سيڪشن: لسانيات

ڪتاب: سنڌي ويا ڪرڻ

باب:

صفحو:15 

دينَ پاڙئون پٽي ڇڏي ٿو دَين،

 قرض

دين واري کي چـِـين ۾ به نه چـَـين.

         ملڪ                                                آرام

----------

ٻه ٽـُـڪر ٿي پئي ٽـَـڪر، منهنجي جي پئي ان تي نظر،

    پرزا                جبل    

جي ڪري بجلي، ڪري ان کي مٿان پنهنجي سپر.
هت ڪريو چشمن جي چشمن کان اوهين جاري نديون،

          اکين    حوضن     

جنت الماويٰ جي نهرن تي گذارڻ واسطي.

----------

ميڙڻ مان زر جي ٿئي ٿي پشيماني عاقبت،
صورت ۾ ڏس ته درهم، درهم کان ڪم نه آهه.

                پئسو    پشيمان ٿيڻ

----------

درهم جي لاءِ نت ٿئي درهم اسان جو حال،

 پئسي                             پريشان    

درهم درم کان درهم برهم جهان ٿئي.
 

(3) تجنيس زائد: جڏهن ٻه لفظ هڪ جنس جا، حرفن ۽ حرڪتن ۾ هڪ جهڙا هجن مگر هڪڙي ۾ ٻئي کان هڪ حرف زياده هجي، منڍ ۾ يا وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾:

ڪنڌ تي ڪالهه جنهن جي آيو ڪال،

                 اڳئين ڏينهن                                            موت

اڄ وٽي مالهه، اُن به ميڙيو مال.

                      نارجي                                                 مايا

----------

ڪهڙي هڻي ٻٽاڪ، مئلن تي،
جن مٿي
ڪالهه″ آيو آهي ″ڪال″.

 

موجود منجهه ″وجود″ جي، حاڪم جي جود آهه،
واجب مواجب آهي به حاجب کي نت ڏيڻ.

                  اجورو، پگهار               دربان، نوڪر

----------

آئين اڪبري″ آهي، هڪڙو عجب ڪتاب،

 

  قاعده       

اڪبر جي وقت جو آهي، آئينو بيحجاب.

                                   آرسي

----------

ٿيو عشق منجهان علم لدني مون کي حاصل،
گردن″ به جهڪائي اچي گردون منهنجي آڏو.

                                  آسمان

----------

هر ڪنهن جي هٿ ۾ پنهنجي قسمت آهه،
جي ″ڪشش ڪوشش″ جي ڄاڻي ٿو راهه.

 

هن ۾ ″ڪين″ ۽ ″ڪين″ جي تجنيس تام ۽ ″گهر″ ۽ گهـُـر″ تجنيس ناقص آهن. ″ڪين″، ″ڪينو″، ″گهر″ ۽ ″گهار″ تنجيس زائد آهن.

ڪين لاءِ ڪينو رکي، پـُـرڪين نه ٿي، ڪو ڌيان ڪر،

 

   ڪي به نه     وير              دشمني

گهـَـر ۾ ويٺو خير گهـُـر، گهـُـرَ تي خدا جي گهار ڏينهن.

 

----------

ماڻهوءَ ۽ جانور ۾ آهي، دل جي اک جو فرق،
انعام ۽ آنام ۾ ٿيو فرق، عين جو.

 

        عربيءَ ۾ جانور    ماڻهو 

----------

تيغ دوسر جي قاف کان غلطان قاف ٿيو،
آيو سو جنهن مصاف ۾، ميدان صاف ٿيو.

                  جنگ جو ميدان

----------

بهرام کي به گور ۾ لرزو پئي منجهه اندام،
سـَـم سان فنا ٿئي سام، جي منهنجي جهلي حسام.

 

زهر             پهلوان                                ترار

ٿئي مرد، ″مراد″ گهٽ ڪري جو پنهنجي،
ڪڍ ″الف″ مراد مان، ته تون مرد ٿئين.
 

----------

حق سان تون گذار، ڪر تون ٻئي سڀ کان گذر،
سڀ خواهشون لاءِ دين، دنيا سڀ ڪوڙ.
 

----------

ارزق جي اکين آڏو تڏهن آئي سياهي،
پـُـٽَ کي جو ڏٺئين ″دم″ ۾، ″عدم″ ڏي ٿيو راهي.
 

----------

حضرت جي رزمگاهه ۾ هڪڙو رکيو ″قدم″،
سر منهن پٽيندي نڪرندو ان دم اسان جو ″دم″.
 

----------

اکين جو آب ″ماهيءَ″ تائين ويو ۽ آه وئي تا ″ماه
اندر سوز جا شاهد ٿيا ٿم، ″ماه″ تا ″ماهي″.
 

----------

جڏهن ڇڏين ″مقصد″ تڏهن ″مقصود″ حاصل ٿو ٿئي،
زيان جڏهن گڏ ٿا ٿين، تڏهن سود حاصل ٿو ٿئي.
 

