قطعو
صراحيءَ کي هڪ رات هيئن شمع چيو،
ته محفل جو سينگار آهين تون دوست.
سرفراز ٿي ڇو پيالي اڳيان،
ڪري سجدا، پنهنجي گسائين تون پوست.
صراحيءَ چيس ڇو پڌرو ڪين ٿئي،
″تواضع
ز گردن فرازان نڪوست″.
----------
گهڻي ڪئي ننڊ اوهان هاڻي، ڇڏيو غفلت اٿي جاڳو،
″وڳر
ويئڙا وهي″
چيو شاهه گهرجي هاڻ بيداري.
اندر
سينگاريو، ٻاهر کي ڇڏي ڏيو، جيئن چوي
″سعدي″،
″سچو
درويش ٿي، ٽوپي هجي مر تنهنجي تاتاري″.
چيو ٻئي هنڌ اٿس پڻ ظاهر ۽ باطن جي خوبيءَ لاءِ،
″اچي
ڪم اسپ لاغر جنگ ۾، نا گاؤ پر واري″.
حاجت بڪلاهه- تتري داشتن نيست،
درويش صفات باش، ڪلاهه- تتري دار.
اسپ لاغر ميان بڪار آيد، روز ميدان نه گاو پر
واري.
(18) صنعت منقوط:
جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم اچن، جن جا سڀ حرف نقطن وارا
هجن. مثال:
چـِـڙ تي چپ ڀيڙين، چش تي چپ چٽين،
ڄڀ تني جي ٿي ڄڀي، ڏنجهين ڏنڀين.
(19) صنعت غير منقوط:
هن کي
″مهمله″
يا
″عاطله″
يا
″مجرد″
به چون. انهيءَ ۾ اهڙا لفظ ڪم اچن ٿا، جن جي حرفن
مان ڪنهن تي به نقطو ڪونه هجي.
رباعي
(عماد الملڪ جي تعريف ۾)
عالم ۾ ڪمال عالم ۾ عامل آهه،
۽ حلم ۾ هر طرح اهو حامل آهه،
حاڪم اهو اصل راحم ۽ عادل آهه،
هر علم ۾ گوهر ۽ سدا ڪامل آهه.
غزل بي نقطه
″ديوان
فاضل″
مان
دلاور دلا رام دلـــــــــــــــــــــــدار لاءِ،
سدا سڪ، مَ رَسُ، راس رهه، رَسُ رساءِ،
مَ ڪر حرص، هورا، مهوس مَ هو،
طمع رک مَ طامع، گدا گهر گـُـساءِ.
سکر سال سالڪ همه حال رهه،
اکر علم وارو، عمل ڪر الاءِ.
گدا سر سدا ڪر ڪرم ڪامگار،
سگهو واءُ ڪو وصل وارو وراءِ.
مڪمل اهو مهملو ڪهه ڪلام،
اکر مهملا هر طرح لک هلاءِ.
اها رسم
″فاضل″
محال آهي مام،
حسد ڪار حاسد هوَس هاءِ هاءَ.
اگر محو دل آهه دلدار لاءِ،
اها ساهه لئي سڪ سدا مرسهاءِ.
همه حال هموار هورڪ مرهه،
مدا راءِ ۽ مهر هردم هلاءِ.
م ڪر مور دل ڪو مدو ڪار ڪم،
مدو حرص معدوم ڪر هاءِ هاءِ.
مَ سهه سور ڪر ڪو الله در سوال،
الا اهک وارو مَ وارو وراءِ.
سمورا سکر لعل ۽ دُر لهه،
اکر مهملا ڪل ڪمالئو ڪماءِ.
سمر سار هيل وهم
″قاسم″ مَ ڪر،
سکر سال سالڪ وئا واءِ واءِ.
(20) صنعت فوق النقاط:
جڏهن مٿين سڀني حرفن جي مٿان نقطا هجن ۽ انهن جي هيٺان ڪونه
هجن. مثال:
انسان لاءِ آهي ضفقت ڪرڻ ضرور،
ڏس خلق ظلم سان نه رکڻ خوش وڏو قصور.
(21) صنعت تحت النقاط:
جڏهن اکرن جي هيٺان نقطا هجن، مثان ڪونه هجي.
مثال:
ٻاجهه ۽ ڀلائي آهي، ڍڪي جڳ ۾ ٻئي جا عيب،
ٻئي جا جو عيب ڳولي ڪڍي، سو ڪري ڪلور.
(22) صنعت رقطا:
لفظ معنيٰ اَبلق يعني ڪاري تي اڇا چـِـٽا يا
اصطلاح موجب اهو ڪلام جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم اچن جن
مان واري سان هڪڙو اکر نقطن وارو هجي ۽ هڪڙو بي
نقطي يا خالي. مثال:
نه وڃ ڪنهن وٽ، ڪڏهن سڏ ري مٺا تون،
پلج ايءَ ويڪ پاڻان، ڪج حيا تون.
(23) صنعت خيفا:
لفظي معنيٰ هڪڙي اک جو ڪارو ۽ ٻيءَ جو اڇو هئڻ ۽
اصطلاح ۾ اهو ڪلام جنهن ۾ هڪڙو لفظ نقطن وارن اکرن
مان جڙيل هجي ۽ ٻيو خالي اکرن مان. مثال:
حلم بخشش اصل ٿي الله جي،
علم زينت دائما جڳ لاءِ ٿي.
(24) صنعت متصل:
هن کي
″موُصل″
به چون. انهيءَ ۾ اهڙن اکرن وارا لفظ ڪم اچن ٿا،
جي پاڻ ۾ گڏي لکي ٿا سگهجن. مثال:
سمجهه ته منجهه جڳ جي غمن عشق سخت،
سک نه سمهي، جنهن جي پٺي ٿئي نه بخت.
سمجهتمنجهجڳجيغمنعشقسخت،
سکنسمهيجنهنجيپٺيٿئينبخت.
(25) صنعت منفصل:
هن کي
″مقطع″
به چون. هن ۾ اهڙن اکرن وارا لفظ ڪم اچن ٿا، جي
هميشه ڌار ڌار لکبا آهن ۽ گڏي لکي نه سگهبا. مثال:
زور زر آزار ري اوزار آهه،
زور زر ذرڙو وڏو آڌار آهه.
(26) صنعت حذف:
جڏهن ڪو هڪڙو خاص اکر خصوصا ڪو حرف علت حذف ڪري
ڇڏجي ۽ اصل ڪم نه آڻجي. مثال:
(1) هن بيت ۾
″واو″
جو اکر ڪونهي:
رسم سهڻي ٿي سخين جي، ڪين هرگز فخر ڪن،
ٿا سخا ڪن سي ڪڪر جان، شرم کان پاڻي ٿين.
(2) هن بيت ۾
″الف″
حذف ڪيو ويو آهي:
هو جڏهن عربن جي وچ ۾ چؤ طرف جهيڙو جنگ،
ليليٰ ۽ مجنونءَ جي وچ ۾، صلح تڏهن هو نسنگ.
(3) هن بيت ۾
″ي″
حذف آهي:
علم مان روشن رهن هر دو جهان،
ڏس ته سو رهبر به ۽ رهزن به ٿئي.
(27) صنعت واصل الشفتين:
جنهن ۾ اهڙا اکر ڪم آيل آهن، جن جي پڙهڻ سان چپ چپن سان ٿا
لڳن. مثال:
رباعي
ڀنڀور ۾ هئا ٻه ڀاءُ، ڀنڀو ۽ ڦٻيو،
پـَـٻ ٻنهي جا هئا چٻا، مٿي منجهه ٻقو،
ٻوڙا ٻئي، ڦـُـڙت ٻئي، ٻه پيرا ٻـِـلا،
ڀـَـڀ پڻ بم وانگي، وات ٻنهي جو چٻو.
(28) صنعت واسع لشفتين:
جنهن ۾ اهڙا اکر ڪم آيل هجن، جن جي پڙهڻ مان چپ
چپن سان نه لڳن.
نه ٿئي ڇو هتان گذر تنهنجو،
ڪهڙو گهر آهي جو نه گهر تنهنجو.
----------
توکي آزار رسي جڳ کان، ته ناهي ڪو عار،
ڪر تون ڪوشش ته رسي توکان نه جڳ کي آزار.
----------
″اَرني″
۽
″لن
تراني″
ٿيو ناز ۽ نياز،
عاشق سچي جي لاءِ ٿيا هي الاهي راز.
(29) صنعت مدور:
اهو شعر جو چوگول ڦري سگهي يا جنهن پاسي کان
انهيءَ کي شروع ڪجي، انهيءَ کان پڙهي سگهجي يا
جنهن جا لفظ هڪڙي ساڳئي حرف سان شروع ٿين ۽ گول
لکي سگهجن. هي ٻارن جي راند يا مشغوليءَ لاءِ آهي.
مثال:

رات ساري ڪنهن سڄڻ جي هر گهڙيءَ
هئي مون کي سار،
راس ڪم منهنجو ٿيو، ٿيو منهنجو جڏهن حال زار،
راز پنهنجو ان سليو مون کي، ٿي منهنجي دل بهار
راهه حق جي سو وٺي، جنهن کي محبت تن ۾ يار.
اهو هيئن لکي ٿو سگهجي:

(30) صنعت مربع:
اهو شعر، جو چورس جي چئني پاسن کان، يعني ڊگهائي
يا ويڪرائي کان هڪجهڙو پڙهي سگهجي. مثال:
الاهي |
ڪرم ڪر |
اسان تي |
ڪريما |
ڪرم ڪر |
اسان تي |
سدائين |
حليما |
اسان تي |
سدائين |
رحم ڪر |
رحيما |
ڪريما |
حليما |
رحيما |
ڪريما |
ُوزن: فعولن، فعولن، فعولن، فعولن |
دلبر جي |
دردن ۾ |
آهيان نـِـت |
بيمار آءٌ |
دردن ۾ |
آهيان نـِـت |
بيمار آءٌ |
بيدار آءٌ |
آهيان نـِـت |
بيمار آءٌ |
بيدار آءٌ |
بي يار آءٌ |
بيمار آءٌ |
بيدار آءٌ |
بي يار آءٌ |
غمخوار آءٌ |
ُوزن: مفعولن، مفعولن، مفعولن، مفعولن |
(31) صنعت مڪرر:
جڏهن ساڳيو لفظ ٻه يا وڌيڪ ڀيرا وري وري آڻجي.
مثال:
نيڪي ڪري جو، تنهن کي ملي نت جزا جزا،
جيڪو بدي ڪري، سو ڏسي نت سزا سزا.
