سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:8 

- امير خسرو دهلويءَ جا دهرا: جنهن ۾ سنسڪرت يا هندي لفظ آهن. سندس دوائي مان:

مرد مـَـنس زن هيءَ استري،
قحط ڪال، وبا هـَـئي مري.
بيا برادر، آ ري ڀائي،
بنشين مادر، بـَـيٺِ ري مائي.
آتش آڳ، آب هئي پاني،
خاڪ ڌول جو باؤ اُڙاني.
مولوي صاحب سرن پناهه،
گدا ڀکاري خسرو شاهه.

 

2- ڪبير صاحب جا دهرا: جنهن ۾ عربي فارسي لفظ آهن:

دين گنوايو دُني سي دُني نه آيو ساٿ،
پير ڪـُـهاڙي ماريو، گاڦـِـل اپني هات.
”ڪبير“ سرير سراءِ هـَـئي، ڪيون سوئي سـُـک چين،
ڪوچ نگارا سانس ڪا، باجت هي دن رَين.

 

3- گرونانڪ صاحب جو دهرو:

ساس ماس سب حـِـبـَـو تمهارا، لوهي کهرا پيارا،
نانڪ شاعرايو ڪـَـهت هئي سچي پروردگارا.
وارن جـــــــائـــــــون ان ايـــــــڪ بـــــــار،
تـــــــو ســـــــدا سلامـــــــت جي نرنـــــــڪار.

 

4- بابا تلسيداس جو دهرو:

مايا ڪو مايا ملي، ڪر ڪر لنبي هاٿ،
تلسيداس گريب ڪـــــــو، ڪوئي نه پوڇي بات.

 

5- شاهه عبدالڪريم جو دهرو:

هـِـنيون ڏجي حبيب کي، لـڱ گڏجن لوڪ،
کـُـڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ،
مـُـٺِ ڀيڙيائي ڀلي، اُپٽئين ته واءُ،
جـُـه پڌر وڌيئه ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

 

6- شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دهرو:

بيت نه ڀائجه ماڻهئا، هي آيتون آهين،
وڃئون لؤن لائين، پريان سندي پار ڏي.
 

گهڻن مصراعن وارا بيت:

اڻ چوندن ڪيم چؤ، چوندن چيو وسار،
اٺئي پـَـهر ادب سين، پر اها ئي پار،
پايو مـُـنهن مـُـونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿيئن.
 

7- مخدوم عبدالصمد جو شعر بيان العارفين مان:

هاڻي هنيان پوءِ ٿو سو ڪري بيانا،
ته جڏهن رسالو فارسي آءٌ ڪندس تماما،
تڏهن مـُـور نه رهندو مخفي طالبن ڪنا،
سڻي پچارُون پير پير جون قول ۽ فعلا،
پرناهه ڪنهن کي ياد ڪي منجها عامنيا.

 

8- مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ مان دهرا:

”هاڻ سڻ سڄاڻ تون هـِـنئي جي ڪنن،
ته صحيح پڇبو سڀڪو ڪارڻ پاڻ ڪمن،
پر پڇ پهرين قيام ڏينهن، وحدت ڌڻيان پوءِ،
ٿيندي صحيح صلوات جي، شڪ مَ ڀانئي ڪوءِ.“

 

9- ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مداح مان:

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻين تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين مون.
لنگهيا لڪ، لٿا شڪ، هلي حق گڏياسون،
۽ في الحال، منجهه وصال، اچي محب ملياسون.

 

10- جمن چارڻ جي مداح مان:

فرزند تون حسنين جو، سائل آءٌ تنهن تلقين جو،
درگهه مٿي دن رين جو، اوجر مڱان عينين جو،
دارو ٿئي دارين جو، يا پير پيران بادشاهه.

 

11- سچل فقير جو سرائڪي ڏوهيڙو:

خيال بزرگي ڏهون نه ميرا، نامنگان مخدومي،
ناوت پير مشائخ ٿيوسي، ناوت نانؤ نجومي،
دعوت دي دائري نه سکيو سي، ناوت علم رسومي،
ناوت هندي، سنڌي، شامي، ناوت زنگي، رومي،
سچو
ڪٿ نهين ڪوئي پيدا هوندا وچ معدومي.

 

سنڌي ڏوهيڙو يا بيت:

الهه لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي،
وڃي ڏيج پرين کي، پاڄيءَ جا پيغام،
ڪـِـري قدمن تي پئي، سـَـو لک ڏيج سلام،
آهي اوهان ري پرين، هت مڙئي ماتام،
اچڻ جو انجام، ڪر سگهو طرف
سچوءَ جي.

 

(سچل فقير جي ڪافي ۽ شاهه صاحب جي وائي جي مثال يا نموني وٺڻ جو ضرور ڪونه ٿو ڏسجي. سندن رسالن مان ڏسي ٿا سگهجن)

12- روحل فقير جو سنڌي بيت:

ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين اُبتا ڀير،
هڪ هندو، ٻيو مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
”روحل“ راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسين گهيڙ
ته رب مڙيوئي هڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبت الله ۾

 

سندس ٻائي مان سلوڪ:

جل ڀيتر ايڪ اگن جلت هئي اجواڙا بن ڏيوي،
امبرت ڌارا مين ڀڙت هئي ڪو چن ورلا پيوي.


 

13- ثابت علي شاهه جي مرثين مان هڪڙو بند:

بيدرد کون مَ پڇ، غم درد دل يتيم،
درد دل يتيم کي ڄاڻي دل دونيم،
عرش عظيم ۾ پيو نت غلغلو عظيم،
عابد يتيم وبيڪس وبيمار کي غنيم،
بابس ۽ ڀائرن کي ڪـُـهي قيدي ڪري عيال،
ٿيا شام ڏي روانا وٺي مصطفيٰ جو آل.

 

14- خليفي گل محمد جي غزل مان بيت:

سور ٿيو سينگار جن جو ڏک تني جو آهي ڏيج،
ورهه ووءِ ووءِ ٿيو ور وهڻ، هاءَ هئي هئي آهي هيج،
مرض محبت جو انداز ۾ ڪهه ڪندو تن کي طبيب،
درد ٿيو دارو دلا، ٻڪيون ڦڪيون آزار ايج.

 

15- ديوان ڪوڙي مل جي پڪي پهه مان نثر جي عبارت:

بي علم ماڻهو علم واري ماڻهوءَ کي معمولي ڪمن ڌاران ٻي ڪجهه مدي ڏيئي نٿو سگهي. هو هن جي منصوبن ۽ رٿن ۾ هن جي پٺڀرائي ڪري ڪين سگهندو. باقي البت جيئن ڪو هن کي هدايت يا هٿ ڏس ڪندو ويندو، تنهن وانگر ڪجهه پيو ڪندو...... اسان جيڪا چترائي ۽ تيز فهمي حاصل ڪئي آهي، سا سڀ علم جي وسيلي سان، جيئن ته جيڪر ڪو شخص ڪنهن جو روزينو مقرر ڪري ته هڪ ٻن ڏينهن تائين ان جو احسان ياد ڪري ۽ ڪيترن ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ اهو احسان ان جي دل مان ميٽجي ٿو ۽ هو ڏهاڙي جي روزيني کي پنهنجو حق ڪري ٿو ڄاڻي. انهيءَ پر، پڙهيل آدمي پنهنجي راءِ، تدبير ۽ قياس کي پنهنجي اصلي طبيعت سان لاڳو ڪري ٿو ۽ جو ٻيو ماڻهو سندس طبيعت موافق گفتگو ڪري نٿو سگهي، تنهن کان بڇان ٿي لڳيس.