----------

عاشق وفا ڪري، ڪري معشوق سرڪشي،
گهرجي ٿو ″ناز″ حسن کي، ۽ عشق کي ″نياز″.
ساز″ عالم سان تون رک، ۽ ″سوز″ تون دل جو نه ڇڏ،
ساز″ هن ″سازش″ ڪرڻ جا، ٿيا اهي ئي سوز ساز.
 

رباعي

تون خواب ۾ آهين، ڪانه ٿـَـئي پنهنجي خبر،
غفلت ۾ وڃائين مفت پيو چار پهر،
راهي″ ٿيا سڀئي، يار تون آهين منجهه ″راه
لحظي جي حياتيءَ تي، ڪرين ڪانه نظر.

----------

آءٌ گدا، گهٽ ڪين سمجهان، پاڻ کي سلطان کان،
هن کي ″تخت″ ۽ مون کي ″تختو″ هن کي ″ڇٽ″ مون کي ″ڇٽي″.
خـَـلق″ هن وٽ، ″خـُـلق″ مون وٽ، زور هت، زاري هتي.
مون ″رعايت″ اُن ″رعيت″، صلح مون، جنگ هن کٽي.
منهنجو ″ڪشتو″ هن جي ″ڪشتي″، منهنجي ″تاج″ هن جي ″تاج″،
هن جي ″لٺ″، منهنجي ″لٽ″، هن جو پٽو، منهنجي پٽي.

                         مٽي        ڪمر بند ليڙ               گودڙي

(خلق، تاج، لٺ، لٽ، ڪشتو ۽ ڪشتي ٻين قسمن جون تجنيسون آهن)

اشرف″ المخلوق جي پرک آهي اشرافت اصل،
پرک اشراف ۽ ڪميني جي ته آهي ″اشرفي″.

----------

يارو ڏسو عجيب هي زماني جو انقلاب،
خوشدل رهن ٿا ″ناري″، ۽ ″نوري″ ٿيا دلڪباب.

----------

ڏي وشق تا مون کي بغل ۾ وٺي.

            پوستين   

يا وشاق آءٌ بغل ۾ جنهن کي وٺان.

   خوبصورت غلام   

(4) تجنيس مرڪب: هن کي مرفو يعني ″رفودار″ به چوندا آهن. هن ۾ همجنس لفظ ڪم اچن ٿا ۽ انهن مان هڪڙو يا ٻيئي مرڪب يا ٻن لفظن مان جڙيل هجن. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙو ″مقرون″ جڏهن اهي ٻه لفظ لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجهڙا هجن ۽ ٻيو ″مفروق″ جڏهن اهي لکڻ ۾ هڪجهڙا نه هجن، پر پڙهڻ ۾ هڪجهڙا هجن.

مقرون

عشق سچو رکين ٿو ″پروانا″،
جو جلڻ جي رکين ٿو ″پروانا

----------

بو نبيءَ جي نئي خدا تائين،
بو علي ڇڏ ۽ ″بو عليءَ″ جي ڳول.

حڪيم       

مفروق

سروقد، جو سرو جي سر رکي ٿو ″آفتاب
آفت آهي، ٿيو اکين ۾ جڳ جي کان جنهن ″آفت تاب″.
 

----------

اب جد پنهنجو ڪر ابجد اي ادا،

  پيءُ ۽ ڏاڏو                    الف بي يعني علم

وٺ نه ڪا علم ۽ عمل ري ڪا ڳڙي.
 

----------

ماڻهوءَ جي لاءِ بد آهي، عادت ″شراب″ جي،
ٿئي ٿو سرير پنهنجو وڃائي ڪنا شر آب.

 

                                     شرارت ۽ عزت

(5) تجنيس مڪرر: هن کي ″مردد″ ۽ ″مزدوج″ به چوندا آهن. هن بيت جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه همجنس لفظ گڏ ايندا آهن، جن مان پهرئين لفظ جي منڍ ۾، ٻئي پوئين کان هڪڙو يا ٻه حرف زيادهه هوندا آهن، يا پهرئين لفظ جو پويون ڀاڱو وري ايندو آهي ۽ معنيٰ پنهنجي خلاصي هوندي اٿس.

رباعي

تنهنجي ٿي لڳي دوست پياري ياري،
جند جان جي ڳڻتي مون
وساري ساري،
جي ڏينهن ٻه - ٽي مري ڏنم توکي ساهه،
گويا هيءَ حياتي مون
اُڌاري ڌاري.

----------

نـِـت نينهن سڄڻ نيڻ ملائي، لائي،
نـِـت پرت سڄڻ جڳ کان
ڇپائي، پائي،
جيڪي ڪري سو مون کان پڇي، پوءِ ڪري،
جيڪي کائي مون کي
چکائي، کائي.