----------
هنئين ڪيڪين، پڻ ڪي ڪين ٿيندين،
هاڻ ٿي ڪيڪين،
له جي ڪيڪين ٿيندين، آهين تون ڪيڪين کان ابتر.
----------
ماڻا ڪري نه مار سڄڻ تون ذري ذري
پاڻان نه ڪر مون کي تون پيارا پري پري.
ُ]سارو غزل آهي[
ترڪ لذت جي جي تون لذت وٺين
نفس جي لذت کي لذت ڪيئن سڏين.
----------
ڇڏ تون مطلب ته پورو ٿئي مطلب،
ٿئي ٿو مطلب به پردو مطلب جو.
----------
گهڻو ئي آهي ڪتي يار جي ۽ مون ۾ فرق،
هو يار جو ڪتو، آءٌ ان ڪتي جو آهيان ڪتو.
----------
مينهن ٿو آءٌ قطرو قطرو وسايان اکين منجهان،
توبهه سان خطرو خطرو ڇڏي منهنجي جان تن،
هن قطري قطري قطري مان ڌوپن ٿا سڀ گناهه،
هن خطري خطري خطري مان ٿا ڏوهه گڏ ٿين.
----------
گڏ ڪر تون داڻو داڻو، ٿيون ڪن جيئن ڪ ڪيوليون،
گڏ ڪر ڦڙو ڦڙو ڪري تون، جيئن مکيون ٿيون ڪن،
هو داڻو داڻو داڻو، مڙي گڏ ٿين خرار،
هي ٿي ڦڙو ڦڙو ڦڙو، ماکيءَ جا مٽ ٿين.
رباعي
جي تنهنجي عبادت به سقيم آهي سقيم،
جي تنهنجو گناهه پڻ عظيم آهي عظيم،
جي تنهنجي سزا ادا حجيم آهي حجيم،
اميد نه ڇڏ خدا ڪريم آهي ڪريم.
رباعي
جر ٿر آءٌ ٿڪس، يار کي ڳولي ڳولي،
ان لاءِ ڇڏيم ڇپر کي، ڇولي ڇولي،
هاتف چيو هو ته تو ۾ ٻولي ٻولي،
توکي وڏو ڇو ڀـُـلائي ڀولي ڀولي.
رباعي
ڪيئن ٿي سگهي عبد کان عبادت تنهنجي،
فضل ۽ ڪرم ۽ عطا ٿي عادت تنهنجي،
صحرا صحرا گناهه ٿيا منهنجا اگرچ،
دريا دريا مگر ٿي رحمت تنهنجي.
مثنوي
زبان مان رسي انسان کي نفعو ۽ ضرر،
زبان مان ئي اميد ۽ زبان مان ئي خطر.
زبان مان ئي ٿئي افتخار آدم جو،
زمان مان ئي ٿئي انتظار عالم جو.
زبان مان ئي ٿئي انسان نيڪ بخت مدام،
زبان مان ئي ٿئي سو خوار ۽ بدنام.
(32) صنعت عڪس:
هن کي
″تبديل″
به چون ٿا. هن ۾ اهڙا لفظ ڪم اچن ٿا، جي هڪڙي
مصراع ۾ سبتا ۽ ٻيءَ ۾ وري اهي ابتا يا اڳي پوءِ
ٿي اچن ٿا. مثال:
سهڻو تو جيهو، جيهو تو سهڻو،
ڪونهي ڪو ٻيو، ٻيو ڪو ڪونهي.
ُوزن: مفعول، فعل، مفاعلن، فاعل
ڳوليو مون گهڻو، گهڻو مون ڳوليو،
ڏسجي نه ڪٿي، ڪٿي نه ڏسجي.
----------
شراب آب بجا پي بهار جي مند ۾،
جو هو حرام حلال آهي، هي حلال حرام.
----------
ڪريان زماني جي ظلمن جا ڪهڙا ڪهڙا بيان،
زبان وار ٿي منهنجي، ۽ وار منهنجي زبان.
----------
دل ڌاريان، هميشه غم جي همدم جا آهه،
غم ڌاريان، هميشه دل جو جو ٿيو همدم.
(33) صنعت متنافر:
جنهن ۾ اهڙا لفظ هجن، جن جي پڙهڻ ۽ اچارڻ يا وري
چوڻ مان نفرت يا ڏکيائي معلوم ٿئي. مثال:
هر ڪنهن جي هٿ ۾ پنهنجي قسمت آهي،
پنهنجو بخت،
جي ڪنهن شيءِ جي ڪشش ڪوشش جي ڄاڻي ڪو ٿو راهه.
----------
ڀٽ پڳ ڪپين، ڀٽ پڳ ڪپين، ڀٽ پڳ ڪپين،
چؤ تون نه ڇو
هت ٿو رهين، ڇا جي تجارت ڇا ٿو ڪرين.
----------
نغارو چوي ٿو ته ڌيرڃ پڪڙ،
تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ تڪڙ.
----------
ٿا ڌڪڙ ۽ طبلا وڄڻ ۾ چون،
ته ڌڪ ڌڪ ٿا ڌڪ ڌڪ ٿا ڌڪ ڌڪ لڳن.
(34) صنعت متلائم:
متنافر جو ضد، جنهن ۾ لفظن پڙهڻ يا اچارڻ جي نهايت
نرمائي، هلڪائي ۽ سولائي هجي ۽ ڪابه ڏکيائي يا
اڳرائي يا نفرت معلوم نه ٿئي. مثال:
رنج مان ويو رسي دلدار، خدا خير ڪري،
درد ۾ دل ٿي گرفتار، خدا خير ڪري.
لک ڪيم آزيون نيازيون، نه مڃيئين ڪا منت،
ڪيئين اصل وصل کان انڪار، خدا خير ڪري!
جنهن کي سمجهيم ٿي سڄڻ، هاءِ ڦري ٿيو بدخواه،
ٿيو دلا رام دل آزار، خدا خير ڪري.
ُ]سارو
غزل[
(35) صنعت سليس:
اهو شعر جو تمام سليس لفظن ۾ هجي. مثال:
سچائي مور نه دنيا ۾ يار ڇڏ، جو اها،
ٻڍي جي لاءِ آهي لٺ، جوان لاءِ تلوار.
----------
نه چؤ ته ڪهڙي عمل کان نجات مون کي ملي،
ڪري ٿو فضل ته آهن بهانا ان کي گهڻا.
----------
باهه پاڻيءَ مان ورتي مون هيءَ مت،
نه ڪجي غير جنس سان صحبت.
(36) صنعت جزيل:
سليس جو ضد. اهو شعر جنهن ۾ ڏکيا يا ڳرا لفظ ڪم
آيل هجن. مثال:
جي نه پر پرواني جا، پڃري جي ڪنڊ ۾ ٿو رکان،
منهن مٿو پنهنجو آءٌ مک جان ٻن هٿن سان ٿو پٽيان.
----------
وڄ نا ڏسي زاهد جي پڳ، ٺڳجج نه وعظ ان جو ٻڌي،
گنبذ ۾ بي مغزيءَ جي ڪري، آواز اڪثر ٿئي گهڻو.
----------
جي عنقا آهين پکين ۾، ته ڪوه قاف نه ڇڏ،
سواءِ قاف جي، عنقا به ٿيو
″عنا″ ۽ رنج.
(37) صنعت ممتنع:
اهو شعر جو ڏسڻ ۾ آسان هجي، مگر انهيءَ جي معنيٰ
اونهي، پرانهين ۽ مشڪل هجي. مثا ل:
سلسلو اسباب جو عالم ۾ ڪيئن آهي ڳنڍيل،
باغ ۾ ماکيءَ جي مک وئي، خون پرواني جو ٿيو.
(مطلب آهي ته دنيا ۾ هڪڙي ڳالهه جا ڪيترا ئي سبب
آهن. ڪي ويجها، ڪي پرانها، سڀ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.
مثلا: باغ ۾ ماکيءَ جي مک گلن تي ويهي ٿي ته اهو
به پرواني جي مرڻ جو هڪڙو سبب ٿو ٿئي، ڇا لاءِ جو
ماکيءَ جي مک ماکي ٿي ٺاهي ۽ ماکيءَ جي ماناري مان
ميڻ ٿي ٺهي ۽ ميڻ مان موم بتي ٿي ٺهي جا ٻري ٿي ۽
انهيءَ تي پروانا اچي گڏ ٿين ٿا ۽ منجهس پئي سڙي
مرن ٿا)
دل جي اک جي آهي روشن، جسمي اک بيسود آهي،
باغ ۾ بيدار آهيان، مثل نرگس جي عبث.
(يعني ظاهري اک سان ڏسڻ ڪنهن ڪم جو ناهي. دل جي اک
سان ڏسڻ ضروري آهي. ظاهري اکين سان ڏسڻ اهڙو آهي،
جهڙو نرگس جا گل باغ ۾، جي اکين سان مشابهه آهن ڄڻ
ته رات ڏينهن انهن جون اکيون پٽيون پيون آهن، پر
ڏسن ڪي به ڪين ٿيون)
(38) صنعت بديـھ يا ارتحال:
اهو شعر، جو هڪدم ڏسڻ يا ٻئي جي چوڻ تي، سواءِ
خيال ڪرڻ جي چئي ڏجي. مثال:
ڪمال اسماعيل مشهور شاعر. قتل ڪيو ويو هو، جنهن
مرڻ وقت في البديـھ هيءَ رباعي چئي، جا پنهنجي
وهيل رت مان آڱر سان پاسي واريءَ ڀت تي لکي:
رباعي
دل خون ٿي منهنجي، جانگدازي هيءَ آهه،
تو لاءِ مران، تنهنجي چاره سازي هيءَ آهه،
ان هوندي ڪريان صبر، ڪڇان ڪين ٿو آءٌ،
شايد تنهنجي نت بنده نوازي هيءَ آهه.
طغان شاهه ڍارن جي راند ڪندي ٽي ڇڪا گهريا ته ٽي
پؤن پيا، تنهن تي رنج ٿيو. ارزقي شاعر بروقت هيٺين
رباعي چئي جا مشهور آهي:
رباعي
اي شاهه! تو ڍارن کان گهريا ٽي ڇـَـڪا،
پر ڊپ کان اهي بدلجي ٽي پؤن ٿي پيا،
ٿيا ڇڪا ٽئي حڪم تي تنهنجي حاضر،
هيبت کان اهي زمين تي ٿيا اونڌا.
انهيءَ قسم جا بديـھ شعر ڪتابن ۾ تمام گهڻا آهن،
جي اسان ٻين هنڌن تي ڏنا آهن.
