نائره. روي کان اڳيون اکر جي حرف علت ساڪن هوندو. يعني الف يا و يا ي ساڪن هوندو ته انهيءَ کي ردف چئبو. جيئن ته: ايمان، عثمان ۽ حران ۾ ن روي آهي ۽ انهيءَ کان اڳيون الف ساڪن ردف آهي. پر جي حرف علت کان سواءِ ٻيو ڪو حرف صحيح آيو ته انهي کي قيد چئبو، جيئن ته درد - سرد ۾ د روي آهي ۽ ر قيد آهي. وري روي کان اڳي ساڪن الف ۽ روي جي وچ ۾ جيڪو حرف ايندو، تنهن کي دخيل چئبو ۽ انهيءَ ساڪن الف کي تاسيس چئبو. مثلا: باور، داور ۽ خاور ۾ ر روي آهي، و دخيل آهي، الف تاسيس آهي.

ساڳيءَ طرح روي کان پوءِ يا ان جي پٺيان جيڪي چار حرف ايندا، تن مان پهرئين کي وصل، ٻئي کي خروج، ٽئين کي مزيد ۽ چوٿين کي نائره. مثلا: لڏي ويوس، ڇڏي ويوس، گڏي ويوس. انهن ۾ ڇڏي واري ي آهي روي ۽ انهيءَ کان اڳيون اکر ڏ آهي قيد ۽ انهيءَ کان پويون پهريون اکر و آهي وصل، ي آهي خروج، و آهي مزيد ۽ س آهي نائره.

مٿين حرفن مان جيڪو ردف جو اکر روي سان گڏ اچي، انهيءَ کي ردف اصلي چوندا آهن  روي ۽ ردف اصلي جي وچ ۾ ڪو حرف ساڪن هوندو آهي، يعني دخيل، تنهن کي ردف زائد چوندا آهن. جيئن ته دوست ۽ پوست ۾ ت روي ۽ س ردف زائد آهي ۽ ردف اصلي آهي. اهو ردف قافيي جي لاءِ ضروري آهي. جي نه آيو ته قافيو غلط آهي. مثلا: دوست سان راست قافيو ٿي نه سگهندو، ڇا لاءِ جو ردف اصلي مختلف آهي. دوست سان ڪوفت قافيو ٿي سگهندو، ڇا لاءِ جو ردف زائد مختلف آهي. ساڳيءَ طرح تير سان ڪير هم قافيو ٿي سگهندو، اگرچ ساڳيو اکر ٻنهي ۾ آهي، مگر انهن جي حرڪت ڦريل آهي.

ساڳيءَ طرح يعني ردف وانگي قيد وارو حرف مختلف آڻڻ به ناجائز آهي. مثلا: تخت جو قافيو بخت يا طشت ٿي نٿو سگهي ۽ دخيل واري حرف جو موافق هئڻ ضروري ناهي. جيئن ته حاصل جو ڪافيو ڪامل يا مائل ٿي سگهي ٿو، مگر وصل ۽ شروج جو قافيي ۾ وري وري اچڻ ضروري آهي. رديف مختلف ٿي ڪين سگهندو، سواءِ خاص طرح شعر ۾ اطلاع ڏيڻ جي.

قافيي جا اعراب يا حرڪتون: قافيي سان ڇهه اعراب يا حرڪتون تعلق ٿيون رکن. رويءَ کان اڳي واري پهرئين اکر جي حرڪت کي توجيـھ چوندا آهن ۽ انهيءَ جو موافق يا هڪجهڙو هئڻ ضروري هي. مثلا: دلبر ۽ صابر هم قافيي نه ٿيندا. ردف ۽ قيد کان اڳي واري حرف جي حرڪت کي حذو چوندا آهن. انهيءَ جو به مختلف ٿيڻ روا ناهي. مثلا هند ۽ بند هم قافيي ٿي نه سگهندا. تاسيس واري ساڪن حرف علت جي مٿان آيل زبر کي رس چوندا آهن ۽ دخيل واري حرف تي آيل حرڪت کي اشباع چوندا آهن. روي ۽ وصل گڏ ايندا ته انهن جي اڳيان آيل حرڪت کي مجري چوندا آهن. انهيءَ جو اختلاف درست ناهي، اگرچ ڪي روا رکن ٿا، جيئن آهسته ۽ دسته. وصل خروج گڏ، توڙي خروج ۽ مزيد گـڏ ايندا، ته انهن جي مٿان آيل حرڪت کي نفاذ چوندا آهن ۽ اهو به سدائين هڪ جهڙو هئڻ گهرجي.