----------

مون جا ڪئي ان هنڌ انهي مڪار سان ڪار،
مون کان ڀڳو ان ڪري هو
بيزار ٿي زار.

----------

لـڄ لاهي، ڏنائين مون دلفگار کي گار،
داڻي تي رکيائين، ڄڻ ته
انبار جو بار.
 

تجنيس مطرف: جنهن ۾ ٻه همجنس لفظ هجن جي حرفن ۾ متفق هجن، سواءِ پوئين حرف جي، جو مختلف ٿو ٿئي.

ڪلال يار جو هوئي ته نت وڻي ٿو ڪلامُ
گلاب بدران وجهي مون تي شل گلال مدام،
ڪڻي پليت پوڻ سان
خرار ٿئي نه خراب،
ڦـُـڙي پليت سان، چشمو حلال ٿئي نه حرام.

----------

عاشق ۽ معشوق هڪ دلداد ٻيو دلدار آهه،
هن کي
آزار آهي، هو آزار کان آزاد آهه.

----------

ڏوهه ڪنهن کي ڏجي ناحق، آهي قسمت جو قصور،
ٿيو
دلارام دل آزار خدا خير ڪري.

----------

اندر تنهنجي موجود ٿيا ٻئي جهان،
معاش آهي تن ۽ معاد آهي جان.
 

تجنيس خط: هن کي تصحيف ۽ مشابهه به چوندا آهن. هن ۾ ٻه لفظ اهڙا ڪم ٿا اچن، جي صورت ۾ يعني لکڻ ۾ هڪجهڙا آهن. رڳو لفظن ۾ يعني پڙهڻ ۾ مختلف آهن.

رات تاريڪ راهه ٿي باريڪ،
مور
ناتين کي نه هو تاتين.

----------

دشت ۾ دست ان جو ڪو نه وٺي،
هن کي
تاڙين، پر نٿا تارين.

----------

عيادت شڪل ۾ آهي عبادت،
مگر اٺ ڀيرا ان کان ٿي زيادت.

----------

پارسا جو ظاهري تون پوش ڪر،
پوءِ باطن ۾ پيو مئي
نوش ڪر.

----------

ڪارا ڊگها ڏٺائين جڏهن زلف تنهنڪا مشڪين،
دل ڏئي ٿيو گرفتار، عاشق ويچارو
مسڪين.

----------

سائو فيروزو ٿيو جي موچارو،
مشڪ
چين ۽ ختن جو ٿيو ڪارو.

 

----------

رومين چيو رنگ جي ڪا گهرج ناهه،
زنگ لاهڻ جو اسان کي فڪر آهه.

----------

سفر اگرچ سقر کان ٿيو هڪڙو نقطو گهٽ،
مگر عذاب
سفر جو سقر کان واڌو آهه.

----------

باطن ۾ آهين ظاهر، تنهنجي عجب ٿي چالي،
عالم ڀريل ٿيو توسان، ۽ جاءِ تنهنجي
خالي.

----------

ثواب آهي ڏسڻ، جي دل جهلين تون،
پڄين جي ڪين پوءِ، بهتر ڀڄين تون.

----------

موڪلاڻيءَ مهل محبوبن کان جي بوسو مليو،
سچ محبن کي سفر جي لاءِ ڄڻ
توشو مليو.

----------

ڄاڃي اسين سڀ، دهل ڌمامن ساڻ هلياسين،
ڏيکار ته سا
ناز ڀري ناز ڪٿي آهه.

----------

هڪ ساهه لاءِ گڏ اچي ٿي آهي ساري خلق،
خنجر هزار هوڏي ۽ هيڏي ٿي هڪڙي حلق.

                                          نڙي

----------

هر ڪنهن جي خيال ۾ آهي هر شيءِ جدا پسند،
توکي
خودي پسند ته مون کي خدا پسند.

----------

مون کي توکان خدا، جدا نه ڪري،
ٿيان توکان
جدا، خدا نه ڪري.

----------

فلڪ ٿو سادهه لوحيءَ کان ڪري مون سان زبردستي،
نٿو ڄاڻي زبردست آهيان، پنهنجي زبردستيءَ ۾.

----------

بچين دوزخ کان، ٿي ڄڀ جو نگهبان،
جو هن جڳ ۾
زبان آهي وڏو زيان.

تجنيس مضارع:  ڪي تجنيس خط ۽ مضارع هڪ ڄاڻندا آهن، ڪي ٻنهي جي وچ ۾ تفاوت رکندا آهن، ته ٻن همجنس لفظن جي منڍ يا وچ يا پڇاڙيءَ وارو حرف مختلف ٿيندو آهي، يا هڪڙي حرف علت جي بدران ٻيو ايندو آهي.

مرد ڪامل جي زماني کي نه هو ڪرڻو مون کي،
ڇو ٿي
نادانيءَ ۽ ناداريءَ جو درجو ڪيئين عطا.
هڪڙو ڄڻ گلخن آهي ٻيو
گلشن،

                              کورو            

هڪڙو ڪفران آهي ٻيو غفران.
 