16- ديوان ڪيول جي سوکڙيءَ مان: نئڙت ڪم بزرگن جو آهي ۽ هٺ ڪم شيطان جو آهي. هڪڙي ڪامل جو فرمودو آهي ته نئڙت وارو ماڻهو خدا کي وڻي، دولتمندن کي وڻي مگر شيطان کي نه وڻي ۽ هٺيلو ماڻهو خدا کي نه وڻي، درويشن کي نه وڻي، دولتمندن کي نه وڻي، شيطان کي وڻي. هڪ سياڻي چيو آهي ته: ان کي رحمت آهي جو نياز ڪري، پر نه آڻ سرنديءَ سان. هڪڙي حڪيم جو لطيفو آهي ته: اُچا چانور گهڻو گيهه مصالح وجهي، پلاءُ رڌي، منجهس لوڻ نه وجهجي ته پلاءُ ڦڪو ٿي پوي ۽ جي گهرج کان واڌو لوڻ وجهجي ته کارو. تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي دولت ۽ سونهن هوئي ۽ نئڙت نه هوئي، سو لوڻي پلاءُ وانگي ڦڪو ۽ جي هٺيلو هوئي ته لوڻ واري پلاءُ وانگر کارو يعني بيسوادي.

مٿيان ٻه نثر جا نمونا اوائل وارن سڀني سنڌي ڪتابن مطابق آهن، جي مسلمان خوشيءَ سان ۽ اعتراض کان سواءِ پڙهندا هئا ۽ هاڻي به مسلمان مصنف اهڙي ئي سنڌي عبارت لکن ٿا. مگر هندڪي سنڌي عبارت، جا سنسڪرت لفظن واري آهي ۽ جنهن تي مسلمان اعتراض وٺن ٿا، تنهن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

17- ماهوار رسالي سرسوتيءَ مان: وويڪ ۽ ويچارئي پهريان ساڌن آهن. منشن جي سڌاري لاءِ جي ماڻهو ڀانئي ته پنهنجي کيپ چڱيءَ پـَـر پوري ڪريان، ته وويڪ ۽ ويچار هلائي، جيستائين ڪنهن هاڃيءَ جو پورو پڇتاءُ نه ڪري، تيستائين سک ٿي نه سمهي. من کي سچو سک به تڏهن ايندو ۽ حياتي سڦلي به تڏهن ٿيندي. اڳتي لاءِ ساڱاهي هلجي ۽ ايشور کان پرارٿنا ۽ اراڌنا دوران ٻـَـل پني، دل کي ڪومل ۽ صفا ڪري. ايشور جي ٻـَـل جهڙو ٻيو ٻـَـل ڪونهي. انهيءَ جي ساهتا جهڙي ٻي ڪنهن جي ساهتا ڪارگر نه آهي.

18- ساميءَ جي سلوڪن جي ديباچي مان: ننڍّيءَ اوستا ۾ هن ڪــَــويءَ جي چت جو لاڙو ڌرم جي پاسي گهڻو هو. انهيءَ ڪري هو وديا اڀياس ڪرڻ ۽ ساڌَ سنت جو رَسُ چکڻ لڳو، پر پنهنجي گروءُ جي سنگت ڪندي هن کي ويراڳ اچي ويو. تنهن ڪري پنهنجي استريءَ سميت امر تسر هليو ويو. گروءَ کي به سندس سنگت مان گيانُ پراپت ٿيو هو. جڏهن هن سرير ڇڏيو، تڏهن هن جي ڏاڍي ورڌ اوستا هئي. هن جي جيءَ کي اڳيان ڀلايو آهي، جو هن آست سنسار کي سـت ڄاڻي ويٺو آهي ۽ ڪام، ڪروڌ، آدڪ، پنجن ويرين جي وَل ڇـَـل ۾ ڦاسي، ٻيائيءَ ۾ گم ٿي ويو آهي. سو ساڌ سنگت جي ڪري آوديا جو پڙدو دُور ٿيو ته پوءِ ٻيائيءَ جو خيال پاڻهي مـِـٽجي ويندو ۽ ايشور ۽ جـِــيءَ جو، اگيان ڪري ڀيد پيو آهي، سو نڪري ويندو. جهڙي طرح جـُـوت جـُـوت ۾ يا بوند درياءَ ۾ ملي لئي ٿي وڃي، تيئن لئي ٿي ويندو.

تعليمي ڪتابن مان يا هندو اخبارن مان نمونن ڏيڻ جو ضرور ڪونه ٿو ڏسجي.

19- ديوان ننديرام جي ترجمي ڪيل معصومي مان (ڇپيل 1861ع ۾) اُنهيءَ وقت جي صورتخطيءَ ۾:

انهيءَ نڀاڳي پـُـٽ يعني حجاج بن يوسف ماءُ جا بـُـبا نٿي ڌاتا. ايتري ۾ ڏيئت ويچ جي صورت پڌرو ٿي هيٺي لکئي وانگر هي بلو ڪيو جو پهريانءِ هڪڙي ڇيلي کي ڪهي ۽ رت انهيءَ جو حجاج جي لڱن ۾ مهٽيائون ۽ ٻئي ڏينهن هڪڙي ٻڪري کي انڌير سان نڪمي ماڻهوءَ جي هٿ کان ڪـُـهارائي، انهيءَ جي رت ۾ حجاج کي ويهاريائون ۽ ٽي ڏينهن سپُ کي پچايائون. تنهن کان پوءِ اُن کير پيتو ۽ حجاج پنهنجي ننڍپڻ ۾ انڌير ۽ لچائي جي سـِـڪ رکي سدائين چوندو هو ته ڪا وٿُ ڪهڻ ڌاران منهنجي اڳيان موچاري نه آهي ۽ ويهه سهس هڪڙو سؤ ماڻهن سندس هٿ کان ڪـُـٺا آهن ۽ هـُـن جي جنگين جي ڪٺلن جو سماءُ ڌڻيءَ کان ڌاران ڪونه ٿو ڄاڻي ۽ ڪجاوي جي چڙهڻ جي پـَـرِ ۽ مڙسن ۽ زالن کي هڪڙي نيل ۾ وجهي رکڻ جي ريت ۽ ري ڇتِ جوڙڻ باندين جي گهر جي چال، حجاج کان نڪتل آهي. جڏهن پاڻ مـُـئو، تڏهن باندي سندس گهر ۾ ٽيهه سهس مـُـڙسن جا ويهه سهس زالن جا باندي هئا.

 

باب ٽيون

سنڌي ٻوليءَ جو سنسڪرت ۽ پراڪرت سان واسطو

 

فصل پهريون

جيئن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ مان معلوم ٿيو هوندو، تيئن سنڌي سنسڪرت جي ڌيءُ يا ڏوهٽي آهي ۽ جيڪي به ٻيون ديسي ٻوليون سنسڪرت کان نڪتل آهن، تن سڀني مان هيءَ زيادهه صاف آهي ۽ غير کان آزاد آهي. جيتوڻيڪ ٻين ٻولين جا لفظ گهڻائي منجهس گڏيا آهن، تڏهن به سندس ذاتي بناوت صاف رهندي آئي آهي ۽ ٻين ٻولين وانگي انهيءَ ۾ غير گڏيل ڪونهي. مرهٽي، گجراتي، پنجابي، بنگالي ۽ هندي، انهن سڀني ۾ قديم پراڪرت جا ايترا نشان موجود نه آهن، جيترا سنڌيءَ ۾ آهن. مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ٻين ٻولين جي گرامر کان وڌيڪ پڪو، مضبوط ۽ اصلوڪي مادري ٻوليءَ کي ويجهو آهي. اگرچ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائڻ ۾ ٿي اچي، سا هڪ جهڙي ناهي، انهن ۾ لفظن، اصطلاحن ۽ ڳالهائڻ جي ڊول وغيره ۾ گهڻو تفاوت آهي. انهن جي ٻڌڻ سان هڪدم چئي سگهجي ٿو ته ڳالهائيندڙ لاڙ جو آهي يا وچولي جو آهي، سري جو آهي يا وري ٿر يا ڪاڇي جو آهي، ته به ٻوليءَ جي ذاتي بناوت بگڙيل ناهي. انهيءَ هوندي به وچولي ڀاڱي جي زبان، يعني حيدرآباد جي آس پاس وارن هنڌن جي ٻولي سڌريل نمونو سمجهڻ گهرجي ۽ انهيءَ چڪاس مان ٻوليءَ جي بناوت وغيره جي پوري پرک ٿي سگهي ٿي.