(39) صنعت رويـھ:
بديـھ جو ضد يعني اهو شعر جو خيال ۽ ويچار کان
پوءِ چوڻ ۾ اچي. اهڙي شعر جي مثال جو ضرور ڪونهي.
اڪثر شاعرن جو شعر اهڙو آهي. تڏهن به نموني لاءِ
ٻه مثال هتي ڏجن ٿا:
رباعي
اي دل تون قضا خدا جي تي ٿي راضي،
مستقبل تون وساري ڇڏ ۽ ماضي،
قسمت ۾ اٿئي هڪڙو ۽ تون ڳولين ڏهه،
ڏهه توکي ڪو ڏيندا، پاڻ ٿي تون قاضي.
قطعا
ماڻهو آهي هميشه اڄ جو پـُـٽ،
پوءِ ڪهڙو هجي به اڄ جو حال.
ڪالهه جو پٽ نه آهي ڪنهن ڪم جو،
گرچ ان وٽ هو ڪالهه ملڪ ۽ مال.
ڪهڙي هڻبي ٻٽاڪ مئلن تي،
جن مٿي ڪالهه آيو ڪاهي ڪال.
فخر ڪرڻ پاڻ تي نه ڏاڏي تي،
ماضي ڇڏ، حال وٺ ۽ استقبال.
(40) صنعت موقوف:
جڏهن هر مصراع جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو اهڙو لفظ اچي، جو
ٻيءَ مصراع سان لاڳو هجي ۽ انهيءَ کان سواءِ جملو
يا مضمون پورو نه ٿئي. مثال:
رباعي
منهن ۾ نه مشابـھ آهي ته ڪو توسان، سوا،
سج جي، جو اٿي صبح جو هر روز ٿو، تا
خدمت ڪري تنهنجي، پيرين پئي توکي، پر،
تون گوشو ڪرين، رکين نه ان جي پروا.
فصل ٻيو
صنايع معنوي
صنعت تشبيـھ:
لفظي معنيٰ مشابهت ڏيڻ يا مقابلو ڪرڻ ۽ اصطلاحي
معنيٰ آهي هڪڙي شيءِ کي ڪنهن ٻيءَ شيءِ سان ڪن
صفتن ۾ مقابلو ڪرڻ. جنهن شيءِ سان مقابلو ڪجي يا
مشابهت ڏجي، انهيءَ کي
″مشبـھ″
به ٿو چئجي ۽ جنهن کي مشابـھ ڪجي، انهيءَ کي به
″مشبـھ″
ٿو چئجي. جنهن صفت ۾ مشابـھ ڪجي انهيءَ کي
″وجـھ
تشبيـھ″
چئجي ۽ لفظ: وانگي يا جان يا جيئن وغيره جي مشابهت
ڏيڻ ۾ ڪم ايندا آهن. انهن کي
″حرف
تشبيـھ″
سڏبو آهي.
تشبيـھ ستن قسمن جي آهي:
(1) تشبيـھ مطلق:
جنهن ۾ هڪڙيءَ شيءِ کي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ ٻيءَ
سان مشابهه ڪجي ۽
″حرف
تشبيـھ″
ظاهر يا لڪل ڪم ۾ اچن. مثال:
ترار تنهنجي ۽ ڀالو، قلم جان دشمن جي،
سـِـسي وڍين ۽ چيرين ان جو سينو ٿا.
----------
ٿيو زلف تنهنجو جيم، الف نڪ ۽ ڀرون نـَـون،
عاشق نه غلط ڪن ٿا، جو توکي ٿا چون
″جان″.
----------
سروَ کي ٿا چون آزاد، جو ڦـَـرُ ڪونه ڪري،
سرو قد تنهنجي ته ڏس، ڪيا هي ٻه ڏاڙهون پيدا.
----------
عقل سان واٽ عشق جي ڳولڻ،
ڄڻ ته ڳولڻ آهي ڏِئي سان سج.
----------
شعر نڪري ٿو دل مان منهنجي ايئن،
نڪتو جيئن هو تنور مان طوفان.
(2) تشبيـھ مشروط:
جڏهن هڪڙيءَ شيءِ جي ٻيءَ سان ڪن شرطن هيٺ مشابهت
ڪجي ۽ چئجي ته هيءَ هن جهڙي آهي، بشرطيڪه هوءَ
هونءَ هجي. مثال:
چنڊ جهڙو آهين تون، جي چنڊ کي ٽوپي هجي،
سروَ جهڙو آهين تون، جي سروَ رکندو هوئي قبا.
----------
جيڪڏهن ڳالهائي ڪـِـولي، وار کي جي ساهه هوئي،
ڳالهائيندڙ آءٌ سا ڪـِـولي، ساهه وارو آءٌ سو وار.
(3) تشبيه الڪنايـھ:
يعني ڪنايـھ واري تشبيـھ، جنهن ۾ اشاري سان مشابهت
ڏجي ۽ حرف تشبيـھ ڪم ۾ نه اچي. مثال:
چنڊ چوڏهينءَ
جي تي ڪڏهن مـُـشڪ جي مـِـٽي وجهين،
يعني ڳلن تي يعني
سـُـرهو اٽو
سج ٻپهرن جي کي ڪڏهن برقعي جي ڪڪرن سان ڍڪين،
ڪڏهن کـِـلي لعلن ۽ هيرن سان بدخشان کي
لـَـٽين،
ڏندن
سان
ڪڏهن روئي موتين سان تون دريا کي شرمندو ڪرين.
هنجن
سان
----------
چيلهه ۽ رانن جو ان جي آءٌ ڪريان ڪهڙو بيان،
ڪنهن ڏٺو آهي جبل ڪو، ٿر ڪندو هڪ
وار مان.
رانون
چيلهه
تـِـر مٿان اک جي جو آهي تنهنجي، ڏسجي ٿو غلط،
سهو ڪاتب آهي ڪئي، جو عين تي نقطو ڏنئين.
اک
----------
شڪستو منهنجي نه دل کي ڪريو اي سنگدلو!
ڊڄو خدا کان، ڪريو ڪو خدا جي گهر جو لحاظ.
يعني دل
ُ]حديث موجب ڪعبو يا بيت الله[
(4) تشبيـھ التسويـھ:
يعني برابريءَ واري تشبيـھ، جنهن ۾ هڪڙي صفت
پنهنجي ۽ هڪڙي محبوب يا موصوف جي وٺي ۽ ٻنهي کي
ٽينءَ هڪڙي شيءِ سان مقابلو ڪري ۽ برابر ڄاڻي.
مثال:
نقطي دل پنهنجي مان، مون چيو
″وات تنهنجو جوڙيان آءٌ″،
چيئين کلي
″سگهندو جڙي ڪين، وات هڪ نقطي منجهان″.
وار جهڙي جسم پنهنجي مان چيم
″جوڙيان آءٌ چيلهه″،
چيئين کلي
″آهين
چريو، ڪيئن چيلهه جڙندي وار مان″
----------
آسماني چنڊ جان چمڪين ٿو تون،
آسماني چرخ جان آءٌ ٿو ڦران،
پر نياني نقش جان تون حسن ۾،
پر نياني تند جان آءٌ ضعف کان.
----------
منهنجي دل جان تنگ آهي تنهنجو وات،
بـُـت سنهو منهنجو ٿيو، تنهنجي چيلهه جان.
(5) تشبيـھ العڪس:
يا عڪس واري تشبيـھ، جنهن ۾ شاعر ٻن شين مان
هڪڙيءَ کي ٻيءَ سان ۽ وري انهيءَ کي پهرينءَ سان
مقابل يا مشابـھ ڪري. مثال:
گهوڙن جي سنبن سان ويا جبل پٽجي ۽ ٿيا غار،
ماڻهن جي مڙهن سان به ڀريا غار جبل ٿيا.
----------
ڌرتيءَ جان فلڪ خاڪ کان گهوڙن جي سيـھ فام،
مردن جي ڌڪن ڌرتي فلڪ جان ڪئي بي آرام.
----------
شام ڍڪي صبح جان پوشاڪ زرد،
صبح سينه پوش ٿيو شام جان.
(6) تشبيـھ الاضمار:
يا باطني تشبيـھ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ کي ٻيءَ سان
ظاهري طرح مشابه ڪجي ۽ انهيءَ ۾ ڪو عيب ڪڍجي يا
اعتراض آڻجي، مگر باطني طرح ائين ڪرڻ مان تعريف
جهڙو مدعا هجي. مثال:
چپ مٺا، نالو مٺو، پوءِ ڪيئن ڪڙا ٿيا تنهنجا ٻول،
نرم ۽ نازڪ بدن، پوءِ پهڻ ڪيئن ٿي تنهنجي دل!
رباعي
جي چنڊ ۽ شعاع شمع جو تو وٽ ٿيو،
گهٽجان ۽ ٻـَـران پوءِ، تڏهن آءٌ ڇو ٿو،
جي شمع تون آهين، ڇو ٻران پيو ٿو آءٌ،
جي چنڊ تون آهين، ڇو وڃان آءٌ گهٽبو.
----------
مست عاشق آءٌ، ڪيو مکڙيءَ گريبان چاڪ ڇو،
ٿيس ڪـُـٺل آءٌ، پوءِ ڇو لالا جو ٿيو خوني ڪفن.
(7) تشبيـھ التفصيل يا مغالطـھ:
جنهن ۾ پهرين هڪڙي شيءِ کي ٻيءَ سان
مشابهت ڏجي. پوءِ وري ڦري پاڻ کي غلط سمجهي ٻي
ڳالهه ڪري، جنهن مان اڳي کان به زياده صفت نڪري يا
بهتر تعريف نڪري. مثال:
قد ۾ سروَ ٿا چون هن کي،
شڪل ۾ چنڊ ٿا انهيءَ کي سڏين،
پر ڪمر سروَ ڪين ٻڌندو آهه،
چنڊ ٽوپي ڪڏهن ڍڪي ٿو ڪين.
----------
چنڊ چوڏهينءَ جو آهي تنهنجو مـُـنهن،
پر ڀـُـليس آءٌ ائين چيو مون غلط،
چنڊ ۾ داغ، مـُـنهن ۾ ٿـَـس ڇايون،
روشنائي منجهس ٿي تنهنجي فقط.
----------
سروَ کي ٿا سڏين يار جو قد،
پر اُهي سروَ اڻڇليل
″ڪاٺي″.
----------
سروَ جهڙو آهين، پر ٿي سروَ کي رفتار ڪانه،
چنڊ جهڙو آهين، پر ٿي چنڊ کي گفتار ڪانه.