قافيي جا قسم: قافيو ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو مقيد ۽ ٻيو مطلق. مقيد اهو آهي جنهن ۾ رويءَ وارو حرف ساڻس ڳنڍيل نه هجي، پر جي وصل وارو حرف ساڻس ڳنڍيل هوندو ته انهيءَ کي مطلق چئبو. وري جي مقيد قافيي ۾ قافيي جي حرفن مان ڪوبه ٻيو حرف نه هوندو ته انهيءَ کي مقيد مجرد چوندا، جيئن ته سرور، دلبر ۽ جي اهڙو ڪو ٻيو حرف هوندو ته ان جي انهيءَ حرف سان نسبت ڪندا، جيئن ته: ردف سان مقيد يا قيد سان مقيد ۽ ساڳيءَ طرح جي روي مطلق سان وصل جو حرف گڏ هوندو، جيئن ته سروري، دلبري ته انهيءَ کي مطلق مجرد چئبو ۽ جي قافيي جي حرفن مان به ڪو هوندو ته انهيءَ جي ان حرف سان نسبت ڪندا، جيئن ته قيد سان مطلق يا ردف سان يا خروج سان يا نائره سان.

ٻيءَ طرح سان به قافيي جا ٻه قسم آهن: هڪڙو اصلي، ٻيو مصنوعي يا بناوتي. اصلي اهو آهي جو لفظ پاڻ قافيي هئڻ جو لائق هجي ۽ مفرد معنيٰ وارو هجي. مصنوعي اهو آهي جو مرڪب هجي يا ٻئي سان گڏيل. مثلا مان، ران. شان سان ڪانه اچي جو هو پهريان اصلي لفظ آهن ۽ پوئين ۾ ٽي لفظ وجهڻ سان قافيو ٿو ٺهي.

حرڪتن ۾ سڪون جي نظر تي قافيو چئن قسمن جو آهي: پهريون مترادف، جڏهن قافيي ۾ ٻه ساڪن حرف گڏ اچن، جيئن ته يار ۽ گار. ٻيو متواتر، جڏهن هڪڙو متحرڪ حرف ٻيو ساڪن هجي جيئن ته: گردن، ڀرتن. ٽيون متدارڪ جڏهن ٻنهي لفظن ۾ رويءَ کان اڳي متحرڪ ۽ ساڪن حرف ٻه ڀيرا ترتيبوار اچن. جيئن ته: بصر، بتر ۽ چوٿون متراب جڏهن رويءَ کان اڳي ٽي حرف اچن، جيئن ته سحري، بحري.

فصل ٻيو

قافيي جا عيب

قافيي جا چار عيب آهن، جن کان گوشو ڪرڻ کپي: هڪڙي جو نالو اقوا آهي، يعني بي سمرو ٿيڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب جڏهن روي يا قيد کان مٿي يا اڳي واري حرڪت مختلف ٿئي. مثلا: دَر سان دُر قافيو ٿئي يا مست سان سست. ٻئي جو نالو اڪفا آهي يعني ڏنگو ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب جڏهن روي جو حرف اهڙي حرف سان بدلجي جو وات مان ساڳي جاءِ تان نڪرندو هجي. مثلا: هڪڙي ۾ قاف ۽ ٻئي ۾ ڪاف يا گاف، جيئن شڪ سان سگ. ٽئين جو نالو استاد آهي. جڏهن ردف جو حرف مختلف هجي، مثلا زمان سان زمين، مڪان سان مڪين ۽ چوٿين جو نالو ايطا آهي، يعني پائمال ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب جڏهن قافيو وري وري اچي. انهيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪڙو جلي ۽ ٻيو خفي. يعني هڪڙو ظاهر، ٻيو ڳجهو. جلي تڏهن آهي جڏهن روي هڪڙو اهڙو حرف ڪجي، جو اصل هئڻ جو لائق نه هجي. ٻئي حرف سان گڏ اچڻ جهڙو هجي، جيئن مصدر جي نشاني يا مضارع هجي. مثلا مارڻ سان گڏڻ، ڪٽڻ سان کائڻ، بهتر سان بتر. خفي تڏهن آهي، جڏهن قافيي جو وري وري اچڻ ظاهر نه هجي، جيئن ته آب سان گلاب ۽ شراب. اهو قافيو عيبدار آهي، مگر روا رکيو ويو آهي، بشرطيڪ قطع يا غزل ۾ ستن بيتن کان پوءِ ايندو ۽ قصيدي ۾ چوڏهن بيتن کان پوءِ.

 

فصل ٽيون

شعر جا عيب

 

شعر ۾ ڪيترا عيب ٿيندا آهن، جن کان گوشو ڪرڻ گهرجي. اهي هي آهن:

پهريون عيب مناقضـھ يعني بيت جي ٻنهي مصراعن جي معنيٰ يا مضمون ۾ چڱائي ۽ گهٽتائي جو اختلاف، يعني جڏهن هڪڙي مصراع ٻيءَ جي برخلاف هجي يا گهٽ وڻندڙ ۽ موافق هجي. مثلا شيخ سعدي هڪڙي گهوڙي جي تکائيءَ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته:

بيت

تکو جيئن ٿي نئي ڊوڙي برپٽ مٿي،
مٽيءَ جان پٺيان واءُ رهجي پوي.