فصل ٻيو

حرف علت ۽ اعراب بابت

لر: هاڻي اسين ڏيکارينداسين ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اصلي پراڪرت ٻوليءَ جي بنسبت ڪهڙي ۽ ڪيتري ڦير گهير ٿي آهي؟ جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي بناوت ۽ اشتقاق جي گهڻي خبر پوندي. پهرين ته سنسڪرت يا پراڪرت وارا اعراب يعني حرف علت ۽ حرڪتون يعني ان جا نشان گهڻو ڪري سڀ موجود آهن. هڪڙو خاص اعراب لر آهي جو سنڌيءَ ۾ صاف صورت ۾ نه آيو آهي، پر بدلجي آيو آهي. لفظ جي منڍ ۾ اُهو بدلجي ر ٿو ٿئي، جيئن خود پراڪرت ۾ به ائين ٿيو آهي. جيئن ته سنسڪرت لرڪش پراڪرت ۾ رڇ ٿيو ۽ سنڌيءَ ۾ به رِڇُ ٿيو. ڪڏهن وري اهو بدلجي زبر ـــَــ ٿو ٿئي، جيئن ته سنسڪرت ورشچڪ پراڪرت ۾ وچئو ۽ سنڌيءَ ۾ وڇون ٿيو. سنسڪرت درش پراڪرت ۾ دکن، هنديءَ ۾ ديکنا ۽ سنڌيءَ ۾ ڏسڻ ٿيو. سنسڪرت ڪرت، پراڪرت ڪد، سنڌيءَ ۾ ڪبو ٿيو، جو سرائڪي يا پنجابيءَ ۾ ڪيتو آهي. ڪڏهن وري اهو بدلجي ــُــ پيش ٿو ٿئي، جيئن ته سنڌيءَ ۾ ٻـُـڍو (يا وڏو)، پراڪرت وڙد، سنسڪرت ۾ ورڊ، سنڌي ۾ مئو، پراڪرت مرو ۽ مئو ۽ سنسڪرت مرت (فارسي - مرو).

اهڙا ٻيا به گهڻا ئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا جن ۾ اهو خاص حرف علت يا نشان لر بدلجي رِ يا اِر يا اَر يا ٻي صورت وٺي آيو آهي. جيئن ته مرڻ، پراڪرت مر، سنسڪرت مر. ڀرڻ، پراڪرت ڀر، سنسڪرت ڀر. ڌرڻ، پراڪرت ڌر، سنسڪرت ڌر. سرڻ، پراڪرت سر، سنسڪرت سر. مرڌنگ، پراڪرت مـُـرنگو، سنسڪرت مردڻڪ. هـِـنيون پراڪرت هنيؤ يا هنئين، سنسڪرت هرديم، هردو يعني دل به سنڌيءَ ۾ ڪم ايندو آهي.

ڪن ٿورين حالتن ۾ اهو ساڳيو اعراب بدلجي ٽ يا ڊ ٿو ٿئي، جيئن ته ڄاٽو (يعني ناٺي يا ڌيءُ جو مڙس)، پراڪرت جامائتو، سنسڪرت جاما ترڪ ۽ فارسي داماد. ماٽيجو يا ماٽيتو، پراڪرت مائتو، سنسڪرت ماترڪ.

اَي ۽ اَو: سنڌيءَ ۾ جيڪي ٻٽا اعراب اَي، اَو آهن ۽ جن جو آواز اڪثر اَئي ۽ اَئو هوندو آهي ۽ ڪي اَ اِ ۽ اَ اُ جهڙُ آواز ڪڍندا آهن، خاص هندو ماڻهو، سي آواز سنسڪرت ۾ آهن. جيئن عربيءَ ۾ به آهن، پر پراڪرت ۾ ناهن يا ڪمياب آهن، مگر سنڌيءَ ۾ اچن ٿا. عربيءَ ۽ فارسيءَ اصل وارا لفظ ته ساڳي صورت ۾ ڪم اچن ٿا، جيئن ته سير، خير، پيدا، قول، عورت، دور. مگر جيڪي نج سنڌي لفظ اهڙي آواز وارا آهن، جيئن ته: سين، ڄور، سي مسلمانن کان سواءِ ٻيا اڪثر سـَـئن ۽ ڄـَـئر جهڙو آواز ڪڍندا آهن. ڪي اَو کي او ۽ اُو به ڪندا آهن، جيئن ته قوم کي قوم يا قـُـوم. اهڙا ساڳيا لفظ جي سنسڪرت مان آيا آهن، سي اڪثر بدلجي اي يا اِي ۽ او يا اُو چون. او ۽ اُو جيئن ته قوم کي قوم يا قـُـوم.

(1) اي جا مثال: سنسڪرت وَيرن، پراڪرت ويرن ۽ سنڌي وير. سنسڪرت سينڌو لوڻ، پراڪرت سنڌو لوڻ، سنڌي سينڌو لوڻ. سنسڪرت ويدي، پراڪرت ويج، سنڌي ويڄ. سنسڪرت نينن، پراڪرت ڻنڻن، سنڌي نيڻ (يعني اکيون). سنسڪرت ڌيري، پراڪرت ڌير، سنڌي ڌيرج ۽ ڌير.

(2) او جا مثال: سنڌي جو، سنسڪرت يّـَـوَ، سنڌي سـَـو، پراڪرت سـئـه. سنسڪرت گور، سنڌي گورو (يعني اڇو). سنسڪرت يـَـو و نـَـم، پراڪرت جو وڻ، سنڌي جوڀن. سنسڪرت شوري، پراڪرت سورئن سنڌي سورهيائي.

اَ ۽ اِ: هنن ٻن اعرابن يا اُچارن ۾ اڪثر سنڌي پراڪرت کان وڌيڪ سنسڪرت واري اصلي صورت قائم رکي آهي. ڪڏهن اَ کي بدلائي اِ ڪيو ويو آهي ۽ ڪڏهن اُ. ساڳيءَ طرح اَ کي اِ ۽ ڪڏهن اي ۽ ڪڌهن اَ ڪيو ويو آهي، جيئن هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو:

سنڌي پڪو، سنسڪرت پڪ، پر پراڪرت پڪ. اڱر يا اڱار، سنسڪرت آڱار، پراڪرت اِنگالو. سپنو، سنسڪرت سو پن، پر پراڪرت سبڻ. ول، سنسڪرت ولي پر پراڪرت ول. کما يعني صبر ۽ تحمل، پراڪرت کما، سنسڪرت ڪشما. جيئن تيئن، پراڪرت جئه تئه. جت تت، پراڪرت يت تت. ڪٿ، پراڪرت ڪت، سنسڪرت ڪت. ايئن، پراڪرت اِيئه.

پيراڳي، پراڪرت بيرگ، سنسڪرت بيراڳي. مارک يعني رستو، پراڪرت مک، سنسڪرت مارگ. جاٽ يا جاٽا، پراڪرت جتا، سنسڪرت ياتا. واگهه، پراڪرت وگگهه، سنسڪرت ويا گهر. ڪوڏر يا ڪوڏار، سنسڪرت ڪردال. جڏهن تڏهن ڪڏهن، سنسڪرت يدا، تدا، ڪدا.