----------
وات ان جي، جي مٿان آءٌ تر ڏسي ڀلجي ويس،
ڪونه ٿو ڪڏهن اکر تي ميم جي نقطو ڏئي.
----------
آهي وات گل جهڙو تنهنجو اي يار،
۽ مکڙين جان آهن ٻئي تنهنجا ڳل،
آهي وات گل، پر ٽڙيو ڪين اڃا،
آهن مکڙيون گل، پر سي آهن ٽڙيل.
2- صنعت استعاره:
لفظي معنيٰ اڌارو گهرڻ. اصطلاحي معنيٰ هيءَ آهي ته
ڪنهن لفظ جي حقيقي معنيٰ ڪڍي، اڌاري طرح ڪم آڻجي.
تشبيـھ ۽ استعاره ۾ هي فرق آهي ته تشبيـھ ۾ هڪڙي
شيءِ ٻي شيءِ جهڙي يا مشابـھ چوڻ ۾ ٿي اچي، جيئن
ته
″شينهن
جهڙو مڙس″
۽ استعاره ۾ مڙس کي خود شينهن چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ حرف
تشبيـھ جو ڪم ۾ ڪونه ٿو اچي. مثال:
″لطف جو پاڇو″ يتيمن جي مٿي تي تون پکيڙ،
″ستر
جي دامن″
به عيبن تي ٻين جي تون وڇاءِ.
----------
″نه
باهه حرص جي″
۽
″واءَ
هٺ جي″
سان ٿي مخول،
جو
″ماڙي
عـُـمر جي″
مٽيءَ جي آهي پاڻيءَ تي.
----------
″جهولي دنيا جي″
خلق کان خالي،
″پيٽ
ڌرتيءَ″
جو پڻ ڀريو نه اڃا (طاعون جي اثر کان)
----------
وڄ
هٿن ۾ اٿس، ڪڪر مـُـنهن تي،
يعني ترار سپر
چنڊ
مٿي تي ۽ چرخ ران جي هيٺ.
تاج
گهوڙو
----------
چنڊ يا مرجان
جي چنبي ڪڪر ڪاري مان ڪيئن موتي،
ميندي لڳل هٿ
وارن
ڦڙا پاڻيءَ جا
۽ ڪاري مشڪ جهڙي رات مان چنڊ نڪري ظاهر
ٿيو.
مٿي
جا وار
مـُـنهن
----------
چنڊ
نئون آڻي ڪرين چوڏهينءَ جي چنڊ کي ويجهو
تون،
آڱر
پيشاني
يا مـُـنهن
تڏهن ڇـُـڳا ڪيئي ڪـَـتين جا سج مان هڪدم
ٿا ٽـِـمن.
پگهر
جا ڦڙا
منهن
يا پيشاني
----------
رت وسي مينهن جان، جڏهن چمڪندي
شمشير جي برق،
رت ۾ ٻـُـڏندا اچن ٿا ڏسجن هتي فولاد ۾ غرق.
زره ڍڪيل پهلوان
----------
جسم تنهنجو آهي ٻيڙي ۽ هي جڳ آهي درياءُ،
عمر تنهنجي واءُ آهي ۽ تون سوداگر آهين.
----------
شڪستي دل کي نـِـت عيد آهي کائڻ ڇو
نه تڏهن گهرجي،
″مٺائي
نا اميديءَ″
جي ۽
″حلوو
نامراديءَ″
جو.
----------
سخن سج آهي جو اُڀري ٿو لهي،
اُلهندو ڪن اُڀرندو وات اُن جو.
----------
فلڪ جي خوان تي سج چنڊ ٻه مانيون،
انهن مان هڪڙي آهي گرم، ٻي سرد.
3- صنعت ڪنايـھ:
يعني اشارو ڏيڻ ۽ چٽو بيان نه ڪرڻ. مثال:
طبع ان جي کي سڏ قوت ۽ وات ان جي کي چؤ لذت،
انهيءَ جي اک کي سڏ لالا، انهيءَ جي مغز کي عنبر.
4- صنعت مجاز مرسل:
جڏهن استعاره وانگي ڪي لفظ غير معمولي معنيٰ سان
ڪم اچن، جيئن ته سبب جي جاءِ تي سبب وغيره. مثال:
عشق جو بحر هو ۽ عقل جي کاڻ،
شرع جي اک ۽ دين جي هو جان.
5- صنعت متضاد:
هن کي تضاد، طباق، تطبيق، مطابقـھ ۽ اخثيج به چون.
هن صنعت ۾ اهڙا لفظ ڪم ايندا آهن، جي هڪ ٻئي جا ضد
هوندا آهن. مثال:
عدل پڌرو سندس، ۽ ظلم ڳجهو،
جنگ ٿوري سندس ۽ صلح گهڻو.
----------
دوست سان آهي سرد پاڻيءَ جان،
باهه جان گرم آهي دشمن سان.
رباعي
ٿي آهي فنا ۽ فقر جنهن جي آئين،
ٿيو صحو نه محو تنهن کي ۽ شڪ نه يقين،
نا علم نه جـِـهل، نه حقيقت نه مجاز،
نا ڪشف نه اعجاز ۽ نا ڪفر نه دين.
قطعو
ڪڏهن راحت ٿي دنيا ۾، ڪڏهن رنج،
ڪڏهن ڏئي مفلسي ۽ ڏئي ڪڏهن گنج.
ڪڏهن بيداد هڪ جو، ٻئي جو ٿئي داد،
ڪڏهن بيمار هڪڙو، ٻيو رهي شاد.
6- صنعت مراعات نظير:
هن کي
″متناسب″
به چوندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ۽ اهڙو مضمون جو
اسباب آڻبو آهي، جنهن جو هڪ ٻئي سان واسطو رهندو
آهي ۽ جن جي وچ ۾ مناسبت هوندي آهي. مثال:
آهي ڪٿ آرام جي
″فرصت
گهڙي پل حال″
۾،
ٻيو
″زمانو″
آهي هت
″ماضي″
۽
″مستقبل″
مڙئي.
----------
″آب حيوان″ جي ڇڏي جنهن طمع، سو ئي
″خضر″
آهه،
نفس جي
″ظلمات″
مان جو نڪتو،
″اسڪندر″
اهو.
----------
نه
″باهه″ حرص جي ۽
″واءُ″ هٺ سان ٿي مخول،
جو ماڙي عـُـمر جي
″مٽيءَ″ جي آهي
″پاڻيءَ″ تي.
7- صنعت تجاهل العارف:
يعني پاڻ کي ڄاڻي ٻجهي نادان ۽ جاهل بنائڻ. هن ۾
شاعر ڪا ڳالهه پهرين چوي، پوءِ پاڻ کي غلط چوي يا
شڪ ڏيکاري يا غير واقفيت يا ناداني ظاهر ڪري. اڪثر
لفظ
″يا″،
″خواهه″،
″متان″،
″شايد″
۽
″مگر″
وغيره ڪم ايندا آهن. مثال:
موتي آهن پنن تي، يا ماڪ جا ڦڙا هي،
نڪري ٿو گل مان دونهون، ڪوهيرو آهي يا هي.
----------
هو گهوڙو، يا هو تير ڇٽو ڪنهن ڪمان مان،
هئي تيغ يا هئي بجلي، ڪـِـري آسمان مان.
----------
تيغ بردوش هو هڪ هڪ، يا کنيو بدر حلال،
گرچ نينگر هئا، رستم کي ٿي سمجهيو تن زال.
----------
تون پڇين ٿو مون کان، منهنجي ماه جي منزل ڪٿي،
منزل آهي دل ۾ ان جي، پر نه ڄاڻان دل ڪٿي.
----------
هي رات آهي، يا ٿي ڪڪرن جي اونداهه،
هي خواب آهي، يا خود حالت سچي آهه.
ُوزن: مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيل
----------
هي ڌرتي ٿو ڏسان، يا آهي اُڀ هي،
نه ڄاڻان ٿو، هو اُڀ آهي يا ڌرتي.
8- صنعت ايهام:
هن کي
″تخيل″
به چوندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ڪم اچن ٿا جن جا ٻه
مطلب هجن: هڪڙو ويجهو ٻيو پرانهون. ٻڌندڙ ويجهي
معنيٰ سمجهي پر شاعر جو مطلب پرانهون هجي. مثال:
ڪـِـرڙ
آهي متارو ۽ مضبوط،
وڻ به ۽ نالو به
ڏِس ته ڪهڙا نه ٿـَـس ٿلها ڏونرا.
ٻانهون ۽ ڪرڙ جو ڦر
----------
لازم آهي دال ڌارا ٻيو نه کاڌو کائي زال،
اکر ۽ کاڌي جي دال ذال
اکر ۽ عورت
گڏ اصل پيدا ٿيا ڄاڻن کٿابي تن جو حال.
----------
گذري وئي مـُـشڪ جان خطا ۾ سڀ عمر،
گناهه
به ۽ ولايت به
وارن ۾ سفيدي ۽ سياهي دل ۾.
----------
سڃو يا گهٽ نه چؤڪوريءَ کي، ٿيو جيئري قبر ۾ گرچ،
سندس ٿيو تاڃي پيٽو پـَـٽ، وٽس ترو
۽ اڌ لک ٿيو.
ڪورين
جو سامان ڪورين جو تـُـرو ڪورين جو
به
۽ چڱو پڻ به
۽
ڪلنگي اوزار ۽ ناڻو
----------
منجهه تصوف ٻير وانگي ڪاملن سان ڳنڍ رک،
ڏس ته ڪيئن پيوند سان سنڌي به
صوفي ٿيو پوي.
ڳنڍ
به ۽ قلم به ماڻهو به ٻير به درويش به ۽ ٻير
به
----------
غرق رت ۾ اهو مصحف جيهو رخ سارو هو،
عضوو هر هڪ تنهن پـُـر نـُـور جو سي پارو
هو.
ٽيهه ٽڪر به ۽ قرآن جو جزو به
----------
خلوت ۾ رک تون دل ڀلي، قرآن وانگي
″جمع″،
نازل ٿين انجمن ۾ ته سي پارا ٿي تون پؤ.
جمع جو ضد به ۽ قرآن جا جزا به
----------
سڳن ڀائن ۾ ٿئي اخلاق جو فرق،
ڪنڊو ۽ گل ٻئي هڪ ماءُ جا پٽ.
نالا ماڻهن جا به ۽ وڻ جا ڀاڱا به
----------
جڏهن کان پيئي مون کي ملڪ نيم شب جي خبر،
تڏهن کان وسري مون کي ملڪ نيم روز ويو.