----------

چڱا پورهيت ۽ ڪاريگر، ٻچا ۽ ٻار جي پالين،
ٿين نشي جي عادت کان يا
بيکاري يا بيگاري.
 

----------

علم باڪار سود مند آهي،
علم
بيڪار پائي بند آهي.
 

----------

سڄو ئي نوش ٿين، جي تون ڇڏين نيش،

          مٺائي                                        ايذاءُ رسائڻ

سڀن جو خويش ٿين، جي تون ڇڏين خويش.

           عزيز                            پاڻ

ُ]خويش ۽ خويش تجنيس تام آهي. [

----------

هن روح خدا جي مان ٿي خوش خلق خدا جي،
هن راح خدا جي مان
زمين خوش ۽ زمان خوش.

    راحت

صنعت اشتقاق: هن کي اقتصاب به چوندا آهن. ڪي هن کي تجنيس جي قسم سان ڄاڻندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ڪم ايندا آهن، جي هڪڙي اصل مان متشق هوندا آهن يا هڪڙيءَ جنس جا هجن. مثال:

قطعا

طالب کي طلب دل جي مطلوب نه ٿئي واصل،
نه ته وات جي
طلبڻ سان مطلب نه ٿئي حاصل.

----------

گهرجي ٿي محبن کي نت حب حبيبن جي،
محبت ۾ ٿيڻ گهرجي محبوب کي مائل.

----------

نه فرق آهي ڪو فرقا ٿيا جي ٻاهتر،
فراق يار جي، آڻي وڌي منجهن تفريق.

صنعت سجع: سجع واري ڪلام کي مسجع چوندا آهن. سجع به ترصيع وانگي تـُـڪن وارو ڪلام آهي، جنهن ۾ ٻه يا وڌيڪ لفظ اهڙا ڪم اچن ٿا، جي وزن ۽ حرفن جي تعداد ۾ هڪجهڙا هجن. هن جا ٽي قسم آهن:

سجع متوازي: جنهن ۾ اهي لفظ وزن، تعداد ۽ قافيي ۾ هڪجهڙا هجن:

مرد غازيءَ کي گهوڙو هوئي تازي،
تا ڏسي جڳ، سندس عجب
بازي.

----------

سجع مطرب: جنهن ۾ اهي لفظ قافيي ۾ موافق هجن، مگر وزن ۽ حرفن جي تعداد ۾ مختلف هجن:

هن جي رفتار آهي عمدي، هن جي گفتار آهي خوب،
ٿيا اپار احسان ان جا، بيشمار ان جا ڪرم.
 

سجع متوازن: هن کي موازنه به چوندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ڪم اچن ٿا، جي وزن ۾ موافق آهن، پر قافيي ۾ مختلف آهن. مثال:

سخي اهڙو، جو گنج ڌرتيءَ جا،
جنهن جي
هٿ جي اڳيان آهن ڪي ڪين،
ڏاهو اهڙو جو جڳ جا سڀ اسرار،
جنهن جي
دل جي اڳين ٿيا ڪشف يقين.
 

(5) صنعت مقلوب: هن کي نقليب ۽ تجنيس قلب به ٿا چون. لفظي معنيٰ آبتو يا اُبتو ڪرڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ موجب اهي لفظ، جي اُبتا ۽ سبتا هڪجهڙا هجن ۽ هڪجهڙا پڙهي سگهجن. هن جا چار قسم آهن:

مقلوب ڪل: جنهن ۾ اهڙا لفظ هجن، جي سڄا سارا سبتا ۽ هڪجهڙا هجن. مثال:

جنگ سان گنج هٿ اچي ٿو بيش،

                                                   گهڻو

شير سان جو وڙهي، ٿئي ٿو ريش.

                                               زخمي

----------

ناهي بقا زماني ۾ اقبال کي ادا،
اقبال کي جو اُبتو ڪرين، ٿئي ٿو لابقا″.

----------

ڀنگ کي ٿا ″بنج″ عربيءَ ۾ چون،
جي ڪرين تون قلب ان کي ٿئي ″حنب″.

 

                                          ليد

----------

درد دل″ جي کان لڇان ٿو، ڪنهن کي منهنجو آهي ″درد″،
″درد″ جو لفظ آهيان، جو اُبتو ۽ سبتو آهي ″درد″.

----------

ڪهڙي به حال ۾، ڪين بيعقل کي ملي مانُ،
اُبتو ڪرين جي سـُـبتو، ″نادان″ آهي ″نادان″!
 