وائي، پراڪرت وائا، سنسڪرت واتواَ. ڌر يعني اصل، پراڪرت ڌرا، سنسڪرت ڌر. راءَ، پراڪرت رائا، سنسڪرت راجا.

پيءُ، پراڪرت پئا، سنسڪرت پتا. ڀاءُ، پراڪرت ڀائا، سنسڪرت ڀراتا. ماءُ، پراڪرت ماتا، سنسڪرت ماتا، سنسڪرت پنٿا.

پٿر يعني بسترو، پراڪرت پتٿر، سنسڪرت پرستار، هندي بستر. پٿر يعني پهڻ، پراڪرت پتڙ، هندي پٿر، سنسڪرت پرستر. ميا يعني رحم، سنسڪرت مايا. ديول، پراڪرت ديئل، سنسڪرت ديوالي.

اي ۽ اِي: سنڌي جو آواز اِ پراڪرت جي اي جي برابر آهي، جيئن ته سنڌي ننڊ، پراڪرت ڻيڌ، سنسڪرت نردا. چينهن يعني نشاني، پراڪرت چينڌ يا چنڌ، سنسڪرت چينهن.

ڪـِـي، پراڪرت ڪي، سنسڪرت ڪـِـم. شينهن، پراڪرت سيهه، سنسڪرت سنهه. ڄڀ، پراڪرت جيها، سنسڪرت جوها. تيرٿ، پراڪرت تتٿ، سنسڪرت تيرٿ. ناري يا نار، پراڪرت ناري، سنسڪرت ناري.

ڪـِـهڙو، اِهڙو، پراڪرت ڪيرس، ايرس.

اُ ۽ اُو: هي آواز به گهڻن حالتن ۾ اصل جهڙا قائم رهيا آهن، مگر ڪن ۾ پراڪرت وارا ساڳيا ڦير گهير ڪيل آهن. مثال:

پـُـرس يعني مڙس ماڻهو، پراڪرت پرسو، سنسڪرت پرش. مـُـکڙي، پراڪرت مـُـئلن، سنسڪرت مـُـڪلن.

موتي، پراڪرت موت، سنسڪرت متڪ. پوٿي، پراڪرت پونٿئو، سنسڪرت پستڪ. نورو، پراڪرت ڻيئرن، سنسڪرت نوپر. اکري، پراڪرت اوڪکـَـلن، سنسڪرت اُلـَـکـَـل. پٺ، فارسي پشت، پراڪرت پوٽٺ، سنسڪرت پشٽ.

اي ۽ او: سنڌي هـِـڪ، پراڪرت ايڪ. پريم يعني پيار، پراڪرت پيم. جوڀن، پراڪرت جو وڻ. جوڳ، پراڪرت جوگ، سنسڪرت يوگي.

لهر يا لهار، پراڪرت لوهڪار، سنسڪرت لوهڪار، پيڄ يا پيچ، سنسڪرت پيي. کـِـينءَ يعني خير عافيت، سنسڪرت ڪشيم. نينهن، پراڪرت ڻيهو، سنسڪرت سنيهه. مينهن، پراڪرت ميهو، سنسڪرت ميگهه، فارسي ميع. ڪم، پراڪرت ڪمو.

متفرقه: انهن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن حرف علت يا اعراب اصلوڪي جاءِ تان نڪري وڃن ٿا يا وڏن مان گهٽائي ننڍا ڪجن ٿا، يا جتي ناهن، اتي وجهجن ٿا يا گڏجن ٿا. جيئن هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو:

سنڌي دئارو، سنسڪرت ديوالي. سيارو، پراڪرت سئارو، سنسڪرت شتڪال. ڪنڀر، سنسڪرت ڪنڀڪار. پکال يا پخال، سنسڪرت پيم کل. وڻ، سنسڪرت ارڻن. ڌيءَ، پراڪرت ڌئه، باڀي، پراڪرت ڀ، سنسڪرت اَڀ.

چوٿون، پراڪرت چئنٿ، سنسڪرت چترٿ. مور، پراڪرت مور، سنسڪرت ميور. لوڻ، پراڪرت لوڻ، سنسڪرت لوڻ. سون، سنسڪرت مورڻ.

ساراهه، پراڪرت سلاها، سنسڪرت شلاڌا. سلوڪ، پراڪرت سيلوءَ، سنسڪرت شلوڪ.

استري، پراڪرت اِتٿي، سنسڪرت ستري. ورهه، پراڪرت ورسو، سنسڪرت ورش. ملڻ، پراڪرت مـِـلاڻ، سنسڪرت مـَـيل.

سپنو، پراڪرت سبڻ، سنسڪرت سوپن. سمرڻ يعني ياد ڪرڻ، پراڪرت سـُـئمر، سنسڪرت سـَـمر.

سيڻ، پراڪرت سڻيهه، سنسڪرت سنيهه. ننهن، پراڪرت سوڻهه، سنسڪرت سنشا. سگهڻ، پراڪرت سڪڻوم، سنسڪرت سڪوم. ماس يا ماهه، سنسڪرت مانس.

فصل ٽيون

مفرد حرف، صحيح بابت

س ۽ ش، ن ۽ ڻ، ڃ ۽ ڱ  مند ۾: سنسڪرت وارا س ۽ ش ن ۽ ڻ  ڃ ۽ ڱ جي پراڪرت مفرد حرف ڪري ڪم نه آندا آهن، سي سنڌيءَ آندا آهن. هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا:

سنڌي شبد يا سبد، سنسڪرت شبد. سرير، سنسڪرت شرير. شڪر يعني جمعو، سنسڪرت شڪر. شينهن، سنسڪرت سينهه. شاهه يا سائو، سنسڪرت ساڌ.

ڪشڻ، سنسڪرت ڪرش، هندي ڪسنا. ڪشن يا ڪـِـشنو، سنسڪرت ڪرشڻ.

سڻڻ، پراڪرت سئڻام، سنسڪرت شرڻوم. ڦاسي يا ڦاهي، سنسڪرت پاش. ديس، سنسڪرت ديش، ڏهه، فارسي ده، پراڪرت دهه، سنسڪرت دش، هندي دس. وليس، سنسڪرت وليش.

کچڻي، هندي کچڙي، سنسڪرت ڪرشري، ڇنڇر سنسڪرت شنشچر، ڇهه، پراڪرت ڇا، سنسڪرت شٽ.

آڱ ُ يا انڱُ، هندي آنگ، سنسڪرت اڱ. مڱڻ، هندي مانگنا، سنسڪرت مارگڻ. مڃڻ، هندي ماننا، سنسڪرت مان.

ڪ، ک، گ، ۽ گهه مند ۾:  وچ ۾ آيل ڪ اڪثر نڪري وڃي ٿو، جيئن ته سنسڪرت شتڪال پراڪرت سئارو، سنڌي سيارو. سنڌي ڪٻو، پراڪرت کج، سنسڪرت ڪجج ۽ فارسي ڪوز. گهر، پراڪرت گهر، سنسڪرت گرهه.

ت، ٿ، د، ۽ ي منڍ ۾:  ٽامو، پراڪرت تانب، سنسڪرت تارم، هندي تانبا. ٽي، پراڪرت ترش، سنسڪرت ترڻ، هندي تين. ٿانُ، پراڪرت ٿاڻ، سنسڪرت سٿان، فارسي ستان. ڏولي، پراڪرت ڊولا، سنسڪرت دولا.

ڏنڊو، پراڪرت ڊڻڊ، سنسڪرت دڻڊ. ڏيڻ، پراڪرت ديم، سنسڪرت دا، هندي دينا، فارسي دادن. ڏسڻ، پراڪرت دَڪک، سنسڪرت دش. ڊاک، هندي داک، سنسڪرت ڊراڪشا. جـَـوَ، سنسڪرت يو. جس، سنسڪرت يـَـشُ. لٺ، پراڪرت لاٺ، سنسڪرت پٽٺ.