ملڪ جو نالو به ۽ ٻه پهر به
----------
زلف جي اوندهه کان نڪري منهن ان جي جو وٺ،
واسطا وٺ، اي گنجا عاشق، خدا جا اسم وار.
وارڻ مان امر به ۽ وار به
----------
خط وڌيو پڻ زلف ۽ ڪاڪل وڌيا گيسو وڌيا،
حسن جي سرڪار ۾ جيڪي وڌيا، هندو وڌيا.
هندو ماڻهو به ۽ ڪاري رنگ جون شيون به
9- صنعت لف و نشر:
لفظي معنيٰ ويڙهڻ، وري کولي پکيڙڻ. اصطلحي معنيٰ
موجب پهرين ڪي شيون گڏ آڻڻ ۽ پوءِ انهن کي ڌار
ڪرڻ. مثال:
دوست دشمن تنهنجي جا ڏينهن رات جان ۽ دل هجن،
وعدي ۽ دڙڪي کان شل هي نور ۾ هو نار ۾.
قطعو
آدمي آهي مرڪب، هڪ معجون خوب،
ٿيو بناوت ۾ مليل، ان جي مـَـلڪ ۽ جانور،
جي ڪري او قصد هن جو، ٿئي چڙهي ان کان مٿي،
۽ ڪري جي ميل هن جو، ٿئي لهي هن کان بتر.
11- جمع، تفريق ۽ تقسيم: هي سڀ گڏ به اچي سگهن ٿا
۽ هر هڪ جدا يا مفرد به اچي سگهي ٿو. صنعت ۾ جڏهن
شاعر ٻه يا وڌيڪ شيون هڪڙي صفت ۾ آڻي گڏ ڪري، تڏهن
انهيءَ کي
″جمع
مفرد″
يا
″جامع″
سڏيندا آهن. مثال:
عاشق آهي توتي مون جيئن آسمان،
ان سبب مون وانگي آهي بيقرار.
----------
چنڊ آهي يار جي منهن جهڙو ڪڏهن، يعني بدر،
۽ ڪڏهن مون وانگي ڪـُـٻڙو آهي اُو، يعني هلال.
----------
سڀ ٿيو آسان منهنجي لاءِ اڄ،
ڏيتي ليتي، نيڪ بد ۽ بيش ڪم.
2- تفريق مفرد:
جڏهن شاعر بيت ۾ ٻه شيون ڌار ڌار آڻي ۽ انهن کي گڏ
نه ڪري. مثال:
نه ڪـَـڪر تو جيهو سخا ۾ ٿيو،
ٿو ڪـَـڪر ڪو ڀلا وسائي زر،
هـُـن مان پاڻي ٿو ٽمي ۽ هن مان رت،
منهنجيون پنبڻيون ڪٿ ۽ ڪٿ وسندڙ ڪڪر.
3- تقسيم مفرد:
جڏهن شاعر ٻن يا زياده شين کي بيت ۾ ورهائي ۽ هر
هڪ ورهاڱي جي ترتيب هڪڙي قاعدي تي رکيو اچي. مثال:
عجب دلربا جا ڳل ۽ ڄڀ ۽ پڻ زلف،
هڪ آهي گل، ٻيو سوسن، ٽيون عنبر.
----------
تنهنجا دشمن مـُـٺا ٿيا شڪستا سدا،
يا ڪـُـٺا يا ڀڳا يا ٻـَـڌا، قيد ٿيا.
----------
يڪسو ٿيڻ اي شيخ گهرون، آءٌ ۽ تون ٻئي،
محراب ڏي تون ۽ ڀرون يار جي ڏي آءٌ.
عبدالواسع جبليءَ جي قصيدي جو ترجمو
پکيڙيو عدل ملڪن ۾ اسان جي بادشـھ پياري،
تـِـتر، ڇيلو، هرڻ، ڪوئو ٿو دشمن کان نه ڊپ ڌاري.
سنگت ۾ باز جي پهريون، بگهڙ جو يار آهي ٻيو،
چـَـري چيٽي
سان گڏ ٿو ٽيون، ٻليءَ سان چوٿون گڏ گهاري.
بهادر بادشـھ سنجر، رکي نـِـت خوش رعيت کي،
دماغ ۽ دل ۽ پيشاني ۽ مـُـنهن جنهن جو ٿو ڏيکاري.
صلح ۽ سانت سـُـک پهريون، سياڻپ ۽ ڀلائي ٻيو،
چڱو طالع ۽ دولت ٽيون ۽ چوٿون خلق سو واري.
ٿيو هٿ ان جو
منجهه بخشش، هٿيار ان جو به منجهه ڪوشش،
قلم ان جو مـُـئا جياري، علم ان جو جگر
ڏاري.
رسائي فيض ٿو پهريون، ڪنبائي دشمن کي ٻيو،
هلائي حڪم جڳ ۾ ٽيو ۽ چوٿون فتح کي ساري.
ُ]سارو قصيدو[
4- جمع تفريق:
جڏهن شاعر ٻه شيون گڏ آڻي، ٻنهي کي هڪڙيءَ شيءِ
سان مشابهت ڪري ۽ پوءِ انهن کي ٻه مخالف صفتون
ڏيئي ڌار ڌار ڪري. مثال:
پيلي گلاب مان ٻئي جڙيا آهيون، آءٌ ۽ تون،
آءٌ ان جي رنگ مان آهيان، تون ان جي بوءِ مان.
----------
خبر سموري حلال ۽ حرام جي ٿو رکان،
شراب توسان حلال آهي، پاڻي تو ري حرام.
5- جمع ۽ تقسيم:
جڏهن شاعر بيت ۾ پهرين ڪي شيون هڪڙي معنيٰ ۾ گڏ
آڻي ۽ پوءِ انهن کي ورهائي ڌار ڪري. مثال:
ٻن شين کي ئي ضرورت، ٻن شين جي اصل کان،
علم کي گهرجي عمل، حڪمت کي گهرجي تجربو.
6- جمع، تفريق ۽ تقسيم:
جڏهن هي ٽيئي گڏ ڪم آڻجن، هيءَ صورت البت مشڪل
آهي. مثال:
بند آهين تون، ۽ تنهنجو بندو آءٌ پڻ بند ۾،
بند تنهنجو ٿيو عيان ۽ بند منهنجو ٿيو نهان،
بند تنهنجو آهي لوهه، بند منهنجو آهي غم،
بند تنهنجا پير ۽ هٿ، بند منهنجي آهي جان.
11- صنعت مجتمل الضدين:
هن کي
″توجيـھ″
يا
″موجـھ″
يا
″ذوالوجهين″
به چوندا آهن. هن ۾ شاعر لفظ آڻيندو، جن مان تعريف
به معلوم ٿي سگهي ۽ گلا به، يعني جن مان ضد صفتون
نڪرن. مثال:
روشني تنهنجي منهن کان ٿئي اوندهه،
باغ تنهنجي قدم کان ٿي پئي باهه.
(هن ۾ فعل جو فاعل ۽ مفعول هڪڙو يا ٻيو ٿي سگهي ٿو
۽ ان موجب معنيٰ خراب يا چڱي ٿي سگهي)
12- صنعت مدح و ذم:
يعني تعريف ۽ گلا. هن جون ٻه صورتون آهن:
″مدح
ڪالذم″
جنهن ۾ تعريف گلا جهڙي هجي ۽ ٻي
″ذم
ڪالمدح″
جنهن ۾ گلا تعريف جهڙي هجي. هن صنعت ۾ شاعر ڪا
ڳالهه تاڪيد سان ڪري ۽ پهرين تعريف يا گلا معلوم
ٿئي، پر سگهوئي پڇاڙيءَ ۾ انهن جي برخلاف معلوم
ٿئي. هن ۾ لفظ: پر، مگر، ليڪن ۽ سوا وغيره ڪم
ايندا آهن. مثال:
زلف ڏنگا، مگر سنئون ٿس قد،
بت سگهو ٿس، مگر اکيون بيمار،
آهي عادل مگر سخا جي ڪري،
ٿيو خزاني تي پنهنجي ظلم شعار.
----------
نشان ڪوبه زماني ۾ ناهي آدم جو،
هزار ورهه لنگهي ويا، جو ويو مري آدم.
حضرت آدم ۽ سچو انسان به
----------
جنهن تي نالو تنهنجو پيو، دنيا ۾ عزت ان لڌي،
پر نه رپيا جي ٿيا هٿ تنهنجي ۾ خوار ۽
خراب.
يا سڪا
----------
هـُـما جي پاڇي ۾ دشمن سدائين تنهنجو رهي،
مٿي انهيءَ جي جون کائين هڏيون جو ڪاهي اچي.
----------
وڃ تون دولتمند وٽ فقط قضا حاجت جي لاءِ،
گهرج لاهڻ به ۽ ٽورو ڪرڻ به
گهر تونگر جو حقيقت آهي هڪڙو جا ضرور.
گهرج ملڻ جي جاءِ به ۽ ڪاڪوس به
----------
چيم سڄڻ کي نه ويهه سان رقيب ڪار منهين،
چيائين مرڪي ته هو پڻ مون کي چوي ٿو ائين.
قطعو
ٻه هيون هڪڙي شخص جون زالون،
هڪڙي نالي سڀائي ۽ ٻي کاتون.
ماڻهو هڪ، هڪ دفعي وٽس آيو،
هيون ٽـِـڪيون ات رکيل مٺائيءَ جون.
هن مٺائيءَ جي ڪئي صلاح ان کي،
هن چيو آهي بک ڪڍي اڄ مون.
جي گهرين ٿو مون کي تون کارائڻ،
ته سڀائي مون کي ڏي يا کاتون.
سڀ به ۽ زال جو نالو به تون کاءُ به ۽ زال جو نالو
به
13- صنعت ادماج:
لفظي معنيٰ ليٽڻ، اصطلاحي معنيٰ موجب اهو ڪلام
جنهن مان ٻه مطلب نڪرن، پوءِ تعريف هجي يا گلا.
مثال:
زبان آهي سڄڻ جي تـُـرڪي، تـُـرڪي آءٌ نٿو ڄاڻان،
چڱو هو جي زبان ان جي هجي ها وات منهنجي ۾.