مقلوب بعض: جنهن ۾ ٻه يا ٽي اهڙا لفظ هجن، جي سارا اُبتا سبتا هڪ جهڙا نه هجن، پر انهن جو ڪو ڀاڱو يا انهن جا ڪي حرف هڪجهڙا هجن يا جن ۾ اکر پنهنجيون جايون بدلائين ٿا. مثال:

″رقيب″ کي نه اچڻ ڏي ″قريب″، جو ٿيو پليد،
عبيد″ ۾ آهي لاخير، رک انهيءَ کي ″بعيد″.

 

 غلام

----------

ڪرڻ گهرجي نه جهيڙو جنگ، مر ٿورو رسي نقصان،
ڀلي بک آهي ″ترڪاريءَ″ جي کائڻ کان، جا ″تڪراري″.

----------

اڻپڙهيل سنڌ ۾، مرحوم کي ″محروم″ سڏين،
ٿا دليؤن ڪن سي دعا، پر ٿا زبانؤن سي پـِـٽين.

----------

ٿئين ″علم″ ۾ جي ڪامل، ڪر پڻ ″عمل″ کي شامل،
″عالم″ جي ٿيو نه ″عامل″ دفتر لکيو ته ڇا ٿيو.

----------

ڏسو ڪيئن چئن حرفن مان جڙن ٿا هيترا ڪلما،

 

                                           لفظ

ڪلام ۽ مالڪ، ڪامل، ڪمال، اڪمل ۽ ڪملا.

                                      جمع اڪمل جو

----------

حرفن ۾ عدل ڌارا ته ″خسرو″ خروس آهه،
چوڻيءَ ۾ تخت تاج عروس ۽ خروس آهه.

(عروس ۽ خروس ″تجنيس مطرف″ آهي)

مقلوب مجنخ: هن کي ″مقلوب معطف″ به چوندا آهن. هي ″مقلوب ڪل″ جهڙا آهن. تفاوت فقط هي آهي ته بيت جي منڍ وارو لفظ ۽ پڇاڙيءَ وارو لفظ هڪ ٻئي جا مقلوب آهن. مثال:

″راڳ″ کي قوت روح جو چيو ٿن،
روح پنهنجو نه راڳ ڌارا ″ڳار″.

----------

″درد″ دل جي کان لڇان ٿو، ڪنهن کي منهنجو آهي ″درد″،
″درد″ جو لفظ آهيان، جو اُبتو ۽ سبتو آهي ″درد″.

 

(6) صنعت رد العجز علي الصدر: هن کي ″مطابقه″ ۾ ″مصدر″ به چوندا آهن. شعر جي اصطلاح ۾ بيت جي منڍ واري لفظ کي ″صدر″ چوندا آهن ۽ پڇاڙيءَ واري لفظ کي ″عجز″ ۽ وچ واري لفظ کي ″حشو″. هن صنعت ۾ مصراع يا بيت جي منڍ وارو لفظ وري بيت جي پڇاڙيءَ ۾ اچي. هن جا ڇهه قسم آهن:

پهريون قسم: اهو جنهن ۾ بيت جو پهريون ۽ پويون لفظ صورت ۽ معنيٰ ۾ ساڳيو هڪجهڙو هجي. مثال:

″قرار″ آهي دل مان کسيو، منهنجي يار،
سا ڏس ان جي زلفن جان ٿي ″بيقرار″.
″خمار″ آهي مون کي چڙهيو ري شراب،
جو اُن جون ڏٺيون اٿم اکيون پـُـر ″خمار″.
″شمار″ آءٌ غمن جو رکان ڪين ٿو،
جو ٻاهر ٿيا منهنجا غم کان ″شمار″.

----------

″نڪاح″ آهي دفع الفساد ۽ مباح،
نسورو فساد آهي، هاڻي ″نڪاح″.

----------

″رباب″ عشق جو اوزار آهي ۽ اسباب،
انهيءَ ڪري ٿا ڪڪر کي عرب سڏين ″رباب″.

----------

″شمع″ جو سر ٿو وڍيان، غيرت کان آءٌ هر گهڙي،
تنهنجي آڏو ٿي جلي، پرواني جان اڄ رات ″شمع″.

----------

ڪر مرادون ترڪ، تا ماڻين مراد،
″مدعا″ ڇڏ، تا ڏسين تون ″مدعا″.

----------

″شاد″ بندو ٿئي، جو ٿئي آزاد،
تنهنجو بندو ٿيان، تا ٿيان آءٌ ″شاد″.

ُوزن: فاعلاتن، فعلاتن، فعلات

----------

″گوشت″ بنجي ٿو رت منجهان بيشڪ،
پر ٿيو رت پليد، پاڪ ٿيو ″گوشت″.

 

ُوزن: فاعلاتن، فعلاتن، فعلات

ٻيو قسم: اهو آهي، جنهن ۾ ٻئي لفظ صورت ۾ هڪ جهڙا آهن، پر معنيٰ ۾ مختلف آهن. جيئن ″تجنيس تام″ آهي. مثال:

چارو منهنجو نه ٻيو ڪو تو ڌارا،

 

علاج

آءٌ وٺان جو ڏيکارين تون چارو.