متفرقه اکر وچ ۾: سـُـئي، پراڪرت سوئي، سنسڪرت سوچي. ڪـِـيو، پراڪرت ڪـِـدو، سنسڪرت ڪرت، سرائڪي ڪـِـيتا. راءُ، پراڪرت رائا، سنسڪرت راجا. چؤماسو، سنسڪرت چترماس. سرؤ، پراڪرت سردو، سنسڪرت شرد، فارسي سرد. پيءُ، پراڪرت پيا، سنسڪرت پتا. ساگر يعني سمنڊ يا سائر، پراڪرت سائرو، سنسڪرت ساگر. نگر، پراڪرت ڻئرو، سنسڪرت نگر. وچن، پراڪرت وَئـَـڻ، سنسڪرت وچن. ڀيڻ، هندي بهن، پراڪرت بهڻي، سنسڪرت ڀگڻي. ڀڳت، سنسڪرت ڀڪت. سگهت يا سگهڻ، پراڪرت شڪت. کڏ، پراڪرت گڙ، سنسڪرت گرتَ. ڪنڍي، سنسڪرت ڪڻٺي. بـَـڙُ، سنسڪرت وٽُ. ٽوڙڻ، سنسڪرت توٽن، هندي توڙنا. جـُـڙڻ، سنسڪرت جـَـڊَ. پيڙڻ، سنسڪرت پيڊ. جڙُ، سنسڪرت جڊَ. موڙهه يعني موڳو، سنسڪرت موڍ. کاند، سنسڪرت ڪشانت. وٺ، سنسڪرت ورت. رُتَ، پراڪرت اُڊت، سنسڪرت لرت. به يا ڀي، سنسڪرت آپ. رجبوت، سنسڪرت راجپت. تاءُ، هندي تاپ يا تاو، سنسڪرت تاپ. تلاءُ، پراڪرت تلائن، سنسڪرت تڊاگ. ڏاڙهون، پراڪرت ڊالم، سنسڪرت داڊم. پـِـيلو ۽ پـِـتُ، سنسڪرت پـِـيتُ. يارهن، پراڪرت اي آرهه، هندي گيارهه. ٻارهن، پراڪرت وارهه. تيرهن، پراڪرت تيرهه. چوڏهن، پراڪرت چئدهه.

هه سان گڏ اُچار يا اکر وچ ۾: منهن، پراڪرت مهن، سنسڪرت مـُـکَ. مـِـينهنُ، پراڪرت ميهو، سنسڪرت ميگهه، فارسي ميخ. سهي يعني ساٿي يا دوست، پراڪرت سهي، سنسڪرت مک. ڪـَـهڻَ يعني چوڻ، پراڪرت ڪهه، سنسڪرت ڪٿ جنهن مان ڪٿا. لهڻ، پراڪرت لهه، سنسڪرت لڀ جنهن مان لڀڻ. سائو، پراڪرت ساهه، سنسڪرت ساڌ. سک، پراڪرت سکن. سگهڙ، سنسڪرت سگهٽ، اِڇا يعني خواهش، سنسڪرت اِچڇا. اڇو، سنسڪرت اچڇ. ڪنڍي يا ڪنٿي، سنسڪرت ڪڻٺي. ڍونڍڻ، سنسڪرت ڍونڍڻ. سڦل، سنسڪرت سڦل. سنڊِ، سنسڪرت  سـُـڻٺي، هندي سونٺ. ڳنڍِ، پراڪرت ڳڻٺِ، سنسڪرت گرنٿ. سٺو، هندي سوڌ، سنسڪرت سڻٺ يا شڌ. پنڌ، سنسڪرت پنٿا. ٻڍو، پراڪرت وڊڍ. موڙهه، پراڪرت موڊ، سنسڪرت مگڌ. مد يعني شراب، سنسڪرت مڌ.

نون غني وارا اُچار يا اکر: ٿڻ، هندي ٿڻ، سنسڪرت ستن. لم يا نم، سنسڪرت نمب، هندي نيم ۽ ليم. مـِـڻُ يعني مک يا ميڄالو، سنسڪرت مجا. پـُـنو ۽ پـُـڄڻ، سنسڪرت پورڻ. پوڻي يعني نيڪ، پراڪرت پــوڻ، سنسڪرت پوڻـَـي. سائين، سنسڪرت سوامي

ي ۽ و: واءُ، پراڪرت وائوُ، سنسڪرت وائي. نيڻ، پراڪرت ڻئڻ، سنسڪرت نين. سيج، پراڪرت سيجا، سنسڪرت شيا. پيڄُ، سنسڪرت پبي. جيءُ، پراڪرت جيئن، سنسڪرت جـِـيوَ. پـَـون، سنسڪرت پون، پراڪرت پـَـئڻ. ڏينهن، پراڪرت دئهو، سنسڪرت دِوَس. اوسار يا اوسر، پراڪرت ۽ سنسڪرت آوَسار. اوتار، سنسڪرت آوتار. ڇانوَ، پراڪرت ڇاها، سنسڪرت ڇايا.

ر، ل، س ۽ هه: سـِـئار يعني گدڙ، فارسي شغال، هندي سئال، سنسڪرت شرگال. ڏٻرو، سنسڪرت دُربل. ساراهه، پراڪرت سلاها، سنسڪرت شلاڌا. پڄڻ، سنسڪرت پورڻ. ديس يا ڏيهه، سنسڪرت ديش. ماس يا ماهه، سنسڪرت مانس. هنجهه يا هنس، سنسڪرت هنس. هـَـنج يعني اک جو ڳوڙهو، سنسڪرت اَنش، پراڪرت آنس. سرهو، سنسڪرت سهرش. سائوُ يا ساهـُـو، سنسڪرت ساڌ يا ساڌو.

فصل چوٿون

مرڪب ۽ ٻٽا حرف صحيح

ڪ، گ ۽ ٻيا: سنڌي آڳ، پراڪرت آگِ، سنسڪرت آگنِ، هندي آگِ. ڀـِـت، هندي ڀيت، سنسڪرت ڀت. سروڳ يعني سڀ ڏسندڙ، پراڪرت سروج، سنسڪرت سروءُ. سگهڻ، پراڪرت سڪڻوم، سنسڪرت شڪنوم، هندي سڪنا. سـُـتو، پراڪرت ستو، سنسڪرت ستن. اُپنو يعني پيدا ٿيو، پراڪرت اُپڻ، سنسڪرت اُتپن. ڀـَـت، پراڪرت ڀـَـٽ، سنسڪرت ڀتڪ، هندي ڀات. لڌو، پراڪرت لڌ، سنسڪرت لبڌ. ڪٻو، پراڪرت کجو، سنسڪرت ڪبجه. شبد، پراڪرت سبد، سنسڪرت شبد. مـُـڪتو يعني ڇٽل ۽ آزاد، پراڪرت مـُـت، سنسڪرت مڪت. ڀڳت، سنسڪرت ڀڪت. سڳتِ يا سگهت، سنسڪرت سڪت، هندي سڪت.