ٻولي به ۽ ڄڀ به
14- صنعت تجريد:
لفظي معنيٰ اگهاڙو يا ڇڙهو ڪرڻ، اصطلاحي معنيٰ
موجب ڪنهن صفت واري هڪڙي شيءِ مان ٻي شيءِ پيدا
ڪرڻ. مطلب پهرين شيءِ جي صفت جو هجي، پوءِ اها
تعريف هجي يا گلا. اڪثر غزل جي پڇاڙيءَ ۾ تخلص
ضمير غائب ۾ آڻي ۽ مٿي ضمير متڪلم ڪم آڻيندو آيو
هجي. مثال:
جنهن کي سمجهيم ٿي سڄڻ، هاءِ ڦري ٿيو بدخواهه،
دوست ٿيو دشمن خونخوار، خدا خير ڪري،
بيڪسيءَ کان آهي حيران پريشان
″قليچ″،
سڀ ويس چارا، ٿيو لاچار، خدا خير ڪري!
15- صنعت اشتباع:
لفظي معنيٰ موجب هڪڙو ٻئي جي پٺيان آڻڻ. اصطلاحي
معنيٰ موجب اهڙي طرح ڪجي جو انهيءَ مان ٻي تعريف
به معلوم ٿي سگهي نه گلا. مثال:
باهه کان ڪاوڙ جي تنهنجي، جڳ سڙي
هوند خاڪ ٿئي،
مهر جو جي بحر تنهنجو، هوئي نه هردم موجزن.
16- صنعت هزل ڪالجد:
اهڙو ڪلام جو ظاهري چرچو هجي، پر باطني انهيءَ مان
ڪا ضروري يا نصيحت جهڙي ڳالهه نڪري. مثال:
قحبـھ
دنيا جي ائين صحبت کان ڀڄو،
ڪسبياڻي
آتشڪ
ان جي جهنم کان ڊڄو.
پرميل جو مرض
ُوزن: فاعلاتن، فعلاتن، فعلات
----------
اي پـِـسر! تون نه پـُـٽ پدر
جو ٿي،
پيءُ جو پٽ نه ٿي يعني رڳو اصل نسل تي نه ڀاڙ
ڇڏ پدر کي، تون پـُـٽ هنر جو ٿي.
----------
ڊاک جي ڌيءُ
سان رات ڪيو مون نڪاح.
يعني شراب
ڏيڻو پيو هوش، عقل منجهه ڪابين.
17- صنعت التفات:
هن ۾ شاعر هڪڙي ضمير مان ڦري اوچتو ٻيو ضمير وٺي،
جيئن غائب مان ڦري حاضر وٺي. مثال:
ٿي تيغ سان فراق جي عاشق جي دل ڦٽيل،
اي صبر، ٿئين فراق جي لاءِ تون عجب زرهه.
----------
نيڪي گهـُـرجئي ڪرڻ جهان ۾ نـِـت،
ڇاهي بهتر هتي ٻيو نيڪيءَ کان.
18- صنعت مدح موجـھ:
جنهن ۾ شاعر اهڙي هڪڙي صفت يا حقيقت آڻي، جنهن مان
ٻه صفتون يا حقيقتون پيدا ٿين ۽ جنهن جي تعريف
ڪرڻي هجي، تنهن جي ٻن طرحن سان تعريف ٿئي. مثال:
ڪري دشمن سان ڪار تنهنجي ترار،
جا ڪري گنج سان ٿي تنهنجي سخا،
نانءَ تنهنجي سان ٻٽ رهي تعريف،
تنهنجي دشمن جي نانءَ ساڻ گلا.
19- صنعت رجوع:
جڏهن شاعر ڪا ڳالهه ڪري، پوءِ اوچتو ڦري ٻي مخالف
ڳالهه ڪري، ڄڻ ته پهرين غلط ڪئي هئائين. مثال:
وڌو هن درد، دل منهنجيءَ کي ڊاهي،
غلط چيو مون، جو مون کي ناهي ڪا دل.
20- صنعت استدراڪ:
هن ۾ شاعر اهڙا لفظ ڪم آڻي، جي ماڻهو سمجهن ته
هجوَ يا گلا آهي، پر پوءِ جيڪي چوي تنهن مان تعريف
معلوم ٿئي. مثال:
نٿو گهران ته رهي جڳ ۾ تنهنجو ڪوئي نشان،
گهران اِهو ٿو ته جڳ ۾ رهين نشان ٿي تون.
21- صنعت تفسير:
هن کي
″تبيين″
به چون. جڏهن ڪو شاعر پهريون ڪو مبهم لفظ آڻي،
جنهن جي تفسير يا بيان ڪرڻ جو ضرور ٿئي. تفسير ٻن
قسمن آهن: هڪڙو جلي ۽ ٻيو خفي.
تفسير جلي اُهو آهي، جنهن ۾ اهو ساڳيو لفظ وري
آڻي، انهيءَ جو تفسير ڪجي.
قطعو
جيسين برپا هوئي زمانو، پيو ڪري هت تيسين شاهه،
يا ٻـَـڌي پيو يا پيو کولي، يا وٺي پيو يا ڏئي.
ڇا ٻـَـڌي دشمن جا هٿ ۽ کولي ڇا، ڪوٽ ۽ قلعا،
ڇا وٺي دشمن کان ملڪ ڇا ڏئي زر خلق کي.
يا سک
قطعو
حال مال ۽ سال فال ۽ اصل نسل ۽ تخت بخت،
نت هجن اي شاهه توسان، هي اٺ ئي شل سازڪار،.
حال عمدو، مال بيحد، سال سؤکو، فال نيڪ،
اصل قائم، نسل باقي، تخت عالي، بخت يار.
تفسير خفي اهو آهي جنهن ۾ مبهم لفظن جي تفسير ڪرڻ
۾ اهي ساڳيا لفظ وري آندا وڃن ۽ ائين ئي مبهم يا
لڪل ڇڏي ڏجن.
قطعو
نه لڀندو تو جيهو دنيا ۾ ٻيو ڪوئي معشوق،
نه مون جيهو ڪوئي عاشق، رقيب جهڙو عدو،
جهان ۾ ڪوئي ماڻهو اسان ٽنهي وانگي،
نه رهندو حسن ۽ عشق ۽ نڀاڳ ۾ يڪسو.
22- صنعت مزدوح:
هن کي ڪي
″تضمين″
به چوندا آهن. هن ۾ ٻه يا زياده لفظ، هموزن ۽
قافييدار بيتن جي مصراعن ۾ ڪم اچن ٿا. مثال:
سوهڻي صورت، موهڻي مورت، جي ڪري
معروف ٿئين،
حسن خدمت، اعليٰ همت، جي سبب موصوف ٿئين.
23- صنعت حشو يا اعتراض:
هن ۾ پهرين شاعر ڪا ڳالهه شروع ڪندو آهي ۽ انهيءَ
جي پوري ٿيڻ کان اڳي ٻي ڳالهه وچ ۾ آڻي وجهندو
آهي. هيءَ صنعت ٽن قسمن جي آهي:
حشو قبيح: جڏهن ڪو لفظ غير ضروري يا زائد ڪم اچي،
بيت جي معنيٰ کي خراب ڪري. مثال:
تنهنجي احسان جو ٿيو منهنجي مٿان ايترو بار،
جو ويس ڍڪجي انهيءَ هيٺ ۽ ٿي ويس لڪل.
حشو متوسطـھ: جنهن ۾ اهو غير ضروري يا زائد لفظ
آڻڻ يا نه آڻڻ هڪجهڙو هجي ۽ نه خراب لڳي نه چڱو،
وچولي درجي جو هجي. مثال:
فراق تنهنجي کان اي دوست
″دلربا
دلبر″،
ٿيو
″منهنجو
جسم بي آرام، منهنجي دل بي چين″.
حشو مليح: جنهن ۾ انهيءَ زائد يا غير ضروري لفظ
آڻڻ ڪري شعر سهڻو لڳي ۽ وڻي ۽ انهيءَ جي معنيٰ
بهتر نڪري. مثال:
ترار تنهنجي شها،
″شل
ويندڙ هوءِ″،
انهيءَ جا خيال ٻيا دشمنن جي دل ۾ پوءِ.
----------
قيدخاني ۾ آءٌ
″دنيا
جي″
۽
″هن
جڳ ڪوڙي″
۾،
″دور توکان″
آهيان ائين، جيئن منهنجا دشمن هوئن شال.
----------
لال لب تنهنجي کي چوڻ
″نمڪين″،
آهي گويا ڪرڻ ته هجوَ
″مليح″
24- صنعت ارسال المثل:
جنهن ۾ هڪڙي بيت ۾ ڪو پهاڪو يا مشهور مثل آڻجي، جو
عام لاڳو هجي. مثال:
گوشه گيري پنهنجي وس ۾ ناهي خواه آوارگي،
ڇا ڪجي لاچار آهي،
″بندگي بيچارگي″.
----------
مون پڇيو اک کي ته ڇو ٿي آهين انڌي منجهه فراق،
چيئين ٻڌو ٿئي ڪين
″اذا جاءَ القضا عمي البصر″.
----------
سروقد يار جي تي طوبيٰ سرڪش،
آءٌ پڙهان عربي مثل
″ڪل طويل احمق″.
----------
ڪيو ذڪر چنڊ جو مون، کنيا يار زلف منهن تان،
ٿيو
″سوال
آسمان″
جو ۽
″جواب
ريسمان″
جو.
----------
سوين سهڻن جي آهي دل ٿي اک،
ڇا ڪجي
″هڪ
انار سؤ بيمار″.
----------
ٿئي عبث تسبيح ڦيرائڻ اکين جي آب ري،
″ريج
ڌارا ڏس ادا ساوا ڪي داڻا ٿي سگهن″.
----------
دل نيڻ، لاءِ دوست آيو، پهرين نيائين عقل کي،
چور
″ڏاهو
پهرين چوريءَ کان اُجهائي ٿو″ ڏِيو.
----------
دل سڀن عضون جي خادم، پر بدن جي ٿي رئيس،
″سيد
القوم″
آهي
″خاد
مهم″
مثال ان جو اهو.
رباعي
شيعن ۽ سـُـنين جا معاملا ٿيا مشهور،
آهن ڪـُـتن ٻـِـلن جا جهيڙا مشهور،
ڪنهن جو نه تعصب رکي ڏاهو ماڻهو،
ٿيو
″ماس
گڏهه جو، ڏند ڪتي جا″
مشهور.
25- صنعت ارسال المثلين:
جڏهن هڪڙي ئي بيت ۾ ٻه مثل ڏنا وڃن. مثال:
قدر موتيءَ جو بحر ۾ ڪهڙو،
کاڻ ۾ قدر ڪهڙو سون سندو.
----------
نادان کي ڪرڻ ڪا نصيحت اجائي آهه،
پڃري ۾ ڄڻ هوا ٿي، يا پاڻي پروڻ ۾.