 

                                                رستو

″وارو″ منهنجي نصيب جو به اچي،
جڏهن اچي مون ڏي يار، مون ″وارو″.
″تارو″ چمڪي نه محب منهنجي جيئن،
آهي منهنجي اکين جو، جو ″تارو″.
″پارو″ ٿيو دل جي آرسيءَ جي لاءِ،
دوست دلدار منهنجو ″مـھ پارو″.

                                چنڊ جو ٽڪر

ٽيون قسم: اهو آهي جنهن ۾ جيڪو لفظ پهرين مصراع جي حشوءَ يا وچ ۾ اچي، سو ئي ساڳي صورت ۽ معنيٰ سان ٻيءَ مصراع جي عجز يا پڇاڙيءَ ۾ اچي. مثال:

حسن ان جو ″جان″ آهي، تن جهان،
عشق منهنجي کان ٿي روشن جڳ جي ″جان″.

 

چوٿون قسم: به ٽئين قسم جهڙو آهي. تفاوت هي آهي ته اهي لفظ صورت ۾ هڪجهڙا آهن، مگر معنيٰ ۾ مختلف. مثال:

جڏهن وڄائين ٿو تون پنهنجو ساز، سمجهه ان جو تون راز،

                                           وڄائڻ جو ساز

تارون ٿيو هم قوم سڀ، ڏس پاڻ ۾ تن جو تون ساز.

                                              موافقت

پنجون قسم: اهو آهي، جنهن ۾ بيت جو پهريون ۽ پويون لفظ ۽ ڪڏهن وچ وارو لفظ هڪڙي لفظ مان نڪتل يا مشتق هجن ۽ اصلوڪي معنيٰ ۾ متفق هجن، مگر صورت ۾ ٿورو تفاوت هجين. مثال:

آهيان نت تنهنجو اي ″حاڪم″ آءٌ تابع،
مڃڻ لازم آهي ″محڪوم″ کي ″حڪم″.

 

ڇهون قسم: پنجين قسم جهڙو آهي. تفاوت هي آهي ته منڍ ۽ پڇاڙيءَ وارا لفظ هڪڙي لفظ مان مشتق ناهن ۽ اصل معنيٰ ۾ به مختلف آهن. مثال:

″تپدار″ پيو تپجي، جو ان وقت ٿئيس ″تپ″،
″تپي″ ۾ جڏهن پنهنجي ويو، تڏهن لٿس ″تپ″.

 

(7) صفت لزوم مان يلزم: هن کي ″اعنات″ به چون ٿا. هنن صنعتن ۾ لکڻ وارو پاڻ تي ڪي خاص ڳالهيون زور ڪري لازم سمجهي ۽ انهن جي آڻڻ جي پاڻ تي تڪليف هموار ڪري، اگرچ قانون موجب اهڙي بندش ضروري نه هجي، رڳو سينگار يا رنگينيءَ لاءِ ائين ڪري. مثلا: هڪڙي مصراع جي پڇاڙيءَ وارو لفظ ٻيءَ مصراع جي منڍ ۾ آڻڻ يا زور ڪري ضد لفظ آڻڻ يا هڪڙو خاص لفظ زور ڪري وري وري آڻڻ. مثال:

ڄاڻان ٿو، تنهنجا ناز اصل کان مون کي ″ڀاڻا″،

 

      وڻيا

″ڀاڻا″ ڏسي خالي، پيا دل منهنجي ۾ گهاڻا،

 

                                        عذاب

گهاڻا ته وري تيل ۽ کڙ، ڪن به ٿا پيدا،
پيدا نه ٿئي دل مان، ڪڏهن منهنجي ڪي پاڻا.
 

ُوزن: مفعول، مفاعيل، مفاعيل، مفاعيل

----------

سڀ آهيون ″هم سفر″، ″هم سبق″ ۽ ″هم مڪتب″،
جڳائي ″همدم″، ″همدرد″ پڻ ٿيڻ جائي.
 

ُوزن: مفاعلن، فعلاتن، مفاعلن، فعلات

----------

″زور″ تنهنجي وڌو ″زمين″ ۾ ″هٿ″،
″عقل″ تنهنجي رکيو ″فلڪ″ تي ″پير″.

 

(8) صنعت سياقتـھ الاعداد: جڏهن ڪي عدد ترتيبوار يا بي ترتيب ڪم آڻجن يا ڪي صفتون يا ڳالهيون شمار ڪرڻ ۾ اچن. مثال:

خلد اَٺ، ست آسمان ۽ ڇهه طرف ٿيا، پنج حواس،
چار عنصر، ٽي مواليد ۽ ٻه جڳ، هڪڙو خدا.

----------

هڪ غم، ٻه غم هجن، کڻي ٽي غم يا چار غم،
ويچاري دل ڪري ڪيئن، هت ٿيا هزار غم.