 

هاڻي پهرين مصراع ۾ گهوڙي کي انهيءَ نئي سان مشابـھ ڪيو اٿس، جا برپٽ تي ڊوڙندي وڃي ۽ ٻيءَ مصراع ۾ وري انهيءَ کي واءُ سان مشابـھ ڪيو اٿس.

ٻيو عيب تقديم و تاخير يعني اڳي پوءِ ڪرڻ. هي عيب لفظي به ٿي سگهي ٿو ۽ معنوي به. لفظيءَ جو مثال هي آهي، جو نظاميءَ جو چيل آهي:

بيت

هـَـنيـَـئين تير اهڙو ڇڪي سيڱ زهه،
جو هن جو بدن پيو ڇڄي ۽ زرهه.
 

هتي پهرين زرهه آڻڻ گهربي هئي ۽ پوءِ بدن، ڇا لاءِ جو تير پهرين زرهه مان لنگهي ٿو ۽ پوءِ بدن مان. اهڙيءَ طرح بعضي ضمير، اسم ۽ فعل به اڳي پوءِ آڻيندا آهن. معنوي تقديم ۽ تاخير جو مثال اهو آهي ته بيت جي ٻن مصراعن جو مضمون هڪ ٻئي ۾ سمائجي نه اچي، يا اڳي پوءِ هجي جيئن بيدل جي هن بيت ۾ آهي:

بيت

پـُـور اک منهه کان ٻن جهانن جي،
جي هجي در لنگهڻ جو هن گهر ۾.
 

هتي پهرين مصراع ۾ ٻن جهانن ڏي نهارڻ جو ذڪر آهي، نه هڪڙي گهر مان وچون در لنگهي ٻئي گهر ۾ وڃڻ جو، جيئن ٻي مصراع ۾ آهي. پوئين مصراع جي مضمون جو اشارو يا نشان پهرينءَ ۾ بلڪل ڪونهي.

ٽيون عيب آهي ڪلام تعقيد يعني لفظن ۾ ڪو خلل هئڻ، جنهن ڪري شاعر يا ڳالهائيندڙ جو مطلب پوريءَ طرح سمجهڻ ۾ نه اچي. هي عيب به مٿئين عيب وانگي لفظي ۽ معنوي ٻيئي ٿي سگهي ٿو. لفظن جو مثال شيخ علي حزين جو هيءُ هڪڙو بيت آهي:

بيت

رو ڪنهن جي باغ جي جو آهي، هي پاڇو ڊگهو،
ورهيه ٿيا ان حرص ۾، ٺوڪيان ٿو کنڀڙاٽيون اڃا.
 

ورهيه ٿيا ان حرص ۾، تمام خراب ٿو لڳي. چوي ها ته سندس محبت ۾ يا ڇانو ۾، معنوي تعقيل جو مثال جاميءَ جو هي بيت آهي

وڳو ساڳو نه پهري ٻن دفعن سان
ٿو ڏسجين روز چنڊ جا برج هڪ مان

چنڊ هر روز هڪ نئين برج مان نٿو نڪري.

چوٿون عيب تضمين آهي. هن جا به ٻه قسم آهن: هڪڙي تضمين اها، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن شاعر جو شعر پنهنجي شعر ۾ آڻجي ۽ انهيءَ جو بر وقت اطلاع ڏجي. هيءَ هڪڙي صنعت شمار ڪيل ۽ انهيءَ جو ذڪر ضايع ۾ ڏنل آهي ۽ مثال به اتي ڏنل آهي. ٻيو قسم تضمين جو اهو آهي، جنهن ۾ هڪڙي بيت جي معنيٰ ٻئي بيت جي معنيٰ سان واسطو رکندي هجي ۽ انهيءَ جي پڙهڻ ڌاران برابر سمجهه ۾ نه اچي سگهي. انهيءَ کي قطع بند به چوندا آهن. انهيءَ جو مثال هي ٻه بيت آهن:

بيت

ازدها جنهن هنڌ رهي، سو هنڌ سدا ويران هوءِ،
ازدها هئي بادشـھ جي، ٿي عجب ٻئي قسم جي.
ملڪ جنهن ۾ سا ٿئي پيدا، هجي آباد سو،
ان جو پاڇو آهي نعمت، ان جي هستي مهر ٿي.
 