----------
جي ڪو نالائق مٿي لائق کان ويهي عيب ناهي،
ڪـَـک تـَـري درياءَ تي، موتي تـَـري ۾ ٿو لڀي.
26- صنعت سوال و جواب:
جڏهن مصرع يا بيت يا ساري غزل ۾ سوال ۽ ان جو جواب ڏنو ويو
هجي. مثال:
سڄڻ پنهنجي کي چيم اِي، جو تنهنجو ڪونهي نظير،
ڇو تنهنجي زلف جي ڪڙين ۾، منهنجي دل ٿي اسير،
چيائين عشق ۾ پئي تنهنجي دل ٿي ديواني،
هميشه پير ۾ ديواني کي پوي زنجير.
----------
چيئين، اچ ته هڪوار، چيو مون اکين سان،
چيئين، غم نه ڪو ڌار، چيو مون اکين سان،
چيئين، برقعو لاهيان، چيم لطف تنهنجو،
چيئين، ڏس تون ٻئي پار، چيو مون اکين سان،
چيئين، ڇو روئين ٿو، چيم هجر ۽ هـُـئس،
چيئين، هاڻ خوش گهار، چيو مون اکين سان،
ُ]سارو
غزل[
ههڙو مفلس ڀلا آهيان آءٌ ڇو،
خود فروشي نٿي اچي مون کي.
----------
مون کي ميخوار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو،
مست سرشار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو!
پـِـرت جو پيالو پياري، ڪيئين بيخود بيهوش،
وري هوشيار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو!
ناز انداز سان مـَـن موهي، ڌتاري دل کي،
عاشقِ زار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو!
ُ]سارو
غزل[
----------
زلف دلبر جي کي مون چيو اهڙو ڇو ڪارو ٿئين؟
چيئين جو ويهي
سج جو ويجهو، ٿئي انهيءَ جو اهڙو حال.
----------
خبر اٿئي ته هي زاهد ٿيو ڇو گوشه نشين،
سگهيو جهلي نه ويچارو، پري رخن جو تاب.
رباعي
پنهنجو مون طبيب وٽ ڪيو درد بيان،
چيئين دوست بنا نه ٻئي جي لاءِ چور زبان،
مون چيو ته غذا، چيئين ته پي خون جگر،
مون چيو پرهيز، چيائين ڇڏ هر دو جهان.
27- صنعت ملمع:
جنهن ۾ هڪڙي بيت جي هڪ مصراع عربي ۽ ٻي فارسي يا
ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي هجي يا غزل ۾ هڪڙو بيت عربي ۽
ٻيو فارسي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو هجي. مثال:
سڄڻ سياڻا مَ ڪر تون ماڻا، صحي
سڃاڻان، سندئي اشارا،
سدا محبت ۾ عاشقن جا، يقين آهن پري پسارا.
هيا حبيبي يميل قلبي الي الو صالڪ علي الدوام،
وان اسعي لما احوج واحصل محض اضطرارا.
نظر ببر ما بحال زار م بلطف بين عجز و انڪسارم،
بعشوهاي توتاب نارم دلم چو موم دولت چو خارا.
غضب کي آتش تو
اب بجهادي ذرا محبت کي بات چيت کر،
ز بسکـھ ميري دل حزين پر، گذر گيا هي ستم
دوباره.
ُ]سارو
غزل[
28- صنعت ترجمـھ:
هن ۾ شاعر عربي ٻوليءَ جي بيت يا مصراع جو ترجمو فارسي يا ٻي
ٻوليءَ ۾ آڻي. مثال:
ولو ڪان النساءُ ڪمن ذڪرنا
لفضلت النساءُ علي الرجال
فلا التائب لاسم الشمس عيب
ولا التذڪير فخر ولهلال
سنڌي ترجمو
جي دنيا ۾ هجن سڀ اهڙيون زالون،
هجي مڙسن کان وڌ زالن جي منزل.
عرب ۾ شمس مادي ۽ قمر نر،
مگر سج اصل کان ٿيو چنڊ کان افضل.
----------
تنهنجو مذهب ٻئو ۽ منهنجو ٻئو،
ٿيو لڪم دينڪم ولي دين.
عربي
مڪافات السماحتـھ دار خلد
وامن من مخافتـھ يوم بوس
وما نارا بمحرقتـھ جوادا
ولو ڪان الجواد من المجوس
فارسي
مڪافات جوانمردي بهشت ست
بروزِ خوف وامن از هيبت قبر
نسوزد آتش دوزخ سخي را
اگرچ آن نڪو سيرت برد گبر
سنڌي
جوانمرديءَ جو بدلو نت بهشت آهه،
نه آهه خوف ان کي مور کان قبر،
نه ساڙي باهه دوزخ جي سخيءَ کي،
سڀاڳو اهڙو جيتوڻيڪ هو ئي گبر.
29- صنعت مبالغـھ يا اغراق:
هن ۾ شاعر ڪنهن جي تعريف يا ذڪر ڪندي تمام گهڻو
مبالغو ڪري. جڏهن اهو حد کان وڌيڪ يا ناممڪن يا
عقل ۽ عادت جي برخلاف هجي، تنهن انهيءَ کي
″غلو″
چوندا آهن. مثال:
رباعي
پهراڻ جي بار کان، ڪـِـري آءٌ ٿو پوان،
آواز جي واءُ سان، ڪـِـري آءٌ ٿو پوان،
منهنجو ٿي ڪـِـريو پاڇو، اڳي ڌرتيءَ تي،
هاڻ ضعف کان پاڇي جان، ڪـِـري آءٌ ٿو پوان.
----------
جي منهنجي آهه جا شعلا چڙهي مٿي گڏ ٿين،
ته آسمان تي ٻيو هڪڙو سج ٿئي پيدا.
----------
شاهه هي دهشت منجهان جي ڏئي زماني کي هڪل،
پئي ڇڄي هفتن ۽ ڏينهن جي قطارن جي مهار.
----------
معجزو ڏس تون مواليءَ جو، حقي ۾ وجهي ساهه،
ڄڻ مسيحا جي هٿن ۾، ٿو مئو ڳالهائي.
----------
عجب نازڪ بدن هو يار منهنجو،
ڳرو چپ تي لڳس ٿي، پان جو رنگ.
----------
قلم منهنجي سندي مس جي چکي مک،
ته هوند جيڪر ڇڏي ماکي وساري.
----------
ڀلائي آهي خدا ڪئي، جو ڪين ڪيئين پيدا،
ٻئي جهان هتي، راز ان ۾ حڪمت جو.
----------
هجي ها جي، ته ٻئي ڏئي ڇڏي ها بخشش شاهه،
ڪڏهن خدا جو نه محتاج ٿئي ها ماڻهو ڪو.
30- صنعت تعجب:
اهو شعر جنهن ۾ شاعر پنهنجو عجب ظاهر ڪري يا جڏهن
ڪا عجب جهڙي ڳالهه آڻي، جيئن مٿئينءَ صنعت ۾ آهي.
مثا ل:
عجب درياءُ اصل هي جهان فاني آهه،
جهاز عمر جو جنهن ۾ سدا رواني آهه.
ُ]سارو
غزل[
----------
منهن بهشت آهي سڄڻ جو، مرض ڪونهي
منجهه بهشت،
پوءِ عجب آهي ته ڪيئن ان جون اکيون بيمار ٿيون.
----------
باطن ۾ آهين ظاهر، تنهنجي عجب هيءَ چالي،
عالم ڀريل ٿيو توسان ۽ جاءِ تنهنجي خالي.
31- صنعت ڪلام جامع:
اهو شعر جو حڪمت ۽ نصيحت سان ڀريل هجي ۽ عام سان
لاڳو هجي. مثال:
قطعو
رهڻ گهرين جي سلامت سنڀال هٿ ۽ زبان،
خراب دست درازي، زبان درازي بتر،
ڀلي کلي سڄو عالم، ڀلي ٻٽاڪ هڻي،
نه ڄاڻين جيڪي نه چؤ ۽ سگهين تون جيڪي نه ڪر.
----------
اک ڍڪڻ نيڪي بديءَ کان آهي بينش جو ڪمال،
عاقبت بينا ٿيڻ لاءِ گهرجي نابينا ٿيڻ.
----------
توکي خالق ڪئي عطا هڪڙي زبان آهي، ٻه ڪن،
تا تون ڳالهائين سدا هيڪوڻو ۽ ٻيڻو ٻڌين.
32- صنعت تزلزل:
يعني ڏڪڻ. جڏهن شاعر ڪو اهڙو لفظ ڪم آڻي، جنهن جي
هڪڙي اکر جي ڦيرائڻ سان تعريف مان ڦري گلا ٿي پوي.
مثال:
مٿو خالي خيالن کان رکڻ جڳ ۾
″ڀلي
ڀـَـتِ″
آهي،
مٿو خالي رکي دنيا ۾ جو، تنهن لاءِ
″ڀلي
ڀـِـت″
آهي.
33- صنعت قول بالموجب:
جڏهن جيڪي چئجي، تنهن جي معنيٰ مطلب جي برخلاف
ورتي وڃي. مثال:
تون چوين ٿو دوستي توسان نه دل سان ٿو ڪريان،
سچ چوين ٿو، دل سان نه پر ٿو ڪريان آءٌ جان سان.
----------
تون پڇين ٿو مون کان، منهنجي ماهه جي منزل ڪٿي،
منزل آهي دل ۾ ان جي، پر نه ڄاڻان دل ڪٿي؟
34- صنعت اِطراد:
يعني انتظام، اصطلاحي معنيٰ موجب جنهن جي تعريف
ڪجي، تنهن جي پيءُ ڏاڏي ۽ ساري خاندان جا نالا
ترتيبوار آڻجن. مثال:
قطعو
سڏجن خليفا جي ٿا بني اميـھ سدا،
چوڏهن هئا، ٻڌايان سندن نانءُ سربسر.
پهرين معاويـھ، ٿيو مشهور ابن هند،
بعد ان جي ٿيو يزيد، جفاڪار بدگهـُـر.
تنهن بعد ٿيو معاويـھ، مروان ان کان پوءِ،
عبدالملڪ، وليد، سليمان، پوءِ عمر.
پوءِ ٻيو يزيد، پوءِ هشام ۽ وليد ٻيو،
پوءِ ابراهيم، پوءِ ٿيو مروان، جو هو خر.