نون غني وارا: آنت، سنسڪرت آنتَ. ماس، سنسڪرت مانس. گاڏو يا گاڏي، هندي گاڙو، سنسڪرت گانتري. جنم، سنسڪرت جنم. آڳ، پراڪرت آگ، سنسڪرت آگن. لڳو، پراڪرت لگ، سنسڪرت لگن. ڀڳو، سنسڪرت ڀگن. رتن يعني جواهر، سنسڪرت رتن. سڄاڻ، پراڪرت سـُـج، سنسڪرت سـُـجهه. سـُـپنو، سنسڪرت سوپن. لنگو يا نانگو، پراڪرت نگو، سنسڪرت نگن. سئين، سنسڪرت سنجها. راڻي، پراڪرت رائا، سنسڪرت راجهي. پاڻ، هندي آپ، پراڪت آپاڻ، سنسڪرت آتما. ان، سنسڪرت اُرڻ. چؤماسو، سنسڪرت چتر ماسو. پورو، سنسڪرت پـُـورڻ. چـُـورو، سنسڪرت چورڻ. انب، هندي آم، پراڪرت آمب. ٽامو، هندي تانبا، پراڪرت تمب، سنسڪرت تامر. نم، سنسڪرت نمب. ملڻ، پراڪرت ملاڻ، سنسڪرت مليل، هندي ملنا.

ي، ر، ل ۽ و: جوڳ، پراڪرت جوگ، سنسڪرت يوگي، هندي جوگ. واگهه، سنسڪرت وياگهر. ويس، سنسڪرت ويشي، هندي بيس. واڪ، سنسڪرت واڪي. تـُـوري، پراڪرت تـُـورن، سنسڪرت تـُـوري. ڌبر ۽ ڌيرج، پراڪرت ڌيرن، سنسڪرت ڌيرين. آر يا عار، هندي آرج، سنسڪرت آري. سورج، پراڪرت سوري يا سجي، سنسڪرت سوري. اَچرج، پراڪرت آچڇريئه، سنسڪرت آشري. نت، پراڪرت نت، سنسڪرت نـِـتي. آڏت يعني سج، سنسڪرت آدتي. مٺيان، پراڪرت مچڇا، سنسڪرت مـِـٽيا. وڄا، پراڪرت بجا، سنسڪرت وڌيا. اَڄ، سنسڪرت آجي، هندي آج. کاڄ، سنسڪرت کادين. منجهه، پراڪرت مججهو، سنسڪرت مدي. ٻجهڻ، سنسڪرت بدي. هچا، سنسڪرت هتيا. ڳجهو، پراڪرت گـججهائو، سنسڪرت گهـُـيـَـڪ. ڪلهه يا ڪالهه، پراڪرت ڪل، هندي ڪل، سنسڪرت ڪلين. مـُـلهه، سنسڪرت مولي. پلنگ، سنسڪرت پريگ. پلاڻ، پراڪرت پلاڻ، سنسڪرت پرياڻ.

اڳُ، پراڪرت اگو، سنسڪرت آگر. گـُـجري، سنسڪرت گرجري. گـَـجڻ، سنسڪرت گرجن، هندي گرجنا. ڪم، پراڪرت ڪمو، هندي ڪام، سنسڪرت ڪرمن. مـُـنڍي، سنسڪرت مردن. سـَـپ، سنسڪرت سرپ. سـِـگهو، سنسڪرت شرگهه. چـَـڪي، سنسڪرت چرڪ. نـِـڀاڳ، سنسڪرت نـِـرڀاڳ. چرچو، سنسڪرت چرچا. پرين، سنسڪرت پريي. پرڀ، سنسڪرت پرو. گرب يا گيرب يعني هٺ، سنسڪرت گروَ. شڪر يعني چمعن، سنسڪرت شڪر. سرڳُ، سنسڪرت سورگ. ڌرم، پراڪرت ڌم، سنسڪرت ڌرم. پرڀات، سنسڪرت پرڀات. پرتاب يعني جلوو، سنسڪرت پرتاپ. پرت يا پتو يعني ورق، سنسڪرت پٽ. ڊگهو، پراڪرت دگکهه، سنسڪرت دِرگهه. ڪرتِ، سنسڪرت ڪرت. ٽـَـڪ، سنسڪرت ترڪ. واگهه، سنسڪرت وياگهر. رات، سنسڪرت رات، پراڪرت رني. ڀاءُ، سنسڪرت ڀراتا. پٽ، پراڪرت پت، سنسڪرت پتر. مـِـٽ، پراڪرت مـِـت، سنسڪرت مـِـتر. چنڊ، پراڪرت چند، سنسڪرت چندر. کيٽ، سنسڪرت ڪشيت. منڊ، سنسڪرت منتر. ٽي، سنسڪرت ترڏڍ، سنسڪرت درد. ڍاپڻ، سنسڪرت ترپڻ. ڪتڻ، سنسڪرت ڪرتن. ڪتر يعني ڪينچي، سنسڪرت ڪرتري. وٽ، سنسڪرت وَرتڪا. کڏ، پراڪرت گڙو، سنسڪرت گرت. آڙڌنگ، سنسڪرت آرڌاڱ. ارٿ، سنسڪرت ارٿ. تيرٿ، سنسڪرت تيرت. مورت، سنسڪرت مورت. ڪيرت، سنسڪرت ڪيرت. سڀ، سنسڪرت سروَ، هندي سب. پورب، سنسڪرت پورو. سـُـئو يعني ٻـڌو، پراڪرت سـُـدو، سنسڪرت شرتُ. سسر، سنسڪرت شورش. سراڌ، هندي شراڌ، سنسڪرت شراڌ. آسون يعني هنجون، سنسڪرت آشرُ، پراڪرت آنس. سهس، پراڪرت سهس. وسڻ، سنسڪرت ورش، هندي برسنا. پاسو، هندي پاس، سنسڪرت پارش. سـِـسي، سنسڪرت شيرش، هندي سيس. درسن، سنسڪرت درشڻ. سرهو، سنسڪرت سهرش.

بڪر يعني ڀاڄي، پراڪرت وَڪل، سنسڪرت ولڪل. لـُـڪ، پراڪرت اُڪا، سنسڪرت اُلڪا.

سرڳ، سنسڪرت سورگ. دئار يعني دروازو، پراڪرت دئارو، سنسڪرت دوار. ساءُ ۽ سواد يعني سواد ۽ لذات، سنسڪرت سواد. جلڻ، سنسڪرت جولن. سهرو، سنسڪرت شوشر. سس، سنسڪرت شورش. ٻه، سنسڪرت بو. پڪو، پراڪرت پـِـڪَ، سنسڪرت پـَـڪ. سـَـتُ، پراڪرت ست، سنسڪرت ستوَ. پرميسر، پراڪرت پرميسر، سنسڪرت پرميشور.