پنجون عيب توارد آهي. جڏهن ڪنهن ٻئي شاعر جي شعر جو مضمون يا خيال يا لفظ، جنسي ٻيو شاعر پنهنجي شعر ۾ آڻي، تضمين جي رستي نه پر اتفاق سان آڻي وجهي ۽ اهڙو شڪ پوي ته سرقـھ يا شعر جي چوري آهي. مثلا: امير خسرو دهلويءَ جو هي بيت آهي:

بيت

تنهنجي صفت بنده نواز زندگي،
ات ٿي خدائي ۽ هت بندگي.

 

۽ جاميءَ چيو آهي ته:

بيت

ٿئي ٻن ڪمن مان ٿي فرخندگي،
خداوندي اُت ٿي ۽ هت بندگي.
 

ساڳيءَ طرح وري جاميءَ چيو آهي:

بيت

 

کٻي پاسي مان پيدا آهي ٿي زال،
سنوت ڏسبي کٻي مان ڪانه في الحال.
 

۽ نظاميءَ چيو آهي ته:

بيت

ٿي پيدا زال جڏهن پاسي کٻي مان،
سنئين ڪنهن پر نه هلندي سا ڪنهين سان.
 

ڇهون عيب عدول آهي. جڏهن ڪو شاعر زور ڪري وزن يا قافيي جي پورائي لاءِ لفظ جي اصلي صورت ڦيرائي متحرڪ کي ساڪن يا ساڪن کي متحرڪ يا متحرڪ کي مشدد يا ٻيءَ طرح گهٽ وڌ ڪري ٿو. اهو عيب قديم استادن جو روا رکي سگهجي ٿو، مگر هاڻوڪن شاعرن جي حالت ۾ روا رکي نٿو سگهجي، سواءِ لاچاريءَ جي حالت ۾. جي ڳالهيون فارسيءَ ۾ عيب آهن، سي سنڌي شعر ۾ روا رکي سگهجن ٿيون جو سنڌيءَ ۾ فارسي لفظن جا اُچار ڦريل آهن. مثلا اصل عربي يا فارسي لفظ قبر، جبر ۽ صبر آهي ۽ سنڌي شعر ۾ قبر، جبر ۽ صبر آڻي سگهجي ٿو. يا تنور کي تنور. ڪتي کي ڪتو ڪري آڻي ٿو سگهجي يا قافيي جي لاءِ بيان کي بيانا ۽ فراق کي فراقا ڪري ٿو سگهجي، جيئن اڪثر ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ آهي. ساڳيءَ طرح سڪندر کي اسڪندر.

هن عيب جا گهڻا ئي قسم ٿي سگهن ٿا. هڪڙي قسم کي وصل چون ٿا. جڏهن ڪنهن لفظ ۾ هڪڙو حرف زياده ڪجي ۽ انهيءَ حرف جي معنيٰ شمار ۾ نه آڻجي، رڳو وزن جي لاءِ آڻجي جيئن به، ته، ڪ يا جيئن مٿي سڪندر کي اسڪندر ۽ رستم کي روستم. ٻيو قسم قطع آهي. جڏهن ڪنهن لفظ جو ڪو حرف وزن جي لاءِ ڪڍي ڇڏجي، جيئن ڪبوتر جي بدران ڪؤتر.

ٽيون قسم آهي تخفيف، يعني هلڪو ڪرڻ. جيئن اصل شد وارو لفظ سواءِ شد جي آڻڻ، جنهن جو مٿي اشارو ڏنو ويو آهي. تنور کي تنور. انهيءَ جو ضد وري چوٿون قسم تشديد آهي، جڏهن وزن جي لاءِ زور ڪري شد ڏجي. جيئن ته زر کي زر، ڪتي کي ڪتو. پنجون قسم آهي قصور، جڏهن الف مد واري جي بدران سواءِ مد جي آڻڻ، جيئن ته آزاد جي بدران ازاد، آرام جي بدران ارام. ڇهون قسم اسڪان جڏهن متحرڪ اکر کي ساڪن ڪري ڪم آڻجي. جيئن بهترُ کي بهتر يا سفر کي سفر. ستون قسم تحريڪ، جڏهن ساڪن حرف کي متحرڪ ڪجي جيئن صبر کي صبـُـر، سترُ کي ستر.

 

فصل چوٿون

سنڌي شعر جا ڪي مشهور عيب

 

هاڻي اسين شعر جا ڪي عيب هتي ڏينداسين، جي هن زماني ۾ عام آهن، ڇا لاءِ جو هاڻوڪن شعر چوندڙن کي گهڻي فارسي ۽ عربي نٿي اچي ۽ علم عروض ۽ قافيي جي قاعدن ۽ قانونن جي پوري خبر ناهي. اگرچ انهن عيبن مان ڪي اوائلي سنڌي شاعرن به ڪيا آهن، مگر هاڻي جڏهن فارسي بحرن، وزنن ۽ قانونن تي شعر چوڻ ۾ ٿو اچي، تڏهن اهي عيب غلطيون آهن جي نه ڪرڻ گهرجن. ڪي اهڙا عيب آهن جي سنڌيءَ ۾ روا رکي سگهجن ٿا. ڇا لاءِ جو زباني شعر اڪثر آواز تي منحصر رهي ٿو ۽ اهو آواز صحيح صورتخطيءَ ۾ ٻيءَ طرح ٿو لکي سگهجي. تنهن ڪري بهتر آهي ته اهي لفظ آواز ۾ ۽ اچار ۾ به صحيح هئڻ گهرجن ۽ صورتخطيءَ ۾ به. مگر لاچاريءَ جي حالت ۾ روا به رکي سگهجي ٿو.