الحمار
35- صنعت تلميح:
يعني ڏيکارڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب شعر ۾ ڪنهن قصي
يا مسئلي يا اصطلاح ڏي اشارو ڪرڻ. مثال:
آهي بيت الله دل پر ٿي پئي بتخانو آهه،
مرد ڪو گهرجي خليل ات، جو ڀڃي ڪيرائي بت.
----------
خلق کان سيمرغ ۽ عنقا جان نت جي تون لڪين،
قدر جيڪو ليلـھ القدر اسم اعظم جو لهين.
36- صنعت برامت استهلال:
يعني منڍ ۾ وڏائي، اصطلاح موجب ڪنهن ڪتاب يا ڪلام
جي شروع ۾ اهڙا لفظ آڻڻ، جي پوءِ ايندڙ مضمون سان
مناسب هجن. جيئن اڪثر مثنوين ۾ ڪندا آهن. مثال:
(پهريون بيت قصيدي جو زالن جي پردي بابت)
عقل تي پردو پيو تن جي جي ڄاڻن ڪين ٿا،
جي رهن پردي جي پردي ۾ لڪل ٿا فائدا.
37- صنعت ممتغ:
اهو شعر، جو ڏسڻ ۾ آسان هجي، مگر انهيءَ جي معنيٰ
تمام اونهي ۽ مشڪل هجي.
38- صنعت ارصاد:
يعني واٽ جي نگهباني ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب شعر
جي منڍ ۾ اهڙو لفظ آڻڻ، جنهن مان خبر پوي ته
پڇاڙيءَ ۾ قافيي وارو ڪهڙو لفظ ايندو؟ مثال:
″چانٺ″ وانگي بخت هن جي در تي ٿئي محڪم مقيم،
بخت وانگي جو رکي پنهنجو مٿو هن چانٺ تي.
39- صنعت مشاڪلت:
يعني هڪ ٻئي جي هم شڪل هئڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب
ڪنهن شيءِ جو بيان اهڙن لفظن ۾ ڪجي، جي پاسي وارن
لفظن سان مناسب هجن. مثال:
ڇو نه پنهنجا چپ سبن، در در پنڻ کان ٿيا فقير،
گودڙيءَ ۾ ڇو وجهن اڳڙيون، سبن ڪپڙن جا چير.
40- صنعت ابداع:
اهو شعر، جنهن جو مضمون ۽ معنيٰ عجيب هجي ۽ لفظ
عمدا ۽ چونڊيل ڪم آيل هجن. مثال:
نيڪن ۾ بدي لڀي سگهي ٿي،
بڇڙن ۾ چڱائي پر لڀي ڪين،
سـُـرڪو ٿي شراب مان سگهي ٿو،
پر سـُـرڪي منجهان شراب ٿئي ڪين.
----------
نيستيءَ جي پوش ۾ هستي هميشه جي رکان،
زندهه دل ٽانڊي جان آهيان، آءٌ ڦلير جي ڍير ۾.
41- صنعت مزاوجت:
جڏهن هڪڙي ڪم مان هڪ ٻئي تي مخالف اثر پيدا ٿين.
مثال:
جڏهن ڏسين مون کي، بدلجي لطف
تنهنجو ٿئي عتاب،
جڏهن ڏسان توکي، ڦري ٿئي صبر منهنجو اضطراب.
42- صنعت حسن تعليل:
جڏهن ڪنهن ڳالهه جي علت يا سبب جو عمدي طرح بيان
ڪجي، جو حقيقت ڪري سبب نه هجي پر شاعراڻو خيال
هجي. مثال:
عاشقن جو رت وهائن هر گهڙيءَ تنهنجون اکيون،
تن جي ماتم ۾ سدائين زلف تنهنجا ٿيا سياهه.
----------
ڇو گـُـڪو ٿي گهمان ٿو پيريءَ ۾،
آءٌ جواني مٽيءَ ۾ ٿو ڳوليان.
----------
ٿو مٺو منهنجو ڪين ٻاتائي،
چنبڙنس چپ ڪنان مٺاڻ گهڻي.
----------
سياهه بخت رهن جڳ ۾ نت ٿا اهلِ قلم،
جو خود قلم ٿو رهي، روسيـھ گريبان چاڪ.
43- صنعت حسن طلب:
جڏهن ٻئي جي تعريف ڪندي يا ٻي مطلب جي ڳالهه ڪندي،
ڏاڍي لطف سان ڪو سوال يا پڇا ڪجي، جنهن مان اها
تعريف ثابت ٿئي يا اهو مطلب ظاهر ٿئي. مثال:
قطعو
ڪريان ٿو هجوَ زماني جي آءٌ انهيءَ سببان،
جو ان کان حالت منهنجي ٿئي نه ٿي بهتر،
ٿي ڪهڙي ڳالهه چڱي ان کان، جو ڀلائي ڪري،
اسان ٻنهي کي تون پرچائين، ڏيئي مال ۽ زر.
44- صنعت معما:
جڏهن شاعر ڪو نالو ڳجهيءَ طرح لڪائي ڏئي ۽ ڪنهن ٻي
صنعت جي وسيلي پروڙي سگهجي. معما جا مقرر قانون
آهن، جن جو هتي ڏيڻ ضروري نٿو ڏسجي. مثال:
ڄاڻڻ گهرين جي نانءُ سڄڻ منهنجي جو، اي دوست!
خورشيد جو مٿو ٿيو رکيل سرو جي مٿان.
جواب: خورشيد لفظ جو مٿو يا مهڙ جو اکر آهي خ، سو
سرو لفظ جي منڍ ۾ رکبو ته خسرو ٿيندو.
قاف تي جي عڪس پئي، بي انتها احسان جو،
دام ۾ سيمرغ پئي ان جي، جنهين احسان ڪيو.
جواب: بيت جو مضمون ته سمجهه ۾ اچي سگهندو، جو
تمام چڱو آهي ۽ ڪنهن کي گمان نه پوندو ته هيءَ ڪا
ڳجهارت آهي يا هن مان ڪو نالو نڪرندو. پر انهيءَ
مان اسحاق جو نالو نڪري ٿو. هن طرح: بي انتها
احسان جي هڪڙي رواجي معنيٰ آهي ته بيحد يا بي
انداز احسان، پر انتها جي معنيٰ پڇاڙي به آهي ته
پڇاڙيءَ کان سواءِ احسان يعني پوئين حرف کان سواءِ
احسان، يعني نون ڪڍڻ سان احسا ٿيو، انهيءَ جو عڪس
قاف تي پوي. صنعت عڪس موجب يا صنعت مقلوب موجب،
احسان ڦري اسحا ٿيندو. سو قاف تي رکيو ويو ته
اسحاق ٿيندو. قاف جي معنيٰ بيت ۾ جبل قاف آهي،
جنهن ۾ سيمرغ رهندو آهي، پر ٻي معنيٰ ۾ حرف قاف
آهي.
----------
نه لڳن جي
”لڳو
لڳو″
چون،
پر اهي ڏس
”بنان″
چئي ٿا لڳن.
جواب:
″چپ″
جي لڳو لڳو لفظ چوڻ سان پاڻ ۾ نٿا لڳن، پر بنان
چئي لفظن سان لڳن ٿا جو حرف ب انهن ۾ ٿو اچي.
----------
منهن رکي ڪونه، ڏس ته ڪيئن ٿو کلي،
اک رکي ڪانه، ڏس ته ڪيئن ٿو روئي.
جواب: ڪڪر. ----------
جي کڄي هٿ ۾ ٿي ڏهن کي ڪـَـٽي،
جي اڇي ٿئي ته پوءِ پهڻ چٽي.
جواب: نهيرڻ. ----------
تقليب ۽ ترديف ۽ تجنيس سان آءٌ،
شرقيءَ جو گهران ضد ٿو، ائين يار کان آءٌ.
جواب: بوسه يعني چمي. (هن طرح: شرقيءَ جو ضد آهي
غربي. غربي ۽ عربي تجنيس خطي. عربيءَ جو مقلوب
ربيع. ربيع جو مرادف بهار. بهار ۽ نهار تجنيس خطي.
نهار جو مرادف يوم. يوم جو مقلوب موي. موي جو
مرادف شعر. شعر جي تجنيس شعر. شعر جو مرادف بيت.
بيت جو مرادف دار. دار جو مقلوب راد. راد ۽ زاد
تجنيس خطي. زاد جو مرادف توشـھ. توشـھ ۽ بوسـھ
تجنيس خطي. (بوسـھ يعني چمي.)
45- صنعت نغز:
هن کي فارسيءَ ۾
″چيستان″
ٿا چون. هيءَ صنعت به معما وانگي آهي، مگر هن ۾
سوال جي رستي پڇا ٿي ڪجي ۽ ڪي نشان يا صفتون
ٻڌائجن ٿيون ۽ انهيءَ جو جواب خيال ڪري ڳولڻو ٿو
پوي. سنڌيءَ ۾ ان کي پرولي يا ڳجهارت چئي ٿو
سگهجي. مثال:
سوار آهي ڪهڙو
ج
پيادو هلي،
اڇي پٽ تي ڊوڙي، ۽ ترسي نه مور،
سندس بت سفيد آهي ۽ منهن سياهه،
رهي هت هلي حڪم ان جو ٿو دور.
جواب: قلم. ----------
جوڙو ابلق ڪبوترن جو ڏس،
بند آهن جدا کڏين اندر،
گڏ اُڏامن ٻيئي سي اُڀ تائين،
ته به کـُـڏين کان وڃن نه سي ٻاهر.
جواب: اکيون. ----------
آهي ڇا جو جتي ڪٿي ڏسجي،
آهي صورت ۾ هوبهو انسان،
رکي ٻانهون ٽنگون، مٿو ۽ ڳچي،
هلي تو سان مگر آهي بيجان.
جواب: پاڇولو.
اشارو:
سنڌي چيستانن جو خلاصو هڪڙو ننڍڙو ڪتاب ٻارن جي
وندر لاءِ مون لکيو آهي، جنهن ۾ طرح طرح جا
چيستانا ڏسڻ ۾ ايندا.
46- حسن مطلع ۽ حسن مقطع:
هي به ٻه صنعتون شمار ۾ اينديون آهن: غزل جي
پهرئين بيت کي
″مطلع″
چوندا آهن ۽ پوئين کي، جنهن ۾ شاعر جو تخلص هوندو
آهي، تنهن کي
″مقطع″
چوندا آهن. جڏهن اهي بيت نهايت عمدا آهن، تڏهن
انهن کي انهن نالن سان سڏيندا آهن.
″حسن
مقطع″
کي
″حسن
تخلص″
به چوندا آهن. هن جي مثالن ڏيڻ جو ضرور ڪونه
ٿوڏسجي. |