س ۽ ش مرڪب: اَچرج، پراڪرت آچڇرءِ، سنسڪرت آشري. ڇنڇر، هندي سنيچر، سنسڪرت سنيڪشر. وڇون، پراڪرت پچڇڻو، سنسڪرت ورڪشڪ. پڇتاءُ، سنسڪرت پڪشاتاب. رسو، پراڪرت راسِ، سنسڪرت رَشـِـم. ڏڪار، سنسڪرت دُشڪال. نڪام، سنسڪرت نشڪرم. سـُـڪو، سنسڪرت ششڪ، هندي ۽ پراڪرت سوڪا، فارسي خشڪ. ڏٺو، پراڪرت دٺَ، سنسڪرت دِشٽ. ڳوٺ، پراڪرت ڳوٺِ، سنسڪرت گوشٺ. نـِـٺر، پراڪرت نـِـٽٺر، سنسڪرت نشٺر. مـِـٺو، سنسڪرت مـِـشٽ. ڪوڙهه، سنسڪرت ڪـُـشٺُ. ٻاڦ، پراڪرت وَڦو، سنسڪرت واڦ، هندي باڦ. نـِـپـُـٽو، سنسڪرت نـِـڦپـُـٽَ. سک، سنسڪرت شـِـشي. ڪـَـنڌُ، پراڪرت ڪنڌو، سنسڪرت سـَـڪند. ٿڻ، سنسڪرت سـَـتـَـن. ٿيو، سنسڪرت سـِـٿـَـق ِ. ٿنڀ، پراڪرت کمبو، سنسڪرت سـِـتـُـمب. وَٿُ، سنسڪرت وستُ. هٿ، پراڪرت هـَـٿو، سنسڪرت هـَـسـَـت، هندي هاٿ. ٿاڻو، سنسڪرت سٿان. وَڇ، پراڪرت وچڇو، سنسڪرت وتس. آستت يعني تعريف، سنسڪرت ستـَــت. استري، سنسڪرت ستري. ڦٽڻ، سنسڪرت سڦٽ. ڦـُـڙتي، سنسڪرت سڦـُـورت. وسـَـپـَـت، سنسڪرت ورهـَـسقـَـْت. پارس، سنسڪرت سپـَـرش. سنان، سنسڪرت سـِـنان. سـِـنيهـَـو، سنسڪرت سـِـنيهـِـه. نينهن، سنسڪرت سنيهه، هندي نيهه، پراڪرت ڻيهو. نـُـنهن، پراڪرت ڻوڻهه، سنسڪرت سـُـڦا. وسامڻ، سنسڪرت وسم. سـُـرڻ، سنسڪرت سمر. اسين ۽ توهين، پراڪرت آسمي ۽ تـُـمهي. اکِ، سنسڪرت آڪش. کير، سنسڪرت ڪشير، فارسي شير. کارو، سنسڪرت ڪـَـشار. کيت، سنسڪرت ڪشيت. کـِـما، سنسڪرت ڪشما. کيئن، سنسڪرت ڪشيم. رکڻ، سنسڪرت رَڪشڻ. کاند، سنسڪرت ڪشانت. رڇ، سنسڪرت لرڪش. ڇـُـري، سنسڪرت ڪـُـشري. ڇـِـنڻ، سنسڪرت ڪـَـشـَـڻَ. لڇڻ يا لکڻ، سنسڪرت لڪشڻ. لڇمي، پراڪرت لچڇي، سنسڪرت لڪشمي. تکو، پراڪرت تـِـڻهه، سنسڪرت تـِـڪشڻ.

هه وارا اکر: باهه، پراڪرت وَڻهي، سنسڪرت وَرهه. چينهن يعني نشان، سنسڪرت چـِـرهه، پراڪرت چنگهه. ٻانڀڻ، پراڪرت وَمهڻ، سنسڪرت براهمڻ. ڳجهو، پراڪرت گـُـججهائو، سنسڪرت گهيـُـڪ. ڄڀ، پراڪرت جـِـه، سنسڪرت جـِـهوا.

ٻه يا ٽي مرڪب حرف صحيح: مرهٽي، سنسڪرت مهاراشٽر. اڳيون، سنسڪرت اگري. پاسو، پراڪرت پاس، سنسڪرت پارشو. سنجهو يا سانجهي، پراڪرت سنجها، سنسڪرت سنڌي. مـُـڇه يا مڇي، پراڪرت مچڇو، سنسڪرت متسي. رات، پراڪرت رتي، سنسڪرت رات. ڪم، پراڪرت ڪمو، هندي ڪام. جلڻ، سنسڪرت جولن. ساهه، سنسڪرت شواس. سالو، پراڪرت سالو، سنسڪرت شيال. ڊاک، هندي داک، سنسڪرت دراڪشا.

 

فصل پنجون

سنڌي ٻوليءَ جو عربي ۽ فارسيءَ سان واسطو

جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي سنسڪرت ۽ پراڪرت مان آيل آهي، تڏهن به عربن جي فتح کان پوءِ منجهس بيشمار عربي لفظ گڏيا ۽ پوءِ فارسي لفظ به شامل ٿيا. جيئن ته ان جي تاريخ مان معلوم ٿيو هوندو. پهرين ته سنڌي ٻوليءَ عربي الف بي جا اکر ڪم آندا، جنهن ڪري اها عربي - سنڌي سڏجڻ ۾ آئي ۽ اڃا تائين ان جي صورتخطي عربي آهي. ٻيو ته گهڻا رواجي لفظ جنسي، صحيح ۽ اصلوڪي صورت ۾ ڪم اچن ٿا ۽ ان ۾ اهڙا ملـي ويا آهن جو عربي ۽ فارسي ڄاڻڻ واري کان سواءِ ڪنهن کي به خبر نه پوندي ته هي ڪي نج سنڌي لفظ ناهن. ٽيون ته سنڌي صرف نحو جو نمونو شروع کان وٺي عربي نموني تي ٺهيل اڃا ڪم پيو اچي. فقط هاڻي انگريزي صرف نحو موجب ٿوري گهڻي ڦير گهير ٿي آهي، ۽ گرامر جا اصطلاحي لفظ سڀ عربي ڪم ٿا اچن. فقط هاڻي ڪي سنسڪرت صورتون به داخل ٿيون آهن، جيئن ته: ڪرونت ۽ پريوگ. چوٿون ته گهڻن علمن جا اصطلاح به عربي ٻوليءَ جا ڪم ٿا اچن. فقط هاڻي ٿورن ڏينهن کان ڪي سنسڪرت مان ۽ ڪي انگريزيءَ مان به انهيءَ ۾ داخل ٿيا آهن. پنجون سنڌي شعر ۾ گهڻن ورهين کان فارسي بحر ۽ وزن ۽ قافيه. عربي عروض جي قاعدن تي ڪم ٿا اچن.

صرف نحو ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو جيتريقدر سنڌيءَ ۾ دخل آهي، اُهو هيٺ هن ڪتاب مان معلوم ٿيندو. ڊڪشنري يا لغت جي وسيلي معلوم ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙا لفظ عربي ۽ فارسي آهن؟ هيٺ نموني لاءِ ڪي لفظ ڏجن ٿا. جي صحيح سالم صورت ۾ ڪم اچن ٿا ۽ گهڻا لفظ کريل يا بدليل صورت ۾ ڪم اچن ٿا. سڀ ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو دستور آهي ته ٻيءَ ٻوليءَ جا لفظ وٺي، انهن جا ڪي حرف يا اُچار بدلائي ڪم آڻين ٿا، جيئن ته: گ کي ڳ ڪري سنڌيءَ ۾ ڪم آندائون. ب کي ٻ، ج کي ڄ، غ کي گ وغيره. سنسڪرت مان آيل لفظن ۾ به اهو رستو ورتل آهي. تيئن عربي ۽ فارسي ۽ انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان به، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ بناوت جي بيان ڪندي ڪي مثال ڏنا ويا آهن. انهن حرفن جي ڦيرين گهيرين يا بدلجڻ لاءِ ڪي خاص قانون آهن، جن جو بيان علم نحو ۾ ڪبو. هتي فقط ڪي مثال ڏجن ٿا.

ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌيءَ ۾ نه فقط عربي لفظ ظاهري صورت ۾، پر ڪي عربي حرف به ڦيرائي ۽ ٻيا سنڌي حرف وجهي ڪم آندا ويا آهن. پر ڪن ۾ ته ان جي باطني صورت يا معنيٰ ڦيرائي ڇڏي ويئي آهي. مثلا گهڻا جمع لفظ واحد وانگي ڪم اچن ٿا، جي حقيقت ڪري غلط سمجهڻ گهرجن. جيئن ته اوليا، ملائڪ، حـُـور، اسباب، احوال، افواهه. ڪن ۾ اصل عربي لفظ وارو ڪونج عربي حرف کريل ۽ بدليل صورت ۾ به ڪم پيو اچي، جنهن مان هڪدم خبر پئجي سگهي ٿي ته اهو لفظ عربي بنياد جو آهي، پر ڪن ۾ اهو اُصول ڪم ۾ نٿو اچي ۽ اهو اکر بدلائي ٻيو لکڻ ۾ اچي ٿو، جو غلط سمجهڻ گهرجي. مثلا سنڌيءَ ۾ قاصائي لفظ صاد سان ٿا لکن، ڇا لاءِ جو اصل لفظ قصاب آهي ۽ بصر ٿا لکن، جو اصل لفظ بصل آهي. صابڻ ٿا لکن جو اصل لفظ صابون آهي. پر عربي لفظ قفل کي ڪلف يا ڪرف ڪري ٿا لکن، نه ڪلف ۽ محل کي مهل ڪري ٿا لکن. قينچيءَ کي ڪينچي ڪري ٿا لکن ۽ چاقوءَ کي چاڪو ٿا لکن. پر ائين لکڻ غلط آهي.