مثلا: (1) قافيي ۾ ت پڇاڙيءَ وارا لفظ ط سان مقابل آڻڻ، ز وارا ض ۽ ذ سان، ث وارا س سان وغيره. (2) نون هڪڙيءَ سٽ ۾ ته ڻ ٻي سٽ ۾. (3) نعرو آواز ۾ نارو سمجهي آڻن. سعيو، سايو ڄاڻي آڻڻ ۽ قافيي ۾ لايو، ڪايو وغيره آڻڻ. طعنو، تانو، ڄاڻي، ڪانو، آنو سان هم قافيي ڪري آڻڻ. لعل کي لال سمجهي مال، حال، چال سان هم قافيي ڪري آڻڻ. (4) ل کي لهه سان، ڙ کي ڙهه سان وغيره. (5) ر کي ڙ سان قافيي ۾ آڻڻ. (6) پڇاڙيءَ ۾ زور ڪري الف وجهڻ قافيي لاءِ، جيئن ته طبيعتا. ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ اهو عام آهي. (7) ع کي هه سان قافيي ۾ آڻڻ جيئن ته لاهه ۽ آءُ. (8) ز کي ج سان هم قافيي ڪري آڻڻ. (9) آڻڻ ۽ لاهڻ هم قافيي ڪري آڻڻ. (10) قافيي واري حرف جي اڳئين اکر جي زير ۽ زبر هڪ جهڙي نه رکڻ، جيئن مـُـرڪي سان ڪـَـرڪي آڻڻ غلط آهي. ڪـُـرڪي آڻڻ گهرجي، مـُـهي سان ڪـُـهي گهرجي نه ڪـَـهي. (11) اڪثر رباعي ڪنهن به چئن مصراعن واري قطعي کي چوندا آهن، پر ائين غلط آهي، جيئن رباعي جي بيان ۾ چيو ويو آهي.

مٿيان عيب سنڌ جي قديم شاعرن جي شعر ۾ به لڀن ٿا، مگر هاڻي اسين اهي ڪم آڻي نٿا سگهون. مثال لاءِ هتي ڪي شعر آڻينداسين:

شاهه جي رسالي مان

بيت

چنڊ لڳئي منڊ، سنجهيئي شيخ ٿين،
ڪر اونڌائي
انڌ، ته ملان محبوبن کي.
 

(هتي منڊ ۽ انڌ هم قافيي آندا اٿس)

-----------

عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق،
سمجهج سو
سلوڪ جو ناقصائي نڱيو.

-----------

ڪاتي جا قريب جي، سا هڏ چيري چم،
عاشقن پنهنجو
انگ، الله ڪارڻ وڍيو.
 

(هتي چم، انڱ يا اڱ هم قافيي طور آندو اٿس، جو هينئر بلڪل غلط ۽ ناروا آهن)

-----------

ترس طبيبن جو، ڇڏڻ ڪي ڊڀ نه ياد،
جو ويڄن جي
واٽ، دارو تنهن درس ڪيا.
 

(هتي ياد ۽ واٽ يا ڪن نسخن ۾ وساند هم قافيي آيل آهن.)

-----------

سر جو سڃيو سڄڻين، ٻنگان ڀري ٻاڻ،
ويو وجودان نڪري، ڪڙڪو ڪري
ڪان،
ٿيا جي
نيشان، ته پرين سين پورا ٿيا.
 

(هتي ن ۽ ڻ گڏ آيل آهن)

جـُـسي ۾ جبار جو خفي خيمو کوڙ،
جلي تون زبان سين چارئي پهر
چور،
ٻيا در وڃي مَ
وُوڙ، ايءُ امل اتائين سپجي.
 

انهيءَ کان سواءِ هيٺيان لفظ به رسالي مان ڪڍيا ويا آهن جي قافيي ۾ گڏ آيا آهن، پر هاڻي آڻي نٿا سگهجن:

صباح، لاءِ، آءُ. صلاح، راهه. صراط، واٽ، ساٿ. ساهه، نگاهه. جهاز، نواز. هاج، اوطاق، فراق، چاڪ. ماءُ، ماه ه. جهنگ، لنگهه. ابليس، خبيث. الله، صلاح، ارواح، ساهه. احد، سڌ. سعيو، هلايو، آيو. ٻڏ، سڏ، مڏ. سڪ، عشق. جوڙ، ٻوڙ، سوڙهه. ماڪ، تاق، چاڪ. آهه، مباح. باقي، خاڪي. آزي، بازي، راضي. آهه، لڪاءِ. وات، تات، ساعت. رت، گرٿ، شرط. اماڙو، وارو. عبث، مس.