 

رباعي

ڇهني پاسن کان هيئن، ستن تارن هو،
فلڪن نون ۽ اٺن بهشتن مان لکيو،
چار عنصر، پنج حواس، ٽي روح گڏي،
رب تو جيهو ٻن جڳن ۾ هڪ فرد رٿيو.

 

(9) صنعت تنسيق الصفات: هن کي ″تيسير″ به چون. هن ۾ هڪڙي شيءِ کي گهڻن نالن ۽ صفتن سان هڪ ٻئي پٺيان ڪبو آهي. مثال:

بادشاهه جي تعريف ۾

جهانگير شاهه ۽ جهاندار فرد،
جهان بخش سرور، جهان گشت مرد،
سو لشڪر ڪش آهي ۽ لشڪر شڪن،
سو شير افگن آهي ۽ سو ڪوه ڪن،
سدا راست باز ۽ سدا راست گو،
سو خوش خلق سڀ سان ۽ سو نيڪ خو.

 

گهوڙي جي تعريف ۾

ملڪ جان سهڻو، فلڪ جان عالي،
جبل جان ڏاڍو ۽ وڄ جان تڪڙو،
ڀـَـڄائي واڳو، ورائي گينڊو،
ڪيرائي هاٿي ۽ چيري چيتو.

 

(10) صنعت توشيح: توشيح واري شعر يا ڪلام کي ″موشح″ چوندا آهن. هن صنعت ۾ اهڙا لفظ آڻبا آهن، جن جي گڏڻ سان يا جن جي مـُـهڙ جي حرفن ملائڻ سان يا ڪو نالو يا لقب يا ڪو مثل نڪري. هن جا گهڻا قسم آهن: عام قسم اهو آهي ته هر بيت يا مصراع جو پهريون اکر گڏي ڪو نالو ڪڍجي. جيئن هيٺئين مثال مان محمد جو نالو ٿو نڪري:

رباعي

م - محبوب خدا جو مصطفيٰ بيشڪ آهه،
ح - حيران بشر انهيءَ کان جن ۽ ملڪ آهه،
م - مخلوق جو آدم ۽ هي آدم جو شرف،
د - درگاهه انهيءَ جي منجهه زمين ۽ فلڪ آهه.

 

غزل موشح ″ديوان فاضل″ مان

(حاجي بچل شاهه جي نالي تي)

حال هيڻو سندم ڏسي هشيار،

مانَ ڪا ماڙ مون ڪرين منٺار.

آهيان جنهن عجيب جو ٻانهو،

سو دلاسو اچي ڏئي دلدار.
 

جنهن سندي جان ۾ لڳي جا جڙ،

تنهن سندو ساريان سدا سينگار.

يار جي ياد شاد ياري بس،
 

واهه اهڙو نڪو ٻيو واپار.

پوءِ بدني ڀلي، ڀلاري جي،

مغز منهنجو ڪيو بهار بهار.

چال چوکي، چڱي چلت چهرو،
 

جوت جانيءَ سندي جدا جنسار.

لال لب لاڏلي سندا لاشڪ،
 

عاشقن لئه عجب امل اسرار.
شادماني ڏني سڄڻ پر هي،
 

نيو اندر جو انهيءَ ڪڍي آزار.

آس اهڙي رکي اسير اُداس،
 

مانَ محبوب مون ملي مختار،

هي غزل عرض لئه چيو ″فاضل″،

طرز توشيح جي منجهس تڪرار.

 

(11) صنعت مردف: هن کي ″ترديف″ به چون. هن ۾ قافيي کان سواءِ ان کان اڳي يا پوءِ رديف به هجي. رديف واري لفظ کي ″حاجت″ چوندا آهن ۽ مردف شعر کي تنهن ڪري ″محجوب″ چون. مثال:

نامرد ساهه ڏين ٿا، مالِ ″حرام تي″،
آهن جي مرد، سي ٿا مرن ″ننگ نام تي″.

----------

لطف مون تي سندئي ″هزار آهن″،
مون تي احسان ″بيشمار″ آهن.

----------

دل سان تنهنجي نه مون ″عبادت ڪئي″،
نفس جي مون سدا ″اطاعت ڪئي″.

----------

نفس آهي ڪيو ″تباهه مون کي″،
ڪيو شيطان ″پـُـر گناهه مون کي″.

 

(12) صنعت ذوقافيتين: جنهن شعر ۾ ٻه قافيا هجن. مثال:

سگهين تون ٿو عقبي دنيا ″سان ڳنهي″،
ڳنهي وٺ، متان تون وڃين ″کان ٻنهي″.

----------

رهه تون دنيا ۾ سنڀالي ″ڌيان ڌر″،
وقت ۽ پئسو نه پنهنجو ″زيان ڪر″.