وري گهڻا عربي فارسي لفظ آهن، جن جي اصل معنيٰ ٻي آهي پر سنڌيءَ ۾ ٻي معنيٰ سان ڪم ٿا اچن. جيئن ته زال کي سنڌيءَ ۾ ڪابه زال ماڻهو چئبو آهي، پر فارسيءَ ۾ زال جي معنيٰ فقط ڪراڙي يا ٻڍي زال. انجام سنڌيءَ ۾ چون وعدي يا وچن کي، پر فارسيءَ ۾ چون پڇاڙيءَ کي. سواد سنڌيءَ ۾ چون لذت کي، پر عربيءَ ۾ سواد چون ڌنڌ يا ڪاراڻ کي، جيئن ڪو شهر پري کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ارمان سنڌيءَ ۾ چون افسوس يا ڏک کي، پر اصل معنيٰ اٿس پشيماني يا دل جي خواهش. حرڪت سنڌيءَ ۾ آهي نقصان يا خرابيءَ جهڙو ڪم ۽ عربيءَ ۾ آهي فقط چـُـرڻ. تڪرار سنڌيءَ ۾ چون معاملي يا جهيڙي جهڳڙي کي ۽ اصل معنيٰ اٿس ڪو ڪم ٻه ٽي ڀيرا وري وري ڪرڻ. هلاڪ سنڌيءَ ۾ چون تڪليف ڏيڻ يا بيزار ڪرڻ کي ۽ اصل معنيٰ اٿس موت ۽ مارڻ. خراب سنڌيءَ ۾ چون بڇڙي کي، پر اصل معنيٰ اٿس ويران يا سڃو. جيئن خانه خراب. باهه اصل فارسيءَ ۾ شهوت کي چون جئين قوت باهه ۽ سنڌيءَ ۾ آگ کي. سخن اصل فارسيءَ ۾ ڪابه ڳالهه، سنڌيءَ ۾ قول يا انجام آهي. قول به سخن وانگي ڪم اچي ٿو.

وري جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته ڪي جمع اسم واحد وانگي ڪم اچن ٿا، تيئن ڪي اسم صفت وانگي ڪم اچن ٿا ۽ ڪي صفتون اسمن وانگي ڪم اچن ٿيون. مثلا: حيات عربيءَ ۾ آهي حياتي ۽ سنڌيءَ ۾ آهي جيئرو، جيئن ته هن جو پيءُ اڃا حيات آهي. عجب سنڌيءَ ۾ اسم وانگي به ڪم اچي، جيئن اصل عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهي، جيئن ته مون کي عجب ٿو لڳي، پر صفت وانگي به ڪم اچي ٿو، جيئن ته: خدا جا عجب رنگ آهن. هن جي عجب چالي آهي. فنا عربيءَ ۾ چون نيستي يا نابوديءَ کي ۽ صفت اٿس فاني، پر سنڌيءَ ۾ فنا کي به فانيءَ وانگر صفت ڪري ڪم آڻين ٿا، جيئن ته هن مون کي فنا ڪري ڇڏيو آهي.

وري ڪي لفظ اصل بنيادي معنيٰ موجب ٻي شيءِ ٿا ڏيکارين، پر رواجي معنيٰ موجب ٻي شيءِ ڏيکارڻ لڳا آهن، جنهن کي اصطلاحي معنيٰ ٿا چون ۽ اُهي خود فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ به اصطلاحي معنيٰ سان ڪم اچن ٿا. مثلا: اجل لفظ جي عربيءَ ۾ اصل معنيٰ آهي کـُــڻ يا مقرر وقت، پر رواجي معنيٰ موجب موت آهي. قاعده اصل معنيٰ موجب چون ڀت جي بنياد کي ۽ رواجي معنيٰ موجب قانون کي چون. غصو چون ڪاوڙ کي پر اصل معنيٰ موجب آهي نڙيءَ جو گهٽجڻ، جيئن ڪاوڙ وقت ماڻهوءَ کي ٿيندو آهي. جدول اصل چون نهر يا ڪسيءَ کي، پر رواجيءَ معنيٰ موجب نقشي يا ليڪن ڪڍڻ کي چون. غرض اصل معنيٰ موجب چون مطلب ۽ دعا کي ۽ سنڌيءَ ۾ رواجي معنيٰ اٿس پرواهه، جيئن ته مون کي هن جي غرض ڪانهي. حجام اصل معنيٰ موجب سـِـير ڇوڙڻ وارا يا وڍ ڪٽ ڪرڻ وارو آهي ۽ رواجي معنيٰ آهي مٿي ڪوڙڻ وارو.

هاڻي هيٺ پهرين ڪي عربي فارسي لفظ ڏجن ٿا، جي جنسي صحيح صورت ۾ سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا ۽ پوءِ اُهي ڏبا جي حرف بدلائي يا صورت بدلائي آيا آهن:

(1) عقل، هوش، جان، عشق، آب، مضبوط، سخت، نرم، گرم، سرد، بند، راهه. موت، حياتي، فصل، جنس، آبادي، ويران، دستور، رواج، نيڪ، بد، غم، خوشي، شادي، رنج، زياده، اصل، نسل، واسطو، مطلب، معنيٰ، لفظ، قول، اقرار، اِملاڪ، مـُـلڪ، مالڪ، لذت، شوق، وبا، وفا، بلا، مصيبت، مضمون، فڪر، ذڪر، شڪر، قسمت، نصيب، مڪر، فريب، دغا، دوست، دشمن، دوا، دعا، علاج، شربت، زرد، درد، دولت، صاحب، صحبت، محبت، فرصت، وقت، عجب، طرح، قسم، فائدو، قاعدو، قربان، فرمان، حڪم، حاڪم، ڪتاب، قلم، ڪاغذ، اشتهار، اطلاع.

(2) تارازي (ترازو)، تسبي (تصبيح)، شـِـيخ (سيخ)، ٻچو (بچه)، چنبو (پنجه)، چمُ (چرم)، درواڻ (دربان)، ليمڪ (نمڪ)، نير (نيل)، هڪ (يڪ)، رڱ (رنگ)، ملم (مرهم)، همام دستو (هاون دسته)، ارگ (عرق)، گرز (غرض)، ايرازو (ايراده)، تادي (تعدي)، سايو (سعي)، تلاءُ (تالاب)، ٽـَـڪُ (دوڪ)، ٺونٺيو (توتيا)، پليتو (َفتيله)، پيدل (پيادهه)، ڦاروا (فالسه)، جرجلو (زلزله)، جود (زود)، چمڪدوز (چڪندوز)، چلمچي (چلابچي)، جمو (جمع)، ڇٻي (سبد)، خرخسو (خرخشه)، خونچو يا خومچو (خوانچه)، دٻلو (طبله)، دنبورو (طنبور)، دوفان (طوفان)، دم (درم)، ريب (فريب)، سلهه (سل)، شم (شمع)، تباخ (طبق)، ڪاربُ (قالب يا ڪالبد)، گاجي (غازي)، گنگو (گنگ)، گليلو (غلوله)، لاچار (ناچار)، مادي (ماده)، مسالو (مصالح)، مسيت (مسجد)، پليت (پليد).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org