ديوان گل مان

آهي سڀ تي حڪم تنهنجو نافذ.
(هتي حـُـڪمَ جي بدران حـُـڪـُـمُ آيو آهي)
سو ئي ڪري
خلق ۾ توڻي سلام حاصل.
هتي
خـَـلقَ جي بدران خـَـلـَـق آيل آهي)
 

هيٺين غزلن ۾ هڪڙي مصراع ۾ هڪڙو بحر آهي ته ٻيءَ ۾ ٻيو. هڪڙي لفظ جي گهٽ وڌ ٿيڻ جو تفاوت ٿئي ٿو، جو غلط آهي:

غزل

دنيا ۾ دين ڳولڻ، آهي عبث عبث
(وزن: مفعول، فاعلاتن، مفعول، فاعلن)
ريءَ درد سور
وقت ريءَ ريجهه رحم رقت.
(وزن: مفعول، فاعلاتن، مفعول فاعلاتن)
 

ساري غزل ۾ بيت جون پهريون مصراعون هڪڙي وزن جون ۽ ٻيون مصراعون ٻئي وزن جون.

غزل

منجهه ديد تنهنجي دلبر آهي مدام حظ.
(وزن: مفعول فاعلاتن، مفعول فاعلاتن)
مجلس ۾ دوستن جي آهي حضور نعمت.
(وزن: مفعول فاڳلاتن، مفعول فاعلاتن)

ساري غزل ۾ اهو عيب آهي.

غزل

آهي ننڊ ندوري ۾ آرس اڀاڳ
(وزن: فعولن، فعولن، فعولن، فعول)
جنهن کي سڪ سيني اندر سوز سل ڪيو
(وزن: فعولن، فعولن، فعولن، فعولن)
 

ٻيون مصراعون به انهيءَ وزن جون آهن.

ثابت علي شاهه جي مرثين مان

بند

اڄ ڏينهن جمعي جو آهي ۽ خطبي جو وقت ڏس،
مون تنهن نبيءَ جي پٽ جو، تون هي حال
سخت ڏس.
جيئرو ته پرزا پرزا ۽ دل لخت
لخت ڏس.
تنبوءَ ۾ ڏس يتيم رئن ٿا رسول جا.

هتي سخت ۽ لخت سان وقت آندو اٿس، جو اڻ پڙهيل سنڌي ماڻهو وخت چوندا آهن.

ٻئي هڪڙي هنڌ به اهي ساڳيا قافيا آندا اٿس:

بند

قاسم جي حق ۾ ڪاڄؤن هئي موت جي مبارڪ،
سڀ ڄاڃي ماڃي ٿيا پڻ سر گهوري تن کان
تارڪ،
سي تا صحي سکيا ٿيا، سڀ فڪر کان ٿي فارق (يا فارڪ)،
مون تن جي فڪر فرقت نيڻين وهايا نارا.

هتي مبارڪ ۽ تارڪ سان فارق آندو اٿس، جو عام ماڻهو فارغ جي بدران فارڪ چوندا آهن.

هيٺيان لفظ به ثابت علي شاهه ٻين هنڌن تي گڏ هم قافيا آندا آهن، جن مان گهڻا هاڻي آڻي نٿا سگهجن.

سر، انور، ڌڙ. شعاع، سما. الوداع، سدا. سڀ، تعب، رب. راڳ، داڳ (داغ). ڪاهه، دانهن. رت، هٿ، سٿ. مصلحت، هٿ، سٿ. شروع، سوبسو، ڪوبڪو. سعيو، رايو، لايو. ماريو، هاريو، آيو. ڪاهجي، ڇڏائجي. آوارا، ويچارا، مرڻ هارا، حادثي ماريا.

اڄ گهر رسول جي آهي شادي ۽ عشرتا            (يعني عشرت)

ديوان فاضل ۾ رباعيون ڪنهن به ٻئي وزن جون ڏنل آهن، پر هئڻ گهرجن خاص رباعيءَ واري بحر تي. هي رباعيون نه آهن پر قطعا آهن.