رباعي

عالم جي ڪمن ۾ گهرجي ″خاموش ٿيڻ″،
۽ جان جي عالم ۾ کپي ″هوش ڏيڻ″،
ماڻهوءَ جا هجن جيسين بجا سڀ عضوا،
گهرجي ڪري سڀ عضوا ″فراموش جيئڻ″.

----------

جيسين نه ٿئين نيست، نه ڪن ″توکي هست″،
هي مرتبو ڪيئن ملي، جي همت ″هوئي پست″،
جڏهن شمع جان اقرار سڙڻ جو تون ڪرين،
رشتو تڏهن روشنيءَ جو ٿئي ″منهنجي دست″.

 

(13) صنعت ذو بحرين يا تلوين: هن صنعت واري شعر کي ″مـُـلوَن″ يا ″متلون″ ٿا چون. يعني اهو شعر، جو ٻن زياده بحرن ۾ پڙهي سگهجي. مثال:

اصل جوهر کي وطن ۾ جي رهڻ ڏئي ها فلڪ،
لعل ڪهڙيءَ پر اچي هت ها، بدخشان کي ڇڏي.
 

ُاهو شعر هيٺين ٻن وزنن ۾ آهي:

فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات ۽ فاعلاتن، فعلاتن، فعلاتن، فعلات

دوست جو غم رهي يا دشمن جو،
هن زماني ۾ ناهي بي غم ڪو.
 

ُاهو شعر ٻن وزنن جو آهي:

فاعلاتن، مفاعلن، فعلات ۽ فاعلاتن فعلاتن، فعلات

ڏجي بتخاني ۾ يا مسجد ۾،
مدعا سجدو آهي ڪٿ به ڏجي.
 

(14) صنعت منقوض: اهو شعر جنهن ۾ مصراعن جي منڍ وارو لفظ ڪڍجي ته رباعيءَ جو وزن ٿئي. مثال:

آهيان″ آءٌ ٻانهو گنهگار، رضا تنهنجي ڪٿي،
رهي″ دل منهنجي ٿي بيمار، شفا تنهنجي ڪٿي،
کڻي″ طاقت جي عيوض جڳ کي ڏئين تون بهشت،
رڳو″ سؤدو ٿيو اهو، پوءِ عطا تنهنجي ڪٿي؟

 

مٿيون قطعو هن وزن تي آهي: فاعلاتن، فعلاتن، فعلاتن، فعلات. انهيءَ جي مصراعن جي منڍ وارا لفظ ڪڍبا ته پوءِ سڀ مصراعون هيٺئين وزن ۾ پڙهبيون: مفعول، مفاعيل، مفاعيل، فعل جو رباعي جو بحر آهي.

(15) صنعت محذوف: اهو شعر جنهن جي پڇاڙيءَ واري لفظ ڪڍي ڇڏڻ سان هڪڙو بحر ڦري ٻيو ٿي پوي، جو رباعي جو بحقر هجي. مثال:

جنهن وقت ڪنهن جو تون ڏسين عيب هنر ″ڪو″،
پنهنجو جي هـُـجئي عيب هنر آڻ نظر ″سو″.
ٻئي ڪنهن جو نه ڏس عيب، فقط پنهنجو ئي ڏس ″تون″،
سڀني کان اهو ڏسجي هنر بهتر ″ٿو″.

 

مٿئين قطعي جو بحر آهي: مفعول، مفاعيل، مفاعيل، مفاعيلن. انهيءَ مان پڇاڙيءَ وارا لفظ ڪڍبا ته پوءِ هي بحر ٿيندو: مفعول، مفاعيل، مفاعيل، فعل، جو بحر رباعيءَ جو آهي.

(16) صنعت تصحيف: هن صنعت واري شعر کي ″مصحف″ چوندا آهن. هن ۾ اهي لفظ ڪم ايندا آهن، جي ظاهري صورت يا لکڻ ۾ هڪجهڙا هوندا آهن، مگر حرڪت يا زير زبر ڦيرائڻ سان انهيءَ جي معنيٰ ڦري ويندي آهي ۽ تعريف مان گلا ٿي پوندي آهي. هڪڙي صورت ۾ هو ″تجنيس خط″ آهي.

″استري″ پنهنجي ڏي مون کي ڌوٻي،
ڪم ڪري ان سان توکي ڏيان موٽي.

----------

جيڪڏهن ميخاني ۾ هر فعل نامعقول آهه،
مدرسي مسجد ۾ تا پڻ فاعل ۽ مفعول آهه.

----------

نانءُ عالم ۾ ٿيئي اهڙو جو دشمن ٿي پيئي،
روز شب زاري ۽ نيزاري ڪري خوار ۽ خراب.

(17) صنعت تضمين: جڏهن شاعر ٻئي ڪنهن شاعر جو شعر پنهنجي شعر ۾ آڻي ان جو اطلاع ڏئي يا اهو اهڙو مشهور هجي جو ائين ڪونه چوي ته هن چوري ڪئي آهي. مثال:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org