ڀاڱو ٻيو

باب چوٿون

منايع و بدايع جي بيان ۾

 

ڪلام جي فصاحت ۽ بلاغت لاءِ عبارت يا لفظن ۽ معنيٰ جي خوبي ۽ موافقت جي قانونن ڄاڻڻ جو ضرور آهي، جن جو علم بيان ۽ علم بدايع سان واسطو آهي. اهي صنايع يا صفتون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون لفظي ۽ ٻيون معنوي. صنايع لفظيءَ ۾ رڳو لفظن جي ظاهري صورت ۽ خوبيءَ جي نظر ٿي رهي ۽ صنايع معنويءَ ۾ باطني خوبي يا معنيٰ جي نظر ٿي رهي.

فصل پهريون

ضايع لفظن بابت

(الف) صنعت ترصيع: ترصيع جي لفظي معنيٰ آهي جواهر جڙڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي عبارت يا شعر ۾ ڪي لفظ خانن وانگي آڻجن، جي تـُـڪن ۾ موافق هجن ۽ اهڙا هجن، جي وزن ۽ قافيي ۾ برابر هجن. اهڙيءَ عبارت يا شعر کي مرصع سڏبو آهي. انهيءَ جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

روءِ تنهنجي ۾ جلوه گر ٿيو جمال،
خوءِ تنهنجي ۾ سر بسر ٿيو ڪمال.
ماهه تون، بدر جنهن جو سارو منير،
شاهه تون، قدر جنهن جو سارو جلال.
حال سان موت ماري تنهنجو فراق،
قال سان نـِـت جياري تنهنجو وصال.
منجهه شرافت نه تنهنجو ڪوئي نظير،
منجهه لطافت نه تنهنجو ڪوئي مثال.
 

----------

مي حرام آهي، جي محفل ۾ ڪو هوندو هشيار،
ننڊ حرام آهي، جي گهر ۾ آهي ڀاتي بيمار.

----------

شراب اسان کان ٿيو مست، ۽ نه ان کان اسين،
جهان اسان کان ٿيو هست، ۽ نه ان کان اسين.

----------

من خوش هجي ته گهر به جهنم هوئي يا بهشت،
تن خوش هجي ته ڪپڙو به ريشم هجي يا پشم.

----------

ڪهڙي دل سا، جنهن مان تو ڏي ناهي راهه،
ڪهڙي اک سا، جنهن جي توڏي ناهي نگاهه.
منهنجا قبلا! تنهنجو مـُـنهن، مصحف مجيد،
منهنجا ڪعبا! تنهنجو گهر، بيت الحرام.

----------

خوان آهي جهان، زهر لقمو،
خواب آهي حياتي، موت تعبير.

 

 

ُوزن: مفعول، مفاعلن، مفاعيل

(ب) ترصيع مع تجنيس: جڏهن ساڳي صنعت ترصيع ۾ صنعت تجنيس به شامل هجي، يعني همجنس يا همصورت لفظ ڪم آيل هجن، جيئن هيٺ تجنيس جي بيان مان معلوم ٿيندو. مثال:

جڏهن ٿئي ڪنهن جو يار سرگشتو،
ان جو ٿئي ڪم ڪار
برگشتو.
 

(1) تجنيس: جڏهن ڪنهن عبارت يا شعر ۾ هڪ جنس يا قسم جا لفظ ڪم اچن، انهيءَ جا گهڻا ئي قسم آهن:

(2) تجنيس تام:  تام جي معنيٰ تمام يا ڪامل، يعني پورو. جڏهن ٻه يا زياده لفظ اهڙا ڪم اچن جي لکڻ يا پڙهڻ ۾ بلڪل هڪ جهڙا هجن، مگر معنيٰ ۾ مختلف هجن، جيئن شاهه جي رسالي ۾ جتن جو لفظ هيٺين بيت ۾ ڪم آيل آهي:

جتن ڪج جتن جو، آيا ڪي ايندا،
وٺي پنهون پاڻ سين وٽان تو ويندا،
دم نه دميندا، سڌا ويندا ساڻيهه ڏي.
ٻيا پنهنجا مثال هيٺ ڏجن ٿا ۽ همجنس لفظن جي هيٺان ليڪ جو نشان ڪجي ٿو:

بيماري ٿئي جي ڪنهن کي سائي،

يرقان جو مرض

سڀ شيءِ ٿي نظر اچيس سائي،

اهائي

----------

تنهنجي دائيءَ وار تنهنجا، جي ڦڻيءَ سان ڪيا جدا،
ٻانهن دائيءَ جي ڦڻيءَ کان ڌار، تڏهن گهرجي ڪرڻ.

ڪلهي

----------

مائي بيحال جوش کان ٿي وئي،

 زال

نه سگهي تنهن کان پاڻ ۾ مائي.

               ماپي، سمائجي

چاهه سان چاهه پي، مگر ڪهڙي،

 شوق     چاءِ

رنگ ۾ چاهه جي کنڀن جهڙي.

                               پکي

----------

جاءِ جي گل سان نه جائي ڪنهن به گل جي جاءِ آهه،

گل جو قسم                             برابري

جاءِ ۾ جي جاءِ هوئي، سرهاڻ سڀ ڪنهن لاءِ آهه.

ڪوٺي         گل

----------

ڪوٽ جي استر کي هڪڙي استريءَ ڪئي استري،

                                زال           ڌوٻي جي

اُستري سان وار ڪوڙڻ آيو، مڙس مستري.

 

----------

سڄوئي نوش ٿين جي تون ڇڏين نيش،*
سڀن جو خويش ٿين جي تون ڇڏين خويش.

             عزيز                        پاڻ، خود مطلبي

----------

ڀاڻ ماڻهوءَ کي ڏئي ٿو ڀاڻ پڻ حيوان جيئن،

 

پاڻ کي ڀانئڻ، خوط مطلبي، مغروري، ڦيري

ڀاڻ ڏس آهي ڪنو، پر پوک لاءِ آهي ڀلو.

ٻنيءَ جو

 

زبان آهي سڄڻ جي تـُـرڪي، آءٌ تـُـرڪي نٿو ڄاڻان،

ٻولي

چڱو هو جي زبان ان جي هجي ها وات منهنجي ۾.

              ڄڀ     

----------

هن دفعي ٻي طرح سان اک لڳي،
نه لڳي اک، جڏهن کان اک لڳي.

         ننڊ نه آئي                          اک اٽڪي

----------

نه توکي ترس ڪو اي شوخ، هيءَ ڪهڙي ٿي ترسائي،

               رحم                                  پارسائي

ذرو ڪي ترس، تنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ آءٌ پيو ترسان.

        پيهه                            سڪا

----------

جي سر جو خير گهرين، بيزبان رهه، منجهه صبر،
رکيئين زبان، تڏهن ٿي سسي، قلم جي قلم.

                                       ڪلڪ        وڍيل

----------

نه فقط لڀي اڄ نه بهرام گور.
لڀي ڪين بهرام جي پڻ ٿي گور.

                                                    قبر

----------

گهرين همدم جي ڪو، هڪ دم نه هڻ دم،

                                پل           پساهه

هنيئي جي دم، ته پوءِ ملندئي نه همدم.

                   ٻٽاڪ

----------

حضرت جي رزمگاهه ڏي هڪڙو کنيو قدم،
سر مـُـنهن پٽيندي نڪرندو اُن دم اسان جو دم.

                                     لحظي    ساهه

----------

رخصت جا وئي ملي، سو شگفته او گل ٿيو،

                                                گلاب جو گل

چيو ماءُ، هيءُ چراغ به اڄ منهنجو گل ٿيو.

                                        اُجهاڻل

----------

صاف هو خط جيسين، تيسين صاف هو خط جو جواب،

 ريهه ڏاڙهي جي                                   چٺي      

ٿو اچي خط هاڻ، شايد ان کي پڻ خط ٿو اچي.

                     چٺي                      ڏاڙهيءَ جي ريهه

----------

ڪين قاضيءَ جي قضا سان ڪڏهن قضا ٿيندي قضا

 

                          فتويٰ     خدا جو حڪم     ٽري ويندي

قاضي قضيه خور يا! مفتي ٿيا پڻ مفت خور.
 

----------

ڏسي ايءَ قد ۽ قامت ان جي پياري،

 

                قد

مـُـلي حيرت مان قد قامت وساري.

                         نماز جي تڪبير

----------

مٽي ٿي زر ٿئي اڪسير سان قناعت جي،
سمهين جي پٽ ٿي، ته ٿي پئي سو بسترو پٽ جو.

         زمين                        ريشم

----------

مرد جي آهي پردو عورت جو،

                                   زال 

ستر عورت جو مرد جي ٿي زال.

        اوگهڙ

----------

جانور کي وجهي ٿو بند ۾ دام،

                                                  ڦاهي

وجهي ماڻهوءَ کي دام ۾ ٿو دام.

                                            ڦاهيءَ                           پئسو

رباعي

هر دين ۽ ملڪ تنهنجو ٿيو ۽ هر نام
تڏهن توکي چون ڇو نه هري ۽ هر نام،
جڳ رام ٿيو تنهنجو، اي رحمان رحيم

                تابع   

دل کي اچي رام رام مان تڏهن آرام.

                            هندن جو خدا

(3) تجنيس ناقص: هن کي تجنيس محرف به چون. هيءَ صورت تجنيس تام جهڙي آهي، ليڪن حرفن جي حرڪتن يعني زير، زبر، پيش يا حرف علتن ۾ مختلف آهي. مثال هيٺ ڏجي ٿو:

دينَ پاڙئون پٽي ڇڏي ٿو دَين،

 قرض

دين واري کي چـِـين ۾ به نه چـَـين.

         ملڪ

آرام


* نوش ۽ نيش تنجيس زائد آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org